سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ (رني ڪوٽ نمبر)

مضمون

صفحو :16

مظهر يوسف

راڻي ڪوٽ - هڪ مطالعو

رني ڪوٽ جي ڪهاڻي ڇهه ڪروڙ سال پراڻي آهي. ان زماني ۾ زمين جي گولي تي هڪ تمام وڏو سمنڊ  ”ٽيٿيس“  (Tethys) نالي موجود هو، جيڪو هندستان، آفريڪا، آسٽريليا ۽ (سريلنڪا) جي وچ ۾ پکڙيل هو. موجوده ڀـُـونـُـوچ سمنڊ انهيءَ سمنڊ جو هڪ تانگهو ۽ ننڍو ٽڪرو آهي. انهيءَ اونهي سمنڊ جي تري مان سنڌ جي ڪوهستان جي کيرٿر قطار، لڪي ۽ راڻي ڪوٽ سميت اڀري ٻاهر نڪتي. علم الارضيات جي زبان ۾ انهيءَ کي  ”ٽيون دور“  چيو وڃي ٿو. هماليه کي دنيا جو اوچو جبل چيو وڃي ٿو، پر عمر ۾ اهو جبل اسان جي کيرٿر کان گهڻو ننڍو آهي.

لکين سال لنگهي ويا ۽ ٽيٿيس سمنڊ جي تري ۾ مٽيءَ جا تهن مٿان تهه گڏ ٿيندا ويا، جيڪي آهستي آهستي سخت ٽڪرين جهڙا ٿيندا ويا. ايتري قدر جو زمين جي مٿئين سطح جي هموزنيءَ ۾ فرق پيدا ٿي ويو ۽ ڪنارن جي داٻ سبب زميني سطح مٿي ايندي وئي. اهڙيءَ ريت انهيءَ سمنڊ جي سطح مان ٻاهر نڪرندي هڪ نئين زمين ظاهر ٿي، جنهن سمنڊ کي پٺتي ڌڪي اراولي جي ڪوهستان کان تمام پري ڪري ڇڏيو.

انهيءَ عرصي ۾ هندستان جي زمين تي ڪي فضائي ۽ موسمي طاقتون به پنهنجو اثر ڪنديون رهيون. ٽڪريون گسنديون، ٽٽنديون مٽيءَ جي شڪل ۾ پکڙبيون ۽ تهه مٿان تهه ڄمائينديون رهيون. اتر هندستان ۽ پنجاب جي ميدانن وانگر نئين زمين ٺهندي وئي.

سوچيان ٿو ته راڻي ڪوٽ جي آباد ٿيڻ جي شروعات تمام ننڍي نظر اچي ٿي. ائين ٿو معلوم ٿئي ته پٿر جي دور جو ڪو ڀٽڪيل شڪاري، جنهن جو قبيلو سيوهڻ جي ويجهو ڪنهن غار ۾ رهندو هو، هن هنڌ اچي نڪتو ۽ درياءَ جي ڪپ تي جهنگلي وڻن جي جهڳٽن ۾ ٿوريءَ دير آرام ڪرڻ لاءِ ترسي پيو. اتي شايد کيس ڪي جهنگلي رڍون ۽ ٻڪريون ڪچي ۾ چرنديون نظر آيون ۽ هن انهيءَ سولي شڪار کي ڏسي فيصلو ڪيو ته سندس علائقي جي سخت ۽ تڪليفن واري زندگيءَ جي ڀيٽ ۾ هتي رهڻ وڌيڪ حفاظت ۽ آرام وارو ٿيندو. انهيءَ فيصلي ڪرڻ کان پوءِ اهو ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ پنهنجي قبيلي مان ڪنهن عورت کي وٺي آيو هوندو. پوءِ لڳي ٿو ته قبيلي جا ڪي ٻيا به ماڻهو آهستي آهستي هن وٽ اچي رهيا ۽ اهي سڀئي رڍون ۽ ٻڪريون پالي زندگي گذارڻ لڳا.

يا وري اسان جو اهو پهريون آبادگار چارڻ جيڪو راڻي ڪوٽ پهتو، شايد ايران جي سرحدي چراگاهن کان وڌيڪ کاڌ خوراڪ جي ڳولا ۾ نين چراگاهن ڏانهن آيو هوندو.

آثارن مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌو درياءَ جي ماٿر ۾ جڏهن پهرين پهرين انساني وسنديون قائم ٿيون ته انهن جو مرڪز اتر سنڌ ۽ کيرٿر جبل جي ماٿر جو الهندو ڪنارو ئي هو، جتان اهي ڏکڻ ۽ اوڀر پاسي پکڙبيون ويون.

ٿي سگهي ٿو ته راڻي ڪوٽ جو اهو هنڌ ان وقت به هڪ ڳوٺ جي صورت ۾ موجود هجي، جڏهن سنڌوماٿر جي سڌريل تهذيب جي شڪل يعني موئن جو دڙو ۽ هڙپا جو اڃا ڪو نالو نشان به نه هو. ٻيو ته شايد اهو ئي هنڌ هو، جتي سڀ کان پهرين ايراني جنسن جي ٻوٽن کي پوکڻ جو تجربو ڪيو ويو ۽ ڪيترن ئي قسمن جا ٻوٽا انهيءَ هنڌان آهستي آهستي سنڌ جي ٻين هنڌن تائين پهچي ويا.

لڪي ۽ راڻي ڪوٽ جي پهاڙين ۾ جيڪي وسنديون قائم ٿي ويون هيون، ممڪن آهي ته اتي اڳ ۾ ئي خدا ۽ ديوتائن جي باري ۾ مذهبي عقيدن جي ترقي ٿي وئي هجي، مثال طور آسماني ديوتا، طوفان ۽ سج جو ديوتا. مذهبي پوڄارين پڪ سان انهن عقيدن جي تبليغ شروع ڪئي هوندي. انهيءَ ڪوشش ۾ پوڄارين جو ساٿ ڪاريگرن، ڪنڀارن، ڪورين ۽ رازن ڏنو هوندو، جن جو واسطو سدائين سج جي گرميءَ ۾ سڪندڙ ڪچين سرن سان پوندو هو. اهڙيءَ ريت خاص خاص موقعن تي جماعتي ناچ به ٿيندا هوندا. مثال طور فصل لڻڻ وقت يا ڏڪار جي ڏينهن ۾ جڏهن ديوتائن کي خوش ڪرڻ ضروري سمجهيو ويندوهو.

اهي سڀئي ڳالهيون اٽڪل ڏهه هزار سال اڳ جون آهن. سنڌ ۾ جهوني ۾ جهوني انساني وسنديءَ جي باري ۾ پنهنجي تحقيق جا نتيجا پيش ڪندي لئمبرڪ اشارو ڪيو آهي ته سنڌ ۾ پٿر جا جيڪي بيڊول اوزار هٿ لڳا آهن، اهي پراڻي زماني جي ان دور جا ٿي سگهن ٿا، جنهن کي (Pleistocene) سڏيو وڃي ٿو. جيئن ته انهن پٿرن جي اوزارن سان گڏ انساني جسمن جا پڃرا يا هڏيون هٿ ڪونه آيون آهن، تنهنڪري اهو رڳو هڪ انومان آهي ته پٿر جا اهي بيڊولا اوزار انساني هٿن ئي ٺاهيا هوندا.

