سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 1968ع

مضمون:

صفحو :4

لــــوڪ گــيـــت

نياز همايوني

مـــورو

مورو ناهي ٿورو، او ڍولڻ، مورو ويٺي ڏيانءِ!

جبل مٿي سج، نيهن اسان جو نج، او ڍولڻ،

مورو ويٺي ڏيانءِ.

جبل مٿي لاڻي، رمز ته تنهنجي راڻي، او ڍولڻ،

مورو ويٺي ڏيانءِ.

جبل مٿي پُڙ، جوڀن تنهنجو جهـُـڙ، او ڍولڻ،

مورو ويٺي ڏيانءِ.

جبل مٿي ماڙي، ڀرونءَ ته تنهنجي جاڙي، او ڍولڻ،

مورو ويٺي ڏيان.

جبل مٿي چنڊ، مُرڪ ته تنهنجي منڊ، او ڍولڻ،

مورو ويٺي ڏيانءِ.

جبل مٿي اَڇ، ڪينجهر تنهنجي ڪَڇ، او ڍولڻ،

مورو ويٺي ڏيانءِ.

جبل مٿي باک، تون ته سکن جي ساک، او ڍولڻ،

مورو ويٺي ڏيانءِ.

جبل مٿي گاهه، تو ۾ اٿم ساهه، او ڍولڻ،

مورو ويٺي ڏيانءِ.

جبل مٿي ڀوري، ڳالهه ته تنهنجي ڳوري، او ڍولڻ،

مورو ويٺي ڏيانءِ.

جبل مٿي ڪانڀ، مون وٽ سورن سانڀ، او ڍولڻ،

مورو ويٺي ڏيانءِ.

جبل مٿي ڏير، ڇا کؤن لاتئي دير، او ڍولڻ،

مورو ويٺي ڏيانءِ.

جبل مٿي گـهُـــنج، ماڻهو مونڏي مُنج، او ڍولڻ،

مورو ويٺي ڏيانءِ.

جبل مٿي ڪانهن، آءٌ ته تنهنجي ٻانهن، او ڍولڻ،

مورو ويٺي ڏيانءِ.

جبل مٿي چنڊ، آڌيءَ جوٽيم جنڊ، او ڍولڻ،

مورو ويٺي ڏيانءِ.

جبل مٿي جَهتُ، توريءَ راتيون رت ، او ڍولڻ،

مورو ويٺي ڏيانءِ.

جبل مٿي راڱا، پرهه ڪيو ٿم ڀاڱا، او ڍولڻ،

مورو ويٺي ڏيانءِ.

جبل مٿي لاڻي، مون نه جواني، ماڻي، او ڍولڻ،

مورو ويٺي ڏيانءِ.

جبل مٿي دونهين، آءٌ نه ڪنهن جي سونهين، او ڍولڻ،

مورو ويٺي ڏيانءِ.

جبل مٿي کيج، توسان هنئين جي هيج، او ڍولڻ،

مورو ويٺي ڏيانءِ.

جبل مٿي مَچ، مون وٽ ڳالهين ڳــَچ، او ڍولڻ،

مورو ويٺي ڏيانءِ.

جبل مٿي کيج، مون وٽ روئڻ ريج، او ڍولڻ،

مورو ويٺي ڏيانءِ.

جبل مٿي جِند، جيئيم جيجل سنڌ، او ڍولڻ

مورو ويٺي ڏيانءِ.

احمد خان ”آصف“

شهر ٻجهي ٿو دادو دادو،

جانب ڪيئه جادو- ڙي سهڻل، مورو ويٺي ڳايان!

مورو ناهي ٿورو ...

      شهر ٻجهي ٿو مورو مورو،

تنهنجو نه لاهيان ٿورو، ڙي سهڻل، مورو ويٺي ڳايان!

      يار!ٻجهي ٿو ٻيلو ٻيلو،

رب ڪرين من ميلو - ڙي سهڻل مورو ويٺي ڳايان.

      يار !ٻجهي ٿو ٻيلو ٻيلو،

روح ڏئي ٿو ريلو - ڙي سهڻل مورو ويٺي ڳايان.

      ٻيلي ٻَٻــُر ويهون ويهون،

روح ڪري ٿو، ريهون - ڙي سهڻل مورو ويٺي ڳايان.

