مون هڪ خط محترم الانا صاحب کي لکيو هو ته صحيح
پکيڙ معلوم ڪرڻ لاءِ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل کي لکي ته اهي
معلوم ڪن. آءٌ ضلعي ڪائونسل جو ٻه دفعا سربراهه
رهي چڪو آهيان. مون کي خبر آهي ته جي ٻه سب
انجنيئر 10 - 11 بيلدار موڪليا وڃن ته چئن ڏينهن
اندر صحيح رپورٽ ملي ويندي، پر شايد ائين نه ٿيو
آهي. هن ڇڪتاڻ جي ختم ڪرڻ جو فقط آسان طريقو اهو
آهي.
قبي
خواجه صاحب هڪ قبي جو وڏيءَ عزت ۽ احترام سان ذڪر
ڪيو آهي ۽ متضاد رايا لکي چوي ٿو ته ڪنهن سورمي جو
مقبرو هوندو، جيڪو سورهيائيءَ سان وڙهندي، اتي
شهيد ٿي دفن ٿيو هوندو، حالانڪه منجهس قبر به ڪانه
آهي. اسان سندس ڄاڻ ۾ اضافي ڪرڻ خاطر ٻڌايون ته
پڪين سرن سان ٺهيل اهڙي قبي هوبهو گنبذ سان نئين
ڪوٽ جي قلعي اندر اڄ به موجود آهي. هي قلعو رني
ڪوٽ کان 6 سال اڳ جو ٺهيل آهي. پاڻ ڏسي سگهي ٿو.
ٽالپورن جو ٺاهيل
خواجه صاحب پنهنجي مضمون ۾ ڪي ثابتيون ڏنيون آهن،
جيڪي رپورٽن تي مشتمل آهن، پر انهن جي نه مڃڻ لاءِ
ڪو به دليل نه ڏنو آهي. راءِ فقط راءِ آهي. ان کي
تاريخ نٿو چئي سگهجي. ٻين جي لکيت کي هو راءِ سڏي،
رد ڪري، پر نواب ولي محمد خان لغاريءَ جو ڪارنامو
۽ هز هائينس مير حسن علي خان جي لکڻ لاءِ هن وٽ
ڪهڙو ثبوت؟
محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌ جو ممتاز عالم،
سنڌ جي لوڪ ادب جو گڏ ڪندڙ، سنڌ جي لوڪ روايتن جو
واقفڪار ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف ۽ مؤلف، سنڌ
يونيورسٽيءَ جو سابق وائيس چانسيلر، تنهن هڪ ڪتاب
”ڪلام نواب ولي محمد لغاري“ نالي ايڊٽ ڪيو آهي.
سنڌي ادبي بورڊ وارن اهو ڇپايو به آهي. هن ڪتاب ۾
ڊاڪٽر صاحب لغاري خاندان تاجپور وارن جون سندون،
رڪارڊ، چوپڙيون ۽ يادداشتون به مطالع ڪيون آهن. ان
موجب رني ڪوٽ جو معمار هن نواب ولي محمد خان کي
قرار ڏنو آهي. هن جي لکڻ موجب هن قلعي جو اصلي
نالو علي آباد هو. هي 1812ع کان ٺهڻ شروع ٿيو ۽
1819ع ۾ هن جو ڪم بند ڪيو ويو، يعني 7 سال هليو
(صفحي 82 کان 85). اگر رني ڪوٽ وٽ ڪنهن ڊٺل يا
ڦـِـٽل زمين دوز قلعي جا نشان هجن ها ته هو ڇو نه
ان جو بيان ڪري ها. مگر نه اهڙي ڳالهه هئي، نه هن
ان جو ذڪر ڪيو آهي. اگر خود ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي به
ڪو شڪ هجي ها ته هو ضرور ان جو ذڪر ڪري ها. ههڙي
هاڪاري ۽ برک ۽ جڳ مشهور عالم جي تحقيق کي، پنهنجي
ذاتي راءِ سان رد نٿو ڪري سگهجي.
هز هائينس مير حسن علي خان، قلعي جي ٺهرائيندڙ مير
مراد علي خان جو پوٽو هو. رني ڪوٽ جي ڪم بند ٿيڻ
جي 5 سالن بعد سندس جنم ٿيو يعني 1824ع ۾ سندس عمر
85 ورهيه هئي، 1909ع ۾ وفات ڪيائين. رني ڪوٽ جي
تعمير سندس گهر جي ڳالهه هئي. پاڻ وڏو عالم، فاضل،
شاعر، صاحبِ شڪار ۽ صاحب تصنيف هو. هن ’شاهنامو
سنڌ عرف ڪلهوڙن جي هار‘نالي تصنيف ڪيو. ان جو سبب،
سندس چاچي يعني والد جي سوٽ مير صوبدار خان ولد
فاتح سنڌ مير فتح خان، فارسي زبان ۾ فتح نامو لکيو
هو. مگر مير حسن علي کي خيال ٿيو ته سنڌي زبان ۾
به اهڙو ڪتاب لکجي، مگر شاهنامو ڪو فتح نامي جو
ترجمو نه آهي. پاڻ پنهنجي نظم ۾ ڪتاب بابت لکي ٿو:
اچي منهنجي دل ۾ پيو هي خيال،
سنڌي زبان ۾ سو ٿئي ڪل حال.
