سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ (رني ڪوٽ نمبر)

مضمون

صفحو :14

 

تاج محمد صحرائي

رني ڪوٽ - هڪ تعارف

رني ڪوٽ يا راني ڪوٽ يا نيرون ڪوٽ يا نئين رني ڪوٽ يا موئن ڪوٽ هڪ ئي قلعي جا جدا جدا نالا آهن. چيو وڃي ٿو ته اهو دنيا جو وڏي ۾ وڏو قلعو آهي. اهو قلعو سن ريلوي اسٽيشن کان ڏکڻ - اولهه طرف 18 ميلن جي فاصلي تي تعلقي ٿاڻي بولا خان جي ديهه رني ڪوٽ ۽ تعلقي ڪوٽڙي جي ديهه موئن ۾ واقع آهي. اهو 18 کان 22 ميلن جيتري گهيري ۾ آهي. ڪن هنڌن تي قلعي جي ديوار سمنڊ جي سطح کان ٻه هزار فوٽ مٿي آهي. اها ديوار ٽڪرن مٿان هڪ نرالي انداز سان ڪٿي مٿي ۽ ڪٿي هيٺ سرندي وڃي. اها سراسري طرح 30 فوٽ اوچي ۽ 6 فوٽ ويڪري آهي. وچ قلعي مان هڪ ننڍي ندي وهي ٿي. اها الهندي دروازي يعني موئن دروازي مان قلعي ۾ داخل ٿي ان جي اڀرندي دروازي يعني سن دروازي مان ٻاهر نڪري ٿي. انهيءَ نديءَ کي نئين روڻ يا نئن موئن يا نئين سن سڏيو وڃي ٿو. چؤماسي ۾ اها ڪناتار وهندي آهي، ان نديءَ جي پيٽ ۾ ڪيترائي مٺي پاڻيءَ جا ننڍا چشما ملن ٿا: قلعي ۾ داخل ٿيڻ واري هنڌ وٽ ان جو وهڪرو جهڪو هوندو آهي، هن وقت زمين جي ٿورن ايڪڙن تي پوک به ٿئي ٿي.

قلعي اندر ٻه ننڍا قلعا موجود آهن. هڪ جو نالو  ”ميري“  آهي ۽ ٻئي کي  ”شير ڳڙهه“  سڏيو وڃي ٿو. ميري سمنڊ جي سطح کان 400 فوٽ مٿي هڪ ننڍي ٽڪريءَ تي ٺهيل آهي. ميري ڪوٽ شير ڳڙهه کان ٿورو وڏو آهي. انهيءَ ڪوٽ ۾ ٽي وڏا ڪمرا آهن ۽ هر هڪ ڪمرو وري ٻن يا وڌيڪ ننڍن ڪمرن ۾ ورهايل آهي، وري هر هڪ ڪمري ۾ ٻن يا ٻن کان وڌيڪ بيرڪن جهڙا ڪمرا آهن. انهن ڪمرن جي اڳيان هڪ تمام وڏو هال يا ڪمرو آهي، جتي حاڪم جي درٻار لڳندي هئي ۽ ٻيا ديرن جي لاءِ رهائش جا ڪمرا هئا، ڇاڪاڻ ته  ”ميري“  لفظ جي معنيٰ ئي آهي ته اها جاءِ جتي هڪ حاڪم جي درٻار لڳي ۽ سندس  ”حرم“  رهن. انهن ڪمرن جي اڏاوت پوءِ جي زماني جي آهي، جيئن اڄ انهن مان ظاهر ٿئي ٿو. پر انهن ڪمرن جي اڏاوت ۾ جيڪي پٿر استعمال ڪيا ويا، اهي پراڻي وڏيءَ ديوار جي پٿرن جهڙا ۽ پڪ سان ان جا آهن. قلعي جي حفاظتي ديوار اٽڪل 7 کان 8 فوٽن تائين ويڪري آهي. ان جو هڪڙو ئي لنگهه آهي، جتي هڪ ٻئي کان جدا پنجاهه فوٽن جي فاصلي تي ٻه دروازا آهن. دروازن جي وچ ۾ ٻنهي پاسي ٻه محراب آهن. انهن محرابن جي هيٺ ننڍن ڪمرن ۾ شايد پهريدار رهندا هئا. انهن کي پهريدارن جون چؤنڪيون چئي سگهجي ٿو. اهو قلعو رني ڪوٽ جي ماٿر جي وچ ۾ واقع آهي. قلعي جي چوڌاري هڪ اونهي کاهي کنيل آهي. جيڪڏهن نديءَ جي اٿل سبب اها ڀرجي وڃي ته قلعي تائين پهچڻ تمام مشڪل آهي.

شير ڳڙهه سمنڊ جي سطح کان اٽڪل 1500 فوٽ مٿي ۽ موئن دروازي جي ويجهو آهي. هن قلعي جون ديوارون پڻ ڪشاديون آهن. سمورو قلعو کليل آهي، سواءِ هڪ پٿر جي حوض جي، جنهن ۾ هتان جا رهاڪو پاڻي محفوظ رکندا هئا. هن قلعي جي پهري جي مناري تان قلعي جي سڄي ماٿر ۽ ان جي چوڌاري آسانيءَ سان نظرداري ڪري سگهجي ٿي. اهو قلعو آخري پناهگاهه آهي. قلعي کان هيٺ پٿر جا ٺهيل ناد ۽ هڪ تمام جهونو عربن جو قبرستان آهي.

انهن ٻن خاص ننڍن قلعن کان سواءِ، اتي ڪن ٻين ديوارين جا بنياد به ڏسجن ٿا، جيڪي هاڻي کاڄي ويا آهن. ڪن جاين تي آمري ۽ موئن جي دڙي جي ثقافتن جهڙين جهونين وسندين جا آثار ڏسجن ٿا. هن قلعي جا چار دروازا آهن. اڀرندي دروازي کي سن دروازو چئجي ٿو، اتر اولهه واري کي آمري دروازو چون ٿا، الهندو دروازو موئن دروازو آهي ۽ ڏاکڻي دروازي کي  ”شاهه پور“  سڏيو وڃي ٿو. سن معنيٰ تمام جهونو ۽ آمريءَ جو مطلب آهي حاڪم يا سپهه سالار جي گاديءَ جو هنڌ.

سن دروازي کان 300 فوٽ کن پري ۽ نديءَ جي کاٻي پاسي گنبذ سان هڪ ننڍو ڪمرو آهي. انهيءَ ڪمري جو رڳو هڪ دروازو اڀرندي طرف کان آهي. اها آرام جي يا وري عبادت ڪرڻ جي جاءِ ٿي سگهي ٿي. هن وقت چئي نه ٿو سگهجي ته اها ڪهڙي استعمال لاءِ هوندي هئي، جيستائين ان جي کوٽائي نه ڪجي. ڇاڪاڻ ته ڪن محققن جو چوڻ آهي ته اهو اسلحه خانو هو، پر اسلحه خاني جي مٿان گنبذ ڪونه هوندو آهي.

سن دروازي وٽ نديءَ جي پيٽ ۾ هڪ ٿنڀو ڏسجي ٿو ۽ اهڙا ٻه ٻيا ٿنڀا ٻنهي ڪنارن کي ملائڻ وارا آهن. انهن مان هڪ اڃا تائين پنهنجي اصلي جاءِ تي بيٺو آهي، پر ٻيو ٿنڀو چوماسي ۾ نديءَ جي زوردار وهڪري ۾ لڙهي ٿوري فاصلي تي بيٺو آهي. انهن ٿنڀن ۾ پاڻيءَ کي روڪڻ لاءِ ۽ مٿي کڄندڙ پل جي لاءِ لوهي سيخن رکڻ جا سوراخ آهن. انهيءَ پل جي ساڄي پاسي واريءَ ديوار تي پاڻي ڀرڻ جي لاءِ پٿر جا ڏاڪا ٺهيل آهن. قلعي جا ٺاهيندڙ پوک ۽ دفاع جي لاءِ پاڻي ڪٺو ڪري رکندا هئا.

وڏي قلعي جي اصلي ديوار ۽ ان جي ننڍن قلعن جي پهري جي منارن جي اڏاوت ۾ چن جو پٿر استعمال ڪيو ويو آهي.سڀئي اصلوڪا پهري جا منارا يا ته چورس يا وري مستطيل شڪل ۾ ٺهيل آهن. پهري جي منارن جي اها شڪل اسلامي دور جي پهري جي منارن کان تمام گهڻي پراڻي چئي وڃي ٿي. گول شڪل وارا سڀئي منارا پوءِ جا ۽ وارياسي پٿرجا ٺهيل آهن. هيءَ قلعو يا ته ايراني فاتحن( ميد، ڪايانين کان ساسانين تائين 700 ق.م کان 1625ع تائين) يا يونانين (330 ق. م) يا سٿين (130 ق.م) يا ته ڏکڻ سنڌ جي اصلي رهاڪن ٺاهيو هوندو، جيڪي  ”گبربندن“  ۽ موئن جي دڙي ۽ هڙپا (3000 ق. م) جي رٿابندي ڪرڻ وارا ۽ ٺاهيندڙ هئا، ڇاڪاڻ ته موئن جي نالي تي مٿاهين پٽ ۽ هڪ دروازي جو پاڻ ۾ لاڳاپو آهي ۽ جن جو موئن جي دڙي سان هڪ قسم جو واسطو ۽ تعلق رهيو هوندو ۽ يقيناً ان زماني ۾ سن، آمري، سيوهڻ، موئن جو دڙو، بهمڻ آباد ۽ هالا، آباد ۽ وسندڙ شهر هئا. انهن قلعن جي مرمت، انهن ۾ اضافا ۽ ڦير گهير پڪ سان مغلن جي حڪومت واري زماني کان اڳ ۽ پوءِ مسلمانن ۽ ٿي سگهي ٿو ته حيدرآباد ۽ ميرپورخاص جي ٽالپورن ڪئي هجي. پهري جي منارن (گول ۽ مستطيل) ۾ توبن رکڻ لاءِ ٺهيل اُڀيون ڳڙکيون بارود جي استعمال جو ثبوت آهن، جيڪو هندستان ۾ سورهين صدي عيسويءَ ۾ آيو هو.

هن قلعي جي ٺاهيندڙن جي اڳيان ٻه مقصد هئا، هڪ اولهه يا اوڀر کان ٿيندڙ ڪنهن حملي يا چڙهائيءَ کي روڪڻ ۽ ٻيو پراڻي سفري ۽ تجارتي رستي  ”پيش واٽ“  جي نظرداري ڪرڻ، ڇاڪاڻ ته اهو قلعو انهيءَ  ”واٽ“  جي اوڀر ۾ اٽڪل چئن ميلن ۽ سن ڪرچاٽ شاهراهه جي اتر ۾ ٻن کن ميلن جي فاصلي تي ٺهيل آهي، جيڪا بهمن آباد کان هالا، سن، ڪرچاٽ، ٿاڻو عارب خان ۽ مڪران جي ساحل سان هلي سوسا، عراق، همدان، نينوا ۽ اُر تائين ويندي هئي.

انـهــيءَ قـلــعــي جا ٺاهيندڙ کـڻــي ڪـيــر به هجن، ۽ اهو کڻي ڪهڙي به دور ۾ ٺهيو هجي، پر اها هڪ عظيم الشان ۽ يگاني اڏاوت، انساني پورهئي، ڪوشش، هنر ۽ ڪاميابيءَ جي هڪ املهه علامت آهي.

