مشتاق باگاڻي
رني ڪوٽ
رني ڪوٽ تي مضمون لکڻ رني پهاڙي سلسلي کي عبور ڪرڻ
کان گهٽ ٿڪائيندڙ ڪونهي. ماخذن ۽ مواد جي ايڏي ته
کوٽ آهي، جو اسان جي وڏن وڏن عالمن جي اک کان به
هي هيڏي ساري عظيم تاريخي اهميت واري جاءِ تقريباً
ترڪي وئي آهي. افسوس ته اهو آهي، جو اسان جون سڀئي
مشهور تاريخون هن سلسلي ۾ خاموش آهن. وڏي ڳالهه ته
ليمبرڪ ۽ سورلي جهڙن عالمن ۽ محققن کان به هيڏي
ساري تاريخي حقيقت رهجي وئي.
ويجهڙائيءَ ۾ جن به عالمن رني ڪوٽ تي ٿورو گهڻو
لکيو، تن ۾ ڪرنل خواجه عبدالرشيد جي مقالي جو سنڌي
ترجمو مهراڻ 3 - 1967ع ۽ جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ (ڪلام فقير نواب ولي محمد خان لغاري) قابل
ذڪر آهن.
محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ قلعي جي تعمير
ٽالپوري دور جي ڪامياب سپهه سالار ۽ سنڌ جي ممتاز
وزير اعظم، نواب ولي محمد خان لغاري ڏانهن منسوب
ڪئي آهي. ڪلام فقير نواب ولي محمد خان لغاري جي
صفحي82 تي ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو ته سن 1819ع ۾ قلعي
جو ڪم پورو ٿيو. اندرين ننڍي قلعي جو نالو شيرڳڙهه
رکيو ويو ۽ سڄي قلعي جو نالو علي آباد تجويز ٿيو،
مگر نئن رني جي لحاظ سان عوام ۾ رني ڪوٽ جي نالي
سان مشهور ٿيو. اوچتو شڪارپور ۾ شاهه شجاع جي اچڻ
سببان نواب ولي محمد خان کي مير صاحبن حيدرآباد
گهرائي ورتو، تنهنڪري موريءَ هيٺان لوهي دروازن جو
ڪم رهجي ويو. انگريزن ۽ افغانن جي سازش سبب نواب
صاحب جي زندگيءَ جا پويان ڏهه سال زياده تر سياسي
معاملات سلجهائڻ ۾ صرف ٿيا ۽ رني ڪوٽ جي دروازن جو
ڪم ائين ئي رهجي ويو. هي قلعو مير ڪرم علي خان ۽
مير مراد علي خان ئي نواب ولي محمد کي مشورو ڏئي
ٺهرايو.
بيشڪ نواب ولي محمد خان کي سنڌ سان بي حد پيار هو
۽ فوجي حڪمت عمليءَ جي لحاظ کان هن ڪيترائي
ڪارناما ڪيا. ٻاهرين حملن جي بچاءَ خاطر هن پنهنجي
فوج لاءِ سنڌ جي سرحدن تي ڪيترائي ڪوٽ ۽ قلعا
ٺهرائي فوج کي چوڪس ڪيو ۽ ان ئي بنياد تي اها راءِ
قائم ڪئي وئي ته هي قلعو به ان ئي ٺهرايو هوندو.
پر ڪن عالمن جهڙوڪ محترم جي. ايم. سيد، محترم حسام
الدين راشدي ۽ جويي صاحب ان ڳالهه جي مزيد تحقيق
تي زور ڏنو ۽ اها راءِ قائم ڪئي ته هي ڪوٽ ميرن جي
دور کان بهرحال گهڻو اڳ ٺهرايل آهي. البت نواب ولي
محمد خان متعلق مشهور آهي ته هن رني ڪوٽ جي مرمت
ڪرائي، ميري ڪوٽ ۽ شير ڳڙهه وارا ننڍا قلعا تعمير
ڪرايا. نئن موئن جا دروازا ۽ ان جي ڀر وارا برج پڻ
هن جي ئي ڪارنامي جو اهڃاڻ ٿا ڏين.
مير حسن خان ٽالپور متوفي 1909ع پنهنجي شاهه نامي
(سنڌي مثنوي) ۾ رني ڪوٽ جي تعمير مير ڪرم علي خان
(مير مراد علي خان سان شامل) 1227 هجري کان 1244
هجريءَ جو ڪارنامو ڄاڻايو آهي، جنهن تي ان زماني ۾
سترنهن لک رپيا خرچ آيو.
سنڌ گزيٽيئر، جنهن کي اي. ڊبليو هيوز 1876ع ۾
ترتيب ڏنو، هن پڻ اها راءِ قائم ڪئي هئي ته هي
قلعو پڻ ٽالپور ميرن هلندڙ صديءَ جي شروعات ۾
تعمير ڪرايو هو، جنهن تي ٻارنهن لک خرچ آيو هو، جو
پوءِ سن نديءَ جي وهڪري بدلائڻ ڪري استعمال نه ڪيو
ويو.
