ممتاز مرزا
(ريڊيائي ناٽڪ)
پــُـنــــرو بــَــڊام
(شروعاتي موسيقي، جنگ جو تاثر اڀري ٿو. باهه جو
تاثر، گهوڙن جي ڊوڙڻ جو تاثر، مردانه ٽهڪ، عورتن
جون دانهون)
ارغون سردار: (ٽهڪ ڏيندي) بڊام جو ڪوٽ، هن ملڪ
جي وڏي سورهيه ۽ سرڪش سردار جو راڄ: (ڪاوڙ ۾) ڪنهن
کي به جيئرو نه ڇڏيو، پوڙهن ۽ جوانن کي قتل ڪريو،
جيئن بَڊام پُنري کي سڌ پئي ته آڻ نه مڃڻ جو ڪهڙو
نتيجو آهي، سرڪشي جي ڪهڙي سزا آهي! (ٽهڪ ڏئي)
شاباس بهادرو، اڄ لٽيو .... ڦريو... سمن جي سرداري
راڄ جي رت سان راند ڪريو.
(ٽهڪ ڏئي ٿو، جنگ ۾ باهه ۽ ماڻهن جي دانهن ڪوڪن جو
تاثر چند گهڙين لاءِ اڀري ٿو، گهوڙن جي وڃڻ جو
تاثر ٿوري دير لاءِ بنهه ماٺ ۽ ان کان پوءِ پس
منظر ۾ باهه جو هلڪو تاثر ۽ ان جي پس منظر ۾ ،
پڙاڏي ۾، مردانو آواز)
آواز: (سُر ۾، ۽ صدا جو تاثر)
اَڄ گهُرجين يار، بَڊاماڻي پُنرا!
ڪاڇي ٻَئي پار، اچي ويرين وڙهيا.
اَڄ گهُرجين
تون، بَڊاماڻي پُنرا!
مٿان اچي مون، ويرين واٽون لائيون.
(باهه جو تاثر نمايان ٿئي ٿو ۽ موسيقي)
پنرو: (پريشان ٿي) شير ڀاءُ تو ڪو آواز سئو؟
شير: آواز؟ هتي ته چئو طرف ماٺ لڳي پئي آهي،
سردار.
پُنرو: نه ڀاءُ، منهنجي دل چئي ٿي ته ڪنهن مصيبت
جي ماريل کي منهنجو ڪاڍو آهي: ڪنهن مون کي ساريو
آهي، ۽ جنهن مون کي ساريو آهي، سو ڪو دل وارو آهي
... ۽ ... ۽ ....ڀاءُ هي مون کي ڪهڙا پسڻ پيا پون!
شير:
آءٌ
ڪجهه چئي نٿو سگهان سردار، پر ايترو سو ضرور چوندس
ته اڄ تون الائجي ڇو ملول آهين؟
پُنرو: بيشڪ، تون سچ ٿو چئين، شير ... پر ڇو؟
اِنهيءَ جي مون کي ڪا پروڙ ڪانهي، ڪا ڳالهه مڙيئي
آهي.
شير: عجب آهي سردار! پُنري جهڙو سورهيه سردار،
جنهن جي گهوڙي جي سنبن جو آواز ماڻهن جا ڏيل ڏڪائي
ڇڏيندو آهي، جنهن جي تراڙ کي وڄ جو پاڻي پياريل
آهي، سو اڄ ڪنهن اوڦٽو وهم ۾ اڙجي حيران ٿيو آهي!
پُنرو: (پنهنجي دلي حالت کي لڪائيندي) نه نه، مون
کي وهم ته ڪونهي شير، پر ڪجهه مڙيئي ٿيو آهي، ڪو
مانڌاڻ متو آهي: ڪو وڳوڙ ٿيو آهي، جنهن منهنجي دل
۾ ايڏي آنڌ مانڌ مچائي آهي!
شير: پر سائين، ڪا خبر نه پئي، ڪٿي مانڌاڻ متو
آهي، ڪنهن وڳوڙ مچايو آهي؟
پُنرو: (ڪنهن خيال ۾ ٻڏل آواز ۾) شير، دل گهرين جو
سيڪ ستت ايندو آهي، اڄ اُهي حالتون نه رهيون آهن،
اسان جا ويري وڌي ويا آهن، اسان پنهنجن گهرن راڄن
کان پري پيا هلون، ڪٿي ائين نه ٿئي ته ڪو اسان جي
پرپٺ، اسان جي راڄ تي هلان ڪري!
شير: سردار، سنڌ ۾ ته ڪو اهڙو مڙس ڪونه ٿو سجهيم،
جيڪو تنهنجي ڪوٽ تي ڪاهي ...باقي...
پُنرو: ڇا به هجي شير، مون فيصلو ڪيو آهي ته اسان
راتو واهه واپس موٽي هلنداسين، دل ۾ جيڪا مونجهه
آهي، سا اتي ئي لهندي، ٻي ڪا جاءِ ڪانه ٿي سجهيم،
سفر جي تياري ڪريو.
شير: حاضر ...(وڏي واڪي) ڀائرو، سفر جي تياري
ڪريو: سفر جي تياري ڪريو.
