نصير مرزا
وساريان نه وسرن، نه وسارڻ جيها!
[هري موٽواڻيءَ جي ياد ۾]
(انٽرويو)
هري موٽواڻي- اِن سنڌ!
26هين مارچ 1999ع جي شام هئي ۽ قاسم آباد حيدرآباد
۾ واڌو واهه لڳ ’ارشد اسٽريٽ‘ جي ڪناري سان اُهو
حميد سنڌي صاحب جي بنگلي جو ڊرائنگ روم هو، جتي
’ڪونج‘ جي ”حيمد سنڌي نمبر“ لاءِ مواد ۽ فوٽوگرافس
جي سهيڙ جو ڪم پوري پيار واري جذبي ۽ شدت سان جاري
هو. مان اُتي عرفان علي انصاريءَ سان گڏجي وارد
ٿيو هئس ۽ پوري انهماڪ سان جن نامور دوستن کي اِن
ڪم ۾ مصروف ڏٺم، انهن مان اجهو هي پنهنجو نفيس
احمد شيخ ناشاد، شوڪت حسين شورو ۽ اڇي سفيد ڪڪر ۽
پشم جهڙي سونهاريءَ وارو خود هري موتواڻي (۽ انهن
۾ هر شخص هڪ الڳ پروفائل جو موضوع)... سهيڙ جي ان
ايڪٽوٽيءَ ۾ ناشاد صاحب ته سڀ کان وڌيڪ پيش
پيش.... شوڪت هميشه وانگر گم چُپ.... ۽ حميد سنڌي
صاحب وري محبت سان ميزبانيءَ ۾ مصروف، ۽ مون ته
اهڙي صورتحال ۾ وجهه وٺي وڃي هري موٽواڻيءَ جو
پاسو ورتو.
ڄمار ستر کن ورهيه، چهري تي ڪپهه جهڙي نرم نرم
سونهاري، مهانڊا بقول ادي ماهتاب محبوب جي ’نمڪين،
مزاج تمڪين، ۽ ڳالهائڻ جو تڪڙو اهڙو جهڙو اُس ۾
وڏوڦرو وسڪارو. سندس نالو ڇاڪاڻ ته ’هه‘ هرڻي سان
ٿو شروع ٿئي، انڪري سندس گفتگو ۾ رڳو ڇلا نگون!
وشنو ڀاٽيا ڪڏهن هن کي ”اينگري ينگ مئن“ سڏيو هو،
هاڻي هو اڇي سونهاريءَ وارو ”اينگري اولڊ مئن“ نظر
آيو مون کي. سنڌ مان هجرت بعد هو پنهنجي نالي
پويان ’سنڌي‘ لکندو آهي. وشنو ڀاٽيا جو خيال آهي
ته هن کي پنهنجو تخلص ’ڪونج‘ رکڻ گهرجي، ڇا جي ڪري
جو ڪونج جيان هن جا پير به زمين تي ڪٿي ٽڪندا ناهن
۽ هو ذهني طرح سان اڻڄاتل آڪاس جي نين نين منزلن
کي طيءِ ڪندو رهندو آهي.
هري بظاهر ته ستر سال پراڻو موٽواڻي آهي، پر نه
آهن هن جي چهري تي گُهنج ۽ نه وري آواز ۾ لرزو.
سڀاءُ نهايت مزيدار، هشاش بشاش ۽ طبيعت نهايت گل و
گلزار ۽ باغ و بهار.
1946ع کان هند ڏانهن هجرت کان پوءِ سنڌ ڏانهن هن
جي هيءَ چوٿين ياترا آهي ۽ هو ڪڏهن تصور ئي تصور ۾
سنڌ وطن جي وڇڙي ويل هوائن کي ياد ڪري، هندستان ۾
ويهي ٻانهون ڦهلائي اُن کي ڀاڪر پائيندو وتندو هو.
هاڻي سنڌ پهچي پنهنجن ٽن طويل ياترائن دوران هُو
ڪيترن ئي دوستن ۽ مداحن کي سچ پچ ۾ ڳراٽڙيون پائي
چڪو آهي.
.... ۽ حميد سنڌي صاحب جي ڊرائنگ روم ۾ هريءَ کي
ڳالهين ئي ڳالهين ۾ ڪارنر ڪري، سندس رسالي ’ڪونج‘
جي شروع ٿيڻ بابت ڪجهه ٻڌائڻ لاءِ کانئس پڇان ٿو؟
’ڪونج جو سفر 1960ع کان شروع ٿيو‘، هو ٻڌائڻ لڳي
ٿو. ’وچ وچ ۾ ڪجهه جهوٻا به آيا، پر رسالو بند
ڪڏهن به نه ٿيو. البته وقفي وقفي سان روپ ان جا
ضرور مٽبا رهيا آهن. 1999ع تائين ڪونج کي اُڏامندي
چاليهه سال ٿي رهيا آهن. ۽ انشاالله جيستائين
جيئرو آهيان ’ڪونج‘ اُڏامندي رهندي.‘
’ڪونج ڇا ريگيولر ڪڍو ٿا..... ماهوار!‘
’نه، ٻئي ٻئي مهيني ڪڍان ٿو.... ڇو؟ هڪڙو ته هر
ماهه ڪڍڻ جي مون ۾ همت ڪانهي. ٻيو ڀارت ۾ هر مهيني
ليکڪن وٽان مواد مهيا به ڪونه ٿو ٿئي.‘
توڻي جو ڀارت ۾ ڪيترائي سنڌي ليکڪ اڃا موجود ۽
حيات آهن. پوءِ به اهڙي صورتحال ڇو آهي؟ مان چوان
ٿو....