(مترجم: مراد علي مرزا)

-------


 

 

احمد حسين چنا

رني ڪوٽ ۽ ان جي تاريخ

سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجي سونهري تاريخ تي فخر آهي. سندن قديم ثقافت، ترقي يافته تهذيب، عمدو ديسي فن، لوڪ هنر، مختلف روپن ۽ نمونن جي ٺڪر جي ٿانوَن ٺاهڻ جا نفيس طريقا، زراعتي اوزار، ٻيڙين جا قسم، عاج جو ڪم، ڪاشيءَ جا ٿانوَ، نقاشي، ڪپڙو، مڪاني فني ڪم، لوهارڪو هنر، سونارڪو ڪم، هار سينگار جو سامان، ڪتڻ، واڍڪو هنر، اڻت جو ڪم، ڇـُـر جو ڪم، سنڌي زردوزي، نيروٽي جو ڪم، جنڊي جو هنر، ڪاريگري، مڪاني روايتون، فني قدر، رازڪو ڪم ۽ حيرت ۾ وجهندڙ عظيم عمارتون جهڙوڪ رني ڪوٽ ۽ ٻيون ڪيتريون ئي تاريخي عمارتون سچ ته اچرج جهڙيون ۽ اوج تي رسيل آهن. سال 1922ع ۽ ان کان پوءِ جي لڌل قديم آثارن مان سنڌو ماٿر جي قديم تهذيب جي اها حقيقت ظاهر ٿئي ٿي.

دنيا جو وڏي ۾ وڏو فوجي قلعو  ”رني ڪوٽ“  سنڌ جي عرب گورنر عمران بن موسيٰ برمڪي سن 836ع ۾ ٺهرايو هو. اهو دادو ضلعي ۾ سـَـن کان 18 ميل اولهه طرف کيرٿر جبل جي ٽڪرين تي، سنڌ جي اتر - اولهه ڪنڊ کان 15ء 26 ڊگريون ويڪري ڦاڪ تائين پکڙيل آهي.

عظيم الشان رني ڪوٽ جي گهيري ۾ ڪيتريون ئي ٽڪريون آهن، جن جون چوٽيون ٽڙيون پکڙيون پيون آهن. ان جي گهيري بابت جدا جدا رايا آهن، هيوز 15 ميل ٻڌائي ٿو، هڪ پراڻي نقشي ۾ 13 ميل ڄاڻايل آهي. جي. ايم سيد صاحب جو چوڻ آهي ته 18 ميل آهي، جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ به ايتري ئي ايراضي ٻڌائي ٿو ۽ مسٽر عبدالقادر چنا، اسسٽنٽ ڪمشنر، ڊولپمينٽ ورڪ دادو، جنهن (سندس چوڻ مطابق) اهو قلعو ڏهه ڀيرا ڏٺو آهي، چوي ٿو ته اهو اٽڪل 24 ميلن جي گهيري ۾ آهي. ان سموري ايراضيءَ جو قطر پنجن کان ڇهن ميلن تائين آهي. قلعي جي ديوارن جي اوچائي سراسري طرح 30 فوٽ ٿيندي. ان جي ٿولهه ڪٿي گهٽ، ڪٿي وڌ آهي. برجن وٽ اها ڇهه فوٽ آهي. برجن وٽان اها سنهي ٿيندي، پنج فوٽ ٿيو پوي، جيڪا پشتي جي ٿولهه کان جدا آهي، جنهن جي ٿولهه اٺ فوٽ آهي. قلعي جي اندران سموري ڊيگهه ۾ پشتي موجود آهي. دروازن وٽ ٿوري فاصلي تائين ٻـِـٽي ديوار آهي. پشتي سميت ديوار جي ٿولهه چوڏنهن فوٽ آهي ۽ ديوار جو مٿيون حصو ساڍا 4 کان پوڻا 5 فوٽ ويڪرو آهي. اها ديوار اُڀي يا عمودي ڪانهي،پر ٿورڙي اندرئين پاسي جهڪيل آهي ته جيئن اها وڌيڪ مضبوطي ڏئي. ديوار تي اٽڪل هر 500 فوٽن کان پوءِ برج يا منارا آهن. سڄي ديوار چيرولي ۽ چـُـن جي پٿرن جي ٺهيل آهي. اها اصل ۾ تير ڪمان واري لڙائيءَ جي خيال سان ٺاهي وئي هئي، پر پوءِ ان ۾ ٺهيل ڳڙکين کي وڏو ڪيو ويو هو ته جيئن اتي بارودي هٿيار رکي سگهجن. انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته رني ڪوٽ فوجي انجنيئرنگ جي هنرمنديءَ جو بي مثال نمونو آهي. قديم سنڌ جي ماڻهن جو اهو ڪارنامو اسان جي لاءِ فخر جو باعث آهي.

قلعي جي ديوار فاصلي تان ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جيڪا ور وڪڙ کائيندي، ڪٿي ٽڪرين تي چڙهندي ۽ ڪٿي ماٿر ۾ هيٺ ويندي ڏسجي ٿي. اندر قلعي ۾ گهمندي خبر پوي ٿي ته اتي هڪ تمام وڏي ۽ اچرج ۾ وجهندڙ فوجي رٿابندي ڪيل آهي.

ديوار - چين ۽ رني ڪوٽ جي قلعي ۾ ٿوري هڪجهڙائي آهي، ڇاڪاڻ ته رني ڪوٽ جي ٻـِـٽي ديوار جو طريقو، ديوار - چين جهڙو آهي، پر ديوار - چين رڳو هڪ سڌي ديوار آهي، جيڪا ڪنهن ايراضيءَ کي احاطو نه ٿي ڪري. البت ٻنهي جي اڏاوتي طريقي ۾ گهڻي قدر هڪجهڙائي آهي، تنهنڪري سمجهيو وڃي ٿو ته رني ڪوٽ ۽ ديوار - چين جي اڏاوت جو زمانو هڪڙو ئي آهي.

قلعي جو نالو

1. هڪ نقشي ۾ ان جو نالو  ”نو - ان - ڪوٽ“  ڄاڻايل آهي. اهو سنڌ جي عام ٻوليءَ جو هڪ تمام قديم نالو ڏسجي ٿو، جيئن ٻيا پراڻا نالا آهن، جهڙوڪ:  ”موئن - جو - دڙو“ ،  ”مانسرو ور ڍنڍ“ ،  ”منڇر ڍنڍ“  ۽ ان قلعي جو موئن دروازو وغيره.

