سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2006(1)

 

صفحو :2

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

 

شاهه عبداللطيف رح جي سوانح بابت وڌيڪ تحقيق ۽ معلومات

 

سن 1966ع کان  وٺي راقم طرفان شاهه صاحب جي سوانح ۽ شاهه صاحب جي رسالي تي تحقيق جو سلسلو جاري رهيو آهي. پهريان ڏهه سال بنيادي مواد ڳولڻ ۽ جمع ڪرڻ ۾ لڳا ۽ 1976ع تائين سوانح ۽ رسالي بابت ارڙهن ڪتاب شايع ڪيا ويا. ان بعد جيڪي معلومات جداجدا ماخذن مان ملي سگهيا تن کي تنقيد جي ڪسوٽي تي پرکي، شاهه صاحب جي وڌيڪ پڪي پختي سوانح حيات مرتب ڪرڻ لاءِ ڪم آندو ويو، جيڪا شاهه جي رسالي جي معياري متن جلد پهرئين جي مقدمي ۾ شامل آهي، جيڪو سن 1989ع ۾ شايع ٿيو. ان اشاعت بعد به رسالي توڙي سوانح بابت تحقيق ۽ تلاش جو سلسلو جاري رهيو آهي، ۽ شاهه صاحب جي سوانح جي سلسلي ۾ جيڪي معلومات مليا آهن، تن ۾ سڀ کان وڌيڪ اهم اُهي آهن، جيڪي شاهه عبدالڪريم جي روضي ٺهرائڻ سان تعلق رکن ٿا.

شاهه جي پهرئين وڏي سوانح نگار مير عبدالحسين خان سانگي ”لطائف لطيفي“ ۾ لکيو آهي ته ”جڏهن شاهه عبداللطيف پنهنجي ڏاڏي شاهه عبدالڪريم جي ماڳ مرقد بلڙي ۾ اچڻ وڃڻ لڳو، تڏهن کيس خيال آيو ته پاڻ مزار جي مٿان هڪ شاهي گنبذ سان روضو ٺهرائي. روضي ٺهرائڻ لاءِ هو ڪاشيءَ جي سرن خريد ڪرڻ لاءِ ملتان ويو. هڪ بيان موجب گنبذ ۽ ٻي عمارت ٺهرائڻ کان پهريائين شاهه صاحب ڪاشيءَ جي سرن وٺڻ لاءِ ملتان ويو ۽ عمارت پوءِ ٺهرايائين. ٻئي بيان موجب اول روضو ۽ عمارت ٺهرائي پوءِ ڪاشيءَ جي سرن لاءِ ملتان ويو ۽ اُتان پيڙيءَ مان سرون کڻائي آيو، ۽ روضو ۽ ان سان گڏ عاليشان مسجد ٺهرايائين. هڪ جدا سر، جنهن تي ”لطيف“ لکيل هو، سا سندس رضا موجب، روضي واري سامهين ديوار ۾ دروازي کان اتر طرف لڳايائون. اهڙيءَ طرح سڄو ڪم پورو ڪري شاهه صاحب روانو ٿيو. ان وقت سيد عبدالواسع شاهه بلڙيءَ ۾ گادي نشين هو، جنهن چيو ته شاهه عبداللطيف پنهنجي نالي واري سر روضي تي هڻائي آهي ته جيئن آئنده حجت سان هن درگاهه جو مالڪ ٿئي، سو اها سر پٽائي ڇڏيائين. اڳتي هلي سانگي لکي ٿو ته: ”لطيف جي نالي واري سر جيڪا پٽي وئي هئي، ان جي جاءِ تي صاحبڏني شاهه، جيڪو ڇهن سالن کان وٺي بلڙيءَ جي درگاهه جو سجاده نشين آهي، تنهن ٻي ”زرد رنگ“ جي سر هڻائي آهي، جيڪا روضي جي ديوار تي پري کان پڌري آهي. (لطائف لطيفي، فارسي، ص 30- 34)

مٿين بيانن جي آڌار تي، راقم بلڙي وڃي روضي وارين ڀتين کي جانچڻ شروع ڪيو ته جيئن اها پيلي سر نظر اچي، جنهن جي جاءِ تي اصل ۾ ’لطيف‘ جي نالي واري سر لڳل هئي، پر اهڙي ڪابه سر نظر نه آئي. 1978ع ۾ جڏهن درگاهه جي مجاور حاجي صوف ميمڻ مرحوم سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي ته هن ڪريمي روضي جي دروازي واري ديوار جي سڄي (اترئين) پاسي مٿي اشارو ڪري چيو ته اسان جا وڏا چوندا ته هئا ته اها سر اُتي مٿي لڳل هئي، پر هاڻي موجود ڪانهي. ان موقعي تي حاجي صوف نيري ڪاشيءَ جي ٻي هڪ سر ڏيکاري (فوٽو نمبر1)، جنهن تي هيٺين فارسي مصرع نقش ٿيل هئي ۽ پڻ 1156.