’چڱو هاڻي ٻڌ....‘ هري موٽواڻي پوري سرجوشيءَ سان
ٻڌائڻ ٿو لڳي.
’ڀارت ۾ سنڌي ادب کي پنج دَور گذريا آهن. پهرئين
دور ۾ جئرامداس دولترام، رام پنجواڻي، منگهارام
ملڪاڻي، ليکراج عزيز، ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي، تيرٿ
وسنت، نارائڻ شيام، هري دلگير وغيره جا نالا اچن
ٿا. ڀارت ۾ اهي ئي سنڌي ادب جا بنيادي ماسٽرس هئا.
انهن ۾ ڪي وڏن وڏن عهدن تي به رسيا. تنهن کان پوءِ
ادب ۾ ترقي پسند ادب جي لهر اُڀري، جنهن کي پنهنجو
رسالو به هو.... نئين دنيا! اُتم ان جو ايڊيٽر هو.
ظاهر آهي، رسالي ۾ هرڪو ليکڪ چاهيندو هو ته ڇپجان،
ترقي پسند سڏجان ۽ تسليم ڪيو وڃان. ۽ انهيءَ بنياد
تي ڪافي ليکڪ پاڻ کي بنهه اهم به سمجهڻ لڳا هئا.
اهڙن ليکڪن جي ڊڪٽيٽرشپ ان حد تائين وڌي ويئي هئي،
جو ان زماني ۾ جيڪي ادبي ڪلاس هلندڙ هئا انهن ۾ به
هنن جو زور ان ڳالهه تي هو ته جيئن هو چاهين ٿا،
ٻيا ليکڪ اوئين لکن. انهن جي ردعمل ۾ موهن ڪلپنا،
جو اوريجنل ۽ اناپرست ليکڪ هو (پڙهندو گهٽ ۽ لکندو
وڌيڪ هو) پهريون دفعو بغاوت ڪئي ۽ هن آواز اُٿاريو
ته ليکڪن تي ٻنڌن نه وجهو،ڇڏيو ته هو پنهنجي من
سان لکن. بعد ۾ گنو سامتاڻي هنن جو ساٿاري ٿي
بيٺو. ائين هڪ مان ٻه گروپ ٿي پيا. ترقي پسند ۽
ٻيا آزاد منش!
’لعل جيستائين مڊل ڪلاس ۽ لوور مڊل ڪلاس تي
ڪهاڻيون لکندو رهيو، نئين دنيا ۾ ڇپجندو رهيو ۽
جڏهن هن ڪجهه نئون لکڻ چاهيو ته نئين دنيا هن کي
ڇپڻ بند ڪري ڇڏيو. جڏهن مون ’ڪونج‘ رسالو ڪڍيو
تڏهن لعل پشپ مون کي چيو ته ڇا تون مون کي
ڇپيندين؟ چيم ليک سٺو هوندو ته ڇو نه ڇپيندس.
هونئن به تو جهڙو سٺو ليکڪ ته مون کي کپي.... ته
ائين مون ئي اُن دور جي ڪهاڻيڪار موهن ڪلپنا، گُني
سامتاڻي ۽ لعل پشپ کي ڪونج ۾ گڏ ڇپيو. ۽ هنن کي
پبلسٽي ملي حد کان ٻاهر. پر رَهايو ٽنهي ڪونه ٿئي
مون سان. هميشه ضد ۾ رهيا. بعد ۾ ٽين پيڙهي
اُڀري.... شيام جئسنگهاڻي ۽ وشنو ڀاٽيا وغيره....
منهنجي خيال ۾ اُهي هنن ٽنهين کي اوور ليپ ڪري
ويا.
اهو ڪيئن؟
’اهو ائين جو هنن ۾ وڌيڪ نواڻ هئي. اڀياس وڌيڪ ڪيل
هو هنن جو. سارتر، ڪاميو، ڪافڪا.... ۽ ٻيا ماڊرن
ليکڪ هنن کي نئون ڪجهه لکڻ لاءِ اُتساهي رهيا هئا.
پر خير.... ٻين ۽ ٽين پيڙهيءَ جا جيڪي ڏهه يارهن
ليکڪ سامهون آيا، ’ڪونج‘ ئي انهن کي مٿي آندو (۽
هو پاڻ به اها ڳالهه مڃيندا رهيا آهن، ته جي
’ڪونج‘ اسان کي نه ملي ها ته اسين ادب ۾ ائين
اُڀري نه سگهون ها)‘.