انهيءَ ڪري ائين چوڻ وڌيڪ مناسب ٿيندو ته اهي انسان جيڪي پٿر جي انهن اوزارن جا ٺاهيندڙ هئا، اهي ٿورو پوءِ جي زماني جا هوندا. پر اهي ماڻهو ڪير هئا؟ جن مان ڪو هڪ ماڻهو اسان جي انومان مطابق سڀني کان اڳ راڻي ڪوٽ ۾ اچي گهر ڪري ويٺو هو - ان جي اسان کي ڄاڻ ڪانهي.

سنڌ جا جهوني ۾ جهونا ماڻهو ڪهڙي نسل جا هئا، ان باري ۾ ڪيترائي هڪ ٻئي جي ابتڙ خيال ٻڌايا ويا آهن. حقيقت ۾ موئن جي دڙي ۾ جيڪي پراڻيون انساني کوپريون هٿ آيون، اهي نسلي اعتبار کان چئن مشهور قسمن جون آهن، يعني منگولائيڊ، نائيگريٽن، آسٽرالائيڊ ۽ ميڊيٽرينين، تنهنڪري اسين چئي سگهون ٿا ته راڻي ڪوٽ جا پراڻي ۾ پراڻا رهاڪو انهن ئي نسلن مان ڪنهن هڪ نسل جا هوندا. جڏهن اسان جو چارڻ هاري راڻي ڪوٽ ۾ آباد ٿيو ۽ هن جي چوپاين جي ڌڻ ۾ گهڻو واڌارو ٿي ويو ۽ کيس خاطري ٿي ته هاڻي هو سدائين اتي ئي رهندو، تڏهن هن پاڻ کي پنهنجن ٻارن کي ۽ ساٿين کي اُس ۽ مينهن جي تڪليفن کان بچائڻ لاءِ ڪچو گهر يا ڪکائين جهوپڙي ٺاهي هوندي، ۽ شايد اتفاق سان کاڌي جون ڪي جنسون، جيڪي ان وقت جهنگلي گاهه جي ٻجن جي صورت ۾ هيون، کيس هٿ آيون هونديون، جن کي هن ڪارائتو سمجهي گڏ ڪرڻ شروع ڪيو هوندو. گڏ ڪرڻ کان پوءِ پڪ آهي ته اهڙن ٻـجن کي پاڻ اپائڻ جي اتفاق سان ئي انهن ماڻهن کي خبر پئي هوندي. دنيا جي ٻين علائقن ۾ به ٻني ٻاري جي شروعات اهڙيءَ طرح ٿي.

اهڙيءَ ريت اسين ڏسون ٿا ته راڻي ڪوٽ غار جي زندگيءَ مان نڪري انساني تهذيب جي ان منزل ۾ داخل ٿيو، جڏهن ماڻهوءَ جايون اڏي ڳوٺ وسايا ۽ رڳو شڪار تي زندگي بسر ڪرڻ جي بدران چوپايا پالڻ ۽ فصل اپائڻ جو ڌنڌو شروع ڪيو. سنڌ جو اهو تمدن، جنهن کي اسين هن وقت قديم زماني جي حيثيت سان پيش ڪريون ٿا ۽ ان کان پوءِ هندستان ۾ آريا قوم جي اچڻ جو جيڪو واقعو ويدڪ زماني کان اڳ ٿيو، اهي ٻئي راڻي ڪوٽ جي مدني زندگيءَ جي شروعات کان گهڻو پوءِ جون ڳالهيون آهن.

انساني زندگيءَ ۾ اڃا مذهب داخل نه ٿيو هو، پر غار جي زندگيءَ کان ميدانن ۾ آبادڪاريءَ جون تبديليون بهرحال ظاهر هيون. غار ۾ رهندڙ ماڻهو ڦرندڙ موسمن جي باري ۾ ايترو گهڻو حساس نه هو. طوفانن جي تيزي ۽ آسمان تي کـِـنوڻ جي چمڪائڻ جو هن تي اثر نه ٿيندو هو، پر پوءِ جڏهن اهي خوفناڪ طوفان کيرٿر جي چوٽين تي ظاهر ٿيا ته راڻي ڪوٽ ۾ آباد انسانن تي انهن جو ضرور اثر ٿيو هوندو. انهيءَ ڊنل انسان شايد اهو سوچيو هوندو ته طوفان سخت ڪاوڙيل آهي ۽ کيس تباهه ڪرڻ گهري ٿو. انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته اڃا انسان وٽ نه عبادت جو ڪو تصور هو ۽ نه وري مذهبي رسمون قائم ٿيون هيون، پر لڳي ٿو ته ڏهه هزار کان ڇهه هزار سال قبل مسيح جي زماني ۾ انسان روحانيت جو ڪو تصور ضرور قائم ڪيو هو، يعني هن اهو سوچيو هو ته دنيا ۾ زندگي گذارڻ جي لاءِ کيس ڪن طاقتن جو خيال به رکڻو پوندو. آسمان، طوفان، پاڻي، پهاڙ ۽ درياءَ سندس خيال ۾ اهڙيون طاقتون هيون، جيڪي سڌيءَ طرح انسان جي زندگيءَ تي اثر ڪنديون هيون.

روحانيت جو اهو لاڳاپو انسان سڀ کان پهرين آسمان سج ۽ طوفان سان قائم ڪيو هوندو. پراڻي زماني جي انسان کي اهي طاقتون ڪڏهن جدا جدا حيثيت ۾ نظر آيون ۽ ڪڏهن وري گڏيل، ڪڏهن حد کان وڌيڪ مهربان ۽ ڪڏهن هاڃيڪار. جڏهن پراڻي تمدن جو زمانو شروع ٿيو ۽ سوميري ۽ مصري تهذيبن سان گڏ سنڌ جي سرزمين تي ڪوٽ ڏيجي، آمري ۽ آخر ۾ موئن جي دڙي جي تهذيب ظاهر ٿي ته پڪ سان راڻي ڪوٽ به انهن کان پٺتي رهي نه سگهيو هوندو، ڇاڪاڻ ته ٻين وسندين سان واپاري ڏي وٺ، جدا جدا انساني لڳ لاڳاپا ۽ وڏي ڳالهه ته ٻين ترقي پاتل سماجن سان ذهني ڏي وٺ پڪ سان ٿي هوندي ۽ اهو به ٿي سگهي ٿو ته مولا لـَـڪ مان ايندڙ واپاري قافلن جي لاءِ راڻي ڪوٽ هڪ منزل هئي. اسان کي خبر آهي ته سوميري واپار سانگي سنڌ جي ماٿر جي جدا جدا هنڌن ڏانهن ايندا ويندا هئا، تنهنڪري ٿي سگهي ٿو ته انهن مان ڪيترائي راڻي ڪوٽ جي آسودي وسنديءَ ۾ رهيا به هجن، کڻي ٿوري وقت جي لاءِ يا وري ڊگهي مدت جي لاءِ ۽ ڪيترا ته اتي ئي هميشه جي لاءِ آباد ٿي ويا هوندا.