      ٻيلي ٻُجهن ڪَـنڊيون ڪَنڊيون،

تو سان دل جون ڳنڍيون - ڙي سهڻل مورو ويٺي ڳايان.

      وڻن ٿڌيون ڇانئون ڇانئون،

تو سان لڌم لائون - ڙي سهڻل مورو ويٺي ڳايان.

      ٻيلي ٻُجهن لــَـيُون لـَــيُون،

 تو ڇو جُدايون ڪيون- ڙي سهڻل مورو ويٺي ڳايان.

       ٻيلي ٻجهن مينهون مينهون،

توسان روح جون ريهـُــون - ڙي سهڻل مورو ويٺي ڳايان.

      مينهن سندي ٽولي ٽولي،

آءٌ ته تنهنجي گولي- ڙي سهڻل مورو ويٺي ڳايان.

      ٻيلن ٻُجهن هاٿي هاٿي،

ساٿ ڇنئه ڇو  ساٿي – ڙي سهڻل مورو ويٺي ڳايان.

      واهه وهي ٿو واهڙ واهڙ،

روح ڪري ٿو راهڙ -  ڙي سهڻل مورو ويٺي ڳايان.

      واهه درياءَ تي موري موري[1]

مونکي ته جهوريو جهوري – ڙي سهڻل مورو ويٺي ڳايان.

مورو ناهي ٿورو- ڙي سهڻل مورو ويٺي ڳايان!

نـــظــم

عبدالڪريم ”گدائي“

ڪـــيــر ســڻــي فـــريـــاد؟

ڪير سڻي فرياد: دنيا ۾ داد نڪو فرياد!

پل پل ۾ هت ڏوهه پلي ٿو،

پئسن سان انصاف ملي ٿو،

ڏاڍو ڏسي هت جيءُ جلي ٿو،

ظالم زنده باد: دنيا ۾ داد نڪو فرياد!

 

ڪوڙي کي هت مانُ ملي ٿو،

سچ نه ڪو ڪنهن ساڻ سلي ٿو،

هر ڪو پنهنجي ٽور ٽلي ٿو،

حق نه ڪنهن کي ياد: دنيا ۾ داد نڪو فرياد!

 

چورن جي آ چوڪيداري،

سوداگر جي صوبيداري،

جنهن وٽ پئسو تنهنجي ساري،

بي زر آ ناشاد: دنيا ۾ داد نڪو فرياد!

 

پئسن تي ٿو پيار وڪامي،

سهڻن جو سينگار وڪامي،

موذي منصبدار وڪامي،

هرڪو ٿيو آزاد: دنيا ۾ داد نڪو فرياد!

وِک وِک تي هت، سؤ سؤ واڳو،

بيڏوهين سان سؤ ڏهه لاڳو،

چور ڇٽن ۽ ڀاڳيا قابو،

ڪير سڻي فرياد: دنيا ۾ داد نڪو فرياد!

شرم هليو ويو، شان هليو ويو،

اخلاق ۽ ايمان هليو ويو،

مهر مروت مانُ هليو ويو،

سڀ ڪجهه ٿيو برباد: دنيا ۾ داد نڪو فرياد!

محل مڏيون مانڊاڻ وڪاڻا،

کيٽ وڪاڻا، ڀاڻ وڪاڻا،

ماروئڙن جا ماڻ وڪاڻا،

سانگيئڙا ناشاد: دنيا ۾ داد نڪو فرياد!

 

باغ، ٻنيون، بستان وڪاڻا،

ڪوٺيون ۽ دالان وڪاڻا،

مير وڪاڻا، خان وڪاڻا،

ڪيڏا ٿيا بيداد: دنيا ۾ داد نڪو فرياد!

 

جنگ و جدل دنيا ۾ جاري،

مظلومن تي مارا ماري،

باهه عجب ڌرتيءَ تي ٻاري،

ائٽم جي ايجاد: دنيا ۾ داد نڪو فرياد!

 

دور ڪٺن آ سر تي آيو،

سازيءَ جا ڪي ساز وڄايو،

امن وامان جا نغما ڳايو،

ويل نه ٿئي برباد: دنيا ۾ داد نڪو فرياد!

 

نيٺ ”گدائي“ ٻارڻ ٻرندا!

ڪنڊن ۾ ئي ڦول اڀرندا !

انسانن جا وارا ورندا!

پاپي سڙندا، ڳرندا، مرندا!

ماڻهو ٿيندا شاد: دنيا ۾ نيٺ ته ٿيندو داد!

 

هري ”دلگير“

جــــــواب

ادا عيسا، سمي کان پوءِ تنهنجو نيٺ خط آيو،

وڌءِ ڇو خط لکڻ ۾ دير، تنهنجي دير تڙڦايو،

سنيهو تنهنجو سڪ وارو، چمي چشمن تي مون چايو،

وطن جي قرب جو ڄڻ گنج قاروني تو پهچايو،

اگر مان سنڌ ۾ ناهيان، ته ڀي سنڌي ته آهيان مان،

رهان ٿو هند ۾، پر سنڌ جي ٻولي ٿو چاهيان مان!

 

پڙهيم ٿي خط ته اوندهه ۾ چٽي چانڊاڻ سمجهيم ٿي،

اجڙ دل ۾ چمن چمڪيا، عجب سرهاڻ سمجهيم ٿي،

امنگن جو، اندر ۾ موجزن، ”مهراڻ“ سمجهيم ٿي،

پکي ٿي عرش ۾ اڏران ٿو، سي اهڃاڻ سمجهيم ٿي،

ائين سمجهيم ٿي ڄڻ ڪو سير ڪڪرن ۾ ڪريان ٿو مان

افق ۾ سنڌ سهڻيءَ کي پسان گويا پريان ٿو مان.

 

اجهو، هيءَ سنڌ سونهاري، اجهو هي لاڙڪاڻو آ،

جتي مون عمر ڪاٽي، ڳوٺ جو نوري نماڻو آ،

اجهو، هيءَ آ گهٽي پنهنجي، اجهو هي گهر اباڻو آ،

اجهو هي دوست، جن جي دوستيءَ تي اڄ به ماڻو آ،

اجها هيءَ هير وطني آ، سنگهان ٿو خوب دل کولي،

اجهو هي پاڪ پاڻي آ، پيان ٿو خوب دل کولي.

 

سموري سُڌ اٿئي ڪيئن، سهي هت سور آياسين،

ڇڏڻ گهر آ ڏکيو ليڪن، ڇڏي گهر، دور آياسين،

وطن ۾ بيوطن ٿياسين، بڻي مجبور آياسين،

جو قسمت ۾ لکيل هو، سو ڪري منظور آياسين،

نه هي تنهنجو قصور آهي، نه مون کان ڏوهه ٿيو آهي،

زماني ۽ مقدر جو اسان سان ڊوهه ٿيو آهي.

 

پڇين ٿو هيڏي عرصي ۾ سندم ڇا حال ٿيو آهي،

چڱن سنڌين جو خاصو اوج ۽ اقبال ٿيو آهي،

مگر هت ٻيو به طبقو آهه، جو ڪنگال ٿيو آهي،

مقدر جي چڪيءَ ۾ پسجي پئمال ٿيو آهي،

هتي سنڌين جي لئه، هندي گهڻئي يار ٿيا آهن،

مگر سنڌين جا خود سنڌي هتي اغيار ٿيا آهن.

 

هتي ڪو ڪلڪتي ۾ آهه ۽ ٻيو آهه بمبئيءَ ۾،

ڪو حيدرآباد ، ڪو مدراس ۽ ڪو آهه دهليءَ ۾،

ڪو سورت ۾ ، ڪو لکنوءَ ۾ ، ڪو مٿرا ۾، ڪو ڪاشيءَ ۾،

اسان جي هيءَ حياتي دربدر آ ريل گاڏيءَ ۾،

هتي آهه هل هلان، بيهي کلڻ جو وقت ئي ڪونهي،

هتي شادي غميءَ ۾ ڀي ملڻ جو وقت ئي ڪونهي.

 

رهان جت ٿو، اتي سچ پچ نگر واسي ٿي گهاريان ٿو،

اگر مدراس ۾ آهيان ته مدراسي ٿي گهاريان ٿو،

اگر گجرات ۾ آهيان ته گجراتي ٿي گهاريان ٿو،

رهي مان هند اندر، هن جو ڀاتي ٿي گهاريان ٿو،

ته ڀي گهر ۾ جي سنڌي آءُ ڳالهايان ٿو، روڪن ٿا،

ڏسن ٿا فخر سان ٻيا سڀ، مگر سنڌي ئي ٽوڪن ٿا.

 

هتي وڏڙا چون ٿا، سنڌ پياريءَ کي ڀلائي ڇڏ،

تون نخرن مٿان تهذيب وارو ڌن لٽائي ڇڏ،

لپي جا سنڌ ۾ سنڌي جي آهي، سا ڀلائي ڇڏ،

ائين ”مهراڻ“ پنهنجي کي دٻو ننڍڙو بڻائي ڇڏ،

چون ٿا، بحث کي ڇڏ، چؤ، اٿي جهونو ادب ڪهڙو،

اڃا ٿو سنڌ جا پستڪ پڙهين، آهي سبب ڪهڙو؟

 

ادا عيسا، پڇين ڇا ٿو محبت آهه يا ناهي،

اسان کي پنهنجي ورثي لاءِ عزت آهه يا ناهي،

اسان کي پنهنجي ٻوليءَ لاءِ الفت آهه يا ناهي،

پڇين ٿو سنڌ لئه شوق زيارت آهه يا ناهي،

اسان لاءِ ويدواڻي آهه سنڌي، سنڌ تيرٿ آ،

خزانو بي بها آهي، مٿي تنهن کان نه ٻي وٿ آ.

 

خبر ناهي ته اچ وڃ جا ڪڏهن ٻنڌن هٽائيندا،

ڪڏهن ڪل ملڪ پنهنجا سرحدي جهڳڙا مٽائيندا،

ڪڏهن دنيا سڄي ۾ پريم جو جهنڊو جهـُـلائيندا،

ڪڏهن مڙئي مڙي، ساري جڳت جي جيءَ منائيندا،

زماني جا مدبر ڀل چون، هرگز نه ٺهنداسين،

مگر سنڌي ته سنڌين جا سدا ڀائر ٿي رهنداسين.

”ذوالفقار “ راشدي

ڪــــوئـــي آهـــي!

ڪنهن کي ساندهه ننڊ وڻي؟ ڪير وسائي ڪنڊ وڃي؟

ڪير نه چاهيندو ڪر موڙ؟ ڪير نه اٿندو منڊ ڀڃي؟

ڪنهن جو من اڄ ناهي سجاڳ؟ ڪنهن جي آهي سوچ سڄي؟

 

ليڪن پهريان نڪري ڪو نيتي بيهي نينهن، نماز،

اڳ ۾ ڪو محمود هجي ايندا پاڻان پاڻ اياز،

اڀري اول ڪوئي گيت، سر ملائيندا سَوَ ساز!

 

وستيءَ وستيءَ ۾ واڄٽ، واهڻ واهڻ ڪوئي وجهي،

هڪڙو ئي آواز هجي، ليڪن گهر گهر منجهه ٻجهي

پوءِ به پٺتي رهندو ڪو؟ مون کي ڪوئي ڪين سجهي!

 

سڀڪو سورهه ۽ سرويچ، گهر گهر هڪ گرناري ڪوٽ،

سڀڪو راءِ ڏياج هتي، هر ڪو سر گهوريندڙ گهوٽ،

ڪوئي ٻيجل دان گهري، ڪو به چوندس: ”پٺتي موٽ.“

”پروانو“ ڀٽي

ســـوري بـــه ســيــج

ڪنڊن جي مٿان، بي خوف و خطر،

منزل جي طرف، وڌندا پيا وڃن.

 

آرام نه جن کي ڏيندي ڪرڻ،

هي دل جي تڙپ، مقصد جي لگن.

روڪي ٿو سگهين، تون ڪئن تن کي،

سوريءَ کي مرڪيو، سيج چون

آواز ٻڌڻ جي ڪوشش ڪر،

زنجير روايت جا پيا ٽٽن،

زندان مان قيدي گيت چئي،

ٻاهر پيا اچن، ٻاهر پيا اچن،

سو ذهن غلامي ڪيئن ڪندو،

آزاد ڏٺو جنهن پنهنجو وطن،

اڄ باغ ۾ بلبل، روئي پئي،

ٽهڪن جي جڳهه ورتي لڙڪن،

تون ڪيسين ڪيس ڪندين قهري،

تون ڪيسين جئندين، ننگ وطن،

تون چپڙن تي تالو ٿو هڻين،

تون ڇو ٿو مڙهين، انداز، ڪهن،

آءُ تنهنجي وطن تان سر  ڏيندس،

اچ، آءُ، اچي ڏي پنهنجو وچن.

