سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2006(1)

 

صفحو :3

شهيد مرحوم وزيٽرس بُڪ ۾ پنهنجن تاثرات ۾،
6 فبروري 1971ع تي جيڪي ڪجهه لکيو هو، سندن اُهي لفظ آءٌ هت دُهريان ٿو:

"I (on hearing the tragic incident of setting the Institute of Sindhology Library on fire) was shocked and dismayed to see the destruction of such valuable books and manuscripts. This is a loss to the whole nation, nay to culture and literature whereever civilised people live. This is more than an act of madness, this is more than insanity. It is what barbarians used to do with the conquered people in ancient times. This act of vandalism will remain a blot and a stigma that can not be erased."

Zulfiqar Ali Bhutto

پڙهندڙن جي اطلاع لاءِ اهو عرض ڪرڻ به مناسب ٿو سمجهان ته موجوده عمارت جو سنگ بنياد 10- ڊسمبر 1972ع تي سنڌ جي تڏهوڪي وڏي وزير جناب ممتاز علي ڀٽي رکيو هو ۽ شيخ صاحب جي اچڻ کان اڳ، سنڌالاجي پنهنجيءَ هن نئين عمارت ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو هو، ۽ اُن ئي زماني ۾ اداري جا هيٺيان شعبا هئا:

(1) ريسرچ لائبرري

(2) پبليڪيشن، ٽرانسليشن ۽ ڇپائيءَ لاءِ شعبو

(3) ريسرچ سيل

(4) ميوزيم

(5) فوٽوگرافڪ سيڪشن

(6) سائونڊ آرڪائيوز شعبو

(7) سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ وارو شعبو

(8) مشاهير گئلري

اهو چوڻ به سراسر غلط بياني ڪرڻ آهي، ته سنڌالاجيءَ جي ترقي به شيخ صاحب جي زماني ۾ ئي ٿي. سنڌالاجيءَ جي ترقيءَ جو سهرو به سائين غلام مصطفيٰ شاهه جي سر تي ٿو سونهي. شيخ صاحب جي اچڻ وقت سنڌالاجيءَ جي شاندار لائبرري، پنهنجيءَ موجوده عمارت ۾ ڪم ڪري رهي هئي. اُن ۾ ڇپيل ڪتابن ۽ قلمي نسخن کان سواءِ رسالن، مخزنن ۽ اخبارن ۽ اُنهن جي تراشن (Clippings) جو وڏو ذخيرو گڏ ٿي چڪو هو. ميوزيم جي هيٺئين ماڙ جون ٽي گئلريون لڳ ڀڳ مڪمل هيون ۽ باقي گئلريون منهنجيءَ نياڻيءَ، محترمه ماهتاب اڪبر راشديءَ، پروفيسر محمد الياس ابڙي صاحب جي زماني ۾ مڪمل ڪرايون. سائونڊ آرڪائيوز ۽ فوٽوگرافڪ گئلري به مڪمل هئي. بيورو آف ٽرانسليشن ۽ پبليڪيشن طرفان 43 ڪتاب، شيخ صاحب جي اچڻ کان اڳ ۾ ئي ڇپايا ويا هئا. شيخ صاحب، پنهنجي شروعاتي دور ۾، پنهنجي ڪلام جي مجموعي ”ڪي جو ٻيجل ٻوليو“ جو پنجابي زبان ۾ ترجمو ڪرائي ”جو بيجل ني آکيا“ سنڌالاجيءَ جي طرفان شايع ڪرايو. اداري جو اهو 45 نمبر ڪتاب هو، جنهن جو اعتراف مذڪوره ڪتاب جي 88 صفحي تي انهن ٻنهي صاحبن به ڪيو آهي. اُن کان پوءِ شيخ صاحب محترمه فهميده رياض کان، پنهنجي ڪلام جو اردو زبان ۾ ترجمو ڪرايو. شيخ صاحب اهو ڪتاب ’حلقه مري زنجير ڪا‘ جي عنوان سان سنڌالاجيءَ مان شايع ڪرايو. منهنجين انهن ڳالهين مان اهو ثابت ٿو ٿئي، ته شيخ صاحب جي وائيس چانسيلر مقرر ٿي اچڻ کان اڳ سنڌالاجيءَ وڏو ڪم ڪيو هو. گرامي صاحب جي ڪتاب ”جديد سنڌي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات“ جي مقدمي ۾، صفحي 36 تي مون اياز بابت عرض ڪيو آهي ته:

”مون هن سان چار سال سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ گڏ گذاريا. آءٌ هن جي ادبي عظمت جو قائل آهيان، پر سندس وائيس چانسيلريءَ جي زماني ۾، انڪري سندس مشڪور رهيس، جو هن سنڌالاجيءَ جي ترقيءَ لاءِ، سندس ويجهن دوستن جي مخالفت جي باوجود، مون کي ’بلئنڪ چيڪ‘ ڏيئي ڇڏيو هو. اهوئي سبب آهي جو سنڌالاجيءَ جو ميوزيم، آرٽ گئلري، مشاهيرن جي گئلري، سائونڊ آرڪائيوز وارو حصو ۽ اشاعت وارو شعبو ترقي ڪري سگهيا ۽ هي ادارو بين الاقوامي حيثيت حاصل ڪري سگهيو هو، جنهن جو ثبوت هڪ طرف اُن وقت جو رکيل وزيٽرس بڪ آهي، ته ٻئي طرف مون کي سنڌالاجيءَ جي نمائندگي ڪرڻ لاءِ هونو لوُلو ۾ بين الاقوامي ڪانفرنس Conserving Cultural Values ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ، اپريل 1978ع ۾ دعوت ملي. ان کان سواءِ آمريڪي مشهور اداري- Smith Sonian Institute سنڌالاجيءَ جي سهڪار لاءِ پروگرام پڻ منظور ڪيو.“

5 - ٻنهي محقق صاحبن اها به غلط بياني ڪئي آهي ته شيخ اياز پهريون وائيس چانسيلر هو، جنهن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرارن، پروفيسرن ۽ ٻين هيٺين ملازمن لاءِ ڪوارٽر ۽ بنگلا ٺهرايا. رڪارڊ شاهد آهي ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڄام شوري واري نئين ڪئمپس جي تصور سان گڏ اها مڪمل رٿا (Project) علامه آءِ آءِ قاضي صاحب جي دور ۾ نه فقط تيار ٿي، پر اُن تي عملي ڪم به شروع ڪيو ويو. فئڪلٽين لاءِ نيون عمارتون، جن ۾ ڊاڪٽر ممتاز علي قاضي انسٽيٽيوٽ آف ڪيمسٽري، انسٽيٽيوٽ آف فزڪس لاءِ عمارتن کان سواءِ پروفيسرن ۽ ٻئي عملي لاءِ بنگلن ۽ ڪوارٽرن جو ڪم، علامه صاحب جن جي زماني ۾ مرحوم احمد علي انجنيئر شروع ڪرايو، جيڪو لڳ ڀڳ مڪمل ٿي چڪو هو، پر اڃا اُنهن ۾ فئڪلٽيون شفٽ نه ٿيون هيون. اُن کان پوءِ ڪيتروئي تعميراتي ڪم، مرحوم ڊاڪٽر رضي الدين صديقيءَ، پروفيسر حسن علي عبدالرحمان، ڊاڪٽر محمد صالح قريشيءَ، سيد غلام مصطفيٰ شاهه ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، شيخ صاحب جي اچڻ کان اڳ مڪمل ڪرايو هو. انهن عمارتن ۾، موجوده وي سي هائوس، اُن جي ڀر وارو گيسٽ هائوس، وائيس چانسيلر روڊ وارا سڀ بنگلا، حيدر بخش جتوئي پئويليئن، باٽني ڊپارٽمينٽ، جيالاجي ڊپارٽمينٽ، زوُلاجي ڊپارٽمينٽ، آرٽس فئڪلٽي، سينٽرل لائبرري، شاگردن جون لڳ ڀڳ سمورين هاسٽلون، انسٽيٽيوٽ آف بزنس ائڊمنسٽريشن، مارئي هاسٽل، فئڪلٽي آف فارماڪالاجيءَ کان سواءِ (سواءِ پنجن ڪوارٽرن ۽ ٽن بنگلن جي) ٻيا سڀ ڪوارٽر ۽ بنگلا اڳ ئي مڪمل هئا. پنج ڪوارٽر ۽ ٽي بنگلا ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي زماني ۾ شروع ٿيا هئا، جن کي شيخ صاحب برابر مڪمل ڪرايو هو، پر رڪارڊ شاهد آهي ته شيخ صاحب، انهن ڪوارٽرن ۽ بنگلن جي رهيل ڪم ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون بي قاعدگيون ڪيون، ظهير الدين ائنڊ ڪمپنيءَ جي ڪنسلٽنسي  ختم ڪئي وئي، رازو بلڊرس نالي ’نوان‘ ٺيڪيدار مقرر ٿيا، انهن جو ’پس پرده مالڪ‘ (Sleeping Partner) ڪير هو؟ اهي ڳالهيون نه کولجن ته بهتر، نه ته دشمن شيخ صاحب جهڙي سنڌ جي عظيم شاعر ۽ مفڪر لاءِ الاجي ڇا ڇا لکندا!

