جڏهن ميرپورسرڪار ان پوزيشن کي قبول ڪرڻ کان انڪار
ڪيو، تڏهن لاچار ٿي ميرپورخاص سان ڌار هڪ انڌو
منڊو عهد نامو ڪيائون، جنهن ۾ مير صاحب ”شير سنڌ“
جي خود مختيار حيثيت کي تسليم ڪيائون، پر اندر ۾
فساد ۽ نفاق جي باهه کي سنڀاليندا آيا ۽ ڪنهن
موقعي جي تلاش ۾ سازشون سٽيندا آيا.
”شير سنڌ“ هڪ مدبر ۽ سياستدان هو، مير
صاحب جي نگاهه سڀ ڪجهه سمجهي ورتو ته هي سڀ ڪجهه
مڪاريءَ ۽ چالاڪيءَ تحت ڪيو ويو آهي. ان انگريز
سازش کي ختم ڪرڻ لاءِ مير صاحب هڪ رمز شناس ۽ مدبر
جي حيثيت سان حيدرآباد سرڪار کي صلاح ڏني ته هو
پاڻ ۾ ملي، انگريزن کي گڏجي تڙي ڪڍن. ان سلسلي ۾
انگريزن جي خلاف ڪنهن ڀر واري مسلم حڪومت کان پڻ
مدد وٺن. ليڪن حيدرآباد سرڪار جي ناعاقبت انديشيءَ
هميشه صلح ۽ اتحاد، باهمي تعاون ۽ سنڌ لاءِ باهمي
دفاع جي سلسلي ۾ انڪار پئي ڪيو. حالانڪ ان صلاح تي
قلات جا خان پڻ آماده ٿيا.
انهن حالتن ۾ انگريز بهانه تراشي ۽ سازش
سٽيندي آخر ڪار ”شير سنڌ“ جي خلاف ڪامياب رهيا.
انگريزن جي سازشي ڪار گذارين کان نه فقط
”شير سنڌ“ واقف هو، پر ان سان گڏ سنڌ جي عوام ۾ به
انگريزن جي خلاف سخت نفرت جو جذبو پيدا ٿي چڪو هو.
ايتريقدر جو هڪڙي غير سنڌي مسلمان، لطف
الله سورتيءَ پنهنجي ڊائري لکندي هڪ سنڌيءَ جي
جذبات کي هنن لفظن ۾ ادا ڪيو آهي، لکي ٿو:
”حيدرآباد جا سمورا مير حڪمران کڻي عيسائي
ٿي وڃن، پر جيستائين مير شير محمد خان زنده آهي
اوستائين انگريزن جو ڪو به ڊپ ڊاءُ نه آهي“.
ٽالپرن ۽ انگريزن جي جنگ.
اها هڪ حقيقت آهي ته ”سنڌ“ هن برعظيم جي
نهايت زرخير حصن مان هڪ هو ۽ ان طرح ”سنڌ“
افغانستان ۽ ايران جي شاهراهن جو گذرگاهه پڻ هو.
انگريزن جون حريص نگاهون اهو سڀ ڪجهه ڏسي چڪيون
هيون ته کين ڪيئن ۽ ڪٿان ڪاهڻ گهرجي. هونءَ به سنڌ
فتح ڪرڻي به ضرور هين.
حيدرآباد ۽ خيرپور جي ذلت آميز عهدنامن جي
ڪا انتها ئي نٿي معلوم ٿي، لاچار عوام پنهنجي وطن
جي آزاديءَ ۽ خودمختياريءَ لاءِ جنگ آزاديءَ جو
جهنڊو بلند ڪيو.
ان سلسلي ۾ اول مياڻي جي ميدان تي، 17
فيبروري 1843ع تي پنج هزار بلوچن ۽ سنڌين گڏجي
پنهنجي آزاديءَ تان جان فدا ڪندي شهادت جو درجو
حاصل ڪيو.
ساڳئي وقت سرچارلس نيپئر ”شير سنڌ“ ڏي خط
لکيو ته ”اوهان سان اسان جو ڪو به جهيڙو نه آهي“.
مياڻي جي لڙائي جو ٻڌي ”شير سنڌ“ پنهنجن
ڏهن هزارن جرار بلوچي – سنڌي لشڪر ۽ توبخاني سميت
ٽنڊي الهيار تائين وڌي آيو، پر پهچندي، ”مياڻي جي
جنگ“ جي شڪست جو ٻڌائين ۽ جنگي صلاحڪارن جي صلاح
تي جنگي مصلحتن کي اڳيان رکي، في الحال واپس وريو.
ميجر آئوٽرام، پنهنجي ڪتاب ”ڪمينٽري آن دي
ڪنڪسيٽ آف سنڌ“ ۾ نيپئر جا چڱا ڇوڏا لاٿا آهن ته
ڪيئن نه نيپئر مڪاري ڪري ”شير سنڌ“ سان وڙهيو ۽
مير صوبدار خان کي بيگناهه قيد ڪيو ۽ ٽالپرن جي
حرمن ۾ ڦرلٽ ڪئي.
نيپئر ”شير سنڌ“ کي لکيو ته تون لشڪر کي
ڇڙو ڇڙ ڪر ۽ پيش پئو، پر پيش پوڻ مان ته ظاهر هو
ته سندس اهڙو حال ٿئي ها، جهڙو مير صوبدار خان جو
ٿيو هو.
”شير سنڌ“ هڪ آزاد حڪمران هو، کيس هر ڪو
حق حاصل هو ته هو پنهنجي بچاءُ لاءِ لشڪر گڏ ڪري،
ان طرح ساڳئي وقت تي، حيدرآباد جي ٽالپرن جي حرمن
طرفان، ”هوش محمد شيدي“ تلوار کڻي مير صاحب وٽ آيو
ته تون انگريزن جي سامهون ٿي، اهڙي حالت ۾ ”شير
سنڌ“ انگريزن سان صفائي ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو.
شير سنڌ ۽ انگريزن جون جنگيون.
نيپئر پنهنجي ناپاڪ ارادن سان عمدي لشڪر ۽
توبخاني سميت حيدرآباد جي ويجهو ناريجن جي ڳوٺ ۾
”شير سنڌ“ جي سامهون ٿيو.
”شير سنڌ“ سان انهيءَ وقت جي بزرگن جي چوڻ
موجب اٽڪل پندرهن هزار کن فوج هئي. ٽن ڪلاڪن جي
خونريز ويڙهه کان پوءِ نيپئر پنهنجي شڪست کي اکين
سان ڏٺو، تڏهن هن پنهنجي جهونن نمڪخوار غدارن جي
آڙ ورتي. ان سازش ۾ ”شير سنڌ“ جي بارود کي باهه
لڳائي وئي، ان حالت ۾ بلوچ فقط تلوارون ۽ نيزا کڻي
انگريزن جي سامهون ٿيا.
اها حالت ڏسي هوش محمد شيديءَ هڪدم جنگ جي
ميدان کان ٻاهر ٿيڻ جي صلاح ”شير سنڌ“ کي پيش ڪئي
جا ”شير سنڌ“ نه قبولي چيائين ته ڇا:
”شير محمد جنگ جو ميدان ڇڏي ۽ مادر وطن جي
مٽي لڄائي، دشمن کي فقط شير محمد جو لاش هٿ ايندو
۽ نه جسم !“
هوش محمد ان جواب کي ٻڌندي سندس پيرن ۾
ڪري پيو ۽ عرض ڪيو:
”سرڪار تون ئي ته ”سنڌ“ جي اميد ۽ قسمت
آهين، ڇا سرڪار کي سنڌ جي غلامي گوارا آهي، جي
سرڪار زندهه آهي ته پوءِ سنڌ به زندهه آهي،
انگريزن سان ته ”سنڌ“ لاءِ وري به وڙهي سگهجي ٿو.
جيڪڏهن خدانخواسته سرڪار ئي شهيد ٿي وڃي ته پوءِ
”سنڌ“ جي قسمت جو ستارو هميشه لاءِ غروب ٿي ويندو
۽ آئينده ايندڙ پويان چوندا ته بلوچ بزدل هئا، جي
فقط ٻن معرڪن کان پوءِ هميشه لاءِ خاموش ٿي ويا!“
هوش محمد شيديءَ جهڙي محب وطن سالار،
بهادر ۽ خيرخواهه جي آزي نيزاري قبول ڪندي، ٻين
سالارن ۽ سپاهه جي مشوري خاص طور نواب احمد خان
لغاري، تاجپوري (جو ان وقت وزير هو ۽ نواب ولي
محمد خان لغاري، مشهور ٽالپري دور جي وزير جو پٽ
هو) جي ستائڻ تي، زوريءَ مير صاحب کي ميدان جنگ
مان ٻاهر آندو ويو.
گوريلا لڙائي.
اها لڙائي 24 مارچ 1943ع تي لڙي وئي، جنهن
کانپوءِ سنڌ جي بلوچن ”شير سنڌ“ جي سرڪردگيءَ ۾ هڪ
قسم جي عام گوريلا جنگ چالو ڪري ڏني، جا ڪافي وقت
تائين هلندي رهي.
دٻي جي جنگ ۾ مير غلام علي خان ٽالپر، مير
علي خان ٽالپر، هوش محمد شيدي، رئيس گهنور خان
مري، پنج هزار بلوچ سپاهه سان گڏ شهادت جو جام نوش
ڪيو.
