سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1961ع

 

صفحو :11

 ”زنده رهڻ لاءِ انسانن کي جڏهن باهمي احتياج جي ضرورت پيش آئي، تڏهن فوراً کين باهمي تعاون يا هڪٻئي سان سهڪار جي ضرورت پڻ محسوس ٿي، هن باهمي تعاون جي ضرورت سبب ئي بني نوع انسان سماجي نظام ۾ پاڻ کي منظم ڪيو، ۽ اهڙيءَ طرح سياسيات، اقتصاديات ۽ اخلاقيات جا هي مختلف فلسفا ۽ نظريا- يا دنيا جو هي مختلف ڌرم ۽ مذهب- پنهنجي پنهنجي وقت ۽ ماحول جي ضرورتن ۽ تقاضائن مطابق، انسان جي سماجي زندگيءَ کي خوشحال ۽ ڪامياب بنائڻ لاءِ، مختلف وقتن تي وجود ۾ آيا.

”ثابت ٿيو ته انسان جي انفرادي زندگيءَ جو دارومدار سندس سماجي زندگيءَ تي آهي. انسان پنهنجي ئي ترتيب ڪيل سماج جو هڪ جزو آهي. بني نوع انسان هڪ جسم جي مثل آهي، ۽ هر هڪ انسان انفرادي طور ان جسم جي عضوي مثل آهي. اُهي، جيڪي پاڻ کي سماج يا بني نوع انسان جي وجود کان الڳ ڪري ٿا سمجهن، سي ايترا ته ٿورا آهن جو انهن کي آسانيءَ سان نظر انداز ڪري ٿو سگهجي-نه فقط ايترو، پر کين خود انسان ڪري سمجهڻ ئي عبث آهي.

”سماجي زندگيءَ ۾ هڪ انسان کي کڻي ڪهڙو به مرتبو ۽ ڪهڙو به مقام حاصل هجي، پر بهرحال هو هڪ انسان آهي، ۽ ان حيثيت ۾ هو ٻين سڀني انسانن جي برابر آهي. انسان هر صورت ۽ هر حال ۾ ساڳيا آهن:جيڪڏهن ائين آهي، ته پوءِ ظاهر آهي ته جنهن مقام تي ۽ جنهن طبقي ۾ گهڻي کان گهڻا انسان بيٺل ۽ شامل هوندا، اُهو ئي مقام ۽ اُهو ئي طبقو سڀ کان زياده محبت ۽ عزت جي لائق آهي. “رؤسو

 

عثمان علي انصاري

سنڌ جي تهذيب

 

هر ملڪ جي تاريخ دراصل ان ملڪ جي رهواسين جي ذهني ترقيءَ جي تاريخ هوندي آهي. اها ذهني ترقي منظم ماحول ۾ به ٿيندي آهي، جنهن کي عام طرح اسڪول يا مدرسو چئبو آهي، ۽ غير منظم ماحول ۾ به ٿيندي آهي، جنهن کي اسڪول يا مدرسي کان ٻاهرين فضا چئجي ته درست ٿيندو. تهذيب دراصل اها ذهني ترقي آهي جا هڪ ٻار انهيءَ غير منظم ماحول ۾ حاصل ڪندو آهي، جنهن جون روايتون وڏن کان ننڍن کي ورثي ۾ ملنديون آهن. اهي روايات سيکاريون ڪين وينديون آهن، بلڪ ازخود سکبيون آهن. آءٌ سنڌي تهذيب جو فقط اهو پهلو پيش ٿو ڪريان، جنهن تي سنڌ کان ٻاهرينءَ دنيا جو ڪو به اثر نه پيو آهي. ظاهر آهي ته اهڙيءَ حقيقت جي لاءِ آءٌ شهري باشندن کي، جن تي ٻاهرينءَ دنيا ۽ غير ملڪي حاڪمن جو اثر پوي ٿو، لازمي طور الڳ ٿو ڪريان؛ڇاڪاڻ ته انهن جي نقل ٿيل ذهنيت جو سنڌي تهذيب سان ڪو به تعلق نه آهي- باوجود يڪه اهي به سنڌي آهن. آءٌ سنڌ جي انهيءَ خالص تهذيب جو ذڪر ڪرڻ ٿو چاهيان، جا سنڌ جي هزارها ڳوٺڙن جي فاقه مست رهاڪن، ڪنهن به ڌارئين رنگ وٺڻ کان سواءِ، پشت بپشت زنده رکي آهي.

اِهو ته اظهرمن الشمس آهي ته دنيا جون وڏي ۾ وڏيون خونريز لڙايون ۽ عظيم انقلاب، جن جي دردانگيز ڪهاڻين کي اوهين”تاريخ“ چئو ٿا، سي ملڪيت، مذهبيت ۽ علميت جي چڱي يا بري اثر جو نتيجو آهن: هر ڪنهن ملڪ جا باشندا انهن ٽن طاقتن جا اثر پنهنجيءَ پنهنجيءَ بساط مطابق پاڻ ۾ جذب ڪندا آهن. اوهين ڏسو ته سنڌ جي هنن نيم برهنه، بکايل ۽ جاهل باشندن، مهذب دنيا جي هنن ٽن زبردست قوتن مان ڪهڙو ۽ ڪيترو اثر قبول ڪيو آهي.

پهريائين ملڪيت جو اثر ڏسو. سنڌي مسلمانن ڪڏهن به مفلسيءَ کي عيب ڪري نه قبوليو آهي، انهيءَ ڪري ملڪيت پنهنجو رعب سنڌين جي معصوم دلين تي ويهاري نه سگهي آهي. باوجود مفسليءَ جي، سندن دليون ڪنهن مالدار جي خلاف حسد يا رقابت جي غليظ جذبي کان هميشه پاڪ آهن. دولتمندن جي وڏن دستر خوانن کان پنهنجي پگهر جي پورهئي سان ڪمايل رکي ماڀيءَ جو ڳڀو صدبار بهتر آهن، انهيءَ ڪري نه آهي، ته سندن پيٽ عمدن طعامن کائڻ لاءِ تيار نه آهن؛ اهو ان ڪري جو بزرگن کان ٻڌندا آيا آهن ته ٻنهي جهانن جي سردار جو اسوه حسنه، اهو هو، ۽ پاڻ سڳورن ڪيتريون ئي راتيون بکئي پيٽ گذاريون هيون. هيءَ هڪ تسليم شده حقيقت آهي ته سنڌي مسلمان بنا محنت جي دولت ڪمائڻ ۽ ملڪيت بڻائڻ وارا سڀ ڌنڌا-جهڙوڪ تجارت ۽ سرڪاري ملازمت وغيره، -هندن ۽ ٻين غير مسلمن لاءِ ڇڏيندا آيا آهن. اوهان ڏٺو هوندو، نه ته هاڻي به ڏسي ٿا سگهو، ته بندر روڊ ۽ ايلفنسٽن اسٽريٽ تي هندن جي ڪيترن ئي خالي ٿيل دڪانن مان ڪو به دڪان ڪنهن سنڌي مسلمان نه ورتو آهي. اِهو انهيءَ لاءِ نه آهي ته ڪو مهاجرن جي محبت خاطر سنڌي مسلمانن اهي ڇڏي ڏنا آهن پر اهو انهيءَ لاءِ جو هنن جو فطري لاڙو تجارت ڏانهن نه هو. جڏهن به ڪنهن سياسي ليڊر کين هدايت ڪئي هوندي ته ڀائرو، هي وڏا وڏا بنگلا، هي موٽرون، هي عمدا ڪپڙا، هي لذيذ طعام سڀ تجارت ڪرڻ سان ملن ٿا، توهين به تجارت ڪريو، تڏهن هنن ائين چئي جند ڇڏائي هوندي ته’ طوبيٰ جو پاڇو ڀل اوهان لاءِ هجي، اسان لاءِ پنهنجي پرين جو پاسو بس آهي. ‘

سرڪاري ملازمن ڏي نظر ڊوڙائيندا ته اوهان کي ڏسڻ ۾ ايندو ته سنڌ ۾ اڪثريت وارا سنڌي مسلمان، 1921ع تائين، سرڪاري سروس ۾ صرف ڏهه سيڪڙو به نه آيا. مدعي چوندا ته سنڌي مسلمانن ۾ سرڪاري ملازمت اختيار ڪرڻ جي لياقت نه هئي. حقيقت هيئن آهي ته ڪنهن به انسان ۾ ڪنهن به قسم جي لياقت هوندي نه آهي، بلڪ پيدا ڪئي ويندي آهي، ۽ لياقت پيدا ٿيندي آهي رغبت سان. جيڪڏهن شروعات کان وٺي رغبت هوندي ئي ڪا نه، ته پوءِ لياقت پيدا ٿيڻ يا نه ٿيڻ جو سوال اُٿي ئي ڪو نه ٿو. جيڪو به ماڻهو ڪنهن اصول جي قبول ڪرڻ کان پوءِ انهيءَ اصول تي مري به سگهي ٿو ۽ ماري به سگهي ٿو، سو ڪارلائل جي قول مطابق، ’هر ڪنهن ڪم لاءِ ڪارآمد آهي. ‘ اهڙيءَ طرح، دنيوي ملڪيت ڏانهن راغب نه ٿيڻ ڪري، سنڌي مسلمانن کي هڪ طرف اهي نعمتون مليون جي اخلاقيات ۾ تمام مٿانهيون- جهڙوڪ سخاوت، قناعت، وغيره؛ ۽ ٻئي طرف هو انسانيت جي شان کان ڪريل ڪمن کان بچي ويا-جهڙوڪ حرص، دغا، فريب، بخل، وغيره

فروعيات کي ڇڏي، وري ٻئي پهلوءَ ۾ سنڌي مسلمانن جي مذهبيت تي نظر ڊوڙائبي ته هنن جي رڳ رڳ ۾ مذهبيت ايتريقدر ڀريل آهي، جو دنيا جي ڪنهن به ٻئي بت جي محبت لاءِ هنن وٽ گنجائش آهي ئي ڪا نه. ڪاش، اسان جا سياسي رهنما سنڌي مسلمانن جي دلين تي ويهاريل هيبت مان مفيد حد تائين کين نجات ڏياري سگهن! اوهان ضرور”حر“ تحريڪ لاءِ ٿورو ڪي گهڻو ٻڌو هوندو. اوهان اخبارن ۾ پڙهيو هوندو ته سنڌ ۾ مسلمانن جو هڪ گروهه آهي، جن کي ’حر‘ ٿا چون. اهي ’حر‘، جي انداز ۾ گهڻا نه آهن، نڪي وٽن ڪي نوان نوان هٿيار آهن، تڏهن به هو برٽش انڊيا جي لشڪر سان ورهين جا ورهيه وڙهندا رهيا. اها ’حر تحريڪ‘ هڪ مذهبي پيشوا جي وهاريل هيبت جو نتيجو آهي، ۽ سنڌ جو هر هڪ باشندو ڪنهن نه ڪنهن مذهبي پيشوا جو’حر‘ آهي.

مذهبيت جا اثر چڱا به ٿيندا آهن، ۽ بڇڙا به. جيڪڏهن انهن اثرن جي نيڪ رهنمائي جو رخ گمرائيءَ ڏي ڪيو ويو ته نه صرف ٻين لاءِ، پر پاڻ لاءِ به خطرناڪ ٿي پوندا-جيئن ته جسماني قوت خدا جي عطا ڪيل هڪ نعمت آهي، ليڪن ڪٿي اها نيڪن جي حمايت ۾ صرف ٿيندي آهي، ته ڪٿي مظلومن تي زيادتي ڪرڻ ۾. بهرحال، سنڌين جي هيءَ امتيازي وصف اسان جي قومي استحڪام ۾ وڏي ڪم جي شي آهي، ۽ ان مان گهڻو فائدو پرائي سگهجي ٿو، بشرطيڪ مؤثر پروپئگنڊا ڪئي وڃي.

مذهبيت کي پوريءَ طرح پنهنجو پاڻ تي سوار ڪرڻ ڪري، سنڌي مسلمانن ايتريقدر مذهبيت سان هنن جو ڳانڍاپو ڪيتريقدر چڱو يا برو آهي، سو پڙهندڙ پاڻ فيصلو ڪن.

آخرين پهلو آهي علميت جو، جنهن کي سڄي دنيا تسليم ٿي ڪري ته هڪ زبردست طاقت آهي، مگر سنڌي مسلمان اڄ تائين ان جي رعب ۾ نه آيا. سندن ذهن ۾ ويهاريو ويوآهي ته علميت هڪ چڱي شي آهي، مگر صحت ۽ دليريءَ جي عيوض ۾ مهانگي ٿي پوي. هنن جو روز مره جو تجربو آهي ته سندن تعليم يافته ڀائر نڪي تندرست آهن، ۽ نڪي دلير. ان کان سواءِ، هو انهن تعليم جي دلدادن جي پراڻين رسمن رواجن کان بغاوت به چڱي نٿا سمجهن، ۽ ائين ٿا سمجهن ته اهي پڙهيل ماڻهو جي انگريزن جي وضع قطه، رهڻي ڪرڻي ۽ پوشاڪ خوراڪ وغيره اختيار ٿا ڪن، سو سڀ علميت جو اثر آهي:انهيءَ ڪري سنڌي مسلمانن پنهنجي اولاد کي نصيحتون ڪندا آهن ته قرآن شريف پڙهڻ کان پوءِ هو هن ميدان ۾ اڳتي قدم نه وڌائين. بهرحال، جيڪڏهن لکڻ پڙهڻ ۾ هو پٺتي آهن ته جان ڏيڻ ۾ هو هميشه اڳتي قدم رکندا آهن.

هتي آءٌ هڪڙو پنهنجو چشم ديد واقعو پيش ٿو ڪريان، جنهن مان سنڌي تهذيب جي هڪڙي ادنا جهلڪ نظر اچي سگهندي.

جون جو مهينو اپر سنڌ ۾ برداشت ڪرڻ کان زياده گرم ٿيندو آهي. ڏهين بجي صبح کان لُوه لڳڻ شروع ٿيندي آهي. 1945ع جي جون ۾ آءٌ سنڌ جي هڪ پهاڙي علائقي جو سفر ڪري رهيو هوس. سنڌ جي هن حصي ۾ اُٺن جي سواري معزز سواري ليکبي آهي. اسان جي قافلي ۾ اٽڪل چاليهه-ٻائيتاليه اُٺ هئا. اٽڪل يارهين بجي ڌاري اسان جو قافلو کير ٿر جبل جي هڪ تنگي ٽپي کليل ميدان تي پهتو. منهنجو اُٺ سڀني کان اڳ ۾ هلي رهيو هو. مون پريان ڇا ڏٺو ته هڪ پنجن سالن جو ٻالڪ هڪ ڪونڀٽ جي پاڇي ۾ بيٺو هو. آءٌ حيران ٿيس ته هن بيابان ۾، جتي ڪا جهوپڙي به ڪا نه هئي، هيءُ ٻار ڪٿا آيو؟ اسين جيئن نزديڪ وياسون، انهيءَ جهاڙيءَ جي ٻئي پاسي کان هڪ زال نڪتي. انهيءَ زال پهريائين اسان ڏي غور سان نهاريو ۽ پوءِ اڳتي وڌي چيو ته ”ادا، توهين ڀلي آيؤ!“ مون وراڻيو ته ”امان خدا تنهنجو خير ڪري.“ اتي انهيءَ زال اڳتي اچي منهنجي اُٺ کي روڪي چيو ته ”ڪو به مسافر هڪ مسلمان جي جاءِ تان بکيو ۽ اڃيو وڃي نٿو سگهي. اوهين ڀلي امير هجو، مگر اوهان کي منهنجي غريباڻي ماني کائڻي پوندي. “مون مرڪندي چيو ته ”اسان هيترن ماڻهن کي تون ڇا کارائي سگهندينءَ؟“ چيائين ته ”جيڪي به موجود آهي.“ تڏهن مون پنهنجن دوستن ڏي منهن ڪري انگريزيءَ ۾ چيو ته ’!Don`t they say, Never refuse a good offer (يعني ٻڌو ڪين اٿو ته ’چڱي آڇ نه موٽائجي.‘) ائين چئي، آءٌ اُٺ تان لهي پيس. منهنجا ٻيا دوست به اُٺن تان لٿا. اسان جي ميزبان هڪ گول پٿر کي باهه ۾ وڌو ۽ ڳوٿريءَ مان جوئر جو اٽو ڪڍي ڳوهڻ لڳي، ۽ جهٽ پٽ ڪري ٻه- ٻه انچ ٿلهيون مانيون پچائيندي ان گرم پٿر تي رکندي ويئي. اسين حيرانيءَ سان ڏسي رهيا هئاسون. جيئن مانيون پچي ويون، تيئن هن ٿورو تازو پنير هڪ ڪپڙي مان ڪڍيو، جنهن ۾ ٿورو لوڻ ملائي مانين سان گڏ اسان جي اڳيان رکيائين، ۽ چيائين ته ”اوهين بسم الله ڪريو، آءٌ ٻيون مانيون پچائيندي ٿي وڃان.“ مون گراهه وات ۾ وجهندي پڇيومانس ته ”ادو ڪاڏي ويو آهي؟“ پاڻ وراڻيائين ته ”مال مهرائڻ ويو آهي“، يعني ٻڪرين کي پاڻي پيئارڻ ويو آهي.

اسين نهايت مزي سان اهي اڌ-پڪل مانيون کائي رهيا هئاسين ته سندس مڙس، ڪهاڙي ڪلهي تي، اچي سهڙيو. ايندي ئي، اسان کي کيڪاري، زال کي ڌمڪائي، اسان کي چوڻ لڳو ته”جوءِ ۽ جوتو ساڳئي اکر سان شروع ٿا ٿين!ادا، معاف ڪجو، آءٌ هينئر ئي ڇيلو ڪهي ٿو وٺان. “اسان جي ميزبان پنهنجيءَ صفائيءَ ۾ چيو ته ”ڇيلا تو ساڻ هئا، مون وٽ جيڪي هو سو ڀائرن اڳيان رکيم. “

منهنجي زبان مان بي اختيار اکر نڪري ويا: ” Long Live Islam )اسلام زنده باد!)

 

سيد حسام الدين راشدي

منصوره جي تاريخ جو هڪ باب

(سنڌ ۾ عربن جي دارالسلطنت جي علمي ڪيفيت)

 

دارالسلطنت هجڻ سبب، ”منصوره“ علمي لحاظ سان بغداد ثاني بڻجي ويو هو. ڪيترا عالم، فاضل، اديب ۽ شاعر منجهس رهندا هئا. خود عرب ۽ عراق مان به ڪيئي پنهنجي زماني جا مشهورعلمي آدمي، داد ودهش ۽علمي شهرت سبب، پنهنجو وطن ڇڏي اچي منصوره ۾ مقيم ٿيا هئا.

منصوره جي عام علمي ۽ مذهبي حالت، صاحب ’احسن التقاسم‘ هن طرح بيان ڪئي آهي! ” هتي جا رهاڪو لائق ۽ بامروت آهن. اسلام کي وٽن تازگي آهي. اهل علم هتي تمام گهڻا آهن. ماڻهن ۾ ذهانت ۽ ذڪاوت آهي، نيڪي ۽ خيرات ڪن ٿا...

مسلمانن ۾ واعظن جو وجود ناهي. مسلمان گهڻو ڪري اهل حديث آهن... وڏن شهرن ۾ حنفي فقها به آهن، ليڪن هتي مالڪي ۽ حنبلي ڪونه آهن، ۽ نه مهتزلي آهن. ماڻهو سڌي ۽ صحيح مسلڪ تي آهن، نيڪ ۽ پاڪدامن آهن.“

(’احسن التقاسم‘، ليڊن، ص 81)

انهيءَ بيان مان معلوم ٿئي ٿو ته منصوره ۾ علم جو ڪافي چرچو هو. مذهبي لحاظ سان مسلمان گهڻو ڪري اهل حديث هئا. مختلف مذهبي فرقن جي واعظين جو وجود نه هو، جنهن ڪري نه مذهبي اختلاف هئا، ۽ نه مسلمانن ۾ فرقيبازي هئي. باشندا ذهين ۽ ذڪي، نيڪدل ۽ سچا هئا.

مدرسا. منصوره ۾ ’احسن التقاسم‘ جي ذريعي هڪ مدرسي جو به پتو پوي ٿو، جنهن ۾ قاضي ابو محمد منصوريءَ جو درس جاري هو. بشاري مقدسي سندس ذڪر ڪندي لکي ٿو:

”مون هتي قاضي ابو محمد منصوريءَ کي ڏٺو، جنهن جو مذهب دائودي (ظاهري) هو، ۽ پنهنجي مذهب ۾ کيس امام جو درجو حاصل هو. سندس حلقه درس هو، ۽ سندس تصنيفون به ڪيتريون آهن، جن مان ڪي ته تمام بهتر آهن.“ (ليڊن، ص 481)

منصوره جي علمي ۽ مذهبي ماحول ۽ اهل علم جي ڪثرت مان اندازو ٿئي ٿو ته امام ابو محمد جي مدرسي کان سواءِ ڪي ٻيا به مدرسا منصوره ۾ ضرور هوندا، ليڪن تاريخ انهن جو ذڪر ڪو نه ڪيو آهي.

قضا جو عهدو. منصوره ۾ قضا جي عهدي کي وڏي اهميت حاصل هئي. عرب ۽ عراق جا مشهور عالم انهيءَ منصب لاءِ منتخب ٿي ايندا هئا. 283هه جي ربيع الاول ۾ بغداد کان حضرت محمد بن ابي شوراب منصوره جو قاضي ٿي آيو. هو صاحب جيد عالم، ۽ قضا جي عهدي لاءِ پنهنجو مٽ پاڻ هو. جيڪڏهن هو ڪجهه وقت منصوره ۾ رهي ها ته هوند ملڪ کي ڏاڍو فائدو پهچي ها،  ليڪن افسوس جو ساڻس عمروفا نه ڪئي ۽ هتي پهچڻ کان ڇهن مهينن بعد وفات ڪري ويو. ( ’الڪامل‘، ابن اثير، ج 7 ص 334، ليڊن)

ٻاهريان اديب ۽ عالم. منصوره جي علمي فضا ۽ ادبي قدردانيءَ جي شهرت عرب ۽ عراق ۾ جڏهن پهتي، تڏهن ڪيترا اتان جا عالم ۽ اديب وطن ڇڏي اچي منصوره ۾ مقيم ٿيا. تاريخي ۽ ادبي ڪتابن جي ورقن ورائڻ سان انهيءَ سلسلي ۾ ڪيئي مثال ملن ٿا.

عرب جو مشهور شاعر مطيع ابن اياس، هشام تغلبيءَ جي ولايت واري زماني ۾ منصور منجهه آيو، ۽ ڪيترو وقت اتي مقيم رهيو( ’آغاني‘، ج 12، ص 760، مصر) اهڙيءَ طرح عرب جي شهرآفاق شاعر ابو تمام، صاحب ’حماسه‘، جو همعصر ۽ پنهنجي دور جي مشهور شاعر، ابو عباده وليد بن عبيدالبحتري، 284 هه ۾ سنڌ اچي پهتو. (’معجم البلدان‘، ص 51، باب س)

عالمن ۽ اديبن کان سواءِ، ڪيترا مذهبي مبلغ به تبليغ ۽ اشاعت لاءِ منصوره ۾ وقت بوقت ايندا رهيا. چنانچه عمر بن حفص جي زماني(141-151هه) ۾ حضرت عبدالله الاشتر علوي به مذهبي ۽ سياسي عقيدي جي اشاعت لاءِ منصوره ۾ آيو، ۽ ڪيترن سالن جي قيام بعد هتي ئي شهيد ٿيو. خارجي ٽولي جو مشهور ليڊر حسان بن مجاهد همداني به 142هه ۾ پنهنجي فرقي جي اشاعت ۽ تبليغ لاءِ سنڌ ۾ وارد ٿيو. جيڪڏهن تاريخ ۽ ادب جي ڪتابن جو مطالعو چڱيءَ طرح ڪجي ته هوند انهيءَ قسم جا ڪيترا مثال ملي پوندا.

زبان. عرب جغرافيه نويسن جي زبانيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته منصوره جي زبان عربي ۽ سنڌي هئي. چنانچه ابن حوقل لکي ٿو ته ”منصوره ۽ ملتان ۽ ان جي آسپاس واري علائقي جي زبان عربي ۽ سنڌي آهي. “

اهڙيءَ طرح، صاحب’مسالڪ و الممالڪ‘ لکي ٿو ته ”منصوره ۽ ملتان ۽ انهيءَ جي پسگردائيءَ جي زبان عربي ۽ سنڌي آهي. “

عربن جي آمد کان اڳ سنڌ جي ملڪي زبان، معلوم ٿئي ٿو ته سنڌي هئي، ۽ عربي حڪومت يا ان کان اڳ عربن جي آمدرفت سبب عربي به رائج ٿي چڪي هئي. اسان جي خيال ۾ عربي حڪومت کان پوءِ سرڪاري زبان جي حيثيت ته عربيءَ کي حاصل ٿي هوندي، ليڪن عوامي زبان وري به سنڌي رهي هوندي.

 ان وقت سنڌي زبان جي ڪهڙي صورت هئي، ان جو ڪو به نمونو ملي ڪونه ٿو سگهي، جنهن مان اندازو ڪري سگهجي. البت هيٺئين واقعي مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته انهيءَ زماني ۾ سنڌي زبان جي نثر خواهه نظم ۾ ڪتابن تصنيف ڪرڻ جو رواج هو، ۽ زبان ايتري قدر مقبول هئي جو خود ٻاهريان ماڻهو به سنڌي زبان ڄاڻڻ نه فقط ضروري سمجهندا هئا، بلڪه ان ۾ ايترو ڪمال پيدا ڪري چڪا هئا جو نظم خواهه نثر بلاتڪلف لکي ويندا هئا.

سنڌي زبان جي پهرين تصنيف. 280هه ۾ سنڌ جي هڪ راجا، عبدالله بن عمر هباري واليء ۽ منصوره ڏي لکي موڪليو ته مذهب اسلام جي عقائد ۽ تعليم تي سنڌي زبان ۾ ڏانهس جيڪو اصل ۾ ته عراق جو باشندو هو ليڪن کيس سنڌ ۾ رهندي هڪ مدت گذري چڪي هئي، جنهن ڪري سنڌي زبان خواهه ٻين مقامي زبانن ۾ کيس ڪمال حاصل هو، ۽ بيحد ذهين ۽ فهميدو هو.

سنڌي نظم جو ڪتاب: عراقي عالمَ، عبدالله جي فرمائش تي، هندو راجا لاءِ اسلامي عقيدن تي هڪ ڪتاب سنڌي نظم ۾ تصنيف ڪيو. راجا ڪتاب پڙهي نه فقط اسلام کان متاثر ٿيو، بلڪ خود مصنف جي علمي مرتبي جوبه مٿس ايترو اثر پيو جو عبدالله ڏي لکي موڪليو ته انهيءَ مصنف کي سندس دربار ۾ موڪليو وڃي.

شاعر وٽس ٽي سال رهيو. 273هه ۾ جڏهن هو عبدالله سان مليو، تڏهن هن کيس ٻڌايو ته ”راجا دل ۾ مسلمان ٿي چڪو آهي، مگر مخالفت جي خوف کان ظاهر نٿو ٿئي. “

ڪلام مجيد جو پهريون سنڌي ترجمو: ساڳئي شاعر راجا جي فرمائش تي ڪلام مجيد جو به سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو، جنهن کي راجا روزانه بلاناغي ٻڌندو هو. هڪ دفعي سورة ياسين جي هڪ آيت جو جڏهن هن کي ترجمو ٻڌايو ويو، تڏهن هو تخت تام يڪدم هيٺ لهي آيو. ۽ دوباره ترجمو ٻڌي ٻه ٽي قدم اڳتي وڌي، زمين تي سجدي ۾ ڪري پيو، ۽ سجدي جي دوران ۾ ايترو ته رنو جو سندس ڳل به آليءَ مٽيءَ ۾ ڀرجي پيا. جڏهن گهڻيءَ دير بعد سجدي مان اٿيو، تڏهن بلند آواز ۾ بي اختيار سندس زبان مان نڪتو: ”بيشڪ اهو ئي رب معبود آهي، جيڪو ازلي ۽ ابدي آهي. “ (’عجائب الهند‘، بزرگ بن شهريار، ليڊن)

مٿئين واقعي مان هيٺين معلومات حاصل ٿي ٿئي:

هندو قوم جي زبان به سنڌي هئي؛

 سنڌي زبان لکڻ-پڙهڻ ۾ به ايندي هئي؛

 ڪلام پاڪ جي ترجمي تي اهو پهريون ڪتاب سنڌيءَ ۾ تصنيف ٿيو؛

نظم جو به اهو سنڌيءَ ۾ پهريون ڪتاب آهي؛

سنڌي زبان اڄ کان 11 سئو ورهيه اڳ به ايتري آسان ۽ علمي هئي، جو بيروني نسل جا ماڻهو به ان کي پسند ڪري ۽ ان ۾ ايترو ڪمال پيدا ڪندا هئا جو بلا تڪلف نظم ۽ نثر لکي ويندا هئا.

رسم الخط. رسم الخط جي سلسلي ۾ اسان کي ڪا به شهادت ملي ڪا نه سگهي آهي. عرب جغرافيه نويسن سنڌي زبان جو ته ذڪر ڪيو آهي، ليڪن اهو ڪو نه ڄاڻايو اٿن ته سنڌي زبان خواهه سنڌ يا منصوره جي ٻين مقامي ٻولين جي لاءِ ڪهڙو رسم الخط استعمال ڪيو ويندو هو. اسلامي دنيا جي مشهورعالم ابو ريحان بيرونيءَ انهيءَ سلسلي ۾ پنهنجي ’ڪتاب الهند‘ ۾ چند سٽون لکيون آهن، جن مان پڻ پورو اندازو ڪري نٿو سگهجي. هو صاحب 410هه کان 420هه تائين هندستان ۾ رهيو. رسم الخط جي سلسلي ۾ لکي ٿو:

”حدود مالوه مين ايڪ رسم الخط هي، جس کا نام’ناگر‘هي-يه صرف صورت مين پهلي خط سي مختلف هي-اسڪي بعد اڪ دوسرا خط هي جسڪا نام’ارونا گري‘، يعني آدها ناگري هي، اسلئي ڪه اس مين دونون خط مذڪور مخلوط هين. بهاٽيه اور سند کي بعض شهرون مين يهي خط لکها جاتا هي-اسڪي بعد مروجه خطوط مين ايڪ خط ’ملقاري‘ هي، يه جنوبي سند ڪي ساحلي علاقه ملقشو ڪاخط هي. بهمنو يعني منصوره کا خط سيندپ هي. . . “(’ڪتب الهند‘، انجمن ترقي اردو، ص 227، ج ا)

مذهب. منصوره جا ماڻهو مذهبي لحاظ سان، جيئن اسان مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون، زياده تر اهل حديث هئا. مٿن دائودي ظاهري فرقي جو اثر هو. ٻيا مذهبي فرقا ڪو نه هئا. بعد ۾ علي والي، محب سادات به آيا، جن جي دور ۾ شيعا مبلغ منصورن ۾ وارد ٿيا، ۽ خارجي ليڊر به پهتا، ليڪن انهن کي به ڪاميابي نه ٿي. شيعت کي قدري فروغ حاصل ٿيو، ۽ آخر ۾ اسماعيلي شيعن کي ڪجهه عرصي تائين منصوره جي حڪومت به حاصل ٿي.

عبدالله الاشتر جي آمد. شيعي تحريڪ جو علمبردار، حضرت عبدالله الاشتر علوي سڀ کان پهرين منصوره ۾ وارد ٿيو. ابو جعفر منصورعباسيءَ جي خلافت جو زمانو هو، ۽عمر بن حفص(142-151هه) واليء منصور جو دور هو.

عبدالله الاشتر پهرين پنهنجن چند جان نثارن سان گڏ بصري ۾ آيو، ۽ اتان سٺا گهوڙا خريد ڪري واپاري جي صورت ۾ سنڌ ۾ اچي پهتو. بظاهر هن جو شغل گهوڙن جي تجارت هو، ليڪن درپرده هن جو مقصد هو ته عباسين جي خلاف ساداتن لاءِ سنڌ ۾ ميدان تيار ڪري.

منصوره جي واليءَ، منصوره ۾ پهچڻ تي، سندس بيحد احترام ۽ استقبال ڪيو. پاڻ به کانئس گهوڙا خريد ڪيائين، ۽ منصوره جي باشندن کي به حڪم ڪيائين ته ويڪائو گهوڙا وٽس آڻي حاضر ڪن. عبدالله پنهنجي سر اصلي راز کي ڇپائڻ چاهيو، ليڪن سندس هڪ سنگتيءَ منصور جي واليءَ اڳيان مقصد ظاهر ڪري ڏنو. واليءَ کي هن چيو ته اوهان جيڪو ويڪائو گهوڙن جي حاضر ڪرڻ جو حڪم صادر ڪيو آهي سو به بهتر آهي. ليڪن ان کان زياده احسان اسان تي ٻيءَ طرح ڪري سگهو ٿا؛ ان ۾ اوهان جي لاءِ عاقبت ۽ آخرت جي ڀلائي ۽ نجات آهي. ان کان پوءِ سمورو مقصد سندس آڏو رکيائين. والي چونڪه پاڻ به ساداتن جو طرفدار هو، تنهن ڪري بطيب خاطر هن سندن دعوت قبول ڪئي ۽ سيد صاحب کي ساٿين سميت شهر ۾ ڪنهن ڪنڊائتيءَ جاءِ ۾ رهائي ڇڏيو.

انهيءَ کان پوءِ عمر بن حفص منصوره جي بااثر ماڻهن کي گهرائي ساڻن مشورو ڪيو، ۽ آخر ۾ اهو طي ٿيو ته هڪ ڏينهن جمعرات جو بيعت ورتي وڃي. انهيءَ سلسلي ۾ هڪ سفيد جهنڊو به تيار ڪرايو ويو ۽ هڪ سفيد پوشاڪ به تيار ٿي، جنهن کي پهري، سيد عبدالله کي انهيءَ موقعي تي خطبو ڏيڻو هو.

جنهن وقت اهي سمورا انتظام مڪمل ٿي ويا، ان وقت اتفاق سان بغداد کان هڪ جهاز آيو، جنهن ۾ هڪ واپاري عراق کان عمر بن حفص جي گهر واريءَ جو ڏانهس خط کڻي اچي پهتو. خط ۾ لکيل هو ته محمد ۽ ابراهيم خلافت جي فوجن سان مقابلو ڪندي مارجي ويا.

عمر اهو خط کڻي عبدالله وٽ سندس چاچي ۽ پيءٌ جي شهادت تي تعزيت ڪرڻ ويو. عبدالله اهو معلوم ڪري گهٻرائجي ويو، ۽ مايوس ٿي عمر کي چيائين ته منهنجو راز هاڻي ظاهر ٿي ويو ته هن وقت منهنجي عزت ۽ جان تنهنجي هٿ ۾ آهي. (ابن اثير، ج 5، ص 455، ليڊن)عمر کيس تسلي ڏني، ۽ کيس منصوره مان ڪڍي هڪ پاڙيسري هندو راجا وٽ پناهه ۾ موڪلي ڇڏيو، جنهن پڻ سندس بيحد عزت ڪئي ۽ کيس آرام پهچايو.

ٿوري وقت بعد جڏهن عبدالله الاشتر جي رهائش جي جاءِ ماڻهن کي معلوم ٿي، تڏهن ڪئي مسلمان وٽس جمع ٿيڻ لڳا ۽ ٿورن ڏينهن ۾ چار سؤ مسلمان سندس بيعت ۾ شريڪ ٿيا، عبدالله اهڙيءَ طرح نوَ سال راجا وٽ آرام ۽ آسائش ۾ گذاريا.

151هه ۾ خليفي منصور کي سندس ڪيفيت معلوم ٿي، ۽ هن کي ساداتن جو طرفدار سمجهي عمر بن حفص کي تبديل ڪري، هشام کي منصوره تي موڪليو ۽ کيس عبدالله کي يڪدم گرفتار ڪرڻ جو تاڪيد ڪيو. خوش قسمتيءَ سبب هشام به درپرده ساداتن جو طرفدار نڪتو، تنهن ڪري ڪجهه عرصي تائين عبدلله بچيو رهيو.

هڪ دفعي سنڌ جي ڪنهن حصي ۾ بدامني پيدا ٿي، جنهن کي دفع ڪرڻ لاءِ هشام پنهنجي ڀاءُ کي لشڪر ڏئي روانو ڪيو. بدامني واري جاءِ تي پهچڻ لاءِ انهيءَ راجا جي سرحد ڏيئي لنگهڻو هو، رستي ۾ هن کي پريان گردو غبار ڏسڻ ۾ آيو. خيال ٿيس ته متان باغي دشمن ايندو هجي، سو هن پنهنجي لشڪر کي مقابلي لاءِ تيار رهڻ جو حڪم ڏنو، گردو غبار جڏهن هٽيو، تڏهن کيس معلوم ٿيو ته عبدالله الاشتر پنهنجن ڏهن ساٿين سميت شڪار ڪري رهيو آهي. کيس پنهنجي ڀاءُ جي پاليسيءَ جي خبر نه هئي، تنهن ڪري هن سندس گرفتاري جو حڪم ڏنو. ماڻهن کيس سڀڪجهه سمجهايو، ليڪن هو نه مڙيو، آخر ٻنهي ڌرين جو مقابلو ٿيو. عبدالله جو هڪ هڪ سپاهي بهادريءَ سان وڙهندي شهيد ٿيو، ۽ پڇاڙي ۾ پاڻ به شهيد ٿي ويو، مقتولين جي مابين سندس لاش سڃاڻپ ۾ نه آيو. هڪ روايت آهي ته سندس سنگتين هن جو لاش بيحرمتيءَ جي خوف کان درياهه ۾ لوڙهي ڇڏيو هو. انهيءَ واقعي جي خبر هشام کي پئي ۽ کيس سخت افسوس ٿيو. ڀاءُ کي ڪجهه ڪري نٿي سگهيو، تنهن ڪري خاموش ٿي ويو.

هشام، عبدالله جي قتل بعد مجبور ٿي راجا تي حملو ڪيو ۽ کيس شڪست ڏني؛عبدالله جا ٻار ٻچا ۽ سنگتي ساٿي گرفتار ڪيا ۽ سڀني کي درٻار ڏي اماڻي ڇڏيو. گرفتار ٿيلن ۾ عبدالله جو پٽ محمد ۽ ان جي والده به هئي، جيڪا ابتدا ۾ ڪنيز هئي ۽ پوءِ عبدلله جي عقد ۾ آئي.

خليفي منصور اهو عيال مديني طرف اهلبيتن ڏانهن اماڻيو، ۽ محمد لاءِ مديني جي حاڪم ڏانهن لکيائين ته مشهور ