سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 1968ع

مضمون:

صفحو :14

شاهه بيگ: مقابلو نٿا ڪري سگهن؟ اهو اسان جي بهادريءَ تي حرف آهي.

ارغون سردار: سرڪار، ٿوري تجربي مون کي ٻڌايو آهي ته هن قوم جون روايتون عجيب آهن: اول ته الله جي رضا تي راضي رهن ٿا، پر جڏهن هنن جي سهپ جي طاقت ختم ٿي وڃي ٿي، تڏهن هو طوفان بنجي اٿن ٿا، ۽ ٿوري ئي وقت ۾ هنن جي وير جي باهه چو طرف پکڙجي وڃي ٿي، اهڙي باهه سان مقابلو ڪرڻ نهايت مشڪل ٿي پوي ٿو.

شاهه بيگ: اسان ڪجهه به ٻڌڻ نٿا چاهيون، اسان هن فتني کي ڪنهن به طريقي سان ختم ڪرڻ چاهيون ٿا، اهو اسان جو حڪم آهي، پوءِ اسان کي ساري سپاهه سميت اها جنگ ڇو نه لڙڻي پوي ...

ارغون سردار: حڪم جي تعميل ٿيندي، سلطان عالي!

شاهه بيگ: اسان هن ملڪ ۾ اڃا پير کپائي نه سگهيا آهيون، هتي جا ماڻهو اسان کي پسند به نٿا ڪن، اسان هن سرزمين تي تڏهن ئي ڪاميابيءَ سان حڪومت هلائي سگهنداسين، جڏهن اهڙين سرڪشين کي ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين.

ارغون سردار: جيڪو حڪم، سلطان عالي.

(موسيقي. گهوڙن جون هڻڪارون. ماڻهن جو هلڪو گوڙ)

شير: سردار، تون ڪهڙن خيالن ۾ ويڳاڻو ويٺو آهين؟

پُنرو: آءٌ اهو پيو سوچيان شير ته سونل الائجي ڪهڙي حال ۾ هوندي؟ هو ارغونن جي قيد ۾ آهي، ۽ اسان ارغونن سان جنگ جوٽيو بيٺا آهيون، ائين نه ٿئي متان هوءَ ارغونن جي ظلم ۾ ختم ٿي وڃي!

شير: سردار، جيڪڏهن سونل هن سرزمين جي ڄائي آهي، ته هوءَ پنهنجي ماءُ جي ٿڃ ڪانه لڄائيندي، حياتيءَ جي پوين پساهن تائين حالتن جو مقابلو ڪندي، هن جي ارادي آڏو جيڪڏهن جبل ايندا ته اهي به هن جي واٽ تان هوا جي جهوٽي وانگر هٽي هليا ويندا، اسان کي هن تي فخر آهي سردار.

پُنرو: پر .... شير ڀاءُ ...

شير: تو کي شايد سونل جي سڪ ستايو آهي؟

پُنرو: پر ڀاءُ منهنجا ! آءٌ هن کي وساري به ته نٿو سگهان، هوءَ منهنجي حياتي آهي، ۽ حياتيءَ کان ڪهڙو ندورو منهن موڙيندو.

شير: نيٺ تنهنجي مرضي ڇا آهي؟

پُنرو: اسان جي مرضي آهي ته اسان جلد سونل کي ارغونن جي بند مان ڇڏايون.

شير: پر ڪيئن ۽ ڪهڙي نموني ۾؟

پُنرو: آءٌ ٺٽي وڃان ٿو ۽ وڃي ٿو خبر وٺي اچان ته سونل ڪٿي قيد آهي، پوءِ ...

شير: تنهنجو هن وقت ٺٽي وڃڻ مناسب نه آهي، ارغون هاڻي هوشيار ٿي ويا آهن. هو هر حال ۾ توکي ختم ڪرڻ لاءِ وڏين تيارين ۾ مشغول آهن، تنهنجي هن وقت ٺٽي وڃڻ مان اهو ڊپ آهي ته ڪٿي اسان جي ٻاريل لاٽ اجهامي نه وڃي، انهيءَ ڪري سونل لاءِ سماءُ وٺڻ آءٌ ويندس.

پُنرو: پر شير ...

