301 ق.م کان پوءِ قديم دنيا هنن ٽن سلطنتن ۾
ورهايل هئي: اڀرندي واري سلطنت، الهندي واري
سلطنت ۽ وچ واري سلطنت. انهن سلطنتن جو همعصر
تاريخوار سلسلو هن ريت هو:
سال |
الهندي واريون |
وچ واريون |
اڀرندي واريون |
سنڌ جي صورتحال |
ٽين صدي ق.م. پهريان 75 سال. |
يورپ جون ننڍيون بادشاهتون ۽ مصر جا ٽالمي. |
سيليوڪس وارا. |
موريا. |
موريا سلطنت جو حصو. |
ٽين صدي ق.م. آخري 25 سال. |
مصر ۾ ٽالمي ۽ رومي سلطنت جي شروعات. |
سيليوڪس وارا ۽ پارٿين جي شروعات (47-248 ق.م.) |
موريا. |
موريا سلطنت جو حصو. |
184 ق.م. |
مصر ۾ ٽالمي ۽ يورپ ۾ رومي سلطنت جو پکڙڻ. |
سيليوڪس وارن ۽ پارٿين جو اقتدار حاصل ڪرڻ. |
باختر، موجوده پاڪستان، ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ گجرات ۾ باختري
يوناني. هندستان ۾ موريا سلطنت جي جاءِ تي
ننڍيون حڪومتون. |
باختري يوناني سنڌ فتح ڪن ٿا ۽ هاڻي کين هند - يوناني سڏيو
وڃي ٿو. |
145 ق.م. |
رومين جو يورپ ۾ پکڙجڻ ۽ ٽالمي مصر ۾. |
ايران ۾ پارٿيا. |
باختري - يوناني باختر ۾. موجوده پاڪستان، ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽
گجرات وغيره ايراضين ۾ هند - يوناني. |
سنڌ ۾ هند - يوناني. |
74 ق.م. |
رومي سلطنت. |
ايران ۽ بلوچستان ۾ پارٿيا. |
موجوده پاڪستان، ڪڇ، ڪاٺياواڙ جي ايراضين ۾ سٿيا. |
سٿين، هند - يونانين کي هارائي سنڌ تي قبضو ڪن ٿا. |
44 ق.م. |
رومي سلطنت. |
موجوده پاڪستاني ايراضيءَ ۾ (سنڌ ۽ ملتان کـان سـواءِ)
|
سنڌ، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ وغيره ۾ سٿيا. |
سنڌ ۾ سٿيا. |
46 ق.م. |
رومي سلطنت. |
پارٿيا. |
پارٿيا. |
سنڌ ۾ پارٿي، سٿيا تي فتح حاصل ڪن ٿا. |
78 عيسوي. |
رومي سلطنت. |
پارٿيا. |
ڪشن (لاڙ تي پارٿين جي حڪومت). |
ڪشن اتر سنڌ ۾، ۽ سٿيا لاڙ ۾. |
140 عيسوي. |
رومي سلطنت. |
پارٿيا. |
ڪشن. |
اتر سنڌ ۾ ڪشن. |
230 عيسوي. |
رومي سلطنت. |
ساساني. |
ڪشن. |
سنڌ ۾ ڪشن. |
400 عيسوي. |
رومي سلطنت. |
ساساني. |
گپتا. |
سنڌ ۾ وهليڪا. |
پنجين صديءَ جي آخر ۽ ڇهين صدي جي شروعات. |
بازنطيني يا اوڀر رومي سلطنت. |
ساساني. |
هـُـنَ، گپتا سلطنت جو خاتمو ڪن ٿا. |
سنڌ ۾ راءِ گهراڻو. |
ڇهين صدي عيسوي. |
بازنطيني يا اوڀر رومي سلطنت. |
ساساني. |
ننڍي کنڊ ۾ آزاد حڪمران. |
سنڌ ۾ راءِ گهراڻو. |
ستين صدي عيسويءَ جو پهريون اڌ. |
اوڀر بازنطيني يا اوڀر رومي سلطنت. |
عرب سلطنت. |
هارشيا سلطنت. |
سنڌ ۾ راءِ گهراڻو. |
هڪ اهم رستو
نقشي نمبر: 1 جي ڏسڻ سان معلوم ٿيندو ته کيرٿر جي ٽڪرين مان هڪ
رستو نڪري قلعي جي اولهه تائين اچي ٿو. اهو رستو
پٿر جي نئين دؤر جي زماني جو آهي، يعني اڄ کان گهٽ
۾ گهٽ 8000 هزار سال اڳ استعمال ٿيندو رهندو هو.
