سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2006(1)

 

صفحو :9

امام راشدي

ڪوٽ غلام شاهه

ڪلهوڙا دَور جو اهم يادگار

 

سنڌ جي تاريخ ۾ ڪلهوڙا دَور کي ممتاز حيثيت حاصل آهي. اها حقيقت آهي ته ڪلهوڙا هميشه سنڌ پرست رهيا- سنڌ جي خوشحالي ۽ ترقيءَ جي عيوض کين گهڻو ڀوڳڻو پڻ پيو. ڪاميابيون ماڻيائون ته شهادتون به حاصل ٿين.

ڪلهوڙن جي دَور ۾ چانڊڪي پرڳڻي (موجوده ضلعو لاڙڪاڻو) کي مرڪزي حيثيت حاصل رهي. 1580ع ڌاري ميان آدم شاهه ڪلهوڙي بکر مان نڪري چانڊڪا پرڳڻي جي هٽڙيءَ واري علائقي ۾ پنهنجو مرڪز قائم ڪيو. 1591ع ۾ جڏهن اڪبر بادشاهه ٺٽي جي حاڪم مرزا جاني بيگ کي سيکت ڏيڻ لاءِ خان خانان کي روانو ڪيو، تڏهن مرزا مختلف علائقن مان بزرگن کان ڪاميابيءَ جون دعائون گهرائيندو اڳتي وڌيو ۽ چانڊڪي پرڳڻي مان ميان آدم شاهه کان پڻ فتح جي دعا گهرايائين. ڪاميابي ماڻڻ کان پوءِ چانڊڪو پرڳڻو ميان کي جاڳير طور ڏنائين.

ڪلهوڙن پنهنجي سياسي جدوجهد ۽ زمينداريءَ جي شروعات به هتان کان ڪئي ۽ سڀ کان پهريائين هتي ئي آبپاشيءَ جو بهترين سرشتو رائج ڪيائون، جنهن سان هي علائقو خوشحالي ۽ ترقيءَ جي هڪ نئين دور ۾ داخل ٿيو. واهه کوٽا ويا، آباديءَ ۾اضافو ٿيو ۽ ڪيترائي نوان شهر اُسريا. اهڙيءَ طرح ڪلهوڙا خاندان پنهنجي سياسي حيثيت مڃرائي مستحڪم بڻيو.

آدم شاهه کان پوءِ چانڊڪو پرڳڻو ميان الياس محمد ۽ ميان شاهل محمد جي ڌيان جو مرڪز بڻيو. بعد ۾ ميان نورمحمد ڪلهوڙي ۽ سندس وزير شاهه بهاري هن علائقي تي خاص ڌيان ڏنو ۽ ان کي ترقي وٺرائي. ميان نورمحمد کان پوءِ، هي پرڳڻو سندس پٽ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي خاص توجهه جو مرڪز رهيو.

ميان غلام شاهه ڪلهورو سنڌ جي هڪ مثالي حاڪم هجڻ سان گڏ وڏي ذهن وارو، بهادر، دوُرانديش، باصلاحيت، باڪردار، وڏي ڳڻ ڳوت ۽ ڀاڳ بخت وارو شخص ٿي گذريو آهي، سنڌ جي وڏي خدمت ڪيائين ۽ اُن کي هر لحاظ کان ٺاهڻ ۾ ڪابه ڪسر نه چڏيائين. سڀني تاريخن هن حاڪم جي ساراهه ڪئي آهي. وٽس اقتدار جو مقصد خانداني عظمت جي بحاليءَ سان گڏ سنڌ جي خوشحالي به هو.

اقتدار ماڻڻ کان پوءِ ميان غلام شاهه ملڪي وحدت ڏانهن متوجهه ٿيو ۽ ڪيترائي علائقا پنهنجي تصرف ۾ آڻي، سنڌ سان شامل ڪيائين: ”حالات اهڙا پيدا ٿي چڪا هئا، جو ميان صاحب جي حڪومت جي واڳن سنڀالڻ کان اڳ سنڌ غلاميءَ جي زنجيرن ۾ پوريءَ طرح جڪڙجي چڪي هئي ۽ ميان صاحب کي مجبوراً اها صورت قبول ڪرڻي پيئي. انگريزي ڪوٺيءَ جي ڪارڪنن جي شهادتن مان معلوم ٿئي ٿو، ته ميان صاحب هر وقت انهن زنجيرن ٽوڙڻ لاءِ بيتاب رهندو هو.“ (تاريخِ سنڌ- ڪلهوڙا دور- جلد ٻيو، ص 603)

ميان غلام شاهه غيرمعمولي شخصيت جو مالڪ هو. ملڪي انتظام رکڻ ۾ باصلاحيت ۽ عملي قسم جو ماڻهو هو. غلام رسول مهر، ميان غلام شاهه کي اخلاق ۽ فضيلت جي درجي ۾ ميان يارمحمد ۽ ميان نورمحمد کان پوءِ ٽئين نمبر تي آندو آهي. هن ائين به لکيو آهي ته: ”ميان صاحب ڪلهوڙا خاندان جو آخري جليل القدر حڪمران هو. ڪن ماڻهن کيس پنهنجي خاندان جو سڀني کان وڏو حاڪم ٺهرايو آهي. بنان شبهي سندس ڪي ڪارناما وڏي قدر لائق ۽ حيرت انگيز آهن.“ (ساڳيو، ص 601)

ميان غلام شاهه کي تاريخن ۾ مغل سهنشاهه اڪبر جيان ”سنڌ جو اڪبر“، ”سنڌ جو شهزادو“ ۽ ”سنڌ جو شاهجهان“ سڏيو ويو آهي. ”هو ڪلهوڙن ۾ سڀني کان وڌيڪ قابل، همت وارو ۽ چُست هو. انهيءَ کان سواءِ خاندان ۽ قبيلي

جي خودداري، عزم ۽ جنگي جوهر منجهس وڏي پيماني تي موجود هئا....سيرت جي پختگيءَ ۽ ملڪي ڪاروبار جي صلاحيت جي اعتبار کان هو خاندان جو آخري نمائندو هو.“ (ساڳيو ڪتاب، ص 607)

ميان غلام شاهه پنهنجي والد ميان نورمحمد جي وفات (1753ع) بعد 1757ع ۾ حڪمران بڻيو. شروع  ۾ کيس سُک سان ويهڻ نه ڏيو ويو. ڀائرن جون اُرهه زورايون ۽ ڇڪتاڻ ان جا مکيه سبب هئا. نيٺ اميرن 1757ع ۾ مرادياب خان کي معزول ڪري ميان غلام شاهه کي سنڌ جو حاڪم بڻايو. ميان غلام شاهه پنهنجي والد جي
نقشِ قدم تي هلندڙ هو. مؤرخِ سنڌ پير حسام الدين راشديءَ لکيو آهي ته: ”ميان غلام شاهه بيحد سمجهدار ۽ حڪمراني ڪرڻ لاءِ هر طرح موزون ۽ مناسب هو. هن پنهنجي زماني ۾ ملڪ ۾ امن امان قائم ڪيو، بلڪ ڪيترا سرحدي علائقا به حاصل ڪري، سنڌ ۾ شامل ڪيائين. ڪڇ جي راجا کان بست ۽ لکپت جو بندر ورتائين، سبزل ڪوت ۽ اُچ، بهاولپور جي نواب کان ڇڏايائين ۽ ڪراچيءَ جو بندر قلات جي خان کان واپس حاصل ڪيائين. حيدرآباد جو شهر آباد ڪيائين ۽ 1182هه ۾ حيدرآباد جو قلعو تعمير ڪرائي، اُن ۾ گادي قائم ڪيائين. انگريزن سندس ئي زماني 1171هه ۾ ٺٽي ۾ پنهنجي تجارتي ڪوٺي قائم ڪئي. اهڙيءَ طرح ملڪ سندس زماني ۾ ڏاڍو وَسيو ۽ رَسيو، سکيو ۽ ستابو ٿيو....“ (تحفة الڪرام- ص 32- 31)

اهڙي اعليٰ ڪردار ۽ ڏاهي حڪمران کي تاريخ ۾ جنهن رتبي تي ڏسجي ٿو، ان جي تاريخي ثابتي حضرت  شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي ميان غلام شاهه جي عظمت بابت ڪيل اِها پيشنگوئي ئي آهي ته:

”گُلان مان گُل پيدا ٿيو، ڪي ٽِڙيو ڪي ٽِڙندو.“

شاهه لطيف جي اها دعا وڏي ڪارگر ثابت ٿي. ميان
غلام شاهه سنڌ جو اهم حڪمران بڻيو، جنهن کي تاريخ ۾ اهم پَد تي رکيو ويو آهي.