شير: تون سمجهين ٿو ته سونل جي آزادي اڪيلي تنهنجي خوشي آهي، يا اهو رڳو تنهنجو معاملو آهي، پر ائين ڪونهي. سونل اسان سڀني جي عزت ۽ ننگ آهي، سونل جي آزاديءَ ۾ اسان سڀني جون خوشيون آهن، سردار.

پُنرو: جيڪڏهن تون ائين ٿو سمجهين ته تون ئي وڃ ... پر شير، جيڪڏهن توکي ڪجهه ٿيو ته پوءِ آءٌ چئي نٿو سگهان ته منهنجي ڪهڙي حالت ٿيندي ...

شير: انهيءَ جو تون الڪو نه ڪر سردار، آءٌ سلامتي سان موٽي ايندس.

پُنرو: پوءِ دير نه ڪر، الله توهار، روانو ٿي.

(هڪ گهوڙي جي وڃڻ جو تاثر-فيڊ آئوٽ. هڪ گهوڙي جي اچڻ جو تاثر-فيڊ ان)

پُنرو: ڏاڍي راهه ڏيکاريئي شير، ڏي خبر، سوڀارو ٿي آيو آهين يا نه؟

شير: آءٌ خبر لهي آيو آهيان، سردار.

پُنرو: مون کي ٻڌاءِ، سونل ڪهڙن حالن ۾ آهي؟

شير: تون اُلڪو نه ڪر سردار سونل خوش آهي!

پُنرو: ارغونن جي قيد ۾ سونل خوش آهي...اڻٿيڻيون ڳالهيون ڇو ٿو ڪرين شير!

شير: معاف ڪج سردار، مون اهو چوڻ ٿي چاهيو ته سونل انهيءَ ارغون سردار جي قيد ۾ آهي، جنهن اسان جي سڄي راڄ کي ختم ڪري ڇڏيو، هاڻي هو سونل جي سونهن تي هرکجي پيو آهي ۽ سندس مرضي آهي ته سونل ساڻس شادي ڪري، پر سونل انهي شاديءَ جي بدران موت قبوليو آهي.

پُنرو: مون کي سونل مان اها ئي اميد هئي... هاڻي اهو ويچار ڪرڻو آهي ته سونل کي انهيءَ بند مان ڪيئن آجو ڪجي.

شير: اسان سڀني جي ڀلائي انهيءَ ۾ آهي ته جيترو جلد ٿي سگهي سونل کي انهيءَ قيد مان آزاد ڪرايون، ڇا ڪاڻ ته سونل ارغونن جي قيد ۾ پاڻ تي اَن پاڻي حرام ڪري ڇڏيو آهي، هن جي خواهش آهي عزت سان آزادي حاصل ڪرڻ ۽ غلاميءَ مان ڇوٽڪارو لهڻ، جيڪڏهن اسان دير ڪئي ته الائجي ڇا ٿي ويندو.

پُنرو: اسان اڄ ئي هن کي آزاد ڪرائينداسين ... تياري ڪريو!

(موسيقي)

ارغون سردار: ته سونل راڻي، تون پنهنجي ضد تي قائم رهندينءَ؟

سونل: جيستائين منهنجو سر سلامت آهي، تيستائين آءٌ پنهنجيءَ ڳالهه تي قائم رهنديس.

ارغون سردار: ڇو ٿي پاڻ تي ظلم ڪرين. ڏس ته تنهنجي ڪهڙي حالت ٿي وئي آهي، تنهنجي سونهن ختم ٿيندي پئي وڃي .... ۽ ....

سونل: آءٌ ڪجهه به نٿي ٻڌڻ گهران. مون کي انهي ءَ جي پرواهه نه آهي ته ڪو منهنجي سونهن ختم ٿيندي پئي وڃي، منهنجا واهرو جڏهن به وريا، تڏهن مون کي سڀ ڪجهه ملي ويندو، سونهن به حياتي به ...

ارغون سردار: اهو اجايو انتظار توکي نهوڙي نيندو سونل ! ياد رک، جنهن پنري جي اچڻ جو توکي اوسيئڙو آهي، ان جي زندگي تي موت جي مهر  لڳي چڪي آهي ...