مگر پيروي مون کي ڪنهن جي ضرور،
سند جي سبب پئي نه تا ڪو قصور.
ســخــن بــاســنــد ٿــيـــو ســـراســـر
ســـنـــد،
جو هـو بــي ســنــد - ســـو ســـخــــن آه رد.
چئي نٿو سگهجي ته هز هائينس حسن علي خان رني ڪوٽ
جو احوال فتح نامي تان ورتو آهي يا نه، سا اسان کي
سـُـڌ نه آهي، ڇو ته فتح نامو، مير صوبدار خان،
اسان نه ڏٺو آهي. مگر هز هائينس اهو مصنف آهي جيڪو
ڪتاب جي ســَـند يعني ثبوت تي گهڻو ٿو زور ڏئي، بي
سـَـند احوال کي هـُـو رد يعني غلط ٿو سمجهي. اهڙو
مصنف پنهنجي ڪلام ۾ غلط ڳالهه جنهن جا ان وٽ شاهد
به هجن ها، ڪيئن پنهنجي ڪتاب ۾درج ڪري، اگر اهڙي
ڳالهه غلط به هجي ها ته ان وقت يا بعد جا مصنف ان
جي ترديد ڪن ها. مگر افسوس اڄڪلهه جا نام نهاد
مصنف ان کي بنا دليل غلط سمجهن ته اسان جي نظر ۾
اهي خود غلط آهن.
مير صاحب تاريخ واقعات سان گڏ ٻيون به ڳالهيون
لکيون آهن. سڪرنڊ ڍنڍ تي هڪ جڳهه جي تعمير ۽ اسلام
ڳڙهه يا ڪوٽ، فتح ڳڙهه جو قلعو ٺهرائڻ، تلوار سان
مير غلام عليءَ جو شينهن مارڻ ۽ رني ڪوٽ وارو قلعو
تيار ٿيڻ شاعرانه مبالغو ته ٿي سگهي ٿو، مگر بي
بنياد ڳالهه کي ڪير داخلِ دفتر ڪندو؟ مير صاحب فقط
شاعر ڪونه هو، مگر ان ٻيا به ڪيترائي ڪتاب تصنيف
ڪيا آهن. مصنف ۽ محقق کي، پنهنجي ذاتي راءِ تي رد
ڪرڻ، عجب جهڙي ڳالهه آهي.
رني ڪوٽ قلعي بابت مير حسن علي خان جو نظم
رني ڪوٽ جو ٻڌو هوندو اوهان،
هي ان جي عمارت جو شرح و بيان.
عجب جهڙو ڪوٽ آهي در ڪوهسار،
بزرگن کان منهنجي رهيو يادگار.
ائين سنگ تراشن، تراشيا پهڻ،
تراشيو ٿي جيئن بي ستون ڪوهه ڪن.
سراسر بنا ٿيو سنگ رخا،
ٿي ڪوهن ۾ ديوار ان جي بپا.
ٻانهن تي ان ڪوٽ جي استوار،
ٻيا ڪيا سوين برج استاد ڪار.
انهيءَ ڪوٽ جي وچ ۾ محڪم مڪان،
بنا ڪيئون رکيون شير ڳڙهه ان جو نانءُ.
جڙي ٻي به ان طرح محڪم سرا،
چون جنهن کي ميري ٿا از ابتدا.
عجب تر ته ان ڪوٽ جي درميان،
وهي نئن ٿي ان ۾ به آبِ روان
تري ۾ پوءِ ان نئن جي ٻهرگذر،
اُلهندي اُڀرندي بهاريون ٻه در.
سوين لوهه جا مڻ مٿس صرف ٿيا،
مگر زور پاڻيءَ جي موڙي ڇڏيا.
چيئون سترهن لک سترهن سو ٿيا هزار.
ٿيا خرچ ٿيو راس تڏهن حصار.
در آهين ڪين ٿيا ڪارگر،
رهڻ ات تڏهن ٿيون ۾ به دشوار تر.
اچـيــو ڪــوٽ ڀـــي ڪـــم وڃــي گاه گاه،
نــه ڄــاڻــو قـلـعـي مــحــض بــيــڪــار آهــه.
مختصر مگر جامع لفظن ۾ رني ڪوٽ، ميري ۽ شير ڳڙهه ۽
نئن مٿان پل جو ممڪن ذڪر ڪيل آهي، جنهن پل جو
خواجه صاحب تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي ۽ ان کي قديم ۽
نئون انڪشاف سڏي ٿو، تنهن جو احوال سؤ سال اڳ مير
صاحب ذڪر ڪري چڪو آهي.
