سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1961ع

 

صفحو :6

”اوهين موجوده سماجي نظام کي هڪ دائم قائم ئي سمجهي، مٿس ڪُلي اعتبار ۽ ڀروسو رکيو ويٺا آهيون. اوهين نٿا ڄاڻو ته هيءُ اوهان جو ’محبوب‘ نظام پڻ فطرت جي اٽل قانون جي ماتحت تبديليءَ ڏانهن مائل آهي، ۽ هر گهڙيءَ ۽ وقت بوقت تبديل ٿيندو ٿو رهي.انفرادي حالت ۾ ته روزمره اوهين اکئين پيا ڏسو ته وڏن مان ننڍا، تونگرن مان گدا، ۽ بادشاهن مان غلام ائين ئي هڪڙا نه ٻيا ٿيندا ٿا رهن ٿا؛اجتماعي حالت ۾ فطرت جو هيءُ قانون جو نهايت خاموشيءَ سان پنهنجو اڻٽر عمل پورو ڪندو ٿو رهي، تنهن ڏانهن اوهين ايترو توجهه ڪو نه ٿا ڏيو، ۽ ان کان اوهين، بيخبر ۽ لاپرواهه، ڪنڌَ هيٺان وهاڻا ڏيو، بيخوف و خطر، اگهور ننڊ ۾ غافل سُتا ٿا رهو، ۽ نٿا ڄاڻو ته اوهان جي اولاد ۽ اوهان جي آئينده نسلن کي ڪهڙي قسم جي عجيب و غريب ۽ اوچتي ڀونچال سان روشناس ٿيڻو آهي،_سو ائين نه سمجهو ته اوهين يا اوهان جا پويان فطرت جي هنن ناگهاني چيره دستين ۽ ستم ظريفين کان هميشه محفوظ رهجي ويندا. اوهان جي هن بوسيده ۽ پاروٿي سماج وجود جو پيالو لبريز ٿي چڪو آهي، ۽ سندس سياه ڪارين جي حساب ڪتاب جو وقت في الواقع قريب آهي،اوهين ۽ اسين اڄ هڪ ازغيبي انقلاب جي بنهه ڪناري تي بيٺا آهيون.“_رؤسو

 

 

طارق اشرف

چهڪ

 

پالش ڪندي ڪندي موچيءَ جا هٿ هڪ لمحي لاءِ رڪجي ويا. هن جون نظرون سامهون ميرن بوٽن تي ڄڻ ڄمي ويون. هڪ گهڙيءَ لاءِ سندس دل ۾ خوشيءَ جي لهر وري اٿي.هن ستت ئي پڇيو،”پالش ڪريان؟“ ۽ پوءِ نظرون مٿي کنيائين.

سامهون ڦهليل هٿ اڃا به اڳيان وڌي آيو؛ ”هڪ پيسو!“

موچيءَ جي دل ۾ آيل گهڙيءَ پل جي خوشيءَ تي ڪاوڙ اچي ويئي؛ ”هل هل، پيسو کپيس! هتي ته سُڪل موچڙا اٿيئي _کپنئي؟“فقير اڳيان وڌي ويو.

هڪ ڪلارڪ جي اڳيان فقير هٿ ڦهلايو، جنهن جا اڻڀا وار پيشانيءَ تي پريشان هئا؛ ”صبح کان بکيو آهيان. ٻن مانين جو سوال آهي.“ ڪلارڪ جي سڪل چپن تي مرڪ پکڙجي ويئي_هڪ ڪڙي ۽ ڪساري مُرڪ. ”شل سدا سکيو هوندين......ڏاڍي بک لڳي اٿم.“ فقير وري ٻاڏايو. ڪلارڪ وري مرڪيو ۽ مرڪندي اڳيان وڌي ويو.

فقير صبح کان بکيو هو ۽ ڪلارڪ ڪالهه کان!

فقير وري اڳيان وڌيو ۽ هڪ پوڙهيءَ اڳيان هٿ ٽنگيائين؛ ”امڙ، جيئن، بچن شل تنهنجا ٻچا، انهن جي صدقي ۾ هڪ آنو فقط.“

پوڙهي هلندي هلندي بيهي رهي.”ٻچا!“ هن جا چپ ڏڪڻ لڳا ۽ هوءَ اڳيان وڌي ويئي. فقير جون نظرون گهڻيءَ دير تائين پوڙهيءَ کي ويندو ڏسنديون رهيون. کيس رکي رکي پوڙهيءَ جي اکين جو خيال پئي آيو، جن ۾ ’ٻچن‘ جو ٻڌي ڳوڙها تري آيا هئا، ۽ چهري تي ڏک ڇانئجي ويو هو. فقير سوچيو، ’ڇا پوڙهيءَ جو ڪو به ٻار ڪونهي!‘

اوچتو فقير جي نظر موٽر ۾ ويٺل هڪ ٿلهي سيٺ تي پيئي. هو اوڏانهن وڌڻ لڳو. ”هڪ پائليءَ جو سوال آهي، بابا.“ ”هل ڙي، هل!“سيٺ ڪاوڙجي چيو،”هڪ ته پيٽ ۾ سورَ ڪري پڄائي آهي، ٻيو هي سوئر نازل ٿيو آهي.“۽ موٽر هلي ويئي.