سونل: اهو تنهنجو اجايو خيال آهي، امير. هي .ڪنهن هڪ پُنري جي عزت ۽ غيرت جو سوال نه آهي، هڪ پنرو نه ته ٻيو، ٻيو نه ته ٽيون، جيستائين منهنجي راڄ جو هڪ به ماڻهو سلامت آهي، تيستائين مون کي پنهنجي آزادي ۽ ڇوٽڪاري جي پڪ آهي. رڳو انهيءَ لاءِ جو منهنجو، تنهنجي قيد ۾ رهڻ هنن لاءِ غيرت ۽ عزت تي حرف آهي، ۽ منهنجي راڄ جو ٻار به انهيءَ مهڻي کي سهڻ لاءِ تيار نه آهي.

ارغون سردار: اوه .... سونل، اهي سڀ اجايون ڳالهيون آهن، (سخت لهجي ۾) آءٌ تو کي آخري ڀيرو اهو موقعو ڏيان ٿو ته تون پنهنجي انهيءَ رويي تي سوچين، جيڪڏهن تو ٻن ڏينهن جي اندر پنهنجو فيصلو نه بدلايو ته پوءِ جي نتيجن جي تون پاڻ ذميوار رهندينءِ.

سونل: مون کي انهيءَ جو ڊپ ئي ڪونهي، ته ”پوءِ ڪهڙا نتيجا نڪرندا“. منهنجو فيصلو اڄ به اهو آهي، ۽ سڀاڻ به اهو ئي رهندو، ۽ هزارين سالن تائين به اهو ساڳيو رهندو. اسان مارئيءَ جي وطن جون ڄايون پنهنجي ڪُر کي ڪونه لڄائينديوسين، تنهنجي آزادي کان مون کي موت پيارو آهي.

ارغون سردار: (ويندي) تو کي پنهنجو فيصلو بدلائڻو پوندو ... توکي پنهنجو فيصلو مٽائڻو پوندو.

(سرندي تي هلڪي ڏکاري موسيقي پس منظر ۾)

سونل: سنگهارن کي ساريندي، ڇا منهنجي حياتي نبرندي ! منهنجا سائين، تون ڪڏهن ايندين؟ اچي پنهنجي سونل جا حال پس، ڏس ته آءٌ ڪيئن پئي هنن حالتن سان مقابلو ڪريان، هن ڪوٽ ۾ بند، زندگيءَ جي مڙني خوشين کان ڏور، پنهنجن کان پري، پراون جي قيد ۾ ... اچي ڏس. آءٌ ته انهيءَ آس تي پئي جيان ته من هڪ دفعو تون ايندين، ۽ آءٌ هنن آزارن مان آزاد ٿي پنهنجن سان گڏ ڪا گهڙي گهارينديس، ڇا ڪاڻ ته مون کي پڪ آهي ته توکي مون کان سواءِ ڪٿي به ساءُ نه ايندو ... جسم ڪڏهن روح کان جدا ٿيو آهي.. پُنرا بَڊام ... اچ، منهنجا ڪن تنهنجي نيلوفري جي سنبن جي آواز ٻڌڻ لاءِ آتا آهن، هن آسائتي روح کي تڏهن ئي سک ملندو، جڏهن هن ڪوٽ مان آءٌ آزاد ٿينديس. منهنجو من هن بند ۾ ماندو آهي ... تون اچ، يا موت ... پر مون کي موت نه گهرجي، آءٌ حياتي چاهيان ٿي، جا فقط تنهنجي اچڻ سان ملندي...

(پس منظر واري موسيقي اڀري ٿي، ۽ ان ۾ هڪ گهوڙي جي اچڻ ۽ بيهڻ جو تاثر)

سپاهي: اي امير  آءٌ هڪ نهايت ضروري خبر کڻي آيو آهيان.

ارغون سردار: تنهنجي هن وقت اچڻ مان ظاهر آهي ته تون نهايت اهم خبر کڻي هتي پهتو آهين.

