سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 1968ع

مضمون:

صفحو :7

غلام حسين رنگريز

ڏيــــهـي ڏکـيــا، ڏسـنديـئي،  روئي رت آ رات پئي،

ڇـــولـيـن جـي اڄ ڇـوهه جيان،     دل تي ايندي ياد وئي.

يــاد اٿـــم، ســا پــريــت سـنــدءِ،     جهڙي ٿڌڙي هير هئي.

اکـيـون تـهنـجون مينگهه ملهار،          يا ڪي مست شرابي ٻئي.

نـيـنـهـن اوهـان ســان مٺڙا اڄ،    جهڙو اڳ سو، ساڳوئي.

بــادل، طــوفـــان، گــهـور گهٽا،      پوڀي، جلندي، جوت رهي!

”راز“ بلڙائي

چئو نه تون واعظ مون کي بدڪار عصيان کي ڏسي،

فيصلو ڪر پوءِ ، پهرين فضلِ يزدان کي ڏسي.

 

 هي زماني جا حوادث ڪيئن ڪندا مون کي اداس،

مان پريشان ٿي پيس زلفِ پريشان کي ڏسي.

 

اڄ حسينان جهان جي روءِ خوشرُو ڪين آهه،

ٿا رهن حيران مون بيمار، کي ڏسي.

 

شڪر لِله، يار منهن جو ٿيو رفوگر آهه نيٺ،

چاڪ دل، چاڪ جگر، چاڪ گريبان کي ڏسي.

 

تيغ ابروءَ سان اڳئي جي دليون آهي شهيد،

سي ڊڄن ڪيئن اڄ ڀلا، شمشير بر ان کي ڏسي.

 

ڪشتيءَ مسلم جو آهي ”راز“ حافظ خود خدا،

ڇو ٿئين ٿو تون پريشان ڪنهن به طوفان کي ڏسي.

ولي محمد ”وفا“

دهراءِ نه شب-غم جي فساني کي ڇڏي ڏي،

اي موت هلي آءُ، بهاني کي ڇڏي ڏي.

سک سان نه جيئڻ ڏيندي ڪڏهن رسم زمانه،

بهتر آ، انهيءَ کان ته زماني کي ڇڏي ڏي.

جي زلف لکن ٿا ته ڦري نانگ ٿين ٿا،

ديوانا، ستم ڪيش جي شاني کي ڇڏي ڏي.

تنهنجا ٿي چمي پير، ستارن جي سهائي،

هن پار ”وفا“ آءُ، زماني کي ڇڏي ڏي.

”جليل“ سروري

عشق ۾ جيڪڏهن برو، ٿيندو،

دل لڳايون ٿا، جو ٿيو، ٿيندو.

 

تون رٺين جي ته ڪر، خدا نه رٺو!

دوست پنهنجو به ڪو نه ڪو، ٿيندو.

 

راهِ تاريڪ جي نه پرواهه آهه.

دل جلايون ٿا، سوجهرو ٿيندو.

 

تون جي ڀيرو ڪندين ته پو، اي دوست،

دردمــنــدن جـــو حـــوصــلـــو، ٿــيــنــدو.

 

دست نازڪ سان ٿو ڏئي ساقي،

زاهدا !اڄ ذرا، چُڪو ٿيندو.

 

يار جي در جي حاضري ڀربي

پيار ۾ ڪهڙو ڪو صلو ٿيندو.

 

يار آهن، ”جليل“ بيگانا،

ڪير ڪنهن جو نه ڪو ٿيو، ٿيندو.

”راز“ ناٿن شاهي

ڪيئن ڳايان غزل،

تـون هــئين جــــو رٺــــل !

 

هـــاڻ تـــو جــــو ڏٺــــو،

زندگي جا ڪنول.

 

ٿـــي پـــيـــا مــرڪـــنــدڙ،

نور سان سڀ ڀنل.

 

ٿي ويا، ڍير سڀ،

نفرتن جا محل.

 

زنــــدگــــي ، زنــــدگــــي،

خلوتن ۾ ستل.

 

روشـــــنــــي، روشـــــنـــــي،

منزلن تي کتل.

پرڀو ”ناشاد“

موسم گل، شباب اوري آءُ،

روح رقصان، رباب اوري آءُ!

دل جي دنيا ۾ آهه تاريڪي،

اي رخِ ماهتاب اوري آءُ!

مان پرهه جو پياڪ ، اي پيارا،

ارغواني شراب، اوري آءُ!