6 - ٽين غلط بياني ۽ يونيورسٽيءَ جي تاريخ ۾ اُن بابت سڀ کان وڏي ۾ وڏو ڪوڙ اهو آهي، جنهن جي باري ۾ سنڌيونيورسٽيءَ جي ’قابل محققن‘ هن ڪتاب جي صفحي 18 تي بيان بازي ڪئي آهي. لکن ٿا ته:

”هن سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن کي ايتريون نوڪريون ڏنيون، جيتريون اڳ ڪنهن به اداري ۾ کين ڪونه مليون هيون.“

منهنجي خيال ۾ لکڻ هيئن کپي ها ته ”شيخ اياز، سنڌ يونيورسٽيءَ جي 1972ع واري ائڪٽ کي ائين ڌوڙ ڪيو، جنهن جو سنڌ يونيورسٽيءَ جي تاريخ ۾ ڪو به مثال نٿو ملي.“ هن تمام گهڻيون بي قاعدگيون ڪيون. بنان ائڊورٽائيز ۽ سليڪشن بورڊ جي ميٽنگ سڏائڻ جي، پنهنجا اختيار ڪم آڻي هدايت ”پريم“ سميت ڪيترن ئي ماڻهن کي ليڪچرر مقرر ڪيو جن کي هڪڙي ڏينهن جو به تعليمي تجربو ڪونه هو. هن سکر مان پنهنجي ”مُنشيءَ“ عطا محمد ميمڻ کي گهرائي پنهنجو سيڪريٽري مقرر ڪيو، ۽ سکر مان ئي پنهنجي خوشامديءَ، مرغوب راحت کي گهرائي، اردو شعبي ۾ ليڪچرر مقرر ڪيو. هن حمايت علي شاعر، جيڪو اُن وقت سندس اردو ڪلام گڏ ڪري رهيو هو، اُن کي بنان ڪنهن تجربي جي اردو شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ڪيو. هن پنجاب مان نامي گرامي سنڌ دشمن ’دانشور‘ احمد سليم کي گهرائي، ڏهه هزار روپيا ماهوار پگهار تي، سنڌالاجيءَ ۾ مقرر ڪيو، انهيءَ لاءِ ته هُو شيخ صاحب جي ڪلام جو پنجابي زبان ۾ ترجمو ڪندو. هن (احمد سليم) جو واسطو سڌو وائيس چانسيلر سان هو. هوُ سنڌالاجيءَ جي ڊائريڪٽر جي ماتحت نه هو. اداري ۾ هر مهيني ۾ فقط هڪ دفعو چيڪ وٺڻ ايندو هو. ٽيچرس هاسٽل ۾ کيس هڪ ڪمرو بنان مسواڙ جي مليل هو، جنهن ۾ سندس رهائش هئي. اهي سڀ رڪارڊ جون ڳالهيون آهن جيڪي مجبوراً آءٌ لکي رهيو آهيان.

شيخ صاحب، سندس دوست (بعد ۾ ساڻس وڙهي پيا ۽ هڪٻئي جا دشمن بنجي ويا)، مرحوم جمال رند کي، سڌيءَ طرح، چيئرمن جي راءِ وٺڻ کان سواءِ سنڌي شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ڪيو ويو. ڪابه ائڊورٽائيز نه ڪئي وئي، سليڪشن بورڊ جي ميٽنگ به ڪانه ٿي، ۽ رند صاحب سڌيءَ طرح سنڌي شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ڪيو ويو. هدايت پريم صاحب، جيڪو اُن وقت ٻيلي کاتي ۾ شايد رينجر هو، اهو به سڌيءَ طرح ليڪچرر مقرر ڪيو ويو.

7 - ساڳئي صفحي 18 تي، هڪ اهڙي تاريخي غلط بياني ڪئي وئي آهي، جنهن لاءِ يونيورسٽيءَ جي سنڊيڪيٽ کي نوٽيس وٺڻ کپي. هوُ صاحب لکن ٿا:

”شيخ اياز، يونيورسٽيءَ کي هر طرح ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي. سندس مقبوليت کي ڏسي، انهن منجهان ئي مخالفت شروع ٿي، جن کي هن مقرر ڪيو ۽ فائدا ڏنا. اتي جي ماڻهن پنهنجي حسد کي، انهن الفاظن جي چادر ۾ ويڙهيو ته مٿن يونيورسٽيءَ کان ٻاهريون ماڻهو ڇو مقرر ڪيو ويو آهي؟ اها ڳالهه وڃي وزير اعظم جي ڪنن تائين پهتي، جنهن شيخ اياز کان انهن پروفيسرن جي لسٽ ورتي ۽ کين ڊسمس ڪري ڇڏيو. جلد ئي وري حفيظ پيرزادي ۽ شيخ اياز جي مشوري موجب کين بحال ڪيو ويو.“

هن ڏکوئيندڙ واقعي جا شاهد هن وقت به زنده آهن. اُهي آهن: اُن وقت جو سنڌ جو وڏو وزير جناب غلام مصطفيٰ خان جتوئي، اُن وقت جو وفاقي وزير تعليم جناب عبدالحفيظ پيرزادو، اُن وقت جو ڊپٽي رجسٽرار محترم نواز علي ڀٽو ۽ اُن وقت جو رجسٽرار محترم عبدالحميد سنڌي. پر هن واقعي جو يونيورسٽيءَ جي اُستادن مان مُکيه شاهد، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو آهي، جيڪو اُن وقت ’سوُٽا‘ جو صدر هو. ڊاڪٽر جوڻيجي، هن واقعي جو ذڪر پنهنجي ڪتاب، ”شيخ اياز هڪ مطالعو“، ۾ صفحي 22 تي ڪيو آهي، پر مٿين ٻنهي محقق صاحبن، پنهنجي اُستاد جي محنت تي به نظر ڪانه وڌي آهي، جنهن لکيو آهي ته:

”يونيورسٽيءَ ۾ سندس صلاحڪارن جي چوڻ تي ست اُستاد نڪتا. آءٌ سنڌ يونيورسٽي ٽيچرس ائسوسئيشن جو پريزيڊنٽ هوس. وائيس پريزيڊنٽ ۽ سيڪريٽري به نڪري ويا. ڪن اُستادن منهنجي اياز سان گڏيل سازش قرار ڏنو. ساڻس شڪايت ڪيم ته چيائين ته: ’مسٽر شام! پاڻ شاعر ماڻهو آهيون. هنن انتظامي مسئلا پئي ڪيا‘. آءٌ ان راءِ سان متفق نه هوس. مون کيس چيو ته ’سائين! شيخ اياز شاعر به منهنجو آئيڊيل آهي، پر وائيس چانسيلر طور سندس هي فيصلو مون لاءِ ڏکوئيندڙ آهي.‘ هُن جي مُرڪ ۽ پوءِ موضوع جي تبديليءَ سان ته اها ڳالهه اِتي ختم ٿي، پر ٻاهر اهو قصو طويل ٿي ويو. وائيس چانسيلر جي صلاحڪارن هي ڪارنامو سرانجام ڏنو هو، هوُ ته معصوم هو جو کيس فريب ڏنو ويو هو.“

هن ساڳئي واقعي کي ورجائيندي، ڊاڪٽر جوڻيجو پنهنجي ساڳئي ڪتاب جي صفحي 162 تي، اياز جي ڪتاب، ”ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر“ جي صفحي 58 جي حوالي سان لکي ٿو ته:

”آخر ۾ پروفيسرن کي ڊسمس ڪرائڻ واري ڳالهه ڪري ٿو. جڏهن هوُ بحال ٿي آيا، ته بقول اياز هنگامو ڪيائون.“

جوڻيجو صاحب، شيخ اياز جي انهيءَ ڳالهه کي رد ڪندي، پنهنجي ڪتاب جي صفحي 163 تي لکي ٿو ته:

”هنن ڪوبه هنگامو ڪونه ڪيو، فقط سندن آجيان ٿي. هڪدم مٿي شڪايت ڪيائين، ۽ مون جڏهن دوست جي بئگ، ڪوٽڙي پهچائڻ لاءِ پنهنجيءَ ڪار ۾ رکي، اُها نئين حڪم تي، اُتان واپس، ڪراچي ويندڙ گاڏيءَ ۾ رکي وَئي. هيءَ رڪارڊ جي ڳالهه آهي. آءٌ ٽيچرس ائسوسيئيشن جو پريزيڊنٽ هوس. اهي پروفيسر پوءِ ڪراچيءَ ۽ اسلام آباد ۾ سٺن عهدن تي ويا، پي ايڇ ڊي ڪيائون. اياز صاحب کان پوءِ موٽيا ۽ اڃا به ڪي مون کي پٽيندا رهندا آهن.“

ڊاڪٽر جوڻيجي صاحب جو بيان به مڪمل نه آهي. مون اڳ ۾ عرض ڪيو آهي ته يونيورسٽيءَ جا ٻه رٽائرڊ ذميوار آفيسر اڃا ماشاء الله زندهه آهن. اُهي ئي ٻڌائي سگهندا ته ڪهڙا ڪهڙا اُستاد ڊسمس ٿيا ۽ اهي ڊسمس ڇو ٿيا؟ ڇا اُنهن کي ڪا چارج شيٽ ڏني وَئي هئي؟ اُنهن کان ڪا جواب طلبي ڪئي وَئي هُئي؟ انهن جي خلاف سنڊيڪيٽ ۾ ڪا رپورٽ آئي هئي؟

اِهو نوٽ ڪرڻ گهرجي ته جيڪي اُستاد ڊسمس ٿيا هئا، اُنهن مان ڪوبه شيخ صاحب جو مقرر ٿيل ڪونه هو. سڀ سينيئر اُستاد هئا. ها! البت ’سُوٽا‘ جي اجلاس ۾، جنهن ۾ آءٌ به موجود هوس، انهن شيخ صاحب جي بيقاعدگين، سندس طرفان ڪيل غلط مقررين ۽ دوست نوازين جهڙن فيصلن جي پنهنجين تقريرن ۾ نشاندهي ڪئي هئي. شيخ صاحب تائين اهي ڳالهيون پهتيون ته هوُ پريشان ٿي ويو. حساس طبيعت ته اڳ ۾ ئي هو. هڪدم چيف منسٽر سان شڪايت ڪيائين. صوبائي وزير تعليم پيار علي الانا کي دانهن ڏنائين. نيٺ کيس سندس صلاحڪارن صلاح ڏني ته وزير اعظم کي رپورٽ ڪر. اُنهن ڏينهن ۾ وزير اعظم جناب ذوالفقار علي ڀٽو پرڏيهه دوري تي وڃي رهيو هو. شيخ صاحب، شهيد مرحوم سان، جتوئي صاحب ۽ الانا صاحب جي سامهون، ايئرپورٽ تي انهن پروفيسرن جي خلاف لکت ۾ نه، پر زباني شڪايت ڪئي. شهيد مرحوم، جتوئي صاحب کي حڪم ڏنو ته شيخ صاحب کان لسٽ وٺي، انهن سڀني پروفيسرن کي ڊسمس ڪريو. پوءِ ڪراچيءَ مان، اُن وقت جو سيڪريٽري تعليم، سيد پناهه علي شاهه، انهن پروفيسرن جا ڊسمسل آرڊر کڻي آيو، ۽ نواز علي ڀٽي ۽ حميد سنڌيءَ جي هٿان، انهن سڀني اُستادن کي، وي سي هائوس ۾، شيخ صاحب جي سامهون اهي آرڊر ڏنا ويا. جيڪي اُستاد ڊسمس ڪيا ويا هئا، اُهي هي هئا:

(1) پروفيسر محمد الياس ابڙو

(2) پروفيسر انور الدين اُڄڻ

(3) پروفيسر اقبال ڀٽي

(4) پروفيسر امام بخش ملاڻو

(5) پروفيسر مبارڪ تنوير

(6) پروفيسر خالد شهيد آخوند

اُن لسٽ ۾ پروفيسر اسد الله لاڙڪ جو نالو به شامل هو، پر هوُ ڊسمسل آرڊر نڪرڻ کان اڳ، Ph.D ڪرڻ لاءِ آمريڪا روانو ٿي چڪو هو. وائيس چانسيلر جي اهڙي قدم تي يونيورسٽيءَ ۾ گهڻو گوڙ ٿيو. پروفيسر علي نواز جتوئي صاحب احتجاج طور استعيفا ڏيئي هليو ويو. ڪجهه مهينن کان پوءِ، جناب عبدالحفيظ پيرزادي، صحيح حقيقت معلوم ڪرڻ کان پوءِ، انهن سڀني اُستادن کي پنهنجيءَ وزارت ۾ کُپايو ۽ کين جدا جدا جاين تي وڏن عهدن تي مقرر ڪيو، ۽ سائين الياس ابڙي صاحب کي فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر مقرر ڪيو ويو.

سال کن کان پوءِ جڏهن 5 جولاءِ 1977ع تي، شهيد ڀٽي جي حڪومت کي جنرل ضياءُ مارشل لا ذريعي ختم ڪيو، هيڏانهن شيخ صاحب به اکيون ڦيري ڇڏيون. ”سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو؟“ واري سندس ڪلام کي، پنهنجي
وائيس چانسلريءَ واري دور ۾ پنهنجي موجودگيءَ ۾ ڳائڻ جي منع ڪري ڇڏيائين.

محقق صاحبن اها به غلط بياني ڪئي آهي ته:

”هن (شيخ صاحب)، فيڊرل ايجوڪيشن جي سيڪريٽريءَ کي چئي کين (سنڌيونيورسٽيءَ ۾ سندن مقرر ٿيل اُستادن کي) ٻاهرين ملڪن لاءِ اسڪالرشپون وٺي ڏنيون.“

پڙهندڙن کي معلوم هجي ته اُن وقت وفاقي وزير تعليم محترم عبدالحفيظ پيرزادو هو. اُن صاحب جي زماني ۾، وفاقي وزارت تعليم ۾ جيڪا ترقي ٿي هئي، سا مثالي آهي. هن دور ۾ ڪيتريون ئي نيون يونيورسٽيون قائم ٿيون. سنڌ انجنيئرنگ ڪاليج ڄام شورو ۽ سنڌ ائگريڪلچر ڪاليج ٽنڊو ڄام کي، سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪئمپسن جو درجو ڏنو ويو. مرحوم ڊاڪٽر  ممتاز علي قاضيءَ کي وزارت تعليم جو سيڪريٽري ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي ائڊيشنل سيڪريٽري ثقافت مقرر ڪيو ويو هو. هن ئي دور ۾ غير ملڪي اسڪالرشپن لاءِ سڄي ملڪ جي شاگردن ۽ عموماً ”ننڍن“ صوبن جي شاگردن لاءِ خصوصي دروازا کلي ويا هئا. سنڌ يونيورسٽيءَ مان، اُن زماني ۾، جن به اُستادن کي اسڪالرشپون مليون هيون، اُنهن لاءِ ڊاڪٽر ممتاز علي قاضي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جون ڪوششون شامل هيون، ۽ خود پيرزادي صاحب به هن سلسلي ۾ سنڌ جي شاگردن جي گهڻي مدد ڪئي هئي. اسلام آباد ۾ شيخ صاحب کي سواءِ فيض احمد فيض صاحب جي، ٻيو ڪير سڃاڻندو ئي ڪونه هو!

8 - آءٌ هت اهو ڄاڻائڻ به مناسب ٿو سمجهان ته شيخ اياز وارو دور، سنڌ يونيورسٽيءَ لاءِ انتهائي زوال پذير دور هو، جنهن ۾ شاگردن جي گوڙ گهمسان جي ڪري، يونيورسٽي گهٽ ۾ گهٽ ٽي سال بند رهي. هي دور يونيورسٽيءَ لاءِ اخلاقي پست حاليءَ وارو دور هو، جو خود شيخ صاحب امتحاني رزلٽ ۾ ردوبدل ڪرائي، جنهن جي انڪوائري پوءِ پروفيسر محمد الياس ابڙي صاحب جي زماني ۾ مون کان ڪرائي وَئي. منهنجي رپورٽ، وي سي آفيس يا شعبهءِ امتحانات ۾ اڄ به موجود هوندي.