’سيٺ جي پيٽ ۾ سور!‘ فقير سوچيو.’سور ته مون کي به آهي، مگر...‘ هن جي بک تيئن وڌيڪ ٿيڻ لڳي. ڪافي دير تائين فقير اتي ئي بيٺو رهيو، ۽ پوءِ سامهون واريءَ هوٽل ڏانهن وڌيو. هوٽل جو مالڪ ڪائونٽر تي پيسن ڳڻڻ ۾ مشغول هو. فقير دريءَ وٽ بيهي ڪجهه دير کيس ڏسندو رهيو ۽ پوءِ تمام نرمائيءَ سان چيائينس، ”صبح کان بکايل آهيان. ڌڻيءَ جي نانءَ تي ماني کارائيندين؟“ پيسا ڳڻيندي ڳڻيندي هوٽل جي مالڪ جا هٿ رڪجي ويا. هن نفرت منجهان فقير کي گهوريو، دريءَ مان جنهن جو صرف چهرو نظر پي آيو ۽ پوءِ بڪ شڪ ڪندي وري پئسا ڳڻڻ لڳو؛” ڏٽا مٽا، بيشرمائيءَ سان اچيو ٿا هٿ ٽنگين. ڪم جو چئه ته ٻرو چڙهيو وڃين.“ نوٽن جا بنڊل ميز جي خانن ۾ وجهندي وري چيائينس؛ ”حرام نه کاءُ، محنت وڃي ڪر. هتي بار والِي ڪندين؟“ فقير خاموشيءَ سان دريءَ وٽان هٽي ويو. هوٽل جي مالڪ غصي منجهان چيو،”نوڪريءَ جي لاءِ چئه ته موت ٿو اچي... حرامخور!“

فقير هوٽل وٽان هٽي رستي تي آيو. کيس هوٽل واري تي ڏاڍي ڪاوڙ هئي. ڪاوڙ منجهه هن جو منهن پڻ ڳاڙهو ٿي ويو. پر ڪجهه وقت کان پوءِ ڪاوڙ ڍري ٿي وئي ۽ هن جي چپن تي مرڪ ظاهر ٿي. اهڙي مرڪ، جنهن ۾ بيپناهه بيوسي ۽ رنج سمايل هو. ”ڏٽو مٽو آهيان!محنت نٿو ڪريان!“هو پاڻ ئي پاڻ تي کلڻ لڳو. هن جي نظر پنهنجي ڏٻري جسم ۽ کاٻيءَ ٻانهن تي پيئي، جنهن جون آڱريون ۽ ڪرائي وڍجي چڪي هئي. هن جو ڌيان انھيءَ ٽنگ ڏانهن به کڄي ويو، جتي ناسور سدائين پيو وهندو هو. فقير سوچيو،’ڀلا هوٽل جي مالڪ کي ڪهڙي خبر؟‘ هاڻ کيس وڌيڪ ٿڪ محسوس ٿيڻ لڳو ۽ بک جي شدت به وڌي ويئي.