جيڪو خواجه صاحب کي اعتراض آهي ته ٽالپورن جا قلعا
درياءَ جي اولهه ۾، پر اوڀر ۾ به آهن، ان لاءِ
تازو عبرت ۾ محترم غلام محمد سومري رني ڪوٽ متعلق
مضمون ۾ چيو آهي ته ميرن لاڙ ۾ به ڪي قلعا ٺهرايا
هئا. درياءَ جي اولهه طرف (ڪلام نواب ولي محمد
لغاري، صفحو 72) ته نواب ولي محمد خان ڳڙهي ياسين
لڳ، نوشهري ابڙي ۾ ڪوٽ اڏايو. هيءُ پڻ درياءَ جي
اولهه ۾ آهي. لوڻي جو ڪوٽ سپر هاءِ وي وٽ لوڻي ڪوٽ
جو بورڊ لڳل آهي، ان کان 15-16 ميل پري اوڀر - ڏکڻ
ڏي ان ڪوٽ جا نشان به آهن. اهو به ميرن جو ٺهرايل
آهي. مير عبدالحسين سانگي اُتي رهي شڪار ڪيو آهي ۽
ڏاڍا شعر چيا آهن، جي ثبوت طور پيش ڪجن ٿا. ان جي
ڪليات به محترم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب ايڊٽ ڪئي
آهي. سنڌي ادبي بورڊ وارن 1969ع ۾ شايع ڪئي. مير
عبدالحسين سانگيءَ 12 جون 1924ع ۾ وفات ڪئي.
بيقـــدر جي بيت ڏسي، ڪـــارا اکر ڪري،
مضمون شناس تن کي وٺن ٿا گـُـهر ڪري.
پائين ٿيا مٺو، ٿي مــــحــبت ۾ بـــنــــد بند،
جي نيشڪر گرهه نه هڻي، ڪيئن شڪر ڪري.
توصيف خال و خط ڪري سو ڪم رقيب سان،
جو ڪم نه تنهن تي ضربت تيغ و تبر ڪري.
پيسن سان پنهنجي پاڻ کـي پهرو نه ٿا ملن،
تڏ ڪيئن چوان وڏا ڪم ٿي سيم و زر ڪري.
مشڪل نه آهي شــاعــر ٿي شــعــر جو چوڻ،
پر نظم گهرجي سو، جو دلين ۾ اثر ڪري.
تــــــاريخ اڄ ستــــــاويهين مـــــــاهه نومبر
آ،
آچر ڏينهن ويٺاسون خيمي کي گهر ڪري.
ارڙهن ســــــؤ ٻيـــــانوي آهي ســــن مــــسيح،
لوڻي جي ڪـــوٽ ۾ اسين، آيا سفر ڪري.
هن ســــــال مينهـــن وسي ڪيو آهي سڪار،
آهن ڪـــــريون زمين تي ٻيريون ثمر ڪري.
هرڻن کـــــــي اهـــــڙو رم آ جي بي بيان آ،
پــــــاڻهين ڀڄن ٿا پاڻ مــــرادو حـــذر ڪري.
ٻوٽن جي بــاس کـــان ته معطر ٿيو دمـــــاغ،
خوشبو نه اهڙي عطر و گلاب وانگر ڪري.
پر از گيـاه دامــــن ڪـــوهـــســــار ٿي سڄي،
سبزو ڏســــان ٿو جيڏو ڏسان ٿو نظر ڪري.
بارڻ جي نئن مان ٿو وهي پاڻي هي سيم جو،
يـــــا چشمه حيـات وڃـي ٿــــــو گـــــذر
ڪـــري.
ٻـــاٽيڀر ۽ تــــلورون ڇنن ۾ ٿيون ڪن ڇڳا،
تتر ســــــــــويــــن وتـن ٿـا وڻن ۾ ولر ڪري.
لوڻي جو ڪـــوٽ هند ۾ آ نه بي سبب،
ويا ان جــــــا شـــــاهه جانب جنت سفر ڪري.
هي ســـــــــــا زمين آ جت شــهــريـــــــارِ
سنڌ،
بـــهــــر شڪار ايندا ها ڇا ڪر و فر ڪري.
آهـــــن نــــشـــان هـــي رضـــا ديــدگـــانِ
سنڌ،
اشــراف جي ڏســن ته وڃن چشم تــر ڪري.
دنيا جو چــار ڏينهن آهي چٽڪو يقين ڄاڻ،
هارائي جو هـِـت ســـــو هـُـتي ٿو ظفر ڪري.
ويــــــو تنهنجو آهي تو مـــــن طبع روان تيز،
’سانگي‘ سمورو نظم جو ميدان سر ڪري.
وسيو وڏ ڦڙو آهي ابر بهار،
سڄي سبز ٿي دامنِ ڪوهسار.
پلر جي آهن پاڪ پاڻيءَ جي پار،
رهيا مال ڪاهي اچي مالدار
هوا برشڪالي وري دل پسند،
جا بادِ صبا کان آهي خوشگوار.
آهي پاڪ پاڻي پٽن تي پيا،
سڄيون ساريون آهن ترايون ٿيون تار.
هڻن لنب لهريون ٿا ميدان ۾،
ته ڄڻ موجزن بحر ٿيو بي ڪنار.
چونن کان ٿيو پورو معطر دماغ،
ڳنڍيرن ۾ آهن ڳنڍين جا هزار.
ڦـُـٽا ڦوڳ ۽ ڦار ساوا ٿيا سر،
جهليا ٻور ٻٻرن، ليارن ليار.
مانڌاڻا ۽ مکڻي منگها آهن موڪ،
ڀريا آهن سائن ولين سان ولهار.
ٿيو ميدان مصطفيٰ سڄو سبز رنگ،
زمرد ٿئي سبزي تي جنهن جي نثار.
تڏهن منهنجي دل چيو مهربان،
وري ڪر اي شائق تون شوق و شڪار.
پنهوارن جيئن پهري پٽن تي پئون،
ڏسون ملڪ موليٰ سندو مرغزار.
