شاهه شجاع ڪابل ۾.
شجاع، رات جنگ جي ميدان تي گذاري، صبح سان هو
تيزيءَ سان روانو ٿيو ۽ جلدي ڪابل جي سامهون وڃي
پهتو. ماڻهن فاتح جي مرحبا ڪئي. شجاع فاتحانه
انداز سان شهر ۾ داخل ٿيو. هو پهريائين مربي ڀاءُ
زمان شاهه جي خدمت ۾ حاضر ٿيو، جو ان وقت ڪابل جي
تاريخي قلعي بالاحصار ۾ نظربند هو. شاهه شجاع شهر
جي انتظام کان فارغ ٿي، حاجي شير محمد کي محمود جي
پويان موڪلي ڏنو. هن تيزيءَ سان سندس پٺ ورتي. هن
کيس قنڌار جي سامهون وڃي ورتو. محمود مقابلي جي
طاقت نه ساري، وزيراعظم جي پيش پيو، هن کيس گرفتار
ڪري ڪابل آندو. هو جڏهن شاهه شجاع جي سامهون پيش
ڪيو ويو، تڏهن هن حڪم ڪيو ته زمان شاهه جي انتقام
۾ اکيون ڪڍيون وڃن، سزا جي تياري ٿي رهي هئي، جو
شجاع کي زمان شاهه جو پيغام اچي پهتو ته: محمود
جون اکيون نه ڪڍايون وڃن ۽ هن ڪڙي سزا کي بند ڪيو
وڃي. هن بادشاهه وٽ ڪيڏو نه صداقت افروز پيغام
موڪليو هو:
”مان همايون جون اکيون ڪڍايون هيون، محمود
منهنجي اکين کي بي نور ڪيو. قصاص ٿي چڪو. مان نٿو
چاهيان ته هاڻي ڪنهن ٻئي جون اکيون ڪڍايون وڃن.
ائين نه ٿئي ته تاريخ ۾ لکيو وڃي ته افغانستان جو
هر تاجدار انڌو ٿي مئو“.
از مڪافات عمل غافل مشو
ندم از گندم برويد جو ز جو.
شاهه شجاع پنهنجي بزرگ ڀاءُ جي نصيحت کي ٻڌو ۽ عمل
ڪيو ۽ محمود کي بالاحصار ۾ قيد ڪري رکيو. اگرچه
هيءَ سندس سياسي غلطي هئي (10).
سلطنت جي دعويدار جي گرفتار ٿيڻ کان پوءِ،
شاهه شجاع، باقاعدي پنهنجي تخت نشينيءَ جو اعلان
ڪيو. سندس تاجپوشيءَ جو جشن منعقد ٿيو. جنهن ۾ شهر
جي ماڻهن وڏو حصو ورتو، جيئن ته افغانن جو وڏو
گروهه زمان شاهه جو طرفدار هو ۽ ان کي مظلوم ٿي
سمجهيائون ان ڪري هنن شاهه شجاع کي دراني حڪومت جو
صحيح نمائندو ٿي سمجهيو ۽ ساڻس پورو پورو تعاون ۽
اتفاق ڪيو. حاجي شير محمد کي سندس وفاداريءَ جي
صلي ۾ وزيراعظم بڻائي مختار الدوله جو خطاب ڏنو
ويو. زمان شاهه جي رفيقن کي وڏا وڏا عهدا سونپيا
ويا. زمان شاهه جي برباديءَ تي انگريزي حڪومت جشن
ملهايو هو، مگر شاهه شجاع جي تخت نشينيءَ وري
منجهن خوف ۽ خطري کي پيدا ڪري ڇڏيو.
شاهه شجاع جي سنڌ ۾ آمد (1221 هجري):
ڪابل جي انتظام کان فارغ ٿيڻ بعد شاهه
شجاع، قنڌار جي بندوبست ڏانهن رجوع ٿيو. غزني ۽
قنڌار، آسانيءَ سان سندس قبضي ۾ اچي ويا. ان بعد
هن پنهنجو توجهه ملڪ جي ٻين حصن ڏانهن ڏنو. قلات
کان ٿيندو، هو شڪارپور ۾ پهتو. منشي عطا محمد،
شاهه شجاع جي هن سفر بابت تفصيل سان لکيو آهي
(11):
”جيئن ته شاهه شجاع سن 1221 هجري ۾ پهريون
ڀيرو وزير شير محمد خان سان گڏجي، وڏي شان ۽ شوڪت
سان شڪارپور ۾ وارد ٿيو ۽ شاهي باغ ۾ اچي لٿو.
سندس مقصد هو ته سنڌ جي ميرن کان رهيل ڍل جي وصولي
ڪري، هتي ئي سندس وڏو پٽ تيمور شاهه پيدا ٿيو،
جنهن جي ولادت جي خوشيءَ ۾ ٽي ڏينهن ساندهه
شڪارپور ۾ نوبت نوازي ۽ چراغبندي ٿيندي رهي“.
هن حقيقت جي انگريز جي رڪارڊ مان به تصديق
ٿئي ٿي (12). شڪارپور ۾ ان وقت محمود جي طرفان
سُکو سنگ نالي هڪ هندو گورنر هو، شاهه شجاع کيس
معطل ڪري سندس جاءِ تي نواب مدد خان پوپلزئيءَ کي
نئون گورنر مقرر ڪيو(13). سنڌ ۾ ان وقت مير غلام
علي خان ٽالپر جي حڪومت جو دور هو. مير صاحب، شاهه
شجاع جي آمد جي خبر ٻڌي مقرر ٿيل خراج ۽ تحفا شاهه
جي خدمت ۾ ڏياري موڪليا. هي حقيقت سڀني تاريخ جي
ڪتابن ۾ موجود آهي، مگر سنڌ جي شاهنامي جي مصنف
مير حسن علي خان ان جو انڪار ڪيو آهي. لکي ٿو ته
(14):
”شجاع الملڪ پور تيمور شاهه
ڪيو عزم بلجزم بهر سفر
اچي شاهه وارد ٿيو باسپاهه
هتان مير صاحب هليو ٿي تيار
زمانو ڏسان ڪهڙو ڏيکاري رنگ
پوءِ مطلب اچڻ جو پڇئون شاهه کان
تڏهن شاهه چين هت اچڻ جو سبب
مقرر هئي سنڌ تي سائي باج
رسايو جي پاڻهي ها ساري خراج
تڏهن مير صاحب چيو نامور
زمانه دگرگون آئين نهاد
مهر آن بساطِ ڪُهن در نوشت، |
فراهم ڪري فوج بادستگاهه
ٻيو مطلب نه هو غير تحصيل، زر
۽ اڪرم وزير ان جو ٿيو پيشگاهه
ته ان فوج سان ٿيڻو آهي دوچار
درِ صلح پٽجي ٿو يا باب جنگ
ته تڪليف ڪيئن ڪئي آهه شاههِ زمان؟
ٻيو ناهه آهي فقط زر طلب
رسائي اوهان ڪين شاهي خراج
سفر جي پوي ڪونه ها احتياج
انهيءَ خيال موهوم کان درگذر
شد آن مرغ کي بيضه زرين نهاد
نشاط دگر ملڪ را تازه گشت |
جي وڙهڻو هجئي شاهه تا آبرون
هي گوءِ هي ميدان
آءٌ
۽ تون“
مير صاحب جي مٿئين شعر مان صاف معلوم ٿئي
ٿو ته شاهه شجاع سنڌ مان خراج حاصل ڪرڻ کان سواءِ
ئي هليو ويو هو. مگر سڀئي تاريخون متفق آهن، ته
شاهه شجاع سان مختارالدوله شير محمد خان ساڻ هو،
نه اڪرم خان. شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ مغفور،
ان واقعي بابت لکي ٿو ته(15):
”سن 1218هجريءَ ۾ شاهه شجاع الملڪ وڏي
لشڪر سان سنڌ تي چڙهي آيو، پرڳڻي جا ماڻهو ايترا
ته هراس ۾ ڀرجي ويا، جو ڪيترن شهرن ۽ ڳوٺن جا
ماڻهو ٿر جي طرف ڀڄي ويا، مير غلام علي فوج وٺي
شڪارپور جي طرف ڪوچ ڪئي ته جيئن غنيم جو مقابلو
ڪري سگهجي. پنهنجي جاءِ تي حيدرآباد ۾ مير مراد
علي کي قائم مقام ڪيو ويو. لاڙڪاڻي ۾ مير سهراب
خان به اچي ساڻس مليو. پاڻ ۾ صلاح ڪرڻ کان پوءِ
هنن پنهنجا سفير حافظ شير محمد ڏي موڪليا ته
معاملي کي دوستانه طرح طئي ڪيو وڃي. ان موجب ٺاهه
ڪيو ويو ته مير ڏهه لک رپيا بروقت ادا ڪن ۽ آئيندي
پنج لک رپيا ساليانو خراج ادا ڪندا رهن. شرط منظور
ڪيا ويا ۽ شاهه ڪابل روانو ٿي ويو ۽ مير موٽي
حيدرآباد آيا“.