سپاهي: اي امير، مون کي معلوم ٿيو آهي ته اڄ رات ڪنهن وقت پُنرو ٺٽي ۾ داخل ٿيندو ... ۽

ارغون سردار: (ٽهڪ ڏئي) سرڪش سردار پنري کي آخر پنهنجو موت هتي گهلي آيو. (آهستي پر خوشيءَ مان) پنري جي موت کان پوءِ سونل منهنجي آهي ... فقط منهنجي ... (وقفو) تون وڃ، فوج جي تياري ڪر ۽ ٺٽي جي هر گهٽ گهيڙ تي مورچا ٻڌو... جيئن پنرو ٺٽي ۾ داخل ٿئي ته مٿس حملو ڪري کيس ختم ڪيو وڃي، اهو ئي اسان جي امير جو حڪم آهي...

سپاهي: جيڪو حڪم اي امير !

ارغون سردار: آءٌ اچان ٿو ... توهان هلي تياريون ڪريو.

(موسيقي. گهڻن گهوڙن جي اچڻ جو تاثر پس منظر ۾)

شير: سردار، هو سامهون ٺٽي جو اهاءُ پيو پسجي.

پُنرو: (ٿڌو ساهه) ٺٽو، جتي اسان جو شهر، جتي سمن سردارن جو راڄ هو، جتي اسان جي اچڻ وڃڻ تي ڪا به بندش نه هئي، جتي اسان جي ننگ ۽ لڄ جي بچاءُ لاءِ درياخان جهڙا دودا هئا... اڄ، انهيءَ ٺٽي جا گس اسان لاءِ بند آهن، اتي جتي اسان جي ننگ جو بچاءُ ٿيندو هو، اتي اڄ اسان جي عزت ۽ غيرت ، غيرن جي قيد ۾ آهي. اهي سڀ زماني جا لاها چاڙها آهن، وقت جا ڦيرا گهيرا آهن، جيڪڏهن اسان ۾ ست هوندو ته اسين انهن حالتن سان مقابلو ڪري پنهنجو حق حاصل ڪنداسين، ۽ جيڪڏهن اسان ائين نه ڪيو ته پوءِ اسان به وقت جي وهڪري ۾ وهي الائجي ڪٿي وڃي پهچنداسين ... شايد اسان جو نالو به نه رهي!

شير: سردار، اسان جا حوصلا تمام بلند آهن. انهيءَ همت ۽ حوصلي ۾ تنهنجو ساٿ، اسان لاءِ امنگن ڀريو پيغام آهي، اسان وقت جي وهڪري جو رخ موڙي به پنهنجو نالو قائم رکنداسين. انشاءَالله.

پُنرو: شير، مون کي توهان سمورن جي همت ۽ طاقت تي ڀروسو آهي، اسان اڄ پنهنجي مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ضرور ڪامياب ٿينداسين. اسان اڄ سونل کي ضرور آزاد ڪرائينداسين.

شير: شاهه بيگ جو گيدي سپاهه، اسان جي شيرن سان ڪهڙو مقابلو ڪندو، اسان اڄ دشمن کي سڏي سڏي مارينداسين ... اڄ اسان شاهه بيگ کان پنهنجن ڀائرن ۽ مائرن جي بيگناهه خون جو وير وٺنداسين، جن جي بيگناهه وهيل رت سان شاهه بيگ پنهنجي راڄ جون پيڙهيون پختيون ڪرڻ ٿو گهري!

پُنرو: بيشڪ، دوستو، اڄ ٺٽي ۾ ائين داخل ٿيو، جو ارغونن جا هانو ڏري وڃن، اسان کي اول انهيءَ ڪوٽ تي هلڻو آهي، جتي سونل قيد آهي.

شير: هلو ساٿيو! اڄ اوهان جو وارو آهي، پنهنجن گهوڙن جا لغام ڍرا ڪريو، ۽ پنهنجون اڃايل ترارون کپن مان ڪڍي ارغون امير جي ڪوٽ تي ڪاهي پئو، جتي سونل بندياڻي آهي، اسان جي غيرت ۽ اسان جي حياتي ...

(ماڻهن جو گوڙ ۽ تيز گهوڙن جي ڊوڙڻ جو تاثر اڀري ٿو ۽ هيٺين منظرن ۾ آهستي آهستي وڌي ٿو. پراسرار موسيقي، هن منظر ۾ هلڪي پر نمايان رهندي)

سپاهي: يا امير هو ڏسو، پُنرو بڊام هن پاسي پيو اچي ...!