هن وقت ڇا صورتحال آهي انهن جي؟
’حالت اڄ اها آهي انهن جي، جو ٽنهي چئني پيڙهين
مان لکي ڪوبه ڪونه پيو. جيڪو لکي چڪا، انعام اڪرام
به انهن تي ئي پيا مانين. اجهو تازو شيام
جئسنگهاڻيءَ کي (جيڪو سخت محنت ڪري چڙهيو آهي)،
اُن کي به تازو، پهريون دفعو، سندس ناٽڪن جي
مجموعي ’زلزلو‘ تي ساهتيه اڪيڊمي اوارڊ مليو آهي.
ڀلا جديد سنڌي شاعريءَ جي ڀارت ۾ ڇا پوزيشن آهي؟
’شروعاتي دور ته روايتي شاعري وارو هو. بعد ۾ ڪجهه
ليکڪن جديد ادب جي اڀياس مان اثر جهٽيا ۽ ان جي
اثر هيٺ، خاص ڪري شهري زندگيءَ جي مامرن کي ڀارت
جي سنڌيءَ شاعري ۾ جڳهه ملي. نارائڻ شيام ته
جديد ڪلاسڪ آهي ۽ ان جو اونچو مقام پنهنجيءَ جاءِ
تي، پر ڀارت جي جديد شاعرن مان هريش واسواڻي اهڙو
نالو آهي، جنهنڀارت جي جديد سنڌي شاعريءَ ۾ بغاوت
آندي ۽ ٿاٽِ جي ليول تي نئون ڪجهه ڏيڻ جو آرنڀ
ڪيو. هريش جي اهڙي جدت ڏسي،
غزل گو شاعرن به نئون ادب پڙهيو ۽ غزل ۾ نواڻ
آندي. ايم.ڪمل، ارجن حاسد، ارجن شاد ۽ واسديو نرمل
وغيره جا نالا نئين غزل جي حوالي سان وڏا نالا
آهن. پر ڏٺو وڃي ته هريش واسواڻي، جو هاڻي گهٽ ٿو
لکي، ڀارت ۾ نئين ڪوتا ۽ ڪوتا ۾ نئين ڌارا جو اصل
باني آهي.
جديد شاعريءَ جي لهر ۾ ڀلا هن وقت ڪيترو اُڀار
آهي؟
’اها لهر هاڻي هلڪي ٿي ويئي آهي ۽ ڀارت ۾ هن وقت
سنڌي ادب تي جمود طاري آهي. مان ته پاڻ هاڻي
مُنجهي پيو آهيان ته اهڙي صورتحال ۾ ’ڪونج‘ ۾ ڇا
ڇپيان. ان جو حل هاڻي اِهو ڪڍيو اٿم ته ڪن خاص خاص
ليکڪن جا خاص نمبر ڪڍان، ۽ عام رواجي شمارن ۾ وري
جديد ڪلاسڪس مان چونڊ ڪهاڻيون ۽ شاعري ٻيهر شايع
ڪريان، جيئن حاضر دور جي نئين نسل کي ماضيءَ جي
شاهڪار ادب کان واقفيت ملي،
ان مان فائدو؟
’مان سمجهان ٿو ته اهو ئي طريقو آهي جنهن کي ڏسي
متان نئين يا پراڻي ٽهيءَ جي ڪنهن ليکڪ کي ڪجهه
سٺو سرجڻ لاءِ اُتساهه ملي. باقي جيڪو ڪجهه لکجي
پيو، مجموعي طرح سان ان مان ته مان نراس آهيان.
وڏي ڳالهه ته ڀارت ۾ سنڌي ليکڪن جي لکڻ جي رفتار
به سست آهي ۽ جي حالت مستقبل ۾ به اهائي رهي ته
سنڌي ادب جو رهيو کهيو محل به اچي پَٽ تي پوندو.
’ڪونج‘ جا شخصيت نمبر، هن وقت تائين ڪيترا ڪڍي چڪا
آهيو؟
’هن وقت تائين اهڙا ويهه نمبر نڪري چڪا آهن، جن ۾
موتي پرڪاش، شيام جئسنگهاڻي، نارائڻشيام ۽ شيخ
اياز نمبر وغيره اچي وڃن ٿا. ڪونج جو ايندڙ ’ڏياري
پرچو‘ سنڌ جي سهڻي ڪهاڻيڪار ۽ روح رهاڻ جي ايڊيٽر
حميد سنڌي صاحب کي ڀيٽا طور ڪڍان پيو. ڪونج
پبليڪيشن پاران ان کان سواءِ ڪتابي سلسلو به جاري
آهي، جنهن جا ٻه سو کان وڌيڪ ڪتاب شايع ٿي چڪا
آهن، ۽ اهي ادب جي هر شاخ بابت آهن، جن مان 9
ڪتابن تي ڀارت سرڪار پاران ساهتيه اڪيڊمي ايوارڊ
به ملي چڪا آهن. منهنجو ناول ’اجهو‘ به اهڙن
انعامي ڪتابن ۾ هڪ آهي.
