سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2006(1)

 

صفحو :13

امداد حسيني

 

ذوالفقار راشدي- اتهاس جو هڪ جاندار حصو

(اڀياس)

ذوالفقار راشديءَ جي غزلن تي تڏهن پنهنجي راءِ پيو ڏيان، جڏهن هو پاڻ اسان ۾ موجود نه آهي، ۽ جڏهن سنڌي شاعريءَ جون نشانيون ميسارجي رهيون آهن. سنڌي ٻولي، ادب ۽ ثقافت انيڪ ڄاتن- اَڄاتن خطرن جي زد ۾ آهي. سنڌين ۽ سنڌ جي وجود جو مسئلو پيدا ٿي پيو آهي:

                   اَلا ايئن نه ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي،

                 ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي! (شيام)

الميو اهو آهي ته انهيءَ صورتحال پيدا ڪرڻ ۾ ڌارين سان پنهنجا به ٻِٽ آهن! ان ڏس ۾ رڳو ادبي سطح تي ئي ڏسو ته ڪيترائي مفاد پرست ٽولا سرگرم نظر ايندا. ان تي پوءِ ڳالهائينداسين، هينئر هتي مان ذوالفقار راشديءَ جو هڪ شعر ڏيڻ ٿو گهران:

ڇو اَڪارٿ وڃائين اوجاڳا؟

چنڊ مِهنو ڏئي ويو آهي!

شاعر جن ماڻهن لاءِ اوجاڳا ٿو ڪري، تخليق ٿو ڪري، اُن سان اُهي ماڻهو نه ٿا ڳالهائين، ايستائين جو اُهي کيس مِهڻي هاب به نه ٿا سمجهن! اهو مِهڻو به هن کي چنڊ ئي ڏئي ٿو:

”ڇو اَڪارٿ وڃائين اوجاڳا؟“

سج کان اُڌاري ورتل روشنيءَ ۾ چمڪندڙ چنڊ- جيڪو شاعرن لاءِ سدائين ”سونهن“ جو اهڃاڻ رهيو آهي- اُهوئي شاعر کي مِهڻو ٿو ڏئي وڃي: اوجاڳن جو، جيڪي وڃائجي رهيا آهن. اَڪارٿ، بي مقصد، چنڊ مِهڻو ڏئي اُلهي ٿو وڃي. اُڌاري ئي سهي، روشني گل ٿي ٿي وڃي- ۽ پٺيان رهجي ٿي وڃي رات- بنان چنڊ جي رات! ۽ ذوالفقار راشدي- جيڪو ماڻهن جو شاعر آهي- اُن سان فطرت ئي مخاطب ٿئي ٿي ۽ ماڻهو، جيڪو فطرت کان ڪٽجي چڪو آهي، ۽ ان جو فطرت سان ڪوبه سنٻنڌ نه رهيو آهي، سواءِ اُن کي گدلائڻ جي! پر شاعر وري به اُنهن ماڻهن سان مخاطب آهي، جيڪي هن کي مِهڻي هاب به نه ٿا سمجهن. ۽ چنڊ جي ان مِهڻي شاعر جي روح کي جيڪو رنج رسايو آهي، ڇا اسين اهو محسوس ڪري سگهون ٿا؟ پر اصل سوال اهو آهي ته ڇا شاعر جا اوجاڳا واقعي اَڪارٿ آهن؟ هن پنهنجي ڪوتا ۾ جيڪي ڪرڻا ڪرڻا لفظ پُوتا آهن، ڇا اُنهن جي روشني اسان جي ذهنن کي منور نه ڪندي؟ ڇا شاعر جي دل جي صدا دل وارن تائين نه پهچندي، جنهن جي هر سَڌ ٻه اڌ ٿي پئي آهي:

جاڙ جيئڻ لڳي ٿو دل وارؤ،

دل جي هرڪا ئي سَڌ مُئي آهي.

”دل جي هرڪا ئي سَڌ مُئي آهي“ واريءَ سِٽ ۾ اها ”دل“ منهنجي ”دل“ نه آهي؟ تنهنجي ”دل“ نه آهي؟ ان سِٽ ۾ ”دل“ صرف هڪ لفظ نه آهي، پر لفظ جي معنيٰ آهي، جيئري، جاڳندي ۽ ڌڙڪندي معنيٰ!

ذوالفقار راشديءَ پنهنجي مجموعي کي ”اڌ لکيون سِٽون“ ئي ڇو چيو آهي؟ ڇاڪاڻ ته اُهي مڪمل نه آهن- اڻپوريون آهن ۽ ڪٿي ڪٿي مبهم به- خود ذوالفقار راشديءَ جي زندگيءَ وانگي، اها مبهمتا- اها نامڪملتا شاعريءَ جو، زندگيءَ جو، حسن به آهي:

موڪلاڻيءَ جي مهل آ هاڻي،

ڪير ملندو وري خدا ڄاڻي!

ڪنهن جي موڪلاڻيءَ جي مهل آهي؟ ۽ ڪنهن کان؟ ۽ هيٺين سِٽ ۾ ’ڪير‘ ڪير آهي؟ ۽ ڪنهن سان ملندوَ؟

پر هڪ شاعر سان اسين جڏهن به چاهيون، ملي سگهون ٿا. ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي شاعريءَ ۾ ئي جيئي ٿو، بلڪ اسان کي به جيئاري ٿو، پنهنجي شاعريءَ وسيلي:

دُونهي دکي ٿي دل ۾ جا ٻاري نه ٿو سگهان،

ٻاري نه ٿو سگهان ياڪ ٺاري نه ٿو سگهان.

ذوالفقار راشديءَ جي شاعري اهڙن ئي جذبن ۽ احساسن جي شاعري آهي، جيڪي ڀڙڪي رَک نه ٿا ٿين، بلڪ دُکندا رهن ٿا، دونهيءَ وانگي، لڳاتار، جيئن لطيف سائينءَ فرمايو آهي:

نهائينءَ کان نينهن، سِک منهنجا سپرين،

سڙي سارو ڏينهن، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري.

ذوالفقار راشديءَ جي شاعري اُڃ کي اُجهائي نه ٿي، ويتر ڀڙائي ٿي. هن جي شاعري پڙهندي ”پيان نه ڍاپان“ واري ڪيفيت اُڀري ٿي. ”هي پيتو، هو آڻ ڪي“ واري سَڌ اُڌمي ٿي. مون کي انهيءَ چوڻ ۾ ڪابه هٻڪ نه ٿي ٿئي ته ذوالفقار راشدي ”پڙاڏو“ نه پر ”سڏ“ آهي. اسان جي پياري دوست ۽ سنڌيت جي پرچارڪ ۽ سنڌيءَ جي اهم ڪهاڻيڪار رشيد ڀٽيءَ، جنهن کي مان اتهاسڪار چوان ٿو، پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ تنوير، شمشير، بردي ۽ نياز کي پاسيرو ڪري، ٻي سڄي سنڌي شاعريءَ کي اياز جي شاعريءَ جو پڙاڏو سڏيو هو، تڏهن اهو ذوالفقار راشدي ئي هو، جنهن ان تي سخت احتجاج ڪندي رشيد جي ان راءِ کي ”ڏنڊو ٺوڪ رمارڪ“، ”اتاڇرو ۽ اٻهرو فيصلو“ چيو هو ۽ ان ورتاءُ کي ”جٿابندي“ ۽ ”دوست نوازي“ سڏيو هو:

”ٽن چئن ڀائرن کي جدا رکي باقي سموري جديد سنڌي شاعريءَ کي اياز جي نيگيٽو ڪاپي سڏي منهن پاسيرو ڪرڻ، سڄي سنڌي شاعريءَ تي ڪارنهن رکڻي آهي.“

(”ڪسوٽي“ ص 42)

نصير مرزا ته هڪڙو ڀيرو اياز کي سنڌي شاعريءَ جو سج ۽ تنوير عباسيءَ کي سنڌي شاعريءَ جو چنڊ چيو هو. ائين هن نيڪ نيتيءَ سان ئي چيو هوندو، پر هن اَڄاتي ۾ اياز کي ”سڏ“ ۽ تنوير کي ”پڙاڏو“ قرار ڏئي ڇڏيو، ڇو ته ”چنڊ“ کي ته پنهنجي روشني نه هوندي آهي ۽ سج کان اُڌاري ورتل روشني موٽائيندو آهي!“ انهن راين کان متاثر ٿي اياز به چيو ته: ”کانئس پوءِ واري شاعري، هن جي شاعريءَ مان ائين اُسرندي، جيئن ڪمند جي لتاڙيل گُريءَ مان، ڪمند جو فصل اُسرندو آهي!“ ان دعويٰ تي گهڻن کڳيون هنيون ۽ ڪاڳر ڪارا ڪيا، پر انهن سائينءَ سنوارين کان ڪير اهو پڇي ته ”جڏهن ٻج ئي ٻئي جو آهي، تڏهن شاعر جو پنهنجو ڇا آهي؟“ ان ڏس ۾ ذوالفقار راشديءَ ماهوار  ”سوجهرو“ (1974) ۾ جيڪو بحث ڇيڙيو آهي، اهو پڙهڻ وٽان آهي. اهو بحث سندس، بلڪ سنڌيءَ جي، اهم تنقيدي ڪتاب ”ڪسوٽي“ ۾ پڻ ڇپجي چڪو آهي.

ان ريت ”لطيف ثاني“ کان وٺي ”لطيف کان پوءِ سنڌيءَ جو وڏي ۾ وڏو شاعر“ وارو ٺپو به اُٻهرائپ ۾ هنيو ويو ۽ ان مان ثابت اهوئي ٿيو ته اسان وٽ چوڻ لاءِ ڪجهه به نه آهي، سواءِ فتويٰ صادر ڪرڻ جي! ائين پوري اتهاس تي منڌيئڙو پاتو ويو. پوءِ اهو پڳڙ (وڏي ۾ وڏي شاعر وارو) ڪڏهن اياز جي مٿي تي، ته ڪڏهن اُستاد جي مٿي تي رکيو ويو! ڪارڻ؟ اهو ته ”اياز پنهنجي نظرئي تان ڦري ويو آهي!“ ۽ ائين اياز جي زندگيءَ ۾ ۽  اُستاد جي وفات کان پوءِ ڪيو ويو، ۽ جڏهن ڳالهه نه ٺهي ته پوءِ انهيءَ پڳڙ ۾ ”عظيم“ سان ”عواميءَ“ جي اڳڙي به وڌي وئي- ۽ استاد کي ملاح، سرويچ، مجيديءَ ۽ منشيءَ جي صف مان ڪڍي، ماڳهين ”ڪئسٽي شاعرن“ جي قطار ۾ بيهاريو ويو، ڇو ته هينئر ته عوامي اُهي ئي آهن! ان ريت جن شاعرن بُت ڀڳا، انهن ئي بُتن جي ملبي مان، خود انهن ئي شاعرن جا بُت کڙا ڪيا ويا- ۽ ٻاوا ۽ ڀوپا انهن جي پوڄا پاٺ ڪرڻ/ڪرائڻ ۾ لڳي ويا. مستڪ تي سينڌر مَلي:

ديوتائن سان نه رکجي دوستي،

ٿورڙو ماڻهن سان ٿي قربائتو.

ذوالفقار راشدي شاعريءَ کي ”اوچو“ ۽ ”مقدس فن“ سمجهي ٿو ۽ ادب ۾ ”خوشامند“، ”تقليد“ ۽ ”بت پرستيءَ“ کي نندي ٿو:

”اديب ۽ فنڪار کي هونئن به بت پرستي يا تقليد نه ٿي ٺهي.“

(”ڪسوٽي“ ص 102)

مون پهرين به چيو آهي ته شاعريءَ جي ملهه- ڪٿ صرف تخليقي سطح تي ئي ڪري سگهجي ٿي. اياز پاڻ چيو آهي ته: ”منهنجو آرٽ سچائيءَ ۽ سونهن جي مسلسل جستجو آهي.“ ۽ ذوالفقار راشديءَ جو ڏوهه رڳو اهو هو ته هن بيٺل پاڻيءَ ۾ پٿر اُڇلايو هو، ۽ جڏهن خود اياز آخري عمر ۾ ادب جي بنيادي مقصد ”سچائيءَ ۽ سونهن“ جي کُلي حمايت ڪئي، تڏهن هن کي هيٺين سطح تي لهي لوئيو ويو. ايستائين جو جڏهن ”سنڌي ادبي بورڊ بچايو(!)“ تحريڪ جي حمايت ڪرڻ کان اياز نابري واري، تڏهن هن تي غداريءَ جو ٺپو به هنيو ويو- ۽ اهو ٺپو رجعت پرستن ڪونه هنيو، پر ترقي پسندن ۽ قوم پرستن هنيو! پر انهيءَ ٽولي کي مفادپرست چوڻ وڌيڪ صحيح ٿيندو. جيري ڪارڻ ٻڪري ڪُهڻ وارو ٽولو. ذوالفقار راشديءَ جي ”سوجهرو“ ۾ ڇيڙيل بحث تي تنوير راءِ ڏيندي چيو هو ته:

”اسان جو دور جذبات، هيجان ۽ جوش جو دور آهي. اهڙي دور ۾ ماڻ ماپا بي معنيٰ ٿي ويندا آهن. انڪري ئي اسان جي دور ۾، ادبي پرک جذباتي اثرن هيٺ پئي ٿي. پر هاڻي ماحول ماٺو ٿيو آهي. جذبا ٺريا آهن ۽ فضا صاف ٿيڻ لڳي آهي. هاڻي اسان صحيح ڪَٿ ڪري سگهنداسين.“

(”ڪسوٽي“، ص 104)

پر ائين ٿيو ڪونه. فضا وڌيڪ ڪثيف ٿي وئي آهي:

اڇو پاڻي لُڙ ٿيو، ڪالوريو ڪنگن،

ايندي لڄ مرن، تنهن سَر مٿي هنجڙا!

۽ اهو سڀڪجهه ذاتي ۽ گروهي مفادن جي ڪري ٿي رهيو هو. انهيءَ ناانصافيءَ جو گهڻي ۾ گهڻو شڪار پاڻ تنوير ٿيو! ۽ ذوالفقار راشديءَ کي به اسين وساري ويٺاسين! هتي مان سحر جا لفظ ڏيان ٿو:

”ان دور ۾ شاعر رڳو اياز ناهي، اياز سان گڏ شاعرن جي هڪ پوري سنگهر آهي- سوني سنگهر: اياز، نياز، تنوير، شمشير، بردو، گدائي، مجيدي، استاد، سرويچ، ذوالفقار راشدي ۽ امداد حسيني.“

            (”هوا جي سامهون“، ص 34)

سحر کان جيڪي نالا رهجي ويا آهن، سي آهن: بشير مورياڻي، سروپچندر شاد، فتاح ملڪ، نعيم دريشاڻي، قمر شهباز، تاج بلوچ، انور پيرزادو ۽ خود سحر. هتي اهو به ٻڌائي ڇڏيان ته  اهڙا لقب القاب روايتي دور ۾ به هڪٻئي کي ڏنا ويا هئا، جهڙوڪ: ”تاج الشعراء“، ”استاد الشعراء“، ”سرتاج الشعراء“ وغيره- پر اڄ انهن جي ڪهڙي اهميت آهي؟

تنوير جنهن دور کي ”اسان جو دور“ چيو آهي، اُن تي ذوالفقار راشديءَ جي حوالي سان گهڻو ڪجهه لکي سگهجي ٿو، ۽ لکڻ به گهرجي، ڇاڪاڻ ته اتهاس ۾ اهو هڪ اهم دور آهي، جنهن ۾ هڪ ئي وقت ايڏا وڏا شاعر موجود هئا. پر ماحول ايڏو ته ماٺو ٿي ويو آهي، جو جمود واري ڪيفيت آهي. جذبا ايڏا ته ٺري ويا آهن، جو ڪنهن ”مَڙهه“ جو ڏيک ٿا ڏين ۽ اُن تي پيشيور روڄ پٽڪي ڪرڻ وارن جو تماشو چالو آهي:

پنهنجي اندر منجهه اونهو ٿو لهان،

ذات ماڻهوءَ جو تماشو ٿو ڏسان.

هڪ لوڪ بيت (دوهو) آهي:

گهر پيا گهنگهر پيا، پئي گهرن جي تات،

سَو سَٺ بيتن جي، وسري راتوڪي رات.

لوڪ شاعر ”سو سٺ بيتن وسرڻ“ جي ڳالهه به بيت ۾ ٿو ڪري- سو هڪ شاعر جي پهرين ترجيح وري به شاعري ئي آهي- ۽ اهائي هن جو پناهه گاهه آهي:

پنهنجي دل ۽ ذهن کي پڙهندو رهيم،

وقت جي تاريخ ويٺو ٿو لکان.

شاعريءَ جو سرچشمو شاعر جي روح مان ڦُٽندو آهي- ۽ جيڪڏهن ائين ناهي ته شاعري رُڃ کان سواءِ ڪجهه به نه آهي! انهيءَ سرچشمي مان جيڪڏهن ڪنهن کي ڍُڪ، لَپ، ٻُڪ پاڻيءَ جو به نصيب ٿئي ٿو ته اهو اُن جي روح کي سيراب ڪري سگهي ٿو، پر اِن لاءِ اُن سرچشمي تائين پهچڻ ضروري آهي- ۽ اسان وٽ حالت اها آهي ته:

پاڻيءَ مٿي جهوپڙا، مورک اُڃ مرن!

تازو هڪ درسي ڪتاب جي مسودي ڏسڻ جو موقعو مليو. ان ۾ ”غزل“ جو باب ته موجود هو، پر غزل گو شاعرن ۾ ذوالفقار راشديءَ جو نالو غير موجود هو! جڏهن ته ڪيترائي غير اهم نالا موجود هئا:

من ڪڏهن ايئن چون، نانءُ ٻڌو آهي ڪٿي،

غور سان ويهي پڙهن، اهڙي عنايت ئي رهي.

صحيح معنيٰ ۾ ڪوبه شاعر پنهنجي مٿي تي مولهيو نه چاهيندو آهي. هو ته رڳو ايترو ئي چاهيندو آهي ته هن کي پڙهيو وڃي. ذوالفقار راشدي ”غور سان پڙهڻ“ جي ڳالهه ٿو ڪري ۽ ان کي انهن جي عنايت ٿو سمجهي، جن لاءِ لکي ٿو:

مان رهان يا نه رهان، ڪوبه مسئلو ڪونهي،

سونهن شاداب رهي، عشق سلامت ئي رهي.

شاعر ”سونهن جي شادابيءَ“ ۽ عشق جي سلامتيءَ“ جو گهورو آهي، جيڪي ئي هنجي شاعريءَ جو محور به آهن. سونهن ۽ عشق. جيڪڏهن سونهن شاداب رهي ٿي، عشق سلامت رهي ٿو، ته شاعر به رهي ٿو. سونهن جيڪا هن جي شاعريءَ ۾ موجود آهي، اُها هُو ٻاهر به ڏسڻ گهري ٿو. سَو عذاب سهي به:

سونهن چاهيائين جڳ جي جيون لئه،

پاڻ ليڪن عذاب ڏسندو هو!

ذوالفقار راشديءَ کي پنهنجو منفرد لهجو، اسلوب ۽ ٻولي آهي، انڪري هو ميڙ ۾ به پري کان سڃاڻي سگهجي ٿو. هو رسماً نئون نه آهي، حقيقتاً نئون آهي. هو سنڌي شاعريءَ ۾ ”نئين عشق جي تعمير ٿو ڪري“ ۽ ان کي هو ”جاڳ جي ڀاڳ ۾ خواب ڇرڻ“ ٿو چئي ۽ هن کي اها ڀليءَ ڀت سُڌ آهي ته نئين عشق جي تعمير ايتري سُٿري به ڪينهي- خاص ڪري اُتي، جتي ”غرض جا واسينگ“ هجن! جتي شاعر جي اوجاڳن جو قدر نه هجي! جتي هن جي ونڌيل هيرن جو ڪو خريدار نه هجي:

ڪو خريدار قدردان جڏهن ڪو نه ڏٺم،

جِند جي جَنڊ ۾ موتين کي ڏريان ٿو ويٺو.

اهڙا ڪيترائي املهه ماڻڪ شاعر جي ”جند جي جنڊ“ ۾ ڏرَجي ويا ۽ اُهي موتي، لفظن جي روپ سروپ ۾، پني تي پلٽجي نه سگهيا- شعر جي ڳهه ۾ جڙجي نه سگهيا.

انهيءَ پوري دور ۾ ذوالفقار راشدي نراساين ۾ گهيريل رهيو ۽ عذاب مان گذرندو رهيو:

ملي ٿو آس جي چڻنگن مان سوز دلسوزي،

لڳاءِ هانوَ سان ڪوسو ڪري ته هانءُ ٺري.

هو ”من جي مونجهه“ لاهڻ لاءِ، ڪراچيءَ ويندي يا ڪراچيءَ مان ”شهر ڏاڏاڻي“ موٽندي، حيدرآباد ۾ ضرور ڊاٻو ڪندو هو. حيدرآباد ۾ فاران هوٽل ۾ يا وري ڄام شوري جي کُليل هوائن ۾ اسان جون روح رهاڻيون هونديون هيون. اسين ذاتي مسئلن تي گهٽ، اجتماعي مسئلن تي وڌيڪ ڳالهائيندا هئاسين- ۽ ڦري گهري ادب تي اچي ويندا هئاسين. مان کيس سدائين لکڻ لاءِ اُتساهيندو هوس:

بيقراريون رکيم هتي ويڙهي،

خالي موٽان ٿو شهر ڏاڏاڻي.