ميڪشن جي صلاح کي به ته مڃ،

شيخ عاليجناب اوري آءُ!

مون تڪلف کي آهه ترڪ ڪيو،

اي مہِ، بي نقاب، اوري آءُ!

ويو وڌي شوق اڄ تلاوت جو،

چــــهـــــرءِ، بــيـحــجــاب، اوري آءُ!

قصو، زيست، داستان طويل،

آخري فصل و باب، اوري آءُ.

قطعا

ڊاڪٽر”بيخود“ حسيني

 

(1)

دشمن جون پٽي ڇڏيو پاڙيون،

دوست ساڻ دل کي هيرايو:

پاڻ ۾ ئي جهڪي جهڪي ملبو،

غير جو سر کڄي ته ڪيرايو.

(2)

سڀ ڏبو آهه ڪجهه نه وٺبو آهه،

قرب ۾ ڪس ئي کائبي آهي:

سڀڪو ان وقت ٿو سکي ”بيخود“،

جڏهن ڪا شئي وڃائبي آهي!

(3)

دوست سان ڳالهه صاف صاف ڪبي،

غير کي ٻي ٻڌائبي آهي:

جيڪا آخر ٻڌائڻي هوندي،

ڳالهه سائي لڪائبي آهي.

(4)

هار ۾ آهه جيت جو پيغام،

جو ڪريو ناهه سوار ئي ناهي:

هو ٿو لٽجي ۽ ماٺ ۾ آهي،

منهنجي دل کي قرار ئي ناهي.

(5) 

سور سهندي به سال ويا گذري،

هڪ به وعدو نه ٿيو ڪڏهن پورو،

تون ته ڳالهيون ڪرين ٿو چاٻيءَ تي،

جئن ڪو ٻولي ٿو ٻار سان ڀورو.

 

(6)

جو ٺهيل آهه تنهن کي ڊاهيو ٿا،

جو ڊٺل آهه ڇو نٿا اڏيو:

غير کي سڏ ڪري وهاريو ٿا،

ويٺلن کي چئو: ڀڄو، لڏيو!

(7)

هڪ ڏندڻ ۽ ٻيو تڏو آهي.

ڇو جو ”بيخود“ چون ٿا شاهه آهيان:

ملڪ ۾ سڀ ڪو شاهه ئي آهي،

شڪر آهي مان هيڪلو ناهيان.

(8)

تون اسان کان سواءِ خوش آهين،

جو کتئي سو  کسي ڦُري ورتئي:

جيڪو ڏيندو اچئي سو يار اٿئي،

جيڪو تو کان کڻي گهري، ورتئي.

(9)

ورنه ڏاڍو ڏکيو سڄڻ ٿيندين،

منهنجون ڳالهيون ٻڌي، چريو چئجئين:

ڪوڙ اهڙا ڪجئين جو سچ سمجهن،

مون سوا پيو ڏٽا سٽا هڻجئين.

(10)

چور آهي جو شاهه ٿو سڏجي،

سک ڏسڻ وارو سور ويٺو سهي:

اڳ نرڙ  ۾ لکيل ئي ٿيندو هو،

اڄ ڪياڙيءَ مٿان قلم ٿو وهي.

(11)

منهنجا مارو ٻڌي ڊڄي ويٺا،

ڪوٽ آهن ۽ لوهه جون ڪڙيون:

ماٺ اهڙي جو ڄڻ ته ڪونه هئا،

ورنه راڄن ۾ هون ها رڙيون.

(12)

عشق گهرجي جو سير تي چاڙهي،

هي هوَس آ ڦرهو ڪڍي ويندئي:

مات پنهنجن سان ٿي ته جي پوندين،

غير سان گڏ نه جي جو سر نيندئي

(13)

سڀ ڇڏي ڏي ته پوءِ ٿيو مومن،

هٿ کڻڻ کي سلام چئجي ٿو:

مارجي ماٺ ۾ رهي جيڪو،

خاص ۾ سو عوام چئجي ٿو.

 

هري ”دلگير“

 

جي نه ملندين هنئر، ڪڏهن ملندين؟

عمر گذري وڃي متان پيارا!

تنهنجي وعدي تي پيئي هوت هلان،

تو کان وسري وڃي متان پيارا!

رات جو ئي ته توکي ملڻو آهه،

ســج نـه اُڀــري وڃــي مــــتــــــان پــــيــــارا !