سنڌ ۾ قديم آثارن جي ڳولا ڪندي مجمدار کي انهيءَ
رستي تي ڪيترائي قديم آثار ڏسڻ ۾ آيا هئا، جن مان
ڪي هي آهن: جهانگڙي، درواٽ، بچاڻي، عثمان بـُـٺي،
احمد شاهه، عارب جو ٿاڻو، شاهه جو، ڪوٽراس بـُـٺي،
کجر، ڪرچاٽ، پوڪراڻ، ڍل ڪـُـوڙو،واهي پانڌي،
جهانگارا، منڇر ڍنڍ ۾ ڪي آثار، شاهه حسن، لاهري،
لاکيو وغيره. اهو رستو آمري دؤر کان اڳ به (3500
ق.م) استعمال ٿيندو هو. انهيءَ رستي جي ڪري ڏکڻ -
اولهه سنڌ ۽ مڪران، اتر سنڌ سان ڳنڍيل هئا، جتان
وري اهو رستو مـُـولا ۽ بولان دڙن کان افغانستان ۽
وچ ايشيا تائين ٿي ويو. سن 1839ع ۾ پهرين افغان
جنگ جي وقت انگريز فوجن اهو رستو استعمال ڪيو هو.
چارلس ميسن به بلوچستان ۽ افغانستان واري پنهنجي
پهرئين، ٻئي ۽ چوٿين سفر ۾ (1828ع کان 1834ع
تائين) ڪراچيءَ کان قنڌار ويندي اهو رستو استعمال
ڪيو هو. هو منڇر جي پرينءَ ڀر ڇني، جوهي، ورجهي،
حمل، غيبي ديرو، جهل منگسي، گنداوا، قلات، مستونگ،
ڪوئٽا ۽ چمن مان ٿيندو قنڌار پهتو هو. گنداوا مان
هڪ ٻيو رستو ڍاڍر ۽ بولان دڙي مان ٿيندو ڪوئٽا
ڏانهن وڃي ٿو. اهي رستا 3500 ق.م کان اڳ ۾ به
موجود هئا، جيئن آثار قديمه هينئر ثابت ڪيو آهي.
پنجند کان هيٺ سنڌو درياءَ جي ميدانن ۾ ڪو به رستو مستقل طور
مقرر نه ٿي سگهيو ٿي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ ايراضيءَ ۾
درياء ميدانن مٿان وهندو درياءَ جي ٻنهي پاسي ويهن
ميلن جي ويڪر ۾، ايراضي ٻوڙيندو ويندو هو، پر جڏهن
انگريزن ٻوڏ کان بچاءَ جا بند ٻڌايا ته ان کان
پوءِ ئي سنڌ جي ميدانن ۾ مستقل رستا ٺهي سگهيا. ان
هوندي به سنڌو درياء اڪثر پنهنجو وهڪرو ڦيرائيندو
رهيو ۽ ان جي ٻوڏ جو پاڻي انهن ويهن ميلن جي
ايراضيءَ کان به ٻاهر نڪري ويندو هو ۽ تنهنڪري
جابلو رستو ئي مستقل رستو هو. سن 150 ق.م کان سن
100 عيسويءَ جي عرصي ۾ سنڌو درياء جي بندر
باربريڪان (ڀنڀور؟) ايشيا ۾ هڪ اهم بندر جي حيثيت
حاصل ڪئي. ذڪر ڪيل رستو موجوده شهرن جهڙوڪ
جهانگڙي، جهمپير، جنگشاهي، گجو ۽ گهاري مان ٿيندو
باربريڪان تائين ويندو هو. جيئن ته سنڌو درياءُ
ڪينجهر ڍنڍ سان ڳنڍيل هو، تنهنڪري جهمپير مان
ٻيڙيون سڌيون باربريڪان وڃي سگهنديون هيون، جيڪو
اتان 45 ميل پري هو.