بمبئي آرميءَ جي ڪئپٽن ڊلهائوسي، جيڪو 1839ع ۾ ان
سيڪٽر جو اسسٽنٽ ڪوارٽر ماسٽر جنرل هو، تنهن جي
رپورٽ مطابق رني ڪوٽ مير ڪرم علي ۽ سندس ڀاءُ مير
مراد علي 1812ع جي لڳ ڀڳ ٺهرايو ۽ ان تي ٻارنهن لک
رپياخرچ آيو. سن ندي، جا قلعي جي اندرئين پاسي
وهندي هئي، 1827ع ۾ رخ ڦيرائي وئي ۽ قلعي جي اتر
الهندي ديوار جو ڪجهه حصو ڪيرائي وڌائين، تنهنڪري
هي قلعو استعمال نه ڪيو ويو.
ڪرنل خواجه عبدالرشيد مٿين ڳالهين کي هيٺيان دليل
ڏئي رد ڪيو ته: قلعي تي ٻارنهن لک رپيا نه پر گهٽ
۾ گهٽ ٻه ڪروڙ رپيا خرچ آيو هوندو ۽ گهٽ ۾ گهٽ ٻن
هزارن ماڻهن کي ٻه سال متواتر ڪم تي لڳايو ويو
هوندو، جا ڳالهه ميرن جي وس کان ٻاهر هئي، جن جي
ڪل سالياني آمدني پنجٽيهه لک کن مس هوندي.
هن قلعي جي آڳاٽي اڏاوت بابت هيٺيان دليل ڏنا آهن،
جي مان هوبهو نقل ڪريان ٿو:
1. قلعي جي ديوار ۾ رکيل ڳڙکيون ۽ شگاف، جن مان
هيٺ حملي آور تي ڪي جنگي شيون پٿر ۽ تير وغيره
ڦٽيون ڪبيون هيون، توپ ۽ بارود جي زماني کان اڳ جا
نشان آهن ۽ اهي تير ۽ ڪمان واري جنگ جي زماني لاءِ
ڪارآمد هئا.
2. قلعي جي ٻاهرين نانگ وانگر ور وڪڙ کائيندڙ
ديوار، جنهن ۾ مستطيل منارا وڌل آهن، تنهن جو رواج
ڏهين عيسوي صديءَ کان اڳ ۾ هو.
3. اڀرندي دروازي کي آمري دروازي جو نالو ڏنو ويو
آهي، سو ڏيکاري ٿو ته قلعو جڏهن تعمير ٿيو، تڏهن
آمري اڃا بلڪل اوج تي هئي ۽ جيئن گذريل صديءَ ۾
زمين دوز ٿي وئي، ائين نه آهي.
4. ميري قلعي ۾ نقاشي سٿين جي ڪاريگريءَ جو نمونو
آهي.
5. سن دروازي تي، لنگهه جي اندرئين طرف گنبذي وضع
جي جيڪا اڏاوت آهي، سا سٿين يا ساساني دور سان
تعلق رکي ٿي.
6. چين جي عظيم ديوار ۽ رني ڪوٽ ۾ تمام گهڻي
مشابهت آهي، جا قديم تعميري دور تي دلالت رکي ٿي.
هيٺيان دليل ڏئي هن قلعي جي تعمير جو فيروز شاهه
تغلق واري دور ۾ ٺهڻ تي شڪ ڏيکاري سٿين اڏاوت جو
ڪارنامو ظاهر ٿو ڪري.
سڪندر لاءِ چوي ٿو ته هو ٿورو عرصو سنڌ ۾ رهيو ۽
حمله آور هو، تنهنڪري هن نه ٺهرايو هو.
هاڻي ڳالهه واضح آهي ته فيروز شاهه تغلق جا ته سنڌ
۾ چڱيءَ طرح پير ئي ڪو نه کـُـتا هئا. هو ٻه ڀيرا
سنڌ تي ڪاهي آيو ۽ ٻئي ڀيرا هارايائين. آخر اُچ جي
پيرن کي وچ ۾ آڻي سنڌي حڪمرانن سان دولاب سان ٺاهه
ڪري، مڙئي پنهنجو شرم پرچايائين. هن پويان ڄام
تماچي ۽ ڄام توڳاچيءَ کي ڇڏيو، جن به پوءِ جلد کيس
ڏن ڏيڻ بند ڪيو. ان مان واضح آهي ته هي هيڏي ساري
پربت جيڏي تعمير فيروز شاهه تغلق جي ٿي نٿي سگهي.