ميان غلام شاهه چانڊڪي پرڳڻي ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو يا جيڪي تعميرات ڪرايا، اُهي تاريخ جو اهم حصو ۽ يادگار آهن. لاڙڪاڻي ۾ شاهه بهاري جو مقبرو ميان غلام شاهه جي تعميراتي ذوق جو شاهڪار آهي. جڏهن ته ميان الياس محمد ۽ ميان شاهل محمد جا مقبرا پڻ ميان غلام شاهه ڏانهن منسوب ڪيا وڃن ٿا. انهن سڀني مان اهم اڏاوت ڪوٽ غلام شاهه آهي، جيڪو فني ۽ دفاعي حوالي سان ميان غلام شاهه جو هڪ اهم يادگار آهي، جنهن کي تاريخ ۾ بلڪل نظرانداز ڪيو ويو آهي. قديم توڙي جديد محققن ۽ ماهرن به هن اهم ڪوٽ ڏي ڪو ڌيان نه ڏنو آهي. ويجهڙائيءَ ۾ ناليواري محقق اشتياق انصاري ڪوٽن ۽ قلعن بابت تمام سٺو اڀياس ”سنڌ جا ڪوٽ“ جي نالي سان پيش ڪيو آهي، پر ان ۾ به ”ڪوٽ غلام شاهه“ کي شامل نه ڪيو ويو آهي.

ڪوٽ غلام شاهه:

ڪوٽ ۽ قلعا قومن جي تاريخ ۾ عظمتن جو چٽو يادگار هوندا آهن. بيشڪ هي ڪوٽ به ميان غلام شاهه جي عظمت جو هڪ نمايان اُهڃاڻ آهي.

سنڌ ۾ جڏهن ڪلهوڙن جي حڪمراني قائم ٿي، تڏهن کان قلات (بلوچستان) تي بروهين جي حڪومت به شروع ٿي چڪي هئي. بروهين سان ڪلهوڙن جو اختلاف ميان دين محمد جي زماني کان ئي هلندو ٿي آيو. جڏهن ميان دين محمد ۽ شهزادي معزالدين جي وچ ۾ معرڪا ٿيا، تڏهن ميان يارمحمد عيال سميت قلات جي حدن ۾ پهتو. ان وقت ڪلهوڙن سان لڙائيءَ ۾ قلات جو حاڪم محراب خان مارجي ويو. اهو ئي واقعو ٻنهي خاندانن ۾ ڇڪتاڻ جو ڪارڻ بڻيو. دشمنيءَ جو ٻيو سبب ڪڇي ۽ ڍاڍر وارا علائقا ڪلهوڙن کي ملڻ به هو. ميان يارمحمد ڪجهه وقت قلات ۾ رهڻ بعد واپس وريو، ته سندس اولاد ۽ عزيزن کي قلات جي حاڪم پاڻ وٽ يرغمال بڻائي رکيو. جڏهن ميان يارمحمد هڪ مضبوط حڪمران ٿي اُڀريو ۽ مغلن سان تعلقات سنوان ڪيائين، تڏهن شاهي مدد سان اُهي آزاد ٿيا. کيس سبي پرڳڻو به ڏنو ويو. اهي ئي بنيادي سبب هئا، جو ڪلهوڙن ۽ بروهين جي وچ ۾ جنگي معرڪا ٿيندا رهيا، تان جو ميان نورمحمد جي دور ۾ ”ڪوهستان جو شهباز“ سڏائيندڙ مير عبدالله خان بروهي به هار کائي قتل ٿي ويو. ڊاڪٽر غلام محمد لاکو لکي ٿو ته: ”سترهين صديءَ جي خاتمي ڌاري مغل شهنشاهيت جي زوال جا آثار نمايان ٿيڻ لڳا. ان دور ۾ سنڌ اندر ڪلهوڙن جو مقامي قبيلو نهايت ڪاميابيءَ سان اقتدار ۾ اچڻ جي سنبت ڪري رهيو هو. ساڳئي زماني ۾ سنڌ جي اولهه ۾ قلات (بلوچستان) جا بروهي پڻ پنهنجي اقتدار کي اڳتي وڌائي رهيا هئا. ورندڙ صدي يعني ته ارڙهين صديءَ ۾ سنڌ ۾ ڪلهوڙا ۽ قلات ۾ بروهي برسراقتدار رهيا. بدقسمتيءَ سان ٻنهي پاڙيسري رياستن ۾ شروع کان وٺي لاڳاپن ۾ خوشگوار ۽ مثبت صورتحال قائم ٿي نه سگهي، ليڪن ارڙهين صديءَ جي اڌ ۾ حالتن ۾ تبديلي آئي ۽ روايتي دشمني ختم ڪري دوستيءَ طرف وِک وڌائي ويئي.“ (مهراڻ 1/2001ع، مقالو ”سنڌ ۽ قلات لاڳاپن جو هڪ دستاويزي مطالعو“، ص 123).

اها هڪ خوشگوار تبديلي هئي، ڇو ته ميان غلام شاهه هڪ طاقتور حڪمران ٿي اڀريو. سندس دور ۾ بروهين صلح ۽ تعاون لاءِ هٿ وڌايو، تان جو ٻنهي ڌرين ۾ هڪ عهدنامو (1186هه/ 1772ع) ڪيو ويو.

اِن کان اڳ ڪلهوڙن جون بروهين مان مِٽيون مائٽيون به ٿي چڪيون هيون. ميان غلام شاهه بروهين سان خانداني ڪشمڪش جو خاتمو آڻي هڪ نئين دور جو آغاز ڪيو، پر انهيءَ کان اڳ ان ڇڪتاڻ کي مدنظر رکندي ۽ بروهين کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ميان صاحب، چانڊڪي پرڳڻي ۾ هڪ فوجي قلعي ٺهرائڻ جي ضرورت محسوس ڪندي هڪ اهڙي قلعي جي تعمير ڪئي، جنهن ۾ هڪ فوجي ڇانوڻي قائم ڪري اتي باقاعدي هڪ فوجي دستو مقرر ڪيو ويو، جيڪو ٻاهرين حمله آورن کي منهن ڏيندو رهيو.

هن ننڍڙي قلعي کي ”ڪوٽ غلام شاهه“ سڏيو وڃي ٿو. هي ڪوٽ قنبر ضلعي ۾ ديهه هُليا ۽ تپي رانوتي ۾ موجود آهي. قنبر کان ميرو خان روڊ سان، قنبر شهر کان ڇهن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي، مذڪوره روڊ کان اولهه طرف ’ڪوٽ غلام شاهه‘ واقع آهي. هن ڪوٽ جي لڳ هڪڙو ڳوٺ به آباد آهي، جنهن کي ڪوٽ جي مناسبت سان ئي ڳوٺ ڪوٽ غلام شاهه سڏيو وڃي ٿو. هن ڳوٺ ۾ ڪلهوڙا، مگسي، اوڏ ۽ ٻين ذاتين وارا ماڻهو رهن ٿا.