2.  ”تاريخ مظهر - شاهجهاني“  جي صفحي 31 تي ان جو نالو نيرون قلعو ڄاڻايل آهي:

 ”نيرون قلعو ۽ پرڳڻو: قلعو سيوهڻ کان پنجاهه ميل پري، سڌو جبلن ۾ هو. جبلن جي پڇاڙيءَ کان پرڳڻو شروع پئي ٿيو، جنهن ۾ منڇر ڍنڍ اچي ٿي وئي ۽ سيوهڻ کان ٻه ميل پري پرڳڻو پورو ٿيو. اهو پرڳڻو ڳاهن جي پرڳڻي بوبڪ ۽ سيوهڻ حويلي جي پرڳڻن ۾ گهيريل هو. انهيءَ زماني ۾ اهو پرڳڻو پهنورن سان آباد هو.“

هيءُ رني ڪوٽ پڻ سيوهڻ کان اٽڪل پنجاهه ميلن جي فاصلي تي ٽڪرين ۾ واقع آهي ۽ اڳي ان کي به نيرون ڪوٽ سڏيو ويندو هو. انهيءَ نالي تي پڻ تحقيق ڪرڻ ضروري آهي.

3. قديم سنڌ ۾ ثقافت جي اوسر جو دارومدار پاڻيءَ جي موجودگيءَ تي هوندو هو، جيئن ريڻي، هاڪڙو، نارا آبي سرشتو. انهيءَ ڪري ثقافت ۾ هڪجهڙائي پيدا ٿي ۽ اها ڪوئٽا بلوچستان طرف وڌي. هڙپائي (سنڌو ماٿر) ثقافت ۽ اڳ - هڙپائي (آمري ۽ ڪوٽ ڏيجي) ثقافت سنڌ ۾ انهن آبي سرشتن جو نتيجو هيون. ان سلسلي ۾ هيوز جي چوڻ مطابق جيتري قدر رني ڪوٽ جو تعلق آهي ته هڪ جابلو باراني نئن،  ”نئن رني“  قلعي جي وچ مان وهندي هئي، تنهنڪري ممڪن آهي ته قلعي تي انهيءَ  ”نئن رني“  جي ڪري راڻي ڪوٽ نالو پيو هجي. هڪ ٻي ندي، جيڪا  ”سن ندي“  سمجهي وڃي ٿي، اڳ اتر طرف واري بنياد وٽان ڦري  ”رني نئن“  ۾ پوندي هئي.

4. ڪن ماڻهن جو چوڻ آهي ته اهو قلعو هڪ راڻيءَ جي لاءِ ٺهرايو ويو هو، تنهنڪري ان کي  ”راڻي ڪوٽ“  سڏيو وڃي ٿو.

5. قلعي جي ايراضيءَ جي زرخيزيءَ جو دارومدار  ”باراني پاڻيءَ“  تي هوندو هو، جنهنڪري هن قلعي کي باراني سرشتي پٺيان  ”راڻي ڪوٽ“  سڏيو ويو.

6. اليگزينڊر برنس ان کي قلعه بند ٽڪري سڏي ٿو.

رني ڪوٽ نالي بابت اهي چند رايا آهن، پر ان باري ۾ اڃا وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي.

دروازا:

رني ڪوٽ کي چار دروازا آهن، اهي ٻاهران ڏسڻ ۾ نٿا اچن، پر اهي اهڙا لنگهه آهن، جيڪي حڪمت عمليءَ کي ڌيان ۾ رکي ٺاهيا ويا هئا.

1. سن يا اڀرندو دروازو: اهو قديم ۽ مشهور وَسندي سن جي نالي تي آهي، جيڪا قلعي جي اڀرندي پاسي 18 ميلن جي فاصلي تي آهي. اهو سڀني کان هيٺاهون دروازو آهي.

2. آمري دروازو يا اتر اوڀر دروازو: آمري، جنهن جي پٺيان دروازي جو نالو آهي، اهو ڳوٺ سن جي اتر - اوڀر ۾ 15 ميل پري سنڌو درياءَ جي ويجهو ۽ لاڙڪاڻي ڏانهن ويندڙ نيشنل هاءِ وي جي لڳ آهي. آمريءَ جا قديم آثار تمام مشهور ۽ اهم آهن. اتي قديم آثارن جي ماهرن ٻه ڀيرا کوٽايون ڪيون آهن ۽ اهو پنهنجي تهذيب جي ڪري گهڻو ڄاتل سڃاتل آهي. 3100 ق. م ۾ به اتي جي تهذيب اوج تي هئي. آمريءَ جي انهيءَ تهذيب جي پڄاڻي 1800 - 1600 ق. م ۾ ٿي هئي. آمري موئن جي دڙي کان به وڌيڪ قديم آهي ۽ ان حقيقت کي سڀني عالمن قبول ڪيو آهي.

3. شاهه پير دروازو يا ڏاکڻو دروازو: اهو آمري دروازي کان هيٺين ميدان ۾ آهي. دروازي تي اهو نالو ڪيئن پيو، ان باري ۾ ڪا به خبر ڪانهي. منهنجي خيال ۾ اهو اصلوڪو نالو نه، پر پوءِ جو نالو آهي.

4. ميهن دروازو يا الهندو دروازو يا مٿيون دروازو: اهو دروازو مٿاهين قلعي وٽ آهي. اهو نالو  ”موئن جي دڙي“  وانگر آهي، جنهن مان ان جي قدامت جي خبر پوي ٿي. انهيءَ نالي تي پڻ تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي.

آءٌ سمجهان ٿو ته انهن لنگهن ۾ ڪڏهن به دروازا ڪونه هنيا ويا هئا.