مرزا صاحب جي مٿئين حقيقت مان ”شاهنامه
سنڌ“ جي تحقيق جي ترديد ٿئي ٿي. شايد مصنف واقعي
کي موڙي پنهنجي خاندان جي هن تحقير جي پرده پوشي
ڪئي آهي، جنهن ۾ هو حق بجانب هو. مٿئين مصنف هيءَ
پڻ غلط ڄاڻايو آهي ته شڪارپور ان زماني ۾ ميرن جي
قبضي ۾ آيو هو. بهر حال شاهه شجاع ميرن کان ڏهه لک
رپيا حاصل ڪري، ديره جات کان ٿيندو پشاور پهتو،
جتي ٿوري وقت جي توقف کان پوءِ ڪابل روانو ٿي ويو.
انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته شاهه هن سفر جي دوران ۾
پنهنجي قلمرو جي دور ۽ نزديڪ کي چڱيءَ ريت سنڀالي
ورتو ۽ درانين جي اقتدار کي وري بحال ڪيو. مصنف
”صبح صادق“ ان سفر بابت لکي ٿو ته (16):
”سن 1804ع ۾ شاهه شجاع الملڪ سنڌونديءَ کي
عبور ڪري ديره جات ۾ آيو. ان وقت نواب محمد بهاول
خان ثاني جي خلاف دشمن وري مٿو کنيو. هنن شاهه
شجاع وٽ راجن پور جي مقام وٽ رسائي حاصل ڪئي ۽ کيس
شڪايتون ٻڌايائون“.
مٿئينءَ حقيقت مان معلوم ٿئي ٿو ته
بهاولپور جو نواب به ان وقت شاهه شجاع جي برتري کي
قبول ڪري چڪو هو.
مائونٽ اسٽوئرٽ ايلفنسٽن جي سفارت (1808ع):
شاهه شجاع جي تخت نشينيءَ جي وقت، هندستان
۾ انگريزي حڪومت جو گورنر جنرل لارڊمنٽو هو، يورپ
۾ نيپولين جي وڌندڙ طاقت کان انتشار پکڙيل هو. ٻئي
طرف روس ايشيا ۾ پنهنجي فتوحات حاصل ڪرڻ ۾ مشغول
هو. ان وقت فرانس ۽ روس گويا انگلينڊ جا وڏا سياسي
رقيب هئا. انگلينڊ ۾ سڀئي سياستدان ۽ مدبر، روس کي
هندستان جي انگريزي حڪومت لاءِ وڏو خطرو سمجهي
رهيا هئا. هن خطري کان بچڻ لاءِ هنن پنهنجي سياسي
حرڪتن کي تيز کان تيز بڻائي ڇڏيو هو. انگريز
سياستدانن کان هيءَ حقيقت نه وسري هئي ته ”زمان
شاهه“ سڄي هندستان کي فتح ڪرڻ ٿي گهريو. هاڻي شاهه
شجاع الملڪ ڪابل جي تخت تي هو ۽ انگريزي حڪومت کي
هيءَ خوف کائي رهيو هو ته هو پنهنجي ڀاءُ جي تنقيد
۾، هندستان تي ڪنهن نه ڪنهن وقت فوج ڪشي ڪندو.
لارڊ منٽو انگريزي مفاد جي لاءِ، جدا جدا سفارتون،
ڏيهي حاڪمن ڏي موڪلڻ شروع ڪيون، سن 1802ع ۾
ممبئيءَ جي هڪ سول سروس آفيسر نڪولاس هئنڪي سمٿ کي
سنڌ ڏانهن موڪليو ويو. پنجاب جي حاڪم راجا رنجيت
سنگهه ڏي ميٽڪاف کي ۽ شاهه شجاع ڏي مائونٽ اسٽوئرٽ
ايلفنسٽن کي، جو پڻ ممبئي حڪومت جو ملازم هو. هو
وڏو داناءُ ۽ زيرڪ فرنگي هو. قلم ۽ تلوار ٻنهي سان
نڀايو هئائين. ڊيوڪ آف ويلنگٽن سان گڏجي هن مرهٽن
۽ انگريزن جي لڙاين ۾ وڏو حصو ورتو هو، اهڙي لائق
ماڻهوءَ کي لارڊ منٽو، ڪابل ڏانهن ويندڙ سفارت جو
مهندار بڻايو. جيئن ته ان وقت رنجيت سنگهه جا
تعلقات انگريزي حڪومت سان گهرا نه هئا، تنهن ڪري
لارڊ منٽو کي خوف ٿيو ته مبادا، راجا هن کي پنهنجي
ملڪ مان لنگهڻ جي اجازت نه ڏئي، ان ڪري هي سفارت
ڪڇ کان بيڪانير ۾ پهتي ۽ بيڪانير کان بهاولپور ۾
آئي. بهاولپور ۾ هن سفارت ڇا ڪيو ان جو احوال هيئن
ٿو اچي:
”سن 1808ع ۾ آنريبل مائونٽ اسٽوئرٽ
ايلفنسٽن، انگريزي سفارت کي وٺيو ٿي ويو، بهاولپور
کان گذريو، نواب محمد بهاول خان ثاني سندس عزت ۽
احترام سان استقبال ڪيو. وقت جي مصلحت جي باعث
سندس مدارات ۽ تواضع ۾ ڪا به گهٽتائي اچڻ نه ڏني
وئي. ايلفنسٽن جي مسلسل ملاقاتن جو فائدو وٺي نواب
موصوف انگريزي حڪومت سان اتحاد ۽ يگانگت پيدا ڪرڻ
جي خواهش ڏيکاري. هيءَ پهرين تحريڪ هئي جا انگريزي
دوستيءَ جي سلسلي ۾ بهاولپور رياست کان وجود ۾
آئي“.
ايلفنسٽن 25 فيبروري سن 1809ع ۾ پشاور ۾
پهتو، هن دير جو سبب اهو آهي جو سفارت کي اڃا
تائين شاهه کان اڳتي وڌڻ جي اجازت نه ملي هئي.
اهڙي حالت ۾ شاهه جي اجازت کان سواءِ سفارت جو
جنگجو قبيلن مان آسانيءَ سان گذرڻ نهايت مشڪل هو.
خود شاهه ۽ ان جا وزير هن سفارت کي بي اعتباريءَ
سان ڏسي رهيا هئا. بهرحال سفارت کي مارچ 1809ع ۾
شاهه سان ملاقات جي اجازت ملي وئي، هن سفارت سان
شاهه شجاع نهايت عزت ۽ احترام سان مليو. جيئن ته
هو پنهنجي ئي رعيت جو ستايل هو، ان ڪري هن کي جڏهن
ٻڌايو ويو ته انگريزي حڪومت چاهي ٿي ته افغانستان
جي حڪومت سان دوستانه ناتا قائم ڪيا وڃن، تڏهن
شاهه هن تعاون جي لاءِ پنهنجي منظوري ڏيکاري.