هي ڪوٽ اٽڪل ٻن ايڪڙن جي ايراضيءَ تي مٿاهينءَ تي اڏيل آهي، جيڪو فنِ تعمير جي عظيم معمار ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جو جوڙايل اهم يادگار آهي. ڪوٽ جي اڏاوت ڪچي ۽ اوڏڪي ٿيل آهي. ڪوٽ جي چئني ڪُنڊن تي برج ٺهيل آهن، جن جا نشان چٽا آهن. انهن بُرجن مان اچ وڃ لاءِ رستا پڻ آهن، يعني اِهي چارئي بُرج شاهي گيٽ به آهن. ڪوٽ جي چئني طرفن واريون ديوارون ڪجهه درست حالت ۾ آهن، پر ڪٿان ڪٿان ٽڪرا ڪِري پيا آهن. ڪوٽ کي گهڻو نقصان برسات ۽ طوفانن سان گڏ سِم ۽ ڪلر به پهچايو آهي. ڪوٽ جي اندر هڪ وڏي لانڍيءَ جا اُهڃاڻ موجود آهن، جنهن ۾ رهائش جو انتظام ٿيل هو. هن وقت ڪوٽ ۾ مقامي آباديءَ قبرستان بڻائي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ گلاب شاهه نالي هڪ بزرگ جي مزار پڻ آهي، جنهن جي مٿان هڪ ڪمرو جُڙيل آهي. ڪوٽ جي اندر آڳاٽي دور جي هڪ نرالي قبر ڌيان ڇڪائي ٿي. پڪين سرن سان جڙيل هيءَ مزار تمام مٿي آهي. هن قبر ۾ ڪير دفن آهي، اِن لاءِ ڪوبه تاريخي حوالو ۽ روايت دستياب ناهي، البت مقامي روايت ۾ اِها مزار ميان غلام شاهه ڪلهوڙي ڏانهن منسوب ڪئي وڃي ٿي. جڏهن ته ميان غلام شاهه حيدرآباد ۾ ابدي آرام ۾ آهي ۽ مٿس عاليشان مقبرو اڏيل آهي. ”ڪوٽ غلام شاهه“ ۾ قائم اِها نرالي قبر ڪنهن خاص رُتبي واري امير يا عملدار جي ڏسجي ٿي. ايتري بلنديءَ تي قبر اڏڻ جو سبب سِم ۽ ڪلر سان گڏ ٻوڏ به هوندو. قبرستان ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي جهونيون قبرون آهن، جيڪي زبون حال آهن.

”ڪوٽ غلام شاهه“ سڄو اوڏڪو جڙيل آهي. منجهس ڪابه سر استعمال نه ڪئي وئي آهي. ڀتين جي ويڪر پنج- ڇهه فوٽ ٿيندي. مٿانهينءَ تي ٺهيل هي ڪوٽ پاڻيءَ کان محفوظ آهي. هي ڪوٽ هڪ عام قلعو سمجهڻ گهرجي، جنهن ۾ فوجي دستو آسانيءَ سان رهي پئي سگهيو.

قنبر وارو علائقو ڪلهوڙن جي خاص توجهه جو مرڪز رهيو آهي ۽ هتي سندن اهم تعميرات ٿيل آهن. ميان شاهل محمد ڪلهوڙو پڻ هن علائقي ۾ مدفون آهي. جڏهن ته گهاڙ واهه ۽ نور واهه هن سرزمين جي خوشحاليءَ جا ضامن آهن، پر ”ڪوٽ غلام شاهه“ ڪلهوڙن جي عظمت جي نمايان ساک ڀري رهيو آهي. خاص طور تي ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي هيءَ اڏاوت تاريخ جي گهڻن رخن کي ظاهر ڪري ٿي، توڙي جو مجموعي طرح ميان غلام شاهه جي دَور ۾ حالتون سازگار رهيون، بروهين ۽ ڪلهوڙن ۾ صلح جا معاهدا ٿيا ۽ ٻيا معاملا به پرامن رهيا.

تاريخي اُهڃاڻن، جاگرافيائي بيهڪ ۽ مقامي روايتن جي آڌار تي ڏسجي ٿو، ته هي ڪوٽ ميان غلام شاهه تڏهن ٺهرايو هوندو، جڏهن قلات جي بروهين سان ڇڪتاڻ هلندڙ هئي، تنهنڪري حالتن کي نظر ۾ رکندي ۽ دفاعي ضرورتن جي پورائي لاءِ هي اهم ڪوٽ تعمير ڪرايو ويو هوندو.

موجوده قنبر- شهدادڪوٽ ضلعي ۾ موجود ”ڪوٽ غلام شاهه“ سنڌ جي تاريخ ۾ نظرانداز ڪيو ويو آهي ۽ ماهرن ۽ محققن کي هن اهم يادگار ڏي ڌيان ڏيڻ کپي.

مددي ڪتاب

1. تاريخِ سنڌ، ڪلهوڙا دَور (سنڌي) غلام رسول مهر.

2. تحفة الڪرام (سنڌي) مير علي شير قانع.

3. ڪلهوڙا دورِ حڪومت- ڊاڪٽر غلام محمد لاکو

4. منشورالوصيت- مترجم، عبدالرسول قادري

5. سنڌ جو شاهجهان، غلام شاهه ڪلهوڙو- مرتب: اسلم عباسي

6. ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون- سيد حسام الدين راشدي

7. مهراڻ جا مختلف پرچا


 

”تفسير مجمع البحار“

(ڏهين صديءَ جي هڪ جيد سنڌي عالم جي تحرير)

مخدوم سليم الله صديقي

تاريخ ۾ ڪيتريون ئي شخصيتون ۽ ڪتاب، نالن جي هڪجهڙائپ سبب احوالن ۽ تفصيلن جي گڏ وِچڙ ٿيڻ جو ڪارڻ بڻيا آهن. انهن مان هڪ ”شيخ طاهر محدث سنڌي“ ۽ سندس تحرير ”تفسير مجمع البحار“ به آهن.

ڏهين صدي هجريءَ ۾ شيخ محمد طاهر محدث (پٽني) ۽ شيخ محمد طاهر محدث (سنڌي) ٻه ذميواريون شخصيتون ٿي  گذريون آهن. لفظ ”مجمع البحار“ انهن ٻنهي بزرگن جي تصنيفات ۾ پڻ شامل رهيو آهي. اهوئي سبب آهي جو سندن سوانحعمريون پڻ هڪ ٻئي ۾ گڏ وِچڙ ٿي ويون آهن. انهيءَ ڪري اسين ٻنهي شيخ طاهر صاحبان جي سوانح ۾ فرق کي سمجهڻ کان پوءِ ئي سندن تصنيفن ۽ مجمع البحار جي فرق کي بهتر انداز ۾ سمجهي سگهنداسين.

شيخ محمد طاهر پٽني: هندستان جي ممتاز محدثن مان هڪ آهي. پاڻ 910هه/1504ع ۾ گجرات جي هڪ واهڻ پَٽن (نهرواله) ۾ پيدا ٿيو. پٽن کي عربيءَ ۾ فتن ڪري لکيو ۽ پڙهيو ويندو آهي. قرآن حفظ ڪرڻ ۽ ابتدائي علم حاصل ڪرڻ کان پوءِ 944هه ڌاري حجاز روانو ٿيو، جتي شيخ علي متقي کان فيضياب ٿيو. 950هه  ڌاري وطن واپس وريو ۽ بوهرن ۾ هندواڻيون رسمون ڏسي، اُنهن جي اصلاح لاءِ جدوجهد شروع ڪيائين ۽ مهدوين خلاف پڻ آواز اٿاريائين، جنهن تي هو سندس مخالف ٿي پيا. 980هه ۾ جڏهن اڪبر گجرات تي حملو ڪيو ۽ پٽن فتح ڪيائين ته شيخ طاهر سان پڻ ملاقات ڪيائين. کيس شيخ الاسلام جو عهدو ڏنائين ۽ پنهنجن هٿن سان سندس مٿي تي عمامو ٻڌائين. جڏهن عبدالرحيم خان خانان گجرات جو ناظم بڻجي آيو ۽ مهدوين جي تحريڪ زور ورتو، ته هن پهريائين خان خانان جو ڌيان ان ڏانهن ڇڪايو، پوءِ پاڻ آگري وڃي اڪبر سان ملي، ان کي ختم ڪرڻ جي تياري ڪيائين. 986هه ۾ سارنگ پور اُجين جي ويجهو مهدوين کيس گهيري ورتو ۽ تهجد نماز ۾ کيس شهيد ڪري وڌو.

سندس تصنيفن مان ”مجمع البحار“ مشهور آهي، جنهن جو سڄو نالو ”مجمع بحار الانوار“ آهي. هيءَ غريب القرآن ۽ غريب الحديث جي تشريح ۽ ٻين ڪيترن ئي باريڪ علمي نڪتن ۽ بحثن تي مشمل آهي، ڄڻ ته هڪ حيثيت سان صحاح ستہ جي شرح آهي، پر اختصار سبب همعصر اهل قلم به صرف مجمع البحار ئي لکندا رهيا. اخبار الاخيار (999هه) ۽ گلزار ابرار جي اردو ترجمي اذڪار ابرار ۾ به هن ڪتاب جو نالو اختصار سان ’مجمع البحار‘ ئي لکيل آهي.