ساس تي ڀروسو ڀلا ڪهڙو؟

هي پکي اڄ لنوي پيو لاتيون،

اڄ ئي اڏري وڃي متان پيارا!

شبير “هاتف“

(1)

اڄ اهل چمن ۾ ٿا هلن تنهنجا فسانا،

ڏسجن ٿيون گل لاله ۾ تنهنجون ئي نشانيون:

مون کي به ته ڏيکار اهو شوخ تبسم،

تڙپايو ڇڏين جنهن سان بهارن جون جوانيون.

 

(2)

مخمور نگاهن جا سوين مست اشارا،

معصوم ادائن ۾ عجب شوق جا پيغام،

بيساخته مرڪڻ ۽ وري مرڪي نهارڻ،

ڪنهن ڪنهن کي مليا هوندا اهي عشق جا انعام!

”ذ والفقار“ راشدي

 

(1)

سانجهيءَ کان پوءِ منهنجا سيڻ،

اڀ ، ستارا، چنڊ ۽ نيڻ.

ماٺ پڇي ٿي ماٺيڻا،

سک ستي ڪا ڀائن –ڀيڻ؟

(2)

پهچائيندو ڪهڙي پار،

ماڻهو کي مايا جو موهه؟

ڪيسين رهندو، راڄ-ڌڻي،

راجا جو راڄن سان ڊوهه؟

(3)

آسمان جي اتاهين تان نهاري رات ڀر،

ڪنهن ستارن جي شعاعن مان ڇٽيو نيڻن جو نور؟

کير –ڌارا جي سجايل سيج تي ليٽيل پري،

ڇا ڀلا ڄاڻي سگهي ڌرتيءَ جي اوجاڳن جو سور!

(4)

ڪو نه واقف آهي پنهنجي ڪرت جو،

ڪنهن نه ڄاتو هو اسان جي ريت کي:

ناهي جن کي ٻوجهه جو اندر پسن،

ڪير بي سُرتن کي پنهنجي دل ڏسي.

ڊاڪٽر لکميچند ”پريم“

 

(1)

جام ساقيءَ جي هٿن ”پريم“ پيارو اهڙو،

ويو هٿن مان هي هليو جسم وئي جان به هلي:

ڪيئن قابوءَ ۾ رکي قلب ڪوئي اهڙي سمي!

بيخوديءَ ۾ ڇڏي ڪيئن ڪو ساقيءَ جي ڳلي؟

(2)

جام ساقيءَ جي هٿن ”پريم“ پياريو اهڙو،

پاڻ کي پاڻ ويو هوش اڏامي هڪدم.

هوش ويو، جوش ڀلا ڪنهن جي لئه ٿو جاڳي؟

هوش جي دنيا سڄي ٿي ويئي درهم برهم.

(3)

جام ساقيءَ جي هٿن ”پريم“ پياريو اهڙو،

هوش لئه حيلو، وسيلو سڄو بيسود رهيو:

سُرڪ هڪ ساڻ ٿيا زهد، عبادت، ڪافور،

ڪوئي عابد نه رهيو ۽ نڪو معبود رهيو!

خواب ”حيدرآبادي“

 

(1)

رياڪاري جي سجدي جي نه حاجت آهه قدرت کي،

نه اهڙو عجز بدلائي سگهيو، ڪڏهين مشيّت کي:

سندءِ ڏيکاءُ جا آهن، زماني کي، اهي سجدا،

نه ڪر بدنام تون ذوقِ عبادت، دين و ملت کي.

(2)

گلن سان نه ڪر، دل ، ستارن سان رانديون،

ٺهن ٿيون سندءِ، تاجدارن سان ڳالهيون:

گلن جي حسين، رنگ تي مرڻ وارا،

تون ڪر، خونِ دل جي بهارن سان ڳالهيون.

(3)

بلبل ۽ گل جو عشق، يا پروانو، شمع ڏس،

چنڊ ۽ چڪور، لوهه ۽ چقمق جا ڏس خصال.

ماري جياري پاڻ کي ڏس، سرمدي حيات،

عيسيٰ جو ٿي نفس، يا ته مريم جو ٿي مثال.

(4)

ادبي چمن کي علم سان، جن آبدار ڪيو،

اونداهين کي فڪر سندي، چاندني ڏني.

شاهد آ تن جي شعله نوائي تي فڪرو فن،

جن بزم ڪائنات کي نئين روشني ڏني.