اوهان جا پنهنجا ذاتي ڪتاب ڪهڙا ڪهڙا شايع ٿيا
آهن؟
’پنج ڪهاڻين جا مجموعا آهن، جن ۾ ڪهاڻين جا موضوع
لوور ڪلاس ۽ لوور مڊل ڪلاس بابت آهن، جو مان رهان
ئي اهڙي ماحول ۾ ٿو. اپر ڪلاس جو ذڪر مون وٽ گهٽ
آهي ڪهاڻين ۾، جو اهڙو مشاهدو ئي ڪونهي مون کي. بس
هڪ اڌ دفعو اهڙو مشاهدو منهنجو ٿيو هو ۽ مون ان
بابت ڪجهه افسانا لکي ورتا هئا. ڪهاڻين کان سواءِ
سنڌ جو سفر ’جڙيل جن سان جند‘ آهي. چار ناول آهن.
’ابو‘، ’اجهو‘، ’پاڻيارا پکي‘ ۽ ’ٻاهر نڪرڻ جو
رستو‘. انهن مان ٽي ناول سنڌ جي پسمنظر ۾ آهن.
چوٿون ناول ننڍو آهي ۽ اهوئي ناول مون کي گهڻو
پسند به آهي، جنهن ۾ هڪ اهڙي شخص جي زندگيءَ جو
خاڪو چٽيل آهي جيڪو چاهي ٿو ته هو پوريءَ ريت سيڪس
انجاءِ ڪري. پنجون ناول تازو لکي پوري ڪيو اٿم. هن
ناول ۾ سنڌي هندن کي موضوع بنايو ويو آهي، جيڪي
ورهاڱي کان پوءِ سنڌ مان هجرت ڪري اُلهاسنگر ۾ اچي
وسن ٿا ۽ مون هن ناول ۾ ڏيکاريو آهي، ته هو مسلسل
اسٽرگل سان پاڻ کي مٿي آڻڻ ۾ ڪيئن نه سوڀ پائن ٿا.
هي ناول انشاالله ٻه هزار عيسوي ۾ رليز ڪندس.
منهنجي خواهش آهي ته سنڌين جي اسٽرگل جي اها
اسٽوري، هند سان گڏ هتي سنڌ ۾ به شايع ٿئي.
ناول جو نالو؟
ان جو نالو رکيو اٿم: ’ڪؤڙو سچ!‘
توهان جي آتم ڪٿا به ته تازو هند ۽ سنڌ ۾ شايع ٿي
آهي.... ’آخري پنا‘. ان جي ڇا رپورٽ آهي؟
’آتم ڪٿا لاءِ ضروري آهي ته ان ۾ فڪشن گهٽ ۽ سچ
وڌيڪ هجڻ گهرجي. مون کان جيترو پڳو آهي، پنهنجي
ڏانوَ سان سچ لکيو آهي ۽ هند- سنڌ ۾ ان جي چڱي
آجيان به ٿي آهي. اِهو شايد انڪري به جو اڳي جي
ڀيٽ ۾ منهنجي نثر جي ٻولي وڌيڪ چست ۽ درست آهي.
موهن ڪلپنا بلند پايي جو اديب ٿي گذريو آهي. سندس
آتم ڪٿا ’بک، عشق، ادب‘ ۾ مون کي فني گرفت مضبوط
لڳي ٿي. پر واقعا.... موهن جيئن لکيا آهن ته اهي
فلمي انداز جا وڌيڪ ٿا لڳن. مان ڪو ٻوليءَ جو ماهر
ناهيان ۽ نه ئي ڪا ٻي وڏي دعوا ٿو ڪريان، پر ڪتابن
۽ ٻوليءَ جو اڀياس ڪندي جيڪو ڪجهه ان آتم ڪٿا ۾
لکي ويو آهيان، دوستن داد ڏنو آهي ۽ اهو دوستن جو
مون تي احسان آهي، جو همت افزائي ڪئي اٿائون ۽ داد
مان فائدو اهو ٿو ٿئي جو اُمنگ وڌي ٿي. مونکي هند
۾ بنا ڪنهن ڪوشش جي ايوارڊ به مليا آهن. مثال طور
’ابو‘ ناول تي ’مدر ٽريسا‘ هٿان ايوارڊ مليو. هن
ته ايترو به چيو ته تون اهو ناول انگريزيءَ ۾
ترجمو ڇو نه ٿو ڪرائين. تڏهن چيومانس ته انگريزي
بدران اهو ناول هندستان جي مقامي ٻولين اردو،
هندي، بنگالي، مراٺي وغيره ۾ ترجمو ٿئي ته مون کي
وڌيڪ خوشي ٿيندي..... ان کان پوءِ ’اجهو‘ ناول تي
ساهتيه اڪيڊمي جو ايوارڊ وٺڻ لاءِ جڏهن بئنگلور
ويس ته ڪيترائي دوست اَرها ٿيا ته مون کي اهو
ايوارڊ ڇو پيو ملي؟ جڏهن ته اُتي ڪيترن ئي ناميارن
ليکڪن مون کي چانهه تي سڏي عزت افزائي ڪئي. تازو
فيبروريءَ ۾ جڏهن ’ڪونج پبليڪيشن‘ تي پوني ۾ مون
کي ايوارڊ مليو ته لڳم: ’سم ٿنگ‘ آهي.... ادب کي
مون به ڪجهه ڏنو آهي، ڪجهه ڪيو آهي، تڏهن ئي ته