شيخ طاهر محدث سنڌي: شيخ محمد طاهر پٽني جي همعصر معروف شخصيت الشيخ العالم الڪبير المحدث العلامة  مجد الدين طاهر بن يوسف الحنفي الپاتري السندي الهندي جي آهي. پاڻ 920هه ڌاري پاٽ سنڌ جي مشهور علمي گهراڻي ۾ تولد ٿيا. ڪحل الجواهر (اردو) قلمي ۾ سندن نسب متعلق هيئن لکيل آهي:

”شاهد عادل حضرت نعمان ثاني (مخدوم عبدالواحد سيوستاني) صاحب البياض قدس سره کتاب کشف الحق تصنيف کي هوئي حضرت مخدوم جعفر بن مخدوم ميران عبدالکريم بوبکاني کي حاشيه پر نسب اس حضرت شيخ طاهر قدس سره کا مندرج فرماتي هين، شيخ طاهر بن شيخ يوسف بن شيخ رکن الدين بن شيخ معروف بن شيخ شهاب الدين صديقي سهروردي قدس الله سره العزيز.“

هي شجرو مسيح الاولياءَ شيخ عيسيٰ جي عين المعاني ۽ ٻين خانداني شجرن سان مڪمل مطابقت رکندڙ آهي. سندن والد شيخ يوسف سنڌي نه صرف سنڌ بلڪه هندوستان جي علمي حلقن ۾ وڏي شهرت رکندڙ هئا. ويهه حج ڪرڻ کان سواءِ هندوستان جي مختلف شهرن ۾ سندن ارادت جو وسيع حلقو موجود هو. هن ”سيلاني عالم“ جي شهرت ۽ هندستان جي مختلف شهرن ۾ رابطا، سندس فرزند شيخ طاهر محدث لاءِ برار ايلچ پور (ايرج پور) ۽ برهانپور ۾ آڌرڀاءُ ۽ بعد ۾ مستقل سڪونت جو باعث بڻيا.

تذڪره گلزار ابرار ۾ حضرت شيخ يوسف سنڌيءَ کي ڪجهه رسمي علمن جي حاصل ڪرڻ دوران حضرت مخدوم نوح هالائيءَ جو همدرس ڏيکاريو ويو آهي. پاٽ ۽ سيوهڻ جي خانداني قلمي دستاويزن مان ان حقيقت جي تصديق ٿئي ٿي ته شيخ طاهر محدث سنڌيءَ جي والده ماجده بيبي ڪزبانو حضرت مخدوم نوح جي قريبي عزيزه هئي.

تذڪره مشاهير سنڌ ۾ لکيل آهي ته محدث طاهر بن يوسف سنڌي ڪجهه ظاهري علم پنهنجي والد وٽ حاصل ڪيا، جڏهن ته ڪجهه مخدوم ميان جي ۽ مخدوم جعفر کان پڙهيائون.

غوثيءَ گلزار ابرار ۾ ڄاڻايو آهي ته شيخ طاهر محدث، پنهنجن سَوٽن شيخ معروف ۽ شيخ عثمان، جيڪي سيت پور مظفر ڳڙهه ۾ وڃي رهيا هئا ۽ اتان جي ننڍن وڏن جا مرشد ۽ مُربي هئا، تن کان تصوف ۾ وحدت الوجود جون ڳالهيون سکيون ۽ ”مرصاد العباد“ جو درس ورتائون. مگر انهن کي صحيح طرح تڏهن سمجهيائون، جڏهن گجرات اچي غوث العالم گوالياريءَ جي خدمت ۾ رهيا.

شيخ طاهر جو سنڌ مان هِند  وڃڻ:

شيخ طاهر محدث جي مريد ٿيڻ جو واقعو ڪيترن ئي قلمي ۽ ڇاپي ڪتابن ۾ ٿوري گهڻي ڦيرگهير سان موجود آهي. پاڻ ڪنهن سفر دوران جڏهن احمدآباد ۾ لٿل هئا ته کين غوث العالم شيخ محمد غوث گوالياري قدس سره جي ان شهر ۾ موجودگيءَ جو اطلاع مليو. محدث صاحب ظاهري علمن ۾ وڏي مان مرتبي تي پهتل هئا. ڏينهن رات علمي مشغلن ۾ مڪمل ڌيان سبب روحاني رمزن وارو پهلو ڄڻ رهجيو رهجيو پئي ويو، تنهنڪري غوث گوالياريءَ سان ملڻ لاءِ فوراً روانا ٿيا. محفل ۾ غوث گوالياري جڏهن ڏانهن متوجهه ٿيا ته فرمايائون:

شيشہ ايشان خوب پاک است چه نيکو
بود اگر شراب درين انداخته شود

يعني: اوهان جو شيشو چڱيءَ طرح پاڪ آهي. ڪيترو نه سٺو ٿئي، جيڪڏهن انهيءَ ۾ شراب وڌو وڃي.

تقويٰ ۽ شريعت جي صاحب شيخ طاهر محدث جي دل تي اها ڳالهه ناگوار گذري ته بزرگ کي ماڻهن جي ڀري مجلس ۾ ”اُم الخبائث“ جو نالو نه وٺڻ کپندو هو. طبيعت ۾ محسوس ٿيندڙ ڳراڻ سبب مجلس مان واپس ايندي ئي سفر جي تياري شروع ڪيائون. ڪجهه رستو اڳتي هليا ته کين هڪ نَئن کي پار ڪرڻو پيو، جيڪا مينهن جي ڇَرَ جي غلبي سبب ڇولان ڇول وهي رهي هئي. ان نَئن جي ڪناري تان هڪ ڳوٺ ڏٺائون، جتي ترسي پيا، پر ڪجهه ڏينهن گذرڻ جي باوجود نَئن جو پاڻي نه گهٽيو. علائقي جي ماڻهن جو چوڻ هو ته اسان پنهنجي عمر ۾ مينهن جي اهڙي ٻوڏ ۽ نَئن ۾ اهڙو جوش نه ڏٺو آهي. پاڻ موسم سبب ايندڙ خطرن جي پيش نظر جلدي احمد آباد واپس اچي رهڻ جو فيصلو ڪيائون ته ڀلي مينهن جي پُڄاڻي ٿئي.

هڪ ڏينهن سندن دل ۾ خيال آيو ته الله تبارڪ وتعاليٰ جلشانہ قرآن ڪريم ۾ خمر جو نالو وٺڻ فرمايو آهي ۽ رسول پاڪ صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن به حديث شريف ۾ خمر جو ذڪر فرمايو آهي. پوءِ جيڏهن حضرت غوث العالم ماڻهن جي مجلس ۾ خمر جو نالو زبان تي آندو ته ڪهڙي خطا ٿي؟ اهو سوچي شيخ طاهر محدث هڪ دفعو وري غوث العالم جي مجلس ۾ ويا، جن کين ڏسندي ئي فرمايو ته: ”اوهان ته هليا ويا، پر اسان اوهان کي نه ڇڏيو.“ پوءِ ته پاڻ سندن صحبت ۾ ڪجهه عرصو رهي پيا ۽ روحاني مقامات ۽ عالي مراتب احسن طريقي سان طيءِ ڪرڻ فرمايائون. پاڻ نه رڳو خلافت جي منزل تي فائز ٿيا، پر هن عالم بي بدل کي چوڏهن خانوادن جي خلافت پڻ عطا ڪئي ويئي.

راشد برهانپوريءَ پنهنجي ڪتاب ”برهانپور ڪي سنڌي اولياءَ“ ۾ مٿئين واقعي کي بيان ڪندي انهيءَ ۾ اهو اضافو پڻ ڪري ٿو ته شيخ طاهر سنڌي جو اهو سفر اهل و عيال ۽ متعلقين سان گڏ هو. ان ڏس ۾ هو ڪشف الحقائق (قلمي) کي بنياد بڻائي ٿو، جنهن لاءِ پاڻ ئي راءِ قائم ڪري ٿو ته اهو نسخو خبر ناهي ته ڪڏهن جو ڪتابت ٿيل آهي.