(5)

فطرت جو جنهن ڪيو هجي، اڀياس رات ڏينهن،

معنيٰ جا موتي، سوئي ڪڍي ٿو سپن منجهان.

جيڪو سخا ٿو فن جي ڪري، سو بکون مري،

ليڪن بکون مري به جياريو، ادب اسان.

(6)

تخليق ڪائنات کان، تا دور صدحيات،

موجِ سخن سان بحر ادب کي ڀريو اسان،

بيڪار ٿي وڃي ٿو جتي، فلسفيءَ جو فڪر،

ات رهبري ڪرڻ ٿي اچي، شعر جي زبان!

(7)

فرش ادب تي فڪر جي تارن جو ٿيو گمان،

باب ادب ۾ آيا ڪٿان کان لهي اديب،

ڪنهن جي سخن جي ويس ۾، نغمه سرا ٿيو ڪير؟

ظاهر زبان ٿيو پوي، طرز بيان منجهان.

(8)

مون اڄوڪي انجمن جي بيرخي آهي ڏٺي،

جاءِ عبرت آهه، حلقن ۾ ڏسان ٿو هڪ هٽي.

ٿو ڏسان جنهن کي اهو ٿو پاڻ کي سمجهي بلي!

آبرو سمجهيم انهيءَ ۾ ، مون متل محفل ڇڏي.

(9)

 هي حسن ۽ هي عشق، بهم شغله و شبنم،

صدقي ۾ بڻيو حسن جي، هي سارو ئي عالم.

ظاهر نه ٿئي حسن، ته ڪٿ عشق هجي ها،

پيدا ئي ٿئي ڪين ها، جنت نه جهنم.

”آثم“ ناٿن شاهي

(1)

زندگي هڪ غريب شاعر جي،

گفتگو ۾ تباهه ڪر دنيا !

هن جي دل مان جڏهن ڪا نڪري ”آهه“

تون تڏهن ”واهه واهه“ ڪر دنيا!

(2)

تنهنجي درگاهه مان جناب اعليٰ !

مون کي غم ئي مليو، مليو ته سهي،

منهنجي خدمات جو صلو مون کي،

گرچ ڪَمِ ئي مليو، مليو ته سَهي.

”استاد“ بخاري

 

(1)

ستارن جي چمڪ جنهن جي جگر کي ڪين گرمائي،

اها بيحس نيلي آسمان جي ڇت نه آهيان مان.

گلن جو رنگ ويو جنهن جي نظر ۽ خون نه تڙپائي،

اها ڪنهن باغ ۾ بيٺل سرن جي ڀت نه آهيان مان.

 

(2)

اڇا ڪارا، برهمڻ ڀيل، هي ۽ هو، الڳ، ليڪن،

اکين توڙي چپن تن جي ۾ ساڳيون قدرتون آهن:

جي روئن ٿا ته هڪ هڪ لڙڪ ۾ ٽي ٽي جهنم ٿن،

جي مرڪن ٿا ته هر هڪ مرڪ ڏهه ڏهه جنتون آهن.

 

(3)

چون ٿا خوش رهو، ٽهڪو ، کلو، ڳايو، ڪريو موجون،

نه ڀلجي ڀي جي ڪريو ڪنهن بات جي ڳڻتي:

سڀاڻي جو ته او ناصح، اوهان کان ٿا ٻڌون نالو،

اسان کي کائي ويئي آ ، اڄوڪي رات جي ڳڻتي.

 

(4)

نه جي ڪو حق وٺندو ۽ نه جي ڪو حال بدليندو،

ته ان ۾ ملڪ ۽ ماحول جو ڪو ڏوهه ڀي ناهي،

ڪڏهن سج آيو سنبري جو انهيءَ کي رات موٽايو،

هو پنهنجي وقت تي ايندو ته ان ۾ رات جو ڇاهي.

 

(5)

ڪڍون ٿا ظلم جي اوندهه، جهان مان شعر جي ڇڄ سان،

اسان کي دل جو دل ۾ عقل ئي خود ڏاهري چوندو.

خرد جي وٽ، ٻڌيءَ جو تيل، الفت جو ڏيو ٺاهي،

عمل جي تِيلڙي ٻاريون ته جهٽ پٽ نور ٿي پوندو.

موتي پرڪاش

 

(1)

دلبري تو کان گهريم، تو دل ڏني،

راه طلبيم، تو مون کي منزل ڏني،

ڇوٽڪارو درد کان جڏهين گهريم،

ماهرو! تو شمع ۽ محفل ڏني.