دائمي چشمو:

ڪنهن زماني ۾ رني ڪوٽ ۾ هڪ ٽڪريءَ مان چشمو پيو وهندو هو. اهو مٺي پاڻيءَ جو دائمي چشمو هوندو هو. انهيءَ چشمي جي پاڻيءَ سبب ڪنهن زماني ۾ اها ماٿر ڏاڍي سهڻي ۽ سرسبز هوندي هئي، جنهن جي ڪري اتي ماڻهو رهندا هئا. ٿي سگهي ٿو ته ان جي ڪري ئي ٻاهران حملا به ٿيا. انهيءَ چشمي جي ڪري قلعي ۾ هڪ ڍنڍ ٺهي پئي هئي، جيڪا سموري ماٿر ۾ پکڙيل هئي. انهيءَ جا ڪي رهيل حصا به ماٿر ۾ پکڙيل ڏسجن ٿا. اها ماٿر ان وقت ڏاڍي وسندڙ ۽ آباد هئي، جيئن سر وليم نپيئر جي ان رپورٽ مان پڌرو ٿئي ٿو، جيڪا هن سنڌ جي انتظاميا تي لکي هئي، ته  ”اڳئين زماني ۾ هن غير آباد ڪاڇي جي دولتمنديءَ ۽ شان شوڪت بابت جيڪي چيو وڃي ٿو، اهو وڌاءُ ڪونهي.“

قلعي ۾ سن دروازي وٽ هڪ نهر جو سـُـڪل پيٽ ڏسجي ٿو، جيڪا ڪنهن زماني ۾ ڪـَـنا تار وهندي هئي. اتي ٻه گول ٺلهه آهن، جن وٽان ديوار ور کائي مٿي ۽ اندر تي اچي ٿي. نهر جي پيٽ جي وچ ۾ ٻه بيضوي ٺلهه ڏسجن ٿا، جن مان هڪ پنهنجي اصلوڪي حالت ۾ بيٺو آهي ۽ ٻيو پنهنجي اصليءَ جاءِ تان کڄي ٿورو پري ٿي ويو آهي. ڪنهن زماني ۾ انهن تي تختا رکي بند ٻڌو ويو هو ۽ مٿي کڄندڙ پـُـل ٺاهي وئي هئي ته جيئن ماڻهو قلعي جي هڪ پاسي کان اچي وڃي سگهن. بند ۽ مٿي کڄندڙ پل جو اهو ساڳيو طريقو آمري دروازي وٽ به ڏسجي ٿو.

رني ڪوٽ جا ٻه ننڍا قلعا:

رني ڪوٽ جي تقريباً وچ ۾ ٻه ٻيا قلعا آهن، جن مان هڪ هيٺاهينءَ تي ۽ ٻيو مٿاهينءَ تي آهي. اُهي هي آهن:

1. ميري قلعو: اهو هيٺيون قلعو آهي، جيڪو رهائشي گهرن جي ٽـن حصن تي مشتمل آهي. اهي حصا هڪ ٻئي کان جدا آهن، جيتوڻيڪ چيو وڃي ٿو ته اهي رني ڪوٽ جي اڏاوت کان گهڻو پوءِ جا ٺهيل آهن، پر هاڻي انهن جي حالت ابتر آهي. چيو وڃي ٿو ته ڪنهن زماني ۾ اتي هڪ راڻي رهندي هئي. ميري قلعي جي نالي بابت ياد رکڻ گهرجي ته عرب سردار کي  ”امير“  ڪوٺيو ويندو هو. ٿي سگهي ٿو ته اهي گهر عرب اميرن (سردارن) جا هجن، تنهنڪري ان کي عرب اميرن جو قلعو يا اميري قلعو سڏيو ويندو هو، جيڪو ڦري  ”ميري قلعو“  ٿيو هجي.

2. شير ڳڙهه قلعو: اهو مٿاهون قلعو آهي، جيڪو سمنڊ جي سطح کان ٻه هزار فوٽ مٿي آهي. انهيءَ قلعي جي هيٺان هڪ قبرستان آهي، جنهن مان پڪو ثبوت ملي ٿو ته رني ڪوٽ ۾ ماڻهو رهندا هئا. شير ڳڙهه ڪوٽ ۾ رهائشي ڪمرا ڪونهن. اهو قلعو مٿاهين الهندي موئن دروازي جي ويجهو ٺهيل آهي ۽ ميري قلعي جي اتر - اولهه ۾ واقع آهي. هن قلعي جي چئني ڪنڊن تي پڻ گول ٺلهه ٺهيل آهن، پر سمجهيو وڃي ٿو ته اهي ٺلهه اصل ۾ مستطيل هئا.

ميري قلعي ۽ شير ڳڙهه قلعي جي نالن تي تحقيق جي ضرورت آهي. اهي قلعا تقريباً هڪڙي ئي ماپ جا آهن، يعني ته هر قلعي جو هرڪو پاسو اٽڪل 151 وال کن ٿيندو. انهن ننڍن قلعن جا دروازا ساڳيا سن دروازي جهڙا آهن.

اهي قلعا ڇاجي لاءِ ٺهرايا ويا هئا؟ بادشاهن جي رهڻ لاءِ يا حاڪم گورنر لاءِ يا فوجي سردار لاءِ؟ ان باري ۾ ڪا به خبر ڪانهي، جنهن لاءِ تحقيق ڪرڻ ضروري آهي.

انهن ٻن ننڍن قلعن ۾ اندر وڏي قلعي جي دروازن وٽ ٻٽي ديوار وانگر، ڀتيون ٺهيل آهن ۽ وڏي قلعي جي ٻاهرين ديوار وانگر ئي انهن قلعن جي ڀتين ۾ به دشمن تي حملي ڪرڻ لاءِ ڳڙکيون ۽ ڪٽهڙا ٺهيل آهن. اهي ٻه قلعا عملي مقصد لاءِ آهن ۽ اهڙن دڙن وانگر آهن، جتان وڏي قلعي ڏانهن ايندڙن کي ڏسي سگهجي ٿو، تنهنڪري فوجي خيال کان انهن جي وڏي اهميت آهي. اهي ٻئي ۽ ٽئين دفاعي مورچي جو ڪم ڏين ٿا.

چؤياري:

رني ڪوٽ ۾ قلعن جهڙيون ٻه ٻيون اڏاوتون پڻ ملن ٿيون. اهي وڌايل مستطيل ٺلهه اُلهندي دروازي ۽ اڀرندي دروازي جي لڳ وڏي قلعي جي ديوار وٽ هر 500 فوٽن جي فاصلي تي واقع آهن. انهن کي چؤياري سڏيو وڃي ٿو. هر هڪ چؤياريءَ ۾ هڪ ئي وقت گهٽ ۾ گهٽ ويهه چوڪيدار ويهي سگهن ٿا.