سليمان بن شيخ سعد الله جو ڪتاب ”احوال مشائخ ڪبار“ تاليف (حدود 1050هه کان 1091هه) جيڪو مرڪز تحقيقات ايران و پاڪستان اسلام آباد مان شايع ٿيو، ان جي صفحي 56 تي لکيل آهي ته:

”ملا فرحي کہ بدو واسطه از مريدان فيض آستان..... شاهه وجيہ الدين است در رسالہ که مشتمل بر احوال مرشد حضرت شيخ عيسيٰ سندهي تاليف نموده....“

يعني ڪتاب ڪشف الحقائق جو مصنف اسماعيل فرحي، شيخ عيسيٰ سنڌيءَ جو ٻن واسطن سان مريد آهي.

ساڳئي ڪتاب جي آخر ۾ تعليقات اندر فرحيءَ جي پيدائش جو سن 1005هه ڏيکاريو ويو آهي. جڏهن ته راشد برهانپوري کيس شيخ عيسيٰ (المتوفي 1031هه) جي صحبت  ڪامل ۾ 20 سال رهڻ ۽ ان جي آگاهيءَ سان ان ڪتاب تحرير ڪرڻ جي دعويٰ ڪندي تڪميل جو سن 1061هه ڏيکاري ٿو.

متضاد بيان ذهن ۾ رکڻ سان گڏوگڏ مسيح الاولياءَ جي سجادگي ۽ توليت تي انهيءَ دَور ۾ تڪرار واري حقيقت کي پڻ نظر ۾ رکڻو پوي ٿو. پاڻ کي صحيح ۽ حقيقي وارث ثابت ڪرڻ جي جنون ۾ تحريف ۽ تخفيف جي عمل کي رد نه ٿو ڪري سگهجي. نتيجي طور ڪشف الحقائق جي موجود قلمي نسخن  ۾ بيان ڪيل حالتن پٽاندر گهربل نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ تحرير ڪيل احوال کي هڪ پاسي رکي محض نصيحت ۽ وعظ مان استفادو حاصل ڪري سگهجي ٿو.

شيخ طاهر محدث جي هڪ ٻئي همعصر سوانح نگار محمد غوثي شطاري مانڊوي جڳ مشهور ڪتاب ”گلزار ابرار“ ۾ سنڌ کان هِند ڏانهن سفر کي ”اتفاقي خيال“ سان ڳنڍيندي هن طرح بيان ڪري ٿو:

آپ کو اور آپ کي بڙي بهائي شيخ طيب کو باپ کي همراه سفر کا اتفاق پيش آيا. تينون اشخاص دانائي حقيقت آ گاه شناسائي فضيلت دست گاه شيخ شهاب الدين سندهي کي ملازمت (خدمت) مين ايک گاؤن کي اندر پهنچي جو شيخ سندهي کي نام زد تها. آپ ني شرح شمسيه پڙهني کي التماس . چونکه شيخ شهاب الدين ني منطق کا درس اپني مناسب حال نهين سمجها اس واسطي حجته الاسلام امام محمد غزالي کي منهاج العابدين پڙهني کي طرف اشاره فرمايا. کم و بيش دو هفته کي اندر کتاب مذکور کو ان تينون شخصون ني لکهه کر سبق شروع کرديا. اس کي بعد هجري سنه نو سو پچاس (950) مين آپ کو يهان سي خيال سفر هوا. چنانچه آپ گجرات کي طرف تشريف لي گئي. سهر بهروچ مين پهنچ کر غوث العالم شيخ محمد غوث قدس سره کي بابرکت صحبت سي بهت کچهه حصه ليا. پهر اس صوبه سي ملک دکن کي طرف روانه هوئي.“

واضح رهي ته راشد برهانپوريءَ ”برهانپور ڪي سنڌي اولياءَ“ جي صفحي 38 تي لکي ٿو ته: مولانا غوثي حسن پنهنجي تذڪره گلزار ابرار ۾ مسيح الاولياءَ جا حالات ڪشف تان ورتا آهن. جڏهن ته ڪشف الحقائق جي تڪميل جو سن 1061هه ٻڌائي ٿو ۽ گلزار ابرار 1022هه ۾ مڪمل ٿيو. انهيءَ کان علاوه ڪشف ۾ سفر جا ڪارڻ بيان ڪندي ٻڌايو ويو آهي ته:  شيخ طاهر محدث ۽ سندس ننڍي ڀاءُ شيخ قاسم مع متعلقين همايون جي آمد سبب پيدا ٿيندڙ خراب حالتن جي پيش نظر اڻ ڄاتل منزل طرف هندستان جو رخ رکيو. جڏهن ته همعصر غوثي، ڪشف جي برعڪس شيخ يوسف، شيخ طاهر محدث ۽ سندس ڀاءُ شيخ طيب جو علم عرفان جي جستجو ۾ شيخ شهاب الدين واصل جي ڳوٺ مان ”اتفاقاً“ گجرات وڃڻ جو خيال لکيو آهي. يقيناً اهو سندن اختيار ڪيل هندستان ڏانهن ڪيترين ئي مسافرين مان ڪنهن هڪ سفر  جو احوال آهي.

راشد برهانپوري جي چواڻي جيڪڏهن ”گلزار“ ۾ بيان ڪيل احوال ڪشف تان ورتل آهي ته پوءِ چئبو ته اهو ڪشف الحقائق اسان تائين پهچڻ بجاءِ تحريف ۽ تخفيف ٿيل نسخو پهتو آهي، جنهن کي بنياد بڻائي ”برهانپور ڪي سنڌي اولياء“ لکيو ويو. ڇو جو گلزار ۽ ڪشف جي راشد برهانپوريءَ واري نسخي ۾ هِند ڏانهن سفر متعلق واضح تضاد موجود آهي.

غوثي شيخ طاهر کي گجرات ڀروچ ۾ غوث عالم جي صحبت ۾ رهڻ کان پوءِ سندن سفر دکن طرف ڏيکاري ٿو، جتي هو مخدوم ”ميان جي“ جي ارادت جي حلقي ۾ داخل ٿيا. اتي ڪيترو عرصو رهيا ۽ انهيءَ وچ ۾ پاڻ ۽ سندس والد شيخ يوسف ۽ ڀاءُ شيخ طيب پنهنجي وطن پاٽ (سنڌ) ۾ ڪيترا دفعا آيا ويا، تنهن جي ذڪر ڪرڻ کان سواءِ هو کين ڪجهه عرصي کان پوءِ ايرج پور (ايلچ پور) ۾ قيام ڪندي ڏيکاري ٿو ۽ خلافت جو خرقو به انهيءَ شهر ۾ مرشد کان وٺندي ڏيکاري ٿو، پر اهو واضح نه ٿو ڪري ته ذڪر ڪيل ٻن مان ڪهڙي مرشد کان ورتائون. ان شهر ۾ پاڻ ڳچ عرصو رهيا، تان جو احمد نگر جي مرتضيٰ نظام الملڪ ايرج پور تي قبضو ڪيو ۽ ڪيترا ماڻهو برار ڇڏڻ تي مجبور ٿيا. انهن ڏينهن ۾ شيخ طاهر محدث خانديش جي واليءَ جي درخواست تي برهانپور ۾ اچي رهيا. 1004هه ۾ اتي ئي وفات ڪيائون، کين سندن عبادت جي حجري ۾ دفن ڪيو ويو. ڪجهه عرصي کان پوءِ عبدالرحيم خان خانان حجري جي جڳهه تي پختي ٻارهن دري ٺهرائي. اها ٻارنهن دري حضرت مسيح الاولياءَ شيخ عيسيٰ جندالله رح جي احاطي ۾ مرجع خلائق آهي. سندن وصيت هئي ته مٿن ڪوبه مقبرو يا گنبذ نه تعمير ڪيو وڃي. پاڻ ڪيتريون ئي تصنيفون ڇڏيائون، جن مان ”تفسير مجمع البحار“ مشهور آهي. هن تفسير متعلق غوثي لکي ٿو ته: لطائف قشيري جي طرز تي تحرير ٿيل آهي، جنهن ۾ طائفه صوفيه قدس سرهم جا نڪات ۽ اشارات تمام گهڻا موجود آهن. هن ناياب تفسير جا ڪجهه صفحا غوثيءَ ”گلزار ابرار“ ۾ ۽ مسيح الاولياء شيخ عيسيٰ (المتوفي 1031هه) پنهنجي ”تفسير انوار الاسرار“ ۾ نقل ڪيا آهن، جيڪي هت سنڌي ترجمي سان پيش ڪجن ٿا. جيئن ان جي اهميت ۽ معيار جو اندازو لڳائي سگهجي:

”گلزار ابرار“  ۾ ڏنل ڪجهه ورق:

في تفسير قولہ تعاليٰ: في قلوبهم مرض الَخ المرض حقيقة في ما يعرض للبدن فيخرجہ عن الاعتدال الخاص. ويوجب الخلل في افعالہ و مجاز في الاعراض النفسانية التي يخل بکمالها کالجهل وسؤ العقيدة والزيفة وحب المعاصي لانها مانعة عن نيل الفضائل و مودية اليٰ زوال الحيٰوة الحقيقة الابدية والاية تحتملها فان قلوبهم کانت متالمة تحزنا عليٰ مافات عنهم من الرياسة وحسداً عليٰ ما يرون من اثبات امر الرسول واستعلاءِ شانہ يوماً فيوماً فزاد الله عنهم بما زاد في اعلاءَ امره واسادة ذکره ونفوسهم کانت ماؤفة بالکفر وسوءُ الاعتقاد ومعاداة النبي صلي الله عليہ وسلم ونحوها. فزاد الله ذالک بالطبع او بازدياد التکاليف وتکرير الوحي وتضاعيف النصر.

ترجمو: الله جل شانہ جو قول آهي: في قلوبهم مرض الخ. ان جي تفسير ۾ لکن ٿا. مرض هڪ ته حقيقي هوندو آهي. ان اعتبار کان جو جڏهن اهو جسم کي عارض هوندو آهي ته ان کي ان جي خاص اعتدال کان ڪڍيو ڇڏي ۽ ان جي افعالن ۾ لازمي خلل وجهيو ڇڏي. ٻيو مرض مجازي هوندو آهي، يعني اهي اعراض نفساني جيڪي نفس کي عارض ٿي ان جي ڪماليت ۾ خلل انداز ٿيندا آهن. جيئن جهالت، بڇڙا ۽ کوٽا عقيدا ۽ گناهن ڏانهن رغبت- اهي سڀ مجازي مرض آهن. ڇو ته يا اهي شيون انسان کي فصيلت جي حدن تائين پهچڻ ۾ رڪاوٽ آهن يا اهي شيون انسان کي حقيقي ۽ ابدي حياتيءَ جي زائل ٿيڻ طرف ڇڪي وڃن ٿيون ۽ قرآني آيت مان اهائي مجازي معنيٰ مراد آهي. ڇو ته منافقن جي هٿن مان جيڪا رياست نڪري وئي هئي، ته ان جي غم ۾ هو مبتلا هئا. هيءُ گويا انهن جي قلب ۾ مرض هو ۽ ڏينهون ڏينهن جيڪو رسول الله صلي الله عليہ وَآلہ وسلم جو حڪم ثابت ۽ سندن شان ارفع ٿيندي ڏٺائون ٿي ته ان تي هنن حسد ڪيو ٿي ۽ ان سببان سندن قلب سخت الم ۾ مبتلا ٿيا ٿي. ڄڻ ته سندن مرض يا الم الله تعاليٰ جل شانہ وڌايو ٿي، ڇوته حڪم رسول الله صلي الله عليہ وسلم ۽ سندن فڪر جي شان ارفع ڪرڻ ۾ وڌيڪ حصو الله تعاليٰ جل شانہ ئي جو ته هو ۽ منافقن جو نفس اڳي ئي ڪفر، بڇڙي اعتقاد ۽ نبي ڪريم صلي الله عليہ وَآلہ وسلم جن جي عداوت وغيره سبب مائوف هو ته الله جل شانہ منافقن جو الم يا ته بالطبع وڌايو يا انڪري وڌايو ته الم جون تڪليفون وڌن. متواتر وحي موڪلي ۽ فتح تي فتح عطا فرمائي.

وفي الرحماني في قلوبهم مرض هو تفريطهم في القوة الحکميہ وافراطهم في الشهوية.

ترجمو: تفسير رحماني ۾ ڄاڻايل آهي ته في قلوبهم مرض يعني منافقن جي قلب ۾ قوت حڪيمہ جي ڪمي ۽ قوت شهوانيہ جي گهڻائي آهي.

في الاحياءَ اعلم ان جندي الغضب والشهوة قد ينقاد ان للقلب انقيادا تاما فيعيناه عليٰ طريقہ الذي ليسلکه وقد يستعصيان عليہ  استعصاء بغي و تمرد حتي يملکاه ويستعبداه وفيه هلاکہ وانقطاعہ عن سفره الذي بہ وصولہ الي سعادة الابدو للقلب جند اَخرو هو العلم والحکمة والتفکر وحقہ ان يستعين بهذا الجند فانہ حزب الله تعاليٰ علي الجندين الاخرين فانهما قد يلحقان بحزب الشيطان فان من ترک الاستعانة وتسلط علي نفسہ جندي الغضب والشهوة هلک. هلاکاً يقيناً وخسر خسراناً مبيناً وذالک حال اکثر الخلق فان عقولهم صارت مسخرة لشهواتهم في استنباط الحيل لقضاء الشهوة وکان ينبغي ان يکون الشهوة مسخرة لعقولهم.

ترجمو: احياءَ ۾ لکيل آهي: واضح هجي ته غضب ۽ شهوت جا ٻه لشڪر ڪڏهن ته قلب جا ڪامل اطاعت سان مطيع هوندا آهن ۽ قلب کي ان طريقي تي هلڻ ۾ مددگار هوندا آهن، جنهن طريقي تي قلب هلندو آهي ۽ ڪڏهن بغاوت ۽ سرڪشي ڪندي قلب جي نافرماني ڪندا آهن. تان جو قلب جا مالڪ بڻجيو وڃن ٿا ۽ ان صورت ۾ ته بس قلب جي هلاڪت ئي آهي ۽ جنهن سفر جي ذريعي قلب ابدي سعادت کي پهچي سگهي ٿو، ان سفر کان غضب ۽ شهوت جي پيروي ڪرڻ سبب رڪجيو وڃي ۽ قلب جو هڪ ٻيو به لشڪر هوندو آهي، جيڪو علم، حڪمت ۽ فڪر تي مشتمل هوندو آهي. قلب کي اهو حق حاصل هوندو آهي ته انهن کان مدد طلب ڪري، ڇوته اهو لشڪر صدر الذڪر ٻنهي لشڪرن جي مقابلي ۾ خدائي گروهه آهي. هو ٻئي لشڪر شيطاني گروهه سان مليو وڃن. پوءِ جنهن شخص ان لشڪر کان مدد طلب نه ڪئي ۽ هن جي نفس تي غضب ۽ شهوت جا ٻئي لشڪر مسلط ٿي ويا، اهو شخص پَڪ هلاڪ ٿي ويو ۽ ان صريح نقصان کنيو ۽ اڪثر مخلوقات جو خيال اهڙو ئي ڏٺو ويو آهي. يعني شهوت پوري ڪرڻ لاءِ حيلا ۽ بهانا سوچي سوچي ڪڍندا آهن ۽ اڪثر مخلوقات جا عقل انهن جي شهوت جا تابع ٿي رهيا آهن. حالانڪه هجڻ ته اهو کپي ته شهوت انهن جي عقلن جي تابع هجي.

اما بيان علامات مرض القلب فکما ان کل عضو من اعضاءَ البدن خلق لفعل خاص بہ ومرضہ ان يتعذر عليہ فعلہ الذي خلق لاجلہ کذلک مرض القلب ان يتعذر عليہ فعلہ  الذي خلق لاجلہ وهو العلم والحکمة والمعرفة وحب الله تعاليٰ وعبادتہ والتلذذ وايثار ذالک علي شهوة سوء وخاصية النفس التي للادمي ما يتميز بہ عن البهائم ولم يتميز بها بقوة الا کل و الوقاع بل بمعرفة الاشياء علي ما هي عليہ واصل الاشياء و موجدها ومخترعها الذي جعلها شيئا هو الله تعاليٰ فلو عرف کل شيءِ ولم يعرف الله تعاليٰ فکانہ لم يعرف شيئا فان الناس کلهم قد هجروا هذه العلوم واندرست في هٰذه الاعصار واشتغلوا بتوسيط الخلق في الخصومات الثائرة من اتباع الشهوات وقالوا هو الفقہ واخرجوا هذا العلم الذي هو فقہ الدين من جملة العلوم وتجردو افقہ الدنيا الذي ما قصد بہ الارفع الشواغل ليتفرغ فقہ الدين فکان فقہ الدنيا من فقہ الدين بواسطة هذا الفقہ.