روحاني طاقتن جي رحم، ڪرم ۽ جلال جي باري ۾ انهن ماڻهن جي دماغن ۾ شروع کان ئي منجهيل ۽ اڙانگا خيال ڀريل هئا، جن ۾ آسمان، سج ۽ طوفاني طاقتن کي اهميت حاصل هئي. انهيءَ ڪري سوميري جيڪي مذهبي عقيدن جي خيال کان هنن کان اڳڀرو هئا ۽ هر طاقت جي لاءِ هڪ مشهور ديوتا جي وجود کي قبول ڪندا هئا، ان ننڍڙي وسنديءَ کي ڪاميابيءَ سان پنهنجو هم خيال ڪرڻ لڳا. اهڙيءَ طرح بابل جو طوفان ۽ آسمان جو ديوتا  ”رامـِـن“  ۽ مصر جو سج ديوتا  ”را“  هڪ بنيادي مذهبي عقيدي وانگر سنڌ ۾ جدا جدا هنڌن تي قبول ڪيو ويو هوندو. منهنجي ناچيز راءِ  راڻي ڪوٽ جي ماضيءَ تي تحقيق جي لاءِ اهي ٻئي ديوتائي عقيدا بنيادي اهميت وارا آهن.

ويدڪ عقيدي جي خيال کان  ”رودرا“  طوفانن تي اختيار رکڻ وارو ديوتا آهي، جنهن جي هن زماني جي ايراني  ”رعد“  سان ڪيتري نه مشابهت آهي. جارج رابنسن پنهنجي ڪتاب  ”انٽر ڪورس بٽوين ايسٽ ائنڊ ويسٽ“  ۾ لکي ٿو ته ايشيا جي ويجهي حصي ۾ آريا ديوتائن جي پوڄا ٿيندي هئي. بوغاز ڪوئي ۾ جيڪي جهونيون اڪريل لکتون هٿ آيون آهن، انهن مان ان ڳالهه جي تصديق ٿئي ٿي ۽ اهي لکتون چوڏهن سؤ سال قبل مسيح جون آهن.

يونانين پنهنجي هرهڪ ديوتا جو جدا بت ٺاهيو هو. آسماني ديوتا جو نشان مور ۽ چنڊ جي ديوتا جو نشان پهرين تاريخ جو چنڊ آهي. آسماني ديوتا کي مور جي شڪل ۾ ظاهر ڪرڻ جو مقصد هو ته مور جڏهن پنهنجا پر پکيڙي ٿو ته ان مان هڪ وڏي پکيڙ ۽ ان سان گڏ رنگارنگيءَ جو احساس ٿئي ٿو.

يونانين کان سواءِ قديم بابل، فونيشيا، ايران، هندستان ۽ اسلام کان اڳ جي عربن ۾ اهڙن بتن جي پوڄا عام هئي، جيڪي جدا جدا ديوتائن جا عيوضي سمجهيا ويندا هئا. اهڙيءَ ريت آسماني گرهن جي پوڄا جو به ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ رواج هو.

اسان کي خبر آهي ته سنڌو درياءَ جي الهندي وارو هندستاني علائقو گهڻي عرصي تائين اخمينين جي قبضي ۾ رهيو، جيڪي سنڌ جي  ”س“  جو صحيح اچار ادا نه ڪرڻ سبب ان علائقي کي  ”هند“  جي نالي سان سڏيندا هئا. اهڙيءَ ريت اهو به چيو وڃي ٿو ته هماليه جبل جو اصل نالو  ”سماليه“  هو، پر اهي ماڻهو ان کي به هماليه جي نالي سان سڏيندا هئا.  ”سم“  جي معنيٰ برف ۽  ”آليه“  جاءِ يا هنڌ آهي، تنهنڪري  ”سيوهڻ“  ۽ يوناني  ”سنڌو نامه“  جي باري ۾ به اهو قبول ڪري سگهجي ٿو ته ماضيءَ ۾ ڪنهن وقت اهو  ”شواليه“  هوندو.

قديم ايرانين جڏهن اولهه هندستان جي انهيءَ حصي تي قبضو ڪيو ته دنيا جي پهرين بيٺڪي طاقت هجڻ جي ڪري هنن کي سلطنت جي مرڪز سان هند يعني سنڌ کي ملائڻ واري رستي تي هڪ محفوظ ۽ قلعه بند شهر جي اهميت جي ڄاڻ ٿي هوندي ۽ اهڙيءَ ريت شايد راڻي ڪوٽ کي هڪ قلعي جي حيثيت ڏيڻ جي شروعات ٿي هوندي.

ايرانين سندو درياءَ کي هڪ ٻيو نالو به ڏنو، جيڪو  ”مهران“  هو. ڊاڪٽر جي. ايم. مهڪريءَ جي چوڻ مطابق  ”مها - ران“،  جنهن جي معنيٰ آهي طاقتور، عظيم يا مٺو درياءَ. ڪوهستان جي جابلو قطار ۾ هڪ ٻيو ننڍو درياءَ يا نهر به هئي، جنهن جي ڪناري اها قلعه بند وسندي هئي. ايرانين انهيءَ نهر تي راني (را - ني) جو نالو رکيو، يعني ننڍو درياءَ. جيئن ته انهن ماڻهن وسنديءَ جي چئن ئي پاسي ديوار آڏي هئي، تنهنڪري اهڙي وسنديءَ يعني ڳوٺ کي جيڪو راني جي ڪناري تي آباد هو، شايد راڻي ڪوٽ سڏيو ويو.

ان زماني ۾ راڻي ڪوٽ هڪ سکيو ستابو شهر هوندو، جنهن ۾ سوين يا شايد هزارين ماڻهو رهندا هوندا ۽ جنهن جو هڪ پاڻڀرو معاشي سرشتو هوندو، يعني ان جي اوسي پاسي جدا جدا جنسن جي پوکيءَ ۽ مال چارڻ لاءِ وڏا وڏا ميدان هوندا، جن ۾ رڍن ۽ ٻڪرين کان سواءِ ان وقت گهوڙا به هوندا، جتي جا ڪاريگر، هر، ڏاٽو، اناج ۽ کاڌي رکڻ لاءِ ننڍا وڏا ٿانوَ ۽ سوٽي ڪپڙي کان سواءِ ڪي ڌاتو به هندستان جي وڏن شهرن ڏانهن اماڻيندا هئا.

رامائڻ جا شاعر سنڌ کي هڪ اهڙي ملڪ جي حيثيت ۾ ڄاڻندا هئا، جتي اندر ديوتا جي سواريءَ جهڙن اوچي نسل جي تيز رفتار ۽ خوبصورت گهوڙن کي پاليو ويندو هو. سنڌ جي عمدن گهوڙن جي شهرت جي خبر هڪ ٻئي جهوني ڪتاب  ”اُپنشد“  مان به پوي ٿي. ان زماني ۾ سنڌ ۽ پنجاب (يعني سنڌو درياءَ جو الهندو علائقو) ايراني سلطنت جو ويهون صوبو هوندو هو.

جنهن زماني جو اهو ذڪر آهي، ان وقت سنڌو درياءَ جي هيٺئين علائقي تي راجا موريس حڪومت ڪندو هو. سمجهيو وڃي ٿو ته اهو ئي هندستان جي تاريخ جو مشهور چندر گپت موريه هو، يا هن جو ويجهو عزيز هو. ايگرمونٽ، جنهن کي سڪندر اعظم تي هڪ ماهر تاريخدان سمجهيو وڃي ٿو، ۽ جيڪو سنڌ ۽ بلوچستان ۾ سڪندر اعظم جي ڪاميابين جي عنوان تي هڪ مستند ڪتاب جو مصنف به آهي، انهيءَ نظريي کي قبول ڪيو آهي. منهنجو خيال آهي ته موريه خاندان جو تعلق راجپوتن جي هڪ مشهور برادري سومرا سان هو (اُچار: سو - مورا يا سائو - مورا، جيئن سائو ويرا ۽ سائو -راشٽر)،  ”اينلس آف راجستان“  نالي ڪتاب ۾ ٽاڊ انهن راجپوتن کي يادو راجپوت سڏي ٿو.

جڏهن چندر گپت جوان هو ۽ ٽيڪسيلا ۾ پڙهندو هو، تڏهن هن جي سڪندر اعظم سان ملاقات ٿي هئي. سڪندر اعظم، جڏهن راجا پورس کي جنگ ۾ هارايو، تڏهن چيو وڃي ٿو ته اهو موريه ئي هو، جنهن پورس کي ان ڳالهه تي تيار ڪيو ته هو پاڻ وڃي سڪندر اعظم سان ملاقات ڪري. نتيجو اهو نڪتو جو سڪندر اعظم پورس کي اڳي کان به وڌيڪ اختيار ڏئي کيس سندس سلطنت موٽائي ڏني. منهنجي خيال مطابق چندر گپت موريه پنهنجن سپاهين سميت سڪندر اعظم جي واپس ويندڙ لشڪر جي پـُـٺ ورتي. آءٌ سمجهان ٿو ته سيوهڻ ۾ سامبس (Sambus) ۽ اروڙ ۾ مـُـسي ڪانس (Musicanus) جي سڪندر اعظم جي خلاف بغاوتن ۾ موريه جو هٿ هو.

چيو ويو آهي ته پٽالا ۾ سڪندر اعظم جي اڳتي وڌندڙ سامونڊي ٻيڙي جي اڳيان راجو موريه پنهنجا هٿيار ڦٽا ڪرڻ جي لاءِ تيار ٿي ويو هو. پر جڏهن سڪندر اعظم پٽالا ۾ آيو، تڏهن راجا موريه پنهنجن سپاهين سميت شهر خالي ڪري ڀــڄـي ويو. ايگر مونٽ جو چوڻ آهي ته جڏهن پٽالا جا شهري اوڀر طرف ريگستان ۾ پناهه وٺڻ لاءِ هجرت ڪري ويا، ته راجا موريه الهندي پاسي جي ٽڪرين ۾ وڃي لڪو (هسٽري آف اليگزينڊر). ايگرمونٽ جو خيال آهي ته اهو جابلو سلسلو، جنهن ۾ راجا موريه پنهنجيءَ فوج سميت وڃي لڪيو هو، کيرٿر جبل جون ٽڪريون ٿي سگهي ٿو، جيڪي سنڌو دوآبي جي الهندي سرحد سان لڳ پکڙيل آهن. آءٌ سمجهان ٿو ته راجا موريه، جنهن هنڌ پناهه ورتي هئي، اهو راني ڪوٽ يا ان جي ويجهو ٽڪرين جي وچ ۾ ڪو هنڌ ٿي سگهي ٿو.

نيٺ چندر گپت، جيڪو منهنجيءَ راءِ  جنگي ۽ سياسي صلاحيتن ۾ سڪندر اعظم کان ڪنهن به صورت ۾ گهٽ نه هو، سنڌو درياءَ جي ميداني علائقي ۽ اتر هندستان جو حاڪم ٿيو. هندستان مان ٻاهرين جي اثر کي ختم ڪرڻ کان پوءِ چندر گپت هڪ اهڙيءَ حڪومت جو بنياد رکيو، جنهن کي هندستان جي پهرين سلطنت چئي سگهجي ٿو. انهيءَ موريه سلطنت ۾ سمورو سنڌ صوبو، پنجاب، سرحدي علائقا، افغانستان ۽ بلوچستان جو هڪ وڏو حصو شامل هئا. مورا جابلو قطار، جيڪا پٻ جبل جي اولهه ۾ پکڙيل آهي ۽ هنگلاج جي ويجهو مٽيءَ جون غفائون، جيڪي چندر جي نالي سان مشهور آهن، چندر گپت موريه جي حڪومت جي اهڃاڻن ۾ ليکي سگهجن ٿيون.

هنگول درياءَ تي آباد هنگلاج هندو تيرٿن ۾ الهندي پاسي آخري تيرٿ ٿي پيو. جاتري، جيڪي سنڌ ۽ لس ٻيلي جي علائقن مان لنگهي هتي پهچندا هوندا، اهي شايد کيرٿر جبل جي لڪن مان لنگهندا هوندا ۽ خيال آهي ته اهي جاتري انهيءَ هنڌ اشنان ڪرڻ ۽ آرام ڪرڻ لاءِ ضرور ترسندا هوندا، جتي هينئر راڻي ڪوٽ آهي.

مذهبي غسل يا اشنان جو سڀ کان مشهور ميلو ننڍي کنڊ ۾ اله آباد ۽ هردوار جي هنڌن تي هر ٻارهن سالن کان پوءِ لڳندو آهي ۽ ان کي ڪمڀ سڏيندا آهن. مسٽر علي احمد بروهي جو چوڻ آهي ته راڻي ڪوٽ جي چئني طرف پکڙيل ٽڪرين جي وچان جيڪا ندي وهي ٿي ۽ جنهن کي  ”نئن رن“  چئجي ٿو، ان کي مڪاني ماڻهو ڪـُـمڀ جي نالي سان پڻ سڏيندا آهن. ٻيو اهو ته ان جي ويجهو منڇر ڍنڍ تي اڄ کان هڪ هزار سال اڳ تائين هڪ ڪـُـمڀ ميلو لڳندو هو. انهيءَ مان ثابت ٿئي ٿو ته اهو هنڌ هڪ تيرٿ ۽ اشنان جي جاءِ هجڻ جي ڪري قديم دراوڙن جي زماني کان ئي مشهور هو. پر ڪـُـمڀ جو نالو جيڪو آريه لغت مان آيو، اهو پوءِ شامل ٿيو.

يونانين جو پيرو کڻي جيڪي قومون آيون انهن ۾ مورين، هندي يوناني گڏيل نسل، اسڪائسن ۽ پارٿين شامل آهن. پارٿي نسل جا ماڻهو سخت جان ۽ گهوڙي سوار چئي سگهجن ٿا. عادتن ۽ خصلتن جي خيال کان انهن ماڻهن کي هن زماني جي ترڪمان نسل جي ماڻهن سان ڀيٽي سگهجي ٿو، جن حضرت عيسيٰ عليہ السلام جي پيدائش کان ٽي سؤ سال اڳ پنهنجن سلجوقي حاڪمن جي خلاف بغاوت ڪئي هئي.

حقيقت هيءَ آهي ته پارٿين قوم جي ماڻهن يوناني تمدن کي ڪڏهن به دل سان قبول نه ڪيو. انهيءَ ۾ شڪ ناهي ته هنن پنهنجي ايراني ۽ مقدوني حاڪمن جي اطاعت ڪئي، پر ان جي ڪري هنن جي ان حيثيت تي بلڪل اثر نه پيو، جيڪا کين گهوڙيسوار، چارڻ ۽ ماهر تير انداز جي ٽولن جي صورت ۾ ٻين کان ممتاز ڪندي هئي.

اهو زمانو اهو هو، جڏهن ساڪا ۽ يوئي - چي قومون پارٿين سلطنت ۾ اچڻ ۽ هندستان ۾ داخل ٿيڻ جون ڪوششون ڪري رهيون هيون، تنهنڪري اهي لاڳيتو پارٿين قوم کي پنجاب ۽ سنڌ ۾ ڌڪي رهيون هيون.

لڳي ٿو ته مٿرادا تي پهريون، جيڪو هڪ قابل حاڪم هو، تنهن پنهنجي حڪومت جي سرحدن کي سنڌو درياءَ جي ميدانن ۾ جهلم تائين پکيڙڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي هئي. انهيءَ کان هڪدم پوءِ انڊو پارٿين بادشاهن جو ٻيو خاندان حاڪم ٿيو. انهن ۾ مٿرادا تي ٻيو ۽ گونڊو فريز ذڪر جوڳا آهن. پوئين حاڪم سنڌ ۽ ارارڪوسيا جا علائقا فتح ڪيا ۽ هڪ تمام وڏي ملڪ تي حڪومت ڪرڻ لڳو، جيڪا اترئين علائقي جي پارٿين حڪومت جي اثر ۽ اختيار کان بلڪل آزاد هئي.

اسمٿ جي لکڻ مطابق سن 70ع ۾، ۽ پٿاوالا مطابق سن 60ع ۾  ”پيري پلس“  ڪتاب جو نامعلوم مصنف هندستان ۾ آيو هو. هن سنڌو درياءَ جي هيٺين ميداني علائقي جو احوال پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي. هن جي لکڻ مطابق سنڌو درياءَ جي اها ماٿر سيٿيا جي نالي سان مشهور هئي (ان کي انڊو سيٿيا، سنٿيا ۽ سنڌ به چئي سگهجي ٿو). جيڪي پارٿين سردار هتي حاڪم هئا، تن جو پاڻ ۾ جهيڙو هو. هن مصنف پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته ملتان ۽ ٺٽي جي وچ ۾ وهندڙ درياءَ کي مهراڻ ڪوٺيو وڃي ٿو. ان وقت سنڌو درياءَ جا ست مـُـنهن هئا، پر رڳو وچين شاخ ان قابل هئي، جو ان مان جهاز لنگهي سگهيا ٿي. مصنف جي معلومات مطابق واپاري بندرگاهه بار بريڪون انهيءَ وچين شاخ تي واقع هو، جڏهن ته گاديءَ وارو شهر ميناگر (مين نگر) اندرئين علائقي ۾ هو. پارٿين بادشاهه جو حڪم بارد گازه ۽ گجرات تائين هلندو هو، انهيءَ مان مصنف اهو نتيجو ڪڍيو ته حاڪم گهڻو طاقتور هوندو هو، ۽ سنڌ جو واپار نفعي وارو هو.

پٿاوالا پنهنجي ڪتاب  ”هسٽاريڪل جاگرافي آف سنڌ“  ۾ انهن تحفن جو ذڪر تفصيل سان ڪيو آهي، جيڪي ملڪ جا واپاري بادشاهه جي خدمت ۾ ان ڪري پيش ڪندا هئا ته جيئن سندن جان ۽ مال محفوظ رهي. انهن سوکڙين ۾ قيمتي پليٽون، موسيقيءَ جو سامان، حرم لاءِ خوبصورت ڇوڪريون، عمدو شراب، قيمتي ڪپڙو، خوشبودار تيل ۽ عطر شامل هئا.

بندرگاهه باربريڪون (جيڪو پنهور جي چوڻ مطابق ڀنڀور آهي) هڪ اهڙي دروازي جي حيثيت وارو هو، جتان گاديءَ واري شهر ميناگر ۽ پري پري تائين اُترين علائقن، ايراني بندرگاهن ۽ اولهه ۾ روم ۽ اوڀر ۾ گجرات جي وچ ۾ واپاري وکر جي اچ وڃ ٿيندي هئي.

راڻي ڪوٽ جي باري ۾ مون جيڪو مطالعو ۽ تحقيق ڪئي آهي، ان جي ڪري آءٌ ان نتيجي تي پهتو آهيان ته پهاڙن جي وچ ۾ واقع قلعي کي پارٿي، بادشاهن نئين سر ٺهرايو ۽ ان ۾ فوجي اهميت جي ڪيترين ئي اڏاوتن، برجن ۽ مورچن جو واڌارو ڪيو، ڇاڪاڻ ته اهي دولتمند ۽ شاهوڪار هجڻ سبب اهو ڪم ڪرائي سگهيا ٿي. حقيقت اها آهي ته اتر طرف کان ايندڙ هـُـنَ، ساڪا ۽ يوچي حملو ڪندڙن کان پاڻ کي محفوظ رکڻ جي لاءِ هنن کي اهڙي قلعي بنديءَ جي ضرورت به هئي. ايڏي وڏي اڏاوتي ڪم کي پوري ڪرڻ جي لاءِ جن ماڻهن جي محنت گهربل هئي، اها وٽن موجود هئي، ڇاڪاڻ ته پارٿين وٽ تمام گهڻا جنگي قيدي هوندا هئا.  ”اسٽڊي آف هسٽري“  جي صفحي 175 تي ٽوائن بي لکي ٿو ته  ”پارٿين سلطنت ۾ جنگي قيدين کي غلام ڪري رکڻ جي وبا عام هئي. ان جو ٿورو اندازو ان واقعي مان ڪري سگهجي ٿو ته جڏهن مارڪ اينٿوني سڪندر اعظم ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته هڪ پارٿين لشڪر، جيڪو هن سان وڙهڻ جي لاءِ ويو ۽ هن کي روڪڻ ۾ ڪامياب ٿيو، ان ۾ پنجاهه هزار سپاهي هئا ۽ انهن ۾ آزاد سپاهي ڪل چار هزار هئا، يعني ته پنجيتاليهه هزارن کان به وڌيڪ وڙهڻ وارا غلام هئا.