هاڻي اچون ٿا سٿين ۽ ساسانين جي دور تي. سٿين جو
دور سنڌ ۾ ڪل هڪ سؤ ستر سال رهيو. (120 ق.م کان
350 تائين) هو بولان لڪ کان سنڌ ۾ داخل ضرور ٿيا ۽
اتر سنڌ ۾ بيٺڪون قائم ڪيائون ۽ سندن وجود ڪري لاڙ
علائقو سڪا ديپا سڏيو، جيئن لئمبرڪ ۽ مولائي
شيدائي لکن ٿا. هاڻي سوال آهي ته سؤ ستر سالن جي
عرصي ۾ هنن هي قلعو ڪيئن ٺهرايو؟ جڏهن ته هڪ
يوناني واپاريءَ جي سفر نامي مطابق سنڌ ان وقت
پرٿين شهزادن ذريعي هلائي ويندي هئي، جيڪي هر وقت
هڪ ٻئي جي پاڙن پٽڻ ۾ مصروف هئا.
هاڻي اچون ٿا ساسانين جي دور تي، هنن جا سنڌ ۾ ٽي
دور رهيا آهن. پهريون اندازاً 226ع کان 350ع
تائين، يعني 124 سال، ٻيو دور 400 کان 450ع تائين
يعني 50 سال ۽ ٽيون دور 500ع کان 550ع تائين يعني
50 سال. پوين ٻن دورن ۾ پنجاهه- پنجاهه سالن جو
وقت ڀڃ ڊاهه ۾ ئي پورو ٿيو هوندو. باقي پهرين دور
226ع کان 350ع متعلق به ڪو واضح مواد موجود نه
آهي، ۽ ساسانين جا هڪ ٻئي پٺيان ٽي دور ثابت ٿا ڪن
ته کين به ڪو سک جو ساهه ڪو نه کڻڻ ڏنو ويو. جيئن
۽ جڏهن به مقامي ماڻهن کي موقعو مليو ٿي، تيئن
پنهنجي همٿ سان يا ٻاهرين جي مدد سان کين هڪالي
ڪڍيو ويو. اهڙي ڀڄ ڀڄان واري حالت ۾ هو ڪيئن ٿي
ههڙيون پناهه گاهون ٺاهي آرام سان حڪمراني ڪري
سگهيا؟ جڏهن ته هو هڪ ٻئي سان ئي وڙهيا پيا هوندا
هئا.
سنڌ جا ڪي عالم هن قلعي جي تعمير ايران جي ڪياني
بادشاهن جو ڪارنامو ڄاڻائين ٿا، جيتوڻيڪ ان ڳالهه
جي اڃا پڪي تصديق نه ٿي آهي، پر ان هوندي به
ليمبرڪ موجب سنڌ 518 ق - م کان 330 ق - م تائين
ايران جي ڪياني خاندان جي قبضي ۾ رهي.
انسائيڪلو پيڊيا برٽنيڪا موجب ڪياني بادشاهن ايران
تي 559 ق.م کان 331 ق.م تائين حڪومت ڪئي. سندن ڪل
ٻارنهن بادشاهه ٿيا، جن مان سائرس 11 (great)
دارا اعظم ۽ بهمن کي گهڻي شهرت ملي. سائرس 11 هن
گهراڻي جي بادشاهت جو بنياد وڌو. آخري بادشاه دارا
ٽيون سڪندراعظم سان جنگ ڪندي 331 ق - م ۾ قتل ٿي
ويو.
هاڻي جيڪڏهن لئمبرڪ موجب ڪياني بادشاهن جي حڪومت
سنڌ تي اٽڪل پوڻا ٻه سؤ سال کڻي مڃجي، تڏهن به
ايرانين، جن کي سنڌ هٿ ڪرڻ ۾ تيرهن مهينا لڳا هئا
۽ هتي وک وک تي سندن زبردست مقابلو ٿيو هو، تن کي
سک جو ساهه کڻڻ ڪو نه ڏنو هوندائون. ان کان سواءِ
سنڌ جي تاريخ ۾ اهڙيون علامتون موجود آهن ته بهمن
بادشاهه کان پوءِ سنڌ ايرانين کان خودمختياري حاصل
ڪري ورتي هئي، جنهن جي پٺڀرائي ليمبرڪ جي ان بيان
مان ٿئي ٿي ته سڪندر جي آمد وقت سنڌ ۾ ڪو به
ايراني آفيسر موجود ڪو نه هو. تيرهن مهينن جو عرصو
يقيناً ڪن زبردست طاقتور دفاعي قلعن وسيلي ئي
گذاري سگهجي ٿو. دارا اهو حملو پنهنجي امير البحر
اسڪائلئڪس ذريعي ڪيو. جڏهن ته پشاور ۽ پنجاب کي
اثر ۾ آڻڻ لاءِ هن کي ڪا گهڻي دير ڪا نه لڳي، جيئن
پوءِ يونانين ڀيري ٿيو، ۽ 326 ق - م جڏهن
سڪندراعظم پنجاب ۾ داخل ٿيو ته ٽئڪسيلا جي والي
راجا آمڀي جنهن کي يونانين آمنعيز لکيو آهي،
پنهنجي پاڙيسري راجائن آمڀي سار ۽ پورس سان
ناسازائي ڪري اوڀاند نالي هڪ جاءِ تي هڪ وفد موڪلي
پنهنجي سموري فوج سندس حوالي ڪيائين، ۽ دعوت ڏئي
کيس ٽئڪسيلا وٺي آيو. بعد ۾ پورس سان جنگ وقت سندس
پنج هزار سپاهي به سڪندراعظم جي فوج سان شامل ٿي
پورس خلاف لڙيا. بهرحال پورس سان معاملو صاف ڪري
سڪندراعظم سنڌ ڏانهن وڌيو هو، ۽ سڪندر کي سنڌ فتح
ڪرڻ ۾ به سال کان وڌيڪ وقت لڳو هو.
ايرانين توڙي يونانين جي حملن وقت هي قلعو استعمال
ڪيو ويو يا نه، پر ان وقت هتي ڀرپور زندگي ضرور
گذري رهي هئي.
هاڻي سوال ٿو اٿي ته آخر اهو قلعو ڪنهن ٺهرايو؟ ۽
ڪڏهن ٺهرايو؟
عالمن جو رايو آهي ته موئن جي دڙي جي تباهيءَ کان
وٺي يعني 1500 ق-م کان اٽڪل 500 ق-م تائين سنڌ جي
تاريخ ۾ هڪ هزار سالن جو گيپ آهي. ان وچ ۾ رڳو
جئدرٿ جو نالو ملي ٿو، جنهن مهاڀارت واري جنگ ۾
ڪردار ادا ڪيو هو.
ظاهر آهي ته ان هزار سالن جي عرصي ۾ رڳو هڪڙو
حڪمران ته نه رهيو هوندو. سنڌ ضرور آزادي ماڻي
هوندي. مقامي حڪمرانيون قائم ٿيون هونديون. بهادر
قبيلن راڄ هٿ ڪيو هوندو، جن اڳتي هلي حملي آورن
سان سخت مقابلو ڪيو هوندو. مقابلي لاءِ پناهه
گاهون تعمير ڪيون هونديون.
اسان اڳي چئي آيا آهيون ته ايرانين کي سنڌ فتح ڪرڻ
۾ تيرهن مهينا لڳا. هڪ يوناني جاگرافيدان هڪيٽس ان
زماني ۾ هڪ شاهي قلعي (Royal
fort) جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪو سنڌو درياءَ جي ڀرسان اوپيائي (Opiai)
جي مقام تي واقع هو. هو وڌيڪ ڄاڻائي ٿو ته اوپيائي
جي مقام کان پرتي وڏو رڻ هو ۽ پوءِ هندستان.
لئمبرڪ لکي ٿو ته اهو هن ضرور ٻڌو هوندو ته ان کان
پوءِ انڊيا ئي آهي.
اهو ظاهر آهي ته اهڙن قلعن ۽ پناهه گاهن جي آڌار
تي ئي سنڌين تيرهن مهينا حملي آورن جو ۽ پنهنجو رت
وهائي مقابلو ڪيو هوندو، خوشيءَ سان سنڌ انهن جي
جهوليءَ ۾ نه وجهي ڇڏي هوندائون.
ان وقت سنڌ ۾ ڪنهن جي حڪومت هئي، ان جي ڪا به خبر
ڪانهي، پر سڪندر جي سنڌ ۾ اچڻ وقت سنڌ پنجن رياستن
تي مشتمل هڪ مملڪت هئي، جنهن ۾ پنج قبيلا راڄ ڪندا
هئا. اروڙ ۾ مسيڪنس، لاڙ وارو علائقو اڪسيڪنس،
سيوهڻ وارو علائقو سامبس، ڪوهستان وارو علائقو
اربتي ۽ برهمڻ آباد وارو علائقو پٽالا وارن وٽ هو.
انهن ۾ شهنشاهه ڪير هو؟ لئمبرڪ مسيڪنس قبيلي جي
حاڪم کي چيف ڪنگ تسليم ڪري ٿو، جڏهن ته سنڌ جا
مقامي عالم ان راءِ جا آهن ته سڪندر جي ڪاهه وقت
سنڌ جو والي سامبس هو. سندس لقب ڄام هو ۽ ديول،
پٽالا توڙي سيوهڻ سندس ماتحت هئا (تمدن سنڌ).
جيڪڏهن مٿيون رايو درست ٿو تسليم ڪجي ته مڃڻو ٿو
پوي ته سامبس ئي ان وقت چيف ڪنگ هو. ڪجهه به هجي،
مٿين قبيلن ۾ ان وقت باهمي اختلاف موجود ضرور هئا،
انهن پنهنجي وطن جي بچاءَ لاءِ رت ضرور وهايو، پر
اهو ڇڙو ڇڙ ۽ ڌار ڌار.
اسان جي خيال ۾ اهو رني ڪوٽ جو عظيم قلعو ان وقت
به موجود هو ۽ اها ايڏي وڏي پناهگاهه يقيناً مقامي
حڪمران ئي ٺهرائي سگهن ٿا. قومي جذبي جي لحاظ کان
۽ منهنجي خيال ۾ اهي سامبس ئي ٿي سگهن ٿا، جن کي
جويي صاحب سمن سان تعبير ڪيو آهي. باقي ان جو وقت
مقرر ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. 1500 ق.م. کان 500 ق.م.