ترجمو: قلب جي مرض جي علامتن جو بيان هن طرح آهي. جيئن جسماني عضون مان هرهڪ عضوي کي پنهنجي خاص فعل جي واسطي پيدا ڪيو ويو آهي، هر عضوي جو مرض اهو آهي ته جنهن فعل لاءِ ان کي پيدا ڪيو ويو آهي، ان فعل جو عضو مذڪور کان صدور متعذر ٿي وڃي. اهڙي طرح قلب جو مرض اهو آهي ته جنهن فعل جي واسطي قلب پيدا ڪيو ويو آهي، ان فعل جو قلب کان صدور متعذر ٿي وڃي ۽ قلب جا فعل هي آهن: علم، حڪمت، معرفت، الله تعاليٰ جل شانہ جي محبت، ان جي عبادت ۽ ان مان لذت حاصل ڪرڻ ۽ ڪامل اقتضا جي موافق انهن شين کان ڪم وٺڻ ۽ نفس انساني جي خاصيت اهڙو امر هجڻ گهرجي، جو جنهن جي سبب ماڻهو حيوان آهي بلڪل الڳ نظر اچڻ لڳي. جيتوڻيڪ انسان حيوانن کان پاڻ کي کائڻ ۽ جماع ڪرڻ جي قوتن سبب ته الڳ نه ٿو ڪري سگهي. بلڪه شين کي ان جي اصل ماهيت جي موافق سڃاڻڻ ئي منجهن تميز جو سبب آهي. اصل سمورين شين جو يعني ان جو موجد ۽ مخترع جنهن شين کي شيون ڪري ٺاهيو اهو الله تعاليٰ جل شانہ آهي. انڪري جيڪڏهن انسان سڀني شين کي سڃاتو ۽ الله تعاليٰ کي نه سڃاتو ته گويا هن ڪجهه به نه ڄاتو. سڀني انهن علمن کي ڇڏي ڏنو آهي. هن دور ۾ اهي علم پراڻا ٿي ويا آهن ۽ جيڪي خصومات (انتسار) اتباع شهوات سان پيدا ٿينديون آهن، انهن بابت مخلوق کي واسطي ٺاهڻ ۾ ماڻهو مصروف ٿي ويا آهن. چون ٿا ته فقہ اهائي آهي ۽ اهو علم جيڪو خاص فقہ دين آهي. سڀني علمن مان ان کي خارج ڪيو ويو آهي. دنياوي فقہ مان مقصد اهو هو ته ان ذريعي سان ٻيا مانعات کڻي ڇڏجن ته جيئن فقہ دين لاءِ فراغت حاصل  ٿئي. مگر هاڻي مجرد انهيءَ دنياوي فقہ جي طرف رخ ڪري ويٺا آهن. گويا دنياوي فقہ ئي دراصل ديني فقہ آهي. هن فقہ جي ذريعي ڪجهه ڪتابن ۾ ڄاڻايل آهي ته

وفي بعض الکتب اعلم ان القلب في الحقيقة بمنزلة القالب في الشريعة ولا معول الا علي القلب لانہ موضع نظر الله تعاليٰ کما قال عليہ السلام ان الله لا ينظر الي صورکم الخ. فللقلب علل وامراض مثل امراض الاشخاص فان القلب انسان حقيقي ولہ من الاعضاءَ حقائق فللقلب راس يحيي بہ کما يحيي البدن براسہ فاذا جزرائس البدن لا يحيي فکذلک القلب وراس القلب ادراکہ لطائف الغيب وهذا الادراک ينقسم مثل انقسام حواس الراس واقسامہ البصيرة والتذکر والمراقبة  والتميز والتفکر فالبصيرة عين القلب والتذکر لسان القلب والمراقبة سمع القلب والتفکر خيال القلب والتميز تجاربہ وفعلہ فاذا اراد الله تعاليٰ بعبد خيرا فتح عيني قلبہ وشرح لسانہ واسمع اذنہ واذا اراد الله تعاليٰ بعبد شرا ختم علي سمعہ وبصره ومنعہ عن ادراکاتہ وذالک المنع مرض روحاني يکون صداع القلب منہ ومهما زاد المنع تولدت الغفلہ والغفلة للقلب بمنزلة الصرع وغلبة الظنون الفاسده مثل لماليخوليا للراس فان الراس اذا يبتلي بہ يتخبط اعمالہ والقلب اذا انفعل بالظنون الفاسدة تظهر فيہ تخبطات کثيره ويصير کالمجنون المتحير الممنوع من معرفة الله تعاليٰ وحسن الظن بہ وامتلاءَ القلب لفضول الطمع والطمع بہ يورث الاستسقاءَ في القلب حتي انہ لا يروي من المال والجاه والدخان الغفلة يورث عمي البصيرة فان البصيرة تظلم ويقل نورها بدخان الهوي کما يظلم البصر بخار الهوي في عالم الدنيا.

ترجمو: واضح هجي ته قلب حقيقت ۾ از  روئي شريعت بمنزلہ قالب آهي ۽ قلب کان سواءِ ڪنهن ٻي شيءِ تي اعتماد نه ڪيو ويو، ڇوته الله تعاليٰ جي نظر جو مقام قلب ئي آهي. جيئن آنحضرت صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن فرمايو ته: الله تعاليٰ توهان جي صورتن طرف نه ٿو ڏسي. الخ! جهڙيءَ طرح انسانن کي مرض لاحق ٿين ٿا، اهڙيءَ طرح قلب کي به علتون ۽ مرض لڳن ٿا، ڇو ته قلب ئي في نفسہ حقيقي انسان آهي ۽ ان جا عضوا به حقيقي آهن. قلب جو هڪ سر آهي، جنهن سبب هو زنده رهي ٿو. جهڙيءَ طرح بدن پنهنجي سر جي ڪري زنده رهي ٿو، اگر بدن جو سر ڪٽي ڇڏجي ته جهڙيءَ طرح بدن زنده نه ٿو رهي سگهي، اهڙيءَ طرح قلب به جيئرو نه ٿو رهي سگهي ۽ قلب جو سر غيبي لطائف جو ادراڪ ڪرڻ آهي. جهڙيءَ طرح سر جي حواسن کي ورهائجي ٿو، ساڳيءَ طرح هن ادراڪ کي به ورهائي سگهجي ٿو. ادراڪ جا قسم هي آهن: بصيرت، تذڪر، مراقبو، تميز ۽ تفڪر. بصيرت قلب جي اک آهي. تذڪر قلب جي زبان آهي. مراقبو قلب جا ڪن آهن. تفڪر قلب جو خيال آهي ۽ تميز قلب جا تجربا ۽ فعل آهن. جڏهن الله تعاليٰ جل شانہ ڪنهن ٻانهي کي خير پهچائڻ گهرندو آهي ته ان جي دل جون ٻئي اکيون کولي ڇڏيندو آهي. زبان کي روان ڪري ڇڏيندو آهي ۽ ڪن کي قوت سماعت ڏئي ڇڏيندو آهي ۽ جڏهن رب سائين ڪنهن ٻانهي کي شر ڏيڻ گهرندو آهي ته ان جي ڪنن ۽ اکين تي مهر هڻيو ڇڏي ۽ ان بندي کي ادراڪ کان باز رکندو آهي ۽ اها رنڊڪ روحاني مرض آهي، جنهن سان قلب کي مٿي جو سور عارض ٿيندو آهي ۽ رنڊڪ جيترو وڌيڪ ٿيندي ويندي، غفلت به اوتري وڌيو وڃي ۽ قلب جي غفلت مِرگهي جي آهي ۽ فاسد تخيلات جو غلبو سر جي واسطي ماليخوليا جي مثل آهي. جڏهن اهو ماليخوليا ۾ مبتلا ٿيندو آهي ته ان جا عمل متخبط ٿي ويندا آهن ۽ جڏهن قلب تخيلات فاسده سان منفعل هوندو آهي ته ان ۾ ڪيتريون ئي خبط ڳالهيون پيدا ٿي وينديون آهن ۽ هو اهڙي مجنون جهڙو ٿي وڃي ٿو، ته جيئن ڪو متحير هجي ۽ الله تعاليٰ جل شانہ جي معرفت کان باز رکيو ويو هجي ۽ نيز الله تعاليٰ سان حسن ظن نه رکندڙ هجي ۽ طمع جي فضول سان قلب جو ٽمٽار ٿيڻ ۽ نيز کيس طمع لاحق ٿيڻ. قلب ۾ اُلي پيدا ڪندو آهي. ايستائين جو مال ۽ جاه مان سندس من نه ٿو ڀرجي ۽ غفلت هڪ دونهون آهي، جيڪو بصيرت جي نابينائي پيدا ڪندو آهي. بصيرت ۾ تاريڪي اچيو وڃي ۽ ان جو نور نفساني خواهشن جي دونهين سان ڌنڌلو ٿيو وڃي. جهڙيءَ طرح اکين جي نظر بيروني بخارن سان دنيا ۾ تاريڪ ٿيو وڃي.

