سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2006(1)

 

صفحو :6

ادبي اصطلاحن ۽ ادبي نظرين جي لغت – 1

ڊاڪٽر فهميده حسين

موجوده دور ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ آرٽ خصوصاً ادب تي دنيا جي مختلف متن، نظرين، تحريڪن ۽ تجربن جو اثر لازمي طور پيو آهي، جن سان لاڳاپيل هزارين لفظ ۽ اصطلاح ڪتابن ۾ ٽڙيا پکڙيا پيا آهن. انگريزي ٻوليءَ ۾ انهن کي سهيڙي لغتن ۽ ڏسڻين جو روپ پڻ ڏنو ويو آهي. سنڌيءَ ۾ پڻ اهڙي ضرورت محسوس ٿئي ٿي، خاص ڪري ادبي اصطلاحن کي عالمي ادب جي تناظر ۾ سمجهڻ تمام ضروري آهي. انهيءَ ڳالهه کي ذهن ۾ رکي سنڌي ادبي بورڊ جي پبليڪيشن ڪاميٽيءَ، جي.اي. ڪڊن جي سهيڙيل مشهور ڪتاب ”ڊڪشنري آف لٽرري ٽرمس اينڊ لٽرري ٿيوري“، کي ترجمو ڪرڻ جي ذميواري منهنجي حوالي ڪئي آهي، جنهن کي پهرين ”مهراڻ“ ۾ قسطن ۾ شايع ڪيو ويندو، ۽ پوءِ ان کي ڪتابي صورت ۾ آندو ويندو. هڪ ڳالهه جي وضاحت ڪرڻ ضروري آهي ته هن لغت ۾ ڏنل هرهڪ لفظ يا اصطلاح  جو ترجمو ڪرڻ بدران صرف اهڙا اصطلاح چونڊيا ويا آهن، جن جي ڄاڻ هن خطي جي ماڻهن لاءِ ضروري آهي، يا جن جو ڪونه ڪو حوالو هتان جي آرٽ/ادب سان ٿي سگهي ٿو. يوناني، لاطيني، انگريزي يا ٻين يورپي ادبي ڪاوشن کان سواءِ ڪن ٻين ٻولين جي ادبي ڪاوشن مان ڏنل مثالن مان به صرف اهي ترجمو ڪيا ويا آهن، جن جي ذريعي ڪنهن اصطلاح کي سمجهڻ ۾ سولائي ٿئي ٿي. اهو پڻ واضح ڪندي هلان ته هي ڪو لفظي ترجمو ڪونهي، جنهن ۾ هرهڪ لفظ جي معنيٰ ڪيل هجي، بلڪ هي مختلف فني ۽ ادبي اصطلاحن کي سمجهڻ لاءِ مفهوم ۽ مقصد کي سامهون رکي ڪيو ويو آهي. اميد ته پڙهندڙ ان مان لاڀ پرائيندا. پڙهندڙن جي راين جي روشنيءَ ۾ هن کي اڃا به بهتر ڪري سگهجي ٿو. - ف . ح

Abbey Theatre (ايبي ٿئيٽر)

هي آئرش ٿئيٽر جو سڀ کان مشهور ٿئيٽر هو، جيڪو 1899ع ۾ ڊبليو بي ايٽس ۽ ليڊي گريگوريءَ پاران هلايل ناٽڪ- تحريڪ جو مرڪز هو، جنهن جو مقصد اهو هو ته وڌ ۾ وڌ آئرش موضوعن کي آئرش ناٽڪن ۾، اتان جي ئي اداڪارن ذريعي پيش ڪجي. هن ۾ گئلڪ ٻوليءَ ۾ ڊراما پيش ڪرڻ تي به زور ڏنو ويندو هو. 1951ع ۾ ان جي سڙي وڃڻ کان پوءِ ٻيهر 1966ع ۾ اُن کي اَڏيو ويو.

Abenteurroman (گئلڪ ٻوليءَ جو لفظ = مهم جوئيءَ وارو ناول) فڪشن يا افسانوي ادب/ ناول جو هڪ نمونو جنهن جو مقصد ته تفريح هوندو آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن ان ۾ سنجيده مقصد به هوندو آهي. غالباً اهو وچئين دور جي نثري توڙي منظوم آکاڻين وٽان آيل آهي، جيڪي يورپ ۾ ڪيترين ئي ٻولين ۾ مشهور هيون.

-ab ovo ايب اووو (لاطيني لفظ = آني/بيضي مان)

هيءُ اصطلاح اهڙي ڪهاڻيءَ لاءِ ڪم ايندو آهي جيڪا بنهه شروعاتي واقعن سان/ منڍ کان بيان ٿئي (بجاءِ وچ يا آخر جي) اهڙو طريقو هوريس سندس تصنيف Ars Poetica ۾ اختيار ڪيو هو.

absolutism ايبسوليوٽزم: مطلقيت

اهو هڪ اصول يا نظريو آهي، جنهن مطابق ڪنهن به فنپاري جي پرک ڪرڻ لاءِ نج پڪا پختا/ نه بدلجندڙ معيار موجود هوندا آهن. هن مطلقيت يا نجپڻي واري نظريي موجب اهڙا قدر بنيادي ۽ اڻمٽ هوندا آهن.

abstract ايبسٽريڪٽ، تت، تجريدي

هن لفظ جون ٻه معنائون ٿي سگهن ٿيون:

(i) ڪنهن به ليک جو تت يا خلاصو.

(ii) اهڙو ليک جنهن جو ڪو مقرر/ٺوس روپ نه هجي. تجريدي- هڪ اهڙو جملو تجريدي سڏبو، جيڪو ماڻهن يا شين بابت عمومي ڳالهه ڪري، مثلاً: ”سڀ مرد ڪوڙا آهن.“ پر جي چئبو  ته”سمٿ ڪوڙو آهي“ ته اهو تجريدي ڪونه چئبو. ڪنهن جملي جو مضمون به تجريدي ٿي سگهي ٿو، مثلاً: ”حاڪم طبقن جي دولت.“ ان کان سواءِ اهڙا لفظ جيڪي ڪنهن وصف يا گڻ بابت هجن، مثلاً ”گرمي،“ ”عقيدو،“ وغيره اُن دائري ۾ اچن ٿا.

اڪثر نقاد عڪسيت/محاڪات جي ٺوس يا تجريدي هئڻ بابت پڻ اهو اصطلاح استعمال ڪندا آهن. شاعريءَ ۾ تجريد کان وڌيڪ مقرر روپ کي وڌيڪ بهتر سمجهيو ويو آهي. فلپ سڊنيءَ 1595ع ۾ ”شاعريءَ جو عذر“ (Apologie for Poetrie) نالي ليک ۾ شاعريءَ جي مقرر روپ کي ساراهيو آهي. نيوڪلاسيڪي دور ۾ عموميت کي اهميت ڏني وئي، پوءِ نظرياتي طور مقرر/ٺوس روپ کي ورڊسورٿ، ڪولرج ۽ شيلي هڪ ڀيرو وري ترجيح ڏني. ويهين صديءَ ۾ اڃا به سوچ ۾ مضبوطي آئي، ازرا پائونڊ ۽ ٽي.اي.هلمي مقرر شاعريءَ جو نظريو آندو.