افسوس ! ويچاري شاهه کي ڪهڙي خبر ته
انگريزي حڪومت جي منافقانه حڪمت عملي ئي سندس خلاف
سندس ملڪ ۾ بدامني ۽ انقلاب جي آگ کي هوا ڏئي رهي
هئي، هن ئي فريبي حڪومت ايراني حڪومت کي رقمون
ڏنيون هيون ته شاهه شجاع کي آرام ۽ چين سان حڪومت
ڪرڻ نه ڏين (17). بهرحال مائونٽ اسٽوئرٽ ايلفنسٽن
پنهنجي سفارت جا فرائض پوريءَ ريت بجا آندا. کانئس
اڳ جهڙي ريت مالڪوم، ايران ۾ پهچي زمان شاهه جو
خاتمو آڻڻ ٿي گهريو ۽ سندس دردناڪ پڄاڻي به ٿي.
اهڙيءَ ريت هاڻي وري افغانستان کي ايران جي مقابلي
۾ آڻڻ لاءِ ايلفنسٽن جي سفارت جو خاص مقصد هو. ڇا
ڪاڻ ته انگريزي حڪومت کي خوف هو ته متان فرانس ۽
ايران پاڻ ۾ ملي هندستان تي حملو ڪن. ايلفنسٽن
تعريف جو مستحق آهي، جنهن پنهنجي سفر جي دقتن جي
قرباني ڏئي، افغانستان جي بابت بيش بها معلومات
حاصل ڪئي ۽ يورپ ان جي طفيل ئي پهريون ڀيرو هن
پراسرار ملڪ جي حالات کان واقف ٿيو. اليگزينڊر
برنيز جو گهڻو پوءِ ڪابل ۾ ٻي سفارت جو سربراهه ٿي
ويو هو، پنهنجي تصنيف ”ڪابول“ ۾ ايلفنسٽن جي
معلومات جي گهڻي تعريف ٿو ڪري. سڀ کان وڌيڪ مشهور
مورخ ”ڪائي“ جي تحرير موجب انگريزي حڪومت کي هيءُ
فائدو حاصل ٿيو ته جنهن ملڪ جي طاقت جي هيبت کان
هولرزه به اندام هئي، سا سڃي سراب جي مثال هئي ۽
ان کي ڪا به اهميت حاصل نه هئي، افغانستان جي هن
اندروني بي آراميءَ تي انگريزي حڪومت کي بيحد خوشي
حاصل ٿي!.
ڪشمير جي فتح (1225):
تاريخ مان جيئن خبر پوي ٿي، شاهه شجاع الملڪ،
افغانستان تي نهايت ڪاميابيءَ سان حڪومت ڪئي، پر
اهو چئن يا پنجن سالن جو مختصر عرصو هو، اگرچ سندس
سياسي رقيب محمود، بالاحصار جي قلعي ۾ نظربند هو،
مگر سندس طرفدارن کيس وساري نه ڇڏيو هو. فتح خان
بارڪزئي ۽ سندس ڀائر پنهنجي اقتدار کي وري قائم
رکڻ لاءِ شاهه شجاع جي خلاف گهاٽ گهڙيندا ٿي رهيا.
اگرچ ظاهر ۾ هو شاهه جي خلاف بغاوت ڪرڻ جي جرات
ڪري نٿي سگهيا، باميزين جي پشت پناهيءَ کان شاهه
شجاع بلڪل مطمئن هو. سياسي مطلع بلڪل صاف ۽ ڪنهن
به شورش جي طوفان اٿڻ جو نشانو نظر نٿي آيو. سن
1225هه جي ابتدا ۾ سياري جي موسم کي پشاور ۾ گذارڻ
لاءِ ڪابل کان نڪري آيو. پشاور ۾ پهچڻ سان هن
ڪشمير جي فتح جو ارادو ڪيو، جو ملڪ اڃا تائين
محمود جي طرفدار عبدالله خان الڪوزئي جي هٿ ۾ هو.
شاهه شجاع هن تصرف کي پنهنجي ڪک ۾ ڪانءُ ٿي
سمجهيو، هن پنهنجي لائق وزير حاجي شير محمد خان کي
ڪشمير جي فتح لاءِ مامور ڪيو. شير محمد وڏي فوج
سان ڪشمير تي چڙهي ويو. عبدالله خان به قسمت
آزمائي لاءِ وزير جي مقابلي لاءِ نڪتو، مگر شير
محمد جهڙي تجربيڪار سالار جي سامهون بيهي نه سگهيو
۽ کيس شڪست حاصل ٿي. ڪشمير شاهه شجاع جي وسيع
سلطنت جو حصو بڻجي ويو ۽ عبدالله خان گوشئه گمنامي
۾ هليو ويو. حاجي شير محمد خان پنهنجي پٽ
عطاءَالله خان کي ڪشمير جي حڪومت حوالي ڪئي مگر
هيءَ حقيقت آهي ته ڪشمير جي فتح شاهه جي زوال جو
سبب بڻي.
حاجي شير محمد خان جي لاءِ مناسب هيءُ هو
ته ڪشمير جي فتح کان پوءِ هو پاڻ کي جلد، شاهه جي
خدمت ۾ پهچائي. هيءُ به صحيح هو ته نئين ملڪ ۾ نظم
و نسق کي قائم رکڻ لاءِ وقت جي ضرورت هئي. مگر
وزيراعظم، شاهه وٽ پهچڻ ۾ تاخير کان ڪم ورتو، جنهن
کان کيس تشويش پيدا ٿي. شاهه جي دربار ۾ اهڙا به
ماڻهو موجود هئا، جي شير محمد جي زوال جي پويان
هئا. تاريخ مان هن حقيقت جي وضاحت ٿئي ٿي ته مشرقي
دربارين ۾ منصوبه بازي ۽ سازشن جي ناعاقبت انديشي
ايتري ته عام هئي جو وڏين وڏين سلطنتن تي انهن
ڳالهين جي باعث زوال ڇانئجي ٿي ويو. هن تاخير جي
باعث شاهه کي ذهن نشين ڪيو ويو ته وزيراعظم جي نيت
۾ فتور آهي. شاهه شجاع کيس پنهنجي حضور ۾ حاضر ٿيڻ
لاءِ پيغامن تي پيغام موڪليندو رهيو، مگر مٿس ڪو
به اثر نه پيو، شاهه جي حڪم جي هيءَ انحرافي هاڻي
وزيراعظم ۽ شاهه جي وچ ۾ نزاع جو سبب بڻي.
هوڏانهن شير محمد به هنن واقعن کان بيخبر
نه هو. جيئن جيئن وقت گذرندو ويو، معاملي ۾
پيچيدگيون پيدا ٿينديون ويون: ايتريقدر جو شير
محمد شاهه شجاع جي طرف کان بلڪل نااميد ٿي ويو.
هاڻي وٽس ٻه رستا بچيا هئا. هڪ اهو ته سر تريءَ تي
رکي شاهه جي خدمت ۾ حاضر ٿئي ۽ پنهنجي غلطيءَ جو
اعتراف ڪري، مگر هو هن طريقي لاءِ آماده نه ٿيو.
درانين جي تاريخ وزيرڪشيءَ جي واقعن سان ڀريل آهي.
اهڙيءَ حالت ۾ ٻيو طريقو اهو هو ته هو شاهه کان
دور رهي، پنهنجي سلامتيءَ لاءِ سوچي، هن ناعاقبت
انديشيءَ کان ڪم وٺي، پشاور جي بجاءِ ڪابل جو رخ
ڪيو، جتي زمان شاهه جي پٽ مرزا قيصر کي پاڻ سان
ملائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. شير محمد جهڙي لائق سپهه
سالار جي پشت پناهي ڏسي قيصر کي پنهنجي ڪاميابيءَ
جو يقين ٿي ويو. قيصر کي ساڻ ڪري، شير محمد خان
پشاور جي قريب پهچي شورش کي پيدا ڪيو.