 

(2)

مون کي سالن کان هئي هڪ آرزو،

ڪهڙو ٿيندو ڏينهن رهندي آبرو،

پر ملڻ تي جيڪي گذريو آ نه پڇ،

ڪين شل توسان ٿيان ها دوبدو!

 

(3)

برق تي رڳ رڳ جو رت ڊوڙاءِ تون،

جو نه سمجهيو آهه جڳ، سمجهاءِ تون.

گيت ! اٿ هن قلب جو تون قيد ٽوڙ،

بي زبانن جي زبان، ڳالهاءِ تون.

”نديم“ انصاري

(1)

خزان جي وحشت گمان منهنجو، گلن جي نڪهت خيال تنهنجو،

اسان سراسر اداس ليڪن، جهان آرا، جمال تنهنجو.

جهان ته حالات جو  آ پاڇو، هي عڪس پنهنجي گمان جو آ،

لذيذ ڪنهن کي جفا اوهان جي، عذاب ڪنهن کي وصال تنهنجو.

 

(2)

دل جي دنيا به ڪا عجيب آهي!

بس هلي پئي حسين اشارن تي.

سادگي آ فريب سهڻن جي،

ڀروسو ڪر نه حسن وارن تي.

ڪنهن کسي مرڪ گل جي چپڙن تان؟

ڪهڙي آفت ڪِري بهارن تي؟

ٻيڪ ٻڪريءَ جي ڪين ٿي ٻڌجي،

ڪهڙا گهوڙا چڙهيا سوارن تي؟  

”انور“ هالائي

 

(1)

هي مقتلگاهه، هي گردن، اوهان جي لطف جا طالب،

پياسو دست، جانان، خنجرِ قاتل، اداس آهي:

سخيءَ جي بيرخي اڄ انتها درجي تي پهتي آهه،

دردِ جانان تي هي منّت ڪشِ سائل، اُداس آهي!

 

(2)

ڪمال منهنجي وفا جو ته ڏس، خدا جو قسم،

جفا شعار جي آهن،انهن سان پيار ڪيم:

فــريـبِ راهــه ڏنـــائـــون، مــگــر خــبــر نــه پــئـــي،

قــدم قــدم تــي رڳـــو، رهــزنــن ســان پــيــار ڪـيــم.

 

(3)

صــبــر جـــي چـــهـــري تـــي غـــيـــرت جـــو جــلال،

ڪـــيــر آهــــي، جـــو ڪــــڇـــي ڪـــافـــر ٿــئـــي:

مـــوت ســســتــو، زنـــدگـــي مــهــنــگــي ڏٺــم،

بخت ڪنهن جو، هئن نه شل بدتر ٿئي.

 

(4)

صــبــح جـــي ڳــاڙهــي ڪــڪـــر جـــو تــوکـــي سـنـهــن،

مــنـهــنـجـي اوجــاڳـيــل اکــيــن ۾ تــون نــهـــار:

صـــبــــر جـــي درمــــانـــدگــــي، کـــائـــڻ اچـــــي،

قــــلــب جــــــي بـــيـــچارگي ۾ اضــطـــرار!

 

(5)

ناکئا، طوفان ڏسي، ڇو ٿو ڊڄين، روئين، رڙين،

منهنجي ڪشتي جو ڀلي، گرداب ئي ساحل ٿئي:

اي سخي، بيتاب دل تو کان سوا ڪاڏي وڃي،

شل نه ٽڪرا، تنهنجي در تي، ڪا سئه  سائل ٿئي.

 

(6)

جڏهن دشمن به کليا اڄ، ۽ پنهنجن پڻ هنيا طعنا،

جڏهن ديدار لئه دل کي تمنا ئي ڪري ويٺس:

مون پٿر کي خدا سمجهي، رکيو سر پنهنجو سجدي ۾،

اجايو غير اڳيان ، پنهنجي گهٽتائي ڪري ويٺس!

 

وفا“ ناٿن شاهي

(1)

شيطنت ڪيش مسلمان ڏٺا آهن مون،

شڪل، انسان ۾ شيطان ڏٺا آهن مون:

جن جي محفل ۾ رڳو ذڪر بتن جو آهي،

اهڙا ڀي حافظ قرآن ڏٺا آهن مون.