 

مان پنهنجي وطن جو ”پروانو“،

شل ساهه وڃي، هن جي قدمن.

جــوئــي آهــيــان ســوئــي!

”بردو“ سنڌي

سچ چئي تو يار ، سچل آجڳ جي دلڙي موهي،

تنهنجو نعرو، ڪيڏو پيارو، ”جوئي آهيان، سوئي!“

 پاڻ سڃاڻڻ، غير نه ڄاڻڻ، جو هي سب پيارو،

ڏيهه وارن کي ڏيئي تو ڪيو، منزل ڏانهن اشارو!

”دين ڌرم دي لوڙ نه ڪائي“، ڪن لئي ڳالهه ڪساري،

سڪ وارن لئي ساڳي وائي، ساهه پساهه کان پياري!

ذات ڪذات جو جهيڙو ناهي، تو وٽ صلح صفائي،

جيسين جڳ آ، جلندي رهندي، تو جا جوت جڳائي!

دور دور کان تنهنجي در تي، آيا هي ديوانا،

”بردي“ پارا ڀٽڪي ڀٽڪي، لاٽ پسي پروانا!

آدم ۽ الله جو ناتو، ٻهه ٻهه ڪري ٻڌائي،

ماڳ مٺي جا سچا سالڪ، ”سچل“، سچ سڻايئي!

”انا الحق“ اَلايئي - جاني، ”انا الحق“ اَلايئي!

 

لکميچند ”پريم“

قـــدم ٿــا وڌايــون 

اسان جي دل کي به ڏس او زمانا!

ته ڪيئن چوٽ کائي به ٿا مسڪرايون!

سوين سور سيني ۾ سانڍي رکون ٿا،

نه ڪنهن کي سليون ۽ نه ڪنهن کي ٻڌايون!

ٿيو آهه، يا ڪجهه جي ٿيندو رهي ٿو،

نه ڪنهن سان به آهي شڪايت، نه شڪوو،

نه آهون ڀريون ٿا، نه سڏڪا ڀريون ٿا،

نڪو پنهنجي حالت تي ماتم مچايون!

سهاري جي لالچ، ڪيو بي سهاري،

لٽيو تن ئي، جن تي ڀروسو ڪيوسين،

جڏهن پنهنجي بازُن تي ڀاڙي هلياسين،

تڏهن ختم ٿيون سڀ ڪچايون ڦڪايون!

جي رهبر به بڻجي ويو آهه رهزن،

نه ته به زندگيءَ جو رڪيو ڪاروان آهه،

اسين پاڻ راهون گهڙيندا هلون ٿا،

۽ خود کي ئي پنهنجو ٿا رهبر بڻايون،

بلاشڪ ڪري آشياني تي بجلي،

مگر آشيانو جلائي نه سگهندي،

رهيون ڇو ته ناهن، هينئر آشيان جون،

ڀتيون سي ڀُتيون  ۽ ڇتيون سي ڪکايون .

جڏهن درد حد کان زياده وڌي ويو،

تڏهن ٿي پياسين مسيحا اسين خود،

نڪو هاڻ آهي، دوا جي ضرورت،

نه ويڄن طبيبن جا در ٿا پڇايون،

آهي پڪ، تقدير، ڪوئي اسان جي،

نه ٺاهي سگهي ٿو نه ڊاهي سگهي ٿو،

اسين پنهنجي تقدير جا خود ئي مالڪ،

پوءِ ڇا لئه وچ ۾ زمانو ٽپايون؟

ڀلي ڪو اسان جو وٺي جائزو ۽،

ڀلي ڪو اسان تي ڪري نڪته چيني،

اسين ”پريم“ پنهنجي خماري ۾ بيخود،

ٿي منزل ڏي پنهنجو قدم ٿا وڌايون.

         

”آثم“ ناٿن شاهي

ٻــــه قــــلــــم

او قلم، منهنجا قلم، منهنجا پراڻا ساٿي،

تنهنجي تيزي ۽ روانيءَ جو قسم آ مون کي.

اوچتو تنهنجي ”ٽٽڻ“ آهه رسايو صدمو،

تنهنجي فرقت جو وڏو رنج والم آ مون کي.

 

هر مصيبت ۾ رهئين ساٿ تون ڏيندو مون سان،

منهنجي هر هڪڙي تقاضا ٿي ڪئي تو پوري.

هو اثر تنهنجي وڏائيءَ جو اڳي مون تي دوست

هاءِ ! ليڪن هي هينئر تنهنجي ڏٺم مجبوري!

 

نوڪ تنهنجيءَ ۾ جتي ”خار“ جي کهراڻ هئي،

هڪڙي ”گل“ جي اتي خوشبو به ۽ نرمي به هئي.

نوڪ تنهنجيءَ مان جتي سرد ٿي نڪتيون آهون،

هڪڙي شعلي جي اتي ڄر به ۽ گرمي به هئي.

 

نوڪ تنهنجيءَ ۾ جتي هڪڙي حسينه جي مثال،

ناز، شوخي ۽ شرارت جون ادائون به هيون.

منهنجا مرحوم! اتي عاشق صادق وانگر،

چند آزيون به، نيازيون به، دعائون به هيون.

 

زندگيءَ جا ڪي ٻه ٽي ڏينهن رهي گڏ مون سان،

مون کي دنيا ۾ اڪيلو ئي ڇڏي وئين آخر،

تون پراڻو جو هئين!نيٺ ڀڄين ها هڪ ڏينهن،

سو تون اڄ منهنجي هٿان لکندي ڀڄي پئين آخر.

 

منهنجي آخر ته قلم کان سواءِ سرندي به ته ڪانه،

”يار جهونا“  تون انهيءَ ڳالهه جو ڪو غم نه ڪجان.

وقت کي ڏسندي قلم وٺڻو ئي پوندو مون کي،

ڏي اجازت ته وٺان ”تازو قلم“ اڄ يا سڀاڻ.

 

ها، مگر منهنجا قلم، منهنجا پراڻا ساٿي،

تنهنجي فرقت جو وڏو رنج والم آ مون کي.

 

منهنجا محبوب قلم، منهنجا ”نوان ساٿيڙا!“

تو کي اڄ پنهنجي گلي سان مون لڳايو آهي.

تون اڳي قيد هئين ”ڪانچ“ جي ڪوٽن ۾، مگر

اڄ انهيءَ قيد کان مون توکي ڇڏايو آهي.

 

تو کان اڳ ۾ به هئو هڪڙو قلم مون وٽ، پر

منهنجي شوخين جو اهو تاب جهلي ڪونه سگهيو.

منهنجي جذبات جي شعلن کان بچڻ مشڪل هو،

ڪالهه مرحوم اهو نيٺ گذاري ئي ويو!

 

هُو به منهنجو ئي قلم هو ۽ مون کي  پيارو هو،

ها، مگر هن جي پراڻي هئي طرز تحرير.

دور حاضر ۾ تڏهن ٿي سگهيو هو مقبول،

رفته رفته ٿي وڃي مٽبي سندس هر تصوير.

 

تون به منهنجو ئي قلم آهين، اي جان تحرير!

توکي بخشڻ ٿو گهران، روپ، نئون رنگ نئون.

وقت جي آهه تقاضا ته هجي اڄ موجود،

تنهنجي تحرير ۾ هڪ ڍنگ ۽ آهنگ نئون.

 

منهنجو هر فڪر نئون آهه ۽ هر سوچ نئين،

مون کان اي دوست ! تون ڪجهه سکندو ئي رهه، سکندو رهه.

مان نئون فڪر، نئين سوچ پيو ڏيندو سانءِ،

تون مزي ساڻ ڀلي لکندو ئي رهه، لکندو رهه.

 

منهنجا محبوب قلم، منهنجا نوان ساٿيڙا!

”ڪانچ“ جي قيد مان مون توکي ڇڏايو آهي.

 

”وفا“ ناٿن شاهي

چـــنـــڊ جـــو داســـتـــان

شام جي وقت، جڏهن پنهنجي سفر جي خاطر،

قيد، ظلمات کان آڪاش تي مان نڪران ٿو.

منزلون طئي ڪندي، جنهن وقت پوان ٿو ٿڪجي،

هيٺ سنسار ڏي ان وقت نظر ڪريان ٿو.

 

بک ۽ افلاس جي بي مهرو وفا دنيا ۾،

کوڙ معصوم ۽ مظلوم جوانيون ٿو ڏسان،

جيڪي مانيءَ جي ڳڀي لاءِ لڇي ۽ تڙپي،

پنهنجي عصمت جو گهر وڪڻي  ڇڏن ٿيون هٿ سان،

 

زرد رو ٻار، لٿل منهن ۽ هراسان اکيون،

پيٽ پٺين سان لڳل، جسم بکن کان ڏٻرا.

جن کي بک کان نه اچي ننڊ ٿي هڪ لمحو ڀي،

رات جو جن جي ٿي وڃي گذري ورائي پاسا.

 

هڪ طرف کير-پياڪن جون رڙيون ۽ ڪوڪون،

جن کي ٻڌندي ٿا فرشتن جا ڪليجا ڦاٽن،

ٿڃ نٿي تن کي ملي، ٿڃ به ٺهي ئي ڇا مان؟

جن جون امڙيون ٿيون سڄو ڏينهن بکن ۾ ڪاٽن.

 

چند بيمار ٻئي پاسي ٿا پيا دم ٽوڙن،

چند پوڙهن جون ٻڌڻ ۾ ٿيون اچن ڪنجهڪارون،

جن کي کائڻ جي لئه ان ئي ميسر ڪونهي،

سي وٺن ڪهڙيءَ طرح ملهه تي دوا ۽ دارون.

 

۽ اهو وقت، جڏهن قيد ٿئي ٿو مظلوم،

۽ يتيمن جي سرن تي ٿيون بلائون ڪڙڪن.

۽ اهو وقت جڏهن لٽجي ٿي ڪنهن جي عصمت،

۽ اهو وقت، جڏهن ڪنهن جا ٿا سڏڪا تڙپن.

 

خود بخود منهنجون اکيون ڀرجي اچن ٿيون ان دم،

مان جڏهن اهڙا الم خيز ڏسان ٿو حالات.

دل چوي ٿي ته مان اڀران نه قيامت تائين،

غرق دنيا ٿي وڃي جنهن ۾، هجي اهڙي رات.

 

”استاد“ بخاري

خـوشـبـو تـنـهـنـجـي-نـظـرون مـنـهـنـجـون

خوشبو تي تنهنجو وس ڪونهي

تون مون کان ويٺين يار پري،

ماڻهن جي ڪري يا شرم ڪري!

 

يا مون سان شايد نفرت ٿئي،

يا پنهنجي پر سان الفت  ٿئي.

 

تون ان ۾ ئي مغرور آهين؛

مان دور آهيان، تون دور آهين.

 

پر تو سان هڪڙي ڳالهه ڪريان،

نازڪ آهين، ، دل ۾ نه ڪجان.

 

خـــســتــوري جــا تــو ۾ آهـــي،

سا تنهنجي قبضي ۾ ناهي.

 

ڪيڏي نه مٺي، ڪيڏي نه سٺي،

خوشبوءِ بدن تنهنجي جي وڌي !

 

ڀاڪر ٿي اچي مون کي پائي،

۽ سينو سيني سان لائي !

 

ڪنهن ڳالهه کان هوءَ شرمائي نٿي،

ڪنهن چيز کان هوءَ گهٻرائي نٿي !

 

خوشبو تي تنهنجو  وس ڪونهي؛

نظرن تي منهنجو وس ڪونهي!

نظرن تي منهنجو وس ڪونهي

 

مان توکان ويٺس دور وڃي،

دل سان نه کڻي، مجبور وڃي !

 

ڪجهه رسم ۽ رواج جي پاس اٿم،

ڪجهه سخت سماج جي پاس اٿم.

 

ڪجهه پنهنجو شان ستائي ٿو،

ڪجهه تنهنجو مان ستائي ٿو !

 

ڀر پو به پڇين ٿو ڇا خبرون،

نادان نڀاڳيون هي نظرون !

 

روڪيان گهڻو، رڪجن ئي نٿيون،

ٻوٽيانِ مگر، ٻُٽجن ئي نٿيون.

 

ماڻهن جي نگاهن مان به لڪي،

ٻين کان ته ڇڏيو تو کان به لڪي !

 

گستاخ ڇهن ٿيون، ڳل تنهنجا،

چپ چاپ چمن ٿيون، ڳل تنهنجا.

 

روڪيان گهڻو، رڪجن ئي نٿيون،

ٻوٽيان مگر ٻٽجن ئي نٿيون.