ان کان پوءِ جي واقعات رونما ٿيا، تن جي
تفصيل سان بيان ڪرڻ جو هي موقعي ڪين آهي، ان وچ ۾
جهڏي جي ٽالپرن، شير سنڌ جي حڪم سان جهرڪن وٽ آغا
خان جو جهاز ڦريو. ”شير سنڌ“ جي مقبوليت جو اهو
حال رهيو جو عام ماڻهو ڍلون به کيس پهچائڻ لڳا. ان
جي مقابلي ۾ انگريز گرچ ملڪ جا فاتح هئا، تنهن
هوندي به ”شير سنڌ“ جي مقابلي ۾ پاڻ کي بيوس سمجهڻ
لڳا.
انگريز ان پريشانيءَ ۾ مبتلا رهيا ته ”شير
سنڌ“ هزارن سپاهين جي جرار فوج سان اڃا تائين
انگريز جي فتح ۽ حاڪميت کي قبول نه ڪيو آهي، ۽
سندس مقبوليت جيئن پوءِ تيئن وڌي رهي آهي، سنڌ جو
عوام توڙي امير طبقو، اڃا تائين کيس سنڌ جي
آزاديءَ جو علمبردار سڏي رهيو آهي. سندس حوصلي ۽
بهادريءَ جا ڪارناما ڏسي کيس ”شير سنڌ“ سڏيو وڃي
ٿو. ان ڳالهه کي ڳڻي انگريز اها سازش سٽي رهيا هئا
ته ڪيئن به ڪري ”شير سنڌ“ کي مفلوج ڪجي.
ان سلسلي ۾ 2 اپريل تي عمرڪوٽ وٽ انگريزن
سان بلوچ سپاهه جون جهڙپون ٿيون، انهن جهڙپن ۾
بلوچن مردانه وار مقابلو ڪيو ۽ انگريزن کي سخت
پريشان ڪيو. پر هٿيارن جي گهٽتائي سبب اهو معرڪو
ائين جو ائين رهجي ويو ڪو به فيصلو نه ٿيو.
نيپئر انهن حالتن کي تاڙي ورتو ته ”شير
سنڌ“ سان سامهون مقابلو ڪرڻ مصلحت جي خلاف آهي.
اهو سوچي لاچار ٿي ”شير سنڌ“ کي خط لکيائين، جنهن
خط جو اختصار مرزا قليچ بيگ پنهنجي تاريخ ۾ آندو
آهي:
” اي سردار! تون اسان سان صلح ڪر ته اسان
توکي پنهنجو ساڳيو ملڪ موٽائي ڏينداسون“.شير سنڌ،
نيپئر جي عيارانه چال کي منڍ کان ئي بي نقاب ڏسي
چڪو هو، تنهن وراڻيو ته :
”غير جي غلاميءَ کان موت بهتر آهي، دشمنن
جي موجودگي ۾ نه آزادي برقرار رهي سگهي ٿي ۽ نه
سنڌ جي حاڪميت ئي شانائتي چئي سگهجي ٿي“.
شير سنڌ نيپئر جي پيشڪش کي رد ڪندي،
پنهنجي جدوجهد کي منظم نموني ۾ جاري رکڻ جا حڪم
صادر ڪيا.
انگريزن پيش بينيءَ کان ڪم وٺندي درياءَ
تي سخت پهرو رکايو ته جيئن اولهه سنڌ جي ڪا به
بلوچي امداد ”شير سنڌ“ تائين پهچي نه سگهي.
ان کان پوءِ نيپئر ٻيو به عيارانه حربو
استعمال ڪيو، جنهن سان سنڌ جي جاگيردار طبقي کي لب
ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
نيپئر اعلان ڪيو ته : ”جي به جاگيردار پيش
پوندا ۽ انگريزن جي آڻ مڃندا تن کي سندن جاگيرون
موٽائي ڏنيون وينديون ۽ سندن ملڪيتون پڻ سلامت
رکيون وينديون!“
ان اعلان به رنگ لاتو. ڪيترا جاگيردار وڃي
پيش پيا، ”شير سنڌ“ جي طرفدارن مان سڀ کان اول،
نواب احمد خان لغاري تاجپوري، اها رٿ ٺڪرائي ۽
پوءِ ٻين. باقي سڀني جاگيردارن آڻ مڃي ۽ جاگيرون
ورتيون. اهڙي طرح سان سرمائيداريءَ جي لعنت، سنڌ
کي انگريزن جو غلام بنايو ۽ ”شير سنڌ“ لاءِ وڌيڪ
ڏکيا ڏينهن آيا.