تائين تاريخ نٿي ملي. 518 ق.م. جڏهن ايرانين حملو
ڪيو ته اسڪائليڪس جو تيرهن مهينن تائين مقامي
ماڻهن سان مقابلو هلندو رهيو، پر ان وقت به اها
خبر ڪانهي ته حڪمران ڪير هو. جڏهن 325 ق.م. سڪندر
آيو ته ايرانين جو ڪو نالو نشان به سنڌ ۾ ڪو نه هو
۽ هتي پنج مقامي قبيلا راڄ ڪري رهيا هئا.
اسان جي خيال ۾ سنڌ ۾ گهڻي عرصي کان وٺي مقامي
حڪمرانن جو راڄ به رهيو هوندو. جن ۾
Chief King
سامبس هو. گاديءَ جو هنڌ سنڊيمان هو. رني ڪوٽ جو
قلعو انهن ئي پنهنجي حڪمرانيءَ دوران ٺهرايو، جيڪو
ٿي سگهي ٿو بهمن بادشاهه کان پوءِ سنڌ جڏهن ايران
کان پلئه آجا ڪرايا هوندا، تڏهن مقامي ماڻهن همت
ڪري ٺهرايو. پوءِ اندروني اختلافن ۽ بيروني حملن
جي نتيجي ۾ هو ڇڙوڇڙ ٿي ويا ۽ ڌار ڌار حڪمرانيون
قائم ڪيائون.
ماخذات
1. History of Sindh،
Vol: II،
Sindh before Muslim conquest،
By:
H.T. Lambrick، Sindhi Adabi Board، Hyd 1973 A.D.
2. The Cambridge History of India Vol. I.
3. Iqbal Review Journal.
4. Sindh gazetteer، By: Huges 1876.
5. Encyclopaedia Britinnica (Relevant Vol).
6. ڪلام فقير نواب ولي محمد خان لغاري، مرتب:
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد
سنڌ.
7. ٽِه ماهي مهراڻ، 3-1967ع، سنڌي ادبي بورڊ،
حيدرآباد سنڌ.
8. سنڌ صدين کان، از: غلام محمد لاکو، گرامي
پبليڪيشن دولتپور صفن، ضلع نوابشاهه.
9. رحيمداد خان مولائي شيدائي، تمدن سنڌ،
سنڌالاجي، 1962ع
10. محمد ابراهيم جويو، شاهه سچل ۽ سامي (هڪ
مطالعو) س. ا. ڪ. س حيدرآباد 1978ع
---------
سن ڊيم
سيڪريٽري، ٻيلو کاتو،سنڌ.
ڪوهستان جا جانور
(1) سنڌ جون سڀئي ٽڪريون، سواءِ ڪن ٿورين جي،
واديء مهراڻ جي اولهه ۾ آهن. اولهه ۾ کيرٿر ۽ ڏکڻ
- اوڀر ۾ لڪيءَ وارين ٽڪرين جون قطارون اچي وڃن
ٿيون. انهن مان ننڍڙين ٽڪرين جي هڪ ٻي به ٽولي
نڪري ٿي، جيڪا ٺٽي کان ٿيندي ڪراچي ضلعي تائين هلي
وڃي ٿي. انهن جي اٽڪل روءِ پکيڙ 8500 چورس ميل
آهي، جيڪي اتر ۾ لاڙڪاڻي، دادو، ٺٽي ۽ ڪراچي ضلعن
تائين پکڙيل آهن. کيرٿر ٽڪرين جي مکيه قطار، جنهن
کي اڳ ۾ ”هالار“ جبل جي نالي سان سڏيو ويندو هو،
اها سنڌ جي اتر- اولهه ڪنڊ کان اٽڪل
28.55o
اتر ويڪرائي ڦاڪ کان شروع ٿئي ٿي ۽ ڏکڻ طرف صوبي
جي الهندي سرحد طرف
25.43o
ويڪرائي ڦاڪ ۾ اچي ختم ٿئي ٿي ۽ دادو ضلعي جي محال
ڪوهستان تائين هن سڄي علائقي جي جملي پکيڙ 150 ميل
آهي. لاڙڪاڻي جي اولهه تائين هن جي عام اوچائي چار
هزار فوٽن کان پنج هزار فوٽن تائين آهي، جڏهن ته
ڪي اهڙيون به چوٽيون آهن، جيڪي ذري گهٽ ست هزار
فوٽ اوچيون آهن. اهڙي هڪڙي مشهور مٿانهين چوٽي
”ڪـُـتي جي قبر“ آهي، جيڪا لاڙڪاڻي (قنبر-
شهدادڪوٽ) ۽ دادو ضلعن جي الهندي واري سنگم وٽ
آهي. انهيءَ ايراضيءَ ۾ ٻين ڪيترين ئي اوچين چوٽين