ايشيا جو هڪ تمام اهم بندر باربريڪان (ڀنڀور)
اميرالبحر اسڪائلس (514-517 ق.م) جو پشاور کان سنڌو درياء جي
منهن تائين بحري سفر ۽ اُتان کان ڳاڙهي سمنڊ جي
سري تائين سامونڊي سفر، سڪندر جي اميرالبحر
(524-525 ق.م) جو پٽالا کان فرات درياء تائين سفر،
مصر جي بادشاهه ٽالمي
I
سارٽر (285-317 ق.م) جو فرعون نيڪو
II
جي واهه کي ٻيهر جاري ڪري نيل نديءَ کي ڳاڙهي سمنڊ
سان ڳنڍڻ ۽ سندس زماني جي جهازران فلپ جي ڳاڙهي
سمنڊ ۾ تفتيش ڪرڻ، ٽالمي
II
فلاڊيلفس جي طرفان آرسنس ۽ برنس جا بندر ٺهرائڻ ۽
ٽالمي
III
يوريجيٽس
II
(246-177 ق.م) جي حڪم مطابق يوڊڪسز جو مصر کان
ننڍي کنڊ تائين سفر ڪرڻ جي ڪري، يوناني سلطنت توڙي
اڀرندڙ رومي سلطنت جا واپاري ناتا ننڍي کنڊ سان
شروع ٿي ويا. جيئن ته جهازن کي سمنڊ جي ڪناري سان
لڳ سفر ڪرڻو پوندو هو، تنهنڪري ننڍي کنڊ جي ويجهي
۾ ويجهو بندر باربريڪان (ڀنڀور) ترقي ڪري سڄي
ايشيا جي واپاري شين جو هڪ تمام اهم تجارتي
گذرگاهه ٿي پيو،جتي وچ ايشيا، چين (سنڪيانگ جي
رستي) ۽ اتر - اولهه ننڍي کنڊ مان ان سامان جا
ڀريل جهاز اچي لنگر هڻندا هئا. گنگا نديءَ جي ماٿر
مان پڻ تجارتي سامان خشڪيءَ رستي ستلج نديءَ مان
پار ڪري جهازن ۾ سنڌو درياءَ جي رستي باربريڪان
ڏانهن آندو ويندو هو، باربريڪان ۾ گرم مصالحو
ملبار بندر تان آندو ويندو هو، جتي ڪيترن ئي ملڪن
جا ماڻهو رهندا هئا. اهو ئي سبب آهي جو ان شهر کي
پرديسين جو شهر سڏيو ويندو هو، جيئن ان جي نالي
مان ظاهر ٿئي ٿو. ان زماني ۾ سنڪيانگ جو شهر کوٽان
(Khotan)
خاص ڪري چيني ريشمي ڪپڙي جو هڪ اهم تجارتي مرڪز ٿي
پيو هو. کوٽان مان واپاري سامان بڪٽيريا (بلخ)
اُماڻبو هو، جتان اهو اليگزينڊرو پولس (قنڌار) مان
ٿيندو، خشڪيءَ رستي باربريڪان ايندو هو. اهو رستو
سنڌ جي ڪاڇي مان ٿي جهانگارا کان جبل جو رستو وٺي
جهمپير رستي ڀنڀور تائين رائج هو.
رومي سلطنت جي عروج ۽ مصر جي آخري سليوڪسي ۽ ٽالمي حڪومتن جي
زوال سان رومي سلطنت وڌندي ڪئپسين سمنڊ توڙي ڳاڙهي
سمنڊ تائين پهچي وئي. اهڙيءَ ريت رومي سلطنت پراڻي
دنيا جي هڪ اهڙي عظيم، شاهوڪار ۽ تمام طاقتور
سلطنت ٿي پئي هئي، جنهن جو مقابلو رڳو اڻويهين
صديءَ جي انگريزي سلطنت سان ئي ڪري سگهجي ٿو.
رومين کي مشرقي ملڪن مان عيش عشرت جي هر ڪا شيءِ
گهربل هئي، تنهنڪري باربريڪان مان چيني، تبتي کلون
۽ پشمي پوستين، ململ، عطر، عنبر، مشڪ، موتي،
فيروزا، لوهه، چيني نسل جون ڪچيون ۽ رڱيل کلون،
گرم ڪپڙو، شينهن، چيتا، واگهه، تبتي شڪاري ڪتا، هڪ
سنڱ وارا جانور، (Rhinoceroes)
تبت، گلگت ۽ اتر - اولهه چين جي هرڻ جي مشڪ، کنڊ
جا دوا طور استعمال ٿيندي هئي، قيمتي پٿر، سليماني
پٿر، فيروزه (Beryl)،
پٽالا سنڌ جي ڀرسان پيدا ٿيندڙ سرهي ٻوٽي، منهن کي
لڳائڻ جي هڪ پيلي پيسٽ (Lycium)،
سپ (Oysters)،
لوبان (Frankincense)،
ياقوت (Topaz)،
مرجان (Coral)،
هندستاني جانور، هاٿي، هندستاني طوطا، ڀولڙا، سنگ
ٻڌيا (Conchylia)،
لاک (Sandyx) جا ڳاڙهي رنگ رنڱڻ ۾ استعمال ٿيندي آهي، سرڪي (ginger)جو
گاهه، عاج،سـُـرڻا، واڳون، سانڊا، نانگ، ڳوهون،
ريشمي ڌاڳو، لاک جو رنگ، مصالحا، سـُـرهاڻ ۽ سرها
تيل، ڳاڙهيون ۽ ڪاريون مرچون، ڏکڻ هندستان جا سرها
تيل وغيره، ميندي، کؤنر، ريوند چيني، کنڊ، نير،
سوٽي ڪتان (ڪپڙو)، شيشم (پنجاب ايراضيءَ مان)،
ديودار (ڪاٺ)، سڪل ميوو (افغانستان مان)، اناج
جهڙوڪ چانور ۽ ٻاجهري، گگر، گيهه، افغانستان جا
زمرد ۽ لاجور (Lapis
Lazuli)
۽ هندوڪش جا فيروزا جهازن ۾ ڀري اوڏانهن اُماڻبا
هئا. موٽ ۾ باربريڪان ۾ وري يوناني يا يورپي
عورتون، رنگ برنگي خاص ڪري ڳاڙها مرجان، مصر جو
تصويرن وارو ڪپڙو، شراب، لوبان، چانديءَ جا ٿانوَ،
سلاجيت (Storax)جواهرات،
لڙاٽيل شيشو ۽ سڪن وغيره جي صورت ۾ سونيون سرون،
پتل، شيهو، لوهه، سينکيو (Arsenic)،
سندر (Red
lead
)، چاندي ۽ سون جا سڪا درآمد ٿيندا هئا.
ان سموري قيمتي تجارتي سامان جو وڏو حصو راڻي ڪوٽ جي الهندي
پاسي کان تجارتي رستي تان ايندو هو ۽ اهو قلعو
يقيناً ان راهه جي حفاظت خاطر ٺاهيو ويو هوندو.
قلعي جي فوجي اهميت
هن وقت سنڌو درياءُ قلعي کان 18 ميل پري آهي. سال 150 ق.م ۽
سال 100 عيسويءَ جي وچ ۾اهو پنهنجي موجوده پيٽ کان
18-20 ميل اوڀر يعني قلعي کان اٽڪل 36-38 ميل پري
اڀرندي طرف وهندو هو، جيئن نقشي ۾ ڏيکاريل آهي.
تنهنڪري درياءَ وٽان حملي ٿيڻ جو امڪان نه هو، ڇو
ته پشاور کان وٺي هيٺ گجرات ۽ بروچ تائين اتر -
اولهه ننڍو کنڊ باخترين، يونانين، پارٿين ۽ سٿين
جي قبضي ۾ هو ۽ پوري ننڍي کنڊ ۾ ڪير به سندن
مقابلي ۾ نه هو. جيڪڏهن اهڙو حملو ٿئي ها ته حملي
ڪندڙ فوج کي پهرين اٽڪل 15-16 ميلن اندر ته پاڻي
ملي سگهي ها، جنهن کان پوءِ ان کي پاڻيءَ جو ڦڙو
نه ملي سگهي ها، تنهنڪري گهوڙيسوار فوج جي نقل
وحرڪت توڙي قلعي جو گهيرو هڪ تمام مشڪل ڪم ٿي پوي
ها، ڇاڪاڻ ته گهوڙا اُڃ ۾ ئي مري وڃن ها. ان صورت
۾ قلعي تي الهندي واري رستي تان ئي حملو ٿي سگهيو
ٿي. اهڙن حملن کي نظرانداز ڪري نٿو سگهجي. اهو
رستو ٽڪرين جي هڪ سوڙهي لڪ مان اچي ٿو، جيڪو ڪن
هنڌن تي ته مورڳو 50 فوٽ ويڪرو آهي. ان جو گهڻو
مفاصلو اهڙو آهي، جيڪو تيرڪمان جي زد ۾ اچي ٿو.