سنڌو درياءَ تي انگريزن جي پهري سبب، جبل
جا بلوچ ”شير سنڌ“ تائين پهچي نه سگهيا. ”شير سنڌ“
جي جدوجهد ۽ تنظيم کي ڏسي نيپئر هاڻي هٿ ڌوئي سندس
جان ۽ جند لاءِ ڪاهي پيو، اصل ڇتو ٿي پيو. حڪم
ڪيائين ته :
”مير شير محمد خان ضرور هٿ ڪيو وڃي، جيئرو
يا مئل، ان تي وڏو انعام، خلعت ۽ جاگير ڏيڻ ۾
ايندي“.
ستت موجوده شهدادپور جي نزديڪ اڀپور ۾
انگريز فوج جي مهندار مسٽر جيڪب جي ڪئمپ تي ”شير
سنڌ“ پنهنجي پنج هزار فوج سان حملي ڪرڻ جو ارادو
ڏيکاريو، ليڪن سندس هڪ برهمڻ جي غداريءَ جي ڪري
جيڪب تي رٿيل حملو ناڪام ثابت ٿيو. افسوس اهو آهي
ته ان لڙائيءَ ۾ مير خان محمد خان ٽنڊي غلام عليءَ
واري عين موقعي تي حوصلو هاري وڌو، سندس مصلحت
انگيز نرم پاليسيءَ کي بزدلي چيو ويو.
13 جون تي وري سيوهڻ کان سورنهن ميل جي
پنڌ تي پير عاري وٽ، ”شير سنڌ“ جي ٻئي نمبر ڀاءُ
مير شاهه محمد خان، 1200 بلوچ سپاهه سان، ليفٽيننٽ
رابرٽس سان سخت لڙائي ڪئي، پر ڪن غدارن جي اندروني
سازش سان قيد ٿي ويو.
اهڙي طرح سان مير علي مراد خان جي انگريز
نوازي ۽ سازش ۽ مير نصير خان جي انگريز دوستي ۽
مصلحت ”شير سنڌ“ جي جدوجهد ۽ جهاد ۾ قدم قدم تي
رڪاوٽون پيدا ڪري وڌيون. ”شير سنڌ“ جا ٻه ڀائر
گرفتار ٿي چڪا ۽ هزارين مجاهد سنڌ تان پنهنجي جان
قربان ڪري شهيد ٿي ويا ۽ ڪيئي ڦٽجي ۽ زخمي ٿي جنگ
کان لاچار ٿي پيا.
اهڙين حوصله شڪن حالتن هوندي به ”شير سنڌ“
آڻ نه مڃي، نڪو انگريزن پاران پيش ڪيل صلح ۽
مختاريءَ جي پيشڪش کي قبول ڪيائين ۽ نڪو پنهنجي
ڀائرن جي بغاوت ۽ بيچيني تي پريشان ٿيو.
اهڙين حالتن هوندي به جبل جي بلوچ ڀائرن
کان مدد وٺڻ لاءِ اوڏانهن روانو ٿي ويو. ويندي
درياءَ بدين جي طرفان مقامي علياڻي لغاري جي بلوچن
مدد سان پار ڪيائين، جنهن جو سردار اميد علي خان
لغاري هو.
جبل جا بلوچ ۽ مير صاحب جي هجرت.
جنرل جيڪب جي نوٽن تي تبصرو ڪندي سنڌ جو
ڪمشنر مسٽر جيمس ڄاڻائي ٿو ته: ”چانڊيا ۽ مگسي
بلوچ، مير شير محمد خان جي اثر هيٺ آهن ۽ هو وري
فرانس جي اثر هيٺ آهي“.
”هسٽري آف ائلينيشن“ مان اسان کي اڳي ئي
معلوم ٿي چڪو آهي ته ”شير سنڌ“ امداد لاءِ جبل جي
بلوچن ڏانهن ويو هو، ان طرح خيرپور جي تاريخ لکندي
مرزا قليچ بيگ لکي ٿو ته :”ڊومڪين جي سردار کي مير
شير محمد خان جي چورت هئي، جو انگريزن جي سامهون
ٿيو“.
اها بيشڪ هڪ تاريخي حقيقت آهي ته ”شير
سنڌ“ جي دعوت تي جن به سردارن لبيڪ ڪئي تن نهايت
بهادرانه نموني ۾ انگريزن کي ٽوٽا چٻايا. ان طرح
مري بلوچ جي ”شير سنڌ“ جا عزيز به هئا تن به
انگريزن سان سخت مقابلا ڪيا.
ان سلسلي ۾ اها به هڪ تاريخي حقيقت آهي ته
باوجود ايتري سخت تڪليف ده ماحول جي، ”شير سنڌ“
جيڪب آباد ضلعي جي ڪن سرحدي علائقن تي قبضو ڪري
ورتو هو، پر اتي به مير علي مراد خان ٽالپر جي
برغلائڻ تي بلوچن ۾ نااتفاقي پيدا ٿي ۽ اهي شهر
خالي ڪرڻا پيا.