ذوالفقار راشديءَ پاڻ کي لکڻ/پڙهڻ کان پري ڪڏهن به نه ڪيو. ڇپجڻ لاءِ رسالا نه هئا، ماحول نه هو. هو دوستن ڏانهن خط لکندو هو ۽ ڪڏهن به انهن تان ڀيرو نه ڀڳائين. هو ڪراچيءَ مان موٽندو هو ته ڪتاب وٺي موٽندو هو ۽ ڏاڏاڻي شهر ۾ اهي ئي هن جا ساٿي هئا:

سڄي ڄمار اڪيلو ائين گذاريندو،

ڪتاب، مان ۽ ڪتابن جو تنگ هي ڪمرو.

هڪ شاعر جي لاءِ اهڙي ڪيفيت ”اندر وِهه ولوڙجي، ٻاهر ساگر سانت“ واري ڪيفيت هوندي آهي. ذوالفقار راشدي انهيءَ سانت کي ٽوڙي سگهيو يا نه؟ هو انهيءَ وِهه کي امرت ڪري سگهيو يا نه؟ ته ان جو ٺهيل ٺڪيل جواب آهي ”ها!“ پر ان جو صحيح جواب، جيڪو ٿي سگهي ٿو، سو اهو آهي ته هو انهيءَ Process ۾ رهيو- ۽ ماڳجي چاهه ۾ مارڳ منجهه مري (مارجي) ويو:

وڏا طالع تن جا، جي مارڳ منجهه مرن!

ذوالفقار راشديءَ چوڪ تي بيهي نڙي ڦاڙي رڙيون ڪونه ڪيون- نه ئي هن پني تي لفظن جا ڳاڙها جهنڊا ڦڙڪايا. هن لفظن جي حرمت رکي:

لفظ جا دُهل هانو ڦاڙ ٻڌي،

آڱريون سُرت جي ڪنن ۾ وجهان.

هر شاعر ۾ هڪ باغي روح هوندو آهي ۽ ذوالفقار راشدي به هڪ شاعر آهي. سنڌيءَ جو هڪ ٻهڳُڻو شاعر. هن کي وڏو/عظيم/عوامي..... چوڻ بدران جيڪڏهن رڳو شاعر ئي چئون ته صحيح ٿيندو، بلڪ رڳو ذوالفقار راشدي ئي چئون ته وڌيڪ صحيح ٿيندو. آخر هومر کي به ته رڳو شاعر ئي سڏيو ويندو هو- ۽ اهائي هن جي عظمت به هئي، جيڪا وڏي/عظيم/مهان نه لکڻ سان گهٽي نه ٿي. ها، هومر جي The Odyssey کي عظيم وير-گاٿا (Epic) ضرور سڏيو ويو.

ذوالفقار راشديءَ پنهنجي انٽرويو (ٽِه- ماهي ”مهراڻ“ 3/92) ۾ ”نه لکي سگهڻ“ جو ڪارڻ مايوسي ٻڌايو آهي، ته ڇا ”هاري پارٽي“ به هُن مايوس ٿي ڇڏي هئي؟

وقت ويساهه جي گردن تي رکي آ ڪاتي،

ڪوئي ماڻهو نه هينئر سور ڪنهين سان سَلندو!

شاعر، جيڪو سڄي دنيا جا سور پنهنجي شاعريءَ ۾ سَلي ٿو، خود پنهنجا سور ڪنهن سان سَلي؟

آءٌ چيري ڏسيان ٿو هانءُ مگر،

لوڪ منهنجي نه ٿو ٻڌي لوڪو!

انيڪ ويساهه گهاتين جي باوجود به ذوالفقار راشديءَ جو ”ڏات“ ۽ ”پيار“ ۾ اَمٽ ويساهه رهيو ۽ هن ڄاتو ٿي ته ”ڏات/پيار“ وسيلي ”اَمرتا“ ماڻي سگهجي ٿي:

ڏات اَمر آ، پيار امر آ، تون ڀي فاني، مان ڀي فاني،

اچ ته امرتا گڏجي ماڻيون، ايندڙ لوڪ لهي جئن پيرو!

تنوير چيو آهي ته ”هر لفظ کي روح هوندو آهي.“ هڪ شاعر اُن لفظ کي ڪتب آڻي اُن جي روح کي اُجاگر ڪندو آهي ۽ اهو روح ان جي معنيٰ آهي. انڪري شاعر جو مسيحا صفت هئڻ ضروري آهي:

پڄيم وس ته ڇڏيان ساعتن ۾ ساهه ڀري.

ذوالفقار راشدي ساعتن ۾ ساهه ڀرڻ کان اَوس آهي. اَسمرٿ آهي- پر اهو هن جو شعور آهي ۽ لاشعور ۾ اهو عمل هن کان سرزد ٿي ٿو وڃي.

جيئن ته ڳالهه ذوالفقار راشديءَ جي غزل جي پئي هلي انڪري غزل بابت خود ذوالفقار راشديءَ جا ويچار ڄاڻڻ ضروري آهن جيڪي هن نياز همايونيءَ جي غزل جي حوالي سان ظاهر ڪيا آهن:

”نياز واري پيڙهي يا اسان واري ٽهي اصل ۾ پنهنجي مزاج جي خيال کان غزل جون پيڙهيون آهن، پر فارسي ۽ اردو غزل جي پوئلڳيءَ کان بيزاري اسان کي غزل کان ئي ڪاوڙائي وئي ۽ اسان غزل کي تقليدي رنگ مان ڪڍي نج سنڌي ويس وڳا ڍڪائڻ بجاءِ اُن کي ڇهڻ به ڄڻڪ رجعت پرستي سمجهڻ لڳاسين.“  جڏهن يورپي ۽ جپاني صنفن کي سنڌي پهراڻ پهرائڻ ۽ نئين شيءِ سنڌي ۾ سڃاپرو ڪرائڻ لاءِ اسان وارن پيڙهين وسئون ڪين گهٽايو. انهيءَ ڪري جتي جديد نظم ڪٿان کان ڪٿان پهچي ويو، اُتي نئين غزل اڄ سوڌو اهڙو اوج ڪين ماڻيو؟“ (ڪسوٽي، ص 63)

ذوالفقار راشديءَ جي راءِ پنهنجيءَ جاءِ تي، پر ان بابت وضاحت ضروري آهي. سنڌي شاعريءَ جو اتهاس ايڏو ته شاندار آهي، جو ان تي فخر ڪرڻجڳائي. اسان جون پنهنجون صنفون، گهاڙيٽا، قدر ۽ روايتون آهن. انهن صنفن کي ناموزون چئي، روايتي دور ۾، پٺن پٺيان اُڇلايو ويو. غزل جيئن ته ايران مان لوازمات سميت درآمد ڪيو ويو، انڪري اُهو شعوري، تقليدي، ڪتابي بنجي ويو. اڃا به ائين چوان ته غزل جي ٻُوٽي کي نه رڳو ڪُونڊيءَ ۾ هنيو ويو، پر مٽي به ٻاهران گهرائي وئي. هتي هڪ روايت رڪارڊ تي آڻڻ لاءِ ڏيڻ چاهيان ٿو:

”هڪڙي ڀيري منهنجي ڏاڏي علامه اسدالله شاهه ”فدا“ کي، سندس ننڍي ڀاءُ، ڪافيءَ جي هڪ وڏي شاعر حافظ شاهه، پنهنجو پهريون غزل ڏيکاريو- ته ڏاڏا، حافظ هارون ”دلگير“ کي سڏ ڪري چيو ته ”اَبا دلگير، حافظ شاهه عشق ڇڏي فشق ۾ ڪاهي پيو آهي.“ ۽ حافظ شاهه اهو غزل اُتي ئي ڦاڙي ڦٽو ڪيو.“

ان دور ۾ ڪافيءَ کي عوامي ۽ عشقيه صنف سمجهيو ٿي ويو ۽ غزل تي علميت ۽ ڪتابيت جو پَڙ پيل هو. جيتوڻيڪ اسان کي گل، سانگي، حامد ۽ قليچ وٽ اهڙو غزل ملي ٿو، جنهن ۾ پنهنجي مٽيءَ جي سڳنڌ آهي:

جي سهڻو پاڻ سڏائي ويا، البيليون اکيون اٽڪائي ويا،
چپ چاشنيدار چکائي ويا، سُتي سورن کي ته جڳائي ويا.

(سانگي)

مُئو ڄاڻ مون کي جي ويندين وٽام،
پرين تو پڄاڻان حياتي حشر.

(حامد)

’حشر‘ کي سنڌي اُچار موجب ڪتب آندو ويو آهي. نئين دور ۾ لوڪ ڪلاسيڪل صنفن: ڳيت، دوهي، سورٺي، بيت ۽ وائيءَ جو نئون جنم ٿي رهيو هو. قومي/
بين الاقوامي حالتون تيزيءَ سان تبديل ٿي رهيون هيون ۽ غزل جي صنف نون موضوعن جي اظهار لاءِ قطعي مناسب نه هئي. روايتي دور جي متضاد ترقي پسند دور شروع ٿي چڪو هو، جنهن ۾  شاعري انقلاب ۽ نعريبازيءَ ڏانهن لڙي وئي. پر اها به حقيقت آهي ته غزل کي ان دور ۾ نظرانداز نه ڪيو ويو هو، بلڪ جديد شاعرن اياز ۽ تنوير، مشير به شروع ۾ روايتي غزل ئي لکيو:

آهستي اچ نسيم جو مکڙي کلي نه پئي،
غنچي جو خوابِ صبح پريشان نه ٿي وڃي.

                                    (تنوير)

قدم قدم تي هجومِ رندان، نظر نظر ۾ شراب خانا،
ڪري ويو ڪير بارشِ مي، خمار آلود ٿيا زمانا.

                                          (اياز)

اڳتي هلي جديد شاعرن غزل ۾ به تجربا ڪيا ۽ ان کي سنڌي ويس پهرائي، سنڌي مزاج سان ٺهڪايو. ساڳئي وقت ان ۾ وسيع موضوع کڻي آيا:

لٿا عرش تي زندگيءَ جا سفينا،
بدلجي ويا بندگي جا قرينا.

                       (شمشير)

خود ذوالفقار راشديءَ جي غزل کي ان ڏس ۾ مثال طور پيش ڪري سگهجي ٿو:

شور ٽرئفڪ جو دل جي شهرن ۾،

دل جون ڳالهيون ته ڪنهن نه ڳالهايون.

*

بلب ٻاري گهٽيون ڪريو روشن،

چنڊ مُرڪڻ کِڙڻ ڇڏي ڏيندو.

ڪافي- نما غزل جي روايت سچل کان شروع ٿئي ٿي، اهڙيون طرحون به ڏنيون ويون ته جيئن غزل کي سنڌي مزاج سان ٺهڪايو وڃي، مثلاً:

نماڻي نار آهيان پر وڏن جا وڻ وڄائينديس.

روايتي غزل کي درآمد ڪيل لوازمات جي وڪڙ ۾ ايترو ته وڪوڙيو ويو جو علامتون، ڪردار، تشبيهون، ترڪيبون، اشارا، ڪنايا، ماحول، موسمون، وڻ، گل، پکي- سڀ ڌاريا، اُڌارا، پاروٿا- فِٽ ڪيا ويا. دراصل بيزاري غزل کان نه هئي، پر اردو زدگيءَ ۽ فارسيت زدگيءَ کان هئي.

حيرت ان تي آهي ته اردو زدگي/فارسيت زدگيءَ کي ”لوازمات“ چئي، ان تي فخر به ڪيو ٿو وڃي!

هتي جديد غزل بابت اياز جا لفظ ڏيان ٿو، جيڪي هن هڪ بزرگ دانشور کي چيا هئا:

”ڇا توهان اهو به چئي سگهندا ته غزل فارسيءَ جي صنف آهي ۽ غلاميءَ جي نشاني آهي؟ غزل جو فارم ته فارسي غزل وارو آهي، پر اسان ان جو مزاج بدلائي نه وڌو آهي؟ هن وقت اهو نج سنڌي شاعري آهي!“

نئين دور ۾ نه رڳو فارسي- سنڌي بحر کي مهارت سان ڪتب آڻي غزل لکيو ويو آهي، بلڪ هندي- سنڌي ماترڪ ڇند تي به غزل لکيا ويا، جيئن سحر جو هي دوها- غزل:

جهاڳي کنڊ سمنڊ سڀ، اُڪري اينديس آنءُ،

سڄڻي هان مان سِڄَ جي، پرهه سندم آ نانءُ.

سڀ کان مکيه ڳالهه ته غزل جي ”شرم- ٻُوٽيءَ“ واري تصور کي رد ڪيو ويو ۽ اُن کي نئين- لوڪ- ڪلاسيڪل روايت سان ”اُميري“ پائي جوڙيو ويو. ان ڏس ۾ ٻه اهڙا نالا آهن، جن سنڌي غزل کي وڏي اوڄ ڏني آهي: ايم- ڪمل ۽ ذوالفقار راشدي!

سچ مهانگو مان ڳنهڻ چاهيان ٿو
ڪاڻي کي ڪاڻو سڏڻ چاهيان ٿو.
                                (ايم-ڪمل)

۽ ذوالفقار راشديءَ جي غزل ۾ مينديءَ جي رنگ- رتي هڳاءُ جو رچاءُ آهي:

آءٌ اهڙيون رچيان ٿو رچنائون،
جن ۾ مينديءَ هڳاءُ ئي هوندو.
منهنجي در جو ڪڙو ته کڙڪي ٿو،
تون نه هوندين ته واءُ ئي هوندو.

ذوالفقار راشدي ”عارضي شهرتن“ بدران ”دائمي عظمتن“ جي ڳالهه ٿو ڪري. ۽ انڏس ۾ ”ڍنگ“ ۽ ”فن“ جا لفظ ڪتب ٿو آڻي:

زخم ٿا روح تي لڳن هر هر،

هر دفعي ۾ مري مري ٿو جيان.

۽ هو اسان کان صرف دلجاءِ جو طلبگار آهي:

ڍوئي سگهبا پهاڙ دردن جا،

تنهنجي طرفا ملن جي دلجايون.

مون پهرين به چيو آهي ته جديد سنڌي شاعريءَ ۾ فن ۽ مقصد جو سنگم آهي- پر اهو سڀ غير شعوري طور تي ٿيڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته اعليٰ گڻ ۽ قدر شاعر جي خمير ۾ هوندا آهن. اهي ٻاهران نه ايندا آهن، نه ئي ٿاڦي سگهبا آهن. رهي ڳالهه ڍنگ ۽ فن جي- ته ”خيال“ پنهنجي ”هيئت“ به پاڻ سان آڻي ٿو. بلڪ ٻئي هڪ هوندا آهن:

هو ته شاعر هو خواب ڏسندو هو،

ڏينهن جو ماهتاب ڏسندو هو.

ذوالفقار راشديءَ ”مهراڻ“ لاءِ ڏنل انٽرويو ۾ اهو به چيو هو ته ”راشدي مري نه ويو آهي، سمهي پيو آهي.“ پر هو ته جاڳندي جا خواب ڏسندو هو. ڏينهن جي ماهتاب جا خواب! هن ڏکن کان، پوءِ اُهي ذاتي هجن يا ڏيهه جا، ڪڏهن به مات نه مڃي هئي:

ڏينهن گذريو ڏکن سان جهيڙيندي،

رات جاڳي ڪتاب ڏسندو هو.

هو نه رڳو پنهنجين، پر اسان جي مايوسين جو به اظهار شاعريءَ ۾ ڪري ٿو:

رات جون ڏائڻيون گِهريون ٿيون اچن،

هيڪلي شهر مان ڀڄيو ٿو وڃان.

چئي/لکي نه سگهڻ جو ڪارڻ هو ”اَسهپ“ ٻڌائي ٿو، ”سهپ“ سنڌي سماج ۾ نه رهي آهي، انڪري ئي اُهو ڏينهون ڏينهن پَوڻو پوندو ٿو وڃي:

ڪيڏو ڀاري آ سو صحيفن تي،

جملو هڪڙو، مگر چئي نه سگهان.

اِها اُها ساڳي ڪيفيت آهي، جيڪا لطيف جي به آهي:

سچ چوڻ وڏي ڳالهه آهي، پر سچ ٻڌڻ ان کان به وڏي ڳالهه آهي- ۽ سچ مڃڻ ان کان به وڏي ڳالهه آهي. سنڌ جي عظيم مفڪر علامه آءِ.آءِ.قاضيءَ 2- جولاءِ 1964ع ۾ پنهنجي هڪ پيغام ۾ لطيف جي هيءَ سِٽ:

پلئه پايو سچ، آڇيندي لڄ مران!

ڏئي، پوءِ لکيو آهي ته:

”ٻه سَو کان مٿي سال هن سهڻي سِٽ کي به ٿي ويا. هن وقت جڏهن دنيا تحت الثريٰ تي پهتي آهي ۽ سندس گُهٽجي مرڻ جو زبردست خوف آهي، مون جهڙي مسڪين کي طاقت آهي جو ڪا ڳالهه ڪريان! جگر سڙي ٿو، دل ڦاٽي ٿي، پر زبان بند آهي. ڇا چئجي؟ ڪنهن کي چئجي؟ آهي ڪو ٻڌڻ وارو؟ اُٿو! انسان ٿيو! ها انسان ٿيو!“           

 (”سوکڙي“، ص 8)

علامه آءِ.آءِ.قاضي اهي سِٽون 1964ع ۾ چيون هيون. تڏهن ون يونٽ هو- ۽ جڏهن ون يونٽ ٽٽو(!) يا بنگلاديش ٺهڻ جي ڪري ان جو ڪوبه جواز يا ضرورت نه رهي، ته پوءِ منشيءَ جي چوڻ موجب:

هرڪو پنهنجي اَگهه اَگهاڻو!

اڄ سنڌ جو منظرنامو 1964ع کان به وڌيڪ ڀيانڪ آهي. مان هتي انهيءَ عام جملي ته ”ڌرتي اسان جي پيرن هيٺان کسڪي رهي آهي“ کي هيئن ٿو لکان ته ”اسان جا پير ڌرتيءَ تان کسڪي رهيا آهن.“ سچ پڇو ته اسين وري ان هنڌ تي آهيون، جتان اسين پنڌ پيا هئاسين. ”سنڌي لکو، سنڌي پڙهو، سنڌي ڳالهايو“ واري هنڌ- مون کي هيءَ طرح وري ياد اچي رهي آهي:

قوم ٿي زندهه رهي پر جي زبان زندهه رهي!

۽ هڪ شاعر، جو وقت جو نباض هوندو آهي، ان جو پهريون فرض به پنهنجيءَ ٻوليءَ ڏانهن ئي آهي:

پنهنجي احساسن جي سوني ڏات کي،

ڏات جي سڪن ۾ پلٽي ٿو رکان.

احساسن جي سوني ڌات مان پلٽيل اهي ڏات جا سڪا ڪهڙي دور ۽ ڪهڙي نسل لاءِ آهن؟

هڪ شاعر جو روح به هڪ ٻار جو روح آهي- معصوم ۽ پاڪ روح:

اسان جو روح به معصوم ٻارڙن جي مثل،

جو آرسيءَ ۾ پَسي چنڊ کي ٺريو ٿي ٺري.

غزل جي شاعري داخليت جي شاعري آهي ۽ ذوالفقار راشديءَ جي غزل ۾ اهي سموريون خوبيون آهن، جيڪي صرف غزل لاءِ مختص آهن. ذوالفقار راشديءَ جي غزل ۾ ”غم جانان“ به آهي ته ”غم دوران“ به. هن وٽ ذات، اجتماع جوئي اهڃاڻ آهي، جُز، ڪُل جي ئي نمائندگي ڪري ٿو. هيٺئين شعر ۾ هو جنهن ”توکي“ سان مخاطب آهي، اُهو ”مان“ به آهيان، ته ”تون“ به آهين، ته ”هو“ به آهي- ۽ ائين اسين سڀ آهيون. شاعريءَ جي اهميت انڪري به آهي ته اها ٿورن لفظن ۾ گهڻي چوڻ جو فن آهي. هن شعر ۾ ”توکي“ مان مراد ”سنڌ“ به وٺي سگهجي ٿي، جنهن جي مقدر جي آسمان تي ڪوبه تارو نه ٿو چمڪي ۽ ”ماڻهو“ ٻيو سڄو جڳ جهان آهي:

توکي تارو به ڪين ٿيو حاصل،

ماڻهو  آڳر ۾ چنڊ ٿا لاهن.

شاعر پنهنجي دل جو حال ٻڌائڻ نه ٿو چاهي، البت هڪ ”شخص“ کان لڪائڻ به نه ٿو چاهي. اهو ”خاص شخص“ شاعر لاءِ کڻي ڪير به هجي، پر منهنجي آڏو اُهو خاص شخص هڪ پڙهندڙ ئي آهي- هڪ ذهين پڙهندڙ، جيڪو هنن ”اڌ لکيون سِٽون“ کي مڪمل ڪرڻ لاءِ، انهن جي معنيٰ تائين پهچي سگهي:

هانوَ جو حال ٻڌايان ته گنهگار ٿيان،

هونءَ جي توکان لڪايان ته گهنگار ٿيان.