جو اهڙو سلسلو آهي، جيڪي موڪريون ۽ تراکڙيون
واديون ٺاهين ٿيون. اهڙو هڪڙو وڏي ۾ وڏو ٽڪر سنڌ ۽
بلوچستان جي وچ ۾ حدون نروار ڪري ٿو. اهڙي هڪڙي ٻي
اهم ٽڪرين جي قطار آهي ”لڪي“ ، جيڪا لڪي شاهه صدر
شهر ڀرسان سنڌو درياءَ کان شروع ٿئي ٿي، جتان اها
ٿورو ڏکڻ طرف ورُ کائي اسي ميلن تائين اتر ۾ 1640
فوٽن جي اوچائي تائين پهچي ٿي. انهن ٻنهين مکيه
ٽڪرين کان علاوه اهڙيون ٻيون به ڪيتريون ئي ڏکڻ ۽
اولهه ۾ ٽڪريون آهن، جيڪي درجي به درجي لهواريون
ٿينديون وڃن ٿيون ۽ چن جي پٿر (Lime Stone) جون جڙيل آهن. انهن ۾ ڀاڏر (Bhadra)،
ڀٽ (Bhit)
۽ ڪامڀو (Kambu)
مشهور آهن. ڪامڀو 15 ميل ڊگهي آهي ۽ وچ واري هنڌ
تي 2340 فوٽ اوچي آهي. ٽڪرين جي ٻي مشهور قطار حب
نديءَ جي اوڀر طرف منگهي پير کان ڪيپ مانز (Cape
Monze)
تائين آهي. نديون يا واهڙ، جن کي عام طور تي
”نئن“ جي نالي سان سڏيو ويندو آهي، تن جا منهن
ڪوهستان رينج ۾ آهن ۽ گهڻي ڀاڱي خشڪ رهنديون آهن،
پر هلڪي مينهن پوڻ سان ئي اهي تار ٿي وينديون آهن
۽ انهن ۾ تيزي ۽ تکائي ايندي آهي. اهڙي قسم جي نئن
مان حب ۽ باران به مشهور آهن.
(2) سنڌ جي ڪوهستان جي علم الارض جي ماهرن وٽ وڏي
اهميت آهي. بلانڊ فورڊ (Blandford)
پنهنجي ڪتاب:
(geological Memoires of west Sind)
۾ هنن ٽاڪرو ايراضين جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي گهڻي
ڀاڱي
(Tertiary System)
سان واسطو رکن ٿيون. سواءِ انهن چند جي، جيڪي لڪي
رينج ۾ آهن، سي ڪريٽيشس سرشتي (Creaceous
System)
سان واسطو رکن ٿيون. سواءِ انهن چند ٻرندڙ جبلن جي
پيٽ (Beds)
جيڪي
Cretaceous strata سان تعلق رکن ٿا، سڀ جبل
(Sedimentary)
نموني جا آهن. خاص خاص ٽڪر به گهڻو ڪري چن جي پٿر
جا ٺهيل آهن، جن ۾ ڪجهه قدر
(Shales)
،
(Clays)
۽ وارياسو پٿر آهي، پر اهي ايترا نه آهن، جيترو
چـُـن جو پٿر. چـُـن جي پٿر جو اهڙو گهڻو مقدار
Nummulitic period))
سان واسطو رکي ٿو، جيڪي گهڻي ڀاڱي
(Foramanifera)
جو جوڙيل آهي ۽ خاص طور تي جينس
(Nummulities)
سان واسطو رکي ٿو. جيئن ته پنڊ پهڻ (Fossils)
مان چـُـن جي پٿر جي جوڙجڪ جي خبر پئي آهي، تنهن
مان ظاهر ٿئي ٿو ته کيرٿر رينج نسبتاً نئون تهه (Strata)
آهي ۽ لڪي، ٺٽو، جنگشاهي، ڊفري ۽ سورجاڻو قطارن جا
ڪي حصا پراڻا آهن. انهن سڀني قطارن جي جوڙجڪ
Anticlinal
آهي. انهن سڀني جوڙجڪن ۾ پنڊ پهڻ جا سهڻا طبق
سانڍيل آهن، جهڙوڪ:
Nummulities Formanifera،
Alveolines،
Corals،
Eochinoids،
Molusca
۽ پنڊ پهڻ ٿيل ڪاٺ (Petrified wood).
(3) قدرتي ساوڪ يا ڪنڊن وارو سنهو جهنگ، جيڪو ڪنهن
ٻيلي جي صورت وٺي ٿو، اهو رڳو ٽڪرين ۽ نئن جي
وادين، ڀڪن ۽ پيٽ تائين محدود آهي ۽ جتي جتي گهڻو
پاڻي پهچي ٿو، اتي اهو گهڻو گهاٽو به آهي.