هي داد ملي رهيو آهي مون کي.‘
توهان ناول، ڪهاڻي ۽ ايڊيٽنگ کان سواءِ ڪڏهن
’هوجمالو‘ فلم به ته ٺاهي هئي.... اهو تجربو ڪيئن
رهيو اوهان جو؟
’مون ڏٺو ته سنڌين کي هندستان ۾ صرف ڌنڌوڙي قوم جي
نظرن سان ڏٺو پئي ويو، جنهن کي پئسي ڪمائڻ کان
سواءِ ٻيو ڪجهه ڄڻ اچي ئي ڪونه ٿو. ايتريقدر جو
انهن کي سنڌي ادب جي باري ۾ ايتري ڄاڻ ۽ واقفيت
ناهي ته ڪو هند ۾ رهندڙ سنڌي اديبن ايڏو سگهارو
ادب سرجيو آهي! منهنجي ته اها خواهش به رهي ته
سنڌي ٻوليءَ جو جيڪو سٺو ادب آهي، اهو ڀارت جي ٻين
ٻولين ۾ به ڇپجي، جيئن هنن کي خبر پوي ته اسين
ڀارت ۾ وسندڙ سنڌي ادب ۾ ڪٿي بيٺا آهيون. ان ڏس ۾
مون کي خوشي آهي، ته منهنجو سنڌي ناول ’اجهو‘
پهريون دفعو بنگالي ٻولي ۾ ترجمو ٿي ڇپجي آيو آهي،
ته ائين فلم جي سلسلي ۾ به مون چاهيو پئي ته اسين
سنڌي ان فيلڊ ۾ به پنهنجا جوهر نه ڏيکارينداسين ته
ائين ئي رهجي وينداسين. ٻيو فلم ڏانهن اچڻ جو مقصد
اهو به هو ته سنڌي ماڻهن کي ’جوڪر‘ نموني هندستاني
فلمن ۾ پيش پئي ڪيو ويو.... ته اهو مون کي ڏاڍو
خراب لڳندو هو. مان سٺا سٺا سنڌي ڪتاب کڻي
پروڊيوسرن وٽ ويندو هئس ته هن سبجيڪٽ تي يا سنڌي
ڪهاڻيءَ تي هنديءَ ۾ پڪچر ٺاهيو، جئن خبر پوي ته
سنڌي ليکڪ ڪيترو ٽئلينٽيڊ آهن. اها ڳالهه ٻڌي
پروڊيوسر خوش ته گهڻو ٿيندا هئا، پر فلمون نه
ٺاهيائون. آخر پوءِ مون ئي وک وڌائي ۽ دوستن سان
مشورا ڪيا ۽ اُن نتيجي تي پهتاسين ته ٻه چار دوست
گڏجي شيئر ڪري، ڪنهن سنڌي فلم تي ڪم ڪريون، جيڪا
ٽيڪنيڪلي پرفيڪٽ هجي، پوءِ ڀلي ته نقصان ئي
ٿئي.... پر تجربو ضرور ڪجي.... اهو سوچي ’هوجمالو‘
شروع ڪئيسين. فلم جو موضوع هو ’پاڪ ڀارت جنگ 1965‘
۽ فلم جا نائڪ سنڌ جا رهندڙ ٻه ننڍپڻ جا دوست هئا-
رحيم ۽ رام، جيڪي ورهاڱي بعد ٻن ملڪن ۾ پلجي وڏا
ٿين ٿا ۽ ٻئي فوج ۾ آهن ۽ 1965ع واري هند-پاڪ جنگ
وقت مورچي تي آمهون سامهون آهن. مان سمجهان ٿو ته
اها فلم اڄ به زي.ٽي.وي تان ڏيکاري وڃي ته پسند
ڪئي ويندي. هن فلم جو ميوزڪ سي. ارجن ڏنو هو، جنهن
۾ اسان شيخ اياز جو به هڪ گيت مهندر ڪپور جي آواز
۾ رڪارڊ ڪرايو هو، ’هندو مومن ناهيان!‘
فلم جا هيرو هيروئن ڪير هئا؟
امر چندناڻي فلم جو هيرو هو ۽ فلم جي هيروئن، فلم
جي ڊئريڪٽر راجن چاولا جي وائيف گيتاراج هئي ۽
جيتوڻيڪ اها ايج ۾ وڏي هئي، جنهن جي ميڪ اپ تي
اسان کي گهڻو خرچ ڪرڻو پيو هو.
گيتاراج، جا سنڌي اديبن لاءِ هڪ زماني کان وٺي
ڪريز رهي آهي، سا واقعي خوبصورت خاتون آهي ڇا؟
’گيتا اڳي ئي ناٽڪن جي خوبصورت اداڪاره هئي ۽
منهنجو ته اڄ به اهوئي چوڻ آهي ته سٺي فلم ٺاهڻي
آهي ته آرٽسٽ اسٽيج جا ئي کڻڻ کپن، جو اهي
’بيوٽيفل‘ ۽ ’نيچرل‘ اداڪاري ڪندا. ’هوجمالو‘ ۾
گيتا سميت اسي سيڪڙو اسٽيج جا ئي آرٽسٽ کنيا
هئاسين.‘
گيتاراج ’هوجمالو‘ ۾ ڪم ڪيئن ڪيو هو؟
’ڪنهن زماني ۾ گيتا واقعي ڏاڍي خوبصورت هوندي هئي
۽ هن کي ناٽڪن ۾ ڪم ڪرڻ جو به وڏو تجربو هو.