بندوقون به نڪرن بيابان ۾،
وري واه ڌڌڪار ڪن رعد وار
بندوقن جا آواز ٻيهر ٻڌون،
سڪن ڪَنُ سڻل لاءِ جن جي تنوار.
َهڻو شاميانا ۽ تنبو هلي،
تـَـڙن تي تراين تي بس شاندار.
وڻن وانگي ساوا وڳا ڪيو وتن،
لـَـڪن ۾ لـِـڪن توبچي طرحدار.
سڄي کان کٻي ۽ کٻي کان سڄي،
هرڻ پيا ورائين اشتر سوار.
هرڻ ڪيو گهمن جت وڻن ۾ ولر،
مليا وتن ماديون ۽ نر شاخدار.
ٽپن ۽ ٽهن، چال ڏاڍا ٿا ٿين،
ٿا ٽڪرن ۾ ٽرڪن تکا تيز ڌار.
بندوقون هڻي ڪي هرڻ مارجن،
وري ڪا ڪجي پنهنجي ڏاڏاڻي ڪار.
ٿي ويو آهي ويران لوڻي جو ڪوٽ،
هئا لهندا جت شوق مان شهريار.
جتي نوبتون ٿي وڄيون هئا نشان،
اتي ڪن ٿا چرڙاٽ چٻرا هزار.
هي دنيا جو چٽڪو آهي چار ڏينهن،
گذرگاه آهي نه دار القرار
اسين ڀي هلايون چلايون هرڻ،
ورائين جنهن پر پهن کي پنهوار-
کٽا کير کائون پنهوارن جي پر،
ڪٿي جو ڪڍون ڪو نه ڪو انتظار.
ٻٽيرن جا آهن ڇنن جا ڇڳا،
تتر ٿا تنوارين هر سو هزار.
ونـدر جـا گـذاريـون ڪـي ڏونـگـر ۾ ڏيـنـهـن،
رهـون تـيـئـن رهـن جـيئـن ٿـا سـانـگـي سـچـار.
محڪمه آثارِ قديمه وارن جو ڪم آهي ته هو هر ان
شيءِ جي تحقيق ۽ ڳولا ڪن، جيڪا قديم هجي. جيئن اڳ
ذڪر ڪري چڪو آهيان ته هن ايراضيءَ جي مجمودار به
خوب ڳولا ڪئي، مگر ڪڏهن به رني ڪوٽ کي سٿيو -
ساساني دور جو نه چيو آهي. مگر سنڌ جي آثار قديمه
تي هڪ جدا ڪتاب ”ائنٽي ڪئٽيز آف سنڌ“ جي نالي هڪ
ضخيم ڪتاب ڇپيل آهي، جيڪو مسٽر هينري ڪزنس حالات
حاصل ڪري هي ڪتاب ڇپرايو. هو ڪو وقت انڊيا جي
ويسٽرن سرڪل جو سپرنٽينڊنٽ محڪمه آثار قديمه رهي
چڪو آهي. هن ۾ به رني ڪوٽ جو احوال ڏنل آهي.
صفحي 170 تي لکي ٿو ته سنڌ قديم ويران ٿيل قلعن
سان پر آهي، جن جي تاريخ سيوهڻ جي ٻڍاپڻ واري قلعي
کان وٺي ٽالپورن جي سهڻي مضبوط ڪوٽ راڻي ڪوٽ تائين
آهي.
ڪزنس هن ڪوٽ کي مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي
خان جي تعمير ٿو لکي ته هن تي 12 لک خرچ ٿيو آهي.
محڪمه آثار قديمه وارا نه اڻڄاڻ هئا، نه غير سند
يافته. هنن اکيون پوري ته نه لکيو آهي. ڪهڙو سبب
آهي جو اسين هڪ غير واقف جي تحرير سان جيڪا زباني
هجي، تنهن کي ترجيح ڏيون.
مرحوم مرزا قليچ بيگ سنڌ جو هڪ ڪهنه مشق شاعر،
تاريخدان، عالم، اديب، مورخ، مترجم ۽ سياح ٿي گذيو
آهي. هن جيترا ڪتاب لکندڙ ۽ ترجمو ڪندڙ اڃا سنڌ
پيدا ڪو نه ڪيو آهي. هو صاحب پاڻ به رني ڪوٽ ويو
هو، جنهن جو ذڪر خواجه صاحب پنهنجي رني ڪوٽ واري
مضمون ۾ ڪيو آهي ۽ مرزا صاحب جو خاندان ٽالپور
اميرن سان وابسته هو ۽ هن کي اميرن خواه لوڪ
روايتن جي ڀلي ڀـَـتِ خبر هئي. هن پنهنجي ڪتاب
”قديم سنڌ ۽ ان جا شهر ۽ ماڻهو“ ۾ لکيو آهي، جيڪو
ڇپيل ڪتاب آهي. ان کي ٻيهر 1966ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ
وارن ڇپايو آهي.
صفحي 51 تي مرزا صاحب لکي ٿو ته رنيءَ جو ڪوٽ جبل
تي آهي، اُهو سنه 1812ع ۾ مير ڪرم علي خان ۽ مير
مراد علي خان ٺهرايو هو. اتي پاڻيءَ جي واهي به
آهي. اهو انهيءَ لاءِ ٺهرايو ويو ته مشڪلات جي وقت
انهيءَ ۾ وڃي پناهه وٺجي. پاسي کان رنيءَ جي نئن
ٿي وهي.
مرزا صاحب رڳو رنيءَ جي ڪوٽ ڏي نه ويو هو، مگر هن
ڏاڙهياري جبل جو به سير ڪيو هو. هو ڪتي جي قبر
تائين به ويو هو، ان جبل تي انگريزن بنگلو به
ٺهرايو هو، جنهن ۾ هو پاڻ وڃي رهيو هو، جتي جهولن
۾ ٿڌي هوا لڳندي آهي. اهو سفرنامو به ڇپيل آهي،
جنهن ۾ هن ڪن قديم بندن جو به ذڪر ڪيو آهي. قديم
سنڌ ۾ (صفحي 52) تي کيرٿر جبل جو به ذڪر ڪيو اٿس.
اتي هن کي پراڻا ڦٽل ڪوٽ به نظر آيا، جن کي اتي جا
ماڻهو ’ڪافر ڪوٽ‘ سڏين ٿا.
مرزا قليچ بيگ جهڙي مورخ تي به اعتبار نه ڪريون ته
پوءِ ڪنهن تي اعتبار ڪريون. هن جبل ۾ ڪوٽن جا کنڊر
ڏٺا ۽ ماڻهن جيڪو لقب ڪوٽن کي ڏنو، پاڻ اهو به
لکيائين ۽ رني ڪوٽ، جنهن جو اصل نالو علي ڪوٽ يا
علي آباد آهي، ميرن به اهو نالو ڏنو هو. مگر مرزا
صاحب ميرن وارو نالو نه، مگر عوام جي سڏيل نالي
سان سڏيو اٿس.
سنڌي محاوري موجب هي قلعو ڪنوارو آهي، يعني اهو
ڪوٽ، ڳڙهه يا قلعو، جنهن تي ڪو حملو يا لڙائي نه
ٿي هجي، ان کي ڪنوارو چيو ويندو آهي. گويا فوج
مخالف ان جا ڄاڃي آهن. توپون ۽ بندوقون هن جي شادي
۽ آتش بازي آهن.
ڊاڪٽر حميده کهڙو صاحبه تاريخ ۾ پي ايڇ. ڊي ڪئي
آهي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تاريخ جي استاد آهي.
پاڪستان اسٽڊي سينٽر يونيورسٽي آف سنڌ جي ڊائريڪٽر
پڻ رهي آهي ۽ ان جي جرنل "grass
Roots"
جي ايڊيٽر پڻ. هن صاحبه سنڌ تي هڪ ڪتاب نالي "The
Making of Modern Sindh"
لکيو آهي. هن صاحبه جي قابليت ۽ لياقت مسلمه آهي.
هن صاحبه گراس روٽ جي جرنل (Vol III،
No 1. Spring
) 69
Page
1979 ۾ هڪ مقالي به عنوان
"Sind Through Centuries - A- Retrspect
۾ لکي ٿي ته:
”سنڌ ۾ سنگتراش ۽ رازا، ڪي ٿورا ڪونه هئا، ۽
حقيقت آهي ته تمام گهڻا هئا.ميان غلام شاهه ڪلهوڙي
حيدرآباد جو عظيم قلعو چند مهينن ۾ مڪمل ڪرائي
ڇڏيو. حيدرآباد - رني ڪوٽ ۽ ڪوٽ ڏيجي، جي اڄ به
موجود آهن، اهي ثبوت آهن، ته هتي جا ماڻهو، فوجي
عمارت سازيءَ کان بخوبي واقف هئا“ .
ٽالپورن جي ٺهرايل قلعي رني ڪوٽ بابت اڄ ڪلهه جي
لکندڙن مان ڪيترائي حوالا ڏئي سگهجن ٿا، پر اسان
فقط ماهر عالمن ۽ محققن مان چند حوالا ڏنا آهن.
اسان فقط هڪ عالم، محقق ۽ مصنف جو سنڌ ۾ 1927ع کان
1943ع تائين سروس ڪئي، اهو آهي ايڇ. ٽي. لئمبرڪ.
هن صاحب پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ سنڌ تي ڪافي ڪم ڪيو ۽
ڪيترائي مضمون لکيائين، بلڪ سنڌ هسٽاريڪل
سوسائٽيءَ جو 1940- 1943ع تائين صدر به رهيو ۽
راقم الحروف کي فخر آهي ته هو به هن سوسائٽيءَ جو
ميمبر رهي چڪو آهي. مسٽر لئمبرڪ رٽائر ٿيڻ بعد
آڪسفورڊ ڪاليج جي اورنٽيئل جو فيلو رهيو. 1952ع
۾ڪتاب ”سر چارلس نيپيئر ۽ سنڌ“ ۽ 1960ع ۾ ڪتاب
”جان جيڪب آف جيڪب آباد“ لکيائين. هن جا مقالا
ڏسي بلاشبهه هن کي سنڌ شناسائيءَ جي ماهرن ۾ شمار
ڪري سگهجي ٿو، سو به صف اول وارن ۾.
