سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ (رني ڪوٽ نمبر)

مضمون

صفحو :10

 

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

رني ڪوٽ ۽ عظيم ديوار چين

قديم دنيا جي جنگين ۾ قلعبندين جو نهايت اهم حصو آهي. ٻاهرئين حملي خلاف قلعبند سپاهه جو محفوظ ٿي وڙهڻ ضروري هو. ٻاهرين حملي آور جو مفاد ان ۾ به هو ته قلعبند سپاهه جي کاڌ خوراڪ ختم ٿئي.

قديم سڌريل  قبيلن، خاص طور آفريڪا ۾ پٿرن، مٽيءَ ۽ ڪاٺ جي بـُـنڊن مان ٺهيل قلعا جوڙايا. ان کان پوءِ ڪچين ۽ پڪين سرن جو استعمال ٿيو. انسائيڪلوپيڊيا برٽينيڪا جي لکڻ موجب قديم ترين قلعو جريڪو شهر جو هو، جيڪو 7000 قبل مسيح ۾ تعمير ٿيو، اهو ڏهن ايڪڙن تي پکڙيل هو. ڀت جي اوچائي 21 فوٽ، ويڪر 15 فوٽ ۽ زمين ۾ اونهائي 9 فوٽ هئي. ٻاهرين طرف کاهي کوٽيل هئي. اهڙيءَ طرح دنيا جي قديم ۽ اهم آبادين ۾ حفاظت خاطر قلعن تعمير ڪرڻ جو گهڻو رواج هو. يوناني ۽ رومي قلعا انهن جي هڪ سڌريل صورت آهي.

قلعن وانگر حفاظتي ديوارون به تعمير ڪيون ويون. جڏهن رومي سلطنت جون سرحدون يورپ جي اتر - اولهه ۽ آفريڪا ۾ هيون، تڏهن رومين ڪيتريون ئي حفاظتي ديوارون تعمير ڪيون، جن ۾ لائيمس جرمنيڪس اهم آهي، جيڪا اٽڪل اڍائي - سؤ ميل ڊگهي هئي.

يونانين ۾ قديم ديوارن جو مقصد اهو هو ته ڪنهن مٿاهين هنڌ تان جنگ لڙجي، جيئن خود ديوار جي مورچن ۾ محفوظ رهجي. دنيا ۾ اهڙين ديوارن جي تعمير تي نه رڳو افرادي قوت، پر گهڻو خرچ به آيو آهي. جيڪڏهن تعمير ڪرائڻ واري اهو خرچ به گهريو هجي.

چين جي ديوار ۽ هن طرف رني ڪوٽ جي تعمير ۾ توڙي پکيڙ ۾ گهڻو فرق آهي. رني ڪوٽ جي تعمير ۽ تاريخ بابت اسان جي محققن خاص طور ڪرنل رشيد، قاضي فضل ۽ ٻين جيڪي ڪجهه لکيو آهي، تنهن مان اهو حتمي طور خاص واضح ڪو نه ٿيو آهي ته رني ڪوٽ ڪنهن جوڙايو؟ ڪرنل رشيد هن سلسلي ۾ چڱي جاکوڙ ڪئي آهي. هن کي ديوار چين ۽ رني ڪوٽ جي تعمير ۾ ڪا هڪ جهڙائي به نظر اچي ٿي. (مهراڻ: 3 - 67، ص 52)

ته پهرين اچو ته ديوار چين جو جائزو وٺون.

چين ايشيا ۾ وڏي ۾ وڏو ملڪ آهي ۽ آباديءَ جي لحاظ کان دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو ملڪ آهي. اوڀر ايشيا جي هيءَ عوامي جمهوريه اوڀر کان اولهه تائين پنچ هزار ڪلو ميٽر پکڙيل آهي ۽ اتر- ڏکڻ تائين پنج هزار پنج سؤ ڪلو ميٽر پکڙيل آهي.

221 قبل مسيح ۾ متحده چين جو پهريون طاقتور حاڪم شـِـر هو، جنهن مملڪت ۽ حڪومت کي مضبوط ڪري، شهنشاهه يعني خوانگ تي جو خطاب اختيار ڪيو ۽ غير چيني دنيا ۾ شر خوانگ تي جي نالي سان مشهور ٿيو. شهنشاهه شر پنهنجي گرفت کي مضبوط رکڻ خاطر ڪيترائي سڌارا ڪيا، جن موجب جاگيرداري نظام ختم ڪيائين، هر علائقي تي مرڪز طرفان آفيسر موڪليا ويا، جن شهنشاهه جي مفاد ۾ ڪم شروع ڪيو. مختلف ننڍين رياستن جي اتحاد کان پوءِ اتر وارين ننڍين حفاظتي ڀتين کي مضبوط ڪرڻ، ازحد ضروري ڄاتو ويو. ان لاءِ لکين مزور ڪم تي لڳايا ويا ۽ موجوده ديوار جي تعمير مڪمل ٿي. جنهن سان چـِـرلي کاريءَ کان موجوده اندروني منگوليا تائين ديوار ڳنڍجي وئي. شـِـر جا سڌارا ٻين لفظن ۾ ڏاڍاين سان تعبير ڪري سگهجن ٿا. هن ۽ سندس وزير اعظم لـِـي سو جتي چيني تحريري ٻوليءَ کي آسان ڪيو ۽ رائج قانون کي لکايو، اتي ماڻهن کي شهرن ۾ آباد ٿيڻ لاءِ مجبور ڪيو. ديوار جي تعمير ۾ هزارين ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا. دانشورن کي چيچلائي ماريو ويو. قانون، زراعت ۽ جڙين ٻوٽين کان سواءِ ٻين ڪتابن تي بندش وڌي وئي. هو موت کان بچڻ لاءِ به ستاره شناسن جي مدد جي طلب ۾ رهيو، پر موت اڻ موٽ آهي. شـِـر جي موت کان پوءِ سندس اولاد ۽ صلاحڪارن جو حشر به خراب ٿيو.

عظيم ديوار خاص طور هن ظالم شهنشاهه جو نالو قائم رکيو آهي، جيڪا شيانگ نو يعني هـُـنن (Huns) خلاف تعمير ڪئي وئي. هن ديوار جا پهريان ۽ بنيادي حصا شر کان اڳ چوٿين صدي قبل مسيح جا آهن. شهنشاهه شر انهن ننڍين ڀتين جي نئين سر تعمير ۽ ڳانڍاپي کان پوءِ انهن تي هنڌ هنڌ واچ ٽاور جوڙايا، جيڪي ٻاهر ڏي دشمن خلاف مورچي جو ڪم ڏيندا هئا ۽ اندر ويندي تخت گاهه شئن يانگ تائين اطلاع جو ذريعو هئا. اهو اطلاع ڏينهن جو دونهين ۽ رات جو باهه وسيلي ڏنو ويندو هو.

بنيادي طور ديوار سرن جي اوساريءَ، ڪٿي گنب ۽ سرن جي گڏيل استعمال سان جڙي. وقت بوقت ان ۾ ڦيرڦار ۽ مرمت ٿيندي رهي، خاص طور 15 ۽ 16 صدي عيسويءَ ۾ مرمت ٿي. بنيادي طور هيءَ ديوار ٽيهه فوٽ اوچي هئي ۽ پهري جا ٺل، چاليهه فوٽ اوچا هئا. گذريل چار پنج سؤ سالن ۾ ڀت ڊٺي آهي ۽ مينهن توڙي طوفانن ان کي هڪ طرف ڊاٺو آهي ته ويهين صديءَ جي غير ملڪي حملن به ان کي ڊاٺو آهي. خاص طور جبلن تي ٺهيل آڏا ڦڏا حصا ۽ لاهي چاڙهيءَ وارا حصا پنهنجو توازن قائم رکي نه سگهيا آهن ۽ ائين کڻي چئجي ته وڏي پيماني تي اهي ئي حصا ڊٺا آهن، جيڪي ميداني علائقي ۽ سڌي زمين تي آهن، سي نه رڳو موجود آهن، پر انهن جي مرمت به ٿي آهي. خاص طور پهري وارن ٺلن جي مرمت موجوده حڪومت به ڪرائي آهي.