”هست درگاه کريم و جلوه گاه حق ابد      1156“

هن مصرع جو ابجد جي حساب سان عدد 1156 آهي، جيڪو هيٺان ڏيکاريل آهي. اهو درگاهه جي تعمير جي مڪمل ٿيڻ جو تاريخي ماده آهي. يعني ته شاهه صاحب سن 1156هه ۾ درگاهه ٺهرائي پوري ڪئي. اهو سن سال ٻئي ڪنهن به ڪتاب ۾ ڏنل ڪونه آهي ۽ هن سِرَ ذريعي ان جو معلوم ٿيڻ شاهه جي سوانح جي سلسلي ۾ هڪ نئين ڳالهه هئي. ان سر جو فوٽو سن 1989ع ۾ شايع ڪيل شاهه جي رسالي جي جامع ۽ مستند متن جي پهرئين جلد ۾ شايع ڪيو ويو آهي.

سنه 1989ع تائين ايتري قدر معلومات حاصل ٿي. ان وقت تائين مون ائين پئي سمجهيو ته اها تاريخ واري سر شايد درگاهه جي صحن واري دروازي تي لڳل هئي، جنهن جي ڊهڻ کان پوءِ سنڀالي رکي وئي. پر سوال هو ته جيڪڏهن شاهه صاحب پاڻ اها ”تاريخي ماده“ واري سر ٺهرائي هئي ته پوءِ اها روضي واري ديوار تي ئي لڳل هجي ها. انهيءَ ڪري وري بلڙي وڃڻ ۽ وڌيڪ پڇا ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو. سڀ کان پهريائين روضي واري ديوار جي دروازي جي مٿان ۽ ان کان به اڃان مٿي ديوار جي وچ تي جيڪي عبارتون لکيل هيون ۽ جن کي اڳ سرسري طور ڏٺو هئم، تن کي وڌيڪ غور سان پڙهيم ته اُتي ٻه ڪتبا هيٺئين طرح نظر آيا:

(1) هڪ تي روضي جي دروازي جي مٿان لاڳيتو عبارت ۾ ڄاڻايل آهي ته نئون (چانديءَ وارو) دروازو سجاده نشين پير صاحبڏني شاهه سنه 1327 (1909ع) ۾ هڻايو. تاريخي قطعي ۾ اهو سال هن طرح ڏيکاريل آهي.

سال تاريخ اين درِ دلخواه

گفته شد ”باب روضہ شاهه“

1327

(2) ٻيو دروازي کان مٿي وچ ديوار تي، ڪاشيءَ جي ٻارهن سرن تي، ٻارهن سٽن ۾ فارسي ڪتبو آهي (ذڪر هيٺ ايندو) جنهن جي هيٺيان سنڌي نثر ۾ عبارت جنهن ۾ ڄاڻايل ته هيءُ ڪاشيءَ جو ڪم سجاده نشين پير غلام حيدر شاهه ڪرايو، ۽ خليفي غلام قاسم جي نگرانيءَ ۾ لونگ فقير جي جماعت جي هٿان اهو ڪم ”10 ذوالقعد 1355“ هجري ۾ پورو ٿيو.

پهرئين ڪتبي مان معلوم ٿيو ته مير عبدالحسين خان سانگي جنهن ”زرد رنگ“ جي سر جو ذڪر ڪيو آهي، سا پير صاحبڏني شاهه دروازي واري ڪم ڪرائڻ وقت سن 1327هه ۾ هڻائي هوندي. ٻئي ڪتبي جي هيٺان لکيل عبارت مان معلوم ٿيو ته اٺاويهه سال کن پوءِ سن 1355هه ۾ پير غلام حيدر شاهه جڏهن سڄي ديوار تي ڪاشيءَ جو نئون ڪم ڪرايو، تڏهن نه فقط اها زرد رنگ واري سر نڪري وئي، پر شاهه عبداللطيف جي هڻايل اصل فارسيءَ واري ڪتبي جون سرون به پٽجي ويون.

مٿي وچ ديوار تي لڳل موجوده فارسي ڪتبي کي غور سان پڙهيو ويو ته معلوم ٿيو ته اهو بي احتياطيءَ سان ٺهرايو ۽ لڳايو ويو. حقيقت ۾ اصل ڪتبو ٻن ڀاڱن ۾ هو: پهريون اٺ سٽون مولانا رومي جي مثنويءَ جون ۽ باقي چار سٽون جدا طور تعميري ڪم جي پوري ٿيڻ جي ”تاريخي قطعي“ جون. انهن کي سهڻي سٽاء سان هڻائڻ بدران، ٻارهن ئي ڪاشيءَ جون سرون جن تي اهي ٻارهن سٽون لکيل آهن، سي هڪٻئي پويان هڻايون ويون آهن. آخري سر تي اها ساڳي عبارت آهي، جيڪا حاجي صوف وٽ رکيل سر تي آهي، پر ان آخري سر تي تاريخي ماده وارو عدد ”1156“ لکيل ناهي (جيئن حاجي صوف واري سر تي آهي)، ان کان سواءِ، پهرين اٺن سرن تي لکيل مثنويءَ جي بيتن ۾ به ڪي غلطيون آهن.