رستي جي ٻنهي پاسن کان ٽڪريون گهڻيون اوچيون
ڪونهن. پاڻي خاص خاص جاين تي ملي ٿو، جيتوڻيڪ
انهيءَ سڄي رستي جي ڀرسان زمين هيٺ چشما موجود
آهن. جيڪڏهن حملو ڪندڙ فوج منڇر کان حملو ڪري قلعي
جي الهندي پاسي قلعي طرف 30 ميلن جو فاصلو طئي ڪرڻ
کان پوءِ ان فوج کي يڪدم روڪي سگهجي ها. انهيءَ
رستي تان قلعي تائين پهچي سگهجي ٿو، پر قلعي کان 8
۽ 16 ميل پري اتر طرف ٻـن هنڌن تي ڏاڍو سوڙهو ۽
اڻانگو رستو آهي. جيڪڏهن حملو ڪندڙ فوج اهو رستو
وٺي قلعي جي اڳيان لنگهي دروات تائين پهچي ته ان
لڪ وٽ فوج کي سولائيءَ سان روڪي سگهجي ٿو، جيڪو
رڳو 300 فوٽ ويڪرو آهي، تنهنڪري ٽڪريءَ واري پاسي
کان حملو ڪندڙ فوج کي ڪاميابي حاصل ڪرڻ جو شايد ئي
ڪو موقعو ملي ها.
افسوس آهي ته قلعي جي انهن سڀني فائدن جي هوندي به، هر صديءَ ۾
گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو ان جي دروازن کي برساتن ۾ سخت
نقصان پهچندو هو، جنهنڪري ظاهر آهي ته ان جو
استعمال گهٽ ٿيندو هو.
مٿي ڏنل ٻن تفصيلن ۽ حاڪم گهراڻن جي تاريخوار سلسلي جي مطالعي
مان معلوم ٿئي ٿو ته:
1. سال 184 ق.م ۾ جڏهن باختري يونانين ننڍي کنڊ جي اُلهندي وارا
حصا فتح ڪيا، تڏهن سندن هموطن جي هڪ ٻئي گهراڻي
باختر (بلخ) تي قبضو ڪيو. تنهنڪري انهن هندستاني
باخترين يا هندي يونانين تي اتر جي طرفان لاڳيـتا
حملا ٿيندا رهيا. جيئن ته سندن گاديءَ جو هنڌ
ٽئڪسيلا جي ويجهو هو، تنهنڪري هتي کيرٿر جي ٽڪرين
۾ هڪ قلعو جوڙائڻ جي بدران هنن کي خيبر جي دڙي جي
حفاظت ڪرڻي پئي هوندي.
2. 145 ق.م ڌاري انهيءَ سلطنت جي اڀرندي پاسي وارا حصا سليوڪيسن
کان پارٿين فتح ڪيا هئا ۽ سليوڪسي پاڻ عراق ۽ شام
ڏانهن واپس هليا ويا هئا. پارٿين جي سلطنت ۾ اولهه
بلوچستان جو وڏو حصو شامل هو. اهڙين حالتن ۾ اهي
هندي يوناني پنهنجين اولهه وارين حدن تي قلعن
ٺهرائڻ لاءِ مجبور هئا.