ذوالفقار راشديءَ وٽ شاعريءَ جو معيار ”سور کي سُر سان ڳائڻ“ وارو آهي. جيڪڏهن هو ائين نه ٿو ڪري، يعني ڇٺيءَ ڏينهن ئي مليل درد کي سُر سان نه ڳائي ته پوءِ پاڻ کي گنهگار ٿو ڄاڻي:

ها اهو درد ڇٺيءَ ڏينهن مليو شاعر کي،

سُور کي سُر سان نه ڳايان ته گنهگار ٿيان.

اڄ حالت اها آهي ته سنڌي اخبارن جي ڪالم نگارن کي هڪڙي اردو شعر ڏيڻ لاءِ پوري هڪ پئرا سنڌيءَ ۾ لکڻي ٿي پئي. سنڌي اخبارن ۾ ته عنوان ئي اردوءَ ۾ ڏيڻ جو فيشن ٿي ويو آهي. (ڏسو ”عبرت“ (5- اپريل 2001) ۾ لکيل ذوالفقار هاليپوٽي جو ليک ص4). ڪئسٽي شاعريءَ جو زهر ڪنن مان ٿيندو، عوام جي روح تائين لهي رهيو آهي. اهڙيءَ اُگري صورتحال ۾ انهيءَ احساس ڪمتريءَ مان نڪرڻ لاءِ اسان کي ذوالفقار راشديءَ جهڙن شاعرن جي ضرورت آهي:

تنهنجي ويجهو ته کوڙ ماڻهو هئا،

تنهنجو پنهنجو ته ڪوئي ڪونه هئو.

هڪ اهڙي قوم جنهن وٽ وڃائڻ لاءِ وقت بلڪل ناهي- هڪ اهڙي قوم جنهن وٽ وڃائڻ لاءِ رڳو وقت ئي وقت آهي. اُها قوم جنهن وٽ خواندگيءَ جي شرح ڏينهون ڏينهن گهٽبي وڃي- ۽ جيڪا روايتي تعليم موجود به آهي ته اُها جهالت کي جنم ڏئي رهي آهي. رهي کهي ڪسر ڪاپي ڪلچر ڪڍي ڇڏي آهي. سنڌي ٻولي گهرن مان تڙجي رهي آهي- ته پوءِ اهڙي قوم کي تاريخ مان سبق پرائڻ يا خود پنهنجي ’لکئي‘ کي پڙهڻ جي واندڪائي ڪٿان ملندي؟ ۽ هڪ اهڙو سماج جنهن ۾ شاعريءَ کي ڪم نه پر ”واندن جي وندر“ سمجهيو ٿو وڃي، اُن کي شاعريءَ جي اهميت ڪيئن ٿي سمجهائي سگهجي؟ ان سڄي صورتحال ۾، هڪ شاعر کي بهرحال پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻيون آهن:

واڪا ڪرڻ مون وس، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو!

*

ووءِ ووءِ ڪندي وت، متان ووءِ وساريئين!

ان آس تي ته اهي واڪا ڪڏهن نه ڪڏهن عوام جي ڪنن تائين ضرور پهچندا- ۽ اُهي پنهنجي اصل شاعريءَ ڏانهن رجوع ٿيندا:

منهنجو تازو غزل وٺي رکجو،

وقت آهي ته پوءِ پڙهي وٺجو.

۽ اسان کي لازمي طور اهڙيءَ شاعريءَ ڏانهن رجوع ٿيڻو پوندو، جيڪا تازي تواني آهي ۽ جيڪا زندگيءَ ڏانهن وٺي اچڻ جي سگهه رکي ٿي. زندگي، جيڪا ڏک به آهي ته سک به، نراس به آهي ته آس به، تقدير به آهي ته تدبير به، خواب به آهي ته تعبير به، اسين اهائي زندگي گذاريون ٿا، شاعر اهائي زندگي ڀوڳي ٿو. هو جاڳي ٿو ته جيئن ٻيا سٺا سپنا ڏسي سگهن. شاعر جيڪو سوچن جو زهر پي امرت ٿو آڇي اسان کي. ۽ تقدير جهڙيون تحريرون ٿو لکي اسان لاءِ:

ڪي ته تقدير جهڙيون تحريرون،

ڪي اکر ڄڻ ته چٽا ڀي ناهن.

ڪي اکر اڻ چٽا هوندا آهن. اهي چٽا تڏهن ٿيندا، جڏهن پڙهندڙ پاڻ چٽو ٿيندو، ۽ اُن کي خود به ايترو سُچيت ٿيڻو پوندو، ان سطح تي اچڻو پوندو، جيئن هو ديوار جو لکيو پڙهي سگهي. پڙهندڙ مان منهنجي مراد يقيناً ذهين پڙهندڙ سان آهي. موجوده صورتحال ان جي بلڪل ابتڙ آهي. سٺا پڙهندڙ گهٽجي رهيا آهن ۽ ردي شاعر وڌي رهيا آهن، جن کي اها به خبر نه آهي ته ”جگنو“ کي سنڌيءَ ۾ ڇا چئبو آهي! نقاد هڪ الڀ جنس آهي سنڌي ادب ۾. ايمانداري، سچائي، ذميواري، نصب العين، افاديت، مقصد- صرف لفظ بڻجي رهجي ويا آهن. بي معنيٰ لفظ، ڳڀ کان سواءِ ٻج وانگي!

هن ٿڌي برف کي ڪو لفظ نه ٿو گرمائي،

پوءِ ڇالاءِ ڏسون تند کي هر هر تاڻي!

ادبي سطح  تي ان ٿڌاڻ- ان بي حسيءَ جو هڪڙو ڪارڻ ذوالفقار راشديءَ، پنهنجي انٽرويو ۾، سٺن ادبي رسالن جي اڻاٺ به ٻڌايو آهي. ڪارڻ ڪهڙا به هجن، هڪ شاعر لاءِ تخليق ڪرڻ کان سواءِ ٻي ڪا واهه به نه آهي. سچ ته اهو آهي ته لکڻ کان سواءِ هن جي جيئڻ جو نه ته ڪو مقصد آهي، نه ئي ڪو جواز! هن کي سدائين ”ڪِرتَ ڪلا“ سان ئي نڀائڻو آهي:

هونئن ته مان ڀي ڏاڍو هيڪل، ساڳيا چُگهه ۽ ساڳيا لاٽون،
ساڻي ليڪن ڪرت ڪلاجي، جنهن سان وسجي دل جو ديرو.

 

اها سچائي- اهو خلوص ئي ته زندگي آهي، جيڪي شاعر وٽ ڪڏهن به نه ٿا مرن:

ڏنگن ٿا غرض جا واسينگ هر ڪنهين وک تي،

اکين کي پير ڪندي پر نه ٿو خلوص مري.

انهيءَ سچائيءَ، انهيءَ خلوص لاءِ اکين کي پير ڪندڙ،
وک وک تي ”غرض جي واسينگن“ مان واٽ ٺاهيندڙ، زندگيءَ لاءِ لڇندڙ شاعر کي ايتري ٿوري زندگي ملي! ۽ ان ٿوري زندگيءَ ۾ به هن ايترو ٿورو لکيو، پر سنو لکيو! اها ٻي ڳالهه آهي ته ”غرض جا واسينگ“ انهيءَ ٿوري تي به ٿورو نه مڃين:

راز دل جو ته ڏبو، خوار ٿبو، ڇا ملندو،

جنهن سان احوال ڪبو، سو به اسان تي کِلندو.