ارغون سردار: ها، پُنرو، جنهن ارغونن جي حڪومت جي پيڙهه کي لوڏي ڇڏيو آهي، پر اڄ کيس هتي سندس موت گهلي آيو آهي!

سپاهي: پر، يا امير مون ٻڌو آهي ته پُنرو جتي ويو آهي فتحياب ٿيو آهي، هن جي ترار کي وڄ جو پاڻي آهي: جيڪو هن جي ترار جي زد ۾ آيو سو ڪڏهن به نه بچيو آهي...!

ارغون سردار: اهي ڳالهيون مون به ٻڌيون آهن، ۽ سچ پڇين ته جڏهن کان مون هن جي ڪوٽ تي حملو ڪيو آهي ۽ سونل کي پاڻ وٽ قيد ڪيو اٿم، تڏهن کان منهنجي ننڊ حرام ٿي چڪي آهي. (يڪدم لهجو مٽائي) پر...پر تون منهنجي منهن ۾ ڇا پيو ڏسين- اهي ڳالهيون تنهنجي ٻڌڻ جون نه آهن. ڏسو، هو ويجها پيا اچن، اسان هن گهٽ تي ويٺا هونداسين، هنن کي اڳتي وڃڻ ڏيو، جڏهن هي اسان جي گهيري ۾ اچي ويندا، تڏهن چئني طرفن کان حملو ڪري، هن فتني کي سدائين لاءِ ختم ڪري ڇڏينداسين!

سپاهي: جيڪو حڪم.

(گهوڙن جي اچڻ جو آواز اڀري، فيڊ آئوٽ)

ارغون سردار: هاڻي حملو ڪريو. هنن مان ڪنهن کي به جيئرو نه ڇڏيو!

(ماڻهن جو گوڙ. جنگ جو تاثر اڀري پس منظر ۾ هليو وڃي ٿو)

سونل: هي ڇا پيو ٿئي؟ اڄ وري انسانن جون دانهون ۽ ترارن جا کڙڪا پيا ٻڌجن، ڇا اڄ وري منهنجي سرزمين تي رت جا ريلا  وهندا، هي ڪير آهن، جيڪي حياتيءَ سان ائين پيا راند ڪن؟

پُنرو: (پريان) دوستو! اهي ارغون اوهان جا ڏوهاري آهن، انهن کان پنهنجن  بيگناهن جو وير وٺو، اڄ  کان پوءِ توهان کي ههڙو وقت وري هٿ نه ايندو...

سونل : (خوش ٿي) هي ... هي ڪنهن جو آواز آهي، جنهن حياتيءَ جي اونداهين ۾ روشني پکيڙي ڇڏي آهي، هي منهنجو سائين پنرو آهي. منهنجا واهرو وريا، هاڻي هي قيد ۽ بند ٽٽندو، آءٌ آزاد ٿينديس ۽ پنهنجن سنگهارن سان ملنديس...!

(جنگ جو تاثر اڀري ٿو)

پُنرو: (پريان سڏيندي) سونل...سونل، تون ڪٿي آهين؟

سونل: (ويجهو ايندي): سائين، تنهنجي اوسيئڙي ۾ منهنجو اجهو هي حال ٿيو اهي... ڏاڍا ڏينهن لاتئه ...

پُنرو: منهنجي سونل!

شير: (ايندي) سردار، هتان نڪري هلو، ٺٽي جي شهر ۾ اسان جي حملي جي خبر باهه وانگر پکڙجي وئي آهي، ارغون پنهنجو لشڪر وٺي هن پاسي پيا اچن، ائين نه ٿئي جو اسين بيخبرا ٿي سندن ڪنهن چال ۾ ڦاسي پئون!

پُنرو: اسان هاڻي ڪنهن به چال ۾ ڪونه ڦاسنداسين ... هلو... اچ سونل.

(جنگ جو تاثر نمايان ٿئي ٿو)

شير: سردار، اهو ئي اهو ارغون آهي، جنهن اسان جي ڪوٽ تي هلان ڪئي ۽ سونل کي قيد ڪيو.