اهو مونجهارو پيش نظر هو جو بلڙيءَ مان استاد محمدابراهيم سنڌيءَ کان خط پهتو ته: ”اوهان وري هت اچو جو تاريخ واري سر، جنهن جو فوٽو اوهان شاهه جي رسالي ۾ ڏنو آهي، انهيءَ جهڙي ٻي سر اسان هٿ ڪئي آهي.“ هيءَ هڪ خاص خبر هئي، انهيءَ ڪري 21 جولاءِ 1993ع تي بلڙي پهتس، جتي حاجي صوف کان ڀٽائي صاحب جي بلڙي ۾ اچي درگاهه ٺهرائڻ واري ڳالهه وري پڇيم. چيائين ته شاهه لطيف جڏهن درگاهه ٺهرائي تڏهن هت اچي رهيو هو ۽ اها سندس رهڻ ٽڪڻ واري جاء ”لطيف جو تڪيو“ سڏجي ٿي، جنهن تي گنبذ آهي ۽ اڃا تائين سلامت آهي. شاهه جي سوانح جي سلسلي ۾ اها هڪ نئين خبر هئي: گڏجي وڃي تڪيو ڏٺوسون، جيڪو درگاهه ڪريمي کان ٿورڙي وٿي تي اتر- اوڀر طرف آهي. ان بعد استاد محمد ابراهيم سنڌي وٽ سانڍيل سر ڏٺي سون (فوٽو نمبر2) ان کي ڏسڻ ۽ ان تي لکيل فارسي مصرع پڙهڻ سان تصديق ٿي ته اها حاجي صوف وٽ رکيل سر جو جوڙ آهي. جڏهن ٻئي سرون گڏي رکيون سين ته بالڪل ساڳي ڪاشي، ساڳي صورت، ساڳئي نيري رنگ ۽ ساڳي ڪتابت واريون معلوم ٿيون. ماپ به ٻنهي جي بلڪل ساڳي معلوم ٿي: يعني ساڍا سورهن انچ ڊيگهه، ڏهه انچ ويڪر، ۽ ڊيگهه جي ٻنهي پاسي وچ تي اڌ گول (پنج انچ ويڪرو ۽ اڍائي انچ وچ وارو عمودي فاصلو). انهن اهڃاڻن مان پوري تصديق ٿي ته ٻئي سرون ساڳئي ڪاشيگر جون جوڙيل آهن، ۽ اهي تاريخي ماده واريون سرون آهن. انهن ٻن سرن جي هڪجهڙائيءَ مان معلوم ٿيو ته تاريخي قطعي جي هيٺين چئن سٽن واريون چارئي سرون ساڳئي قسم جون هيون:

1. در شب معراج همت باز از صاحب زمان
2. کرد تعمير اين مُطهر روضہ را از بهرجد
3. پرتو نورِ تجلي زائر آنجا ديد و گفتَ
4. هست درگاهه کريم و جلوه گاه حق اَبد

هاڻي سوال هو ته انهن چئن سرن کان سواءِ باقي اٺ سرون، جن تي مثنويءَ جي بيتن جون سٽون هيون، سي به ساڳئي رنگ ۽ نموني جون هيون يا نه؟ اهڙي تصديق تڏهن ٿي سگهي ٿي، جڏهن مثنويءَ جي بيتن واري ڪا سر هٿ اچي. انهيءَ ڪري حاجي صوف ۽ استاد محمد ابراهيم کي تاڪيد ڪيم ته ڳولا جاري رکن، ڇو ته جيڪڏهن اهو سڄو ڪتبو اصل ۾ شاهه صاحب هڻايو هو ته مثنويءَ جي بيتن واريون سرون به ساڳي نيري ڪاشيءَ جون هونديون. تاريخ 3- فيبروري 1994ع تي استاد محمد ابراهيم کان خط پهتو، ته حاجي صوف هڪ سر جو ٽڪرو ڳولي هٿ ڪيو آهي. (فوٽو نمبر3) هن اهو ٽڪر مون کي 7 فيبروريءَ تي حيدرآباد ۾ پهچايو، جنهن کي ڏسي تصديق ٿي ته هيءَ ساڳي اهڙي سِر جو ٽُڪر آهي، جهڙيون پهريون ٻه سِرون: يعني ڪاشيءَ ۾ هيٺان تَر نِيرو ۽ اکر سفيد. هن ٽُڪر تي ”اطفال ا“ صاف لکيل نظر آيو، جنهن مان وڌيڪ تصديق ٿي ته اهو ٽڪر مثنوي بيتن وارين سِرن مان هڪ جو آهي. اٺ سِرون جيڪي موجوده ڪتبي ۾ لڳل آهن، ۽ جن تي مثنويءَ جون هيٺيون سٽون لکيل آهن، تن مان هيءُ ٽڪر اصلي ڪتبي واري پنجين يا ستين سِر جو آهي، جن ۾ ’اطفال‘ جو لفظ آيو آهي.

1. هِين که اسرافيل وقتند اوليا
2. مُرده راز ايشان حياتست و نما
3. هان و هان اين دلق پوشانِ منند
4. صد هزار اندر هزار و يک تنند
5. اوليا اطفال حقند اي پسر
6. در حضور و غيبت آگہ باخبر
7. گفت اطفال من اندر اين اوليا
8. در غريبي فرد از کار وکيا

هن ٽڪر جي لڀڻ سان اها حقيقت کلي ته ”تاريخي ماده“ جي چئن سٽن جي سرن وانگر، مثنويءَ جي اٺن سٽن واريون سرون به ساڳئي نموني جي ڪاشيءَ ۽ لکت واريون هيون، يعني هيٺان تر آسماني نيرو ۽ اکر سفيد. هن مان نتيجي طور اهو ثابت ٿيو ته مثنويءَ جي بيتن توڙي تاريخي ماده جون سرون شاهه صاحب ساڳئي ڪاشيگر کان تيار ڪرايون، ۽ گهڻو ڪري اهي ڪتبي واريون ڪاشيءَ جون سرون ئي هيون، جيڪي شاهه صاحب ملتان مان روضي جي تيار ٿيڻ بعد آنديون. هلڪي نيري آسماني رنگ واري ڪاشي خاص ملتان جي آهي، باقي ٻي ڪاشي غالباً هالا يا نصرپور جي هئي.

جڏهن روضي جي تعمير جو سڀ ڪم راس ٿيو ته شاهه صاحب فارسيءَ ۾ اهو ڪاشيءَ وارو ڪتبو روضي واري سامهين ديوار تي، دروازي کان مٿان پوري وچ تي هڻايو، پر افسوس جو جيئن شاهه صاحب جي هڻايل ’لطيف‘ نالي واري سر سندس ئي وقت ۾ سنه 1156هه ۾ پٽجي وئي، تيئن سندس هڻايل شاندار ڪتبو به ٻه سؤ سال پوءِ، سنه 1355هه ۾ پٽجي ويو. اڳئين پير (عبدالواسع شاهه) پنهنجي ذاتي ضد جي ڪري سر پٽائي ۽ پوئين پير (غلام حيدر شاهه) سامهين ديوار تي ڪاشيءَ جي سڄي ڪم کي ’پنهنجو ڪرڻ‘ لاءِ شاهه جي ڪتبي واريون سرون ڪڍائي، ڪتبي کي نئين سر ڪاشيءَ جي ننڍين سرن تي لکارائي لڳايو. شاهه صاحب جي هڻايل ڪتبي جي تاريخي اهميت کي ڪونه سمجهيو ويو، ايتريقدر جو ان اصل ڪتبي واريون سرون به پوري طرح سنڀالي نه رکيون ويون ۽ ائين ڦٽيون ڪيون ويون جو هن وقت ڳوليون به نٿيون لڀن! شاهه صاحب جي وقت واري اصلي ڪتبي جي سرن ۽ ديوار ۾ لڳل موجوده ڪتبي جي سرن ۽ سٽاء ۾ فرق آهي. اصل سرون وڏيون ۽ مستطيل ۽ نيري تر سان آهن، ۽ موجوده ڪتبي واريون سرون ننڍيون، چورس ۽ ميٽائين رنگ جون آهن جن تي اکر نيرا آهن. موجوده ڪتبو اصل ڪتبي تان نقل ڪرايو ويو، پر ڪاشيگر يا ڪاتب لکڻ ۾ ڪي غلطيون ڪيون، سڀ کان وڏي غلطي اها جو اصل سر تي لڳل تاريخي سال 1156 ڇڏي ڏنو ويو.

اصل ڪتبي ۾ مثنويءَ وارا بيت غالباً انهيءَ ڪتاب تان ئي اُتاريا ويا، جيڪو شاهه صاحب وٽ هو. روايت مشهور آهي ته ڪلام پاڪ، مثنوي شريف ۽ ميين شاهه ڪريم جو ڪتاب ’بيان العارفين‘ شاهه صاحب سان ساڻ هوندا هئا. ڪتبي ۾ لکيل بيتن کي مثنوي جي معتبر ڇاپي ڪتابن ۾ آيل بيتن سان ڀيٽجي ٿو ته ڪتبي واريون پڙهڻيون وڌيڪ صاف سهڻيون ٿيون لڳن. ان جي معنيٰ ته شاهه صاحب  وٽ سانڍيل مثنوي وارو ڪتاب (جنهن تان ڪتبي لاءِ بيت اُتاريا ويا) وڌيڪ صاف ۽ صحيح هو. ڪتبي ۾ شامل تاريخي قطعو، جنهن مان ابجد جي حساب سان سال 1156هه نڪري ٿو، سو شاهه صاحب جي مريد ميان محمد صادق نقشبندي ئي منظوم ڪيو هوندو، ڇاڪاڻ جو ٻارهن سال اڳ سنه 1144هه ۾ جڏهن شاهه صاحب جي والد شاهه حبيب وفات ڪئي ته ميان محمد صادق ئي وفات جي تاريخ ڪڍي هئي ته: ”الموت جسر يوصل الحبيب للقاء الحبيب“ ( 1144هه).

مٿين تفصيلي پڇا، مليل معلومات ۽ ان جي ڇنڊڇاڻ مان شاهه عبداللطيف رح جي سوانح بابت هيٺيان نتيجا نڪرن ٿا:

(1) ’لطيف‘ جي نالي واري سر جو هجڻ، ڪريمي درگاهه لڳ شاهه صاحب جي رهائش واري تڪيي جي موجودگي، شاهه صاحب جي هڻايل اصلي ڪتبي جي سرن جي هٿ اچڻ وارن پڪن اهڃاڻن مان  مير عبدالحسين سانگيءَ جي ”لطائف لطيفي“ ۾ ڏنل بيان جي تصديق ٿئي ٿي ته شاهه صاحب درگاهه ڪريمي کي تعمير ڪرايو. (لطائف لطيفي ۾ آندل ٻيون ڪي روايتون محض ٻڌل ڳالهين جي بناء تي بيان ڪيل آهن، جن جي تصديق ٿي نٿي سگهي).

(2) ملتاني ڪاشيگري وارين سرن جي هٿ اچڻ سان شاهه صاحب جي ملتان وڃڻ جو ثبوت ملي ٿو.

(3) وڏي شاهي گنبذ سان روضي جي عمارت ۽ ان سان لاڳو مسجد شريف ٺهرائڻ، وڏي تعميري ايراضي ۽ پختي عمارتسازي جي اندازي مان، توڙي شاهه صاحب جي  ملتان وڃڻ ۽ ڪاشيءَ جي سرن ٺهرائڻ لاءِ صرف ڪيل وقت جي تخميني مان اها راءِ قائم ڪري سگهجي ٿي ته درگاهه ڪريمي جي تعمير جو ڪم اندازن ٽن سالن (1154- 1156هه) ۾ پورو ٿيو هوندو. انهيءَ لحاظ سان چئبو ته شاهه صاحب جي عمر ٽيونجاهه سال کن هئي، جو ڪم شروع ڪرايائين ۽ پنجونجاهه سال کن هئي، جو پورو ڪرايائين. يعني ته شاهه صاحب سندس وفات کان نو- ڏهه سال کن اڳ ڪريمي درگاهه ٺهرائي پوري ڪئي.

(4) شاهه صاحب اهو ڪم وڏي انتظام ۽ پوري اهتمام سان ڪرايو، جو پاڻ وڃي پهريائين پنهنجي رهڻ لاءِ اُتي تڪيو ڪرايائين. عمارتن اڏائڻ لاءِ انتظامي مرڪز قائم ڪرڻ جو پهريون مثال ڀٽ تي گنبذدار جاءِ آهي، جيڪو شاهه صاحب جو حجرو سڏجي ٿو. ٻيو مثال ڪريمي درگاهه جي تعمير ڪرائڻ لاءِ اتي وارو تڪيو آهي.

(5) روضي جي تعمير جي مڪمل ٿيڻ تي پنهنجي عالم فاضل مريد ميان محمد صادق نقشبندي ٺٽوي کان تاريخي ماده وارو قطعو منظوم ڪرائڻ، ان کي ڪاريگر ڪاتب ۽ ڪاشيگر کان ملتان ۾ لکائڻ، ۽ اهو ڪتبو روضي جي ديوار تي هڻائڻ مان ثابت ٿئي ٿو، ته شاهه صاحب کي هڪ تاريخي يادگار قائم ڪرڻ جي اهميت جي پوري ڄاڻ هئي. ٻارهن سال اڳ ڀٽ تي پنهنجي والد جو گنبذ ٺهرايائين ۽ اُن تي تاريخي ڪتبو لڳارايائين. تاريخ ۽ تاريخي يادگار جي اهميت ۽ تاريخي قطعن لڳائڻ جو اهتمام شاهه صاحب جي تمدني فهم ۽ فڪر جي شاهدي آهي.

(6) شاهه صاحب جيڪو فارسيءَ ۾ ڪتبو يادگار طور هڻايو، تنهن ۾ پهريائين مثنويءَ جا چار بيت اٺن سٽن ۾ ۽ ان بعد تاريخي قطعو چئن سٽن ۾ شامل آهن. ڪتبي ۾ مثنوي جي بيتن کي آڻڻ، انهن بيتن کي ولين جي مان مرتبي جي لحاظ سان مثنوي ڪتاب مان چونڊڻ، ۽ تاريخي قطعي کان اڳ ۾ مثنوي جي بيتن کي رکڻ مان  شاهه صاحب کي مولانا روميءَ جي مثنويءَ سان جا محبت هئي تنهن جو ثبوت ملي ٿو.

(7) جيڪڏهن مثنوي جا چار بيت، مثنوي جي انهيءَ ڪتاب تان نقل ڪيا ويا جيڪو شاهه صاحب وٽ هو ته پوءِ  اهو ڪافي صحيح متن وارو هو. اهو نتيجو مثنوي جي ٻين نسخن سان ڀيٽ مان نڪري ٿو. مثال طور، ڪتبي جي هڪ سٽ کان فاضل تلمذ حسين جي ”مراة المثنوي“ (حيدرآباد دکن ڇاپو) ۾ آيل ساڳي سٽ سان ڀيٽڻ مان اهو نتيجو نڪري ٿو:

ڪتبي جي سٽ:            در حضور و غيبت آگہ باخبر

تلمذ حسين جي پڙهڻي:    غائبي حاضري بس باخبر

(8) مٿئين تفصيل ۽ تجزيي مان شاهه صاحب جي سوانح بابت اُنهن ڏندڪٿائن جي پڻ ترديد ٿئي ٿي، جن ۾ عام طرح شاهه کي اڻ پڙهيو، مجذوب، جوڳين سناسين سان هلندڙ ۽ ڪرامتون ڪندڙ تصور ڪيو ويو آهي.