وزير شير محمد ۽ شاهه شجاع جي نزاع جي
متعلق، ”تاريخ تازه نواي معارڪ“ جي مصنف هڪ ٻي به
روايت ڏني آهي (18):
”شاهه شجاع پشاور جي اقامت واري وقت ۾
وزير شير محمد خان کي ڪشمير کي فتح لاءِ ڏياري
موڪليو، هو سيارو پشاور ۾ گذارڻ کان پوءِ، موسم
بهار ۾ ڪابل موٽي ويو ۽ عاليجاهه زبدته العلماءَ
مير واعظ، شير محمد خان جي مشوره سان ڪابل ۾ شاهي
نائب جا فرائض ادا ڪري رهيو هو. سندس لکين مريد
هئا. سندس ايام ۾ سني ۽ شيعن جو ڪابل ۾ سخت تڪرار
پيدا ٿيو، جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا، شاهه
شجاع هن تڪرار کي پنهنجي تدبير سان اچي بند ڪيو.
شاهه مخفي طرح شيعن کي ميرواعظ جي حلاڪت جو مشورو
ڏئي پاڻ قنڌار هليو ويو. جڏهن شاهه قنڌار پهتو ته
شيعن ۽ سنين جي وچ ۾ وري فساد پيدا ٿيو ۽ باقاعدي
جنگ لڳي، جنهن ۾ مير واعظ شهيد ٿي ويو ۽ سندس سر
شجاع ڏي قنڌار موڪليو ويو، جو سنڌ ڏي وڃڻ جي
تيارين ۾ هو“.
بهرحال شير محمد جو مير واعظ جي معتقدن
مان هو، هن واقعي کان بيحد متاثر ٿيو ۽ شاهه شجاع
جي خلاف بغاوت لاءِ تيار ٿي ويو. ”دولت درانيه“ جي
مصنف ميرواعظ جي شهادت جو واقعو ٻيءَ ريت لکيو آهي
(19):
”فتح خان جي انڌي ٿيڻ کان پوءِ (هيءَ
واقعو اڳتي ايندو)، سندس ڀائرن جي صلاح ٿي ته
درانين جي حڪومت کي ختم ڪيو وڃي ۽ مير واعظ کي
افغانستان جو بادشاهه بڻايو وڃي ڇو ته دراني
تاجدارن کان سندن خاندان کي بيحد تڪليف ملي هئي.
شاهه شجاع الملڪ جو ڪشمير مان ڇوٽڪارو لهي پشاور ۾
بادشاهه بڻجي ويٺو هو، ان کي جڏهن هيءُ خبر پئي ته
هو ڪابل ۾ پهتو ۽ مير واعظ کي بيقصور قتل ڪري
ڇڏيائين، چون ٿا ته جڏهن شجاع الملڪ کيس قتل ٿي
ڪيو ته ان بيگناهه سيد کيس عرض ڪيو ته بيقصور قتل
نه ڪري، جنهن جو نتيجو اهو نڪرندو جو درانين کان
حڪومت هميشه هلي ويندي...“
مير واعظ جي قتل بابت هي متضاد روايتون
آهن، جن جي واقعي ۽ وقت ۾ ڪا به يڪسانيت نظر نٿي
اچي، ”دولت درانيه“ ۾ شير محمد جي متاثر ٿي بغاوت
ڪرڻ جو ڪو به ذڪر نه آهي. ”تاريخ تازه نواي معارڪ“
جي مرتب به هن پيچيده حقيقت کي صاف ڪرڻ جي ڪوشش نه
ڪئي آهي. منهنجي نظر ۾ مير واعظ جي شهادت جو واقعو
سن 1225 هه جي واقعات ۾ شمار نه ڪرڻ گهرجي. اهو
واقعو ان وقت جو آهي، جڏهن محمود ۽ فتح خان جي
ڀائرن جي وچ ۾ فتح خان جي انتقام لاءِ ڪشمڪش هلي
رهي هئي. شاهه شجاع ان وقت پشاور ۾ هو ۽ ٿي سگهي
ٿو ته محمود جي غير حاضريءَ ۾ هو ڪابل پهتو هجي ۽
سلطنت کي وري حاصل ڪرڻ لاءِ هن مير واعظ جو قتل
ضروري سمجهيو هجي. هن واقعي سان شير محمد جي بغاوت
جو ڪو واسطو نه آهي. هي واقعو خود شير محمد جي موت
کان پوءِ ٿيو هو. مصنف ”تاريخ تازه نواي معارڪ“ جي
ياداشت جي هيءَ غلطي ٿي نظر اچي.
بهرحال شير محمد جي بغاوت اڃا عمل ۾ نه
آئي هئي ته شاهه شجاع پشاور کان ٿيندو ڪابل ۾
پهتو. شير محمد جي دربار ۾ عدم موجودگيءَ جو
معاملو اڃا پنهنجي جاءِ تي موجود هو ته شاهه شجاع
قنڌار کان سنڌ ڏي روانو ٿيو، هيءَ سندس پڌري پٽ
ناعاقبت انديشي هئي، اگرچ خير خواهن کيس منع به
ڪئي هئي، هو شڪارپور ۾ اچي بدل خان جي باغ ۾ لٿو ۽
پنهنجي عيش ۾ گم ٿي ويو. سندس وڏي ۾ وڏي بدقسمتي
اها هئي جو سندس بدترين دشمن فتح خان بارڪزئي به
سندس ڇانوڻيءَ ۾ موجود هو. هو محمود جي مخلص رفيقن
مان هو ۽ شجاع جي برباديءَ جو منتظر ٿي رهيو.
شڪارپور ۾ ميرن سان خراج جو معاملو طئي ٿي چڪو هو.
مير غلام علي جي مشير نواب ولي محمد خان هي بار
پاڻ تي هموار ڪيو ۽ شاهه سان گڏ ديره غازي خان
تائين همراهه رهيو. ديره غازي خان جي راهه ۾ فتح
خان شاهه سان باغي ٿي قنڌار روانو ٿي ويو. شاهه
ديره غازي خان ۾ منزل ڪئي، جتي کيس ميرن جو خراج
اچي مليو. کيس اتي ٿورو وقت رهي مس گذريو هو جو
کيس شير محمد جي پشاور جي طرف بغاوت جي خبر ملي.
هن اطلاع ملڻ سان شاهه نهايت تيزيءَ سان پشاور جي
طرف روانو ٿيو. پشاور جي نزديڪ شاهه ۽ وزير جي وچ
۾ سخت جنگ لڳي، جنهن ۾ شير محمد خان پنهنجي ڀاءُ
سميت مارجي ويو ۽ قيصر مرزا سندس پيش پيو. هن فتح
شاهه شجاع جي حڪومت کي جا لڏي رهي هئي پختو ڪيو،
مگر هيءَ بخت جي ياوري کهنبي جو چٽڪو ثابت ٿي.
حوالا
(1) ترجمو: وڏائي ۽ ناز کي گهٽ ڪر، جو زماني، شاهي
قبا جي زنجيري ۽ ڪائوس جي ٽوپيءَ جي ڏنگي گوشي کي
ڏنو آهي.
(2) انڊين رويو: جولاءِ 1940ع.
(3) رحيم بخش: دولت درانيه : ص 6.
(4) حميد ڪشميري، پنهنجي تصنيف ”اڪبر
نامه“ ۾ تيمور شاهه جي اولاد جو انداز ڇٽيهه
ڏيکاريو هو. جن ۾ ايڪيهه پٽ هئا. (صه-18 حاشيه)
(5) شاهه چراغ، سيدنا عبدالقادر جيلاني
قصد سره العزيز جي اولاد مان هو ۽ لاهور جي مشائخن
مان ٿي گذريو آهي.
(6) شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ: تاريخ
سنڌ انگريزي: ص 207 حاشيه
(7) جيمس ڊگلس: بامبي ص 59.
(8) مولوي رحيم بخش: دولت درانيه : ص 137.
(9) ً.. .ً. ..ً ً. ً.. .ً : دولت درانيه:
ص 138.
(10) مولوي محمد بخش: دولت درانيه: ص 139.
(11) منشي عطا محمد: تاريخ تازه نواي
معارڪ : ص 18.
(12) ڪئپٽن ايف جي گولڊ سمڊ: هسٽاريڪل
ميمائرس آف شڪارپور: ص 56.
(13) نواب مدد خان، پوپلزئيءَ جو خاندان
گهڻو اڳي شڪارپور ۾ اچي رهيو هو، نواب موصوف نهايت
سخي طبيعت جو ماڻهو هو. عوام کيس سخي مدد خان به
ڪري سڏيندو هو. سندس تعمير ٿيل مسجد، شڪارپور جي
نئين مارڪيٽ ڀرسان موجود آهي. نهايت نيڪ ۽ سنجيده
شخص هو. هو افغانن جي حڪومت کان پوءِ به گهڻو وقت
جيئرو رهيو. انگريز حڪومت کيس پٽيداري جو حصو
ڏيندي رهي، سندس انتقال 1856ع ڌاري ٿيو.
(14) مير حسن علي خان: سنڌ جو شاهنامه : ص
85.
(15) شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ: تاريخ
سنڌ (انگريزي): ص 209
(16) محمد عزيز الرحمان: صبح صادق : ص 91.
(17) بي ڊي باسو: رائيز آف دي ڪرسچئن پاور
ان انڊيا:
(18) منشي عطا محمد: تاريخ تازه نواي
معارڪ:
(19) رحيم بخش ”دولت درانيه“.
خواجه غلام علي الانا
سنڌي گرامر جا مسئلا
(لفظ)
ا.”لفظ“
هر ٻوليءَ جي ويا ڪرڻ ۾ ، خاص اهميت ٿو رکي. هڪ
لفظ مان ٻين لفظن يعني ڪردنتن جو ڦٽي نڪرڻ، ۽ خود
لفظ جي مفهوم ۽ وصف جي اڀياس لاءِ ”علم صرف“
(Morphology)
جي ڄاڻ ضروري آهي. هن مقالي ۾ علم صرف جي بي انداز
نڪتن مان ڪن ٿورن جي اپٽار ڪئي وئي آهي. علم صرف
کي چڱيءَ طرح سمجهڻ لاءِ پهرين پهرين ”صرفيه“
(Morpheme)
جي معنيٰ ۽ مفهوم تي روشني وڌي ويئي آهي. ان کان
پوءِ ”لفظ“ ۽ ان جي وصف جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وئي آهي.
ان جو خاص سبب هي آهي ته سنڌ جي هر هڪ عالم، لفظ
جي وصف، پنهنجيءَ پسند موجب ڪئي آهي. موجوده دور ۾
اهي پراڻيون وصفون قبول ڪري سگهجن ٿيون يا نه،
تنهن بابت پڙهندڙ، هن مقالي جي اڀياس کان
پوءِ خود سوچين. في الحال اهڙين پراڻين وصفن مان
هڪ هيٺ ڏجي ٿي:
”ٻولي لفظن مان جڙيل آهي، ۽ لفظ پورو خيال پيدا ٿا
ڪن. اهي خيال يعني اهو مطلب، انهن لفظن جي دستوري
يا رواجي معنيٰ يعني اصطلاح تي منحصر آهي، ۽ جملن
جي ڳالهائڻ ۾ جي لفظ ڪم اچن ٿا، تن جو پاڻ ۾ ڪهڙو
واسطو آهي، يا انهن جي هڪ ٻئي سان ڪهڙي نسبت آهي،
انهن مان ڪهڙو مطلب ٿو نڪري، سو گرامر مان معلوم
ٿو ٿئي“ (1).
هن وصف مان هيءَ مراد ظاهر ٿي ٿئي ته لفظ پورو
خيال ظاهر ڪن ٿا: اهو خيال ۽ مفهوم گرامر مان
معلوم ٿو ٿئي، مرزا صاحب جي هن وصف مان ٻه نتيجا
ٿا نڪرن:
هڪڙي نتيجي موجب لفظ کي دستوري يا رواجي معنيٰ ٿي
ٿئي ۽ ٻئي نتيجي موجب: اهي لفظ جيڪي جملن ۾ ڪم اچن
ٿا، انهن مان نڪتل معنيٰ کي ”گرامر واري معنيٰ“
چئبو.
مرزا صاحب جو هي به رايو آهي:
”گرامر جي قديم اصولن موجب ڪا به ٻولي لفظن مان
جڙي ٿي، ۽ لفظ فقط اُچار يا آواز نه آهن، جن مان
ڪو خيال پيدا ٿئي ٿو يا انهن جو پاڻ ۾ واسطو معلوم
ٿئي ٿو“ (2).
ڪاڪي ڀيرو مل ۽ مرزا صاحب جي ڏنل وصف لڳ ڀڳ هڪجهڙي
آهي.
مٿين وصفن کي جاچڻ کان
پوءِ، لفظ جي وصف کي ڇنڊي ڇاڻي ان کي نئين سر مقرر
ڪرڻ جي ضرورت آهي، ۽ ويا ڪرڻ جي مذڪوره ڪتابن ۾
لفظن جا جيڪي به قسم مقرر ڪيا ويا آهن يا انهن
قسمن کي سمجهائڻ لاءِ لفظن جون جيڪي سنگهرون مثال
طور ڏنيون ويون آهن، انهن تي پڻ نظرثاني ڪرڻ جي
ضرورت آهي، اهڙي سموري مواد کي گڏ ڪري لفظن جي الڳ
الڳ قسمن ۾ ورهائي، سنڌي وياڪرڻ جي هڪ نئين عنوان
۽ نئين مسئلي کي ڇيڙيو ويو آهي، انهيءَ لاءِ ته
سنڌي عالم هن عنوان تي وڌيڪ روشني وجهن.
هن مقالي ۾ علم اللسان جي جديد اصولن جي روشني ۾،
پهرين، صرفيه
(Morpheme)
جي وصف ڏني ويئي آهي، پوءِ جيئن اڳتي هلي معلوم
ٿيندو صرفيه کي به ڌار ڌار قسمن ۾ ورهايو ويو آهي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم ايندڙ اهڙين ”صرفيه صورتن“
(Morphemic forms)
کي ”خود مختار“ يا ”آزاد“
(Free forms)
۽ ”پَروَس“ يا ”پابند“ صورتن
(Bound forms)
۾ ورهائي، نئين نظر سان پهريون ئي ڀيرو، انهن کي
پڙهندڙن جي اڳيان سندن اڀياس لاءِ آندو ويو آهي، ۽
انهن جي ڪارج ۽ مفهوم تي روشني وڌي ويئي آهي. ان
کان پوءِ لفظ جي وصف نئين سر مقرر ڪئي وئي آهي،
اڳتي هلي لفظ جا ڌار ڌار قسم بيان ڪري لفظن جي ڪل
ذخيري مان ڪي ٿورا لفظ، مثال طور هر قسم سان گڏ
ڏنا ويا آهن، ته جيئن پڙهندڙن جي رهنمائي ٿئي.
جيئن علم صوتيات ۾ لفظ جي ساخت ۽ سٽاءُ ۾ ”صوت“
(Phone)
۽ ”صوتيه“
(Phoneme)
خاص اهميت رکن ٿا، تيئن ٻوليءَ جي ”وياڪرڻي ڍانچي“
۾ علم صرف واري باب ۾ ”صرف“
(Morph)
۽ ”صرفيه“
(Morpheme)
به خاص اهميت رکن ٿا. جيستائين صرفيه جو مفهوم نه
سمجهيو ويو آهي، تيستائين ”لفظ“ جي وصف مقرر ڪرڻ،
يا ان جو مفهوم سمجهڻ ۽ سمجهائڻ مشڪل آهي. مٿي
”خودمختار“ يا ”آزاد“ ۽ ”پَروَس“ يا ”پابند“
صورتن جي اهميت تي زور ڏنو ويو آهي، ائين به چيو
ويو آهي ته علم صرف جي روشنيءَ ۾ انهن جي مقصد ۽
ڪارج کي سمجهڻ سان ئي گرامر جو علم صرف وارو حصو
چڱيءَ طرح سمجهي سگهبو، تنهن ڪري هيٺ پهرين پهرين
”خود مختار صورتن“ ۽ ”پَروَس صورتن“ تي روشني وڌي
ويئي آهي.