سندس سنڌ شناسيءَ ۽ محققانه حيثيت کان متاثر ٿي،
سنڌي ادبي بورڊ ٻه اهم ڪتاب هر هڪ ”Sind
A general Introduction 1960“ ۽ "Sind
Before Muslim Conquest 1971"
لکايا، جي سنڌ متعلق اهم سـَـند رکن ٿا.
لئمـبرڪ صاحب ٽن جڳهين تي قلعي رني ڪوٽ جو ذڪر ڪيو
آهي. پهرين هو سر چارلس نيپئر ائنڊ سنڌ صفحو 170
تي لکي ٿو ته مير شير محمد خان جو اهل و عيال مير
شاهه محمد خان (مير صاحب جي ڀاءُ) جي سنڀال هيٺ
قلعي رني ڪوٽ ۾ درياءَ پار ڪري، رهايو آهي. هي
قلعو حيدرآباد جي اميرن، بطور جاءِ پناه ۽ اڻانگي
رستي ۽ اڻ پهچ وارن جبلن ۾ ٺهرايو آهي.
ٻئي هنڌ ڪتاب ”جنرل انٽروڊڪشن آف سنڌ“ صفحي 43
تي لکي ٿو ته، ننڍي وارا جبل، جن جي اوچائي 2000
کن فوٽ ٿيندي، اها تمام نزديڪيءَ سان لڪيءَ جي
اوڀر وارن جبلن سان ڳنڍيل آهن. اهي پوڪراڻ کان
راڻي ڪوٽ تائين قابل عبور آهن. هتي ٽالپورن جو هڪ
عجيب قلعو آهي، جو لڪي جبل جي ڏرڙ مٿان آهي.
ٽيون دفعو رني ڪوٽ جو ذڪر هن پنهنجي هڪ جبل جي سير
متعلق هڪ مضمون "The
Hill Country of Sind and its people" ۾ ڪيو آهي، جيڪو Sind Quarterly No.4, 1980, Page -6.
دراصل هن هي سفر شڪار ۽ ملڪي معلومات حاصل ڪرڻ
لاءِ ڪيو هو. هي ڻـنبن، غارن، وڻن جي ڇانون ۾
رهيو. رات جو مچ تي ڪچهريون ڪيائين. لوڪ گيت ۽ ملڪ
جي تاريخ ۽ مڱڻهارن کان بيت ٻڌائين، ساز سنئائين.
هن هنن جبلن جو تفصيل سان دورو به ڪيو ۽ ذڪر به
ڪيو اٿس. چوٽيون، لڪ، واديون، نيون،تلاءَ، پکين،
جانورن حتاڪ اتي جي ڪن تلائن ۾ واڳن جو به ذڪر ڪيو
اٿس. ملڪ جي وڻن، گاهن، پوکن، آثار قديم، ڦٽل دڙن
۽ قلمن بابت به ذڪر ڪيو اٿس. معلوم ائين ٿو ٿئي
ته هن پنهنجي سر قلعي رني ڪوٽ کي ڏٺو آهي. هو هن
قلعي کان ڏاڍو متاثر ٿيل آهي، لکي ٿو ته:
”سنڌ جي ڪوهستان جو اهو حصو، جيڪو سيوهڻ کان ڏکڻ
طرف آهي، ان ۾ آمدورفت چڱي آهي، جو هن ۾ مسافري
آسانيءَ سان ٿي
سگهي ٿي. بمقابله اتر طرف جي ڪوهستان جي کيرٿر جبل
پنهنجي پڇڙيءَ ۾ 5000 فوٽ اوچائيءَ تي آهي. ان جبل
تي ٽالپرن جو هڪ حيرت انگيز قلعو ٺهيل آهي رني
ڪوٽ. جيڪو جبل تيرين بسيرو ڪيو بيٺو آهي، جتان
موئن نئن، جبل کي ڪٽيو وهي ٿي. اهو قلعو، ڪڏهن به
والاريو نه ويو آهي، مگر ائين پيو معلوم ٿئي ته ڄڻ
تعمير جو ڪم هينئر پورو ٿيو آهي ۽ هي قلعو پنهنجي
رهڻ واري فوج جو منتظر ٿو نظر اچي“ .
لئمبرڪ جي متواتر شاهدين بعد ٻئي ڪنهن ثبوت جي
ضرورت نه آهي، باقي اڃا به ڪو پنهنجي راءِ کي
اوليت ڏئي ته اها تاريخ نه تحقيق.
منهنجو عرض آهي ته تاريخ ۽ تحقيق کي سياست جي تابع
نه ڪريو ته اهو موزون آهي.
ٽالپورن هي قلعو ڇو ٺهرايو؟
صحيح جواب ته اهي ڏئي سگهندا، جن هي قلعو ٺهرايو.
مگر اهي ته بقول سانگي ”ويا جانب جنت سفر ڪري“ ،
اسان ته فقط پنهنجا رايا ڏئي سگهنداسين.
ظاهر آهي ته قلعا بچاءَ خاطر ئي ٺهرايا ويندا آهن.
جهڙيءَ طرح مير حسن علي خان ۽ مرزا قليچ بيگ لکيو
آهي: هي جڳهه اهڙي آهي، جو قلعي اندر ته پاڻي هو،
مگر ٻاهر 20-25 ميلن اندر فوج لائق پاڻي ڪونه ٿو
ملي، انڪري ڪا به وڏي فوج گهڻو وقت گهيرو ڪري رهي
نٿي سگهي.