-academic اڪئڊمڪ

هن لفظ جون چار بنيادي معنائون ڪيون وڃن ٿيون:

(i) ”اڪئڊمي“ جو لفظ افلاطوني نقطئه نظر جي حوالي سان لاڳاپيل هئڻ ڪري اهو حوالو

(ii) ڪو اهڙو ڪم يا ماڻهو، جنهن ۾ علميت ۽ قابليت هجي.

(iii) تخليق جي عمل جي نتيجي ۾ پر ترڪيب جي اصولن متعلق

(iv) گهٽ اهميت وارو.

ٽئين ۽ چوٿين مفهوم موجب ادب ۾ اهو لفظ عموماً ڪنهن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ به استعمال ٿيندو آهي.

academy اڪئڊمي

هي لفظ اٿينس ويجهو هڪ باغيچي جي نالي مان نڪتو آهي، جتي افلاطون جي اڪئڊمي 387 ق.م کان 529ع تائين موجود هئي. اهو نالو اٽليءَ جي عالمن پاران نئين سجاڳيءَ واري دور ۾ اختيار ڪيو ويو، پر هاڻي اهو هر اهڙي اداري لاءِ ڪتب ايندو آهي، جيڪو سکيا سان لاڳاپيل هجي، پوءِ ڇو نه اها جنگ جي سکيا هجي، جيئن ”رايل ملٽري اڪئڊمي“ وغيره.

-accent ايڪسينٽ = زور

ڪنهن هڪ پد تي زور، خصوصاً شاعريءَ جي سٽ ۾.

Accidence ايڪيسڊنس، اکر ويچار (اتفاقي)

گرامر جي اها شاخ جيڪا اوچتو يا حادثاتي طور عمل ۾ اچي، جيئن گردان يا لفظن جون بدلجندڙ پڇاڙيون.

-acephalous (يوناني لفظ، معنيٰ ”بنان مٿي جي“)

هڪ موزون سِٽ، جنهن جو مقرر وزن جي حساب کان پهريون پد کٽل هجي، هڪ iambic (هڪ ڊگهي ۽ هڪ ننڍي پد واري سِٽ) جنهن ۾ پهرين هڪ پدو فوٽ هجي.

-acmeism ائڪمي ازم (acme= اوچي حد، ڇوٽ)

اها هڪ تحريڪ هئي جيڪا 20 صديءَ جي شروع ۾ روسي شاعرن جي هڪ گروه علامت نگاري (Symbolism) جي خلاف هلائي هئي. انهيءَ جو گهڻو ڪم ”اپولون“ نالي رسالي ۾ شايع ٿيو. اها تحريڪ گهڻو وقت ڪانه هلي ۽ 1920ع ڌاري ختم ٿي وئي، پر ان ۾ چڱا ناميارا شاعر شريڪ هئا جن ۾ نڪولائي گميليف (1921- 1886ع)، اوسپ مينڊلسٽم (1940- 1891ع) به شامل هئا ته اينا اخماتوف (1967- 1889ع) به، جنهن کي سريلن گيتن جي لکندڙ طور وڏي مڃتا حاصل آهي.

-acronym ايڪرونِم = مخفف نالو

هڪ اهڙو لفظ، جيڪو ڪن ٻين لفظن جي شروعاتي اکرن جي پدن مان ٺهيو هجي ۽ هڪ جدا نالو بنجي وڃي، جيئن ”نيٽو“ ۽ ”ريڊار“، جيڪي اصل ۾ مخفف آهن (اصل لفظ آهن نارٿ ايٽلانٽڪ ٽريٽي آرگنائيزيشن NATO = ۽ ريڊيو ڊٽيڪشن اينڊ رينچنگ (RADAR =

-acrostic ايڪراسٽڪ: معمو، ڳجهارت:

اخبارن ۽ رسالن ۾ ايندڙ عام قسم جي لفظي صنعت يا اکرن ۾ ڳجهارت يا اهڙو ڪو نظم به ٿي سگهي ٿو جنهن جي سٽن جا پهريان اکر ملائي پڙهجن ته ڪو هڪ لفظ يا  وڌيڪ لفظ به ٺهي پون. ساڳئي نموني سِٽ جي وچ وارن يا آخري اکرن سان به ڪري سگهجي ٿو.

مشهور انگريزي شاعر چاسر پنهنجي 24 مصرعن واري نظم ۾ هر سِٽ جي پهرئين لفظ جي شروع ۾ اي کان زيڊ تائين انگريزي الفابيٽ جا اکر استعمال ڪيا. ڪيترا ڊرامانگار پنهنجن ڊرامن جا عنوان اهڙيءَ ترتيب سان ٺاهيندا هئا، جن مان ڊرامي جي موضوع جي خبر پئجي ويندي هئي.

اهڙن لفظن جي چوڪڙي هن طرح به  ٿي سگهي ٿي:

R O T A S

O P E R A

T E N E T

A R E P O

S A T O R

هنن لفظن کي ساڄي کان کاٻي ۽ ابتڙ پڙهو يا مٿان کان هيٺ ۽ هيٺان کان مٿي پڙهو ته سڀ لفظ ساڳيا ٺهندا. انهيءَ مٿئين لفظي صنعت واري چوڪڙيءَ جي معنيٰ ڪجهه به هجي پر اها مختلف تهذيبن ۾ جادو، ٽوڻي، ڦيڻي يا تعويذ طور به استعمال ٿيندي رهي آهي. ان جا اهڃاڻ مصر ۾ چوٿين ۽ پنجين صديءَ ۾ به مليا آهن. ايٿوپيا ۾ ڇهين صديءَ ۾ انهن پنجن لفظن کي ڦيرائي Adera, Danet, Alador, Sador ۽ Rodas ڪيو ويو جن کي حضرت عيسيٰ عه جي صليب ۾ لڳل ڪوڪن جي نالن طور استعمال ڪيو ويو.

فرانس ۽ ڏکڻ آمريڪا ۾ به چريائپ جي علاج لاءِ نانگ بلا جي ڏنگ يا ويم ۾ سولائيءَ لاءِ انهن اکرن جي جهاڙ/ ٽوڻي جو استعمال ملي ٿو.

-act ايڪٽ يا ڊرامي جو بنيادي ايڪو

هرهڪ ايڪٽ ۾ هڪ يا وڌيڪ منظر ٿي سگهن ٿا. يوناني ڊراما مسلسل هڪ مڪمل ايڪي طور ڪيا ويندا هئا، جنهن ۾ وچ وچ ۾ ڪورس ۾ ڪجهه چيو ويندو هو. سمجهيو وڃي ٿو ته هوريس اهو پهريون ماڻهو هو جنهن پنجن ايڪٽن واري ڊرامي تي زور ڏنو. نئين سجاڳيءَ واري دور ۾ ڪنهن مرحلي تي فرينچ ڊرامي نگارن انهيءَ کي عام اصول بڻائي ڇڏيو. شيڪسپيئر ۽ سندس همعصرن جي ڊرامن ۾ فطري وٿيون آهن، جن کي ايڪٽن واري ورهاست چئي سگهجي ٿو. انگلنڊ ۾ بين جانسن پنجن ايڪٽن واري ڊرامي جو بنياد وڌو. ان کان پوءِ ايڪٽن کي ڌار ڌار ڏيکارڻ لاءِ پردي ڪيرائڻ جو رواج پيو. ابسن (1906- 1828ع) ايڪٽن کي گهٽائي چار ڪيو. چيخوف (1904- 1860ع) جهڙن ڊراما نگارن به چار ايڪٽ رکيا، پر ويهين صديءَ جي ابتدائي سالن ۾ ٽن ايڪٽن جي ڊرامن کي ترجيح ملڻ لڳي، تنهن هوندي به ٻن ايڪٽن وارا ڊراما به لکبا هئا. جديد دور ۾ ايڪٽ ڪيترا به هجن، پردو صرف انٽرويل ۽ آخر ۾ ڪيرايو ويندو آهي. جديد ڊراما منظرن جي تسلسل سان پيش ڪيا ويندا آهن.