پُنرو: مون کي انهيءَ جو ئي اوسيئڙو هو. مون کي عجب هو ته گدڙ پنهنجي چر مان نڪري ڪيڏانهن ويو، پر هاڻي هو خود لشڪر سنڀاهي آيو آهي، انهيءَ سان مقابلو ڪرڻ به ضروري آهي!

شير: سردار، منهنجو خيال آهي ته تون سونل کي وٺي هتان نڪري وڃ، هن سان مقابلو اسان پاڻ ڪنداسين.

پُنرو: مون کي سونل جي آزادي عزيز آهي، ۽ توهان جي زندگي به پياري آهي: توهان جي دم سان ئي ته هيءُ سڀ ڪجهه حاصل ٿيو آهي، آءٌ هن ميدان کي فتح ڪرڻ کان سواءِ نه ويندس. باقي هن کان پوءِ سونل جي حفاظت تنهنجي بلي آهي.

(گهوڙي جي ڊوڙڻ جو تاثر)

سونل: (سڏيندي)، سائين ... منهنجا سائين ...

(جنگ جو تاثر وڌي ٿو)

ارغون سردار: هي ... هي ته شينهن وانگر گجندو اچي، انساني خون سان راند ڪندو پيو اچي، هن کي ڪنهن حرفت سان ماريو نه ته هيءُ اسان سڀني کي ختم ڪري ڇڏيندو. اوه... هي ته هن پاسي پيو اچي، ڇا ڪريان ؟ سپاهيو، جنگ روڪيو ... جنگ روڪيو ... اسان سردار پنري سان صلح ٿا ڪريون ...

گهڻا آواز: صلح ... صلح... صلح...پنرو: بزدلو! جڏهن موت اکين اوڏو ٿيو اٿو، تڏهن صلح جون دانهون ٿا ڪريو! اوهان جي فطرت به عجيب آهي، اسان جي ڪمزوريءَ کان اوهان واقف آهيو، جڏهن شاهه بيگ کي شڪست ٿي  آئي، تڏهن به توهان صلح جون دانهون ڪيون، دريا خان توهان سان ڳالهائڻ لاءِ تيار ٿيو، هو بهادر هو، انهيءَ ڪري هن توهان جي ڳالهه تي ڀروسو ڪيو، پر توهان ان کي اٽڪل ۽ حرفت سان شهيد ڪيو، ۽ هن ملڪ تي قبضو ڪري ويهي رهيا، اڄ وري به اوهان صلح صلح جون دانهون ٿا ڪريو. جيڪڏهن توهان اهڙائي بهادر آهيو ته پوءِ هيءُ ملڪ ڇڏي ڇو نٿا هليا وڃو: ڇو ٿا اسان جي روايتن ۽ جذبن سان راند  ڪريو، (وڏي آواز) هليا وڃو ... هليا وڃو. ڪٿي اسان پنهنجين امن پسند ۽ صلح ڪل روايتن کان منهن موڙي، توهان جي خون سان راند نه رهڻ شروع ڪري  ڏيون. هليا وڃو ... اسان جي هن سرزمين کي ڇڏي وڃو...

(گهوڙي جي وڃڻ جو آواز)

ارغون سردار: (آهستي)، ختم ڪرينس ... تير هڻينس.

سپاهي: پر امير، صلح؟

ارغون سردار: بڪ نه ڪر، وري ههڙو وقت نه ايندو، هي فتنو ختم ٿيو ته پوءِ ئي اسين هتي آرام سان راڄ ڪري سگهنداسين.

سپاهي: جيڪو حڪم، يا امير.

(تير لڳڻ جو آواز، پُنري جي دانهن ۽ ارغون جا ٽهڪ)

ارغون سردار: ( ٽهڪ ڏيندي)، پُنرو ختم ٿي ويو...هاڻي هيءُ ملڪ اسان جو آهي. .. هيءُ ملڪ اسان جو آهي ...

سونل: (روئيندي)، منهنجا سائين ...

پنرو: سونل...شير، منهنجا ڀاءُ اسان سونل کي ته آزاد ڪرايو، پر اسان هنن جي مڪرن ۽ فريبن ۾ ڦاسبا پيا وڃون ... مون کي جيڪي ڪجهه ... ڪرڻو هو، مون ... ڪيو. اڄ کان پوءِ ... تنهنجو ... ڪم شروع ٿئي ٿو. تو کي سڀ کان پهرين ... سونل جي حفاظت ڪرڻي آهي، ائين نه ٿئي جو... اسان جي سونل وري دشمن جي بند ۾ هلي وڃي...