”ڊراءِ ليوز فرام ينگ ايجنٽ“ مصنف ڪئپٽن ايسٽوڪ
سنڌي ترجمو صفحو 401 تي مير نصير خان جي واتان
نيپئر کي هيئن چوندي ڏيکاري ٿو ته ”جي مون کي
انگريزن سان وڙهڻو هجي ها ته پوءِ آءٌ حيدرآباد
ڇڏي جبلن ۾ هليو وڃان ها ۽ فوجون گڏ ڪري ساڻن جنگ
جوٽيان ها، پر مون کي دل ۾ اهڙو ڪو به خيال ڪو نه
هو.“ هن مان مير نصير خان جي مراد هن جابلو قلعي،
رني ڪوٽ جي هئي.
پٺاڻن جا، ڪلهوڙن جي دور ۾ سنڌ تي بارها حملا ٿيا
۽ ٽالپورن اميرن پنهنجا ٻارٻچا ڪڇ ڏي موڪليا هئا.
(ڪڇ رڪارڊ ۽ ڪڇ فائيلس) پر هاڻ پاڻ حڪمران هئا،
جنهنڪري هنن ڪٽنب غير ملڪ ۾ موڪلڻ، غير موزون
سمجهي هي قلعو تعمير ڪرايو.
ميرن ڪابل جي بار بار حملن جي سبب، چاهيو ٿي ته
ڪابل ۾ ڪو پنهنجو همدرد حاڪم مقرر ڪرائين (شاهنامه
سنڌ) انڪري اسڪيم جي ناڪاميابيءَ ۾ به سنڌ ۾ مضبوط
مرڪز جي ضرورت هئي، جنهن سبب به هيءَ قلعو رني ڪوٽ
تعمير ڪرايو ويو.
جڏهن مير شير محمد خان جو ڪٽنب هت رهيو، تڏهن به
انگريزن کي ايتري همت نه ٿي، جو هو هن قلعي تي
حملو ڪن.
هن قلعي تي اميرن گهڻو ڀروسو ڪو نه ڪيو، ڇاڪاڻ ته
نئن قلعي جي ڀت ڪيرائي وڌي هئي. اهو بعد جو واقعو
آهي، مگر حسن علي ٻيو سبب لکيو آهي ته قلعي جي
وچان نئن وهي ٿي، انڪري قلعو ٻن حصن ۾ ورهائجي ٿي
ويو. انڪري ميرن نئن تي برج قائم ڪري پل ٺهرائي،
مگر ان جي لوهي دروازن کي نئن موڙي ڇڏيو، انڪري
شوق گهٽجي ويو.
جيئن ته ان وقت حيدرآباد جا ٻه حڪمران هئا-- مير
ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان، انڪري ڪوٽ اندر
به ٻه ڪوٽ، ميري ۽ شير ڳڙهه ٺهرايا ويا هئا. ميري
لفظ آهي ئي بلوچي، جيئن قلات جي ميري، تربت ۾
پنهونءَ جي ميري، تونگ جي ميري، باقي شيرڳڙهه، ات
ڪو چيتو يا شينهن شڪار ڪيو ويو هوندو يا ات ان جو
مسڪن هوندو، ڇو ته چيتا اڄ به انهن جبلن ۾ ملندا
رهندا آهن.
مون کي اميد آهي ته رني ڪوٽ جو قلعو سنڌ جي مسلمان
حڪمرانن جو ٺهرايل سڏڻ ۾ فخر جي ڳالهه آهي، نه ڪه
بي عزتي! ها اگر ميرن ٽالپورن سان ڪو اختلاف هجي
ته پوءِ ڀلي پنهنجي ذاتي راءِ کي ترجيح ڏيون.
ڇا آثار قديم وارا هن قلعي جي قدامت ٻڌائي سگهن
ٿا؟
جيتوڻيڪ اسان ايتريون ثابتيون پيش ڪيون آهن، جو
محڪمه آثار قديمه وارن جي مزيد جستجو بيڪار آهي.
خود مجمدار صاحب هيءَ ايراضي ڏٺي هئي، اگر کيس ڪو
شڪ هجي ها ته هو ضرور ڏسي ها يا لئمبرڪ صاحب جن
پنهنجي تحقيق ۾ سنڌ هسٽاريڪل جرنل ۾ ٿرن، برن ۽
ڪافرن جي قبرن جو به ذڪر ڪيو آهي، اهي هن قلعي جو
به ذڪر ڪن ها، مگر ائين ڪو نه ٿيو.
ڪي صاحب وري نئين سائنسي تحقيق هائڊرو ڪاربان يا
سي - 14 جو ذڪر ڪري، مرغوب ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، مگر
اهو تڏهين، جڏهين ڪنهن آرگينڪ مئـٽر ملي، سو به
ديوار مان ديوار جي پٿرن ۾ سي-14 جي هرگز خبر نه
پوندي،البت پٿرن جا فاسلس ڏسي، پٿرن جي عمر جو
اندازو لڳائي سگهجي ٿو. جيڪو اڳئي ائٽڪن جي سنڌ
گزيٽيئر ۾ ڏنل آهي.