(فيڊ آئوٽ، ماڻهن جو گوڙ ۽ گهوڙن جي وڃڻ جو تاثر،
موسيقي، باهه جو تاثر، ماڻهن جون هلڪيون دانهون،
گهوڙن جو پريان اچڻ ۽ بيهڻ جو تاثر، باهه جو تاثر
نمايان ٿئي ٿو)
پُنرو: (حيران ٿي) هي ...هي سڀ ڇا ٿي ويو؟ منهنجو
راڄ، منهنجو گهر ۽ منهنجو ڪوٽ سڀ ختم ٿي ويا!
حياتي سان جن جي دلين ۾ نينهن هو، تن لاءِ اها
سزا! زندگي جي خوشين جو رسامون مون سان ئي آهي.(ڏک
وچان) هي سڀ ڪجهه ڇا ٿي ويو!(وقفو) منهنجو وهم سچو
ٿيو! شير، هي ڏس، اسان جي گهرن گهاٽن کي باهيون
ڏنيون ويون آهن، جتي حياتيءَ ڀريا ٽهڪڙا، محبت ۽
امن جا سنيها هئا، اتي اڄ موت جهڙي گنڀير ماٺ آهي.
(جذباتي ٿي) ڪنهن کي موت جو سڏ ٿيو، ڪنهن جا ڏينهن
کٽا آهن، جنهن هيءَ همت ڪئي آهي! ٻڌايو! (وقفو) ڪو
به ڪو اهڙو ڪونهي جيڪو منهنجي سوال جو جواب ڏئي؟
ڇا هن ماڳ تي حياتيءَ جي تر جيتري به رونق نه رهي
آهي؟
شير: سردار ...
پُنرو: شير ڀاءُ، ڏس، متان ڪٿان اسان جي سوال جو
جواب ملي، ڳولا ڪر، متان ڪٿان دشمن جا پار ملن،
جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته پوءِ اسان جو جيئڻ اجايو
ٿيندو، جن سان اسان جون خوشيون هيون، رهاڻيون هيون،
سي نه رهيا ته پوءِ اسان جِي ڇا ڪنداسين!
شير: سردار، اهڙيون ڳالهيون نه ويچار جو جن سان
تنهنجا حواس ئي خطا ٿي وڃن: اڃا اسان کي جيئرو
رهڻو آهي، هڪ خاص خيال مقصد سان، اسان کي هنن
بيگناهن جي خون جو وير وٺڻو آهي.
پُنرو: وير ... ها شير، تون ٺيڪ ٿو چئين، اسان کي
اڃا جيئڻو آهي، هن ڌرتيءَ تي جو رت جا واهڙ وهيا
آهن، انهيءَ جي حساب وٺڻ لاءِ ... پر شير منهنجا
ڀاءُ، اسان کي اهو وير ڪنهن کان وٺڻو آهي، اسان کي
پنهنجي دشمن جو ڏس ڪير ڏيندو؟
شير: آئون ڏسان ٿو، متان هنن لاشن مان ڪنهن هڪ ۾
ڪي پساهه هجن...
پُنرو: لاش نهارڻ مان ڇا ملندو شير، متان ڪنهن دل
گهرئي قريب جو رت ۾ ٻڏل مڙهه ڏسي تنهنجا لڙڪ نه
ڇلي پون، ۽ هنن بيگناهه ڪٺل بهادرن جي روح کي ڪو
لوڏو نه اچي!
شير: پُنري بَڊام جي ڀاءُ شير جا لڙڪ ايترا سهانگا
ڪونهن جو ائين ئي ڇلي پوندا: پر سردار هي رت ۾
رڱيل جسم اسان جي لاءِ ويڻ آهن... اهي ڌڪيل ڦٽيل
روح اسان ڏي واجهائين پيا ته اڃا اسان جون ترارون
کپن مان ڇو نه نڪتيون آهن، سردار
آءٌ
ڏسان ...(هڪ گهوڙي جي وڃڻ جو تاثر)
آواز: (ڪمزور): ڪير آهين ...؟ ... آ ...
شير:
آءٌ
شير آهيان ...
آواز: (بيتابيءَ وچان): شير، سردار ڪٿي آهي؟
آءٌ
انهيءَ جي واٽ نهاريندي اڃا جيئرو رهيو آهيان، ڪٿي
آهي سردار.
شير: دل نه لاهه دوست، سردار اچي پيو.
(هڪ گهوڙي جي اچڻ جو تاثر)
سردار: هن همراهه ۾ اڃا ڪي پساهه آهن. تو سان
ڳالهائيندو.
پُنرو: ٻڌاءِ يار، هي سڀ ڇا ٿي ويو؟
آءٌ
ته هتي ڀريا ڀڪليا گهر ڇڏي ويو هوس، هي بربادي
ڪهڙي غنيم آندي؟
آواز: (مئل آواز ۾ ) تنهنجي وئي کان پوءِ اسان تي
ڪهڙا ڪهڙا ڪِيسَ ٿيا؟ ڪهڙا ڪهڙا جُنگ- جوان ڪُسجي
ويا: ڪهڙا جونجهار سر ڏئي سرها ٿيا: آءٌ ڄاڻان يا
هيءَ ڌرتي ٿي ڄاڻي، جنهن جي اگهاڙي سيني تي سندس
ڪونڌرن جا ڪنڌ پڪل ميوي وانگر ڪريا ۽ ڌڙ ڌوڙ ۾
لٽيا.
پُنرو: مون کي ٻڌاءِ دوست، تنهنجي ڳالهين منهنجي
رت کي ٽهڪائي ڇڏيو آهي!
آواز: سردار،
آءٌ
تنهنجي رت کي اڃا باهه لڳائڻ ٿو گهران،
آءٌ
اهڙو ڀنڀٽ ڀڙڪائڻ ٿو گهران جيڪو ايستائين جهڪو نه
ٿئي جيستائين تون هڪ هڪ ويريءَ کان ڳولي پنهنجي
راڄ جو وير وٺي دنگ نه ڪرين.
پُنرو: مون کي ٻڌاءِ، تو کي سنهن آهي، انهيءَ
سڳوري سرزمين جو، جنهن ۾ تون پيدا ٿئين: ٻڌاءِ
اسان جو دشمن ڪير آهي؟
آواز: سردار، منهنجي زندگي جون فقط ڪي گهڙيون وڃي
بچيون آهن، هڪ هڪ گهڙي املهه آهي، ۽ مون کي پڪ هئي
ته تون اوس ايندين، جيڪڏهن تون نه اچين ها ته شايد
منهنجو روح سدائين رلندو وتي ها، تنهنجي نيلوفري
جي سنبن جي آواز مون کي ڪي گهڙيون ڏنيون آهن،
انهيءَ لاءِ ته آئون پنهنجي هينئين جو بار لاهيان.
پُنرو: مون کي ٻڌاءِ يار هيءَ ڪيس ڪيئين ٿيو ۽
ڪنهن ڪيو؟
آواز: اڳين رات هتي ساڳيون خوشيون هيون، حياتيءَ
سان ڀريل ٽهڪڙا هئا ... پر ... پر ... هڪ گهڙيءَ
جي وقت ۾ اهي سموريون خوشيون اسان کان سدائين لاءِ
رسي ويون ... هر طرف رت جا واهڙ وهيا... ۽ باهه
جون ڄڀيون آسمان سان سينو ساهڻ لڳيون ...
(باهه ۽ جنگ جو تاثر اڀري ٿو)
ميو: دوستو، هٿيار کڻو، هوشيار ٿيو، مڙس ٿي ويريءَ
سان وڙهو، ائين ڪونه سمجهي ته پُنري جي وڃڻ کان
پوءِ هت ڪو مڙس ڪونه رهيو آهي، اسان هر ويريءَ سان
مڙس وانگر مقابلو ڪري سگهون ٿا، اسان جي نسن ۾
بهادر ۽ شهزور مائٽن جو رت آهي: اسان جي روايت رهي
آهي ته جيئري پنهنجي دشمن کي فاتح نه ڏسندا آهيون،
هنن ارغونن اڳي ئي اسان جي ملڪ تي غاصبانو قبضو
ڪيو آهي، اسان جي يارن دوستن سان ويل وهايا اٿن،
اڄ هنن اسان تي جلهه ڪئي آهي، انهن کي اهڙي سزا
ڏيو جو هي ساري عمر ياد رکن،
آءٌ
ڪوٽ جي ٻانهين جهليان ٿو، توهان مان ڪي ڪوٽ جي
دروازي تي وڃن ... همت ڪريو، ڇا ٿيو جي اسين ٿورا
آهيون، اسان جو حوصلو هنن کان بلند آهي: هنن رات
جي اونداهي ۾ اوهان جي امن تي ڌاڙو هنيو آهي، اهو
سورهيه ويريءَ جو وڙ ڪونهي، هي گيدي آهن، شينهن ۽
گدڙ جو ڪڏهن مقابلو نه ٿيو آهي، شاباس دوستو، اڄ
مهل آهي، توهان کي پنهنجو پاڻ ملهائڻو آهي ...
ائين نه ٿئي جو پوءِ پنري آڏو حرفي ٿيون.
(جنگ جو تاثر اڀري ٿو)
ارغون سردار: توهان اسان جي گهيري ۾ قابو ٿي چڪا
آهيو، مقابلي ڪرڻ جي ڪوشش اجائي آهي، پيش پوندئو
ته زندگي ملندو، مقابلو ڪندئو ته موت پلئه پوندوَ.
ميو: غاصب ارغون، ياد رک، اسان توهان جي طرفان
مليل آزاديءَ جي نالي ۾ غلاميءَ کي ڪڏهن به قبول
نه ڪنداسين: اسين آزاد آهيون ۽ حياتيءَ جي پوئين
پساهه تائين آزاد رهنداسين.
ڪنهن کي به حق نه آهي جو هو اسان جي ڌرتيءَ تي
اسان کان اسان جي آزادي کسي، جنهن اهڙي ڪوشش ڪئي،
تنهن کي ترارن جي زبان سان جواب ملندو!
ارغون سردار: اوه ... سرڪش ...توهان... توهان جي
انهيءَ سرڪشيءَ جي توهان کي سزا ضرور ملندي، (وڏي
واڪي) ساٿيو، ڪنهن کي به جيئرو نه ڇڏيو ... سڀني
کي قتل ڪريو ... هنن جي اها ئي سزا آهي.
(جنگ جو تاثر اڀري ٿو)
هڪ آواز: اڄ جيڪڏهن پُنرو هاڻ هڪيو هجي ها ته ڪر،
هنن ارغونن کي اها سزا ڏيون ها جنهن جا هي لائق
آهن، پر ارمان رڳو اهو اٿئون جو سردار پاڻ هتي
ڪونهي!
ميو: همت نه هار منهنجا دوست، جيڪڏهن هن ڪوٽ جي
حفاظت ڪندي اسين مئاسين ته به اسان جي وير وٺڻ
وارو موجود آهي، پُنرو اسان جو رت ڪڏهن به ارغونن
کي نه بخشيندو.
ٻيو آواز: ڪوٽ کي باهه وڪوڙي وئي آهي، اسان جي
ٻارن ۽ زالن جو ڇا ٿيندو.
سونل (پريان): ادا، تون اسان جي اون نه ڪر، اسان
به توهان سان گڏ آهيون.
ميو (حيران ٿي): ڀاڄائي تون ...! تون به ترار کڻي
هن ميدان ۾ آئي آهين؟
سونل: ادا، هن وقت اسان تي غنيم زبرو حملو ڪيو
آهي، هو گهڻا آهن ۽ اسان ٿورا: اسان به انهن ئي
مائرن جي ٿڃ پيتي آهي، جن جي توهان پيتي آهي....
ميو: پر ڀاڄائي ....
سونل: پڪ ڄاڻ منهنجا ڀاءُ، هي ارغون توهان کان
پوءِ اسان کي جيئرو هٿ نه ڪري سگهندا.
ميو: ڀاڄائي، ادا مون کي فقط انهيءَ لاءِ ڇڏيو هو
ته
آءٌ
سڄي راڄ جي مائرن، ڀينرن، ونين ۽ ٻارن جي حفاظت
ڪريان، جيڪڏهن اوهان مان ڪنهن به هڪ کي ڪجهه ٿيو
ته
آءٌ
پُنري کي منهن ڪونه ڏيکاري سگهندس!
سونل: اجايون ڳالهيون نه ڪر ميا! هي وقت ڳالهين جو
ڪونهي، وڙهڻ جو آهي، اسان سڀني کي گڏجي پنهنجي
آزادي جي حفاظت ڪرڻي آهي، وڃو، وڃي ارغونن سان
وڙهو، هنن کي ڀڄائي ڪڍو يا سر ڏئي سرها ٿيو، عورتن
۽ ٻارن جي ڳڻتي نه ڪريو، انهن کي
آءٌ
پاڻهي سنڀالينديس.
(باهه ۽ ماڻهن جي دانهن جو تاثر)
ٽيون آواز: ڪوٽ جي ٻانهين ڀڄي پئي آهي...
ميو اتي آهي ...ڏسو، دشمن وڌندو پيو اچي ...
(دانهن ڪري) ميا ...! ميو ڪري پيو (چرين وانگر)
آءٌ
نه ڇڏيندس ...آءٌ
هڪ هڪ ارغون کي ختم ڪندس، ميا، مڙس ٿجئين،
آءٌ
اچان پيو ...
(جنگ جو تاثر نمايان ٿئي ٿو، ارغون سردار جو ٽهڪ
اڀري ٿو)
ارغون سردار: سرڪش جي اها ئي سزا آهي، هاڻي مال
ملڪيت سڀ ڪجهه توهان جو آهي. ڦريو، لٽيو، اڄ هتي
پنهنجي سورهيائيءَ جا اهي نشان ڇڏيو، جو جڏهن هتي
جا ٻيا سردار ڏسن ته تڏهن اسان جي شهزوريءَ ۽ طاقت
کان عبرت حاصل ڪن، ۽ ڪڏهين به سرڪشيءَ جي جرات نه
ڪن.
(عورتن ۽ ٻارن جون داهون، مردن جا ٽهڪ)
سونل: خبردار، هن پاسي هڪ وک به کنئي اٿئي!
ارغون سردار: سبحان الله، خدا جو سنهن، انهن نازڪ
هٿن ۾ اها تيز چمڪدار تلوار نٿي سونهي!
سونل: جيڪڏهن زندگي پياري اٿئي ته هيڏانهن نه اچ،
هيڏانهن تنهنجو موت آهي.
ارغون سردار: موت! ۽ هنن نازڪ هٿن سان! قبول،
آهي. پر پنهنجي نازڪ ۽ امنگن ڀريي دل تي ايڏو بار
نه وجهه، ڪاوڙ کي ترڪ ڪر، اچ
آءٌ
توکي آرام ۽ عيش جي زندگي جو پيغام ڏيان ٿو ...
اچ، تون منهنجي دل جي راڻي ... اچ ...
سونل: بڪ بند ڪر اي ارغون،
آءٌ
توکي انهن لفظن جي سزا ڏئي سگهان ٿي.
(ارغون سردار کي تلوار جو ڌڪ هڻي ٿي، سردار دانهن
ڪري ٿو، ۽ تڪليف جي ڪيفيت کان پوءِ وري ٽهڪ ڏئي
ٿو)
ارغون سردار: بخدا، تنهنجي انهيءَ ڪاوڙ ۾ عجيب حسن
۽ نزاڪت آهي، اڃا به وقت آهي ائين نه ٿئي جو
منهنجي محبت، نفرت ۾ بدلجي وڃي ....۽.
سونل: مون کي موت قبول آهي، پر تنهنجي محبت تي
آءٌ
لعنت وجهان ٿي.
ارغون سردار: اوهه نادان ڇوڪري، تون ائين نه
سمجهندينءِ ... هن کي گرفتار ڪريو.
سونل: ڇڏيو ... مون کي ڇڏيو، ظالمو!(نراسائي سان)
اوه پُنرا، تون ڪٿي آهين، ڏس اڄ ويرين، اسان جو
ڪهڙو حال ڪيو آهي، پُنري بَڊام جي لڄ اڄ لٽيرن جي
هٿن ۾ آهي!
ارغون سردار (ٽهڪ ڏئي): پُنرو بَڊام ... ڪاڇي جو
سرڪش سمون سردار... سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو ... هاڻي
هن لاءِ فقط موت آهي ......فقط موت.....
(ٽهڪ ڏئي ٿو. آهستي آهستي فيڊ آئوٽ. باهه جو هلڪو
تاثر)
آواز: ۽ .... ۽ ....سردار، هنن اکين اهو سڀ ڏٺو،
۽ اڃا به جيئان پيو، مون ميو مرندي ڏٺو، مون
تنهنجي وني سونل کي ارغونن جي رسن ۾ ٻڌل ڏٺو، ٻارن
کي ڪسندو ڏٺو ... مون ...
پنرو: بس بس ...
آءٌ
ڪجهه به نٿو ٻڌي سگهان.
ٺٽي تي ظلم ۽ ڏاڍ سان قبضو ڪندڙ شاهه بيگ ....
ايڏو ظلم ۽ انڌير. هنن بيگناهن جي پاڪ رت جو سنهن،
تيستائين سک نه سمهندس، جيستائين پنهنجي راڄ جي هڪ
هڪ بيگناهه جو وير نه وٺندس... اڄ کان پوءِ مون تي
آرام حرام آهي.
(گهوڙن جي وڃڻ جو تاثر، موسيقي، پس منظر ۾ گهوڙن
جو تاثر)
شير: ڪهڙي ويچار ۾ آهين سردار؟
پُنرو: ائين ئي وقت جي انڌ تي پئي ويچاريم، ڪيئن
نه انهيءَ بيترس وقت جي وهڪري اسان کي پنهنجي گهر
۾ بي گهر ڪري ڇڏيو آهي: ڪيئن اسان جي زندگي وهه
ڪئي وئي آهي.
شير: سردار، جيڪي ٿيڻو هو، سو ٿي ويو، هاڻي انهيءَ
ٿيل ڪِيسَ جو اسان کي وير وٺڻو آهي، ۽ انهيءَ لاءِ
اسان کي پاڻ ۾ اهو حوصلو پيدا ڪرڻو آهي، جنهن سان
شاهه بيگ ارغون جي ڏاڍ کي ڏاري سگهون.
پُنرو: حوصلو ۽ همت ! (ڏکارو ۽ آهستي کلندي) شير
ڀاءُ، اسان شاهه بيگ ارغون کي ٻڌائينداسين ته اسان
جو وير ڪهڙو نه سخت آهي: اهو ڏينهن پري نه آهي
شير، اڄ نه ته سڀاڻ انهيءَ مامري جو نبيرو ٿي
ويندو.
شير: اسان جا پنهنجا سما سردار ۽ بادشاهه ڪمزور ٿي
ويا: ڄام فيروز غلطي ڪندي، درياخان جهڙن دليرن جي
وفاداريءَ ۽ وطن دوستيءَ تي شڪ ڪيو، جنهن جو نتيجو
اسان پيا لوڙيون، نه ته انهيءَ ساڳي شاهه بيگ کي
درياخان سِوي وٽ شڪست ڏئي، اسان جو ڪر مٿي ڪيو هو
... اڄ شاهه بيگ هن ملڪ جو مالڪ آهي، اسان بيوس
آهيون، ۽ هو فاتح آهي ... ۽ هن اڄ ٺٽي جي سرزمين
تي رت جا دريا وهايا آهن!...
پنرو: مون کي خبر آهي شير،
آءٌ
سڀ ڄاڻان ٿو: فتح کان پوءِ ارغونن جيڪي ٺٽي تي ظلم
ڪيا ۽ ٻين سمن سردارن سان ويل وهايا... پر هن وقت
آءٌ
سونل بابت پيو سوچان، جيڪڏهن
آءٌ
هن جو چيو مڃان ها ته ڪر اڄ اسان تي اها ڪمهري نه
اچي ها، شير ...
(موسيقي)
سونل: سائين ...
پُنرو: چئو سونل راڻي، اڄ تنهنجي سون جهڙي ٻهڪندڙ
چهري تي ڪنهن مونجهه گهنج وجهي ڇڏيا آهن، ڪنهن
تنهنجي دل ته ڪونه ڏکوئي آهي؟
سونل: تنهنجي هوندي منهنجي دل ڪير ڏکوئيندو سائين
....
پُنرو: تڏهن به
آءٌ
سمجهان ٿو ته اڄ تنهنجي من تي مڙئي ڪا مونجهه آهي
(وقفو) سونل، تنهنجي اها ماٺ مون کان سٺي نٿي ٿئي.
سونل: منهنجا سائين،
آءٌ
ڪيترن ڏينهن کان انهيءَ مونجهه جي مچ ۾ پئي سڙان ۽
پڄران، اهي خيال جا نانگ گهڙيءَ گهڙيءَ مون کي
ڏنگي حيران ڪندا رهن ٿا ... ۽... انهيءَ حال ۾
آءٌ
ڦٿڪندي ويچاريان ٿي ته جيڪڏهن
آءٌ
تو سان اها ڳالهه سليان ته تون الائجي ڇا
سمجهندين.
پُنرو: سونل، تون منهنجو جياپو آهين، تنهنجي ماٺ
مون لاءِ اهڙو عذاب آهي، جنهن جي سهپ جي مون ۾
طاقت نه آهي، چئي ڏي، مون اڄ تائين تنهنجي ڪنهن به
ڳالهه کان نهڪر ڪانه ڪئي آهي، ٻڌاءِ
آءٌ
هر ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار آهيان.
سونل: سائين،
آءٌ
اها ڳالهه ٿي ويچاريان ته تنهنجي هن روز روز جي
ڪمهلي سفر مان اسان کي سواءِ تنهنجي اوسيئڙي ۽
جدائي جي ٻيو ڇا ٿو پلئه پئي، اسان ته ائين ئي
تنهنجي واٽ نهاريندي پيون پنهنجا ڏينهن پورا ڪريون
۽ تون پنهنجي سئر ۽ سفر ۾ خوشين سان رهاڻيون ڪندو
وتين.
پُنرو: سونل، تون پنهنجي دل جي ڳالهه پئي ڪرين ...
اسان پنهنجا گهر گهاٽ راڄ ڪاڄ ڇڏي سفر تي چڙهون
ٿا، ان ۾ ڪا دلي خوشي اسان کي به نٿي ٿئي، پر
حالتن آڏو لاچار آهيون، اسان کي جيئڻ ڪارڻ اهي سڀ
جنگيون جوٽڻيون پون ٿيون، اسان جا دشمن گهڻا ۽
واهرو گهٽ آهن، جيڪڏهن اسان پنهنجي اڳرائي نه
ڪريون ته ڪر اهي ويري اسان کي ويهڻ ئي نه ڏين.
سونل راڻي، اسان ڪو خوشيءَ سان انهيءَ سفر تي ته
ڪونه ٿا وڃون.
سونل: سائين، جيڪڏهن انهيءَ سفر ۾ دل جي خوشي به
نٿي ملي ته پوءِ اهو ماهه ٽماهه سفر جو سعيو ٺهي
ته نٿو.
پُنرو: سونل راڻي، تون اها ڳالهه نٿي سمجهي سگهين،
آءٌ
راڄ جو سردار آهيان، راڄ جي هر ڀاتيءَ جي بچاءُ جو
آءٌ
ذميوار آهيان، جيڪڏهن
آءٌ
ماٺ ڪري ويهي رهان ته پوءِ مون تي هر طرف کان
جلهون ٿينديون، اها ته توکي سڌ آهي ته ڪڇ جي راجا
سان اسان جا جهيڙا ڳنڍيا پيا آهن، هر گهڙيءَ ان
جي حملي جو الڪو آهي، انهيءَ ڪري
آءٌ
اڳواٽ انهن گسن پنڌن تان ڦيرا ڪري ايندو آهيان،
سار سنڀال لهندو آهيان ۽ ماڻهن کي ياد ڏياريندو
آهيان ته اڃا اسان جيئرا آهيون، باقي هونئن منهنجي
دل تو کان سواءِ ته گهڙي به نٿي گهاري سگهي، جي
گهڙيون تنهنجي پريت ۾ گذرن ٿيون سي املهه آهن، ۽
سونل ڪير ظالم هوندو جيڪو پرينءَ جي سچي پريت جي
پيچ کان پلئو ڇڏائي.
سونل: نه سائين،
آءٌ
ته نٿي چوان، مون کي تنهنجي پريت تي ڪو شڪ
ڪونهي... پر هاڻي اهي اڳيون حالتون نه رهيون آهن،
جڏهن تون ائين پنهنجو گهر ڇڏي سفر تي اسهندو هئين.
پُنرو: مون تنهنجو مطلب نه سمجهيو سونل؟
سونل: اسان جي ملڪ جون حالتون بدلجي ويون آهن، ڄام
فيروز ختم ٿيو، درياخان جهڙو شير شهادت جي درجي تي
پهتو،
ارغون سنڌ جا مالڪ بنجي ويا، جن ٺٽي کي ڦُري
ڀڙڀانگ ڪيو، ۽ هاڻي هنن جو ٻين سردارن تي ڪست
آهي... ۽ ... ۽ تون ...
پُنرو: چئو سونل، ماٺ ڇو ٿي وئينءَ؟
سونل: تون ته سنڌ جي سورهيه سردارن مان آهين،
تنهنجي حياتي هنن جي اک ۾ ڪنڊو آهي.
پُنرو:
آءٌ
انهن ڳالهين کا ڀليءَ ڀت واقف آهيان راڻي،
تيستائين هن ڪوٽ ڏي شاهه بيگ ارغون ته ڇا پر دنيا
جي ڪا به طاقت اک کڻي نهاري به نٿي سگهي، سڀ ڄاڻن
ٿا ته هي پنري جو ڪوٽ آهي، جنهن جي ترار کي وڄ
وانگر سوين ڄڀيون آهن.
سونل: وقت پڇي نه ايندو آهي سائين، منهنجي صلاح
مڃ، اها پاري جهڙي طبيعت ڇڏ، هڪ منو ٿي راڄ ۾ رهه.
پُنرو: نه سونل، تنهنجي اها صلاح مون کي نٿي آئڙي،
مون کان ائين ماٺ ڪري ويهڻ ڪٿي ٿو پڄي، پر تون ڇو
ٿي پنهنجي ڪبوتر جهڙي دل کي ملول ڪرين؟ تو لاءِ ته
فقط خوشيون آهن، اهي حياتيءَ جا حساب ڪتاب اسان
لاءِ آهن، اسين پاڻ پيا انهن سان منهن ڏينداسين
...
(موسيقي. گهوڙن جو هلڻ جو آواز)
شير: سردار، تون ڪهڙي ويچار ۾ پئجي وئين؟
پُنرو (ڇرڪ ڀري): جي ... ؟نه ... ڪجهه به نه ...
خبر نه آهي ارغونن سونل سان ڪهڙا ويل وهايا
هوندا...سونل...
(موسيقي)
ارغون سردار: منهنجي دل جي راڻي، هاڻي پنهنجي نازڪ
دل مان پنري جو خيال سدائين لاءِ ڪڍي ڇڏ، هو هاڻي
ڪڏهن به ٺٽي ۾ پير نه پائي سگهندو (کلي) ۽ نه ئي
تون هن ڪوٽ مان ٻاهر نڪري سگهندينءَ.
سونل: مون کي ڪڪ نه ڪر، اي ارغون! مون کي پنهنجي
حال تي ڇڏي ڏي، پر اي ارغون، اهو ياد رک، هڪ نه هڪ
ڏينهن پنرو ايندو ۽ ... ۽
آءٌ
هن بند مان آجي ٿينديس.
ارغون سردار: (ٽهڪ ڏ ئي) هن ڪوٽ تائين پهچڻ نهايت
مشڪل آهي سونل راڻي، هتي هزارن جو پهرو آهي، ۽
اسان جي بادشاهي آهي، هتي هڪ پُنرو ته ڇا پر
جيڪڏهن سوين پُنرا اچن ته به اندر پير نٿا ڌري
سگهن...
سونل: اي امير، ايڏو غرور نه ڪر، هڪ نه هڪ ڏينهن
نيٺ اهو واريءَ سندو ڪوٽ ڊهندو ۽
آءٌ
آزاد ٿينديس...
ارغون سردار: اهي سڀ اجايون ڳالهيون آهن، اٿ اجايو
روئڻ ڦٿڪڻ ڇڏ، حياتيءَ جون جيڪي خوشيون ملن ٿيون،
اهي حاصل ڪر. کل ڳالهاءِ، کاءُ پيءُ، خوش ٿي. هي
سون هيرا، ويس وڳا پهري، منهنجي دل جي دنيا ۾ اچي
آباد ٿي، سچ ٿو چوان ته توکي فقط خوشيون ملنديون،
فقط خوشيون ...
سونل: اي امير، اها ريت اسان ۾ ڪانهي جو سون تي
سيڻ مٽايون، اسين مارئيءَ جي وطن جون ڄايون آهيون،
توهان جهڙا سوين هزارين عمر ايندا ۽ پنهنجي سون،
مين، مالن ۽ ملڪيتن جي ڌڄ پسائي هرکائيندا، پر
اسان وٽ اها ڳالهه مهڻو آهي اهڙي ڪريت توهان ۾
هوندي، اسان وٽ ڪانهي.
ارغون سردار: تون پنهنجي ڀاڳ کي پئي ٿڏين.
سونل:
آءٌ
هن اڀاڳ ۾ خوش آهيان، هليو وڃ، مون کي تنهنجي ڪنهن
به شئي جي گهرج نه آهي،
آءٌ
هن بند ۾ مرنديس پر تنهنجي خوشين کي قبولي پاڻ کي
ڪارنهن جو ٽڪو نه لائينديس ... وڃ، هتان هليو وڃ.
ارغون سردار: (ٽهڪ ڏيندي)
آءٌ
تنهنجي نازڪ دل تي ڪو به ظلم نٿو ڪرڻ گهران، پر
اهو وقت پري نه آهي، جڏهن توکي منهنجي ڳالهه مڃڻي
پوندي ...
(موسيقي جي لهر، ماڻهن جو هلڪو گوڙ)
پُنرو: ڀائرو! اوهان سڀني کي انهيءَ ڳالهه جي ڄاڻ
آهي ته هن وقت اسان جي آڏو ڪهڙو مقصد آهي، اسان جي
سينن ۾ ارغونن کان وير وٺڻ جو قسم باهه وانگر پيو
ڀڙڪا کائي: اهي باهه جا ڀڀڙ تيسين نه ٺرندا، جيسين
اسين پاڻ سان ٿيل ويل جو وير نه وٺنداسين، هي ملڪ
توهان جو آهي۽ هتي جي حالتن کان اوهان چڱيءَ طرح
سان واقف آهيو، اسان جي سمن کان پوءِ، ارغونن
ٿوري ئي وقت ۾ جيڪي هن ڌرتيءَ تي ڪيس ڪيا ۽ ويل
وهايا آهن سي توهان کان لڪل ڪونهن، جيتوڻيڪ اسان
تمام ٿورا آهيون، ۽ اسان جو مقابلو ملڪ جي نئين
واليءَ سان آهي، پر اسان سچائيءَ ۽ انصاف جي جنگ
جوٽي آهي، اسان جي آڏو سڀ کان وڏو مقصد هيءُ آهي
ته ٺٽي جي گاديءَ تان ارغونن کي لاهي، ٻيهر سمن جي
حڪومت قائم ڪريون، اسان جا سما سردار ڪهڙا به هئا،
اسان مان هئا ۽ اسان هنن مان هئاسين، هو اسان جي
ڏک سک جا ساٿي شريڪ هئا، پر هي ارغون اسان تي هڪ
ٻئي ۽ ڌاريي ملڪ تان هلان ڪري آيا آهن، ان کي اسان
جي حالتن جي ڪهڙي پروڙ؟هنن کي فقط ناڻو گهرجي، ڌن
گهرجي، ۽ انهيءَ جي حاصل ڪرڻ لاءِ پوءِ هنن کي ڇو
نه کڻي انساني حياتي سان ترار جي راند ڪرڻي پوي.
اسان انهن ارغونن کي ٻڌائينداسين ته اسان جون
ترارون اڃا ڪٽيون ڪونهن، اسان جون ترارون سدائين
سچائي لاءِ چمڪيون آهن، ۽ جيسيتائين اسان جي زندگي
آهي تيسيتائين اهي چمڪنديون رهنديون. ساٿيو!
پنهنجي گهوڙن جي سنبن سان انهن ارغونن جا هنيان
ڏاري ڇڏيو، پنهنجي ترارن جي اڃ ويريءَ جي رت سان
اجهايو ...
(گهوڙن جي ڊوڙڻ جا آواز. جنگ جو تاثر، ماڻهن جون
دانهون، پُنري جا ٽهڪ)
پُنرو: (ٽهڪ ڏيندي) دوست! ارغونن تي ثابت ڪريو ته
ستل شينهن کي جاڳائڻ مان ڇا ٿو حاصل ٿئي، هي ڌرتي
توهان جي آهي ۽ توهان جي ئي رهندي ... توهان سان
ٿيندڙ ظلم ڪڏهن به معاف نه ڪيو ويندو.
(جنگ جو تاثر پوري طرح سان اڀري ٿو، پنرو ٽڪ ڏيندو
رهي ٿو. موسيقي)
شاهه بيگ: پُنرو ... پُنرو ... هر طرف کان اهو
نالو پيو ٻڌجي : ائين ٿو لڳي ڄڻ اسان جي حڪومت جا
بنياد ئي لڏي ويا آهن ... آخر اهو پنرو آهي ڪير؟
ارغون سردار: سلطان عالي جو اقبال ۽ اوج سدائين
اعليٰ رهي ... اهو هڪ سمو سردار آهي، جنهن جي
سرڪشي هن ملڪ ۾ تمام گهڻي مشهور آهي ... ۽ ...
شاهه بيگ: هڪ معمولي سردار اسان جي سڄي فوج کي هيٺ
مٿي ڪري ڇڏيو آهي، هن اسان جون ننڊون حرام ڪري
ڇڏيون آهن، هر ماڻهوءَ جي زبان تي پُنري جو نالو
آهي ... آخر اسين ڪريون ڇا پيا؟ ڇا اسان ۾ هن سان
مقابلي ڪرڻ جي طاقت ناهي؟
ارغون سردار: سلطان عالي، گستاخي معاف، پر دلير
دشمن جي تعريف ڪرڻ به عيب نه آهي. هو هر هنڌ اسان
جي ماڻهن کي هوشيار ڪري ۽ سڏي ٿو ماري، ۽ وڙهي
اهڙي بي جگريءَ سان ٿو جو اسان جا ماڻهو هن سان
مقابلو به نٿا ڪري سگهن. |