قديم شاهراهه:

پراڻي زماني ۾ سنڌ هڪ قديم تجارتي شاهراهه ذريعي ايران سان ڳنڍيل هوندي هئي، جيڪا بلوچستان مان ويندي هئي. اها قديم شاهراهه رني ڪوٽ جي ويجهو لنگهندي هئي. اڃا به اها رني ڪوٽ جي لڳ ڏسي سگهجي ٿي.

ان قديم شاهراهه جا گذر هن ريت هئا: ايران کان بلوچستان، مڪران، سامونڊي ڪنارو، لانڍي، اورنگي، گجو، ڪراچي، ٿاڻو بولا خان، ڪرچات، نينگ، مولي، ٿرڙي، رني ڪوٽ لڳ، آمري، جهانگارا، سيوهڻ، ماڻڪتارو (ڦلجي ريلوي اسٽيشن جي ويجهو) پاٽ، سيتا ڳوٺ، راڌڻ، موئن جو دڙو، لاڙڪاڻو، سکر، ڪوٽ ڏيجي، شڪارپور، ڪوئٽا، روهڙي، ملتان ۽ اتان پنجاب.

ٻيو تجارتي رستو ڀـُـونـُـوچِ سمنڊ جي ڪناري کان ايران ۽ بلوچستان مان جدا جدا جابلو لڪن جهڙوڪ بولان لڪ مان ٿيندو، مڪران تائين ۽ اتان پنجگور، خضدار ۽ وري اتان مولا لڪ، روهيل لڪ ۽ ڦوسي لڪ مان لنگهندو ٽنڊو رحيم خان، واهي پانڌي، جوهي ۽ ڏکڻ پاسي منڇر ڍنڍ ۽ اڙل نهر کان آمري ۽ اتان شاهراهه ذريعي رني ڪوٽ جي پاسي کان لنگهندي ڏکڻ سنڌ تائين ۽ مٿي ڄاڻايل شاهراهه جي ذريعي اتر سنڌ تائين ويندو هو.

3100 ق. م کان اڪثر ڪري ايراني سياري جي مند ۾ آمريءَ طرف واپار سانگي ايندا هئا. اهي يا ته مڪران وٽان، سمنڊ جي ڪناري تان يا وري مٿي ڄاڻايل جابلو لڪن مان ايندا هئا، تنهنڪري رني ڪوٽ انهيءَ رستي جي ڀرسان جنگي حڪمت عمليءَ جي خيال کان ٺهرايو ويو هو. جيئن ته حملو ڪندڙ سنڌ ۾ انهيءَ رستي کان ايندا هئا، تنهنڪري اتان لنگهندڙ دشمن فوجن تي رني ڪوٽ مان سولائيءَ سان حملو ڪري سگهبو هو. اڄ به اتي، انهيءَ شاهراهه جا ڪي حصا ڏسي سگهجن ٿا.

ان نقطي جي پٺڀرائيءَ ۾ هڪ حوالو ڏجي ٿو:

 ”ايراني سرديءَ جي موسم ۾ بلوچستان جي واپاري مرڪزن مان ٿيندا، جوهيءَ ڀرسان مولان لڪ ٽپي منڇر واري علائقي ۾ ايندا هئا. ٽنڊي رحيم خان ۽ واهي پانڌيءَ کان ’روهيل لڪ‘، ’ ڦوسي لڪ‘ ۽ ’ڪٿراج لڪ‘ وٽ ’ لڪ گري‘ ٽپي سنڌ ۾ اچڻ جو ٻيو رستو هو. انهيءَ ساري قديم تجارتي رستي جي اهم لنگهن ۽ منزلن تان مليل مٽيءَ جي ٿانون مان معلوم ٿئي ٿو ته اتر توڻي ڏکڻ ايران جو بلوچستان سان، بلوچستان جو هڙاپا تمدن سان ۽ هڙاپا تهذيب جو موئن جي دڙي، آمريءَ ۽ ڪوٽ ڏيجي تهذيبن سان ڳانڍاپو هو. مٽيءَ جي ٿانون کان علاوه پڪيءَ ڳاڙهيءَ مٽيءَ مان ٺهيل ديوي ماتا، ٿوهي وارا ڏاند، مٽيءَ جا ڪنگڻ، ڳاڙهيءَ پڪيءَ مٽيءَ مان ٺهيل گاڏي، پٿر مان ٺهيل ٻيڙي ۽ ٽامي جا آئينا به انهيءَ قياس کي پختو ڪن ٿا... ۽ ايران، بلوچستان ۽ سنڌو ماٿريءَ جي قديم تهذيب جي مشترڪه قدرن جي شاهدي ٿا ڏين... جي قديم تجارتي شاهراهن ذريعي ڳنڍيل هئا.“

( ”ايران جا سنڌو ماٿريءَ سان ناتا“

از: ڪريم بخش خالد، ’نئين زندگي‘

آڪٽوبر 1971ع ص 44 - 45)

اها قديم تجارتي شاهراهه رني ڪوٽ جي ڀرسان لنگهندي، آمريءَ تائين ايندي هئي. انهيءَ جي ڀرسان پوءِ فوجي ضرورت هيٺ رني ڪوٽ تعمير ڪيو ويو هو. سنڌ انهيءَ رستي جي ذريعي ايران سان ڳنڍيل هئي. جابلو لڪن ۽ مڪران جي سامونڊي ڪناري وارا رستا پڻ ان شاهراهه سان مليل هئا، جيڪا بلوچستان ذريعي ايران ۽ ڀـُـونـُـوچِ سمنڊ تائين هوندي هئي.

سمنڊ جي سطح:

باقي دنيا جي ڀيٽ ۾ سنڌ گهڻي عرصي تائين سمنڊ جي سطح هيٺ رهي آهي، تنهنڪري 6500 سال اڳ علم الانسان جي باري ۾ ڪا به ڄاڻ ڪانهي، جڏهن ته باقي دنيا ۾ انهيءَ جو عرصو 40000 کان 7500 سال اڳ مقرر ڪيو ويو آهي.