شير: منهنجا سردار ... منهنجا سورهيه ڀاءُ ... آءٌ جيسين جيئندس، تيسين سونل جي حفاظت ڪندس... سونل اسان جي عزت ۽ غيرت آهي.

سونل: آءٌ جيئڻ نٿي گهران ... تو کان پوءِ ڪهڙو جيئڻ، سائين؟

پُنرو: نه سونل راڻي، تون ائين نه ويچار ... تون ته سدائين جيئندينءَ ۽ خوش رهندينءَ، تنهنجي خوشيءَ سان ئي منهنجي روح کي خوشي ملندي ...

(جنگ جو تاثر اڀري ٿو)

... هنن وري ترارون ڪڍيون آهن، صلح جي صدا هڻندڙن وري خون وهائڻ شروع ڪيو آهي. جيستائين هو هتي پهچن ۽ سونل، تو کان کسڻ جي ڪوشش ڪن، تيستائين تون هتان نڪري هليو وڃ ... اها منهنجي تنهنجي لاءِ آخري وصيت آهي... وڃ شير، انهيءَ کان اڳ جو هو توکي ۽ سونل کي واجهه وجهڻ جي ڪوشش ڪن، هتان نڪري وڃو.

سونل: منهنجا سائين ...

پُنرو: رب کي پرتينءَ منهنجي سونل، ڌڻي توکي سدائين خوش رکندو، وڃ شير، وڃ، اڃا توکي هنن ارغونن کان گهڻائي حساب وٺڻا آهن. مون کي ڇڏي ڏيو... منهنجي خوشي انهيءَ ۾ ئي آهي ... وڃو، دشمن وڌندو پيو اچي...وڃو.

شير: جيڪو حڪم منهنجا سردار!

(گهوڙن جي وڃڻ جو تاثر، جنهن ۾ سونل جا سڏ ”منهنجا سائين“، ”منهنجا سردار“ نمايان ٿي فيڊ آئوٽ ۽ جنگ جو تاثر وڌي ٿو)

پُنرو: هاڻي آءٌ خوشي ۽ آرام سان مرندس ....

مون پنهنجا فرض پورا ڪيا... مون ... سونل... کي آزاد ڪرايو. سونل...منهنجي سونل... سدا خوش هجين... سکي ستابي... رهين.

(مري ٿو. ڏکاري موسيقي اڀري ٿي ۽ پڙاڏي ۾ هيءُ بيت اڀري ٿو)

آواز (صدا):

اڄ گهرجين تون، بَڊاماڻي پُنرا،

مٿان اچي مون، ويرين واٽون لائيون!

(پڄاڻيءَ جي موسيقي) 

(ريڊيو پاڪستان، حيدرآباد جي شڪريي سان)

اها حقيقت آهي، ته اڄ ”زبان“ انسان جي ذهن ۽ شعور جي قوت اظهار تي زبردست گواهه بنجي چڪي آهي.

”زبان“ کان سواءِ ٻه - چار ماڻهو، گنگن وانگر هڪ جاءِ تي رهي سگهن ٿا، پر هڪ صالح معاشري جو قيام، زبان کان سواءِ ناممڪن آهي.

”زبان“ جي ذريعي سان، ”انسان“ جي تاريخ، مفصل طرح سان مرتب ٿي چڪي آهي. آدمي، پنهنجي ماضيءَ واري جدوجهد کي ڏسي ۽ پرکي سگهي ٿو، ۽ ان جي روشنيءَ ۾ حال کي سنواري سڌاري سگهي ٿو ۽ استقبال لاءِ سوچ ويچار ڪري سگهي ٿو.

”زبان“ جڏهن تاريخ جي صورت ۾، انسان جي جدوجهد جو سارو داستان دهرايو آهي، تڏهن ”روايت“ جنم ورتو آهي، يعني انساني ذهن تي گذريل طويل تجربي جي پس منظر ۾ جيڪي گرميون سرديون گذريون آهن، تن کي سمجهي، حال ۾ زنده رهڻ لاءِ جيڪي بنيادي اصول ٺهيا آهن، انهن جو بنياد روايت آهي.