 

نظرن تي منهنجو وس ڪونهي،

خوشبو تي تنهنجو وس ڪونهي !

”نشتر“ ناٿن شاهي

ڪــلـمــئــه حــــق

نصيب باغ کي اهڙو ته اقتدار ٿئي،

چمن نشين سندون يڪسان بلند وقار ٿئي،

شجر شجر ۾ اثر اهڙو برقرار ٿئي،

بهار، غنچه و گل تي سدا نثار ٿئي؛

نصيب اهڙو عنادل کي اختيار ٿئي،

اچي جي باغ ۾ صياد خود شڪار ٿئي !

 

عقابي روح سان پرواز ڀي رکي ٿا سگهون،

بس غبار آ منزل، مگر ڏسي ٿا سگهون،

ستارا آهيون، نگاهه قمر رکي ٿا سگهون،

مرڻ کان پوءِ به ٻي زندگي وٺي ٿا سگهون؛

مقام پنهنجي تي ڪلي ٿا اعتماد رکون،

فلڪ نشين کان به هر گام تي ٿا داد وٺون !

 

اهو بهار ، خزان جنهن سان همڪنار هجي،

اها نسيم صبا جيڪا دل تي بار هجي،

اها سحر، جا ڪندي شام سان پيار هجي،

اهو قمر، جو ستارن لئي داغدار هجي؛

عذاب بنجي اچي جيڪا سا دوا نه کپي،

ملن جي رنج سراسر، اها دعا نه کپي!

 

اهو ڇا شڪر جي فاقه ڪشي رواج هجي،

اها زمين، جي درد لاعلاج هجي،

اها عطا، جتي طالب با احتياج هجي،

 اها پناهه جو لٽيل شريف لاج هجي؛

بهار اهڙي نه گهرجي، جا بيقرار هجي،

نسيم اهڙي نه گهرجي، جا موتمار هجي!

 

سبب آ ڪهڙو، بهارن سان دل لڳايون نٿا،

رهه، سڪون ۽ قرارن سان دل لڳايون نٿا،

حسين شڪل نظارن سان دل لڳايون نٿا،

الاهي ڇا هي جو يارن سان دل لڳايون نٿا؛

هزار دوکا، ره حسن ۾ ملي ٿا وڃن،

حسين ٽــُـوههَ، پٽن تي پيل نظر ٿا اچن!

 

مڪان پنهنجي ۾ ڇو  اجنبي نظر ٿا لڳون،

ڪچهري پنهنجي ۾ بيگانا خود نظر ٿا اچون،

مسرتن جي فضا ۾ به حسرتون ٿا  ڏسون،

زبان دل کان اهو ڇو گهڙيءَ گهڙيءَ ٿا ٻڌون:

حرم تي دير جو قبضو ٿيل نظر ٿو اچي،

تڏهن نظر ۾ ته، هر ڪوئي منتظر ٿو اچي!

 

اچو ته وقت جي حسرت کان ڪجهه پڇي ته ڏسون،

اچو ته قوم جي عصمت کان ڪجهه پڇي ته ڏسون،

اچو، يتيم جي حرمت کان ڪجهه پڇي ته ڏسون،

اچو، شريف جي عزت کان ڪجهه پڇي ته ڏسون؛

اچو ته نقطئه جمهور کان سوال ڪيون،

نظام وقت مطابق ڪوئي جواب وٺون!

 

سخي ڏسون ٿا، مگر فيض برقرار نه آ،

بهار آهي، مگر ان ۾ ڪو قرار نه آ،

وصال آهي، مگر لطف انتظار نه آ،

نظر ۾ يار ته آهي، نگاهه يار نه آ؛

ڪليم آهي، مگر طور کان سواءِ ٿو ڏسان،

چراغ آهي، مگر روشني خطا ٿو ڏسان!

 

جهڪي ٿو وقت جو طاغوت سو سلام ڪري،

چئو عدو کي ته سازش جو اختتام ڪري،

ٻڌايو وقت کي ”نشتر“ ته احترام ڪري،

وگر نه حق جي شمشير، بي نيام ڪري؛

نگاهه يار تان صدبار جان نثار ڪجي،

حياتي، موت سان هر بار همڪنار ڪجي!


* موري – پل، جيڪا تازو موري ۽ دادو جي وچ تي ٻيڙين رستي ٺاهي ويئي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com