2. خودمختار ۽ پروس صورتون:
ڪنهن به ماڻهو جي ”ڳالهاءَ“ يا ”گفتار“ جي
جائزي مان معلوم ٿو ٿئي ته هو ان ۾ ڪيتريون ئي
ساڳيون يا هڪجهڙي معنيٰ ڏيکاريندڙ صورتون، وري وري
ڪم آڻيندو آهي: اهڙين صورتن مان ڪي هي آهن:
ماڻهو/، پَت/،ڄاڻ/، پُٽ/ ۽ /ڇوڪر وغيره.
بلڪل ساڳيءَ طرح ڪنهن به گفتگوءَ ۾ هيٺيون
صورتون به توجهه جي لائق آهن:
ڪِر/،/ ڪَرِ/،/ ڪندي/،/ ڪَيل/،/ ڪَيو/،/
ڪرڻو/،/ ڪري/، يا / لک/ ،/ ليک/،/ لکيو/،/
لکندو/،/ لکيل/،/ لکڻو/ ۽/ لکِي/ وغيره. انهن
صورتن جون معنائون ڌار ڌار آهن، پر انهن جي معنائن
جي هڪ ٻئي سان نسبت ضرور آهي.
انهن مثالن جي آڌار تي ڪنهن به ”ڳالهاءَ“
کي ننڍن ننڍن جزن ۾ ورهائي سگهجي ٿو: جن مان هر هڪ
ٿوري يا گهڻي دائمي معنيٰ رکي ٿو. هر اهو ”جزو“ يا
”صورت“ جا ڪنهن به رواجي گفتگوءَ ۾ اڪيلي سر يعني
پنهنجي سر معنيٰ رکندي هجي يعني پنهنجي سر با
معنيٰ هجي، ته اهڙيءَ صورت کي ”خود مختار“ يا
”آزاد صورت“
(Free form)
چئبو آهي. پر اهو جزو يا اها صورت، جا پنهنجي سر
يعني اڪيلي سر ڪم نه ايندي هجي، يعني اڪيلي سر ڪا
به معنيٰ نه رکندي هجي، پر ٻي صورت يا ٻين صورتن
سان گڏ ڪم اچڻ سان ئي معندار ٿئي، يعني ان جي
معنيٰ ۽ ان جو ڪارج ڪنهن خود مختار صورت جي ”وَسَ“
۾ هجي، ته اهڙيءَ صورت کي ”پَروَس“ يا ”پابند“
صورت
(Bound form)
چئبو آهي. مٿي ڏنل مثالن ۾ /ماڻهو/،/ پٽ/،/ ڄاڻ/
۽/ ڇوڪر/ وغيره صورتون، ٻوليءَ ۾ پنهنجي سر يعني
اڪيلي سر، ڪم اچن ٿيون ۽ اڪيلي سر ئي معندار آهن.
اهڙين سڀني صورتن کي ”خود مختار“ يا ”آزاد“ صورتون
چئبو، پر /آسروند/،/ عقلمند/،/ اڄاڻ/،/ اڻهوند/،/
وڃڻو/،/ پٽيتو/،/ سچيت/،/ ڏٺل/ ۽/ لکيل وغيره
صورتن ۾ /-وند، مند، اَ-، ڻو- ايتو سُ-، آل-
۽ يل/ صورتون پنهنجي سر، يعني اڪيلي سر، ڪنهن به
گفتار ۾ ڳالهايون ڪونه وينديون آهن، پر انهن جي
معنيٰ جو مدار خودمختار صورتن تي آهي: يعني ڪن
خودمختار صورتن سان گڏجڻ سان ئي اُهي،
معندار ٿيو پون: اهڙين سڀني صورتن کي ”پَروَس“ يا
”پابند“ صورتون چئبو.
هت هي نڪتو به غور طلب آهي ته سنڌي ۾ لغتن
۾ ”اَ-“ جي معنيٰ ”نه“ ڏني ويئي آهي،
ليڪن جيئن مٿي چيو ويو آهي ته ” اَ “ جي پنهنجي سر
ڪا به معنيٰ ڪانهي،
جيستائين ڪ ان کي ڪنهن خود مختار صورت جي اڳيان
ملائبو نه آهي: جيئن / املهه/ ۽/ اَڄاڻ وغيره لفظن
۾.
جيڪڏهن لغت ۾/ اَ-/ پروس صورت کي داخل ڪري،
ان جي معنيٰ ڏني وئي آهي ته پوءِ مٿي ڏنل ٻين پروس
صورتن جهڙوڪ ؛ /سُ-،
ڪُ -
،ڏُ-،
ڪَ : -،
اڻ، - ايتو ۽ - اَل وغيره کي ڪهڙي سبب لغت ۾ داخل
نه ڪيو ويو آهي. دراصل ڪنهن به پروس صورت کي لغت ۾
بنيادي طور يعني ڌاتوءَ جي حيثيت ۾ داخل نه ڪرڻ
گهرجي، پر جنهن به لفظ سان اهي گڏ اچن، تنهن لفظ
جي معنيٰ بيان ڪندي انهن جي وياڪرڻي حيثيت يعنيٰ
اڳياڙي ۽ پڇاڙيءَ واري حيثيت، معنيٰ سميت ڏيڻ
گهرجي ته جيئن ديسي توڙي پرديسي محقق انهن جي
حيثيت مان واقف ٿين.
پروس صورتون جڏهن ڪن خودمختار صورتن سان
گڏ، اڳياڙيءَ يا پڇاڙيءَ جي روپ ۾ ڪم اينديون آهن،
تڏهن سنڌي وياڪرڻ جي اصولن موجب انهن جي به ڪا
معنيٰ هوندي آهي. مثال طور جيئن مٿي بيان ڪيو ويو
آهي ته /سُ-، ۽ ڪُ-/جڏهن/ پت/ جي اڳيان،
اڳياڙي
(Prefix)
ٿي ڪم اچن ٿيون، تڏهن اهي (/سُ- ۽ ڪُ-/) وياڪرڻي
معنيٰ رکن ٿيون.
هت اهو ڄاڻڻ به ضروري آهي ته صوتيه /س/ ۽
صرفيه /س - ۽ -س/ جي ڪارج ۾ به وڏو فرق آهي:
جيتوڻيڪ /س - ۽ - س/ صوتيه به آهن، پر علم صرف
موجب انهن جو ڪارج ۽ عمل صرفيه جهڙو آهي، مثال طور
لفظ /سندس/ کي ئي جاچيو. ان ۾ پهريون ”س“ صوتيه جي
لکيل صورت آهي، ۽ پويون ”س“ به صوتيه آهي، پر
پوئين صوتيه /س/، صرفيه /-س/ ٿي ڪم آئي آهي. ٻنهي
جي عملي مطالعي مان ظاهر ٿو ٿئي ته پهرئين /س/ جي
گرامر ۾ ڪا به معنيٰ ڪانهي، پر پوئين /-س/ گرامر
جي اصولن موجب معندار يا بامعنيٰ آهي. ساڳيءَ طرح
/سڙيس /لفظ ۾ /-س/ گرامر جي اصولن موجب معندار يا
بامعنيٰ آهي. ساڳيءَ طرح /سڙيس/ لفظن ۾ /-س/ صرفيه
جو ڪارج هڪجهڙو نه، پر ڌار ڌار آهي. /سندس/ ۾ /-س/
صرفيه ضمير غائب واحد متصل جو ڪارج ڏئي ٿي، ۽
/سڙيس/ ۾/ -س/ صرفيه ضمير متڪلم واحد جو ڪم ادا
ڪري ٿي. ظاهري طور صرفيه ساڳي آهي، پر علم صرف ۾ ،
ڌار ڌار حالتن ۾ ان جو ڪارج به ڌار ڌار آهي.
حاصل مطلب ته اهڙيون سڀئي صورتون جيڪي
پنهنجي سر بي معنيٰ هجن پر خود مختار صورتن سان
گڏجڻ کان پوءِ معنيٰ دار ٿين اهڙين سڀني صورتن کي
”پروس“ يا ”پابند صورتون“ چئبو آهي. اهي صورتون
علم صرف ۾ اهم حصو ادا ڪن ٿيون. لسانيات جي ماهرن
اهڙين سڀني خود مختار ۽ پروس- صورتن کي صرفيه
(Morpheme)
سڏيو آهي (1): يعني /پت/،/ پُٽ/،/ ڄاڻ/،/ ڇوڪر/ ۽
ٻين خود مختار صورتن توڙي /سُ-، ڪُ-، سَ-، اَ-،
مند،
-
وند ۽ -اڻ/ وغيره پروس صورتن کي صرفيه چئبو آهي.
3. صرفيه:
مٿي صرفيه کي ٻن قسمن ۾ ورهايو ويو آهي:
هڪڙيون خود مختار يا آزاد، صرفيه ۽ ٻيون پروس يا
پابند صرفيه، خود مختار صرفين، /پت، پٽ ۽ ڄاڻ/
وغيره مان هر هڪ کي جڏهن سندس ننڍن جزن ۾ ٽوڙجي
ٿو، تڏهن پَ ۽ تِ يا پُ ۽ ٽُ جزا ٿين ٿا.
اهي سڀ جزا پنهنجي سر بي معنيٰ جزا آهن. ساڳيءَ
طرح /ڇوڪر/ ۽/ ڄاڻ/ خود مختار صورتن کي به ٽوڙي،
ننڍن معندار جزن ۾ ورهائي نٿو سگهجي. تنهن ڪري
چئبو ته /پٽ/، ۽ /پت / ۽ ڄاڻ/ وغيره ننڍي ۾ ننڍيون
معندار صورتون آهن، جن کي ٻين ننڍن با معنيٰ جزن ۾
ٽوڙي نٿو سگهجي پر /اَڄاڻ/ ۽/ سُپَت/ وغيره ۽
اهڙين ٻين صورتن کي جڏهن ٽوڙجي ٿو، تڏهن /اَ+ڄاڻ/
۽/ سُ
+
پت/ صورتون ٿين ٿيون. انهن مان هر هڪ صورت لفظ جي
اشتقاق ۾ معندار آهي، جيئن مٿي بيان ڪيو ويو آهي.
اهي صورتون وري اڳتي ٻين ننڍين معندار صورتن ۾
ٽوڙي نٿيون سگهجن: تنهن ڪري چئبو ته
/اُڄاڻ/
۽ / سُپت
/
صورتن مان هر هڪ ۾ ٻه ٻه صرفيه مليل آهن. انهيءَ
ڇنڊ ڇاڻ جي روشنيءَ ۾ صرفيه جي وصف هيٺين ٿيندي:
ڪا به اها صورت-خود مختار يا پروس- جنهن کي ننڍي ۾
ننڍي معندار جزي ۾ ٽوڙي نه سگهجي، اهڙي صورت کي
صرفيه
(Morpheme)
چئبو آهي(1). ننڍي ۾ ننڍي معندار جزي
(Smallest meaningful unit)
مان مراد اهو جزو آهي، جيڪو ڇيد ڪرڻ سان ٻين وڌيڪ
معندار جزن ۾ ورهائي نه سگهجي، ۽ جيڪڏهن ان کي
ٽوڙجي ته ان جي معنيٰ ۾ فرق اچي وڃي، يا مرڳو سندس
معنيٰ ئي نه رهي (2).
4. لفظ:
مٿي خودمختار ۽ پروس صورتن جي بيان ڪيل
وصفن جي آڌار تي ئي ”لفظ“ جي وصف مقرر ڪري سگهبي:
لفظ (مفرد) اها خود مختار يا آزاد صورت
(Free Form)
آهي، جنهن کي ٻين ننڍين بامعنيٰ صورتن (خودمختار
يا پروس) ۽ جزن ۾ هرگز ڀڃي نه سگهجي. ٻين لفظن ۾
ائين چئبو ته ننڍي ۾ ننڍي با معنيٰ خود مختار صورت
کي ”لفظ“ (مفرد) چئبو آهي (3).
سنڌي وياڪرڻ ۾ ”لفظ“ جي هيءَ وصف بلڪل
نئين ۽ انوکي آهي، هن وصف مان اهو بلڪل واضح ٿيو
پوي ته وياڪرڻ ۾ جهڙيءَ طرح خودمختار صورتون اهميت
رکن ٿيون، تهڙيءَ طرح پروس صورتن جي موجودگي به
غير ضروري نه آهي. اهي به خود مختار صورتن وانگي
ئي اهم آهن، جن کي گرامر جي ماهرن، اڳياڙين ۽
پڇاڙين جي درجي کان وڌيڪ ڪا به اهميت ڪانه ڏني
آهي.
5. لفظن جا قسم:
”لفظ“ جي وصف کان پوءِ ڏسڻ گهرجي ته ٻوليءَ جي
دائري اندر، لفظن جي ڪل ذخيري کي ، ساخت ۽ سٽاءَ
جي لحاظ کان، ڪهڙن ڪهڙن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو.
سنڌي بزرگن، لفظن جي جيڪا اهڙي تقسيم ڪئي آهي،
تنهن تي به نظر ثاني ڪرڻ جي ضرورت آهي.
سنڌي ٻوليءَ جي ماهرن، لفظن جا فقط ٻه قسم
بيان ڪيا آهن: (الف) مفرد لفظ ۽ (ب) مرڪب لفظ (4).
حقيقت ۾ علم صرف جي اصولن موجب جڏهن لفظن جي ذخيري
کي ٽن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو: اهي آهن: (الف)
مفرد لفظ
(Simple words)
، (ب) مرتب لفظ
(Complex Words)
۽ (ٻ) مرڪب لفظ
(Compound Words).
سنڌي بزرگن، مرتب ۽ مرڪب لفظن کي هڪ ئي قسم يعني
مرڪب لفظ سمجهيو آهي، ۽ مرتب ۽ مرڪب لفظن جي وچ
واري فرق کي اهم نه سمجهي ان کي نظر انداز ڪيو
آهي: تنهن ڪري هر هڪ ديسي ماهر مرتب ۽ مرڪب ٻنهي
قسمن وارن لفظن کي، هڪ ئي قسم يعني مرڪب لفظ ڪوٺيو
آهي. هن مقالي ۾ اڳتي هلي ثابت ڪيو ويو آهي ته
ٻنهي قسمن وارن لفظن کي ، هڪ ئي قسم يعني مرڪب لفظ
ڪوٺيو آهي. هن مقالي ۾ اڳتي هلي ثابت ڪيو ويو آهي
ته ٻنهي قسمن (مرتب ۽ مرڪب) جي لفظن جي جوڙجڪ ۽
بناوت ۾ وڏو فرق آهي. سنڌي بزرگن نه فقط مرتب ۽
مرڪب لفظن جي وصف ۽ (سندن طرفان) ڏنل مثالن ۾ ڪو
به تفاوت ڪونه ڏيکاريو آهي، پر لسانيات جي هڪ ٻئي
نڪتي، ”تڪرار“
(Reduplication)
يعني ”مُڪرر لفظن“
(Reduplicated words)
جهڙوڪ: هنڌ هنڌ، وک وک، ويرا وير، راند روند، هلڻ
چلڻ، ڏسڻ وائسڻ ۽ ماني ٻاني جي مفهوم ۽ ڪارج کي به
درست نموني سمجهايو نه آهي. لسانيات جي اصولن موجب
”تڪرار“ تي هڪ ڌار مقالي لکڻ جي ضرورت آهي،
تنهنڪري اهڙن سڀني لفظن کي هن بحث کان الڳ ڪري،
باقي لفظن جي ذخيري جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري، لفظن جي مٿي
ڄاڻايل ٽن قسمن –مفرد، مرتب ۽ مرڪب – جي وصف،
مثالن سميت هيٺ بيان ڪئي ويئي آهي:
(الف) مفرد لفظ:
اهو لفظ، جو هڪ ئي خودمختار صورت وارو هجي، ۽ جنهن
سان ڪابه پروس صورت ملايل نه هجي، اهڙي لفظ کي
”مفرد لفظ“ چئبو آهي(1). ماهرن اهڙن لفظن کي
بنيادي لفظ
(Primary words)
به سڏيو آهي (2). مفرد لفظن جا مثال هي آهن:
/ڇوڪرو/، پيءُ/، پٽ/، پت/، هاٿي/، ۽/ڄاڻ وغيره.