’هوجمالو‘ ۾ هن چڱيرڙو ڪم ڪيو هو.
ڀلا گيتا جي گهر واري ’راجن چاولا‘ ڊئريڪشن ڪيئن
ڏني؟
’فلم جي ڊئريڪشن تي بظاهر نالو ته راجن چاولا جو
هو، پر فلم اصل ۾ هڪ بنگالي ڊائريڪٽر ڊئريڪٽ ڪري
ڏني هئي. يونٽ جي فردن ۾ نااتفاقي سبب فلم جو خرچ
وڌي ويو ۽ اسي هزارن جي جاءِ تي ٻه لک خرچ ٿي ويا
۽ وصول ٿيا صرف ستر هزار، جنهن جو اڄ تائين منهنجي
دل تي زخم بيٺو آهي ته سٺي فلم ٺاهيندي مان شهيد
ٿي ويس ۽ ڪڏهن ڪڏهن چرچي طور ائين به چوندو آهيان
ته منهنجي گهر واري گهٽيءَ جو نالو آهي شهيد ڀڳت
سنگهه مارگ، پر جڏهن منهنجو ديهانت ٿي ويندو ته
ڪڏهن شايد ان گهٽيءَ جو نالو ڦيرائي رکندا شهيد
هري موٽواڻي مارڳ!‘
شيخ اياز ڪڏهن گيتاراج کي پنهنجو بهترين شعري
مجموعو ’وڄون وسڻ آئيون‘ ارپيو هو. هن تي ڪيتريون
ئي ڪوتائون به لکيون آهن. آتم ڪٿائن ۾ به بار بار
هن جو تذڪرو ڪيو آهي. اڄڪلهه ڪٿي پئي رهي؟
’گيتا تمام سٺي ڇوڪري هئي ۽ ڀارت ۾ ٽيچر هوندي هئي
۽ ناٽڪن ۾ به ڪم ڪندي هئي. هن جا ڀائر ولايت ۾
رهندا هئا. هن وقت هوءَ پاڻ به پنهنجي گهرواري
’راجن چاولا‘ سان گڏ لنڊن ۾ رهي ٿي. جيستائين
پنهنجي پرسنلٽي قائم رکي سگهي، قائم رکيائين. هاڻي
ته ظاهر آهي، وڏي عمر جي آهي ۽ وڏي عمر جو اثر
ظاهري ڏيک ويک تي ضرور پوي ٿو..... هاڻي سوال ٿو
پيدا ٿئي ته شيخ اياز ۽ گيتا جي تعلقات ۾ ڪيتريقدر
سچائي آهي ته ان جو جواب آهي، ته شيخ اياز اِن ۾
مبالغو وڌيڪ ڪيو آهي.‘
گيتا سان اياز صاحب جي ڏيٺ ويٺ ڪڏهن ۽ ڪيئن ٿي؟
’سٺ واري ڏهاڪي ۾ شيخ اياز رشيد ڀٽيءَ سان گڏجي
انڊيا آيو هو. اياز ڇاڪاڻ ته اڳي ئي اسان لاءِ وڏو
نالو هو، تنهنڪري ڪجهه دوستن، سڳن آهوجا، موهن
ڪلپنا ۽ ٻين اياز جي ڀارت ۾ تمام وڏي آجيان ڪئي.
راجن چاولا انهن ڏينهن ۾ پئسي ۾ ڪجهه اُڀريل هو.
هن وٽ پنهنجي موٽر ڪار به هئي، جڏهن ته اسين
غريبڙا هئاسين ۽ گاڏي ڪنهن وٽ به ڪانه هئي. اياز
کي ماني ته کارائي سگهياسين پئي، پر گهمائي ڦيرائي
نه پئي سگهياسين. راجن وٽ ڪار سان گڏ نئون فليٽ به
هو. هنن ٻنهي زال مڙس اياز کي سڄي هندوستان جو سير
ڪرايو. راجن چاولا چوي ٿو، ته سير سفر دوران گفتگو
۽ فرينڪنيس جو اياز غلط مطلب ڪڍيو ۽ مضمونن ۽
ڪتابن ۾ ڇا جو ڇا ويهي ڳالهيون لکيون، جن اسان جي
زندگيءَ ۾ وڏو ٽاڪوڙو وڌو.... بعد ۾ گيتا به اياز
جي لکيل ڳالهين تي پنهنجو ردعمل ڏيندي چيو ته اهڙي
ماڻهوءَ سان ڪوبه ماڻهو رستو نه رکي جو اسان ته هن
کي پنهنجو وڏو ڀاءُ سمجهي ريسپيڪٽ ڏني ۽ هن وري
اسان کي پنهنجين لکڻين ۾ ڪنهن ٻيءَ طرح سان ٽريٽ
ڪيو. راجن چاولا ان سلسلي ۾ اياز سان جڏهن ڪراچيءَ
۾ احتجاج ڪيو ته اياز وري ائين چيو ته اُها ڪا ٻي
’گيتا‘ آهي، جنهن جو ذڪر مون ڪيو آهي!