3. 80-90 ق.م ڌاري اپولو ڊوٽس جي مرڻ کان پوءِ سٿيا سنڌ فتح ڪرڻ
جي لاءِ نڪتا. چون ٿا ته اپولوڊوٽس جا ٽي پـُـٽ
ذوئيلس ڊايوني سيئس ۽ اپولو فينس ۽ سندن سؤٽ مڪران
جي ٽڪرين ۾ انهن حملي ڪندڙن سان وڙهندي مارجي ويا
هئا، پر سٿيا قنڌار مان بولان دڙي کان آيا ۽ پهرين
سنڌ کي تباهه ڪندا، پوءِ پنجاب ڏانهن وڌي ويا.
جيئن ته اُن وقت مڪران پڻ پارٿين جي قبضي ۾ هو،
تنهنڪري اُهي ٽڪريون، جن ۾ چيو وڃي ٿو ته اها جنگ
لڳي هئي، قلعي جي ويجهڙائيءَ ۾ کيرٿر جون ٿي سگهن
ٿيون ۽ نه مڪران جون، جيڪي ان رستي کان پري هيون،
جتان سٿين حملو ڪيو هو.
4. 44 ق.م ڌاري پارٿين جي قبضي ۾ سمورو بلوچستان، پنجاب ۽ سرحد
جو علائقو اچي ويو هو. رڳو سنڌ، گجرات ۽ ڪڇ تي
سٿين جو قبضو هو. جيڪڏهن هندي يونانين قلعو نه
ٺهرايو هوندو ته ان وقت تائين سٿيا انهيءَ قلعي کي
ٺهرائڻ تي مجبور ٿيا هوندا.
5. 14 ق.م ڌا ري سٿين جي طاقت گهٽبي وئي ۽ سندن جاءِ تي پارٿيا
قوت حاصل ڪندا ويا، جن 46 عيسويءَ ڌاري سنڌ تي
قبضو ڪيو. اهڙيءَ ريت سٿين ٻين 30 ورهين جي لاءِ
سنڌ تي حڪومت ڪئي. پارٿي پنهنجيءَ حڪومت جي ان 30
ورهين جي مختصر عرصي ۾ اهو قلعو ڪو نه ٺهرائي
سگهيا هوندا، جنهن ۾ سندن حيثيت ٻيءَ صورت ۾ پڻ
ڪشن جي حملي جي ڪري خطري ۾ پئجي وئي هئي.
6. 78 عيسويءَ ڌاري اتر - اولهه ننڍي کنڊ جي وڏي حصي تي ڪشن
گهراڻي جو قبضو ٿي ويو. رڳو سنڌ جو لاڙ وارو حصو
پارٿين جي قبضي ۾ هو. انهيءَ عرصي ۾ به اهو قلعو
تعمير ٿي نه سگهيو هوندو.
7. ساساني 283 کان 356 عيسويءَ تائين سنڌ تي قابض رهيا. سندن
الهندي سرحد تي هنن جي زبردست دشمن رومي سلطنت
هئي، پر اڀرندي سرحد تي ڪو به سندن مقابلو ڪرڻ
وارو ڪو نه هو. هنن اتر سنڌ تي 72 سالن جي عرصي
تائين نالي ماتر حڪومت ڪئي ۽ شايد ڏکڻ سنڌ ان وقت
سٿين جي قبضي ۾ هئي ۽ هنن کي ههڙي قلعي ٺهرائڻ جي
ضرورت نه هئي، خاص طرح جڏهن راڻي ڪوٽ وارو علائقو
سندن قبضي ۾ نه هو.
8. اهڙيءَ طرح ان نتيجي تي پهچي سگهجي ٿو ته اهو قلعو يا ته
هندي باختري يونانين 945 کان 90 ق.م جي وچ ڌاري
ٺهرايو هوندو يا وري 74 ق.م کان عيسوي سن جي
شروعات واري عرصي ۾ سٿين جوڙايو هوندو. اهو زمانو
اُهو آهي جڏهن باربريڪان مان وڏي پئماني تي تجارتي
ڪاروبار ٿيندو هو. ان قلعي مان ضرور ان جابلو رستي
جي حفاظت ڪئي ويندي هوندي، جيڪو نه رڳو حملي ڪرڻ
لاءِ هو، پر هڪ مستقل بنياد تي قائم ٿيل تجارتي
رستو پڻ هو.
(مترجم: مراد علي مرزا)
--------
موهن جو دروازو |