”زبان“، روايت جي ذريعي سان انساني تهذيب کي فروغ ڏنو آهي، اڄ زبان، انساني تهذيب جي واڌاري لاءِ هڪ مستقل ذريعو بنجي چڪي آهي.

”زبان“ جي مدد سان پوري انسانذات، زمان ۽ مڪان جي امتياز ۽ فرق کان نڪري، هڪ وحدت ۾ سمائجي چڪي آهي، چنانچ تاريخ جا متضاد ۽ متنوع واقعا، ان ”وحدت“ لاءِ جديد فن ۾، جدلياتي حقيقت جي نمائندگي ڪن ٿا.

”زبان“ ئي آهي، جنهن انسان جي مطالعي کي انسانيت جو مطالعو قرار ڏنو آهي. زبان ئي آهي، جنهن هڪ فرد کي معاشري سان ۽ معاشري کي تاريخ سان پيوسته ڪري ڇڏيو آهي.

”زبان“ کي انسان جو ”ٻيو وجود“ چيو ويو آهي، پر ان هوندي به زبان جي حيثيت، ٻئي وجود کان عظيم آهي--------------------------------

3

1. اسلام ۽ ان تي عمل ڪرڻ جا طريقا     - فيلڊ مارشل محمد ايوب خان

2. سيبويه بن اسماعيل القزداري       -پروفيسر محبوب علي چنا

3. شير سنڌ- مير شير محمد خان ماڻڪاڻي     -  مير حاجي محمد بخش خان ٽالپر

4. شاهه شجاع الملڪ    (قسط-1)   -  لطف الله بدوي

5.  سنڌي گرامر جا مسئلا                           -پروفيسر خواجا غلام علي الانا

6. ڪوٽڙي ڪبير                  - قريشي حامد علي خانائي

7. ادب لطيف                                 

- اي بهار جي محبوبه .....!   -ورڊ سو رٿ

                               مترجم: فضل احمد بچاڻي

 

    -يتيم ...!                          - اليگزينڊر پشڪن

                                مترجم: تاج صحرائي

8. ”مهراڻ“ جا موتي                   - ادارو

9. سنڌي نثر مان مثالي ٽڪرا                ...

10. ”مهراڻ“ تي تبصرا                         -جوڻيجوعبدالجبار ”شام“

                                 - روزانه ”عبرت“، حيدرآباد سنڌ

11. پڙهندڙ جا پيغام             ...

”جديد تنقيد“ جو  بار بار ذڪر، ناقدن جي تحرير ۾ اچي چڪو آهي پر انهن مان تمام ٿورن کي خبر آهي ته ”تنقيد جديد“ جو فني تعلق، ادب ۽ نظر جي مختلف النوع معنائن سان آهي، ان طرح ان مختصر ترڪيب جي دلالت به تمام گهڻن مسئلن سان وابسته آهي.

”منهنجو خيال آهي ته باوجود ان جي، ان اصطلاح جو مروج ٿي وڃڻ، اها گواهي ٿو ڏئي ته هن دور جا مشهور ”نقاد“، ڪيترن به فروعي اختلافن جي هوندي به، گذري ويل نقادن کان ڪجهه جديد ۽ ڪجهه جداگانه رنگ ۾ سوچڻ ۽ پرکڻ ۾ متفق ٿي چڪا آهن.

”مان هت ايترو چوڻ ٿو گهران ته هر نسل لاءِ لازم آهي ته هو پنهنجي دور جي ادبي شاهڪارن کي پرکڻ لاءِ، پنهنجي زماني جي تقاضائن آهر، تنقيد جا اصول وضع ڪري.

”مون اهو به چيو آهي ته هر نسل، فن جي مشاهدي ڪرڻ وقت، پنهنجو پنهنجو جداگانه ۽ مخصوص انداز نظر ٿو رکي، جو اڳتي هلي وقت جي تقاضا آهر، تبديل ۽ ترميم جي مرحلن مان ٿو گذري، اهڙي ”تنقيد“ ئي معياري ۽ صحتمند چئي سگهجي ٿي “.

                                        -ٽي. ايس.ايليٽ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com