هونئن فرينڪلي هتي ٻي ڳالهه به اوهان کي ٻڌايان ۽
اها ڀلي لکو ته اديب ۽ آرٽسٽ جي زندگيءَ ۾ ڪو دور
ايندو آهي جڏهن هو رومينٽڪ هوندو آهي. ’گيتا‘ جڏهن
جوان هئي ته ان جي حوالي سان به ڪي ڪوڙيون سچيون
ڪهاڻيون ۽ ڏندڪٿائون ٺهيون. ڀارت جي ٽن ليکڪن موهن
ڪلپنا، راجن چاولا ۽ گني سامتاڻيءَ به گيتا سان
محبت جو دم ڀريو آهي ۽ اهو شايد انڪري جو گيتا
جوان ۽ خوبصورت هئي. ڪوتا لکندي هئي ۽ ناٽڪن ۾
پارٽ ڪندي هئي. موهن ڪلپنا جي ڪهاڻي ’رت درياهه
هيٺان وهندڙ‘ يا لعل پشپ جي ڪهاڻي ’ٻڌيمان‘ جو
مکيه ڪردار ’گيتا‘ ئي آهي ۽ بقول موهنڪلپنا جي ٽي
دوست گيتا سان شاديءَ جا خواهان هئا. (موهن ڪلپنا
ته هر ڇوڪريءَ سان شاديءَ جو خواهان هوندو هو)
خير، گيتا راجن چاولا سان شادي ڪئي جو پڪ سان هن
کي اُتي وڌيڪ سيفٽي نظر آئي هوندي. باقي شيخ اياز
سان جيتري قدر گيتا جي رومانس جو تعلق آهي ته،
اُها حقيقت نه، مبالغو ئي آهي.
’مان سمجهان ٿو ته پراين عورتن بابت لکڻ مهل اديبن
۽ شاعرن کي وڏو احتياط ڪرڻ گهرجي ۽ وري جي شاعر جو
حافظو ڪمزور آهي، ته اڃا ئي وڌيڪ احتياط ڪرڻ گهرجي
۽ ڪجهه به نه لکڻ گهرجي. ائين ڪرڻ سان ڪنهن عورت
جي زندگي تباهه به ٿي سگهي ٿي. ڪنهن به ليکڪ کي
ٻئي جي زندگيءَ سان کيڏڻ جو ڪوبه حق ڪونهي.‘
مستقبل ۾ ڇا ڪا ٻي سنڌي فلم ٺاهڻ جو ارادو رکو ٿا؟
’مون چاهيو پئي ته سنڌي هيروز تي فلمون ٺاهيون
وڃن. ان ڏس ۾ هيمو ڪالاڻيءَ تي فلم ٺاهڻ منهنجو
سپنو آهي. اسڪرپٽ ته ذهني طرح سان مون وٽ تيار
آهي، پر فلم لاءِ کپي پئسو ۽ ٻيو جذبو. مون وٽ
جذبو ته آهي، پئسو ڪونهي في الحال!‘
لتا منگيشڪر به ته ڪنهن سنڌي فلم لاءِ ڳايو آهي.
ان بابت ڪجهه ٻڌايو؟
’ڀارت ۾ ’جئه سنتوشي ماتا‘ فلم گهني هِٽ ثابت ٿي ۽
گهڻو ڪمايائين. فلم سان گڏ فلم جي موسيقار سي.
ارجن جو نالو به چؤطرف وڄي ويو. ان فلم جي ٽيم
جڏهن ٻي فلم ’هل ته ڀڄي هلون‘ ٺاهڻ جو پلان ٺاهيو
ته گيتن لاءِ لتا کي رڪئيسٽ ڪئي ويئي ۽ ائين ستر
واري ڏهاڪي ۾ لتا پهريون دفعو سنڌيءَ ۾ ڳاتو. چون
ٿا ته جڏهن لتا کي ان وقت مطابق مقرر معاوضي جو
لفافو ڏنو ويو ته هن ان مان صرف هڪ روپيو ڪڍي،
باقي واپس ڪندي مسڪرائي چيو ته’اڄ جو ڏينهن منهنجي
جيون جو يادگار ڏينهن آهي ۽ اهو انڪري جو مون اڄ
هتي سنڌي گيت ’منهنجا سپرين‘ ڳائڻ سان سڀني ڀارتي
ٻولين ۾ ڳائڻ جو شرف حاصل ڪري ورتو آهي.‘
ڪونج ۾ اوهان ليکڪن جي هڪ وڏي انگ کي شايع ڪيو
آهي. انهن مان اوهان جي پسند جا ليکڪ ڪير ڪير....؟
’موهن ڪلپنا منهنجو وڏي ۾ وڏو دشمن رهيو، پر هو ئي
منهنجو پهريون ۽ آخري فيوريٽ ليکڪ هوندو هو. هن ۾
جيڪا اوريجنلٽي هئي، ان ئي مون کي وڌيڪ موهيو هو.