”شير سنڌ“ سنڌ جي آزاديءَ جي سلسلي ۾ اٽڪل
ٻه-ٽي سال بلوچستان جي سرحدي سردارن ۾ رهيو، اهو
سمورو وقت انگريزن جي برخلاف جدوجهد ڪندو رهيو.
انهيءَ جدوجهد ۾ انگريزن وقت تي، ستن ۽
اٺن هزارن جي فوج، توبن ۽ سوارن جي وڏي اٽالي سان
”شير سنڌ“ تي ڪاهون ڪيون.
انهن ڪاهن لاءِ مشهور ڪيو ويو ته اهي
سرحدي عوام بلوچ جي بغاوت جي خلاف آهن، حالانڪ اهي
حملا ”شير سنڌ“ جي خلاف هئا، پر چالاڪي ۽ عياري
ڪري ”شير سنڌ“ جو نالو مخفي رکيو ويو ته جيئن سنڌ
جو عوام ڀڙڪي نه اٿي.
هي اهو نازڪ وقت هو جنهن ۾ انگريزن سارو
هندستان ڦٻايو هو ۽ هڪ هڪ صوبي جي حاڪم ۽ راجا کي
زير ڪيو هو.
”شير سنڌ“ جي جدوجهد ۾ سرحدي بلوچ به وطن
جي آزاديءَ جي سلسلي ۾ حق ادا ڪري، هزارن جي انداز
۾ شهيد ٿي چڪا هئا ۽ بلوچي طاقت منتشر ٿي چڪي هئي،
ٻئي طرف مير علي مراد خان، هر طرح سان انگريزن جي
مدد ڪري رهيو هو، تنهن ڪري ”شير سنڌ“ طاغوتي طاقتن
جي آڻ نه مڃيندي لاچار ٿي قنڌارجي مسلم حڪومت کان
مدد وٺڻ خاطر قنڌار روانو ٿيو.
شير سنڌ ۽ سندس همراهه.
شير سنڌ سان پهريائين جبل جي سرحدي بلوچن
ڏانهن ويندي پنج هزار بلوچ ساڻ هئا، جي پوءِ آهستي
آهستي گهٽ ٿيندا ويا.
ٽالپرن جي خاندان مان فقط ساڻس سندس سئوٽ
مير تاج محمد خان ۽ پٽس مير فتح خان، جو اٽڪل ڏهن
–ٻارنهن سالن جو هو ۽ سردارن مان سردار جعفر خان
مري ۽ وڏن سردارن مان رئيس سردار احمد خان لغاري،
موجوده تاجپور جي لغارين جو وڏو پڳدار ۽ سردار به
ساڻس هئا. سردار احمد خان شير سنڌ سان لاهور تائين
گڏ هو ۽ اتي جي به ملاقات لاءِ وفد روانا ٿيا،
انهن ۾ مکيه مهندار جي حيثيت سان انگريزن جي خلاف
ڪم ڪندو رهيو، ان کان پوءِ ”شير سنڌ“ جي مشوري ۽
مصلحت سان سردار احمد خان لغاري، سنڌ ڏانهن واپس
وريو. هت انگريزن کيس پنهنجي قبضي ۾ آڻڻ لاءِ ڪيئي
حربا هلايا، پر ڪامياب نه ٿيا. سردار احمد خان
جاگيرن جي آڇ به ٺڪرائي ڇڏي. ان وقت ”شير سنڌ“ وٽ
باقي هڪ هزار ساٿي وڃي رهيا.
شير سنڌ جو مدد لاءِ سفر.
”شير سنڌ“ کي پٺاڻن جي مسلم حڪومت ۾ پورو پورو
ڀروسو هو، ته هو سنڌ جي آزاديءَ جي سلسلي ۾ پوري
پوري مدد ڪندا. اهو پڪو پهه ڪري، ”شير سنڌ“
افغانستان کان مدد حاصل ڪرڻ لاءِ قنڌار روانو ٿيو،
جڏهن اتي پهتو تڏهن اتي جي حالت ئي دگرگون ڏٺائين.
مدد ته مدد ماڳ انگريزن جي رشوت ۽ آڇ تي موهجي
الٽو کيس قيد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
ان سلسلي ۾ ”شير سنڌ“ کان پنج لک رپين جي
تقاضا ڪئي وئي، ڇا لاءِ ته انگريزن ”شير سنڌ“ جي
سر لاءِ افغانن کي وڏي رقم جي آ ڇ ڪئي هئي.
افغان سفيرن پنج لک رپين جي تقاضا ڪندي
چيو ته اها رقم ڏيندا ته پوءِ اوهان کي هتان
ڇڏينداسون. ”شير سنڌ“ افغانن جي هن عيارانه سازش
تي حيران رهجي ويو، پر حوصلي کان ڪم وٺي کين
شرمايائين ۽ رقم ڏيڻ کان صفا انڪار ڪيائين.