- action ايڪشن، عمل:

هن لفظ کي ٻن مختلف معنائن ۾ سمجهي سگهجي ٿو:

(i) ڪنهن ڊرامي، ناول، افساني، بيان يا نظم جي مکيه ڪهاڻي.

(ii) پلاٽ کي ٺاهيندڙ واقعن جو مکيه سلسلو.

ايڪشن ڊرامي جو بنياد هوندو آهي، جنهن جو مطلب آهي اڳتي وڌڻ. اسٽيج تي جسماني چُرپُر يا ڪجهه چوڻ کان سواءِ به ايڪشن ٿي سگهي ٿو، ان جو خاص مقصد آهي ڪردار يا پلاٽ کي پڌرو ڪرڻ.

-activism ايڪٽوِزم

پهرين مهاڀاري لڙائيءَ جي آخري وقت ۾ دانشورن جي فعال سياسي وابستگيءَ کي انهيءَ لفظ ذريعي بيان ڪيو ويو. تاريخي لحاظ کان اهو اظهاريت سان لاڳاپيل آهي ۽ جيتريقدر ڊرامي جو تعلق آهي ته ان ذريعي سماجي مسئلن جو حقيقت پسنداڻو حل ڳوليو ويندو هو. ان جو واسطو خاص طور ڪرٽ هلر سان آهي، جنهن اظهاريت سان وابسته شاعرن لاءِ هڪ ڪلب ٺاهي ۽ فرانز فيمپفرٽ 1911ع ۾ ”ايڪشن“ نالي رسالو ڪڍيو. هاڻي هي اصطلاح خاص سياسي اصطلاح بنجي چڪو آهي.

-adaptation ايڊاپٽيشن: تمثيل، اتارڻ

ڏٺو وڃي ته هي لفظ ٿلهي ليکي ڪنهن ادبي/فني ڪم کي هڪڙي فارم مان ٻئي ۾ آڻڻ لاءِ استعمال ٿئي ٿو، جيئن ناول يا ڊرامي کي فلم يا ٽيليويزن جي اسڪرپٽ ۾ بدلائڻ.

-adynation ايڊينيشن: مبالغي جي انتها.

مبالغي يا وڌاءُ  جو هڪ قسم، جنهن ۾ ڪنهن واقعي کي ايترو وڌائي پيش ڪجي، جو اهو ناممڪن لڳي. اڪثر شاعر ان کي پنهنجي شاعريءَ ۾ استعمال ڪندا آهن.

-ae freislighe اءِ فرسلاءِ:  چَوسِٽو

هي آئرش شاعريءَ ۾ چئنمصراعن وارو نظم آهي، جنهن ۾ هرهڪ سِٽ ۾ ست، لفظي پد هوندا آهن ۽ قافيو هڪ سٽ ڇڏي ٻيءَ ۾ هوندو آهي. اهو نظم جنهن لفظ يا پد سان شروع ٿيندو آهي، ان سان ئي ختم ٿيندو آهي.

-Aeolic ايئولِڪ (يوناني لهجي جو لفظ)

هي هڪ يوناني لهجي سان لاڳاپيل لفظ آهي جنهن ۾ سيفو پنهنجي شاعري ڪئي هئي.

-Aeschylean ايسڪائلين

ايسڪائيلس (456- 525 ق.م) نالي يوناني الميه ڊرامي نگار جي طرز موجب... سنجيده، مهان، شان شوڪت وارو.

- aesop language ايسپ لئنگئيج: ايسپ محاورو

ميخائيل سلتيڪوف (89- 1826ع) اهو اصطلاح مخالف سياسي لکڻين لاءِ گهڙيو. اهو سينسر ڪرڻ لاءِ گهڙيل ادبي ٻهروپ هو. يوناني ڪهاڻين جي خالق ايسپ (6 صدي ق.م) بابت خيال آهي ته هن انهن ڪهاڻين ذريعي ڪي سياسي نڪتا به بيان ڪيا هئا. هن ۾ پڙهندڙ کي بين السطور يا سٽن ۾ لڪل ڪي اشارا ۽ اهڃاڻ سڃاڻڻا پوندا آهن. خود سلتيڪوف پاڻ به اهڙي ٻوليءَ ۾ ڪيترائي طنزيه خاڪا لکيا.

 aesthetic distance ايسٿيٽڪ ڊسٽنس: جمالياتي حد

هن اصطلاح جو مطلب آهي پڙهندڙ (يا ڏسندڙ) ۽ فنپاري ۾ نفسياتي لاڳاپو. جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪو نظم ڪن ذاتي سببن جي ڪري ناپسند هجي ته ان سان سندس معروضي ردعمل تي اثر نه پوڻ گهرجي. فنپاري بابت راءِ ڏيڻ يا لکڻ کان اڳ ۾ پڙهندڙ يا نقاد کي گهرجي ته ذاتي سبب ۽ معروضي حالت ۾ توازن رکي ۽ فنپاري کي جمالياتي سطح تي پرکڻ کان پهرين اهڙي فاصلي جو تعين ڪري، جنهن سان حقيقت کي جماليات سان منجهائڻ کان پاسو ڪري سگهي.

- aestheticism ايسٿيٽسزم: جمالياتي نظريو

هي هڪ پيچيدو لفظ آهي، جنهن ۾ گهڻائي مفهوم سمايل آهن. هي هڪ يوناني لفظ مان نڪتل آهي، جنهن جو مطلب آهي ”اُهي شيون جيڪي حواسن سان ماڻي سگهجن.“ 1750ع ۾ اي. ٽي. بامگرٽن هڪ دستاويز ”ايسٿيٽيڪا“ ناليشايع ڪيو، جنهن ۾ ”لذت يا ذائقي“ کي فلسفياڻو نظريو سمجهڻ تي تنقيد ڪئي وئي هئي. آهستي آهستي اهو اصطلاح خوبصورتي يا لذت جي نظريي بابت تنقيد سان لاڳاپجي ويو.

هڪ aesthete اُهو آهي جيڪو آرٽ ۾، موسيقيءَ ۽ ادب ۾ ”حُسن“ تلاش ڪري ۽ ان سان وابسته ٿئي. Aestheticism يا جماليات هڪ اهڙو اصطلاح آهي، جيڪو 19 صدي عيسويءَ ۾ وري هڪ تحريڪ، متي يا حساسيت جي هڪ طرز لاءِ مخصوص ٿي ويو (اهو شين ڏانهن ڏسڻ ۽ انهن بابت محسوس ڪرڻ جو هڪ خاص طريقو آهي).