 

ڊاڪٽر غلام علي الانا

 

”شيخ اياز هڪ منفرد قلمڪار“ ڪتاب جو تنقيدي جائزو

 

1- هيءُ ڪتاب تازو سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جي تحقيقي رٿا، بعنوان: ”شيخ اياز: لائيف ائنڊ ورڪس“ موجب تيار ڪري، سنڌي شعبي طرفان شايع ڪرايو ويو آهي.

هن ڪتاب جي عنوان ۽ ڪتاب اندر شامل مواد تي ڪجهه لکڻ کان اڳ آءٌ اهو عرض ڪرڻ ٿو چاهيان ته محترم امداد حسينيءَ، هن ڪتاب جي تنقيدي جائزي وٺڻ لاءِ، مون جهڙي گوشه نشين ماڻهوءَ جو انتخاب ڇو ڪيو؟ جڏهن ته سنڌ ۾ ڪيترائي قابل نقاد ۽ جديد ادب تي مهارت رکندڙ اديب، شاعر ۽ عالم موجود آهن. بهرحال مون هن ڪتاب تي تنقيدي تبصري لاءِ هائوڪار ڪئي، ۽ ٻئي ڏينهن ڪتاب جي ڪاپي مون کي پهچائي وئي.

مون پهرين ته هن ڪتاب جي سرورق، آخري ورق ۽ ڪتاب اندر شامل فهرست تي هڪ نظر وڌي، ۽  پوءِ جنهن نقطي منهنجو فوراً ڌيان ڇڪايو، سو هو هن ڪتاب جو عنوان، جنهن کي آءٌ ٻيهر دهرايان ٿو: ”شيخ اياز: هڪ منفرد قلمڪار.“ هيءُ عنوان مون بار بار پڙهيو ۽ محسوس ڪيم ته شيخ اياز جهڙي هن صديءَ جي Legend لاءِ فقط ”هڪ قلمڪار“ جهڙو فقرو (Phrase) ڪم آڻي، محققن طرفان شيخ اياز صاحب جي عزت افزائي ڪئي وئي آهي يا شيخ صاحب جي مانَ ۽ مرتبي کي گهٽايو ويو آهي؟

ڪتاب اندر شامل مواد جي مطالعي ڪرڻ سان مون محسوس ڪيو ته انهن ٻنهي صاحبن، پنهنجي علمي ناپختگيءَ سبب، شيخ اياز جهڙي عظيم اديب، شاعر ۽ مفڪر لاءِ ”هڪ قلمڪار“ فقرو (Phrase) ڪم آندو آهي، نه ته انهن ٻنهي صاحبن، ڪتاب اندر متن ۾، ڌار ڌار صفحن تي شيخ صاحب کي ويهين صديءَ جي هڪ عظيم دانشور طور پيش ڪيو آهي. مثال طور:

صفحي 41 تي لکن ٿا:

”اياز رڳو سنڌ ۽ ننڍي کنڊ جو ئي نه پر عالمي سطح جو شاعر ۽ مفڪر آهي. هُو فني ۽ احساساتي لحاظ کان هاڻ اُن معراج تي پهتل آهي، جتي هاڻي کيس رڳو سنڌ ۽ ننڍي کنڊ جي فني دائري ۾ بند نٿو ڪري سگهجي.“

وري صفحي 63 تي لکن ٿا:

”شيخ اياز بيشڪ هڪ وڏو شاعر آهي.“

اهڙيءَ طرح صفحي 67 تي ڄاڻائين ٿا:

”اياز دنيا جو واحد شاعر آهي، جنهن شاعريءَ کي سڀ کان گهڻين صنفن ۾ لکيو آهي.“

اهڙيءَ طرح وري صفحي 77 تي لکن ٿا:

”سنڌي شاعريءَ ۾ غزل کي نئون روپ ڏيارڻ، نوان موضوع شامل ڪرڻ، غزل کي نئون موڙ ڏيڻ وارو شاعر، شيخ اياز، هڪ عظيم غزل گو شاعر آهي.“

بلڪل ساڳيءَ طرح صفحي 78 تي فرمائين ٿا:

”شيخ اياز جو جهڙيءَ طرح سنڌي شاعريءَ ۾ منفرد مقام آهي، تهڙيءَ طرح اردو شاعريءَ ۾ پڻ.“

جنهن شخص کي الله تعاليٰ ايترين نوازشن سان نوازيو هو، تنهن لاءِ فقط ’هڪ قلمڪار‘ جهڙو معمولي فقرو ڪم آڻڻ، منهنجي خيال ۾، ٻنهي محققن پنهنجي علمي ناپختگيءَ جو ثبوت ڏنو آهي، نه ته اِهي ٻئي صاحب، شيخ صاحب لاءِ وڏي عقيدت رکن ٿا.