مون کي هن ديوار کي ڏسڻ جو موقعو مئي 1966ع ۾ مليو. هيءَ ديوار چين جي گاديءَ جي هنڌ پي چنگ يعني پيڪنگ کان پنجاهه لي يعني چاليهارو ميل اُتر اولهه جي رينج ۾ آهي. رستي جو رخ ائين آهي. هونئن ديوار ته چڱي علائقي ۾ پکڙيل آهي. چيني زبان ۾ هن ديوار جو نالو  ”وان لي ڇانگ ڇنگ“  آهي، يعني  ”ڏهه هزار لي ڊگهي ديوار“ . جنهن انجنيئر هن جو نقشو تيار ڪيو، تنهن جو نالو ڇان هو. قديم زماني ۾ چين جي حفاظت خاطر هيءَ ديوار تعمير ڪئي وئي هئي، پر هاڻي ٻئي طرف به چين جو ئي علائقو موجود آهي.

اسان جو قافلو ديوار جي ان خاص هنڌ تي بيٺو، جتي دوڪان، هوٽلون وغيره آهن ۽ سياحن لاءِ خاص مرڪز اهو ئي هنڌ آهي. زيارتگاهه وانگر هر وقت ڪو نه ڪو هتي پيو اچي. ديوار تي چڙهائي شروع ٿي ته معلوم ٿيو ته ڄڻڪ جبل تي چڙهڻو آهي. ديوار ڪٿي ڪٿي آسمان طرف پئي وئي ته جبل جي لاهه تي وري هيٺ پئي وئي. ديوار جي جن حصن کان اسان جي ٽيم هلي، اهي نئين سر تعمير ڪرايل آهن. گائيڊ ٻڌايو ته ديوار انهن ئي قديم بنيادن تي تعمير ٿيل آهي. اهي حصا ڪافي وسيع هئا. ويڪر پنڌرهن فوٽن جي قريب هئي. ٿورو اڳتي هلي هڪ بند مورچو نظر آيو، جنهن ۾ ٻاهرئين توڙي اندرئين طرف ڏي هڪ چورس فوٽ جيترا سوراخ هئا ۽ ڇت به هئي. جبلن تي پري پري ديوار جا ڪٿي ڀڳل ۽ ڪٿي سلامت حصا نظر آيا پئي.

شر خوانگ تي وٽ ايترا ذريعا هئا، جو هن افرادي قوت کي پنهنجي استحصال قوت تحت ڪم آندو. هيڏانهن رني ڪوٽ جي قديم ڍانچي بابت به اهڙو خيال پيدا ٿي سگهي ٿو. اها ڳالهه اعتبار ۾ اچڻ جهڙي نه آهي ته ٽالپورن وٽ ايترا ذريعا هئا. اندروني عمارتون يقيناً نيون آهن ۽ انهن جو جوڙائيندڙ ٽالپر حڪمران ٿي سگهي ٿو. ڪرنل رشيد جي مقالي جي هيٺين راءِ تي عمارت سازيءَ جي ماهرن کي نظر وجهڻ گهرجي، جتي هو چوي ٿو:  ”اگر ٻنهي (رني ڪوٽ ۽ ديوار چين) جي ڀيٽ ڪجي ته ڪا نه ڪا هڪ جهڙائي خيال ۾ ويهندي: ان ڪري ائين چوندي مون کي ڪا به هٻڪ نٿي ٿئي ته امڪان آهي، جو رني ڪوٽ جي قلعي جو چين جي عظيم ديوار جي معمارن سان براه راست ڪو تعلق هجي“ . (مهراڻ 3-1967ع، ص52).

منهنجو خيال آهي ته ٻنهي ديوارن جي معمارن ۾ براه راست ڪو تعلق ڏيکارڻ لاءِ ٺوس ثبوت کپن. ايترو چوڻ ڪافي نه آهي ته  ”امڪان آهي ته وغيره“ ، ڇو جو چيني شهنشاهن هر دؤر ۾ انسانن تي ظلم ۽ تشدد پئي ڪيو آهي. ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ جو وايو منڊل چين ۾ هزارن سالن کان رهيو آهي. ان ڏاڍ ۾ بيگار وٺڻ هڪ اهم ظلم رهيو، جو آخري شهنشاهه پـُو ِاي تائين جاري رهيو، جيستائين 1949ع ۾ تاج تخت ختم نه ٿيو.

ڪن اهم رازن ۽ ڪاريگرن يا تعمير جي انداز ۾ هڪ جهڙائي ڏيکارڻ لاءِ به ٺوس ثبوت کپن. اتفاق سان جيڪڏهن سرن ۽ گچ جي استعمال ۾ هڪ جهڙائي ملي به وڃي ته اها وڌ ۾ وڌ دور جي نشاندهي ڪندي. ديوار چين جي بنياد ۽ تعمير بابت ته هاڻي ڪو به اختلاف نه آهي، پر رني ڪوٽ بابت ڪو ڀروسي جهڙو مواد ڪو نه ٿو ملي.

منهنجي خيال ۾ ٻنهي جي ڀيٽ ايراضيءَ جي لحاظ کان به ڪري نٿي سگهجي، جو هڪ وسيع ايراضيءَ ۾ پکڙيل ديوار آهي ۽ ٻيو هڪ محدود قلعو آهي. ان لاءِ آخر ۾ آءٌ  جناب غلام ربانيءَ جي مختصر مقالي مان حوالو ڏئي هي بحث ختم ڪريان ٿو:

 ”منهنجي خيال موجب، رني ڪوٽ کي دنيا جي وڏن قلعن ۾ ته بلا شبه شمار ڪري سگهجي ٿو، پر ان کي دنيا جو وڏي ۾ وڏو قلعو سڏڻ لاءِ تحقيق  ۽ ثابتيءَ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن جناب فضل قاضيءَ جو اهو بيان صحيح آهي ته رني ڪوٽ ارڙهن ميلن ۾ آهي، ته پوءِ رني ڪوٽ دنيا جو وڏي ۾ وڏو قلعو ٿي نٿو سگهي، ڇو ته اوڀارين سرحد تي راجستان ۾ هڪ قلعو موجود آهي، جو چوويهن ميلن ۾ آهي. مورخن ان کي ديوار چين سان تشبيهه ڏئي ديوار هند سڏيو آهي ۽ ٻڌايو آهي ته، اهو قلعو راجستان جي راڻي ڪمڀا اٽڪل پنج سؤ ورهيه اڳ، مسلمانن جي ڪاهن کي روڪڻ لاءِ اراولي پهاڙين تي ٺهرايو هو. راڻي ڪمڀا اهڙا ٻٽيهه قلعا ٻيا به ٺهرايا هئا.“

 

-- (مهراڻ 2- 1978ع، ص 195).

 

 

-------

 

 

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

 

رني ڪوٽ ۽ ڪوهستان جا قديم آثار

سنڌ جو ڪوهستان وارو علائقو نهايت ئي قديم آهي. هي اهڙي هنڌ واقع آهي، جو هڪ پاسي کان جبل اٿس، ته ٻئي طرف کان درياءَ. انهيءَ ڪري قدرتي طرح جيئن ئي انسان جو وجود هن سرزمين تي ظاهر ٿيو هوندو، هي هنڌ انسانن جو مسڪن ٿي رهيو هوندو. جڏهن اڃا انسانن کي شهرن اڏڻ جو شعور نه آيو هو ۽ هو جبلن جي چـُـرن ۾ رهندو هو، تڏهن کان ئي انسانن هن پاسي کي آباد ڪيو.

سنڌ ۾ رهندڙ قديم ترين ماڻهن جون کوپريون شاهه بلال واري واٽ تان لڌيون ويون آهن(1) ان کان پوءِ انهن ساڳيءَ نسل جي ماڻهن جون کوپريون موئن جي دڙي مان لڌيون ويون(2). ان مان واضح ٿئي ٿو، ته جنهن زماني ۾ موئن جي دڙي ۾ ماڻهو رهندا هئا، انهيءَ زماني ۾ ساڳي نسل جا ماڻهو سنڌ جي ڪوهستاني علائقي ۾ آباد هئا. نه فقط ايترو، پر منڇر ڍنڍ تي به هزارن سالن کان ماڻهو رهندا اچن ٿا. منڇر ڍنڍ جي آسپاس قديم زماني جي رهاڪن جا دڙا ۽ ڀڙا لڌا ويا آهن، جن مان ٺڪر جا ٿانوَ ۽ رانديڪا مليا آهن. شاهه حسڻ جي ويجهو ڪن دڙن مان پٿر مان ٺهيل ڪـُـنڍيون به مليون آهن(3). ان مان ثابت ٿئي ٿو، ته پٿر جي اوائلي دور ۾ منڇر جي آسپاس ماڻهو رهندا هئا ۽ پٿر مان ڪـُـنڍيون ٺاهي، مڇي ماري، پنهنجو پيٽ قوت ڪڍندا هئا.

آثار ۽ اهڃاڻ ٻڌائين ٿا، ته تمام قديم زماني ۾ موئن جي دڙي جي تهذيب کان به اڳ سيوهڻ آباد هو. ڪننگهام لکيو آهي:

 ”سيوهڻ نهايت ئي سڻائي هنڌ، هڪ ڌار اُتاهين ٽڪريءَ تي آهي ۽ منڇر ڍنڍ بغل ۾ بيٺي اٿس، جنهن جو پاڻي اڳي سيوهڻ جي ڀتين تائين اچي پهچندو هو. اهو ئي سبب آهي، جو پاڻي ۽ کاڌي پيتي جي سهنج، سنڌ جي پهرين رهاڪن جو ڌيان ضرور اول انهيءَ طرف ڏانهن ڇڪيو هوندو.(4)

سيوهڻ جي ٻاهران هڪ پهاڙي غار آهي، جنهن کي عام طرح يڪ - ٿنڀي ڪري چوندا آهن. اهڙيون غارون لڪيءَ لڳ، گرم پاڻيءَ جي چشمن جي ڀرسان به لڌيون ويون آهن، جيڪي ٽڪرن مان ٽاڪيل معلوم ٿين ٿيون. انهن جو ذڪر ولسن، ڪزنس، ڪاڪي ڀيرو مل ۽ دوارڪا پرساد شرما ڪيو آهي. سڀني جو اهو رايو آهي، ته قديم زماني ۾ انهن ۾ ماڻهو رهندا هئا. دوارڪا پرساد شرما جو رايو آهي ته 25 هزار سال اڳ جڏهن انسان اڃا پٿر واري زماني ۾ هو، تڏهن ماڻهو انهن غارن ۾ رهندا هئا(6).

ڪوهستاني علائقي جا ٻيا قديم آثار اهي پراڻيون قبرون آهن، جيڪي لڪيءَ وارن چشمن جي ڀرسان ملن ٿيون. اهي پٿر مان جڙيل آهن ۽ مٿن خوبصورت چٽسالي ٿيل آهي. 15 - 20 فوٽ ڊگهيون، 8 - 9 فوٽ ويڪريون ۽ اٽڪل ٻه فوٽ اوچيون آهن. اهڙيون قبرون ڪراچيءَ جي منگهي پير جي پريان شاهه بلاول واري واٽ تان ۽ ڪراچيءَ کان اچي، ڪوٽڙيءَ کان ڦري سيوهڻ ڏانهن ويندڙ رستي تان به لڌيون ويون آهن. عام ماڻهن ۾ اهي قبرون  ”ڪافرن جون قبرون“  جي نالي سان مشهور آهن. سر بارٽل فريئر انهن قبرن جو بيان رايل ايشياٽڪ سوسائٽيءَ جي جنرل ۾ ڇپايو هو. هينري ڪزنس  ”ائنٽيڪئٽيز آف سنڌ“  ۾ انهن قبرن تي روشني وڌي آهي. دوارڪا پرساد شرما پنهنجي ڪتاب  ”سنڌو سڀيتا جو نظارو“  ۾ ۽ ڪاڪي ڀيرو مل  ”قديم سنڌ“  ۾ مذڪور انگريزي ڪتابن جي حوالي سان قبرن جو احوال ڏنو آهي. انهن سڀني جو رايو آهي، ته اهي قبرون تمام آڳاٽي زماني جون آهن(7).

آمريءَ جا قديم آثار به ساک ڀرين ٿا ته هي سرزمين عيسوي سن کان هزارين سال اڳ آباد هئي. ان کان سواءِ ٻيا قديم آثار به ملن ٿا. سيوهڻ جي پريان باجارا ۽ جهانگارا ٻه ڳوٺ آهن. اهي ٻئي تمام قديم آباديون آهن: باجارا ڳوٺ ۾  ”باجارا“  ذات جا ماڻهو به رهن ٿا، جيڪي سنڌ جا قديم رهاڪو آهن ۽ هزارن سالن کان اتي رهن ٿا. انهن ٻنهي ڳوٺن جي ڀرسان  ”ٻنڌڙي“  نالي هڪ نئن وهي اچي منڇر ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. سيوهڻ کان هلبو ته پهريان باجارا ايندو ۽ پوءِ جهانگارا. ٻنڌڻي نئن جهانگارن کان اٺ ميل کن پري جبل مان نڪري ٿي. انهيءَ جبل جي ٻيڪڙ ۾ نئن جي 'Catchment Area' آهي. انهيءَ هنڌ پاڻيءَ کي بند ڪرڻ لاءِ هڪ قديم بند جا نشان ملن ٿا. بند جي نشانن مان معلوم ٿئي ٿو، ته اهو بند اٽڪل ساڍا ٽي ميل ڊگهو هو. بند جو جيڪو حصو هن وقت بيٺو آهي، ان جي هن وقت اوچائي 23 - 22 فوٽ آهي. ٿي سگهي ٿو، ان زماني ۾ ان جي اوچائي اڃا به وڌيڪ هجي. بند نهايت ڪاريگريءَ ۽ مضبوطيءَ سان ٻڌل آهي. پٿر جي اوساريءَ سان خانا ٺاهي، انهن ۾ بجري ڀري وئي آهي. بند جي سلامي، بند اڏڻ جي ٽيڪنڪ نهايت مناسب آهي. معلوم ٿئي ٿو ته هن بند جي ذريعي نئن جي پاڻيءَ کي روڪي، هٿرادو تلاءُ ٺاهي، ان جو پاڻي پنهنجي مرضيءَ موجب وهائي، آبادي ڪئي ويندي هئي. مطلب ته Tank Irrigation جو هڪ عمدو نمونو آهي. مقامي ماڻهو ان کي  ”ڪافر بند“  ڪوٺين ٿا. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته هي بند تمام آڳاٽي سمي ۾ جوڙيو ويو هو.

اهڙا بند بلوچستان جي اڪثر علائقن ۾ ملن ٿا، ۽ انهن کي  ”گـبر بند“  يا  ”گور بند“  سڏيو ويندو آهي.  ”گور“  مان انهن جو مطلب  ”بت پرست“  يا ڪافر آهي(A). ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته بلوچستان وارا گـِـبر يا گوربند ۽ ٻنڌڻيءَ وارو ڪافر بند مسلمانن جي زماني کان گهڻو اڳ، ساڳي دؤر ۾ تعمير ٿيا. هنن بندن مان اهو به اندازو ٿئي ٿو ته هي بند انهيءَ زماني ۾ جوڙيا ويا، جڏهن چوماسي جي هوائن جو رخ هن طرف هو ۽ انهيءَ ڪري پاڻي جام ۽ جهجهو هو. ماهرن جو خيال آهي ته اٽڪل ٻه هزار سال عيسوي سال کان اڳ، پوين ٻن صدين ۾ دنيا جي آبهوا ۾ اهڙي تبديلي آئي، جو چوماسي جي هوائن سنڌ ۽ بلوچستان کان پنهنجو رخ ڦيرائي ڇڏيو(9). انهيءَ بدليل صورتحال جي ڪري. سنڌ ۽ بلوچستان ۾ بارش جو مقدار گهٽجي ويو. انهيءَ ڪري پاڻي روڪڻ لاءِ اڏيل بند بيڪار ٿي ويا. اهي ڳالهيون ثابت ڪن ٿيون ته ٻنڌڻي نئن وارو بند ٻه هزار سال قبل مسيح کان گهڻو اڳ اڏيو ويو. جڏهن ٻنڌڻي نئن  ۾ پاڻي تمام ججهو هو. ٻه هزار سال قبل مسيح کان پوءِ جڏهن برسات گهٽجي وئي ته بند جي اهميت به ختم ٿي وئي.