پويون پٿر جي زماني وارو انقلاب 8000 ق.م ڌاري وچ اوڀر ۾ شروع ٿيو ۽ 5100 ق.م ۾ ايران پهتو هو. پر ان کان پوءِ 1400 سالن تائين، سنڌ ۾ اهو انقلاب ڪونه آيو هو، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ اوائلي پٿر واري دؤر جون وسنديون 3700 ق. م کان اڳ ڪونه ملن ٿيون. اهو خيال انهيءَ ڪري پيدا ٿيو، ڇاڪاڻ ته سنڌ اڃا سمنڊ جي هيٺ هئي. گذريل 20,000 هزار سالن تائين سمنڊ جي سطح ۾ ڦيرين گهيرين جي مطالعي مان پتو پوي ٿو ته پٿر جو دؤر سنڌ جي بدران وچ اوڀر ۾ پهرين ڇو شروع ٿيو هو.

اٽڪل هڪ لک سال اڳ سمنڊ جي سطح مٿي ٿيڻ شروع ٿي هئي، ۽ اها موجوده سطح کان 430 کان 400 فوٽن تائين مٿي هئي، پوءِ 30000 کان 20000 سالن جي وچ ڌاري اها سطح گهٽجڻ شروع ٿي ۽ 10000 سال اڳ سمنڊ سيوهڻ ويجهو، 10080 سال اڳ موجوده لاڙڪاڻي شهر جي لڳ ۽ 12000 سال اڳ ملتان تائين هوندو هو. تنهنڪري کاڌي جي شين پيدا ڪرڻ جو هنر سنڌ ۾ جلدي ترقي نه ڪري سگهيو هو، ڇالاءِ ته سنڌ سمنڊ هيٺ هئي.

منڇر ڍنڍ:

منڇر ڍنڍ ٻه ڀيرا سمنڊ هيٺ رهي آهي، اها ڍنڍ 10000 ق. م ڌاري جي آهي ۽ انهيءَ تي پوءِ آمريءَ جي تهذيب اُسري هئي. منڇر ڍنڍ جي چؤڌاري جيڪي ڳوٺ آهن، جهڙوڪ جهانگارا باجارا، بوبڪ، اڪتڙ، آراضي، شاهه حسن وغيره به آمري جي دور جا آهن. سمنڊ جي لهي وڃڻ کان پوءِ کيرٿر جبلن تان ڪيترين ئي باراني ندين جو پاڻي وهي اچي، ان ايراضيءَ ۾ گڏ ٿيو هو، جنهن تي آمري تهذيب جي اوسر ٿي هئي.

آمريءَ ڏانهن ويندڙ رستا:

پراڻي زماني ۾ وقت بوقت ٻاهريان ماڻهو لڏي آمريءَ ايندا هئا. پٿر جي دؤر جا ماڻهو (جيڪي اناج پيدا ڪندا هئا) ڀـُـونـُـوچِ سمنڊ جي ڪناري تان ايران آيا، اتان بلوچستان ۽ پوءِ سنڌ ۾ آيا. انهيءَ لڏپلاڻ ۾ ٻه هزار سال لڳي ويا هئا. هاري سيستان جي ذريعي مڪران ۾ آيا ۽ نيٺ سنڌ پهتا. اهي پاڻ سان چـَـڪ ۽ اناج پيدا ڪرڻ جا سڌريل طريقا کڻي آيا. زراعت ۾ پهرين شيءِ ڪڻڪ هئي، جيڪا ڀـُـونـُـوچ سمنڊ جي ڪناري تي سخت مينهن پوڻ جي ڪري ڦـُـٽي هئي. ايران ۽ بلوچستان به ڀـُـونـُـوچ سمنڊ جي آبهوا واري خطي ۾ سمجهيا وڃن ٿا.

اهي ڏکڻ - اولهه وارا ايراني (قديم سٿي) سنڌ ۾ ۽ خاص ڪري آمريءَ ۾ مڪران طرفان آيا هئا. اهي جنهن رستي تان آيا هئا، اهو هو ايراني مڪران کان پاڪستاني مڪران تائين. هنن جابلو رستن جي بدران سولو رستو ورتو ۽ مڪران کان اورنگي، لانڍي ۽ اتان سمنڊ جو ڪنارو ڏئي گجو کان ڏکڻ سنڌ ۽ اتان آمريءَ آيا.

ڪي وري ٻئي رستي کان آمريءَ آيا. اهو رستو مڪران کان پنجگور، خضدار، ۽ اتان وري مولا لڪ، روهيل لڪ ۽ ڦوسي لڪ لنگهي ٽـنڊو رحيم خان، واهي پانڌي، جوهي (موجوده دادو ضلعو) ڏکڻ طرف منڇر ڍنڍ ڏانهن ۽ وري اتان اڙل واهه ذريعي آمريءَ تائين هوندو هو.

سنڌ طرف اها لڏپلاڻ 3100 ق. م ڌاري ٿي هئي. ٻي لڏپلاڻ ساڳئي هنڌان مولا لڪ وٽان ڪوٽ ڏيجي تائين ٿي هئي. انهن لڏي آيل ماڻهن هر سال سنڌو درياءَ ۾ ٻوڏ کان پوءِ ڪچي جي زمينن ۾ ۽ مينهن پوڻ کان پوءِ ميدانن ۾اناج اپايو هو.

انهن کي آمريءَ جا رهاڪو ۽ ڪوٽ ڏيجيءَ جا رهاڪو ڪوٺيو ويو. اهو سلسلو اٽڪل 700 سالن تائين هلندو رهيو، جڏهن 2500 ق. م کان 2300 ق. م ڌاري ڏکڻ اولهه ايران کان هڪ ٻي لڏپلاڻ شروع ٿي، جنهن تي آمريءَ جي اثرن سان گڏ هڙپائي اثر پڻ هئا. ان مان پتو پوي ٿو ته نوان آيل ماڻهو پراڻي ثقافت ۾ ضم ٿي ويا هئا. اها ثقافت رڳو آمريءَ تائين محدود نه هئي، پر سنڌ ۾ جتي به پاڻيءَ جو ريڻي، هاڪڙو، نارو سرشتو موجود هو، اتي اها ثقافت پکڙيل هئي. اهڙيءَ طرح سڄيءَ سنڌ جي ثقافت ۾ هڪجهڙائي پيدا ٿي.

