سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2005ع

مضمون --

صفحو :14

 

ڄارين ڄائي

ڪاٿي زينب ڪاٿي زرقا، ڪاٿي جندو مائي،

ڪاٿي سنڌ جي ڏونگر ڏورِي، ڪاٿي ڄارين ڄائي!

جنھن جي عزت عظمت آڏو، عُمَرَ سندو ٿو ڏَاڍ ڏڪي،

ھوڏ ۽ ھشمت ھيبت آڏو، سير به جنھن جو توه تڪي.

اُپڙي، ارڏي اوڳي موڳي، ڇُوڳي تي جا چولي ڙي،

عورت جي آ پاڇي آڏو، گولين جي سا گولي ڙي!

ٻاٽن ۾ سا واٽن وٽن سان، لاٽون لاٽون مچ ٻري،

دوزخ دنيا عورت سان ڄڻ، وِلَھ تي ڪورو ٿانءُ ٺري.

چيٽن جي ڪنھن چوکي رُت ۾، ڄڻ ته گلابي گُلُ ٽڙيو

تاج محل جي منڊپ تي ڄڻ، پُنم جو آچنڊ کڙيو.

ڪنڪن جي آ ساوڪ وچ ۾، راڻين جي ڄڻ راڻي،

سَرنِھن جي ڦولار مٿان ڄڻ، لمڪي لال کٽياڻي.

سارين جي اڄ رونبن تي ھِن، راڄن جا راڄ رُڌل،

ڪيٽيءَ ۾ ڄڻ ڪونجن جا ھن، ولرن جا ڪي ولر لٿل.

اڀ تي انڊلٺ مينھن سندي، عورت انڊلٺ ڌرتيءَ جي.

آھي ڄڻ ڪو ٺار ٺپن جو، ڌيرج ڄڻ آ ڌرِتتيءَ جي.

ھي جا ريٽي سانجھي آ، پرھ ڦٽيءَ جو جو ماڪ پئي.

مور ٽھوڪا ڪويل ڪوڪون، ڳُٽ ڳُٽ ھي جا ڳيرن جي،

سڱريون، پيرون، ڏئونرا ڳاڱي، ڇڻَ ڇڻَ ڳاڙھن ٻيرن جي.

عورت سان ھي سڀ ڪجھ قائم، خوشبو باغ بھارن جي،

عورت سان رونق دائم، نرمل نرت نظارن جي.

حيف اھو آ عورت کي جو، جھول جھلي جيئدان گھُري،

عظمت جو مينار ھماليه، مردن کان ڇو مانُ گھُري.

ڏاڍ ڏمر جي محشر کان، ھيءَ ڌرتي آ جي رھڻي آ،

جيسين عورت رحمت بڻجي، چوڏس چوکي وسڻي آ.

ــــــــــــــــــــــــــ

 

 گلشن لغاري

مظلوم امڙ نسيم ۽ ان جي ڪُٺل ٻچڙن جو نوحو

جيئڻ ڪاڻ جيجل، او اڀاڳي آيل!

دنيا ۾ اڪيلي سر، ڪيئن ستم سٺا ھونداءِ!؟

غربت ۽ غلاميءَ جا، خوابن جي ناڪاميءَ جا،

ممتا ۽ محبت جا ۽ بک جي ذلت جا،

پيار جي لئه ڀٽڪي، تون نيٺ اتي پھتينءَ،

عزت سان نه جي سگھينءَ، عزت سان مرڻ خاطر،

وحشت ۾ ٿي پاڳل، ڪيئن ٻچڙا ڪٺا ھوندءِ!

انسان جي اصليت جا، عزت ۽ غيرت جا،

ھن ظالم دنيا ۾، ڪئين روپ ڏٺا ھوندءِ!

درد جي دانھن کي، روڪڻ جي لئه آيل،

ڪيئن ھانوَ جھليو ھوندءِ، ڪيئن چپ سبيا ھوندءِ؟

معصوم گلن، جن کي تون روز چميندي ھئينءَ،

پائي ڳراٽيون ۽ سيني لائيندي ھئينءَ،

ڪيئن تن جا گلا جيجل، ڪاتيءَ سان ڪٺا ھوندءِ!

انسان خدا آھي، انسان فرشتو آ،

انسان ئي اجرو آ، انسان ئي گندو آ،

انسان جي اڳيان ليڪن، انسان شرمندو آ.

انسان جي وحشت جو بي حس دنيا وانگر،

آڪاش به اڄ ٿي خاموش ڏٺو منظر!

ڪيئن موت جا ھي منظر، مالڪ! ڏٺا ھوندءِ!

ھي غم ھو رڳو شايد، ھڪ ماءُ ۽ مٽيءَ جو!

رشتو ھو رڳو شايد، انسان ۽ ڌرتيءَ جو!

ڌرتيءَ ڏيئي دلاسو، ڀاڪر ۾ ڀري ورتو،

ڌرتيءَ ۾ دفن ٿي پوءِ، پار ڪڍيا ھوندءِ!

مٽيءَ ۾ ملي، سڀ درد مٽجي ويا ھوندءِ.

ـــــــــــــــــــــــــــ

 

سنجھا سرواڻ

نثري نظم

سالگرھ واري ڏينھن

ھر سال جيان ھيل به او سکي!

مون کي تنھنجو گفٽ

سڀ کان پھرين مليو

ته من مھڪي پيو

 

اوسکي!

اڃان ياد آھن

مون کي تنھنجون اکڙيون

جن ۾ کن پل جي لئه

مان الائي ڪاٿي

وڃائجي وئي ھيس.

 

توسان قلمي رابطو

جڙي نه سگھيو جڏھن

مون کي لڳو

مان وکري وئي ھان

پاڻ کي سميٽڻ ۾ ڄڻ ته

ناڪام ٿي وئي ھان

 

چنڊ ۽ رات

روز گڏجندا آھن

سکي!

ساڀيان ۾ نه سھي

سپني ۾ پاڻ ڀي ته

روز ملندا ئي رھندا آھيون.

ـــــــــــــــ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com