 

(2)

مـــنــهــنــجــا نــغــمــات ٻــڌي، وٽ کــائـــن،

حــــرص جــــو شــــور مــــــچــــائڻ وارا:

مــنــهــنــجــي آواز ۾ دٻـــجـــي ويــنــديــن،

مـــنـــهـــنـــجـــو آواز دٻـــائـــڻ وارا!

 

(3)

رات ڀــــر چـــنـــڊ ســـان ڳـــالـــهـــائـــڻ جــو،

مـــنــهـنـجــو دســتــور کــســي ويـــو آهــيـــن:

ڪــيــڏو ســاڙولـــو ۽ حــــاســـد آهـــيــــن،

مون کان سڀ سور کسي ويو آهين.

 

(4)

مون جڏهن ڀي شب تنهائي ۾،

درد جـــو دور دکـــايـــو آهـــي:

دل جي دونهي جي پس منظر ۾،

تنهنجو چهرو نظر آيو آهي!

 

(5)

منهنجي جهوليءَ ۾ ڇو وجهين ٿو خار،

گل جڏهن ڀي بهار آڻي ٿو:

موت جو مون کي ڊپ نه ڏي ايڏو،

موت مون کي گهڻو سڃاڻي ٿو!

 

(6)

عقل ڪيڏا به وس ڪري، ليڪن،

حسن جو سحر، پرفسون رهندو:

ضبط جي مصلحت هجي ڇا ڀي،

عشق آماده جنون رهندو.

ارجن ”حاسد“

 

(1)

تون جي ايندين ته ڌڙڪندي هيءَ دل،

تون جي ايندين ته غم سان ٺاهه ڪبو:

تون جي ايندين ته زير لب مرڪي،

تنهنجي ديدار جو گناهه ڪبو.

(2)

تون جي ايندين، چمن ۾ ايندو بهار،

۽ گلن تي وري ، نکار ايندو:

شاخ، گل، بيقرار ٿيندي ضرور،

پر ڪلين کي ته ڪجهه قرار ايندو!

(3)

تون جي ايندين، ته چنڊ جي سرهاڻ،

چاندني بنجي، مسڪرائيندي:

تون جي ايندين ته ڪائنات سڄي،

تنهنجي قدمن تي، سر جهڪائيندي!

(4)

تون جي ايندين ته ٽمڪندا تارا،

تون جي ايندين، نظر جهڪي ويندي:

تون جي ايندين ته دل ٽڙي پوندي،

هڪ گهڙيءَ لاءِ، اک لڳي ويندي.

(5)

تون اچڻ جا ٿو عهد ڪرين،

پر جڏهن منهنجي گهر ٻه پير ڀرين:

اچ، ازل کان مون انتظار ڪيو،

مون صدين کان آ توکي پيار ڪيو.

”مشتاق“ سچاروي

(1)

 گلن ۾ تازگي رعنائي آهي، رنگ ويو ناهي

رهن زنده ٿا ليڪن زندگي جي جستجو ناهي:

هزارين داستان رنگين دنيا ڀر جا ڄاڻن ٿا،

اگر ناهي سندن دل ۾ فقط ”الله هو“ ناهي! 

(2)

محبت ۾ ستم سهڻا پون ٿا،

پيالا زهر جا پيڻا پون ٿا:

وفا ۾ ساهه سر ڏي ناهه ڏسبو،

هتي هر شئي تان هٿ ڌئڻا پون ٿا!

رباعيون

حافظ ”احسن“ چنا

 

(1)

مفلس جي زماني ۾ نه عزت عظمت،

هر ڪوئي ڪري ان کان پيو ٿو نفرت:

توڙي هو هجي ڀل ته نسب ۾ اعليٰ،

ممتاز اهو آهه جو اهل، دولت!

(2)  

اخلاق ۽ ڪردار جو ڪونهي معيار،

هر جاءِ معزز رهي سرمايه دار:

افسوس زمانو هيءُ اچي ويو ڪهڙو،

دولت کان سواءِ خوبيون اڄ سڀ بيڪار.

(3)

اڄ تلخ حياتي ٿو گذاري هر ڪو،

سک سانت  ۽ راحت جو رهيو بس نالو:

هر ڪوئي پريشاني ۾ پورو آهي،

هڪ دل ۽ سوين سور جو آهي ليکو!

(4)

جي پيٽ بکيا، انگ اگهاڙا، بي گهر،

مزدوري ۽ محنت ۾ گذارن ابتر:

ڪو ترس انهن تي نه اچي ٿو ڪنهن کي،

افسوس هي عبرت جو ٿو ڏسجي منظر!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com