شڪاري:

سنڌو درياءَ جي پيٽ ۽ ڍنڍن جهڙوڪ منڇر جي ويجهو رهندڙ ماڻهو شڪاري قبيلن جا هوندا هئا، جن جو گذران مڇي، جانورن جو شڪار ۽ جهنگلي ٻوٽن تي هوندو هو، سنڌ جي ٻوڏ هيٺ ايندڙ ميدانن ۾ ٻني ٻارو ڪندڙ ماڻهو رهندا هئا، جيڪي سڀئي ڏکڻ اولهه ايران مان لڏي آيا هئا.

ثقافت:

2500 ق. م کان 2300 ق. م تائين وارو عرصو خالص آمري ۽ هڙپائي ثقافت جو عارضي دؤر هو. قديم آثـارن مان ثابت ٿيو آهي ته ماڻهن جي اها ٽين لهر پڻ ڏکڻ اوڀر ايران مان آئي هئي.

ڪوٽ ڏيجي جي اوائلي دور (هڙپا کان اڳ جو) 2605 ق. م کان 140 ق. م تائين هو، جنهن جي آخر ۾ ڪوٽ ڏيجي تباهه ٿي ويو، ۽ ان جي جاءِ هڙپائي ثقافت ورتي هئي. پر اڳ - هڙپائي ۽ هڙپائي آثار ٻڌائن ٿا ته ٻئي ثقافتون ۽ ٻئي قومون پاڻ ۾ جذب ٿينديون رهيون هيون.

اڳ - هڙپائي (آمري ۽ ڪوٽ ڏيجي جا سٿي) ثقافت ان ساڳي ايراضيءَ ۾ هئي، جيڪا هڙپائي (سنڌو ماٿر) ثقافت جي هوندي هئي. هنن جي اها ساڳي ثقافت هوندي هئي. اڄ به سموري ڪڇ ۾ سنڌي ڳالهائي وڃي ٿي ۽ ملتان تائين سرائڪي ڳالهائجي ٿي، جيڪا سنڌيءَ جي تمام گهڻو ويجهو آهي. عرب سيلانين ۽ جاگرافيدانن لکيو آهي ته، هڪ هزار سال اڳ ملتان ۾ سنڌي ڳالهائي ويندي هئي. پاڪستان جي سرحدن جي ٻئي پاسي راجستان، جيسلمير، اجمير ۽ بيڪانير جي ڪيترن ئي حصن ۾ ته اڄ به سنڌي عام جام ڳالهائي وڃي ٿي.

آمريءَ جو سڙڻ:

آمري ۽ ڪوٽ ڏيجيءَ کي هڙپائي ماڻهن باهه ڏئي ساڙيو هو ۽ اڳ - هڙپائي ماڻهو هنن ۾ ضم ٿيڻ جي ڪري سلامت رهجي ويا هئا.

هڙپائي ماڻهو پڻ مڪران جي رستي کان ڏکڻ - اولهه ايران مان آيا هئا. اهي گهڻو ڪري بولان ۽ گومل لڪن مان آيا هئا ۽ هنن اهو وڏو رستو ورتو هو، جيڪو رني ڪوٽ لڳ هوندو هو. اهي ماڻهو آمري، سيوهڻ ۽ موئن جي دڙي ۾ ايندا هئا.

موئن جي دڙي ۽ آمريءَ جي تباهي:

موئن جي دڙي جي تباهي انهن ماڻهن جي هٿان ٿي هئي، جيڪي هڪ نئين ۽ چوٿين لڏپلاڻ ۾ سنڌ ۾ آيا هئا ۽ جن کي آريا سڏيو ويو هو، پر جيئن پوءِ ثابت ٿيو آهي ته اهي ماڻهو ڏکڻ - اولهه ايران جا رهاڪو هئا. اُهي 31000 ق. م کان هڙپائي شهرن جي تباهيءَ تائين (1750 کان 1600 ق.م) ميسوپوٽيميا (عراق) سان ٻه ڀيرا تجارتي ناتا ٿيا هئا، پهريون اڳ - هڙپائي (آمري) دور ۾ ۽ ٻيو سنڌو شهري دورن ۾ 2100 ق.م کان 1900 ق.م تائين. موئن جي دڙي ۽ آمريءَ جي تباهيءَ جو دور 1800 ق.م کان 1600 ق.م تائين ڄاڻايل آهي.

آمري: (سنڌ ۾ پهرين انساني وسندي)

آمريءَ لڳ غارن مان جيڪي انساني جسم جا هڏا ۽ کوپڙيون مليون آهن، تن جي چڪاس مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ پهرين انساني آبادي آمريءَ ۾ ٿي هئي. هوڏانهن هڙپا ۽ سنڌو ماٿر جي ماڻهن جي هڏن ۽ کوپڙين جي چڪاس بابت جيڪا سرڪاري رپورٽ پڌري ٿي آهي، ان ۾ 4000 ق. م ڄاڻايل آهي، جنهن ۾  ڪوٽ ڏيجي، آمري، هڙپا ۽ جهـُـڪر جا دور اچي وڃن ٿا. انهيءَ مان ظاهر ٿئي ٿو ته هڙپا جا ماڻهو دراوڙ هوندا هئا. روس، فنلينڊ، نيدر لينڊ ۽ دنيا جي ٻين ملڪن جا ماهر موئن جي دڙي مان لڌل سنڌو ماٿر جي صورتخطيءَ کي پڙهڻ جي لاءِ ڪمپيوٽر سميت ڪيترن ئي وسيلن کان ڪم وٺڻ جي ڪوششن ۾آهن، پر اڃاتائين هنن کي ڪاميابي حاصل نه ٿي آهي. ان سلسلي ۾ ڪاميابي حاصل ٿيڻ کان پوءِ سنڌو ماٿر ۽ اتي جي رهاڪن بابت صحيح ڄاڻ حاصل ٿي سگهندي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com