موهن جا جيڪي ٻياهمعصر هئا، اهي ڏهه ڪتاب پڙهندا،
انهن جا اثر جهٽيندا ۽ پوءِ لکندا هئا (هتي مان
انهن جا نالا کڻڻ پسند نٿو ڪريان). انهن جي مقابلي
۾ موهن ٻه پنا پڙهي ڪتاب ڦٽو ڪري ڇڏيندو هو ۽
پنهنجو طبعزاد لکندو هو. موهن جي ان عادت کان مان
به متاثر آهيان. پڙهان گهٽ، لکان وڌيڪ. سو موهن
ڪلپنا مون کي گهڻو پسند رهيو. علي بابا به مون کي
گهڻو وڻندو آهي. ’بنگالي ادب‘ مان شرت چندر جو
منهنجي ساهت تي وڏو اثر آهي. شيخ اياز جي نثر ۾ به
منهنجو موهه آهي. پر هو حوالا گهڻا ٿو ڏئي ۽ انهن
حوالن هيٺ هن جي اصل ڳالهه دٻجيو ٿي وڃي. مثال
طور، هن جي آتم ڪٿا جا اسي صفحا پڙهو ته اٺ صفحا
هن جا اوريجنل، باقي سڀ حوالا ۽ ائين هن جو پنهنجو
ڪردار پوريءَ طرح هن جي نثر مان اُڀري ڪونه ٿو.
ليکڪ کي حقيقت پسند ٿي لکڻ گهرجي، مان ان جو ئي
قائل آهيان.‘
اياز ۽ شيام ڪيئن لڳندا آهن اوهان کي؟
’شيخ اياز مون کي ڪڪرن جي گجگوڙ ۽ نارائڻ شيام
سمنڊ جي سانتيڪي لهر وانگر لڳندو آهي.‘
سنڌ مان اوهان ڪهڙي صورتحال ۾ لَڏيو هو... ۽ هن
وقت تائين ڪيترا ڀيرا سنڌ آيا آهيو؟
هتان مان ڇاڪاڻ ته 1946ع ۾ ويو هئس، تنهنڪري
ورهاڱي کان پوءِ لڏي ويلن سان مون کي نه گڏيو وڃي.
مان شادي شده هئس ۽ برٽش انڊيا واري زماني ۾
ناناڻن سان ملڻ لاءِ انڊيا ويو هئس ۽ پٺيان ورهاڱو
ٿي ويو.
’مان جڏهن 1986ع ڌاري پهريون ڀيرو سنڌ ۾ آيس ته
هتي دوستن ۽ اديبن تمام گهڻي محبت ڏني. انڊيا ۾ ڪن
ماڻهن کان اها ڳالهه برداشت نه ٿي. ريڊيو ۽ اخبارن
۾ منهنجي خلاف الائي ڇا ڇا لکيائون، ان سبب مون کي
ٿوري تڪليف به آئي. جيتوڻيڪ مان سياسي ماڻهو قطعي
ڪونه آهيان ۽ سنڌ ۾ ايندو آهيان ته اخبار به نه
پرهندو آهيان ۽ نه وري ميڊيا تان ڪي خبرون ئي
ٻڌندو آهيان. رڳو دوستن سان ملندو آهيان ۽ دل کولي
محبتون ونڊيندو رهندو آهيان. هن دفعي مان چوٿون
دفعو سنڌ ۾ آيو آهيان. ان لاءِ فراخدليءَ سان ويزا
ڏيڻ تي مان پاڪستان حڪومت جو شڪرگذار آهيان.
ڇا پنجون دفعو به اچڻ جي اِڇا رکو ٿا؟
’سچ پڇو ته مان پنهنجي ديهه (جسم) به هتي ئي
تياڳڻ ٿو چاهيان... هن سنڌ مٽيءَ سان ملي مٽي ٿي
وڃان، منهنجي لاءِ ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو سڀاڳ
هوندو.... سچ پچ ته جيڪڏهن مون کان منهنجي آخري
خواهش پڇڻ چاهيو ٿا، ته ان جو جواب هي آهي، ته
’مان هن مٽيءَ سان ملي هڪ ٿيڻ چاهيان ٿو.‘
ڇا ان ڳالهه کي اوهان جي وصيت سمجهڻ گهرجي؟
’اها منهجي وِش آهي، پر ان سان گڏوگڏ مون لکت ۾
هيءَ وصيت به ڪري ڇڏي آهي، ته جيڪڏهن انڊيا ۾
منهنجو ديهانت ٿئي، ته منهنجي رَک ٽن حصن ۾ ورهائي
وڃي: هڪڙو حصو سنڌ ۾ سنڌونديءَ ۾ پرواهه ڪيو وڃي،
هڪ حصو گنگا ۾ (جيڪا منهنجي ماسي آهي) هردوار
موڪليو وڃي ڇو ته مان ننڍي کان وڏو اُتي ٿيو
آهيان. ۽ ٽيون حصو بمبئيءَ ۾ سمنڊ جي حوالي ڪيو
وڃي، جنهن مون کي زندگيءَ جي راهه ۾ اڳتي وڌڻ ۾
مدد ڪئي آهي.‘ |