مان ذوالفقار راشديءَ کي ”قهر جو غزل گو“ يا ”شهنشاهه غزل“ چوڻ نه ٿو گهران، ڇو ته هو قهر ۽ شهنشاهيت جي خلاف هو، هو ته نرم، نرمل ۽ ڪومل جذبن جو شاعر هو:

ڄڻ چدا پٿر جا ماڻهن جا قلوب،

نرم جذبو ڪين هت ڪارائتو.

نياز جي غزل جي حوالي سان ذوالفقار راشديءَ ”غزل جي ليليٰ“ جي ڳالهه ڪئي آهي. اڄ رڳو ”غزل جي ليليٰ“ ئي بي آبرو نه آهي، پر ”بيت جي مارئي“ به ڪوٽ ۾ ڪڙيل آهي، ”وائي/ڪافيءَ جي سسئي“ به ننڊ نهوڙيل آهي، ”گيت جي بادل“ کي وُٺي به ڏينهن ٿي ويا آهن، ”نظم جي سنڌو“ ۾ به واري پئي اُڏامي. مزاحمتي شاعريءَ جي ڍيٻڪي وڄائيندڙ مداري، تفويض ڪيل ايجنڊا مڪمل ڪري ڪڏهوڪو ٽپڙگول ڪري وڃي به چڪا! ادبي(!) رسالن ۾ ٻڌي اگهه سان شاعري صرف انڪري ڇپجي رهي آهي، ته سَو شاعرن جي ڇپڻ سان رسالي جون ڇهه سو ڪاپيون نيڪال ٿي وينديون! پوءِ جيڪڏهن جاويد قاضي ٽوڪ هڻي ته:

”اسان وٽ حالت اها آهي ته اسين جنهن شيءِ ۾ خود ڪفيل (پاڻڀرا) آهيون ته اُها شاعري آهي.“

(”ڪاوش“، 25- مارچ 1002)

ته پوءِ اُن تي ڪهڙي ميار! جڏهن ته هن جنهن شاعريءَ جي آڌار تي اها ڳالهه ڪئي آهي، اُها شاعري نه آهي! هن اهو به لکيو آهي ته:

”حقيقت شاعريءَ کان وڏي اهميت رکي ٿي.“

۽ مون کي شمشير جي ”لاٽ“ نظم مان هيءَ سٽ ياد ٿي اچي:

حقيقتن کي طبيعت جي روشني پهتي.

طبيعت، مزاج، سڀاءُ، ڏات ۽ ڏانءُ جي اهميت انڪري به آهي ته اهي خود داخلي ۽ خارجي حقيقتن کي پرکي اسان جي آڏو آڻڻ جو ذريعو آهن- پر:

جڏهين ڪا بندوق ڇُٽي،
تڏهين ڪهڙا آکيرا!

                      (تنوير)

لطيف سائينءَ جو هي بيت اڄ جي حقيقتن جي اهڙي ئي پرک آهي:

نه سي وؤڻ وڻن ۾، نه سي ڪاتاريون،

پَسيو بازاريون، هينئڙو مون لوڻ ٿئي.

جاويد قاضي به پنهنجن ليکن ۾ اردوءَ جا شعر ٽنبيندو آهي. مون مٿي ذهين پڙهندڙ لاءِ واجهايو آهي. جاويد قاضي به هڪ ذهن آهي، جنهن کي سچي سنڌي شاعري پڙهڻ گهرجي. ائين کيس حقيقتن کي پرکڻ ۾ وڌيڪ سولائي ٿيندي:

تون گهاڻي ۾ پيڙيو ناهين،

تو وٽ ڪوئي ڏک نه سُور.

انڪري جاويد قاضيءَ کي به ان حقيقت جي ڄاڻ آهي ته  جتي سنڌ ۾ ٻين ادارن جو زوال آيو آهي، اُتي شاعريءَ جي اداري تي به زوال آيو آهي:

لفظ چهرا ڪتاب ۽ ماڻهو،

ڪوبه هاڻي نه هانءُ ٿو ٺاري!

انڪري نقل بدران اصل ڏانهن، خراب بدران سٺي ڏانهن، ڪوڙ بدران سچ ڏانهن، اونداهه بدران روشنيءَ ڏانهن رجوع ڪرڻ گهرجي- ڇاڪاڻ ته ائين ئي اسين احساس ڪمتريءَ ۽ مايوسيءَ جي ڌُٻڻ مان نڪري سگهون ٿا. انهيءَ ۾ ڪهڙو شڪ آهي ته اسان کي پنهنجو شاندار اتهاس آهي. لوڪ- ڪلاسيڪل، روايتي، ترقي پسند ۽ نئين اتهاس جي ڳُوڙهي اڀياس سان اسان تي ڪيتريون ئي حقيقتون منڪشف ٿي سگهن ٿيون:

پٽ پٽيهر ڇهاءُ ئي هوندو،

سهج هن جو سڀاءُ ئي هوندو!

مون ذوالفقار راشديءَ جي فن ۽ فڪر تي لکيو آهي، يا سنڌي شاعريءَ جي اتهاس تي لکيو آهي؟ ذوالفقار راشديءَ جي شاعريءَ جي آرسيءَ ۾ سنڌي شاعريءَ جي اتهاس کي ڏٺو/ ڏيکاريو اٿم؟ يا سنڌي شاعريءَ جي اتهاس جي آرسيءَ ۾ ذوالفقار راشديءَ جي شاعري کي پَسيو/پَسايو اٿم؟ ته ان سان ڪوبه فرق نه ٿو پوي- ڇو ته ذوالفقار راشدي به ان اتهاس جو حصو آهي- هڪ جاندار حصو!

ڏُکيو آهيان ڏات ڌڻي،
سِڪڻو ناهيان پر لوڪو!

*

ڪير واٽهڙو وقت سيڙائي،
توکان پڇندو ته روئين تون ڇو ٿو؟

*

جيڪو مخلص هو تنهنجي جذبن سان،
آخري شخص ورهيه ٿيا وڇڙيو.

*

تون وڍيءَ جو ويڄ ناهين اي حبيب،
تون وڍيءَ تي لوڻ ٻرڪين ته به چڱو.

*

هيون ڄڻ اُڌاريون خوشين جون گهڙيون،
رهيون ڏينهن ڏون جهڙو مينديءَ جو مَکُ.

*

پياس مرندي وئي بنان پيتي،
هاڻي امرت لئه دل نه ٿي تاڻي.

*

ياد جي لاٽ سان گڏ آءٌ اُٿان ۽ اُڀران،
چنڊ اُڀري ٿو ته مان توکي ٿو ڳولڻ نڪران.

سو، اسان کي به ”ياد جي لاٽ“ سان اُٿڻو ۽ اُڀرڻو پوندو ۽ پنهنجي پنهنجي چنڊ کي ڳولڻ لاءِ چنڊ اڀرڻ سان ئي، نڪرڻو پوندو!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com