9 - (الف) مون کي تعجب آهي، ته اياز جهڙي عظيم شاعر ۽ نثر نويس جي شاعري ۽ نثر نويسيءَ تي تحقيق ڪندڙ محقق صاحبن کي رديف ۽ قافئي جي وچ ۾ جيڪو فرق آهي، اُن جي به ڄاڻ ڪانهي، مثال طور: صفحي 49 تي لکن ٿا:

”اياز جي دوهي ۾ به اُهي خصوصيتون ۽ خوبصورتيون موجود ۽ موجزن آهن، حالانڪ دوهو به بيت جو پيش رو آهي، مگر بيت ۽ دوهي کي فني سٽاءَ جي لحاظ کان جيڪا شيءِ الڳ ڪري ٿي، سو آهي رديف، دوهي ۾ اُهو آخر ۾ اچي ٿو.“

هن نقطي جي باري ۾ محترم امداد حسيني، سحر امداد، قمر شهباز، نصير مرزا، ادل سومرو، تاج بلوچ، اياز گل ۽ تاج جويو فيصلو ڪن ته دوهي جي مصرع جي آخر ۾ جيڪي لفظ اچن ٿا، تن کي رديف چئبو يا قافيو؟

(ب) محقق صاحبن کي ’موجود‘ ۽ ’موجزن‘ لفظن جي معنيٰ، مفهوم ۽ استعمال جي به ڄاڻ ڪانهي. ’موجزن‘ لفظ ڪٿي ڪم آڻبو آهي ۽ ڪهڙيءَ معنيٰ ۾ ڪم آڻبو آهي، اُن جي سنڌي شعبي جي اُستادن کي ته ضرور خبر هجڻ گهرجي!

(ت) اسان جا محقق حضرات، شاعريءَ جي فني ڄاڻائيءَ لاءِ، رديف ۽ قافئي جي دليل لاءِ ساڳئي صفحي (ص 49) تي اڳتي لکن ٿا:

”هن جي دوهي ۾ به اهائي فڪري گهرائي ۽ وسعت آهي.“ مثال طور اياز جا هيٺيان دوها ڏين ٿا:

مَن مَن بن آ، جنهن ۾ ناهي ڪنهن بنسيءَ جي تان،
آءٌ به ٽوڙيان وينا، ڪيڏو ڦري ويا انسان!

 

وڍي ڇڏي ڪنهن نِڙي نَڙيءَ جي، گُهٽجي ويا آوازَ
سياڻا ۽ ويڳاڻا ٿي پيا، سڏڪي سڏڪي سازَ

 

هي ماڻهوءَ جو ٻچڙو، مِٺڙو، ڪري ٿو ڪيڏا ڪيِسَ،
پوءِ به اسان جي ڳوڙهن آندي، اَکڙين ۾ آسيِسَ

 

پڙهندڙ، خاص ڪري اياز جا عاشق ۽ سنڌي ٻوليءَ جا مڃيل شاعر فيصلو ڪن، ته مٿي ڏنل دوهن ۾ ’تانَ‘ ۽ ’انسانَ‘، ’آوازَ‘ ۽ ’سازَ‘، ’ڪيِسَ‘ ۽ ’آسِيسَ‘ لفظ، قافيي طور استعمال ٿيل آهن يا رديف طور؟

10 - (الف) صفحي 63 کان هن ڪتاب جو نئون باب، ”شيخ اياز هڪ غزل گو شاعر“ جي عنوان سان شروع ٿئي ٿو. هيءُ باب به ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي صاحب جي Ph.D واري مقالي جو چرٻو آهي. هن باب ۾ تحقيق گهٽ ۽ شاگردن لاءِ نوٽس وارو نمونو وڌيڪ آهي. هن باب ۾ بنان ڪنهن معياري تحقيق جي، شيخ صاحب جي واکاڻ زياده ڪئي وئي آهي. هن باب لاءِ به يڪطرفي راءِ ڏنل آهي، ۽ شيخ صاحب تي ٿيل تحقيقي ڪم جو مطالعو نظر ئي نٿو اچي. مون شروع ۾ ئي اعتراف ڪيو آهي ته شيخ اياز ويهين صديءَ جي ترقي پسند جديد شاعرن ۾ بيشڪ ممتاز حيثيت ٿو رکي، پر هن ڪتاب ۾ ڏنل راءِ بلڪل يڪطرفي آهي. مثال طور: صفحي 63 تي ڄاڻايل آهي ته:

”بهرحال ڪيئن به هجي، غزل جي اهميت پنهنجيءَ جاءِ تي آهي ۽ اُن جي قدامت تي بحث ڪرڻ هت غير ضروري ٿيندو. آخوند گل کان سنڌي غزل جي اوسر شروع ٿئي ٿي، ۽ شروعاتي سنڌي غزل ۾ فارسي غزل جون سموريون بندشون، تقاضائون توڙي موضوعات موجود آهن، ۽ جڏهن ماحول جي عڪاسي ڪئي وئي آهي، سو ماحول به اوپرو آهي ۽ ڌاريو آهي. نسبتاً پوءِ جي شاعرن آهستي آهستي سنڌي ماحول، سنڌي معاشرو ۽ سنڌي تهذيب ۽ ثقافت جي عڪاسي غزل ۾ ڪرڻ شروع ڪئي. جديد سنڌي شاعرن فارسيءَ جا اثرات قبول ڪرڻ کان بنهه انڪار ڪيو ۽ غزل کي نج سنڌي ويس پهرايو، ۽ اياز جديد شاعرن جو اڳواڻ ۽ نمايان شاعر آهي. اُن جو غزل فارسي اثرات کان پاڪ آهي.“

(ب) هن حوالي جون پويون ٻه سٽون، بنان تحقيق ڪرڻ جي، هڪ مبالغو سمجهبو. اهي سٽون يڪطرفي راءِ رکن ٿيون ۽ حقيقت کان انڪار ڪرڻ جي برابر آهن. اهو بلڪل صحيح نه آهي، ته شيخ اياز جديد شاعرن جو ڪو اڳواڻ هو. جيڪڏهن ليکڪن جي اها راءِ قبول ڪبي، ته پوءِ مرحوم حيدر بخش جتوئي، ڪشنچند بيوس ۽ کيئلداس ’فانيءَ‘ لاءِ اهي ڇا چوندا، جيڪي ترقي پسند شاعريءَ جا اڳواڻ مڃيا ويندا آهن. هن لاءِ گوبند مالهيءَ جي سوانح عمري ۽ ڀارت ۾ ڇپيل ٻيا ٻه ڪتاب، هر هڪ Encyclopaedia of Indian Literature جو جلد اٺون، جيڪو سنڌي ادب جي باري ۾ آهي، جنهن جو مؤلف پروفيسر ڊاڪٽر گنگارام گرگ آهي. اهڙيءَ طرح ٻيو ڪتاب ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻيءَ جو آهي، جنهن جو عنوان آهي: A Dictionary of Sindhi Literature اهي ٽيئي ڪتاب انهن پروفيسر صاحبن شايد ڏٺا ئي نه آهن. انهن مان صرف ٻئي ڪتاب ۾ مرحوم حيدر بخش جتوئي ۽ ڪشنچند ’بيوس‘ جي باري ۾ ڏنل راءِ، نقل ڪري پيش ڪجي ٿي ته جيئن پڙهندڙن کي خبر پوي ته جديد سنڌي ادب جا باني ڪير هئا؟ شيخ صاحب جي ولادت 1923ع ۾ ٿي ۽ ڊسمبر 1997ع ۾ وفات ڪيائين. حيدربخش جتوئي جو جنم 1900ع ۾ ٿيو ۽ وفات 1970ع ۾ ڪيائين. اهڙيءَ طرح ’بيوس‘ 1885ع ۾ ڄائو ۽ 1947ع ۾ وفات ڪيائين. انهن ٻنهي بزرگن جي وفات واري زماني تائين شيخ اياز اڃا اردو غزل واريءَ شاعريءَ ۾ مگن هو. لهاذا اهو قبول ڪرڻ ۾ ڪهڙو عار آهي، ته جديد سنڌي شاعريءَ جا باني حيدربخش جتوئي ۽ ڪشنچند ’بيوس‘ هئا، جن فارسي شاعريءَ جي لوازمات کي ترڪ ڪيو هو، ۽ شيخ اياز انهن شاعرن جي اُسلوب جي تقليد ڪئي. هن سلسلي ۾، هري درياني ’دلگير‘ ۽ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي صاحب اها ئي راءِ ڏني آهي ۽ شيخ اياز پڻ ائين ئي چيو آهي.