شيخ طاهر محدث سنڌيءَ جي ڀائٽي مسيح الاولياء شيخ عيسيٰ جندالله پڻ هڪ معرڪة الارا تفسير ”انوار الاسرار“ جي نالي سان لکيو. اداره پاٽ هائوس (حيدرآباد) 1998ع ۾ سورة الطور کان سورة الحديد تائين ڪل ڇهه سورتون ۽ ارڙهن رڪوع ڇپرايا، جنهن ۾ شيخ عيسيٰ پڻ جابجا تفسير ”مجمع البحار“ جا حوالا ڏنا آهن. انهن جا اقتباس هتي پيش ڪرڻ سان هڪ ته ان ڳالهه جي تصديق ٿئي ٿي ته تفسير ”مجمع البحار“ شيخ طاهر ابن يوسف محدث سنڌيءَ جن جو ئي تحرير ٿيل آهي، جيڪي حضرت مسيح الاولياء رح جن جا چاچا پڻ ٿين. ٻيو ته همعصر عالمن آڏو تفسير ”مجمع البحار“ جي اهميت به ثابت ٿئي ٿي.

تفسير انوارالاسرار مان ڪجهه اقتباسَ:

صفحو 53:

(1)     وفي مجمع البحار عن بحر الحقائق الکلام يشير الي ان طبيعة الانسان متنفرة عن حقيقة الدين مجبولة علي حب الدنيا وشهواتها والجوهر الروحاني الذي جعل علي فطرة الاسلام في الانسان مودع بالقوة کالجوهر في الجسد....

        ترجمو: ”تفسير مجمع البحار ۾ تفسير بحر الحقائق جي روايت نقل ڪئي وئي آهي ته ڪلام هن ڳالهه ڏانهن اشارو ٿو ڪري ته بيشڪ انسان جي طبيعت دين جي حقيقت کان نفرت ڪندڙ آهي جا دنيا ۽ ان جي خواهشات جي محبت تي خلقيل آهي ۽ روحاني جوهر اُهي آهن، جيڪي اسلام جي فطرت تي انسان ۾ پيدا ڪيا ويا آهن.....“

صفحو 112:

(2)    وفي مجمع البحار للشيخ المختار طاهر الاطهار عن التفسير المعيني فلما بلغ فوق السموات في مکان مرتفع وصحبہ جبرئيل حتي جاوز سدرة المنتهيٰ فقال لہ جبرئيل اني لم اجاوز.

        ترجمو: ”تفسير مجمع البحار طاهر الاطهار شيخ طاهر محدث جو لکيل آهي، تنهن تفسير مغينيءَ کان روايت ڪئي آهي ته: ”جڏهن رسول الله صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن آسمانن جي مٿان بلند مڪان تي پهتا ۽ سندن رفاقت ۾ حضرت جبرئيل عليہ السلام پڻ هو- ايتري تائين جو سدرة المنتهيٰ کان لنگهيا، پوءِ حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي خدمت ۾ عرض ڪيائون ته آءٌ هن جاءِ کان اڳتي نه هلندس....“

صفحو 217:

(3)    وفي مجمع البحار للعم المختار عن العرش اذا جاهدوا النفس وقهروها بتائيد الله او صلي الله عليہ وسلم اليٰ مقام مشاهداتہ وهي جنة العارفين فاذا بلغوا الي درجات المعرفة لم يحتاجوا الي نهي النفس....

        ترجمو: ”۽ چاچا سائين جي  تفسير مجمع البحار ۾ ڄاڻايل آهي ته: جڏهن الله تعاليٰ جل شانہ جا ٻانها الله رب العزت ۽ سندس رسول مقبول صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي تائيد ۾ مقامات مشاهدات تائين نفس سان جهاد ڪندا آهن ۽ مٿس ڏاڍ ڪندا آهن ته اهو عارفن جو بهشت آهي، پوءِ جڏهن معرفت جي درجن کي پهچندا آهن ته نفس کي خواهشات کان روڪڻ لاءِ محتاج نه ٿيندا آهن....“

صفحو 286:

(4)    وفي مجمع البحار للعم المختار اکثر المفسرين عليٰ انہ اشارة اليٰ انة تعاليٰ يصون من عذاب الدنيا کل من شکر نعمة الله بالطاعة والايمان....

        ترجمو: ”چاچي محترم حضرت شيخ طاهر محدث جي تفسير مجمع البحار ۾ مذڪور آهي ته اڪثر مفسرين جو هي خيال آهي ته الله تعاليٰ جل شانہ هر ان ماڻهوءَ کي جنهن سندس نعمت جو شڪر فرمانبرداري ۽ ايمان سان ادا ڪيو، تنهن کي دنيا جي عذاب کان بچائي ٿو.....“

صفحو 295:

(5)     وفي مجمع البحار عن عائشة رضي الله عنها ان النبي صلي الله عليہ وسلم قال مجوسي هذه الامة القدرية....

        ترجمو: ۽ تفسير مجمع البحار ۾ حضرت بيبي عائشہ رضي الله  عنها کان روايت نقل ڪئي ويئي آهي ته: حضور انور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن فرمايو ته: قدرية هن امت جا مجوسي آهن.

صفحو 298:

(6)    وفي مجمع البحار عن اللطائف في الحديث لکل امة مجوس ومجوس امتي القدرية الذين يقولون لا قدر....“

        ترجمو: ۽ تفسير مجمع البحار ۾ ڪتاب لطائف مان نقل ڪندي لکي ٿو ته حديث ۾ آهي ته (حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن فرمايو ته) هرهڪ امت ۾ مجوسي هوندا آهن ۽ منهنجي امت جا مجوسي قدريہ آهن، جيڪي چون ٿا تقدير ڪانه آهي....

صفحو 351

(7)    وفي مجمع البحار للعم المختار الشيخ طاهر الاطهار سئل رسول الله صلي الله عليہ وسلم عن ذالک الشان فقال من شانہ ان يغفر ذنبا ويفرج کربا ويرفع قوما ويضع آخرين.

        ترجمو: ”چاچي سائين شيخ طاهر جن مجمع البحار ۾ فرمايو آهي ته: رسول الله صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن کان سوال ڪيو ويو ته اهو شان ڇا آهي؟ (قرآن جي آيت کل يوم هو في شان)  پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن فرمايو ته: الله تعاليٰ جل جلالہ جي شان مان هيءَ ڳالهه آهي ته گناهن کي بخشڻ، ڏک ڏور ڪرڻ، ماڻهن کي ترقي ۽ تنزل تي آڻڻ يعني هڪ قوم کي بلند ڪرڻ ۽ ٻيءَ قوم کي پست ڪرڻ......“

صفحو 378 (8):

        وفي مجمع البحار للعم المختار عن جامع البيان لا ينظرون الي الغير.

ترجمو: چاچي سائينءَ جي تفسير مجمع البحار ۾ جامع البيان کان روايت آندل آهي ته: هو (جنتي زالون) پنهنجي مڙسن سان پيار ۽ محبت ڪرڻ ڪري غير مردن ڏانهن نه ڏسنديون.

صفحو 389

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com