(ب) مرتب لفظ:
اهو لفظ، جنهن ۾ هڪ يا هڪ کان وڌيڪ پروس صورتون
شامل ڪيل هجن، اهڙي لفظ کي مرتب لفظ
(Complex Words)
چئبو آهي (3). مثال طور: /سُپَت/،/ واڄَٽ/،/
پٽيتو/،/ کَٽمَٺڙو/،/ اَڻَهُوند/،/ اَڄاڻ/،/
اَڻَڄاڻَپَ/،/ ڏُتڙ/،/ سڄڻ/،/
سُچيتائي/ ۽/ ڪُپتيو/ (4) وغيره.
انهن لفظن ۾ /سُ-، اَ-،اَڻ–، ڏُ-،سَ-، ڪُ-،
ٽُ-
ايتو-،ڙو-، پَ وغيره/ پروس صورتون اهن، اهي صورتون
مفرد لفظن سان هرگز شامل ڪري نٿيون سگهجن. انهن جي
شموليت فقط مرتب لفظن جي حالت ۾ ئي لازمي ۽ ممڪن
آهي. ساڳيءَ طرح مفرد لفظن وانگر مرڪب لفظن سان به
پروس صورتن جو گڏجڻ ممڪن نه آهي: تنهن ڪري جنهن به
لفظ سان، هڪ يا هڪ کان وڌيڪ پروس صورتون شامل هجن،
تنهن لفظ کي مرتب لفظ چئبو، ۽ نه ڪ مرڪب لفظ. سنڌي
جا سڀئي ڪردنت، مرتب لفظن جا مثال آهن. هيٺيان
لفظ، جن ۾ شامل ڪيل اڳياڙيون ۽ پڇاڙيون پروس
صورتون آهن، سي سڀ مرتب لفظن جا مثال آهن: جيڪي
پڙهندڙن جي معلومات لاءِ هيٺ ڏجن ٿا. انهن لفظن کي
جڏهن ننڍن جزن ۾ ڀڃبو تڏهن جيڪي جزا ملندا سي به
معلومات لاءِ هيٺ ڏنا ويا آهن.
وياڪرڻي ڪارج |
مرتب لفظ |
صفت+پڇاڙي |
مرتب لفظ |
صفت+پڇاڙي |
(i) (اسم
ذات) |
ڀلائي -
اڇاڻ –
ڊگهاڻ –
ڏاهَپَ- |
ڀلو +آئِي
اڇو+آڻ
ڊگهو+آڻ
ڏاهو+پَ |
وڏ پَڻ-
وڏتڻ-
ٿڌڪار
واڄَٽُ- |
وڏو+پَڻ
وڏو+تڻ
ٿڌو+ڪار
واڄو+ٽُ |
|
|
|
|
|
(ii) اسم
فاعل |
مرتب لفظ |
اسم +پڇاڙي |
مرتب لفظ |
اسم +پڇاڙي |
|
اوٺي (ا )-
ڏوٿِي- |
اُٺُ +اي
ڏُٿ + آڻ |
ٻَڪرارُ –
کيڏاري - |
ٻَڪَرُ+آرُ
کيڏ+آري |
(vi) صفت |
ڪوڪڙي-
ڀاڳيو- |
ڪُڪُڙ+اي
ڀاڳُ +يو |
بِيکارِي-
ڪاٺيَرُ- |
بِيکَ +آري
ڪاٺِي +اِرُ |
|
|
|
|
|
(iv) صفت |
مرتب لفظ |
اسم+پڇاڙي |
مرتب لفظ |
اسم +پڇاڙي |
|
مرچائِي-
واڱڻائِي –
پيتِلِي-
ٽاڪرو-
ٻاڪرو- |
مرچ+آئِي
واڱڻ +آئِي
پتل+اي
ٽڪر+او
ٻَڪَرُ+اوُ |
چوراڻوُ-
ماٺِيڻوُ-
واڻِڪو-
هٿيڪو-
وَسِيڪو- |
چور+آڻوُ
ماٺِ+ايِڻوُ
واڻيوُ+اِڪو
هٿ+اڪو
وَسِ+اِڪو |
|
هيڊائوُن-
ڇٻراٺو-
کاٻَڙُ-
چيڙاڪ-
هيراڪُ- |
هيڊَ+آئوُن
ڇَٻَر+آٺو
کاٻو+آڙُ
چِڙَ+آڪُ
هيرَ+آڪُ |
مٿيرُ-
رسِيلو-
هٺِيلو-
سُونهارو-
پيٽر- |
مَٿو+ايرُ
رَسِ+اِيلو
هَٺِ+اِيلو
سُونهنَ+آرو
پيٽ+اِرُ |
|
|
|
|
|
|
|
|
|
(v) اهڙيءَ
طرح جيئن مٿي بيان ڪيو ويو آهي ته مرتب لفظن سان
ڪيتريون ئي صورتون، اڳياڙين جي حالت ۾ به ملائبيون
آهن: مثال طور:
مرتب لفظ |
اڳياڙي + |
اسم |
سُتَڙ،
ڏُڄڻ،
ڪُپَت،
اَڻڄاڻ،
اَملهه، |
سُ+
ڏُ+
ڪُ+
اَڻ+
اَ+ |
تڙ
ڄَڻ
پَتِ
ڄاڻ
ملهه |
(vi)
ساڳيءَ طرح هيٺين مرتب لفظن ۾، هڪ کان وڌيڪ پروس
صورتون (اڳياڙي ۽ پڇاڙي) شامل ٿيل آهن: مثال طور:
مرتب لفظ |
اڳياڙي + |
مفرد لفظ + |
پڇاڙي |
سُپَتيو
ڪُپَتِيو،
ڪُمَهلو،
اَڻَپُڇو،
نروڳي
ناڪارو
اچيتائي
نِڌَڻڪو |
سُ
ڪُ،
ڪُ،
اَڻَ،
نِ
نا
آ
نِ،. |
+پَتَ
+پتِ
+مَهِل
+پڇا
+روڳ
+ڪار
+چيت
+ڌڻي |
+يو
+يو
+او
+او
+اِي
+او.
+آئي
+اِڪو |
مرزا قليچ بيگ ، ڪاڪو ڀيرومل، ٽرمپ ۽
هيسڪل، مٿي ڏنل نمبر
(vi)
هيٺ، مرتب لفظن کي مرڪب لفظ ڪوٺيو آهي (1). پنهنجي
دعويٰ جي دليل ۾ ڪاڪو ڀيرو مل لکي ٿو:
”اهڙي طرح ڪن اڳياڙين گڏڻ سان مرڪب لفظ ٺهن ٿا
(1)“.
مرزا صاحب به /نا
چڱو
/، بي لڄو/، اَوتڙ/، سَڦلو/۽
سٻوجهو وغيره لفظن کي مرڪب لفظ ڪوٺيو آهي (2)،
جيڪي حقيقت ۾ مرتب لفظن جا مثال آهن.
(ٻ) مرڪب لفظ:
سنڌ جي ماهرن مرڪب لفظ جي جيڪا وصف مقرر ڪئي آهي
اها به علم صرف جي اصولن موجب نئين سر مقرر ڪرڻ
گهرجي. مرزا صاحب مرڪب لفظن جي وصف بيان ڪندي لکيو
آهي:
”پهرين انڪاري حرف، اَ،
اَڻ، نا ، نر، نه ۽ مَ، لفظن جي اڳيان آڻڻ سان
مرڪب لفظ جڙن ٿا: مثال طور: اَچيت،
اچيتائي، اَڻٿيڻو، ناڪارو، ناچڱو، نکٽو ، نڪمو،
مَڇڏ،
نراس ۽ نڌڻڪو(3)“. |