انهن راين کان پهرين اهو ڏسجي ته ڊاڪٽر گنگارام گرگ سنڌي ٻوليءَ جي جديد شاعريءَ جي باري ۾، پنهنجي ڪتاب ۾ ڇا لکيو آهي. هوُ صفحي 66 تي لکي ٿو:

"Hyder Bakhsh Allahdad Khan, a poet who was born at a small village named Bakho Dero. When he was a student of the D.J. Sindh College, Karachi (in the twenties), he composed 'Darya Shah' (Apostrophe to the  River Sindhu) which in its high flights of imagination stands unrivalled to this day. It is a masterpiece work. His poem has reached nearly every Sindhi and the poem is even now recited with glee. He joined service in the Revenue Department and resigned from the post of Deputy collector in 1943 and took keen interest in Politics.

In 1930, he published 'Tuhfa-e-Sindh' (gift of Sindh) in which his satirical poem 'Shikwa' (complaint to God), after the style of the Urdu poet Muhammad Iqbal, offended the Mullas who got the book banned.

While in the Revenue Department he had to visit rural areas where he saw the miserable condition of the peasants and workers. This naturally drew him towards them. His poems and short stories depict the Lot of the poor people and he was so much attached to the poor masses that for many a time he had to undergo imprisonment in his fight for their cause.

He became the rallying point for those who stood for the peasants and shouted 'Hari Haqdar'. He is a rare man who has deliberately sacrified not only his job, but also his poetical career, and has been courting imprisonment just for the sake of the poor and the oppressed.

At one time, he was regarded as the most standing of living poets after 'Bewas'. His 'Azadi-e-Qaum' (song of freedom, 1946) reveals him as a revolutionary in politics as also in literature. This is perhaps the first book in Sindhi poetry in which the socialist viewpoint has been presented.

He began as a follower of the 'Sangi School' and then became revolutionary in politics as also in literature.

Besides the above works, he authored 'Hari Kahanyoon' (short stories). Jatoi holds  a prominent place in the History of Sindhi Literature.

(ت) ساڳيءَ طرح، ڪشنچند ’بيوس‘ لاءِ، ڊاڪٽر گنگارام گرگ، پنهنجي ساڳئي ڪتاب جي صفحي 18 کان 20 تائين لکي ٿو:

"Bewas, Kishincand Khatri, a poet and writer who is the greatest and leading figure in Modern Sindhi Literature, because of the revolution he effected in Sindhi poetry. He was a Primary School teacher and rose to be a Headmaster at Larkana. Despite the fact that his economic condition was not good, he led a cheerful, contented and humble life. The Superintendent in the Teachers Training School caught him composing verses at the age of 16 and prophesied that he would become a great poet. In 1907 he was already a poet.

Bewas was good at play – writing and literary essays as well, but his claim to a monumental place in Sindhi Literature rests on his poetic achievements.

Bewas began hesitatingly with poems for children and dramas for stage. The poems for children are collected under the title of 'shirin shir' (sweet poems) and are the simples and sweetest poems in Sindhi for the juveniles. Bewas at the same time could compose highly  complex and intellectual poetry as in 'Samundi Sipun' (sea pearl-oysters), which is regarded his best work. It is full of modern thought.

He cast off the worn-out cliches and common places of Arabic – Persian poetry (which had held Sindhi poetry in thrall for a century) and instead of the moth and the lamp, rose and nightingale and cup-bearer and the ruby wine of Shiraz, turned for themes and for Sindhis to Sindh.

He turned to the realities of life and common themes like a 'Labourer's Cottage.' But it was not a sharp break. Many of the poems of Bewas are written in Persian prosodic verses but his 'Ganga Jun Lahrun' and 'guru Nanak Jiwan Katha' are written in forms invented by him. These poems do not observe strick rules of Persian prosody. And the eight-lined stanzas of 'guru Nanak Jiwan Katha' have furnished a new form of narrative verse, to subsequent writers.

His poems are fine and unsurpassed by any poet of the Twentieth Century. He is to be found in every anthology.

But it is his thought and sentiment, diction and imagery that Bewas shows his modernity and progressiveness. He has written some ghazals, geets, Dohas and Kafis etc, but they do not form a substantial portion of his work. Even in them, he has avoided hackneyed metaphors and similes. Instead of soaring in the sky, 'beating his Luminous wings in vain', he came nearer earth, expressing the poor man's woes. Khalq (creature) became more important to him than the 'Khaliq' (Creator). In his own words "No service is better than the service to mankind''.

He wrote forcefully, in a language which was sweet and melodious, on poverty, death, peasants, workers, the status of women, Hindu-Muslim Unity etc.

The poetic ideals of Bewas were Shah Abdul Latif and Tagore and he has paid tributes to both of them. From Shah he learnt to be truthful, and yet modest. from Tagore he learnt that the poet was not meant to bring sadness into the life of others, but to bring joy in life, and delight in beauty. Bewas conveyed joy in his poetry, and delighted frankly in Beauty, and declared that his mission was to turn a  sorrow- stricken world into pure delight, and make it fertile and prosperous. Probably that is why he termed his house ''jashan Khana'' (Abode of Joy).

A nationalist Bewas was the first to write National songs and during the freedom struggle, his songs were on the lips of everybody. He believed that the highest service consists in sacrificing oneself entirely in the service of the country.

In his diction Bewas uses words of Persian and Arabic origin as easily and unaffectedly, as those of Sindhi or Sanskrit – Prakrit origin, provided they are in current use. He introduced the system of double or compound words in Sindhi poetry.

A whole school of poets has been founded by Bewas. The poets of his school are among the best living poets. Actually Bewas brought a new trend in Sindhi poetry. That's why he is considered as the first 'progressive' poet in Sindhi literature.

The poets he inspired and guided to complete the revolution he had brought about were: Hundraj 'Dukhayal' (born 1910), Hari 'Dilgir' (b. 1916), Prabhu Wafa (b.1915), Ram Panjwani, (b. 1911) and Khialdas 'Fani'.

(ث) انهن مثالن کان پوءِ، شيخ صاحب جي اها دعوا جيڪا ”شيخ اياز هڪ منفرد قلمڪار“ ڪتاب جي صفحي 64 تي ورجائي وئي آهي، سا هرگز قبول ڪري نٿي سگهجي، جنهن ۾ شيخ صاحب فرمايو آهي ته:

”مان اهو فخر سان چئي ٿو سگهان ته سنڌي غزل ۽ ٻيءَ شاعريءَ کي، ڌاري روايت مان مون ڪڍيو هو، ۽ اُن جون جڙون سنڌي شاعريءَ سان ملايون هيون.“

شيخ صاحب جي هن دعوا سان به اتفاق نٿو ڪري سگهجي ته:

”اها ٻي ڳالهه آهي ته مون غزلن، نظمن ۽ آزاد نظمن ۾ تشبيهون، استعارا، فني محرڪات، ٻوليءَ جا گوناگون تجربا سڀ سنڌي آندا. اها ڪا تعلي نه آهي ته مون فارسي ۽ اردو شاعريءَ جو مطالعو ڪري به سنڌي شاعريءَ ۾ فارسي ۽ اردو لفظ گهٽ ۾ گهٽ ڪم آندا آهن، ۽ اُن جون جڙون شاهه لطيف سان ملايون آهن، پر مون فارسي بحر ۽ وزن جو ننڍي هوندي کان مطالعو ڪيو هو ۽ جي سنڌيءَ جا جغادري شاعر هئا، اُنهن کان به بحر ۽ وزن کي ڏهه ڀيرا وڌيڪ ڄاڻندو هوس. هوُ بار بار سٽ ۾ اکر حذف ڪندا هئا، مان ورلي ڪندو هوس.“

گويا شيخ صاحب پاڻ کي بحر ۽ وزن جي ڄاڻ ۾ آخوند گل، مير سانگي، مرزا قليچ بيگ، گدا، فاضل شاهه، ماتم ۽ آخوند قاسم کان به وڌيڪ ماهر سمجهيو آهي. اها دعوا پاڻ پڏائڻ واري دفعي ۾ داخل آهي.

(ج) مٿي ڊاڪٽر گنگارام گرگ جي ڏنل حوالي مان ثابت ڪيو ويو آهي، ته سنڌي ادب ۾ نواڻ، مرحوم حيدر بخش جتوئيءَ ۽ ڪشنچند ’بيوس‘ آندي. مرزا قليچ بيگ مغربي ادب کان متاثر ٿي، سنڌي ٻوليءَ ۾ نظم جي شروعات ڪئي.

(ح) سنڌي ادب جي نقادن، هري درياني دلگير ۽ ويجهڙائيءَ ۾، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي پنهنجي ڪتاب ’شيخ اياز - هڪ مطالعو‘ ۾ لکيو آهي ته شيخ اياز، ڪشنچند بيوس جي تقليد ڪئي. اياز، جديد ادب يا ترقي پسند ادب جو هرگز باني نه آهي، پر هوُ ڪشنچند ’بيوس‘ جو پوئلڳ آهي. هن سلسلي ۾، گرامي صاحب واري ڪتاب جي مهاڳ ۾، مون صفحي 23 تي، محترم هري دلگير جي مضمون جو حوالو ڏنو هو، جيڪو ”سهڻي“ رسالي جي، شيخ اياز نمبر (ڀاڱو 2) ۾، صفحي 35 تي ڇپيو هو. هري دلگير فرمايو آهي ته:

”اياز جي شاعريءَ لاءِ هڪ نئون پيچرو ڪشنچند ’بيوس‘ اڳي ئي ٺاهي ويو هو، جنهن تي هلي اياز هڪ شاهي سڙڪ ٺاهي ورتي، تڏهن خود اياز لکيو ته:

”جي اسان جي ادبي ارتقا ۾ بيوس جو وجود نه هجي ها، ته منهنجي شاعريءَ جو رنگ روپ ساڳيو نه هجي ها.“

(خ) حيرانيءَ جي ڳالهه آهي، ته شيخ صاحب اڳتي هلي پنهنجي انهيءَ بيان کان ڦري ويو آهي. انهيءَ ساڳئي سلسلي ۾ ڊاڪٽر جوڻيجو، پنهنجي مذڪوره ڪتاب جي صفحي 174 تي، جديد شاعريءَ جي سلسلي ۾، شيخ اياز کي هوندراج ’دُکايل‘، کيئلداس ’فاني‘ ۽ ڪشنچند ’بيوس‘ جي آواز مان هڪ نئون آواز پيدا ڪندڙ شاعر بيان ڪري ٿو، پر شيخ صاحب کي جديد شاعريءَ جو باني هرگز نٿو سمجهي. ڊاڪٽر جوڻيجو صفحي 174 تي لکي ٿو:

”جديد سنڌي شاعريءَ جو جائزو وٺندي نقاد هوُندراج ’دُکايل‘، ڪشنچند ’بيوس‘ ۽ کيئلداس ’فانيءَ‘ جا نالا متفق طور کڻن ٿا. هنن ٽن جي شاعريءَ جي انداز ۽ اُسلوب ۾ به انفراديت آهي. شيخ اياز انهن آوازن مان هڪ نئون آواز پيدا ڪيو. ابتدا ۾ ٿورو ڪلام، پراڻي روايتي انداز جو به چيو، پر جلد اهو کيس بيٺل پاڻيءَ وانگر لڳو، تنهن ڪري نئين آواز سان پاڻ کي هم آهنگ ڪيائين، اُن ڪري ئي اياز جو آواز ڪلهه نئون هو ۽ اڄ به نئون آهي.“

ساڳيءَ ڳالهه کي ورجائيندي، ڊاڪٽر جوڻيجو، ساڳئي ڪتاب جي صفحي 185 تي لکي ٿو:

”اياز جي دور ۾ سوين اهڙا شخص شاعر سڏيا ويا، جيڪي هئا تڪبند! اياز به موجوده وڏن شاعرن جو اثر ورتو. ابتدا ۾ عروضي ڪلام جو اثر ورتائين ۽ فاعلا تن فاعلات جو استعمال ئي سندس ڪلام جي اوليت هئي. جلد هن سکڻي وزن کي خيرباد چيو. هوندراج ’دکايل‘، ڪشنچند ’بيوس‘ ۽ کيئلداس ’فانيءَ‘ جي گس تي هلڻ بهتر سمجهيائين. موضوع به نوان کڻڻ لڳو، فرسوده گل وبلبل، شمع و پروانه جي ڳالهه کان هٽي ويو، مئخاني کي به ايراني رنگ ۾ نه، پر موکي ۽ مٽن جي وايو منڊل ۾ ڏٺائين.“

11 - (الف) مون مٿي عرض ڪيو آهي ته شيخ صاحب پنهنجي نثر ۾ پاڻ کي تمام گهڻو پڏايو آهي ۽ پنهنجن متقدمين ۽ همعصر شاعرن، اديبن، اسڪالرن ۽ محققن لاءِ هتڪ آميز لفظ استعمال ڪيا آهن. مثال طور ’شيخ اياز هڪ منفرد قلمڪار‘ ڪتاب ۾، اسان جي پروفيسر صاحبن، شيخ صاحب جا ڪيترائي اهڙا پئراگراف ورجايا آهن، جن ۾ هن پاڻ کي گهڻو پڏايو آهي. مذڪوره ڪتاب جي صفحي 66 ۽ 67 تي، شيخ صاحب جي لفظن کي هن طرح پيش ڪيو اٿن:

”جيتوڻيڪ مون گهڻو ڪري غزل ۾ پنهنجو تخلص ڪم آندو آهي، جيئن اردو ۽ فارسيءَ جي شاعرن ڪم آندو آهي. تخلص جو استعمال شاعر جي نشاندهي ته ڪري ٿو، پر مون کي اُن مان آپي پڻي جي بوءِ ايندي آهي، جي نه ڪيو وڃي ته چڱو.“

(ب) پنهنجن همعصر شاعرن لاءِ جيڪي هتڪ آميز لفظ، شيخ صاحب استعمال ڪيا آهن، اُهي مذڪوره ڪتاب جي صفحي 66 تي ورجايا ويا آهن. شيخ صاحب فرمائي ٿو:

”مون کي ياد ٿو اچي ته جڏهن مون ڪراچيءَ ۾ وڪالت شروع ڪئي هئي، تڏهن پنهنجي دوست مرحوم جمال صديقيءَ سان گڏجي ڪراچيءَ مان ٺٽي هڪ ڪيس هلائڻ لاءِ ويو هيس. ابراهيم جويو، جو منهنجو ۽ جمال جو دوست هوندو هو، ٺٽي هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر هو. اسان ابراهيم جي گهر رهيا هئاسون. اِهي ٺٽي جون ٻه راتيون منهنجيءَ زندگيءَ تي اَڻمٽ ڇاپ ڇڏي وَيون. منهنجن شعرن مان اڄ تائين ٺٽي جي رابيل جي خوشبو ايندي آهي، ۽ مان جڏهن ڪوئي رابيل جهڙو مکڙو ڏسندو آهيان، ته تڙڦي ويندو آهيان. ٻئي ڏينهن ابراهيم ٻڌايو ته ٺٽي ۾ جمعيت الشعراء جو مشاعرو آهي، جتي ’واصف‘، ’خليل‘، ’نظامي‘ وغيره جغادري غزل گو شاعر آيا آهن ۽ مون اُتي انتظام ڪيو آهي، ته تون جديد شاعريءَ تي تقرير ڪرين...... سو مون جديد ادب تي ٻه ڪلاڪ تقرير ڪئي ۽ اُتي آيل سڀني شاعرن کي ٻڌايو، ته هنن جهڙا غزل ته لکنو ۽ دهليءَ جو هر شاعر لکي سگهندو آهي. ۽ جي غزل اُتي طوائفون ڪوٺن تي ڳائينديون آهن، سي به سندن غزلن کان بهتر هوندا آهن. پوءِ مون کين ٻڌايو ته جديد شاعري ڪيئن آهي؟ ٽئگور، اقبال وغيره جي شاعريءَ ۾ نظم جي ڪهڙي حيثيت آهي، ۽ حسرت، فاني، جگر، اصغر گونڊوي ۽ فراق کان اڳتي وڌيڪ فيض، ساحر، فڪر تؤنسوي وغيره ڪيئن غزل لکيو آهي؟ ڪجهه نون لکڻين مان يورپ جي ادب مان به حوالا ڏنا ۽ ٽئگور جي شاعريءَ مان به حوالا ڏنا. هوُ منهنجي عمر ۽ جرئت ڏسي ۽ دونهاندار تقرير ٻڌي وائڙا ٿي ويا، ته انهيءَ عمر ۾ مون کي گستاخيءَ جي جرئت ڪيئن ٿي هئي؟ پوءِ ابراهيم جويي کي ڏسي چُپ ٿي ويا، ڇو ته ڇڙو ابراهيم هيڊماستر ۽ خليل ڊاڪٽر هئا، باقي ڪلارڪ ڪڙا ۽ ماستر مڙا هيا، جڏهن ته نظامي سنڌ زميندار هوٽل جو مالڪ هو.“

(ت) آءٌ شيخ صاحب جي هن راءِ تي ڪابه ٽيڪا ٽپڻي نه ڪندس، ڇو ته سنڌ جو هڪڙو مهان دانشور، ڊاڪٽر ابراهيم ’خليل‘، نظاميءَ ۽ واصف جهڙن شاعرن کي شاعر نه مڃي، ۽ اُستادن لاءِ ’ماستر مڙا‘ جهڙا توهين آميز لفظ ڪم آڻي، تنهن اديب يا شاعر لاءِ ڇا چئجي؟ مغروريءَ ۽ تڪبر جي اها انتها آهي، شيخ صاحب جي انهن لفظن ۾.

(ث) شيخ صاحب پاڻ پڏائڻ ۽ تڪبر ۾ ايتري قدر ته گم هو جو پنهنجي دور جي سنڌي ادب کي ”وڌوا جو مڙهه“ ٿو سڏي، جڏهن ته اُن دور ۾ گوبند مالهيءَ، شيخ عبدالرزاق ’راز‘، اياز قادريءَ، عبدالڪريم ’گدائيءَ‘، اُستاد بخاريءَ، شمشير الحيدريءَ، محمد خان مجيديءَ، مولوي احمد ملاح، نياز همايونيءَ، بردي سنڌيءَ، تنوير عباسيءَ، مخدوم طالب الموليٰ، ابراهيم منشيءَ، سرويچ سجاوليءَ ۽ امداد حسينيءَ جهڙن اعليٰ شاعرن سنڌ ۾ شاعري ٿي ڪئي. اهڙيءَ طرح نثر ۾ شيخ حفيظ، عبدالغفور انصاري، نسيم احمد کرل، جمال ابڙو، امر جليل، حميد سنڌي، ماهتاب محبوب، آغا سليم، عبدالقادر جوڻيجو، محمد ابراهيم جويو، جي - ايم سيد، پير علي محمد شاهه راشدي، سيد حسام الدين شاهه راشدي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سيد عطا حسين شاهه موسوي، سيد عبدالحسين شاهه موسوي، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ سنڌي ۽ ٻيا به ڪيترا ناول نگار، ڊراما نگار، ڪهاڻيڪار، محقق ۽ نثر جي ٻين صنفن تي لکندڙ سُخنور موجود هئا، جن پنهنجن پنهنجن ميدانن ۾ سنڌي ادب جي خدمت ڪري، دنيا ۾ اُن جو ڳاٽ اوچو ڪيو هو. الله ڄاڻي ڇو شيخ صاحب انهن سڀني اديبن ۽ شاعرن کي اديب تسليم نٿو ڪري؟

(ج) پنهنجن متقدمين شاعرن ۽ دانشورن کي به شيخ صاحب ڪجهه به نٿو سمجهي. انهن لاءِ هن ڪتاب ۾، صفحي 65 تي، شيخ صاحب جا ورجايل لفظ ملاحظه ڪريو:

”اهو وقت گذري ويو جڏهن سنڌي شاعريءَ مان ڪفن ۽ ڪافور جي بوءِ ايندي هئي. جڏهن لکنو ۽ دهليءَ جي ڀتي روايت کان متاثر ٿي شاعر قافيه پيمائي ڪندا هئا، ۽ پنهنجو غزل پينوءَ جي پاند جيئن ڦهلائي داد جي طلب ڪندا هئا. اُنهن ۾ نه زندگيءَ جو شعور هو، نه ادب جي شناس ۽ انهيءَ اردو غزل جو صحيح ذوق، جنهن جون ٻه چار تشبيهون هنن لاءِ انهيءَ انڌي ڏيڏر جي ڪائنات ٿي چڪيون هيون، جو نه فقط زندگيءَ جي موج ۽ تلاطم کان بي خبر هو، پر پنهنجي کوهيءَ جي جَرَ تي ڪنهن چنڊ ستاري جو پاڇو به نه ڏٺو هئائين. گذريل ڪافي عرصي جي شاعري اِهي ٿاڦوڙا آهن، جنهن جي چڀڪ جون ڦينگون اڃا تائين حيدرآباد کان لاڙڪاڻي تائين اُڏامنديون نظر اينديون، ۽ جن کي اڃا تائين ڪجهه تڪبند شاعر ڄور وانگر چنبڙيا پيا آهن.

فارسي ۽ اردو شاعريءَ جي روايت ۾ ڪائي مور جي ادا ڪانه هئي، جو اُن جي تقليد ڪئي وڃي ها، البته ڪجهه ڪانوَ، هُدهُد جا کنڀ اٽڪائي، اُڏامندا نظر ايندا هئا. اُنهن مان به ڪجهه اُهي هئا جن جا سطحي جذبا هنن کي حالي، اڪبر الهه آبادي ۽ اقبال جي دروازي تي وٺي ويا ۽ هوُ لڪير جا فقير، ڪجهه ادبي اوبر مان جهول ڀري آيا. انهيءَ کوکلي شاعريءَ جي کرڙ ڏسي ڦوُليا نه سمايا. انهن کان اهو به وسري ويو ته اسان جي زبان ۽ ادب خود مالامال آهي، ۽ ڀٽائيءَ، سچل، ساميءَ جيڪو ذخيرو ڇڏيو آهي، سو ڪڏهن به کٽڻو نه آهي، ۽ فقط اهوئي اسان لاءِ فخر جو باعث آهي. هڪ طرف فارسي ۽ اردو شاعريءَ جي تتبع ۽ انڌي تقليد سنڌي شاعريءَ ۾ جمود پيدا ڪيو ۽ ٻئي طرف اسان جي ڪافي، بيت ۽ دوهيڙي ۾ نئين جذبي ۽ جدت جي نمايان ڪمي نظر آئي.“

لهاذا، شيخ اياز صاحب جي هن پوري بيان مان ائين ٿو محسوس ٿئي، ته شيخ اياز جي نظر ۾ سانگيءَ، آخوند گل، گدا، فاضل شاهه، قليچ، خليفي قاسم، حمل فقير، نواب ولي محمد لغاريءَ، خليل، واصف، نظاميءَ، علي محمد قادريءَ ۽ ٻين متقدمين ۽ همعصر شاعرن جي شاعريءَ جي ڪابه حيثيت ڪانهي. اُنهن جي شاعري فضول آهي، بيڪار آهي ۽ اردو ۽ فارسي شاعريءَ جو نقل آهي. جيڪڏهن ائين آهي، ته پوءِ پاڻ مير عبدالحسين سانگيءَ جا غزل اردوءَ ۾ ڇو ترجمو ڪيائين، جيڪي سندس واکاڻ لاءِ هن ڪتاب جي صفحي 84 تي ڏنا ويا آهن.

(ح) شيخ صاحب پنهنجن همعصر اسڪالرن ۽ محققن لاءِ به سٺا لفظ ڪم نه آندا آهن. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ”شيخ اياز - هڪ مطالعو“ ڪتاب جي پيش لفظ ۾ صفحي 14 تي لکي ٿو:

”شيخ اياز ’ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر‘ ڪتاب جي صفحي 32 تي سنڌي اسڪالرن ۽ سنڌي پي.ايڇ .ڊي وارن تي رمارڪ ڏنا. هوُ لکي ٿو ته:

اهو ضروري نه آهي، ته مان سنڌيءَ جي اسڪالرن وانگر انهن ڪتابن جي لسٽ ڏيان، جن تان مون مواد ورتو آهي. گهڻو ڪري سنڌي اسڪالر هڪ ڪتاب پڙهي اُن تان مواد وٺندا آهن، ۽ اُن ڪتاب ۾ جن ڪتابن جو حوالو هوندو آهي، اُنهن ڪتابن جا نالا به اُن لسٽ ۾ پڻ شامل ڪري ڇڏيندا آهن.“

شيخ صاحب جي هن رمارڪ کي، ڊاڪٽر جوڻيجي قبول نه ڪيو آهي، ۽ ساڳئي صفحي 14 تي لکي ٿو ته:

”حقيقت ۾ هي رمارڪ ڪنهن هڪ ماڻهوءَ تي صادق به اچي وڃي ٿو، پر ڪتابن مان حوالا وٺڻ رڳو سنڌي اسڪالرن سان لاڳو نه آهي. سڄي دنيا تحقيق ۾ هن نظام کي قبول ڪيو آهي. حوالا نه وٺڻ ۽ ڪتاب نه ڏسڻ سبب غلطيون ٿين ٿيون. اُن جو شيخ اياز جي هن ئي ڪتاب ۾ مثال موجود آهي.“

سنڌي اسڪالرن لاءِ شيخ صاحب ڪجهه اُڇاترا رمارڪ به ڏنا آهن. اُنهن جو حوالو ڏيندي، ’جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي‘، ڪتاب جي صفحي 106 جي حوالي سان، ڊاڪٽر جوڻيجو پنهنجي مذڪوره ڪتاب ۾ صفحي 166 تي لکي ٿو:

”ان سلسلي ۾ ميران سان ڪچهري ڪندي اُڇاترا (sarcastic) رمارڪ به ڏنا آهن. انهن مان ڪنهن رمارڪ کان پاڻ کي شاعر (شايد) آجو ڄاتو آهي. رمارڪ هي آهن:

- سنڌي اسڪالر هيڊ ڳڙيءَ جا پساري آهن، جن ۾ ڪائي ٿوم نه آهي.