بنيادي طرح هي اهو نقطئه نظر ڏئي ٿو ته آرٽ يا فن پنهنجو پاڻ ۾ مڪمل آهي ۽ اهو پاڻ پنهنجي طور مقصد به آهي، ان کي ڪو ٻئي مقصد پوري ڪرڻ جي ضرورت ڪانه آهي. اهو نصيحت، سياسي وابستگيءَ وارو،پرچاري، اخلاقي يا ڪجهه ٻيو نه، صرف آرٽ هئڻ گهرجي ۽ ان کي ڪنهن غيرجمالياتي معيار موجب پرکڻ نه گهرجي (مثلاً ان جو ڪو ڪارج هجي يا نه هجي).

هن متي يا تحريڪ جو بنياد رومانوي دور جي ڪيترن جرمن ليکڪن جي لکڻين ۾ ڏسي سگهجي ٿو، جن ۾ ڪانٽ، شيلنگ، گوئٽي ۽ شلر شامل آهن. انهن سڀني کي ان ڳالهه سان اتفاق هو ته آرٽ خودمختيار هجي (يعني پنهنجو پاڻ کي پاڻ هلائي) ۽ ان کان پوءِ فنڪار ڪنهن جو احسانمند نه هجي. نتيجي طور ان مان اهو به مطلب ڪڍيو ويو تهفنڪار ٻين کان ڌار هڪ خاص فرد آهي. جرمن دانشورن مان خاص ڪري گوئٽي جو گهڻو اثر ٿيو. انهن جا خيالات برطانيا ۾ ڪولرج ۽ ڪارلائل، آمريڪا ۾ ايڊگرايلن پو ۽ ريلف والڊوامرسن، فرانس ۾ مادام ڊي اسٽئل، وڪٽر ڪزن ۽ ٿيوفائيل جوفري آڻي شامل ڪيا.

انهيءَ جمالياتي نظريي (حسن جي سائنس) سان لڳ ڀڳ برابري ڪندڙ هڪ نظريو فن براءِ فن جو پڻ موجود آهي ۽ ان تحريڪ کي پارنيسيئنزم (Parnassianism) سڏيو وڃي ٿو. ”گاتئر جي مادموزيل ڊي ماپن“ (1835ع) کي نئين جمالياتي نڪتي جو آڳاٽو مثال سڏيو ويو آهي. ان کان پوءِ  بودليئر (۽ بعد ۾ فلابرٽ ۽ ميلارمي) هن جماليات کي هڪ متي طور متعارف ڪرايو ۽ فرانس جي علامت نگار شاعرن تي سندن وڏو اثر ٿيو. انگلنڊ ۾ جمالياتي نظريو فرينچ اثر ۽ مڪاني خيالن جو نتيجو هو. ان نئين موقف جو مطلب اهو هو ته آرٽ جو زندگيءَ سان ڪو تعلق ڪونهي، انڪري ان جو اخلاقيات سان به ڪو واسطو ڪونه ٿيندو. (جيئن پوءِ نصيحت واري روايت کي ننديو هو) ۽ پوءِ وڪٽورين دور ۾ اسان کي سوئين برن (جيڪو بودليئر کان متاثر هو) فن براءِ فن واري نظريي جو اعلان ڪندو نظر اچي ٿو. والٽر پيٽر اهو نظريو ڏنو ته زندگيءَ کي پاڻ آرٽ جي حوالي سان ورتائڻ گهرجي. هن جي مضمونن جو مجموعو ”نئين سجاڳي“ (The Renaissance) (1873) جو اوڻيهين صديءَ جي آخري ڏهاڪي وارن شاعرن تي چڱو اثر ٿيو، خاص ڪري وائيلڊ، ڊائوسن، ليئونل جانسن  ۽ سائمنس وغيره. ان کان پوء ”زندگي نه پر فن“، ”زندگيءَ بدران فن يا زندگيءَ جو بدل فن“، ”زندگي بطور فن يا فنپارو“ وغيره اصطلاح مشهور ٿيا.

جزوي  طور تي جماليات جو نظريو پوئين وڪٽورين دور جي ماديت ۽ سرمائيداريءَ خلاف هڪ قسم جو ردعمل ٿو محسوس ٿئي. هن نظريي جي پوئلڳن جي ادب ۾ خاص ڪري شاعريءَ ۾ هڪ قسم جي بيزاري ڏسڻ ۾ ٿي اچي، ان جي ابتڙ هن دور جي ڪيترن ناول نگارن جهڙوڪ: ڊڪنس، زولا، گسنگ ۽ سيميوئل بٽلر وغيره حقيقت کي سهڻي نموني پئي ورتايو.

شاعريءَ ۾ (آرٽ وانگر) جماليات هڪ قسم جي فراريت پئي محسوس ٿئي ۽ هن دور جي ڪيترن شاعرن مواد ۽ مقصد بدران خوبصورت موسيقيءَ جا تاثر پيدا ڪرڻ کي ترجيح ٿي ڏني ۽ انهن اهڙي حسيت لاءِ پئي جاکوڙيو، جنهن کي پوء ”پيوئر پوئٽري“ يا خالص شاعريءَ جو نالو ڏنو ويو. بعد ۾ هنن شيلي ۽ ڪِيٽس کان متاثر ٿي پراڻي ٻوليءَ کي وري آندو ۽ ڪلاسيڪي ديومالا کي ٻيهر جياريو. هن متي وارن وٽ وچئين دور ۽ بهادريءَ/ سورهيائيءَ وارن رومانوي قصن جي وڌيڪ اهميت هئي. هن ڏس ۾ وڏا ۽ اهم نالا آهن ٽينيسن، وليم مورس، سوئن برن وغيره. ان ۾ پوءِ ٻيا به ڪيترا نالا شامل ٿي ويا، جن ۾ نمايان آسڪروائيلڊ آهي، پر پوءِ اوڻيهين صديءَ جي آخر ۾ ان جي شدت جهڪي ٿي.

ان نظريي جو هاڪاري پهلو اهو آهي ته هڪ بدصورت ۽ ظالم دَور جي خوفناڪ اڻبرابريءَ، ڏاڍ ۽ منافقيءَ خلاف هڪ برجستو اثر پيدا ٿيو. اها حُسن ۽ ان جي آزاد هئڻ واري احساس کي سڃاڻڻ جي هڪ ڀرپور ڪوشش هئي... ٻئي طرف ان جو ناڪاري پهلو اهو آهي ته اهو نظريو مخصوص پابندين، جڙتو بناوٽن کان ٿيندو اجائي آدرشپڻي ۽ هڪ قسم جي فضوليات جو شڪار ٿيندو ويو، جيڪا ڳالهه اڃا تائين ختم ڪانه ٿي آهي. پاپ (Pop) پڻ جمالياتي نظريي جو ئي هڪ نمونو آهي، جيڪو هڪ قسم جو ردعمل آهي بدديانت ۽ ڪمرشل دنيا جي خلاف.

- affectation افيڪٽيشن: ڍونگ، اڻ مناسبت

موقعي مهل، مواد ۽ فارم سان نه ٺهڪندڙ طرز تحرير اختيار ڪرڻ. 18 صدي عيسويءَ ۾ ليکڪن هن قسم جي نامناسبت سڃاتي.

- affective fallacy افيڪٽو فيلسي: ڪوڙي تاثر واري غلطي، تنقيدي غلطي.