باقي رهيو رني ڪوٽ اندر ڪا ڦٽل، ٽٽل ويران بستي،
جبل جو قاعدو آهي ته جتي پاڻي، اتي بستي. پاڻي ڏسي
ته قلعو ٺهيو آهي، پاڻيءَ ته شايد ڪيئي هزار سال
اڳ به هوندو ته شايد بستي اڳ به هجي ان ڪري هرو
ڀرو ائين ته ڪو نه چئبو ته ان بستيءَ وارن قلعو
ٺهرايو هوندو. ههڙو قلعو ته موئن جي دڙي وارا
رهندڙ باشندا به نه ٺهرائي سگهيا، سو ڪنهن ٻن چئن
گهرن وارا ڪيئن قلعو ٺهرائي سگهيا هوندا. ماڻهو ته
پاڻيءَ تي اڄ به موجود آهن، پر قلعو ته انهن کان
اڳ جو آهي. بستين جي کوٽائيءَ مان قلعي جي قدامت
جو اندازو لڳائڻ ناممڪن آهي.
جناب عالي!
مون پنهنجي، سمجهه، عقل ۽ علم آهر جو مون کي محسوس
ٿيو، اهو پيش ڪيو اٿم. هن ۾ ڪا به ذاتي راءِ نه
آهي، پر تاريخي تحقيق آهي. علم اقرار حق آهي، جهل
انڪار حق آهي. اگر ڪو صاحب تاريخي تحقيق سان قلعي
کي قديم ثابت ڪندو ته مان ضد نه ڪندس، بلڪ ان کي
تسليم ڪندس، نه ته هو صاحب ضد نه ڪن ۽ منهنجي
صداءِ حق کي قبول ڪن. مون نهايت اختصار کان ڪم
ورتو آهي، تاهم شداد جي بهشت وانگر هن رني ڪوٽ جي
جناتي قلعي جي ڏاڍي ڳولا ڪئي، جو ڪجهه هٿ آيو،
اُهو اوهان صاحبن جي پيش خذمت آهي. مقالي کي ختم
ڪرڻ کان اڳ هن قلعي بابت چند تجويزون پيش خذمت
ڪندس.
رني ڪوٽ بابت چند تجويزون
مان هن قلعي جي اهميت ۽ عظمت جو انڪاري ڪو نه
آهيان. ههڙي شيءِ پاڪستان ته ٺهيو، پر گهڻن هنڌن
تي ڪا نه هوندي. هتي اگر جي ٿوري به توجهه ڪبي ته
سوين هزارين سياح ايندا، بشرطيڪ انهن لاءِ مناسب
سهولتون هجن.
اگر ائين سمجهون ۽ ان تي اڪتفا ڪري ويهي رهون ته
محڪمه آثار قديمه هن جي سنڀال ڪندو ته اهو ناممڪن
آهي، ڇو ته هنن وٽ فنڊ ئي ڪو نه آهن. جيڪو محڪمو
فقط پنهنجي ڪراچيءَ ۾ آفيسن جي ڪرايي تي 5 لک رپيا
خرچ ڪري ٿو، پر پنهنجي عمارت تعمير نٿو ڪرائي
سگهي، سو ڇا ڪندو! ميرپور خاص لڳ 2500 سال جو قديم
دڙو آهي، جنهن جي فقط انگريزن جي دؤر ۾
Stupa
جي کوٽائي ٿي هئي، باقي دڙو رهيل آهي. مگر ان جون
سرون ۽ مٽي دڙي مان شهر وارا کڻي رهيا آهن، ڇو ته
50 رپين تي ڪو به چوڪيدار ڪو نه ٿو ملي. نئين ڪوٽ
جون سرون ماڻهو ڊاهي رهيا آهن ۽ هي قلعو آهي به
آثار قديمه جي سنڀال ۾. مرمت ته بجاءِ خود پر
چوڪيدار به ڪو نه ٿا رکن، سو هن کاتي مان اميد رکڻ
ائين آهي جيئن ٻٻرن کان ٻير گهرڻ!
البت ضلعي ڪائونسل ڪجهه ڪري ۽ حڪومت کان مدد وٺي
ته ڪجهه ٿي سگهي ٿو، ان لاءِ چند تجويزون آهن.
معاوضي ۾ زمينون ڏئي، هي قلعو ماڻهن کان خالي
ڪرايو وڃي ۽ هن کي يا ته نئشنل پارڪ طور رکيو وڃي
يا شڪار گاهه جي صورت ۾. ٻن - چئن سالن جي رک بعد
هن ۾ ايترا ته جانور ۽ پکي ٿيندا، جو ساليا في مان
ڪم از ڪم لک - ڏيڍ لک رپيا باآسانيءَ سان وصول
ٿيندا.
ڪنهن به صورت ۾ مسافرن جي سلامتي ۽ بچاءَ خاطر هڪ
عارضي پوليس آئوٽ پوسٽ بنا دير جي کولي وڃي ۽
يونين ڪائونسل جو هيڊ ڪوارٽر به هتي مقرر ڪيو وڃي.
هڪ مسافر خانو، جانورن ۽ ماڻهن جي لاءِ شفاخانو،
پرائمري اسڪول ۽ حڪومت قلعي جي رهواسين لاءِ ٻاهر
ڪالوني به ٺهرائي ته ازخود بستي ٿي ويندي. هنن
اسڪيمن تي گهڻو خرچ به ڪو نه ايندو.
--------
آمري گيٽ |