ان وچ ۾ خدا جي قدرت اها ٿي جو شهر کي
اوچتو اچي باهه لڳي، ”شير سنڌ“ ان کي از غيبي
اشارو تصور ڪري، پنهنجي ڪئمپ ۾ روشني ڪرائي، پاڻ
حفاظت سان پنجاب ڏانهن روانو ٿيو، وڌيڪ تفصيل
”تواريخ تازه نواي معارڪ“ ۾ لکيل آهي.
پنجاب جي سک حاڪمن سان ”شير سنڌ“ جو ان
ڪري رستو هو جو هو به ان وقت ۾ انگريزن جي خلاف
هئا.
”شير سنڌ“ سڌو لاهور پهتو، جتي سک راجا
سندس استقبال ڪيو ۽ کيس شاهانه اعزاز سان پاڻ وٽ
معزز مهمان ڪري رهايو ۽ کيس چوويهه ڳوٺ جاگير طور
ڏئي، سندن حاڪمانه حيثيت کي قبول ڪيو.
ان کان پوءِ ستت ئي انگريزن پنجاب به فتح
ڪري ورتو، پنجاب جي فتح کان پوءِ انگريزن ساري
هندستان تي حاڪميت جي دعويٰ ڪئي، ان طرح ”شير سنڌ“
لاءِ هاڻي ڪنهن به خارجي مدد جو آسرو نه رهيو.
شير سنڌ ۽ انگريز.
”شير سنڌ“ زماني جي انقلاب کي ڏسي شڪست
خورده نه ٿيو ۽ نڪا آڻ مڃيائين. ان وقت پنجاب ۾
برٽش ايجنٽ ليفٽيننٽ ڪرنل مسٽر لارينس هو، اهو
”شير سنڌ“ جي شجاعت ۽ غيرت کان نهايت متاثر ٿي چڪو
هو ۽ ”شير سنڌ“ سان نهايت ادب ۽ احترام وارو
برتاءُ ڪندو هو ۽ سندس هر حڪم ۽ مرضيءَ کي پاڻ
لاءِ فخر جو سبب سمجهندو هو.
ڪرنل لارينس جي ست ستاءُ ۽ دوستانه پيشڪش
تي ”شير سنڌ“ سنڌ ڏانهن واپس ورڻ جي صلاح قبول
ڪئي.
ان سلسلي ۾ ”شير سنڌ“ جا هيٺيان شرط قبول ڪيا
ويا:
1.
جي به ٽالپر ۽ سنڌ جا فداڪار نظر بند آهن، اهي بنا
شرط جي آزاد ڪيا ويندا:
2.
مون کي ميرپورخاص ۾ رهڻ جي اجازت ڏني ويندي:
3.
انگريز مون کي ڪنهن به اهڙي مدد لاءِ نه چوندا
جنهن ۾ مون کي پنهنجي عوام سان لڙڻو پوي.
ان طرح سان 1853ع يا 1854ع ڌاري ”شير سنڌ“ سنڌ ۾
آيو.
شير سنڌ، واپس سنڌ ۾.
1854ع کان پوءِ انگريزن جي خلاف، 1857ع ۾ جنگ
آزمائي شروع ٿي، ان ۾ سنڌ جي ٽالپرن به شرڪت ڪرڻ
جو فيصلو ڪيو، پر عين وقت تي حيدرآباد جي هڪڙي
ٽالپر راز ظاهر ڪري وڌو ۽ سموري اسڪيم درهم برهم
ٿي وئي.
بهادر شاهه بادشاهه، ان سلسلي ۾ ”شير سنڌ“ کي
امداد لاءِ خط لکي موڪليو، ان تي ”شير سنڌ“ نقد
رقم سان ڪيترا بلوچ سپاهي ڏانهس موڪليا.
”شير سنڌ“ جي ڪارنامن ۽ مقبوليت کان مجبور ٿي
، کيس
I. S. C. K
جو خطاب ۽ تمغو ڏنو ويو، سندس درجو ۽ مرتبو هميشه
لاءِ گورنر جي برابر تسليم ڪيو ويو.
ڪمشنر جڏهن به ميرپورخاص ۾ ايندو هو، تڏهن
”شير سنڌ“ سان ملاقات سندس ڳوٺ وڃي ڪندو هو.
انگريز ”شير سنڌ“ جو انتهائي ادب ۽ خيال رکندا
هئا.
”شير سنڌ“ انگريز جي دور ۾ به شاهانه عظمت سان
رهندو هو ۽ فيصلا به پاڻ ڪندو هو. سندس ان حيثيت
کي انگريزن به تسليم ڪيو.