هي ڪنهن نظم ۽ ان مان پيدا ٿيندڙ تاثر يا نتيجي جي وچ ۾ پيدا ٿيندڙ مونجهاري لاءِ مخصوص اصطلاح آهي ( ته اهو نظم ڇا آهي ۽ ان جي مقصد جو ان سان ڪهڙو تعلق آهي). ڪنهن فنپاري کي پرکڻ مهل پڙهندڙن تي ڇڏيل اثر کي سامهون رکي ڪيل تنقيدي غلطيءَ لاءِ به اهو اصطلاح استعمال ڪيو ويندو آهي. جيئن ڪو ماڻهو مشهور انگريزي شاعر اسپينسر جو مشهور نظم ”فيئري ڪوئين“ پڙهي محض انڪري ان کي خراب نظم ڪوٺي جو منجهس پروٽيسٽنٽ متي خلاف بُڇان پيدا ڪيائين. انهيءَ قسم جي تنقيدي غلطي نثر سان به لاڳو ٿي سگهي ٿي.

 


 

غلام محمد لاکو

ڪلهوڙا دور جو گُمنام فارسي ادبي ذخيرو

 

سنڌ جي تاريخ ۾ ڪلهوڙن جي دور کي علمي ۽ ادبي لحاظ کان ”سونهري زمانو“ سڏيو وڃي ٿو. سنڌي زبان جو عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه هن دور ۾ پيدا ٿيو. پهريون ڀيرو سنڌي زبان ۾ وڏي پيماني تي ڪتاب لکيا ويا، جي اڪثر ڪري ’نظم‘ ۾ آهن. ڪلهوڙن جو دور فارسي علم ۽ ادب جي واڌاري لاءِ پڻ وڏي اهميت رکي ٿو. هن دور ۾ تاريخ، تذڪره، انشاء، ۽ سوانح واري باب ۾ نهايت عمديون تصنيفون وجود ۾ آيون. فارسي زبان ۾ لکيل اهڙن ڪتابن جو ڪجهه حصو ڇپجي چڪو آهي. ان ريت اهي ڪتاب علمي دنيا ۾ مڃتا ماڻي چڪا آهن(1).

هن مضمون ۾ ڪلهوڙا دور ۾ لکيل ڪجهه اهڙين تصنيفن، تحريرن ۽ ڪتابن جو سرسري ذڪر ڪيو ويندو، جن کي يا ته بلڪل وساريو ويو آهي يا وري انهن کي
غير اهم سمجهي، نظرانداز ڪيو ويو آهي، انڪري اڪثر اهڙيون تصنيفون هاڻي گم ٿي چڪيون آهن ۽ اسان کي صرف ڪتابن ۽ تذڪرن ۾ انهن جا حوالا ملن ٿا. ڪجهه ڪتاب اڄ به مختلف ڪتبخانن ۾ موجود آهن، جن جو بُرو حال ٿي چڪو آهي. هيٺ جدا جدا صنفن تي لکيل ڪتابن جو وچور پيش ڪيو ويندو.

ادب ۽ اخلاقيات:

ڪلهوڙن جي دور ۾ سنڌ اندر فارسي ادب جي شهپارن جو مطالعو به ٿيو، ته ڪجهه نوان ڪتاب پڻ لکيا ويا. ان کان علاوه نصيحت ۽ اخلاقيات جهڙن عنوانن تي به قلم کنيو ويو. فارسي ادب ۾ سيد ضياء الدين بدايوني ”نخشبي“ جي تصنيف ”طوطي نامه“ جي گهڻي واکاڻ ٿي آهي. نخشبي دهليءَ ۾ سن 750هه ۾ فوت ٿيو. مير نجم الدين ”عزلت“ (وفات: 1160هه) هنڏس ۾ قلم کنيو ۽
ضياءُ الدين جي تحرير کان به وڌيڪ عمدو ڪتاب ”طوطي نامه“ لکي تيار ڪيائين(2). عزلت جو تعلق ٺٽي جي شهر سان هو. ملا ابوالبقا ٺٽوي (وفات: 1174هه)، شيخ سعديءَ جي مشهور ڪتاب ”گلستان سعدي“ کي شاهنامي جي بحر وزن ۾ منظوم ڪري، ادبي دنيا جي آڏو آندو(3). مير محمد شفيع ”همت“ رضوي، پنهنجي دور جو ناليرو انسان ٿي گذريو. پاڻ ٺٽي جو حاڪم (سن 1125- 1127هه) به مقرر ٿيو. مير صاحب 1144هه ۾ فوت ٿيو. هن پنهنجي اولاد جي نصيحت ۽ تفريح لاء ”طلسم سعادت“ نالي هڪ ڪتاب لکيو. ڪتاب جو اڻپورو نسخو سنڌي ادبي بورڊ ۾ آهي(4). اخلاقيات جي عنوان تي مير علي شير قانع جا ٻه ڪتاب: زينت الاخلاق ۽ سرفرازنامه- پڻ جائزي هيٺ دور ۾ لکيا ويا(5).

جاگرافي ۽ قاموس:

فارسي زبان جي عالمن ۽ اديبن، ڪلهوڙن جي دور ۾ جاگرافي ۽ قاموس (انسائيڪلوپيڊيا) جهڙن عنوانن تي به لکيو ۽ ڪجهه ڪتاب تيار ڪيا. دستياب مواد جي آڌار تي مختصر گفتگو ڪنداسين. مير امين الدين خان اميرخاني (وفات: 1127هه) ٺٽي جو باشندو هو. ڪجهه وقت مغلن پاران ٺٽي صوبي جو حاڪم به رهيو. مير صاحب وفات کان اڳ هڪ ڪتاب ”معلومات الافاق“ جي نالي سان تيار ڪيو. ڪجهه لکندڙن هن ڪتاب کي جاگرافي ۽ ڪجهه ليکڪن ان کي قاموس ۾ شمار ڪيو آهي. هي ڪتاب ٻه ڀيرا مطبع نولڪشور لکنو مان 1870ع، ۽ 1873ع ۾ ڇپجي چڪو آهي(6). نولڪشپور پريس هي ڪتاب 198 صفحن تي مشتمل باتصوير ڇپيو هو.  جاگرافيءَ جي عنوان تي شيخ محمد اعظم هڪ ڪتاب ”هيئت العالم“ جي نالي سان تيار ڪيو. اٺن بابن تي مبني هي ڪتاب دنيا جي باري ۾ معلومات فراهم ڪري ٿو. هن جو هڪ نسخو سنڌي ادبي بورڊ جي ڪتبخاني ۾ آهي (7). مٿي ذڪر ڪيل امين الدين خان سن 1123هه ۾ ”رشحات الفنون“ نالي ڪتاب لکيو، جنهن ۾ سورهن علمن جو احاطو ڪيو ويو آهي. هي ڪتاب اڃا نه ڇپيو آهي، البت دنيا جي ڪتبخانن ۾ ان جا نسخا موجود آهن(8). مشهور مؤرخ ۽ تذڪره نويس مير علي شير قانع جو ڪتاب
”نصاب البلغاءِ“ ازحد دلچسپ تصنيف سمجهي وڃي ٿي. هن کي قاموس جي موضوع هيٺ شمار ڪيو ويو آهي. ڪنهن دور ۾ هن جو نسخو ڳڙهي ياسين ۾ مولانا محمد ابراهيم جي ذخيري ۾ موجود هو(9).