(ب) جانور
سنڌ ۾ رهندڙ جانور ڪنهن حد تائين ايراني جانورن
سان مشابهت رکن ٿا. 1884ع ۾ مري (Murry)
سنڌ ۾ ملندڙ 73 ٿڻائتن جانورن (Mammals)
جي هڪڙي لسٽ ٺاهي هئي، جن مان 20 جو تعلق
Chiroptera،
سان، 4 جو
Insectivora
سان، 20 جو
Carnivora
سان، 4 جو
Celacea
سان، 15 جو
Rodentia
سان، 9 جو
Ungulat
سان ۽ هڪ جو
Edena
سان آهي. هنن مان ڪي اهڙا آهن، جيڪي مختلف
جاگرافيائي سببن جي ڪري رڳو ڪوهستان ۾ ئي ملندا
آهن.
(2) جهنگلي جانورن سان چاهه رکندڙ ماڻهن جي لاءِ
اها ڳالهه اچرج جهڙي ٿي سگهي ٿي ته اسان جا ڪي
شاندار جانور، جن جو تعلق
Carnivora سان آهي، اهي اڄ ناپيد ٿي چڪا آهن، جنهن جو سبب سندن
جوءِ (Habitat)
جي حالتن ۾ تبديلي ۽ ماضي قريب ۾ انهن جو گهڻو
شڪار آهي. اهڙو هڪڙو اهم شڪاري جانور هماليائي
ڪارو رڇ (Ursus
torquatus) آهي، جنهن کي ڪوهستان جا ماڻهو ”مم“ ڪري ڪوٺيندا آهن. هي
جانور ڪنهن زماني ۾ کيرٿر جي مٿانهن هنڌن تي پڻ
رهندو هو ۽ اڃا تائين ان جي باري ۾ ڪيترا مزيدار
لوڪ قصا ۽ ڪهاڻيون ٻڌايون وينديون آهن ته
”مـَـمون“ ڪيئن نه آبادين ۽ ڳوٺن مان سـُـتل
عورتن کي کڻي وينديون آهن. چيتو (Leopardus Pardus)
پڻ ڪنهن زماني ۾ عام جام هوندو هو. هن جي ناس ٿيڻ
جو سبب اهو ٻڌايو ويندو آهي ته ويهن کان ٽيهه
ماڻهو گڏجي کليل ميدانن ۾ هن کي گهيري ۾ آڻي ڏنڊن
سان شڪار ڪندا رهيا آهن. ان وقت هي طريقو هنن لاءِ
هڪ دلچسپ راند هوندي هئي. چيتو به اڄڪلهه اڻلڀ
ٿيندو وڃي ٿو ۽ صرف مٿانهين ايراضين تائين محدود
ٿي ويو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ٿاڪ مان نڪري ٻاهر
ايندو آهي. ڪن مصنفن جهڙوڪ بلانڊ فورڊ (Blandford)
ڪوهستان ۾ ولايتي بگهڙ (C.lapus) جي هجڻ جو ذڪر ڪيو آهي، پر انهن مان هڪ جو به نالو
نشان ڪونه ٿو ملي. کـُـرَ وارن جانورن (Ungulates)
جي ذڪر جي شروعات اسين سنڌ جي مشهور ”سنڌ آئبڪس“
(Sind
Ibex)،
سرهه (Capra
hircus blythi) سان ڪنداسين. سرهه، جهنگلي ٻڪر
(Caucasus)
يعني
(capra hircus algagarus)
جي قبيلي جو آهي. اهو نسل ان لحاظ کان هڪ خاص
اهميت ۽ دلچسپيءَ وارو آهي، جو اڄ جو گهرو پاليل
ٻڪر، جنهن جا ڪيترا قسم ڏسجن ٿا، اهي سڀئي هن جي
نسل مان آهن. هن چالاڪ ۽ ڦڙت جانور جا وٿاڻ نوڪدار
ٽڪريون ۽ جبل آهن. هن جو گذارو ڪنڊن واري ٿوهر،
ٿورڙي پاڻيءَ تي يا پاڻيءَ کان سواءِ به ٿي ويندو
آهي. هن جي جاءِ بولان لڪ ۽ ڪوئٽا جي اتر - اولهه
۾ ”مار خور“ (Markhor)
ورتي آهي. ”چؤسڱو“ يا ”چنڪارو“ (gazella
bennetti)،
جنهن کي غلطيءَ سان هرڻ سڏيو ويندو آهي، جو سڄي
صوبي جي پهاڙي دامن ۾ ٿئي ٿو. سـُـرندڙ جانورن (Reptiles)
جا ڪي گهڻا قسم نه آهن. بهرحال نانگن، بلائن،سانڊن
۽ ڳوهن جا قسم البت گهڻا آهن. نانگن جي نسل (Ophidians)
مان ننڍي کنڊ ۾ 21 قسمن جو ذڪر ڪيل آهي. انهن ۾
زهريلا نانگ جهڙوڪ: کپر (Russel's
viper)، ڪوراڙ (Krait)
۽ ڪاريهر (Cobra)
اچي وڃن ٿا. جابلو وهڪرن ۾ مڇيءَ جا ڪيترائي قسم
موجود آهن، جهڙوڪ: ”ڪرڙو“ ، جيڪو حب نديءَ ۾ گهڻي
واڌ کائي ٿو. نئن گاج ۾ اڄ ڏينهن تائين واڳون (Crocodile)
ملن ٿا. سنڌ مان ولايت جا ڪيترائي پکي لنگهندا
آهن. جهڙوڪ: ويڍر (Waders)،
ٻگهه (Storks)،
ٽيٽو (Snipes)،
چڪمنهن (Curlews)
۽ هنج (geese).
اهي پکي وڏن ولرن ۾ سياري جي مند ۾ اچي هتي پنهنجو
ٺڪاڻو ڪندا آهن ۽ مارچ - اپريل ڌاري ڪوچ ڪري ويندا
آهن. انهن پکين جا پنج گروهه، جن جو شڪار به ٿيندو
آهي، سي انهن پکين کان مختلف آهن، جيڪي تري يا
پاڻي جهاڳي سگهندا آهن. جهڙوڪ: ٻاٽيڀڙ (Sand
grouse)، هيميپوڊس (Hemipodes)،
گئلينيشس (gallinaceous)،
ميگاپوڊس (Megapodes)
۽ تلورون (Bustards).
سيسـُـو ۾ سـُـئيءَ واري پڇ وارو (Pteroclorus
exustrus) ڪافي عام جام ملي ٿو. هيميپوڊ يا ٽن آڱرين وارو ڀونتريو (Quail) اسان وٽ هندستاني بٽڻ وارو ڀونتريو (Indian
Button Quail)
يا
(Turnix
tanki)
واري قسم ۾ موجود آهي. گئلينيشس جنهن ۾ ڀونتريو،
تتر، چڪور (Pheasants)
۽ مور (Pea fowl)
اچي وڃن ٿا، سي عام جام آهن. تترن ۾ ڀورو تتر (Caccabis chukar)
۽ سيسـُـو يعني (Seesee
Partridge) يا (Ammoperdix
borhiali)
به ڪافي تعداد ۾ ملي ٿو. پويون سنڌ جي ڪوهستان
تائين محدود آهي. شڪار وارن پکين کان علاوه پکين
جي شوقينن کي رنگ برنگي کنڀن ۽ پرن وارا پکي به
جام ملي سگهن ٿا، جيڪي باغن ۾ ٿين ٿا، جهڙوڪ طوطا،
ڪاٺ ڪٺا وغيره.
(ج) جهنگلي جانورن جي تحفظ جو انتظام:
کيرٿر جبل ڪيترن ئي جهنگلي جانورن لاءِ هڪ بهترين
جوءِ (Habitat)
آهي، جهڙوڪ سرهه، گڊ، چنڪارو ۽ چيتو وغيره. سنڌ
پرڳڻو انهيءَ لحاظ کان اڳڀرو رهيو آهي ته هتي ئي
سڀ کان پهرين وائلڊ لائيف انڪوائري ڪميٽيءَ جي
سفارشن تي عمل ڪيو ويو هو. پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو
هڪ اثرائتو ۽ سائنسي (اصولن مطابق) قانون - ”سنڌ
وائلـڊ لائيف پروٽيڪشن آرڊيننس 1972ع“ جو اعلان
ڪيو ويو. سنڌ وائلڊ لائيف مئنيجمينٽ بورڊ،
IUCN
جي سهڪار سان کيرٿر جي علائقي جي سروي مڪمل ڪئي ۽
1192 چورس ميلن جي هن علائقي ۾ نيشنل پارڪ ٺاهڻ جو
اعلان ڪيو. کيرٿر نيشنل پارڪ، پهريون پاڪستاني
نيشنل پارڪ آهي، جيڪو اقوام متحده جي پينل ۾ شامل
ٿيو. سنڌ وائلـڊ لائيف مئنيجمينٽ بورڊ 1972ع کان
وٺي نيشنل پارڪ ۾ جهنگلي جانورن جي بنا اجازت شڪار
تي ڪافي سختي ڪئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ سرههُ جو
تعداد ٻارهن سـُـوَن مان وڌي 3500 تي وڃي پهتو
آهي. گڊ جو تعداد 250 مان وڌي هڪ هزار کان به مٿي
ٿي ويو آهي، جڏهن ته چنڪارو ٻن هزارن کان به گهڻو
وڌيو آهي. سياحن لاءِ هتي سهولتون مهيا ڪيون ويون
آهن ته جيئن هو هن بـُـٺ علائقي ۾ اچي رات رهن ۽
جهنگلي جانورن جو ويجهڙائيءَ کان مشاهدو ڪن.
سورجاڻو، سمبڪ، اري ۽ هوٿياڻو اهڙا شڪارگاهه آهن،
جتان سرهه جو بهترين طريقي سان شڪار ڪري سگهجي ٿو،
ڇاڪاڻ ته سرهه شڪار جي شوقينن لاءِ هڪ ناياب نشاني
۽ فخر جي علامت آهي.
(مترجم: شمس الحق ميمڻ)
------- |