2- ڪتاب جي متن ۾ ٻوليءَ جي عبارت آرائيءَ ۽
حُسن بيانيءَ جي سلسلي ۾ ڄاڻ جي کوٽ آهي. مواد جي معيار تي سوچڻ کان پوءِ مون محسوس ڪيو، ته هن سڄي ڪتاب ۾ ڊاڪٽر هدايت پريم صاحب ته فقط مُنڍ وارا
’ٻه اکر‘ ۽ شيخ صاحب جي لنڊن واري سير واري باب ۾، صفي 151 تي فقط هڪ پئرا لکي آهي، باقي سڄو ڪتاب، ڊاڪٽر انورفگار هڪڙي صاحب جي
Ph.D. واري مقالي جو ’چرٻو‘ آهي. اهوئي سبب آهي، جو هن ڪتاب جو معيار (Hons) B.A. جي شاگردن کي ليڪچر ڏيڻ لاءِ نوٽس جهڙو آهي. جيڪڏهن محقق، محترم نصير مرزا، جامي چانڊئي ۽ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي ڪتابن ۽ مولانا غلام محمد گراميءَ جي اعليٰ فڪر واري ڪتاب ”مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رُجحانات“ جو مطالعو ڪري، اُنهن مان مدد وٺن ها، ته هن ڪتاب جي معيار ۾ وڏو فرق نظر اچي ها. سنڌ يونيورسٽيءَ جي آرٽس فئڪلٽيءَ جي ڊين صاحب ڊاڪٽر قاضي خادم لاءِ لازمي هو ته هن تحقيقي رٿا لاءِ لکيل مواد جي پهچڻ کان پوءِ، سنڌي شعبي کان ٻاهر، سنڌي ادب جي ڪنهن عالم، جديد ادب تي مهارت رکندڙ ۽ ڪنهن نقاد کي، هن مواد تي راءِ ڏيڻ لاءِ، موڪلڻ کپندو هو، ته جيڪر هن ڪتاب جي مواد جي ادبي معيار کان سواءِ، هن ۾ بيان ڪيل ڪيترين ئي غلط ڳالهين ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي پراڻن ۽ مانوارن اُستادن لاءِ لکيل توهين آميز لفظن کان هن ڪتاب کي آجو ڪيو وڃي ها. شيخ اياز صاحب جهڙي عظيم شاعر ۽ مفڪر جي فڪر ۽ دانش کي سمجهڻ وارا ته ڪيترائي احباب سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر هن وقت به موجود آهن، جن ۾ محترم محمد ابراهيم جويو، محترم سراج الحق ميمڻ، محترم ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ۽ ٻيا به ڪيترائي اڪابر ويٺا آهن.

منهنجي خيال ۾ ڊاڪٽر هدايت پريم ۽ ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي کي شيخ اياز جهڙي جديد فڪر جي شاعر ۽ ويهين صديءَ جي Legend جي ادبي سرمايي تي، تحقيق، تنقيد ۽ تبصري لاءِ مناسب ۽ موزون ماهر تسليم ڪري نٿو سگهجي.

3 - هن ڪتاب ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي غير ذميوارانه فتوائون ڏنل آهن، ۽ ائين به نه آهي ته شيخ اياز کان ڪي غلطيون سرزد ڪونه ٿيون هيون، يا شيخ اياز هڪ شاعر جي حيثيت ۾ جيڪي به ڳالهيون لکيون آهن، انهن کي جيئن جو تيئن قبول ڪرڻ گهرجي. مون جڏهن تاج جويي کان، هن ڪتاب ۾ بيان ٿيل شيخ اياز جي حوالي سان ڪي ڳالهيون پڇيون، ته هن جواب ڏنو ته ”اهي شاعرانه ڳالهيون آهن. شاعر ڪڏهن ڪڏهن ڪي اهڙيون ڳالهيون ڪري ويندا آهن، جن کي سو سيڪڙو صحيح نه سمجهڻ گهرجي.“ انهن ڳالهين تي لکڻ کان اڳ، هن ڪتاب ۾ جيڪي غلط ڳالهيون لکيون ويون آهن يا غلط بياني ڪئي وئي آهي، اُنهن جي نشاندهي ڪري، سنڌ يونيورسٽيءَ جي قابل احترام وائيس چانسيلر صاحب، محترم مظهر الحق صديقيءَ جو ڌيان ڇڪائڻ چاهيندس. اها غلط بياني، دراصل سنڌ يونيورسٽيءَ جي تاريخ سان هٿچراند مثل آهي. هيٺ انهيءَ غلط بيانيءَ کي، محققن جي لفظن ۾ آءٌ دُهرائڻ چاهيان ٿو.

صفحي 18 تي لکيو اٿن:

”وائيس چانسيلر ٿيڻ کان پوءِ به هُو مصروف رهيو، پر ايترو مصروف نه، جيترو وڪالت ۾. هوُ گهڻو وقت آفيس ۾ يا وي- سي هائوس ۾ گذاريندو هو. واندڪائيءَ جي وقت هوُ ڪڏهن ڪڏهن رستي تي پنڌ نڪري ويندو هو. هن جيڪي تعميري ڪم ڪيا، اُنهن ۾ ’انسيٽيوٽ آف سنڌالاجي‘ جي قيام، تعمير ۽ ترقي، اياز جو لازوال ڪارنامو آهي.“