ان بند جي ٻاهران، انهيءَ قديم رستي جا نشان به ملن ٿا، جيڪو ايران کان سنڌ تائين هو. اهو رستو ميسو پوٽيما کان نڪري، وچ ايران جي شهرن ڪـِـرمان شاهه، همدان، سلطان آباد، قم، ڪاشان، يزد، ڪرمان ۽ بمپور کان ٿيندو، مڪران مان لنگهي، سنڌ ۾ داخل ٿيندو هو  ۽ آمري ۽ سيوهڻ کان گذرندو، موئن جي دڙي تائين پهچندو هو (10). قديم زماني ۾ جهانگارن ۽ آمريءَ وارو علائقو ڏاڍو زرخيز هو ۽ انهيءَ رستي سان قديم عراق، ايران ۽ سنڌ جي وچ ۾ واپاري قافلا هلندا هئا. ايران جي حملي جو امڪان به انهيءَ رستي سان هوندو هو.

انهن آثارن ۽ اُهڃاڻن جي بنياد تي چئي سگهجي ٿو ته رني ڪوٽ وارو حربي قلعو به ٻه هزار سال قبل مسيح کان اڳ، ان زماني ۾ جڙيو، جنهن زماني ۾ مذڪور گبربند (ٻنڌڻيءَ وارو بند) تعمير ٿيو. ٻين آثارن مان به اهــو ثـبــوت مـلــيــو آهــي، ته قــديــم زماني ۾ سنڌ واسي قلعي جوڙڻ جو فن ڄاڻندا هئا. لاڙڪاڻي ضلعي جي علي مراد ۽ ڪوهٽرس نالي کنڊرن مان پٿرن جا ننڍا قلعا کوٽي ڪڍيا ويا آهن. ان مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ قلعن اڏڻ جو رواج موجود هو.

ائين ٿو معلوم ٿئي ته هيڏي وڏي قلعي جوڙڻ ۾ ڪيترائي ورهيه لڳي ويا هوندا، ۽ جڏهن جڙي راس ٿيو ته چوماسي جي هوائن هن طرف کان پنهنجو رخ ڦيرائي ڇڏيو، انهيءَ ڪري قلعي جي اهميت گهٽجي وئي ۽ قلعو آباد ٿي نه سگهيو. ان کان پوءِ ٽالپرن جي دؤر ۾ نواب ولي محمد خان لغاريءَ هن قلعي جي اهميت محسوس ڪئي ۽ ان کي نئين صورت ڏني. انهيءَ نئين تعمير جا مستند حوالا تاريخ ۾ ملن ٿا، جن کان انڪار ڪري نٿو سگهجي. نواب ولي محمد خان لغاري باهمت ۽ باصلاحيت امير هو  ۽ ههڙي عظيم ڪارنامي سرانجام ڏيڻ جي بلڪل اهل هو.

ٻنڌڻيءَ واري بند جي مٿين پاسي کان قديم رهاڪن جي پٿرن جي گهرن جا نشان به ملن ٿا، جن ۾ ٺڪر جي ٿانون جون ٽڪريون ۽ قديم ترين نموني جي جنڊ جا اهڃاڻ به مليا آهن. جڏهن هاڻوڪا جنڊ ايجاد نه ٿيا هئا، تڏهن ماڻهو پٿرن جي سرن تي انُ رکي، ان کي پٿر جي ٽـُـڪر سان گـَـهي، اٽو تيار ڪندا هئا. اهي جنڊ ان نموني جا هوندا هئا، جيئن موجوده  ”سل بٽه“  ٿيندو آهي، جنهن تي مسالو مهٽي ملائبو آهي. اهڙا جنڊ مذڪوره هنڌ کان سواءِ موئن جي دڙي مان به مليا آهن. هاڻوڪا جنڊ عيسوي سال کان ٻه صديون کن اڳ چالو ٿيا. جنهن چٽساليءَ وارا ٺڪر جا ٿانوَ جهانگارن جي طرف جي قديم آثارن مان مليا آهن، اهڙي رنگ ۽ چٽساليءَ وارا ٿانوَ آمري، منڇر ڍنڍ جي ويجهو لوهري ڳوٺ، اولهه جي ڪن ٽڪرائتن ڀاڱن جهڙوڪ: واهي پانڌي، دنڀ ٻوٽي ۽ چورو، جهڪر ۽ ايران جي ڪن دڙن مان به مليا آهن(12). ان مان پڻ ثابت ٿئي ٿو ته قديم زماني ۾ سيوهڻ واري علائقي سان، ايران جا لڳ لاڳاپا هئا. اهو زمانو قريباً عيسوي سن کان ٽي يا چار هزار سال کان ٻه هزار سال اڳ جو ٿي سگهي ٿو.

حوالا

(1) ڪاڪوڀيرومل: قديم سنڌ، سنڌي ادبي بورڊ، ص 51، بحواله:

W.T. Blam Ford. geology of Western Sind (Memoirs of geographical Survey، Vol: XVII، Part-1).

(2) Sir john Marshal: Mohen-jo-Daro and the Indus Civilization، London، 1931، Vol: 1.

(3) دوارڪاپرساد شرما: سنڌو سڀيتا جو نظارو، ص 13 - 12

(4) Major general Cunnigham: geography of Ancient India، P.264-66.

(5) [I] Henry Cousens: The Antiquities of Sind، P.45.

(ii) قديم سنڌ، ص 55 (iii) سنڌو سڀيتا جو نظارو، ص 34.

 (6) سنڌو سڀيتا جو نظارو، ص 34.

(7) ايضاً، ص 33-32.

(8) بلوچستان ماقبل تاريخ: ملڪ محمد سعيد بلوچ، بلوچي اڪيڊمي ڪوئيٽا، 1971ع ص 38.

(9) ايضاً، ص 46.

(10) Dr: F.A. Khan: The Indus Valley and Early Iran، Department of Archaeology، govt: of Pakistan، Karachi، 1964، P.13.

(11) سنڌو سڀيتا جو نظارو، ص 11.

(12) [ I] The Indus Valley and Early Iran، P.21، 58 and 62-63.

(ii) سنڌوسڀيتا  جو نظارو، ص 4.

رشيد ڀٽي

رني ڪوٽ: ڪجهه امڪان، ڪجهه انومان

اپ کنڊ جي هن آڳاٽي ۽ عظيم قلعي بابت آڳاٽي يا وچين دور جي تاريخ ۾، ان نالي سان، ڪو به ذڪر نه ٿو ملي. ائين ڇو آهي ته هيڏي ساري عجوبي جو نالو تاريخ ۾ نه آيو آهي، سو خود غور ۽ بحث طلب مسئلو آهي، جنهن تي اڳتي هلي هن مضمون ۾ بحث ڪبو. البت انگريزي دور حڪومت يا اُن کان ڪجهه اڳ جي سياحن ۽ مورخن هن قلعي جو ذڪر ضرور ڪيو آهي. 1876ع واري سنڌ گزيٽيئر ۾ هن قلعي جي جاءِ وقوع ۽ اڏاوت بابت لکڻ بعد ڄاڻايو ويو آهي ته هيءُ قلعو مير ڪرم علي ٺهرائڻ شروع ڪيو ۽ سندس ڀاءُ مير مراد علي 1812ع ڌاري ٺهرائي پورو ڪيو، جنهن تي 12 لک رپيا لاڳت آئي. ڌارين جي حملي جي حالت ۾ پناهه وٺڻ جي مقصد سان اهو ٺاهيو ويو (1). مرحوم مرزا قليچ بيگ پهريون سنڌي اديب ۽ مورخ هو، جنهن اهو قلعو پاڻ وڃي ڏٺو (2). هن مورخ به ان بنسبت بنا ڪنهن ڇنڊ ڇاڻ جي ساڳي گزيٽيئر واري حقيقت دهرائي آهي (3). سنڌ جي هڪ ٻئي مورخ مرحوم رحيمداد خان مولائي شيدائيءَ به ساڳيءَ روايت کي دهرايو آهي، پر ان ۾ ايترو سو اضافو ڪيو آهي ته ان قلعي جي تعمير ميرن ڪوهستاني علائقي جي بچاءَ جي مدنظر ڪرائي هئي (4). انهن سڀني تازين تاريخن ۾ آيل ان بيان جو بنياد بمبئي آرميءَ جي هڪ ڪئپٽن ڊلهوزيءَ جي رپورٽ تي رکيل آهي، جو 1839ع ڌاري هن خطي جو اسسٽنٽ ڪوارٽر ماسٽر جنرل هو.

(5) اهو ڪجهه پڙهڻ ۽ قلعي ڏسڻ بعد جنهن شخص پهريون ڀيرو ان تي هڪ تحقيقاتي ۽ تاريخي مقالو لکيو، سو جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر ڪراچيءَ جو سربراهه ليفٽيننٽ ڪرنل ڪي. اي. رشيد هو. هن اهو ڇنڊ ڇاڻ ۽ کوجنا ڪيل تاريخي مقالو ڪراچيءَ جي (هاڻي لاهور) انگريزي ماهنامي  ”اقبال رويو“  جي اپريل 1965ع واري پرچي ۾ شايع ڪرايو، جو بعد ۾ سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿي سنڌي ادبي بورڊ جي ٽماهي مهراڻ ۾ ڇپيو. ان مضمون جي صفحي 44 ۽ 45 تي انگريز مورخن جي ان راءِ تي تنقيد ڪندي اختلاف ڪيو ويو آهي ته ڪو اهو قلعو ميرن جي ڏينهن جو آهي. ان موقف لاءِ ڪيئي سبب ۽ دليل ڏنا ويا آهن، جن جو اختصار هيءُ آهي: قلعي جي ڀتين ۾ ڳڙکيون ۽ مارا بارود جي ايجاد کان اڳ جا آهن ۽ تيرن جي زماني جا آهن. ٻاهرين شاهي ڀت جا برج، ٺل يا منارا گول نه پر مستطيل آهن، جي ڏهين صدي عيسويءَ کان اڳ مروج هئا. اڀرندي دروازي جو نالو  ”آمري در“  هئڻ ٻـڌائي ٿو ته ان وقت آمري تهذيب اڃا باقي هئي، جنهن کي ختم ٿئي هزارين سال ٿيا آهن. ميريءَ جي دروازي تي پٿر جي اُڪر سٿين جي فن جو نمونو آهي.  ”سن در“  لڳ گنبذ نما عمارت سٿين - ساسانين جي دور جي تعمير جو نمونو آهي. هن جي ٻاهرين شاهي ڀت جي تعمير ديوار چين سان مشابهه آهي. فاضل مصنف اهو به لکيو آهي ته ميرن جا وسيلا، گهرجون ۽ خزانو ايترو محدود هئا، جو اهو ممڪن ئي نه آهي ته ڪو ميرن اهو قلعو ٺهرايو هوندو. ان کان سواءِ ميرن وٽ ايتري فوج ئي ڪا نه هئي، جو هو ايڏو عظيم قلعو ٺهرائين. اهو به ناممڪن آهي ته ڪو ايڏي شاهي اڏاوت 12 لک رپين ۾ پوري ٿي هوندي. ميرن وٽ ڪا به باقاعدي فوج ڪا نه هئي. هنن وٽ رڳو چند محافظ دستا هوندا هئا. سڄي سنڌ رئيسن ۽ جاگيردارن ۾ ورهايل هئي، جن وٽ پنهنجا پنهنجا ننڍڙا فوجي يا ويڙهاڪ دستا هوندا هئا. مطلب ته ميرن جي ڏينهن ۾ سنڌ ۾ ڪا به فوجي مرڪزي قوت ڪا نه هئي (6). اها ڳالهه به قابل ذڪر آهي ته ميرن ۽ ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ جيڪي به قلعا ٺهيا، سي سنڌوءَ جي کاٻي يا اڀرندي ڪپ تي ٺهيا، جهڙوڪ نئون ڪوٽ، حيدرآباد، ڪوٽ ڏيجي، شاهه ڳڙهه ۽ امام ڳڙهه وغيره. اهو ٿي سگهي ٿو ته خان قلات سان اختلافن ۽ تنازعي سبب ميرن هن قلعي جي مرمت ڪرائي هجي (7). فاضل مصنف ڪرنل رشيد آخر ۾ پنهنجي راءِ ڏيندي ڄاڻايو آهي ته سندس اندازن ۽ انومان موجب هي قلعو سٿين يا پارٿين جي دور جي اڏاوت آهي، يعني عيسوي سن کان ڏيڍ ٻـه سؤ ورهيه اڳ (8).

محترم ڪي. اي. رشيد جي ان مضمون ئي هن قلعي کي منظر عام تي آندو ۽ اُن تي بحث مباحثا شروع ٿيا. هي پهريون مورخ آهي، جنهن انگريزي مورخن جي مفروضي کي غلط چئي، تجربي ۽ تحقيق بعد ٻڌايو آهي ته هي قلعو ڪافي آڳاٽو آهي. مون جو مطالعو ۽ قلعي جو مشاهدو ڪيو آهي، ان جي آڌار تي چوان ٿو ته هيءُ قلعو اڃا به آڳاٽو، يعني ڪياني يا ساساني دور جي تعمير جو شاهڪار آهي. سنڌ بابت تاريخن ۽ سفر نامن، جاگرافين ۽ مشاهدن جي مطالعي مان اهڙا ڪيئي اُهڃاڻ ملن ٿا، جن جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو ته هي قلعو ايران جي ڪياني يا ساساني شهنشاهيت جي دور جي آڏاوت جو نادر نمونو آهي.

ان جي اڏاوت کي ميرن ڏانهن منسوب ڪرڻ جي رد ۾ اهو به هڪ وڏو دليل آهي ته ڏيڍ سؤ سال کن اڳ هيڏو سارو ٺهيل مضبوط قلعو، ايتري ٿوري عرصي ۾ ڇو ائين ويران ۽ تباهه ٿي ويو، جو ان جي سـَـن دروازي واري پل ۽ ٻنڌ به سلامت نه رهي؟ ائين برابر آهي ته جنهن جاءِ تي هينئر اهو قلعو واقعي آهي، سا گهٽ آباد ۽ اجاڙ جاءِ آهي، پر گهڻو وقت اڳ اها ايراضي ائين غير آباد ڪا نه هئي. ٻه اڍائي هزار سال اڳ ان خطي جي آبهوا ۽ آبادي اڄ کان بلڪل مختلف هئي. بلوچستان جي جهالاوان، مڪران ۽ لس ٻيلي وارا علائقا ۽ انهن سان لاڳو ڪوهستاني سنڌ جو علائقو ڪنهن سمي آباد ۽ سرسبز خطا هئا، جنهن جو ثبوت ان علائقي ۾ مليل آثار قديمه جا کنڊر آهن. تنهن سمي اهو علائقو ڪاريزن ۽ بندن (Dams) وسيلي آباد ٿيندو هو. آثار قديمه جي کوجنا ڪندي ان علائقي ۾ ڪيئي قديم ڪاريز ۽ بند مليا آهن. اهڙا قديم ڪاريز مقامي روايتن موجب ايراني شهنشاه ڪيخسرو جا ٺهرايل آهن (10). قديم سنڌ جي مڪران واري علائقي ۾ به ڪيڪائوس ۽ ڪيخسرو جون ٺهرايل ڪاريزون مليون آهن. (11). جهالاوان سان لاڳو سنڌ جي کيرٿر واري حدن اندر ڪيترائي نهايت قديم بند آهن، جي پٿر جا ٺهيل آهن ۽ مقامي طرح  ”گبر بند“  سڏجن ٿا، ۽ ايران جي زردشتي دور ڏانهن منسوب ڪيا وڃن ٿا (12). خود نالو  ”گبر“  ئي ٻڌائي ٿو ته انهن  جو زردشتي حاڪمن سان واسطو آهي، ڇو جو گبر لفظ جي معنيٰ ئي آهي زردشتي مذهب جو مهنت يا ٻائو. انهن بندن جو ذڪر انهن يونانين به پنهنجي ڪتابن ۾ ڪيو آهي، جي سڪندر سان گڏ سنڌ ۽ گڊروسيا (مڪران) مان لنگهيا هئا: انڪري چئجي ٿو ته اهي بند زردشت جي پيروي ڪندڙ ايراني شهنشاهن، ڪيانين يا ساسانين ٺهرايا هوندا، يا انهن جي مرمت ضرور ڪرائي هوندي، جنهن سبب انهن تي  ”گبر بند“  نالو پيو (13). هت اهو ڄاڻائڻ به مناسب ۽ برمحل ٿيندو ته رني ڪوٽ جو سن وارو دروازو نه رڳو قلعي جو مکيه در هو، پر وچ مان وهندڙ نئن لاءِ بند يا ٻنڌ (Dam)به هو.

سنڌ ۽ بلوچستان جي آثار قديمه ۽ تاريخي حوالن مان پتو پوي ٿو ته زردشتي شهنشاهن نه رڳو بلوچستان ۽ سنڌ جو الهندو حصو فتح ڪري پنهنجي ماتحت ڪيو هو، پر ان ۾ ڪيئي قلعا ۽ بند به ٺهرايا هئا. بهمن ارد شير سنڌ فتح ڪري ايران سان ملائي ڇڏي ۽ اتي ٻه قلعا ٺهرايا، جن مان هڪ بهمن آباد، جو پوءِ هلي برهمڻ آباد ٿيو ۽ ٻيو هند جي الهندي سرحد تي (14). اخيمينين شهنشاهه دارا به سنڌ جو الهندو حصو ايران سان ملائي ڇڏيو. همدان مان هٿ آيل 515 سال قبل مسيح جي هڪ لکت مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌو درياءَ جي ويجهو اوپيائي علائقي ۾ هڪ وڏو شاهي قلعو آهي، جو شايد ايران جي ان اقليم يا صوبي جو فوجي اڏو آهي(15). ايراني شهنشاهه نوشيروان مڪران فتح ڪرڻ بعد ان جي ڀرسان هڪ وڏو فوجي اڏو ٺاهي، سنڌ ۽ گجرات تي به ڪاهون ڪيون ۽ سنڌ جو ساڄو ڪپ سمنڊ جي ڪناري تائين شهنشاهيت جو ستون صوبو ڪيو، جنهن تي سيستان جو نالو ڏنل هو(16). دارا کان پوءِ ڪو وقت يوناني، باختر، پارٿي ۽ سٿين جا قبيلا سنڌ تي حڪومت ڪندا رهيا، جنهن بعد ساساني گهراڻي جي باني ارد شير باجگان اهو علائقو وري هٿ ڪري ايراني اقليم بڻايو ۽ مٿس سيستان نالو رکيو.(17). پنجين صدي عيسويءَ جي شروعات ۾ بهرام -5، جو بهرام گور به سڏجي ٿو، ڏکڻ - اولهه هندستان مڪمل طور پنهنجي حاڪميت ۾ آندو. ان جي دور جا ساساني سڪا ۽ ٺڪر جا ٿانو لاڙڪاڻي ضلعي جي جهڪر جي دڙي مان مليا آهن(18).

ڪاڇي يا ڪوهستان جي علائقي ۾ به ڪيترائي قديم آثار مليا آهن، جهڙوڪ آمري، ڪرچات، شاهه جو ڪوٽيرو، دنب، بٺي، ڍال ۽ ڪوٽ علي مراد وغيره: هي آثار ٻڌائين ٿا ته هيءُ خطو قديم تهذيب ۽ آباديءَ جو علائقو رهيو آهي(19). اهي ڄاڻايل سڀ حوالا ۽ تاريخي ۽ قديم آثارن جا مشاهدا ٻڌائين ٿا ته ايران ۽ سنڌ جا لاڳاپا رڳو آڳاٽا ۽ پراچين نه آهن، پر اهي سماجي ۽ ثقافتي نوعيت کانسواءِ سياسي فوجي ۽ اقتصادي نوع جا به آهن. جيڪي حڪمران ان علائقي جي سرسبزيءَ ۽ شادابيءَ لاءِ ڪاريز ۽ گبربند ٺهرائي سگهن ٿا، تن اُن جي حفاظت ۽ بچاءَ لاءِ فوجي اڏا، ڇانوڻيون يا قلعا به ضرور ٺهرايا هوندا، جيئن ٻين هنڌن تي ڪيو هئائون، ان ڪري اهو بعيد از مڪان نه آهي ته هيءُ قلعو ۽ نئن تي ٻڌل سن دروازي واري بند جي تعمير ڪنهن زردشتي ايراني شهنشاهه ڪرائي هجي.

هاڻي اچو ته اڳتي وڌي ڏسون ته ڪهڙي دور ۾ اها اڏاوت ٿي سگهي ٿي. تاريخي پس منظر ۾ تحقيق ۽ تحرير ڪيل هڪ مذهبي ڪتاب ان ڏس ۾ اسان جي چڱي چوکي رهنمائي ڪندو. اهو ڪتاب آهي مولانا ابوالڪلام آزاد جو قرآن مجيد جي سورة  ”اصحاب ڪهف“  جو لکيل تفسير. ان سورة ۾ هڪ پيغمبر ذوالقرنين ۽ ان جي ٺهرايل ياجوج ماجوج جي ڀت جو ذڪر به اچي ٿو. هن عالم ۽ محقق جي راءِ موجب، اهو نبي ذوالقرنين ايران جو مشهور شهنشاهه سائرس اعظم هو. هو زردشتي مذهب جو پوئلڳ ۽ پرچارڪ هو. هن کي ڪيخسرو به سڏيو وڃي ٿو. سائرس جون اوڀر جون فتوحات گيڊروسيا (مڪران)، ارمابيل (لس ٻيلو) ۽ سنڌ جي ساڄي ڪپ تائين پهتل هيون. دارا تائين اها ايراني سلطنت جي حد رهي ۽ اتان جا حاڪم ايران کي خراج ڀريندا رهيا(20). ان جي تائيد مشهور ايراني رزميه مثنوي يعني فردوسيءَ جو شاهنامو به ڪري ٿو(21). مولانا آزاد تاريخي تحقيق جي روشنيءَ ۾ وڌيڪ لکي ٿو ته اها مشهور ياجوج ماجوج واري ڀت به سائرس اعظم ٺهرائي هئي. سائرس جون فتوحات اتر اوڀر ۾ چين جي حدن تائين هيون ۽ هن جڳ مشهور ديوار چين به ڏٺي هئي. ايراني سلطنت جي علائقن تي منگول گاهي بگاهي ڪاهون ڪندا رهندا هئا. انهن حملن کي روڪڻ لاءِ سائرس اها عظيم مذهبي تاريخي ڀت ٺهرائي هئي. ڊيڊ سي جي الهندي ڪناري سان هڪ شهر دربند آباد جي نالي سان آهي، جتان ڪاڪيشيا جبلن جو سلسلو شروع ٿئي ٿو. اتان اها ديوار شروع ٿئي ٿي، جا ٽن ميلن تائين جبلن تي هلي وڃي ٿي. اها ديوار دروازن وٽان ڳپل حصي ۾ ٻٽي آهي ۽ اڳتي هلي هيڪوٽي ٿي وڃي ٿي. ديوار گهڙيل پٿرن جي ٺهيل آهي(22). تاريخ ۾ اهو به آيل آهي ته ان مشهور سد ياجوج جي ايراني شهنشاهه نوشيروان مرمت ڪرائي هئي(23). هاڻي رني ڪوٽ جي اڏاوت جي وچور کي ڏسو. قلعي جي ديوار گهڙيل پٿرن جي آهي. ڀت دروازن کان وٺي ڪجهه فاصلي تائين ڊبل آهي ۽ پوءِ سنگل ٿي وڃي ٿي. هن جي ڀت سد ياجوج ۽ ديوار چين سان ملندڙ جلندڙ آهي، تعمير ۾ توڙي ڏسڻ ۾. ديوار چين سائرس ڏٺي هئي ۽ ان ئي منگولن جي ڪاهن کان بچڻ لاءِ سد ياجوج ٺهرائي هئي. رني ڪوٽ واري جاءِ ايران - هند جي سرحد تي اهم جڳهه هئي، ان ڪري  ممڪن آهي ته هندستان جي پاسي کان حملن جي بچاءَ لاءِ سائرس اهو قلعو فوجي اڏي طور ٺهرايو هجي ۽ بعد ۾ نوشيروان يا ڪنهن ٻئي شهنشاهه ان جي مرمت ڪرائي هجي.

هاڻي اچو ته ان صورتحال تي غور ڪريون ته اسان جي لکيل تاريخ ڇو اهڙي اهم قلعي جي ذڪر کان وانجهي آهي. دراصل ائين نه آهي. اسان جي تاريخ ۾ ان قلعي جو ذڪر گهڻي ڪثرت سان ملي ٿو، ان نالي سان نه پر ڪنهن ٻئي نالي سان. ڳالهه حيرت جهڙي ۽ منجهائيندڙ لڳندي هوندي، ان ڪري ڪيترائي دوست نه رڳو اچرج ۾ هوندا، پر مون سان اختلاف به ڪندا. پر معاملو اهم ۽ بحث طلب آهي، ان ڪري مان اها راءِ ظاهر ڪرڻ کان نه ڪيٻائيندس. ڀل ته بحث مباحثو ٿئي ۽ سنڌ جي تاريخ جي وڃايل ڪڙي موٽي هٿ ڪئي وڃي. مان ان نتيجي تي پهتو آهيان ته قلعي جو ذڪر تاريخ ۾ بار بار ملي ٿو، رني ڪوٽ جي حوالي سان نه پر نيرن ڪوٽ جي نالي سان.

رني ڪوٽ ۽ نيرن ڪوٽ جي نالن تي ٿورو غور ڪريو. ٻئي هڪ ٻئي جو بگاڙ نظر ايندا. نيرن ڪوٽ جو نالو استعمال ٿيندو، پنهنجي صورت بگاڙيندو وڃي رني ڪوٽ ٿيو آهي. اسان وٽ ڪافي وقت کان اهو مفروضو مروج آهي ته پٽالا، نيرون ڪوٽ ۽ حيدرآباد هڪ شهر جا مختلف ادواري نالا آهن. ان مفروضي جو اصلي ماخذ اسان جو تاريخ تي ڪتاب تحفة الڪرام آهي. سڀ کان اول اهو لکيل تاريخي ڪتاب ئي چوي ٿو ته ميان غلام شاهه ڪلهوڙي نيرون ڪوٽ واري جاءِ تي حيدرآباد جو قلعو اڏرايو. ان کان پوءِ ئي همعصر تاريخدانن ان ڳالهه تي ڳنڍ ڏني ته حيدرآباد جي جاءِ وقوع ئي نيرون ڪوٽ هو ۽ اتي ئي سڪندر اعظم جي دور واري پٽالا به هئي. پوءِ جي محققن پٽالا جي حيدرآباد واري جاءِ تي هجڻ بابت اختلاف ڪيو آهي، پر نيرون ڪوٽ لاءِ اڃا ساڳي راءِ هلي پئي اچي. پٽالا لاءِ هينئر چيو پيو وڃي ته اهو شهر هاڻوڪن برهمڻ آباد ۽ منصوره وارن کنڊرن جي لڳ ڀڳ ڪٿي هو(24). ان کان اڳ جي مورخن ۽ سياحن، جو ڪجهه نيرون ڪوٽ بابت لکيو ۽ چيو آهي، ان جو مطالعو به دلچسپ ۽ مقصد کان خالي نه ٿيندو.

سڀ کان آڳاٽي سنڌ جي تاريخ چچ نامي ۾ ان شهر نيرون ڪوٽ بابت هي تفصيل ملن ٿا (حوالا سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايل مخدوم امير احمد جي سنڌي ترجمي مان آهن). ديبل جي فتح وقت راجا ڏاهر جو پٽ جئي سين نيرون ڪوٽ ۾ هو. ديبل جي فتح وقت راجا ڏاهر کيس لکيو ته درياهه ٽپي برهمڻ آباد اچي. محمد بن قاسم به ديبل فتح ڪرڻ بعد ارمابيل جو قصد ڪيو، جتان نيرون ڪوٽ وڃڻو هو (صفحو 156). نيرون ۾ پاڻي ڪو نه هو، مهران ڪافي پري هو، جنهنڪري محمد بن قاسم دعا گهري ته مينهن پيو (صفحو 164). محمد بن قاسم درياهه ٽپي کٻي ڪپ اچڻ کان اڳ ئي نيرون ڪوٽ، سيوستان ۽ پسگردائي فتح ڪئي (صفحو 168). سيستان جي علائقي جي فتوحات کان پوءِ مسلمانن جو لشڪر وري موٽي نيرون ڪوٽ آيو. هي شهر نيرون ڪوٽ جبل تي آباد آهي، ان جي ويجهو پاڻيءَ جو تلاءُ آهي، جنهن جو پاڻي عاشقن جي اکين کان وڌ شفاف آهي ۽ اتان جي ساوڪ ۽ سبزي ارم کان به وڌيڪ وڻندڙ ۽ سهڻي آهي (صفحو 178). مرزا قليچ بيگ به ڄاڻايو آهي ته سنڌو درياءَ نيرون ڪوٽ جي اوڀر ۾ وهندو هو (25). يعقوب الحماوي نيرون کي نيمروز سڏيو آهي. هن جو چوڻ آهي ته البيرون يا النيرون، بيرون يا نيرون ساساني شهنشاه نيمروز جو بگڙيل تلفظ آهي(26). نيرون کان برهمڻ آباد يا منصوره وڃڻ لاءِ مکيه سنڌو درياءَ ٽپڻو پوندو هو (27). ميجر راورٽي سنڌوءَ جي وهڪري تي گهڻي کوجنا ڪئي آهي ۽ ڪتاب لکيو آهي. ميجر راورٽي به ان راءِ سان متفق نه آهي ته ڪو نيرون ڪوٽ ۽ حيدرآباد جي جاءِ وقوع ساڳي آهي. هن جو چوڻ آهي ته سنڌوءَ جي مکيه الهندي شاخ اتان ئي وهندي هئي، جتان هينئر وهي پئي ۽ نيرون ان جي اولهه ۾ هو (28). اڪثر مؤرخ ۽  جاگرافيدان ان راءِ جا آهن ته سڄي سنڌ جي پنج سؤ ميلن جي سفر ۾ ٻه جايون اهڙيون آهن، جتان سنڌوءَ جو مکيه وهڪرو مستقل وهندو رهيو آهي. هڪ سکر ۽ بکر وٽ ۽ ٻيو ڪوٽڙيءَ وٽ (29). اشڪال البلاد واري نامور مورخ ۽ سياح ابن حوقل 1100ع ڌاري سنڌ جو پهريون نقشو ٺاهيو هو. ان نقشي ۾ به نيرون ڪوٽ، سنڌوءَ جي مکيه وهڪري جي اولهه ۾ پرڀرو هڪ ننڍي شاخ جي ڪناري تي ڏيکاريو ويو آهي (30). هڪ ٻئي مسلمان جاگرافيدان ۽ سياح جو نيرون ڪوٽ جو ذڪر به دلچسپيءَ کان خالي نه آهي. ادريسي جو جنم 1099ع ڌاري آفريڪا ۾ ٿيو. جاگرافيءَ جي علم ۾ ايترو نالو ڪڍيائين، جو سسليءَ جي بادشاهه کيس پاڻ وٽ گهرايو ۽ دنيا جي گولي ٺاهڻ جو ڪم مٿس رکيو. هن پندرهن سال دنيا جو سير سفر ڪيو ۽ ان مطالعي ۽ مشاهدي آهر دنيا جو گولو ٺاهيو، جو بعد جي يورپي جاگرافيءَ جي ماهرن لاءِ بنيادي ماخذ بڻيو (31). هي نامور سياح ۽ جاگرافيدان 1150ع ڌاري سنڌ ۾ آيو (32). هن نيرون ڪوٽ ڏسڻ بعد ان بابت لکيو آهي ته هيءَ جبلن تي هڪ ننڍي آبادي، پر نهايت ئي مضبوط قلعو آهي، هت وڻ اڻ لڀ آهن. ديبل ۽ برهمڻ آباد کان هڪ جيتري مفاصلي تي وچ ۾ آهي، پر برهمڻ آباد کي ويجهو آهي. برهمڻ آباد وڃڻ لاءِ هتان درياءَ ٽپڻو پوي ٿو (33).