گرامر ۽ ٻولي:

ڪلهوڙا حاڪمن جي زماني ۾ فارسي زبان ۽ گرامر تي به قلم کنيو ويو. خاص ڪري اهڙا ڪتاب لکيا ويا، جن جو تعلق فارسي درس ۽ تدريس سان ڏسجي ٿو. درٻيلو سنڌ جو هڪ تاريخي شهر آهي. هن شهر جي ميان نظام الدين سن 1122هه ۾ ”انيس انجمن“ نالي هڪ ڪتاب لکيو. ويهه سال پوءِ ٻيو ڪتاب ”شمع انجمن“ جي نالي سان تيار ڪيائين. هي ڪتاب اصل ۾ پهرئين ڪتاب جو اختصار آهي. هن تصنيف جو تعلق فارسي صرف سان آهي، جنهن ۾ سنڌي لفظ به سمجهائڻ خاطر ڏنا ويا آهن(10). ميرقانع جو ڪتاب ”ميزان فارسي“ به صرف ۽ نحو جي باري ۾ لکيل ڏسجي ٿو(11)، ليڪن هن ڏس ۾ اهم نالو مخدوم ابوالحسن ڏاهريءَ جو آهي. ابوالحسن جو تعلقوچ سنڌ سان هو. پاڻ وڏو عالم ۽ صوفي ٿي گذريو. سندس وفات 1181هه ۾ ٿي. گرامر جي حوالي سان ابوالحسن ٽي مختصر ڪتاب لکيا: تبيان ابنيہ فارسي- هي ڪتاب گم ٿي ويل آهي. نبراس ميزان فارسي- تاريخي مدرسي چوٽياريون ۾ هن جو نسخو موجود هو. ٽيون مختصر رسالو ”نبراس تصاريف فارسيه“ جي نالي سان لکيائين. هي آخري ڪتاب ڊاڪٽر غلام محمد ڏاهري جي تعارف ۽ ترتيب سان سال 1996ع ۾ ڇپيو آهي(12). ڪلهوڙن جي آخري دور ۾ مخدوم محمد هاشم جي پوٽي مخدوم ابراهيم ”مفتاح الڪلام“ نالي هڪ ڪتاب لکيو. هن جو تعلق پڻ فارسي زبان جي قاعدن سان آهي(13).

طب، موسيقي ۽ رمل:

ڪلهوڙا حاڪمن جي طب سان گهري دلچسپي هجڻ سبب، ڪجهه نامور حڪيمن ۽ طبيبن هن عنوان تي قلم کنيو ۽ ڪي معياري ڪتاب لکي تيار ڪيائون. اڪثر سٺن طبيبن کي حاڪمن جي سرپرستي حاصل رهي. حڪيم شيخ محمد بکري (وفات: 1174هه)، لاثاني حڪيم ٿي گذريو. هن اکين جي بيمارين تي هڪ ڪتاب لکڻ شروع ڪيو. افسوس ته زندگي کيس هي ڪتاب مڪمل ڪرڻ جي اجازت نه ڏني(14). بکر جو حڪيم عبدالڪريم رضوي، وقت جي حاڪم ميان نورمحمد سان وابسته هو. پاڻ هڪ طبي ڪتاب ”جامع المنافع“ تيار ڪيائين. ڪنهن دور ۾ هن ڪتاب جو نسخو پيرجهنڊي جي ڪتبخاني ۾ هو(15). قديم شهر بکر جو رهواسي مير اسدالله شاهه ”ساقي“ سن 1181هه کان پوءِ فوت ٿيو. هن طب جي مشهور ڪتاب ”ذخيره خوارزم شاهي“ جو هڪ اختصار تيار ڪيو(16).

طب جي حوالي سان هڪ اهم نالو شهزادي ميان محمد دائود جو آهي. ميان صاحب اهل علم، حڪيم ۽ طبيب هو. عالمن ۽ طبيبن جو ازحد قدردان هو. ڪيئي حڪيم ۽ عالم هن جي درٻار سان وابسته هئا. محمد دائود بازن ۽ بازداري توڙي انهن جي بيمارين ۽ دوائن جا مقامي نالا ڏيندي، عنوان تي هڪ ڪتاب ”صيد المراد في قوانين الصياد“ جي نالي سان تيار ڪيو هو. هي ڪتاب انگريز عملدار ڊي.سي.فلٽ (D.C.Phillot) ڪلڪتي مان سال 1908ع  ۾ ڇپرايو هو. غلام رسول مهر هن ڪتاب تي ڀرپور روشني وڌي آهي(17). سيد حسام الدين راشدي، ميان محمد دائود جي لکيل هڪ ٻئي ڪتاب ”طب دائودي“ بابت معلومات ڏني آهي، جنهن جو قلمي نسخو پير صاحب پاڳاري جي ڪتبخاني ۾ هو(18). هڪ هندو طبيب پڻ محمد دائود جي دامن سان لاڳاپيل هو. ميان جي نالي جي نسبت سان هن پاڻ کي دائودي سڏايو. هن طبيب پڻ حڪمت تي هڪ ڪتاب لکيو هو، جيڪو چاليهه سال اڳ مشهور ڪاموري (ڊپٽي ڪمشنر)  قاضي سچيڏني جي تحويل ۾ هو(19).

جائزي هيٺ دور ۾ حڪيم عبدالرئوف بکري، پنهنجي دور جو نامور حڪيم ۽ فن موسيقيءَ جو ماهر ٿي گذريو. پاڻ مير عبدالجليل بلگراميءَ جو دوست هو. حڪيم عبدالرئوف کي ميان يارمحمد ڪلهوڙي جي سرپرستي حاصل ٿي. موسيقيءَ تي عبدالرئوف هڪ مڪمل ڪتاب ”ابوالنغم“ جي نالي سان لکيو هو(20).

مولوي محمد جعفر شيرازي ڪلهوڙن جي دور ۾ سنڌ اندر پهتو هو. تذڪرن ۾ هن جي شخصيت ۽ علميت جي وڏي ساراهه ڪئي وئي آهي. کيس وقت جي حاڪم ميان نورمحمد جي قربت حاصل ٿي. هن ميان صاحب لاء ”جفر جامع“ نالي هڪ ڪتاب لکن شروع ڪيو. قدرت جو شان ته ميان صاحب ۽ مرزا محمد جعفر، هڪٻئي پٺيان سن 1167هه ۾ فوت ٿيا. ان ڪري رَمل تي لکجندڙ هي ڪتاب مڪمل ٿي نه سگهيو(21).

تصوف:

هونئن ته هن زماني ۾ صوفين جا تذڪرا، ملفوظات ۽ پڻ نسب نامه، ڳچ تعداد ۾ لکيا ويا، ليڪن هن دور ۾ فارسي زبان ۾، خاص تصوف ۽ ان جي باريڪ بينين بابت پڻ اڪثر ڪتاب لکيا ويا. اسين ڪجهه ڪتابن جو تذڪرو ڪنداسين. مشهور مؤرخ ۽ تذڪره نويس مير علي شير قانع جي ٽن ڪتابن: مثنوي ختم السلوڪ، غوثيه، ۽ ميزان الافڪار- کي مختلف حوالن سان، مطالعه تصوف ۾ اهميت حاصل آهي. هي ٽئي ڪتاب منظوم آهن. هنن ڪتابن کان علاوه مير صاحب جي ٻن ڪتابن کي خاص اهميت حاصل ٿي. شجره اهل بيت، هي ڪتاب ناپيد آهي. طومار سلاسل گزيده، جنهن ۾ صوفين جي طريقت جا سلسلا بيان ڪيا ويا آهن(22). مير قانع جو ڪتاب ”معيار سالڪان طريقت“ به هن سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. ليڪن ادبي ڪتابن ۾ ان کي تذڪراتي ادب ۾ جاءِ ڏني وئي آهي. مخدوم محمد معين ٺٽوي هن دور جو نامور عالم ۽ صوفي ٿي گذريو آهي. اُويسي طريقي تي لکيل هن جو ڪتاب ”رساله اويسيه“ گهڻو مشهور آهي. تازي دور ۾ هن ڪتاب جو متن اردو ترجمي سان گڏ ڇپجي چڪو آهي(23). ميان فقيرالله علوي شڪارپوري (وفات: 1195هه)، هن دور جو نامور اهل قلم ٿي گذريو. سندس مڪتوبات جو هڪ ڪتاب سَو سال اڳ ڇپيو هو. ڪجهه خطن ۾ تصوف جي باري ۾ علمي گفتگو ڪيائين. تصوف تي هنجو فارسي ڪتاب ”طريق الارشاد“ خاص اهميت رکي ٿو. نيشنل ميوزم افغانستان ۾ موجود نسخي جو عڪسي ڇاپو مايل هرويءَ تيار ڪيو. هي ڇاپو وزارت ثقافت ۽ اطلاعات پاران جهازي سائيز ۾ سال 1981ع ۾ ڪابل مان ڇپيو آهي. هنن سڀني تصنيفن ۽ ڪتابن جي ڀيٽ ۾ مخدوم ابوالحسن ڏاهري (وفات: 1181هه) جي قلمي جاکوڙ خاص اهميت واري آهي. ڏاهري بزرگ جي اولين ۽ نمايان ڪاوش ”ينابيع الحياة الابديه“ جي نالي سان ظاهر ٿي. هي ڪتاب نقشبندي طريقي بابت آهي، جيڪو سن 1156هه ۾ تيار ٿيو. هي نادر تصنيف اڃا نه ڇپي آهي.

پروفيسر ابوالفتح محمد صغير الدين ”ينابيع“ جي ابتدائي حصي کي ايڊٽ ڪري سال 1971ع ۾ ڊاڪٽريٽ (Ph.D) جي ڊگري ورتي. ابوالحسن ڏاهري سن 1176هه ۾ ”ڪچڪول نامه“ نالي هڪ منظوم ڪتاب تيار ڪيو. هي ڪتاب مختصر آهي. سنڌ جي مشهور عالم مولانا
غلام مصطفيٰ قاسمي، هي ڪتاب ايڊٽ ڪيو آهي. ان جو ٻيو ڇاپو شاهه ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد پاران، سال 1978ع ۾ شايع ٿيو. هي ڪتاب علم عقائد ۽ ڪلام بابت آهي. شيخ عبدالرحيم گرهوڙي ڪلهوڙا دور جو نامور عالم، مصنف ۽ صوفي ٿي گذريو آهي. هن جون ٻه عدد تصنيفون فارسي زبان ۾ آهن: رساله گل نما (مثنوي)، ۽ مڪتوبات(24). ٻنهي ڪتابن جو تعلق سڌي يا ان سڌي طرح تصوف سان آهي. شيخ عبدالرحيم ”مڪتوبات“ ۾ مشهور عالم ۽ صوفي شيخ احمد سرهندي (وفات: 1034هه) جي خطن جو خلاصو پيش ڪيو آهي. شيخ عبدالرحيم سن 1192هه ۾ هڪ معرڪي ۾ شهيد ٿيو هو.

مذهبيات:

ذڪر هيٺ دور ۾ سنڌ جي عالمن مذهبي علمن تي پڻ قلم کنيو ۽ فارسي زبان ۾ ڪيئي ڪتاب تيار ڪيا. هن ڏس ۾ سيرت، اسلامي تاريخ، نماز ۽ فقه خاص اهميت رکن ٿا. علامه ابوالحسن ڏاهري متعدد ڪتاب لکيا. هڪ مختصر ڪتاب ”رساله نور“ فارسي نثر ۾ آهي. سال 1997ع ۾ فارسي متن ۽ ترجمي سان، مولانا محمد ادريس ڏاهري ”رساله نور“ شايع ڪيو آهي. نماز جي موضوع تي ”سراج المصلي“ نالي هڪ منظوم ڪتاب پڻ ابوالحسن ڏاهري تيار ڪيو. هن ڪتاب ۾ حنفي فقه مطابق نماز جي مسئلن جي اپٽار ڪيل آهي. هي ڪتاب سن 1163هه ۾ تيار ٿيو. حافظ غلام محمد ڏاهري سال 1993ع  ۾ ”سراج المصلي“ کيايڊٽ ڪري، سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽريٽ (Ph.D) جي ڊگري حاصل ڪئي. مخدوم ابوالحسن حنفي فقه موجب ماپ تور جي عنوان تي ”البدعة المرعية للوزن الشرعيہ“ نالي هڪ ڪتاب لکيو. ڪتاب گم آهي، البت علمي دنيا ۾ ان جا حوالا ملن ٿا(25). مخدوم محمدمعين ٺٽوي جداجدا عنوانن تي اڪثر ڪتاب عربي زبان ۾ لکيا، ليڪن ڪجهه ڪتاب فارسي ٻوليءَ ۾ پڻ لکيائين. هن ڏس ۾ سندس مشهور ڪتاب ”رساله دربيان اثبات رفع اليدين“ ليکيو وڃي ٿو. پاڻ هي ڪتاب عربي زبان ۾ پڻ تيار ڪيائين(26).

مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، ڪلهوڙا دور جو وڏو عالم ۽ مصنف ٿي گذريو آهي. مخدوم صاحب وڌ ۾ وڌ عربي زبان ۾ ڪتاب تيار ڪيا. عربي زبان کان سواءِ مخدوم محمد هاشم، ويهه عدد ڪتاب فارسي زبان ۾ پڻ لکيا. مخدوم صاحب جي فارسيءَ ۾ لکيل ڪتابن جي پڻ علمي دنيا ۾ گهڻي هاڪ آهي. اهوئي سبب آهي جو هن نامور عالم جي فارسي ڪتابن جي اشاعت سان گڏ، انهن تصنيفن جو مختلف ٻولين ۾ ترجمن وارو ڪم به ٿيندو رهي ٿو. هن ڏس ۾ خاص ڪري اردو ۽ سنڌي زبانن جو ذڪر اهميت وارو آهي. مخدوم صاحب ڪيترن ئي عنوانن تي لکيو آهي. پاڻ نماز، روزي، سيرت، اسلامي تاريخ ۽ جداجدا مسئلن جي حنفي فقه موجب تشريح تي طبع آزمائي ڪيائين. ان کان سواءِ همعصر عالمن سان پڻ سندس تحريري معرڪا ٿيندا رهندا هئا. اسين هت ڪجهه ڪتابن جا نالا ڏيون ٿا: ذريعة الوصول اليٰ جناب الرسول،
رشف الزلال في تحقيق في الزوال، حيات الصائمين، حيات القلوب في زيارت المحبوب، الباقيات الصالحات في ذڪر الازواج الطاهرات، وسيلة الغريب اليٰ جناب الحبيب، حديقة الصفاء في اسماء المصطفيٰ، مقدمة الصلواة (27).

مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي جنهن جو مٿي ذڪر اچي چڪو آهي، ان جي هڪ مختصر ڪتاب جو تازو پتو لڳايو ويو آهي. هي ننڍڙو ڪتاب ”فصل الخطاب في ارشاد المعزيٰ و المصاب“ تعزيتڪرڻ جي طريقي تي آهي. حافظ عبدالرزاق مهراڻ سڪندري، سن 2003ع ۾ هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو شايع ڪيو آهي. آخري ڪلهوڙا دور ۾ مٽياري شهر ۾ مخدوم محمد عثمان (وفات: 1219هه) نالي هڪ وڏو عالم ٿي گذريو. مخدوم محمد هاشم جي پوٽي مخدوم ابراهيم ۽ مخدوم عثمان ۾ ڪجهه مسئلن تي قلمي معرڪا پڻ ٿيا. مخدوم عثمان ڳچ ڪتاب لکيا. موجوده دور ۾ سندس هڪ فارسي ڪتاب ”منتخب مشڪواة المصابيح“ جي باري ۾ خبر پئجي سگهي آهي(28).

حوالا ۽ حاشيا

1. ڊاڪٽر ظهورالدين احمد: ”پاڪستان ۾ فارسي ادب“ اردو، طبع 1977ع، پنجاب يونيورسٽي لاهور، صفحي 639 کان صفحي 841 تائين، ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور جي فارسي ادب تي طائرانه نظر وڌي آهي.

2. مير علي شير قانع: ”مقالات الشعراءِ“ ترتيب: سيد
حسام الدين راشدي، ص 438، سنڌي ادبي بورڊ 1957ع.

3. مقالات الشعراءِ، ص 78.

* ٺٽي ۾ عالمن جي اڀياس ۽ وڌيڪ شرحن خاطر ”گلستان سعدي“ هڪ دلچسپ ڪتاب رهيو. ابوالبقا ٺٽويءَ کان اڳ ملا سعد ٺٽويءَ پڻ ”گلستان سعدي“ جي شرح تيار ڪئي هئي. ملا سعد جي ڪاوش جو ذڪر سراج الدين علي خان آرزو (وفات: 1169هه) ڪيو آهي (خيابان گلستان- شرح گلستان سعدي، ص 2، مرتب: دکتر مهر نورمحمد خان، مرڪز تحقيقات فارسي ايران و پاڪستان، اسلام آباد، سال 1996ع).

4. مڪلي نامه، حواشي سيد حسام الدين راشدي، ص 634، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، سال 1967ع.

5. سيد حسام الدين راشدي: ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“، ص 560، انجمن تاريخ سنڌ ڪراچي، 1981ع.

6. مير علي شير قانع: ”تحفة الڪرام“ ترتيب: سيد حسام الدين راشدي، حاشيو ص 346، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1971ع.

* ٺٽي جي محمد صالح جو ڪتابت ڪيل ”معلومات الافاق“ جو هڪ باتصوير نسخو، پنجاب يونيورسٽي لئبريريءَ ۾ موجود آهي. هي نسخو سن 1127هه ۾ نقل ڪيو ويو.

7. شيخ محمد اعظم ٺٽي جي اوليائن تي هڪ ڪتاب ”تحفة الطاهرين“ جي نالي سان تيار ڪيو. هي ڪتاب آغا بدر عالم درانيءَ جي سعيي سان، سال 1956ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ سايع ڪيو. هن ڪتاب جي آخر ۾ ”هيئت العالم“ مان، سنڌ متعلق مواد ضميمي طور شامل ڪيو ويو آهي.

8. ڊاڪٽر عارف نوشاهي: ”مير امين الدين خان ٺٽويءَ جون فارسي ادب لاءِ خدمتون“ ترجمو: محمد پنهل ڏهر، رسالو مهراڻ، نمبر 12، سال 2002ع.

9. ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون، ص 554.

10. ڊاڪٽر محمد ادريس سنڌي (ڪنڊيارو) جي ڪتبخاني ۾ ٻئي ڪتاب موجود آهن. هي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ راقم، ڊاڪٽر محمد ادريس جو شڪرگذار آهي.

11. ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون، ص 560.

12. ڊاڪٽر غلام محمد ڏاهري: ”ابوالحسن ڏاهري“ رسالو مهراڻ، نمبر 3-4 سال 1997ع.

13. ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون، ص 804.

14. ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون، ص 294.

15. ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون، ص 294.

16. ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون، ص 295.

* سيد اسماعيل جرجاني سن 504هه ڌاري ”طب خوارزم شاهي“ ٻارهن جلدن تي مشتمل تيار ڪيو. جيئن ته هي ڪتاب قطبالدين محمد خوارزم شاهه کي منسوب ڪيو ويو، انڪري ”طب خوارزم شاهي“ جي نالي سان مشهور ٿيو.

17. غلام رسول مهر: ”تاريخ سنڌ- ڪلهوڙا دور“، سنڌي ڇاپو، جلد ٻيو، ص 905- 913، ثقافت ۽ سياحت کاتو، حڪومت سنڌ ڪراچي، سال 1996ع.

18. ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون، ص 291.

* نيشنل ميوزم ڪراچي ۾ رسالن جي هڪ مجموعي ۾ به ”طب دائودي“ جو هڪ نسخو موجود آهي (دکتر عارف نوشاهي: ”فهرست نسخه هاي خطي فارسي موزه ملي پاڪستان ڪراچي“، مرکز تحقيقات فارسي ايران و پاڪستان، اسلام آباد 1993ع).

19. ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون، ص 291.

20. مير علي شير قانع: ”تحفة الڪرام“، ص 130، مطبع ناصري دهلي، سنه 1304هه.

21. مقالات الشعراء، ص 150- 151.

22. طومار سلاسل گزيده جي فوٽو ڪاپي مون وٽ موجود آهي.

23. رساله اويسيه- جوارد ترجمو فارسي متن ۽ حواشي سان، ڊاڪٽر محمد عبدالمقيت شاڪر عليمي، زيب ادبي مرڪز حيدرآباد (مهتمم احمد ڀائي) جي ذريعي سن 2002ع ۾ شايع ڪيو آهي. هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو نياز همايوني ڪيو، جو ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز 2005ع ۾ ڇپيو آهي. آخر ۾ سَن شهر جي ڪاتب محمد عارف جو نقل ڪيل ”رساله اويسيه“ به عڪس جي صورت ۾ شامل ڪيو ويو آهي. محمد عارف سن 1230هه ۾ هي ڪتاب نقل ڪيو.

24. ڊاڪٽر عمربن محمد دائودپوٽو: ”شيخ عبدالرحيم گرهوڙيءَ جو ڪلام“، مقدمو، ص 51- 52، سنڌي ساهت گهر حيدرآباد، سال 2004ع.

25. ڊاڪٽر غلام محمد ڏاهريءَ جو مقالو، رسالو مهراڻ، نمبر 3-4، سال 1997ع.

26. ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون، ص 790.

27. ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون، ص 793- 800.

* ڊاڪٽر محمد ادريس سنڌي، پنهنجي هڪ مقالي (مهراڻ، نمبر 2-3، سال 2003ع) ۾، مخدوم محمد هاشم جي ڇپيل ڪتابن، مختلف ڇاپن، ۽ جدا جدا ٻولين ۾ ٿيل ترجمن واري ڪم جو جائزو پيش ڪيو آهي.

28. مولانا دين محمد وفائي: ”تذڪره مشاهير سنڌ“، جلد اول، ص 201، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، سال 1985ع.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com