هن راءِ لاءِ سنڌ کان سواءِ سنڌ يونيورسٽي انتظاميا جي ٻن (تڏهوڪن) پراڻن آفيسرن محترم حميد سنڌي ۽ محترم نواز علي ڀٽي جي راءِ ضروري آهي. ٻنهي محقق صاحبن کي اها ڄاڻ بلڪل ڪانهي ته شيخ صاحب، پهريان ڇهه مهينا ته وي سي هائوس کان ڪڏهن به ٻاهر نه نڪتو، ايتريقدر جو آفيس ۾ به ڪڏهن ڪونه ويو، ۽ آفيس جو ڪم ڪار ۽ فائيل وغيره ڏسڻ جي بدران، وي سي هائوس جي ٻاهرئين ديوار (Compound wall) کي چار فوٽ اوچائيءَ تي مٿي ڪرائڻ کان پوءِ، اُن جي مٿان ٻه فوٽ اوچيون بجليءَ جون تارون هڻائڻ واري ڪم ۾ مشغول رهيو، ڇاڪاڻ ته هوُ ڏاڍو ڊنل رهندو هو. بنگلي لاءِ سمورا چوڪيدار به کوسا قبيلي وارا سکر مان گهرايائين. پوءِ جڏهن سائين غلام مصطفيٰ شاهه اچي کيس وي سي هائوس کان ٻاهر نڪرڻ جي هدايت ڪئي، تڏهن مس ٻاهر نڪتو ۽ پنهنجيءَ آفيس ۾ آيو. اِن وچ ۾ حميد سنڌيءَ ۽ نواز علي ڀٽي کانئس وي سي هائوس اندر جمع ٿيل اهي فائيل ڪڍرايا جيڪي ڍيرن جي صورت ۾ موجود هئا (انهن ٻنهي صاحبن کان پڇي سگهجي ٿو).

4 - ٻنهي محققن جي اها وڏي ۽ تاريخي غلط بياني آهي، ته انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي شيخ صاحب قائم ڪئي هئي. محقق خود لکن ٿا ته شيخ صاحب 13 جنوري 1976ع تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسيلر جي حيثيت ۾ چارج سنڀالي هئي. اها به سڀني کي خبر آهي ته سنڌالاجي اُن وقت پنهنجيءَ نئين عمارت ۾ باقاعدگيءَ سان ڪم ڪري رهي هئي، جڏهن شيخ صاحب سنڌ يونيورسٽيءَ جي چارج سنڀالي هئي.

هيءُ ادارو، دراصل سنڌي اڪئڊميءَ جي نالي سان ڊسمبر 1962ع ۾، شيخ صاحب جي وائيس چانسيلر مقرر ٿي اچڻ کان 14 سال اڳ، ڊاڪٽر رضي الدين صديقيءَ
اولڊ ڪئمپس ۾ قائم ڪيو هو. اداري جو ’انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي‘ نالو، آڪٽوبر 1964ع ۾، ڊاڪٽر رضي الدين صديقيءَ جي طرفان قائم ڪيل ائڊوائيزري ڪميٽيءَ، سندن صدارت هيٺ سڏايل اجلاس ۾، سيد حسام الدين شاهه راشدي صاحب جي ڏنل رٿ تي رکيو هو. اُن ائڊوائيزري ڪميٽيءَ جا ميمبر هي هئا:

* وائيس چانسيلر (ڊاڪٽر رضي الدين صديقي) چيئرمن

* محترم محمد حنيف صديقي  آنرري ڊائريڪٽر

* سيد حسام الدين شاهه راشدي     ميمبر

* ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ        ميمبر

* پروفيسر علي نواز جتوئي (صدر شعبو سنڌي)        ميمبر

* محترم محمد حسين ترڪ      (رجسٽرار)  سيڪريٽري

سنڌالاجيءَ جي موجوده عمارت جي تعمير ۽ اُن جي ترقيءَ جو سهرو شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ۽ سيد غلام مصطفيٰ شاهه جي سر ٿو سونهي، ۽ سنڌالاجيءَ جي پروجيڪٽ جي Pc-1 جي منظوري ۽ تمام وڏي رقم جي فراهمي شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جو ڪارنامو آهي. انهن سڀني حقيقتن جو رڪارڊ، اداري ۾ موجود آهي. آءٌ جيڪڏهن اِن تي تفصيل سان لکندس ته مقالي کان ڳالهه وڌي ويندي.

سنڌالاجيءَ جي موجوده عمارت ۽ سڄي رٿا، موجود نئين عمارت ۾ شعبن جو قيام، سنڌ وارن تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جو ٿورو آهي، ڇاڪاڻ ته جڏهن اولڊ ڪئمپس ۾ سنڌالاجيءَ جي لائبرريءَ ۽ ننڍڙي ميوزيم کي، شر انگيز ماڻهن باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو هو، تڏهن جاءِ واردات تي حاضر ٿي، وزيٽس بُڪ تي مرحوم پنهنجا جيڪي تاثرات لکيا هئا ۽ تڏهوڪي وائيس چانسيلر سيد غلام مصطفيٰ شاهه جي موجودگيءَ ۾، مون کي ڀاڪر پائي فرمايو هئائون ته: ”الانا! دل نه لاهه، مايوس نه ٿي، انهن شر انگيز ماڻهن Barbarian وارو ڪم ڪيو آهي. آءٌ تمام جلد Power ۾ اچي رهيو آهيان. آءٌ توکي نئين ڪئمپس تي هڪ اهڙي شاندار عمارت تعمير ڪرائي ڏيندس، جنهن جي ڏسڻ لاءِ دنيا جي مختلف ملڪن جا ماهر ايندا، ۽ اهو ادارو ڏسي فخر ڪندا، ۽ اهو ادارو دنيا ۾ پنهنجو نالو ڪڍندو.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com