مؤرخن، محققن، جاگرافيدانن ۽ سياحن جي مٿين تذڪرن پڙهڻ کان پوءِ ڪي ڳالهيون صاف چٽيون اڀري ٿيون اچن. سنڌونديءَ جي مکيه وهڪري جو لنگهه سکر - بکر ۽ ڪوٽڙي - حيدرآباد وٽان ڪم و بيش ساڳيو ۽ مستقل رهيو آهي. نيرون يا بيرون ساساني ايراني شهنشاهه نيمروز جو بگڙيل تلفظ آهي. ايراني سلطنت جون حدون سنڌو درياءَ جي الهندي تائين رهيون آهن، نه ڪي اڀرندي طرف. نيرون ڪوٽ مهراڻ جي اولهه ۾ ڪافي پري هو. هي جبلن تي (نه ڪي ٽڪر تي) ٺهيل ننڍي آباديءَ وارو مضبوط قلعو هو. هت وڻ اڻلڀ هئا. (هينئر به ائين آهي). هن جي پسگردائيءَ ۾ هڪ وڏو تلاءَ هو (جو منڇر ٿي سگهي ٿو). هتان درياءَ ٽپي برهمڻ آباد اچبو هو، جو هتان ويجهو اندازاً 36 ميل پري هو (اڄ به سڌو سن وٽان درياءَ ٽپي ان طرف وڃجي ٿو ۽ گهٽ وڌ ساڳيو فاصلو آهي). اهي سڀ نتيجا ۽ تجربا ٻڌائين ٿا ته دراصل نيرون ڪوٽ ۽ رني ڪوٽ هڪ شيءِ آهن. وقت گذرڻ سان نيمروز مان نيرون ڪوٽ ۽ نيرون ڪوٽ مان رني ڪوٽ ٿي ويو.

ان کان سواءِ هڪ ٻي ڳالهه به قابل ذڪر ۽ توجهه طلب آهي. ڇا نيرون ڪوٽ يا ان جا آثار اوچتو ئي اوچتو آسمان ڏانهن کڄي ويا؟ نيرون ڪوٽ جا همعصر سڀ شهر ديبل (ڀنڀور ئي کڻي سمجهو)، برهمڻ آباد، پٽالا، اروڙ، ملتان ۽ سيوهڻ وغيره وسندين يا کنڊرن جي صورت ۾ بهرحال اڄ به موجود آهن، پر حيدرآباد جي قلعي ۾ يا ان جي آسپاس گنجي ٽڪر تي ڪي به اهڙا آثار نٿا ملن، جي محڪمه آثار قديمه جو ڌيان ڇڪائي سگهيا هجن. ميان غلام شاهه ڪلهوڙي 1182هه يا 1768ع ڌاري حيدرآباد جو قلعو ٺهرايو (34)، پر ان دور جي مورخن کي نيرون ڪوٽ نالي ڪو به شهر يا ان جا باقيات سنڌو درياءَ جي اوڀر ۾ موجوده حيدرآباد جي جاءِ تي يا ان جي آسپاس نظر نٿا اچن. انڪري اهو چوڻ غلط ۽ بي بنياد نه ٿيندو ته نيرون ڪوٽ جي جاءِ وقوع حيدرآباد نه هئي. دراصل رني ڪوٽ ئي نيرون ڪوٽ آهي. مان اها ڳالهه سؤ سيڪڙو يقين سان نٿو چوان، پر منهنجي اها راءِ انهن سياحن جي مطالعي ۽ مشاهدي تي مبني آهي ۽ اڃا وڌيڪ تحقيق ۽ تجزيي طلب آهي. اميد اٿم ته هت موجود دوست مؤرخ ۽ ٻيا ان ڏس ۾ سوچيندا ۽ تحقيق ڪندا.

حوالا

(1) ائنٽي ڪئٽيز آف سنڌ، هينري ڪزنس، صفحا 70-71.

(2) رني ڪوٽ، لارجيسٽ فورٽ ان پاڪستان. ليفٽيننٽ ڪرنل ڪي. اي. رشيد. ماهوار اقبال رويو اپريل 1965ع صفحو 40.

(3) قديم سنڌ، ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو، مرزا قليچ بيگ، سنڌي ادبي بورڊ، صفحو 51.

(4) جنت السنڌ، مولائي شيدائي، سنڌي ادبي بورڊ صفحو 768.

(5) رني ڪوٽ، لارجيسٽ فورٽ ان پاڪستان، ڪي. اي. رشيد، اقبال رويو، اپريل 1965ع صفحو 43.

(6) جنت السنڌ، مولائي شيدائي، سنڌي ادبي بورڊ، صفحو 766.

(7) رني ڪوٽ، لارجيسٽ فورٽ ان پاڪستان، ڪي. اي. رشيد، اقبال رويو، اپريل 1965ع صفحو 45.

(8) الخ صفحو 47.

(9) انڊس ويلي ائنڊ ارلي ايران، ايف .اي. خان، آثار قديمه کاتو، صفحو 17.

(10) بلوچستان جي مختصر تاريخ، مولائي شيدائي، صفحو 6.

(11) تاريخ تمدن سنڌ، مولائي شيدائي، سنڌ يونيورسٽي، صفحو 90.

(12) بلوچستان جي مختصر تاريخ، مولائي شيدائي، صفحو5.

(13) سنڌ، جنرل انٽروڊڪشن، ايڇ. ٽي. لئمبرڪ، سنڌي ادبي بورڊ، صفحو 52.

(14) سنڌ بفور مسلم ڪانڪئسٽ، ايڇ. ٽي. لئمبرڪ، سنڌي ادبي بورڊ، صفحو 72.

(15) الخ، صفحو 77.

(16) گيٽس آف انڊيا، ايڇ. ٽي. هالڊچ ۽ هسٽري آف انڊيا، ايم. ايلفنسٽن، بحواله تاريخ تمدن سنڌ شيدائي

(17) سنڌ، بفور مسلم ڪانڪئسٽ، ايڇ. ٽي. لئمبرڪ، سنڌي ادبي بورڊ، صفحو 128.

(18) الخ، صفحو 129.

(19) سنڌ، جنرل انٽروڊڪشن، ايڇ. ٽي. لئمبرڪ، سنڌي ادبي بورڊ، صفحا 55-56.

(20) اصحاب ڪهف، مولانا ابوالڪلام آزاد، ادبستان لاهور، صفحو 64.

(21) بلوچستان جي مختصر تاريخ، مولائي شيدائي، صفحو 12.

(22) اصحاب ڪهف، مولانا ابوالڪلام آزاد، ادبستان لاهور، صفحا 129 کان 134.

(23) فرام ڪانسٽينيٽينپول ٽو دي هائوس آف عمر خيام. پروفيسر اي. وي. وليم پڪنسن (ڪولمبيا يونيورسٽي) صفحو 62.

(24) سنڌ، بفور مسلم ڪانڪئسٽ ايڇ. ٽي. لئمبرڪ، سنڌي ادبي بورڊ، صفحو 88.

(25) قديم سنڌ، ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو، مرزا قليچ بيگ، سنڌي ادبي بورڊ، صفحو 80.

(26) سنڌ، عرب پيريڊ، ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ، سنڌي ادبي بورڊ، صفحو 346.

(27) هسٽاريڪل جاگرافي آف سنڌ، ايم. بي. پٿاوالا، سنڌالاجي، صفحو176.

(28) سنڌ، جنرل انٽروڊڪشن، ايڇ. ٽي. لئمبرڪ، سنڌي ادبي بورڊ، صفحو 155 ۽ ائنٽي ڪئٽيز آف سنڌ، هينري ڪزنس، آڪسفورڊ پريس، صفحا 3-4.

(29) ويسٽ پاڪستان گزيٽيئر، سنڌ ريجن، ايڇ. ٽي. سورلي، حڪومت مغربي پاڪستان، صفحو 05. هسٽاريڪل جاگرافي آف سنڌ، ايم. بي پٿاوالا، سنڌالاجي، صفحو207.

(30) جنت السنڌ، مولائي شيدائي، سنڌي ادبي بورڊ، شروعاتي صفحي تي نقشو.

(31) هندستان عربون ڪي نظر ۾، سيد سليمان ندوي، جلد 2، صفحو 126.

(32) هسٽاريڪل جاگرافي آف سنڌ، ايم. بي پٿاوالا، سنڌالاجي، صفحو 232.

(33) هسٽري آف انڊيا، ايليٽ ۽ ڊائوسن، جلد 1، صفحا 77-78.

(34) ائنٽي ڪئٽيز آف سنڌ، هينري ڪزنس، آڪسفورڊ پريس، صفحو 131.

--------

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com