- سنڌي شعر اهو ڪُتي جو پڇ آهي، جو ٻه سؤ سال نڙ ۾ رهيو آهي، ته به ڏنگوئي رهيو آهي.

- مون کي فقط هڪڙي سنڌي اسڪالر لاءِ عزت آهي.

- (ڪنهن لاءِ)

- مرزا قليچ بيگ لاءِ.“

شيخ صاحب جي هن رمارڪ تي، ڊاڪٽر جوڻيجو پنهنجو رايو ڏيندي، صفحي 166 تي لکي ٿو:

”خود اعتمادي تسليم، پر سنڌي ادب لاءِ اهي رمارڪ ڏکوئيندڙ آهن. سنڌي ادب جي شاگردن کي خبر آهي، ته سنڌ جا اديب، محقق ۽ شاعر گهڻائي آهن، جن جو معيار بلند آهي. ڪو ’اياز‘ کي ’گورڪي‘ چوي ته اُن کي جواب ۾ (خواب ۾) ’گورڪن‘ چئو! ڇو جو هوُ وڃايل بيت ۾ روايتون هٿ ڪري، زنجير جون ڪڙيون ملائي ٿو ڏي ته اهي تحريرون به مفيد آهن، ڇو جو ماضيءَ ۾ شعر لکيو نه ويو هو.“

(خ) شيخ صاحب، پنهنجي لاءِ سنڌي اسڪالرن وانگر حوالي طور ڪتابن جي لسٽ ڏيڻ کان ان ڪري انڪاري آهي ۽ سنڌي اسڪالرن کي اهڙي لسٽ ڏيڻ تي تنقيد ٿو ڪري، جو جڏهن تاج محمد سمي، موهن ڪلپنا، ايم - ڪمل، اجهل، نند جويريءَ، غلام نبي مغل ۽ آدرش توڙي ٻين ڪيترن شيخ صاحب جي ڪلام ۾ شاعراڻين خامين تي تنقيد، ۽ تاج سمي، سهڻي رسالي جي نمبر 2 ۾ صفحي 113 تي، سندس خط ۾ جيڪي رايا ڏنا آهن، اُنهن جو اختصار پيش ڪريان ٿو، ته جيئن خبر پوي ته شيخ صاحب حوالا نه ڏيڻ جو بهانو ڇو بنايو آهي. هوُ لکي ٿو:

”عبرت مئگزن ۾ شيخ اياز جي ٻاهرينءَ دنيا جي چونڊ ادب کي لڳايل ’کاٽ‘ بابت پڙهي مون کي نڪي حيرت ٿي ۽ نه وري ذهن جي اُفق تي ڪي سوال ئي اُڀريا، اهو انڪري جو مون اياز کي بار بار پئي پڙهيو آهي، جنهنڪري هر دفعي اياز ۾ مون کي ڳوٺاڻي ماحول، محاورن، لفظن ۽ ترڪيبن جي اڻاٺ محسوس ٿي آهي، جن جو اياز ڪنهن نه ڪنهن نموني پورائو پئي ڪيو آهي.

اياز جي اک شڪارين جي سنگت ۾ يا جابلو حصن جو سير سفر ڪندي گَڊ به ڏٺو آهي ته سرهه به، پر اياز اُن ماحول جو حصو ٿي نه سگهيو آهي، جيئن انگريزي ۽ روس جي ڪن شاعرن اُن ماحول ۾ رهي ڪري يا نيپاج وٺي، ٻهراڙيءَ جي ڪن پکين، خاص ڪردارن يا فطرت جي حسن تي شعر لکي، هوُ پاڻ به امر بنجي ويا آهن ۽ پنهنجن تخليقن کي به امرتا بخشي آهي.

ڀٽائي ان ڏس ۾ اڃا به گهڻو اڳتي وڌي ويو آهي. ماحول ۽ مشاهدي جي کوٽ، جيڪا مون کي اياز ۾ نظر آئي آهي، ايڏي وڏي کوٽ آهي، جنهن جو تخليق جي دنيا ۾ ڪو علاج ڳولهي ڪڍڻ محال آهي. اياز کي شابس آهي، جيڪو ڪيترن ئي طريقن سان پنهنجي شاعريءَ لاءِ خام مال (Raw material) جمع ڪندو رهيو آهي ۽ اڃا سوڌو ڪندو رهي ٿو، جنهن ۾ انگريزي ڪتابن تان ترجما ڪري، تخليقون پنهنجي نالي ڇپائي پڌرو ڪرڻ به شامل آهي، ائين ڪو ڏاٽو هٿ ۾ کڻي، رات جو پرائي کيت مان سنگن سوُڌا ڪانا لڻي اچي، ڏاندن اڳيان کوڙ ڪري.

اهڙي طرح آدرش، عالمي ادب مان جيڪي سٽون ڳولهي اچي اياز جي ڪتابن مان لڌيون آهن، سو هڪ وڏو ڪرشمو آهي. اهوئي سبب آهي جو مٿي مون ’سنگن سوُڌا ڪانا‘ فقرو استعمال ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته اياز لفظ به لفظ ترجمو ڪري، پرائي ذهن، شعور ۽ ادراڪ جو پورهيو، پنهنجي نانءَ ڇپرايو آهي. اياز ايڏو ته سياڻو تخليقڪار آهي، جو جيڪڏهن آرمينائي ۽ ترڪي شاعري ۾ ادب جا برجستا ۽ مٿاهان قدر نه ڏسي ها ته هو اهڙين تخليقن کي هوند ڇُهي به ڪين ها. اياز جي هن ڪاريگريءَ ۾ سندس وڪالت جو به عمل دخل آهي. اهڙيءَ طرح پنهنجي مشاهدي، محاورن، لفظن جي معنائن، مطلبن ۽ پس منظر جي کوٽ جو پئي علاج معالج ڪيو آهي، ائين جيئن ڪو هاري، ڪلراٺي يا ڏنگاشي زمين ۾ جوئر جي اوڌ هڻي، سلن جي آبياري ڪري، پنهنجي پيدائش وڌائيندو رهي.“

(د) شيخ اياز، سنڌيءَ ۾ پي.ايڇ.ڊي ڊگريءَ لاءِ پيش ٿيل مقالن کي به سٺي نظر سان نٿو ڏسي. ان حقيقت جو اظهار، ڊاڪٽر جوڻيجي، ”شيخ اياز - هڪ مطالعو“ ڪتاب ۾، پيش لفظ ۾ صفحي 15 تي ڪيو آهي. جوڻيجو صاحب لکي ٿو:

”رائچند کي اُن ڪتاب (تاريخ ريگستان) تي پي. ايڇ.ڊي جي ڊگري ڏني وڃي ها. هي ڪتاب انهن سڀني سنڌي ڪتابن کان سٺو ۽ وڌيڪ محنت سان لکيل آهي، جن تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري ڏني وَئي آهي.“

شيخ صاحب جي هن راءِ تي، ڊاڪٽر جوڻيجو، تنقيد ڪندي، پنهنجي ڪتاب جي پيش لفظ ۾ صفحي 15 تي لکي ٿو:

”حقيقت هيءَ آهي ته هر ڳالهه پنهنجي معيار تي پرکجي ٿي. اياز صاحب ٿيسز ڏٺيون ئي نه هيون. مون کي معلوم آهي ته ان وقت هڪ ڇوڪرو اهڙو رمارڪ ڏيندو وتندو هو، ۽ هو کيس به اهو مڃائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو هو.“

شيخ اياز، سنڌ جي محققن کي حقارت آميز لفظن ۾ ياد ڪيو آهي. ڊاڪٽر جوڻيجو پنهنجي مذڪوره ڪتاب جي صفحي 115 تي لکي ٿو:

”اياز کي سنڌ جي محققن کان گهڻي شڪايت رهي. شايد ڪي هُن جي ڌيان ۾ هئا، جن جي ڪابه ڳالهه نٿي وڻيس، ۽ پنهنجي ناپسند ظاهر ڪندو آيو آهي. اها ڪتاب ’پتڻ ٿو پور ڪري‘ ۾ انتها تي ڏسجي ٿي ۽ غيرسنجيده پڻ. ٻه ٽڪرا اهو واضح ڪن ٿا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com