ٽن ديوارن واري قلعي جي اڏاوت ۾ ڪهڙن رازن ۽ مزورن حصو ورتو هو، تنهن بابت اسان کي ڄاڻ ڪانهي. پهرين ٻاهرين ديوار جنهن کي ڏسي ديوارِ چين ياد اچي ٿي، پنجويهه ميل ڊگهي قطر واري آهي. پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته مزور جنگي غلام هئا، جيئن اسين چئي آيا آهيون ته سپاهين کي جنگ ۾ غلام بنائڻ جو رواج پارٿين ۾ عام هو. اهي مزور مڪاني ماڻهو به ٿي سگهن ٿا، جن کي ٻانهن جي صورت ۾ گڏ ڪيو ويو هوندو ته جيئن جنگ جي زماني ۾ هٿيار کڻن ۽ جڏهن فوجي خدمت جي ضرورت نه هجي ته اڏاوتي ڪمن ۾ مصروف هجن. اهي ماڻهو سائٿين به ٿي سگهن ٿا، جيڪي وچ ايشيا ۾ پنهنجي مضبوط مرڪز سوگڊيا مان وڏي تعداد ۾ هجرت ڪري انهيءَ علائقي ۾ پهرين ئي آباد ٿي ويا هئا ۽ سنڌ جي هيٺين علائقن ۾ پکڙجي ويا هئا. هنن جي تعداد جي گهڻائي ان مان معلوم ٿئي ٿي ته ان علائقي جو نالو اندوسيٿيا يا سنٿيا مشهور ٿي ويو هو.

 ”هسٽاريڪل جاگرافي آف سنڌ“  ڇاپو ٻيو، صفحو 48-49 ۾ پٿاوالا لکي ٿو ته جڏهن فارس سلطنت جو مشهور حاڪم دارا سنڌ ۾ آيو ته هن ان علائقي کي هڪ ساڪا قبيلي (سائٿين) جي قبضي ۾ ڏٺو.

ممڪن آهي ته اهي مزور سنڌ جي تمام پراڻن رهاڪن جاٽ ۽ ميد جي قبيلن مان هجن، جيڪي سنڌو درياءَ جي ٻنهي ڪنارن تي آباد هئا (ايليٽ ۽ ڊائوسن). اهي ٻئي قبيلا هميشه هڪٻئي سان وڙهندا رهندا هئا. ميد قبيلي جا ماڻهو گهڻو ڪري چراگاهن تي گذر سفر ڪندا هئا. هڪ ڀيري جاٽن جيڪي ٻيڙيون ڪاهي ڄاڻندا هئا، درياءَ اڪري ميدن تي حملو ڪيو، هنن تي فتح حاصل ڪئي، هنن کي جنگي قيدي ڪيو ۽ هنن جي علائقي ۾ وڏي ڦرمار ڪئي.

 ”هسٽري آف انڊيا“  جي صفحي 525-526 تي ميد قبيلي بابت وضاحت ڪندي چيو ويو آهي ته اهي ماڻهو سنڌ جي ڪناري تي يا ته ان وقت آباد ڪيا ويا، جڏهن ميڊو- پرشين سلطنت اوڀر ۾ انهيءَ علائقي تائين پکڙيل هئي يا گهڻو وقت اڳ اهي ماڻهو لڏي اچي اتي ويٺا هئا. اهو به ٿي سگهي ٿو ته جڏهن هنن جي ملڪ تي اسڪائي ٿين قوم قبضو ڪيو، تڏهن انهن ماڻهن سنڌ ۾ اچي پناهه ورتي يا وري اهو ٿي سگهي ٿو ته ميدن جي ڇهن قبيلن مان ماگي نالي جي هڪ قبيلي جي تباهيءَ کان پوءِ اهي ماڻهو سنڌ ۾ پهتا، جيئن پوءِ جي زماني ۾ اهڙين ئي حالتن هيٺ پارسي گجرات ۾ اچي رهيا.

ڊاڪٽر داني جو بيان آهي ته ان علائقي ۾ آباد پارٿين لوڪ حاڪم خاندان ارسڪيز مان هئا، بلڪ ان نسل جا هئا جنهن جو پهريون حاڪم گونڊو فريز هو. ڊابسن سنڌ مان لڌل ستن مختلف سڪن جو حوالو ڏنو آهي، جن جي هڪ پاسي هڪ پـَـر واري ديويءَ جي تصوير آهي، جنهن کي يوناني فتح جي ديوي (نائيڪ) چوندا هئا. جن حاڪمن جي زماني ۾ اهي سڪا ٺاهيا ويا هئا، انهن جا نالا جدا جدا سڪن تي گونڊوفريز، سورپيڊونوئس، ساسان جيڪو اسپه جو ڀائيٽو هو، ستاواسترا ۽ ديما (ڪاڊفيسس) اڪريل آهن. انهن نالن مان خبر پوي ٿي ته ڪـُـشن قوم آهستي آهستي پارٿين تي قبضو ڪندي رهي ۽ نيٺ هنن پارٿين کي پوري طرح هارائي اقتدار پنهنجي قبضي ۾ ڪيو. ويماڪاڊفيس پهريون ڪـُـشن حاڪم هو. اهڙيءَ ريت اهو بلڪل ممڪن ٿي سگهي ٿو ته رولاڪ قبيلن کي روڪڻ جي لاءِ ڪوهستان جي ماٿر ۾ پارٿين قلعي کي وڌيڪ مضبوط ڪيو هجي.

شاپور پهرئين جي حڪومت واري زماني ۾ ساسانين سنڌ تي قبضو ڪيو. پروفيسر هرس فيلڊ جي لکڻ مطابق بهرام ٻئي ڪيترائي ملڪ فتح ڪيا ۽ ساساني بادشاهت کي پري اوڀر تائين پکيڙيو. هن جي حڪومت واري دور ۾ خراسان، ساڪستان، طوران، مڪران کان سواءِ وچولو ۽ ڏکڻ سنڌ، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ ۽ مالوه جا علائقا به ساساني سلطنت ۾ شامل هئا.

بهرام پنجون ساساني خاندان جو سڀ کان ناميارو حاڪم ٿي گذريو آهي. هو هڪ سٺو شڪاري، شاعر ۽ موسيقار پڻ هو. ممڪن آهي ته بهرام پنجين يا بهرام گور جيئن هو عرف عام ۾ فردوسيءَ جي شاهنامي جي ڪري مشهور آهي، رائؤچنگل (جيڪو شايد راؤ چندر جو ئي ٻيو نالو آهي) جي ڪنهن ڌيءَ سان شادي ڪئي هجي. راؤ چندر سنڌ جو حاڪم هو ۽ ساساني بادشاهن جو وفادار. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو چوڻ آهي ته بهرام گور جي موسيقيءَ جي شوق کي ڏسندي هن جي سهري راؤ چندر وٽس سنڌي ڳائڻا موڪليا هئا.