هو هڪ بند ٿيل دڪان تي ويهي رهيو. سوچيائين - صبح کان بکايل آهيان، ڪالهه به ڏيڍ ڏينهن کان پوءِ مانيءَ ڀور مليو هو‘. وري کيس ياد آيو، صبح کان ڪيترن جي اڳيان هٿ ٽنگيو هئائين، پر جواب ۾ رڳو گاريون ۽ دڙڪا ۽ ڌڪا مليا هئس. کيس اهو ڌڪو ته اڃا تائين نٿي وسريو، جو پئسو گهرڻ تي هڪ ماڻهوءَ ڏنو هوس. هو زمين تي ڪري پيو هو، ڪرڻ تي ناسور ۾ ڌڪ لڳي پيو هو ۽ هو ايذاءَ ڪري ڦٿڪي پيو هو؛ پر ڪنهن کي هن تي رحم ته ڪو نه آيو، الٽو ڪي چوڻ لڳا؛ ”چڱو ٿيو، هن جي اها ئي سزا آهي!“ بيٺل سڀ ٽهڪ ڏيڻ لڳا هئا. هن وري سوچيو،’هاڻ پنڻ ڇڏي ڏيڻ کپي، انهيءَ کان ته مرڻ بهتر آهي. پر آخر پيٽ ڪيئن ڀرجي؟‘ هن سوچيو، مزدوري هو ڪري نٿي سگهيو، جو سڄو هٿ ڪارخاني ۾ ڪپجي ويو هوس ۽ ٽنگ ۾ ڪتي جو چڪ ناسور ۾ بدلجي چڪو هو. آخر انهن خيالن هن کي ڪڪ ڪري ڇڏيو هو ۽ هو ماٺ ڪري ويهي رهيو. ڪافي دير کان پوءِ هن محسوس ڪيو ته ناسور ۾ سور پيو ٿئي _ پر سور ٽنگ جي ناسور ۾ نه هو، پيٽ جي ناسور ۾ هو. بک جي ڪري هو تمام ڪمزور ٿي ويو هو. کيس ائين پئي لڳو ڄڻ سندس جسم بيحس ٿي ويو آهي. بک جي شدت ويتر وڌيڪ ٿي ويئي. ڪجهه دير کان پوءِ هن کي پنهنجو فيصلو بدلائڻو پيو. هن سوچيو ته هن وقت ته پيٽ جي باهه وسايان، پوءِ پنڻ ڇڏي ڏبو. اهو سوچي، فقير دڪان تان اٿيو. اٿندي سندس نظر هڪ سفيد پوش پوڙهي تي پيئي جو آهستي آهستي ويو پئي. هن جي هٿ ۾ تسبيح لڏي پئي. هو ڪجهه پڙهي رهيو هو. فقير پوڙهي ڏانهن وڌڻ لڳو. پوڙهو چڱو اڳيان وڌي ويو هو. فقير جي ٽنگن ۾ طاقت به نه هئي، پر بک هن جي وک وڌائي. تکو تکوهو پوڙهي جي ڀرسان آيو. هن جو ساهه تيز تيز هلي رهيو هو. هن جي جسم ۾ طاقت هئي ڪو نه. ڪجهه دير فقير خاموشيءَ سان هلندو رهيو؛ پوءِ پوري طاقت لڳائي چيائين، ”صبح کان بکايل آهيان. ڌڻيءَ جي نالي تي ماني کارائينم“

تسبيح بيهي رهي.”معاف ڪر.“ ۽ تسبيح وري هلڻ لڳي.

فقير همٿ نه هاري. هڪ دفعي هن وري ٻاڏايو،”خدا توکي حج نصيب ڪندو.“ دعا ٿو ڪرين! پوڙهو آهيان، انهيءَ ڪري؟ جي ٻار هجان ها ته پاس ٿيڻ جي دعا ڪرين ها...ٺڳ!“هو اڳيان وڌي ويو. فقير ڪاوڙ ۾ ڏند ڪرٽڻ لڳو ۽ دل ۾ چيائين، ’مان ٺڳ آهيان...يا تون؟الله جي عبادت ڪرين ٿو...الله جي نالي تي پئسو نٿوڏين!‘هن سوچيو،’الله جي نالي تي ڏيڻ سندس بندا پسند نٿا ڪن. هنن جو خيال آهي ته وٽن جيڪي ڪجهه آهي سو صرف سندن محنت جو ڦل آهي.‘ فقير سوچيو، هن کي ڪو به ڪجهه ڏيڻ پسند نه ڪندو _ ڀلا پنهنجي محنت جي ڪمائي هو ڇو ڪنهن کي ڏين؟

فقير اڳيان وڌيو. هن جي نظر بجليءَ جي ٿنڀي هيٺ ويٺل فقير تي پئي. هن جا قدم اتي ئي ڄمي ويا ۽ اکيون انهيءَ ويٺل فقير جي اڳيان رکيل ڪچڪول ۾ کُپي ويون، جنهن ۾ پلاءُ پيل هو. هن سوچيو؛ ’هاڻ محنت ڪرڻي پوندي! الله جي نالي تي ڪير ڪو نه ڏيندو، ڇو نه هي ڪچڪول کڻي ڀڄي وڃان؟ اوچتو خيال آيس، ’ٽنگ ۾ سور آهي، ڊوڙي به نه سگهندس!‘پر وري دل کي تسلي ڏنائين ته فقير جي سامهون ڪاٺ جي گهوڙي رکيل آهي، انهيءَ مان ظاهر آهي ته هو منڊو آهي، ۽ سندس پيڇو نه ڪري سگهندو. رات به گهڻي ٿي چڪي آهي. رستي تي به ڪو ڪونهي. اهو سوچي اهو اڳتي وڌيو. هن جون ٽنگون ڏڪڻ لڳيون. ساهه ڀرجي آيس. پر جڏهن هن ڏٺو ته فقير ميرن ڪپڙن سان هٿ اگهي پلاءُ کائڻ شروع ڪيو ته هن جي جسم ۾ ڦڙتي اچي وئي. هو وڌي هن جي ڀرسان آيو. اڃا جهڪي ڪچڪول کنيائين ٿي ته فقير چيس؛

”اچ، ڀائو، بسم الله ڪر!“

هن جو جسم ڏڪي ويو - ڄڻ ڪنهن سندس ناسور جي چهڪ کي چيري ڇڏيو هو. هن ڏڪندڙ زبان سان چيو ”کاءُ، بابا!“ ۽ اڳيان وڌي ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com