”شير سنڌ“ جڏهن حج تي وڃڻ جو ارادو ظاهر ڪيو،
تڏهن حڪومت جي خرچ تي بنا ڀاڙي جهاز کيس ڏنو ويو،
جنهن ۾ حج ڪري آيو.
سنڌ جي هن آخري محب وطن مجاهد ۽ غازي 24 آگسٽ
1876ع تي ميرپورخاص ۾ وفات ڪئي. ان لله وانا اليه
راجعون.
شير سنڌ ۽ مذهب.
”شير سنڌ“ مذهب جو پورو ۽ پڪو پابند هو، پاڻ
اهلسنت جماعت جو فرد هو، ليڪن اهل بيت جي محبت ۾
شيعن کان به وڌ هو. نماز ۽ روزي جو متقي هوندو هو،
تلاوت ۽ وظيفي جو پابند هوندو هو.
اها عام حڪايت مشهور ڪيل هئي ته ”شير سنڌ“ جا
جن ۽ همزاد تابع آهن، جي انگريزن جي سڀ ڪا خبر کيس
بروقت پهچائين ٿا.
پاڻ ڪنگري جي درگاهه جو معتقد هو، هڪ دفعي پير
صاحب تي ڦاسيءَ جو حڪم آيو ته پاڻ پنهنجو اثر ۽
رسوخ هلائي پير صاحب کي آزاد ڪرايائين.
شير سنڌ جي سيرت.
”شير سنڌ“ شجاع، مستقل مزاج يا رعب ۽ سنجيده
پرشوخ، صاحب تدبير، منتظم ۽ عالم شخصيت جو مالڪ
هو. حد کان وڌيڪ مهمان نواز هوندو هو، سندس دستر
خوان تي هميشه ٻه سئو کن مهمان رهندا هئا. طبيعت ۾
هڪ قسم جي سنجيدگي هوندي هيس، تنهن ڪري ڳالهائيندو
گهٽ هو. انصاف ۽ عدل جو ڪوڏيو هو. ڪڏهن به ظلم جي
سفارش نه ڪيائين ۽ نه وري ورتائين. مظلومن جي
هميشه حمايت ڪندو هو، هٿيار هميشه ساڻ رکندو هو.
کيس سنڌ جي عوام ۽ اميرن ”شير سنڌ“ جو خطاب
ڏنو، ان خطاب جو ذڪر ان وقت جي فارسي تاريخن ۾
موجود آهي، انگريزن به ان کي قبول ڪيو ۽ پنهنجن
تاريخي ڪتابن ۾ بيان ڪيو ۽ پڇاڙيءَ تائين کيس
“Lion of Sindh”
سان ياد ڪندا رهندا هئا.
شير سنڌ جي آمدني.
انگريزن جو ڪجهه به سنڌ جي پيدائش متعلق لکيو
آهي، اهو درست نه آهي، انگريزن پيدائش جا انگ اکر
ان ڪري گهٽائي لکيا آهن، جيئن ميرن کي بدنام ڪري
سگهن ته هو عوام کي ڦري پنهنجي پورائي ڪندا هئا،
ليڪن سندن اهو اعتراض غير واجبي ثابت ٿيو.
انگريزن ساري سنڌ جي پيدائش پنجيتاليهه لک
ڄاڻائي آهي، حالانڪ ”شير سنڌ“ وٽ سنڌ جو ٿر کان
سواءِ 4/5 سيڪڙو حصو هو.
”شير سنڌ“ 1841ع ۾ ساڱرو واهه کڻايو هو، جنهن
ڪري ميرپورخاص وارو علائقو هڪ سبزه زار بنجي پيو
هو.
انگريز ماڻڪاڻي سرڪار جي پيدائش پنج لک کن
ڄاڻائين ٿا، ليڪن خود پاڻ ئي ترديد ڪئي اٿن.
جيمس برنس رڳو ميرپور سرڪار جي فقط هڪڙي شهر
ميرپوربٺوري جي پيدائش پنج لک رپيا ڄاڻائي ٿو.
اصل ۾ ”شير سنڌ“ جي حصن ۾ پيدائش فقط سندس حصي
جي چاليهه لک رپين جي قريب هئي.
اولاد.
”شير سنڌ“ پنهنجي اولاد ۾ ٽي فرزند ۽ هڪ دختر
ڇڏي ويو.
1.
هز هائينس مير حاجي فتح خان وڏو.
2.
مير امام بخش خان.
3.
مير حاجي نبي بخش خان.
پنهنجي نياڻي جي شادي پنهنجي سئوٽ جي فرزند، مير
ٺاري خان بن مير تاج محمد خان سان ڪرائي هئائين.
شير سنڌ جا پويان.
مرحوم هز هائينس مير حاجي فتح خان کي ڇهه پٽ هئا:
1.
مرحوم مير علي مراد خان.
2.
مير غلام شاهه (بعد ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر ٿي، ملازمت ترڪ
ڪيائين.)
3.
مير محمد حسن خان (ڪجهه وقت آرنرري مئجسٽريٽ هو.)
4.
مير علي محمد خان.
5.
مير شاهه محمد خان.
6.
مرحوم مير مسو خان.
مير عليمراد خان کي ٻه پٽ هئا:
1.
مير غلام علي خان.
2.
مير محمدعلي خان.
مير غلام علي خان کي پنج پٽ هئا:
1.
مير محمد خان ايم . پي اي، ۽ ٻيا چار فرزند.
باقي مير محمد علي خان، لاوارث رهيو.
مير غلام شاهه کي ٽي پٽ ٿيا:
1.
مير شاهنواز خان.
2.
مير غلام محمد خان.
3.
خانبهادر مير علي مدد خان.
ان طرح :
مير محمد حسن خان کي مرحوم مير غلام نبي خان.
مير علي محمد خان کي مير ڪرم علي خان.
مير شاهه محمد خان کي، مير علي غلام ۽ علي خان.
مرحوم مير مسو خان، لاولد فوت ٿيو.
مرحوم مير امام بخش خان کي پنج پٽ ٿيا:
1.
مير خان محمد خان مرحوم.
2.
مير حاجي محمد خان مرحوم.
3.
مرحوم مير گل حسن خان (پرستار زاده)
4.
نواب سردار بهادر مير حاجي الهداد خان.
ان طرح:
مير خان محمد خان کي ڪوبه اولاد نه آهي.
مرحوم مير محمد خان کي، مير حاجي غلام حسين خان.
مرحوم مير گل حسن خان کي، ڪل ڇهه پٽ مير دوست محمد
خان ۽ ٻيا.
مير نواب سردار بهادر حاجي الهداد خان کي ٽي پٽ
ٿيا:
مير امام بخش خان (سابق وزير سنڌ گورنمينٽ)
مير حسين بخش خان
مير علي بخش خان.
ان طرح:
”شير سنڌ“ کي ٽي فرزند: مرحوم مير حاجي نبي بخش
خان کي ڇهه فرزند ۽ ڇهون فرزند خانبهادر مرحوم يار
محمد خان، مير ولي محمد خان، مير حاجي عبدالله خان
۽ مير شير محمد خان.
مرحوم خان بهادر مير يار محمد خان کي مير حاجي
غلام محمد خان.
مير ولي محمد خان کي مير غلام رسول خان.
مير حاجي عبدالله خان کي:
1.
مير احمد خان (سابق ايم ايل اي سنڌ)
ان کي ٻه فرزند، مير غلام الله خان ۽ مير امان
الله خان.
2.
مير حاجي محمد بخش خان ٽالپر (هن مقالي جو لکندڙ،
سابق ايم ايل اي سنڌ، ۽ سابق ميمبر مغربي پاڪستان
اسيمبلي، حال وائيس چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ٿر
پارڪر .)
جنهن کي مير شير محمد خان سوم. مير مدد علي خان،
مير غلام مصطفيٰ خان ۽ مير عبدالرحمان.
3.
مير نبي بخش خان.
4.
مير نور محمد خان.
5.
مرحوم مير شير محمد خان، نيڪ محمد خان
”شير سنڌ“ جي ڏاڏي مير ٺاري خان جي وڏي فرزند مير
غلام حيدر خان کي مير تاج محمد خان، جيڪو ”شير
سنڌ“ سان سمورو وقت گڏ رهيو.
مير تاج محمد خان کي مير ٺارو خان ۽ مير غلام حيدر
خان.
موجوده وقت ۾ هونءِ ته مير بنده علي خان
(سابق وزيراعظم سنڌ) به ماڻڪاڻي آهي پر هن وقت
”شير سنڌ“ جي اولاد مان هيٺيان صاحب اقتدار ۽ قومي
احساس وارا ڪم ڪندڙ عوامي خدمتگار آهن:
1.
هز هائينس حاجي مير فتح خان جي اولاد مان:
مير محمد خان ايم پي اي ۽ خانبهادر مير علي مدد
خان.
2.
مير امام بخش خان جي اولاد مان:
نواب سردار بهادر مير حاجي الهداد خان ٽالپر ۽ مير
امام بخش خان.
3.
مير حاجي نبي بخش خان جي اولاد مان:
مير حاجي غلام محمد خان، مير احمد خان (سابق ايم
ايل اي سنڌ اسيمبلي) ۽ مير محمد بخش خان ( هي
مضمون لکندڙ) جنهن جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي.
4.
مير ٺاري خان جي اولاد مان:
مير تاج محمد خان ٽالپر. |