وچ ايشيا جي هنن قبيلن جي حملن جو مقابلو بهرام گور کي به ڪرڻو پيو ۽ سندس همعصر اتر هندستان جي گپتا حاڪمن کي به. اهو خطرو بهرام گور جي جانشين جي حڪومت واري زماني ۾ به قائم رهيو، ڇاڪاڻ ته هـُـنَ، چنوئي، هپٿالي ۽ گجر قبيلن جا ٽولن جا ٽولا هر هر سنڌو ماٿر ۾ داخل ٿيندا رهيا ۽ ان علائقي کي پوريءَ طرح تباهه ڪندا اڳتي وڌندا رهيا.

پارٿين وانگر ساساني به ڪوهستان جي ماٿر ۾ واقع راڻي ڪوٽ جي اهميت مان چڱيءَ طرح واقف هئا، جيڪو ماٿريءَ مان لنگهندڙ رستي جي حفاظت ڪندو هو ۽ پڪ آهي ته هنن قلعي جي ديوارن کي وڌيڪ مستحڪم ڪيو هو، تنهنڪري شيرڳڙهه جي چوڪيءَ جي باري ۾ چئي سگهجي ٿو ته اها ڪنهن ساساني حاڪم يا سنڌ ۾ سندس گورنر تعمير ڪئي هوندي. اهڙيءَ طرح جيئن چيو وڃي ٿو ته جهونا ڳڙهه به ڪنهن پراڻي ايراني حاڪم جي گورنر ٺهرايو هو.

محمد بن قاسم جي اڳواڻيءَ ۾ عربن سنڌ جا جيڪي علائقا فتح ڪيا، انهن بابت هيگ لکي ٿو ته نيرون ڪوٽ فتح ڪرڻ کان پوءِ جڏهن عربن جي فوج سيوهڻ ڏانهن وڌي، ته اها سڌي رستي کي ڇڏي پهاڙي رستي تان وئي. عربن جي خيال ۾ اهو محفوظ رستو هو، ڇاڪاڻ ته سڌي رستي تان وڃڻ جي حالت ۾ عرب فوج کي سنڌي فوج جي حملي جو خطرو هو، جيڪا جنهن وقت ۽ جتان به گهري ها ته درياءَ اُڪري محمد بن قاسم جي لشڪر تي حملو ڪري سگهي ها. اهو اندازو صحيح معلوم ٿئي ٿو ته عرب لشڪر راڻي ڪوٽ جي تمام ويجهو لنگهيو هو.

ان کان پوءِ جڏهن محمد شاهه تغلق ٺٽي جي ويجهو وفات ڪئي ۽ سندس ڀائٽئي ۽ جانشين فيروز شاهه تغلق شاهي فوج کي جيڪا وڙهندي وڙهندي اڌ مـُـئي ٿي وئي هئي، پٺتي هٽڻ جو حڪم ڏنو، تڏهن سومري سردار خير الدين واپس ويندڙ شاهي فوج جي پٺيان حملو ڪندي هنن جي سن تائين پـُـٺ ورتي. ائين ٿو لڳي ته اهو حملو ڪندڙ سنڌي لشڪر ڪوهستان جي ماٿر ۾ راڻي ڪوٽ جي قلعي ۾ گڏ ٿيو هوندو ته جيئن شاهي فوج تي اوچتو حملو ڪري سگهي.

پندرهين صديءَ جي وچ ڌاري ارغون سنڌ جي لاءِ اهڙيءَ طرح خطرو ٿي پيو هئو، جهڙيءَ ريت دهليءَ جي لاءِ بابر. سمي حاڪم ڄام نظام الدين جي وڏي وزير ۽ سپهه سالار دريا خان جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌي ارغونن جي خلاف سبيءَ تائين هليا ويا، جيڪو ان وقت سنڌ ۾ شامل هو ۽ ارغون سردار ذوالنون بيگ جي پٽ محمد بيگ جي لشڪر کي سخت ٽوٽا چٻايا.

انهيءَ زماني ۾ ڄام نظام الدين سنڌ تي حڪومت ڪندو هو. سنڌ جي تاريخ ۾ اهو دور امن امان ۽ خوشحاليءَ جو سونهري زمانو سمجهيو وڃي ٿو. هن 48 سال حڪومت ڪئي، هن جي حڪومت جي اوائلي زماني ۾ سرحدن تي سک ۽ آرام هو ۽ ملڪ سکيو ستابو هو. هوڏانهن انهيءَ زماني ۾ هندستان ۾ ترڪ منگولن جي حملن سبب افراتفري پکڙيل هئي. چوڏهين صديءَ جي آخري سالن ۾ تيمورلنگ دهليءَ تائين ڪامياب حملا ڪري چڪو هو ۽ مستقبل ۾ وڌيڪ حملا ٿيڻ وارا هئا.

انهيءَ زماني ۾ راجپوتانا ۾ راڻا ڪمڀا، جيڪو پنهنجي وقت جي وڏن حاڪمن مان هڪ سمجهيو وڃي ٿو، اراولي جبل ۾ هڪ دفاعي ديوار تعمير ڪرائي، جنهن کي  ”ديوارِ هند“  چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. اها ديوار چوويهه ميل ڊگهي آهي. انهيءَ تي رني ڪوٽ جي شير ڳڙهه وانگر سنڀال لاءِ هڪ چوڪي ۽ خاص خاص هنڌن تي مضبوط مورچا آهن. نيشنل جاگرافيڪل ميگزين لکيو آهي ته انهيءَ راجپوت سردار 32 دفاعي اڏاوتن کي مڪمل ڪيو ته جيئن افغانستان کان ايندڙ مسلمان حملو ڪندڙن کي روڪي سگهجي.

اهو دور ئي اهڙو هو، جو هر هنڌ دفاعي تيارين جي ضرورت محسوس ٿي رهي هئي. ائين به سمجهيو وڃي ٿو ته ڄام نظام الدين جي سپهه سالار دريا خان راڻي ڪوٽ جي قلعي جي وري مرامت ڪرائي هجي، جيڪو سمه حڪومت جي سرحدي دفاعي چوڪي سبيءَ کان ٺٽي پهچڻ واري جابلو رستي واقع آهي، ته جيئن ارغون فوج کي اڳتي وڌڻ کان روڪي سگهجي ها. اهو خيال انهيءَ ڪري به صحيح سمجهيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته دريا خان ٺٽي جي اتر ۾ هڪ دفاعي نهر خانواهه جي نالي سان کوٽائي هئي. مخالف لشڪر جي خلاف جيڪڏهن انهيءَ دفاعي هٿيار کي چڱيءَ طرح استعمال ڪيو وڃي ها ته شايد سنڌ جي تاريخ جو نقشو ئي ٻيو هجي ها.

پر ان وقت ڄام نظام الدين دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو هو، سندس جانشين ڄام فيروز نااهل ثابت ٿيو. دريا خان لاچار گادي واري هنڌ مان نڪري باغبان ۾ پنهنجي جاگير تي وڃي رهيو، پر ارغونن جي ٻئي حملي جي وقت ڄام نظام الدين جي راڻيءَ جي چوڻ تي دريا خان کي خدمت جي لاءِ ٻيهر گهرايو ويو. پر وقت نڪري ويو هو. پوڙهي سردار حملو ڪندڙ ارغون فوج جو بهادريءَ سان مقابلو ڪيو، پر حملو ڪندڙ ڪامياب ٿي ويا ۽ دريا خان جنگ ۾ مارجي ويو. اتفاق ڏسو ته شاهه بيگ ارغون انهيءَ جنگ ۾ اڳتي وڌڻ جي لاءِ اهو رستو ورتو، جيڪو جبلن مان لنگهي ٿو ۽ شايد هن جو لشڪر راڻي ڪوٽ يا ان جي ڀرسان لنگهيو هوندو.

ڪزنس جي بيان مطابق سن 1812ع ۾ ٽالپور حاڪم مير ڪرم علي جي حڪم سان هن جي وزير نواب ولي محمد لغاريءَ راڻي ڪوٽ تعمير ڪرايو، يا مرمت ڪرائي ۽ ان ۾ ڪي واڌارا ڪيا. انهيءَ ڪم تي ٻارهن لک رپيا خرچ ٿيا. پر پنهور، ڊاڪٽر اين.ا ي. بلوچ جي حوالي سان لکيو آهي ته خرچ سترنهن لک رپيا آيو هو ۽ ٽالپور حاڪمن انهيءَ قلعي کي تعمير ڪيو. پنهور ۽ ڪرنل رشيد کي ان راءِ سان اتفاق ڪونهي. پنهور چوي ٿو ته اهو قلعو سٿين، پارٿين يا ساسانين ٺهرايو ۽ اهو گهٽ ۾ گهٽ سورنهن سؤ سالن کان وٺي ٻاويهه سؤ سالن تائين پراڻو آهي. قلعي ۾ اندر ٻه ننڍا قلعا آهن، هڪ ميري ۽ ٻيو شير ڳڙهه. ڪرنل رشيد ۽ لئمبرڪ ٻئي ان خيال جا آهن ته ميري پراڻي زماني جو ڪو هيرو هوندو. بلوچستان جي نوشڪي علائقي ۾ سيستاني بلوچ هڪڙي قلعي کي ميري جي نالي سان سڏيندا هئا. انهيءَ مان اهو اشارو ملي ٿو ته اهو هيرو سٿين نسل مان هوندو يا وري پارٿين يا ايراني نسل مان.

پنهور صاحب جو چوڻ آهي ته ان قلعي جي اڏاوت ۾ هزارن مزورن ڪيترن ئي سالن تائين محنت ڪئي هوندي، تنهنڪري اهو ڪارنامو ماضي بعيد جي ڪنهن بادشاهه جو ئي ٿي سگهي ٿو، جنهن سنڌ جي ميداني علائقي جي سنڀال جي لاءِ جبلن جي هيٺان اهو قلعو ٺهرايو هوندو. پنهور صاحب جو اهو به خيال آهي ته قلعي جي عمر معلوم ڪرڻ ۾ تاريخ اسان جي رهنمائي نٿي ڪري سگهي، بلڪ علم الاثار اسان جي مدد ڪري سگهي ٿو.

انهيءَ هنڌ جي نالي بابت پنهنجي بيان کي مختصر ڪندي آءٌ وري چوندس ته سنڌ يا مهراڻ جي اولهه ۾ پکڙيل وڏو علائقو گهڻي وقت تائين ايرانين ۽ انهن سان گڏ اتر هندستان جي آرين جي قبضي ۾ رهيو آهي، تنهنڪري منهنجو خيال اهو آهي ته بابل جي ديوتا رامن ۽ مصري ديوتا را، جيڪي آسمان، طوفان ۽ سج جا ديوتا سمجهيا ويندا هئا، ويدڪ ديوتا ورونا ۽ اندرا سان گڏ عبادت جي لائق سمجهيا ويندا هئا. ويدڪ عقيدي جي مطابق ورونا (و - رانا) آسمان ۽ طوفان جو ديوتا ۽ اندرا (اند- را) مينهن، پاڻي ۽ دريائن جي ديوي آهي.

تنهنڪري منهنجو انومان اهو آهي ته مهراڻ (مها - ران) سنڌو درياءَ جي لاءِ ۽ راڻي ان نديءَ جي لاءِ جيڪا راڻي ڪوٽ جي ويجهو نئن رن جي نالي سان مشهور آهي، اهي ٻئي نالا جدا جدا زمانن ۾ استعمال ٿيندا رهيا آهن. اهڙيءَ ريت هڪ را ۽ الهندو ۽ اڀرندو نارو ۽ مهراڻ ۽ پراڻ اهي نالا آهن، جيڪي انهيءَ انومان کي يقين جي ويجهو آڻين ٿا.

پر جڏهن راڻي ڪوٽ انساني آباديءَ کان خالي، ويران ۽ پوڻو ٿي ويو، شايد انهيءَ ڪري ته اتي هر ڀيري جنگ ٿيندي هئي، تڏهن ان جو نالو راڻي ڪوٽ جي بدران رني ڪوٽ مشهور ٿي ويو، جنهن جو مطلب جنگ جو هنڌ آهي.

اهو نالو يعني رني ڪوٽ، جيڪو اڄڪلهه عام طرح قبول ڪيو ويو آهي، قلعي جي اندر وهندڙ ندي نئن رن مان مشتق آهي. اها ندي سن وٽ مهراڻ (مها - ران) سنڌو درياءَ ۾ ڪـِـري ٿي. پٿاوالا ان نهر کي  ”نئن موئن“  سڏي ٿو. ان سلسلي ۾ اها ڳالهه به غور ڪرڻ جهڙي آهي ته سنسڪرت زبان ۾ اُپنشد جو هڪ نالو  ”اي رَنياڪا“  به آهي، جنهن جو مطلب آهي آباديءَ کان پري، ويرانو يا جهنگ. پڪ سان اهو آريه زماني ۾ تعليمي طريقي ڏانهن اشارو آهي، جڏهن گرو پنهنجن چيلن کي آباديءَ کان پري جهنگ ۾ تعليم ڏيندا هئا. سنڌي زبان ۾ رِڻ انهن معنائن ۾ استعمال ٿئي ٿو.

    آخر ۾ هيگ جو هڪ بيان نقل ڪريان ٿو. هو چوي ٿو ته 41 - 1840ع جي سياري ۾ انگريزي فوج جي هڪ رجمينٽ سيوهڻ کان ڪراچيءَ تائين جابلو رستي تان مارچ ڪيو. اهو رستو پڪ سان رني ڪوٽ مان لنگهيو هوندو. هاڻي اهو رستو استعمال لائق ڪونهي.

(مترجم: مراد علي مرزا).

 

 

 شاهه پير دروازي جو پٺيون حصو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com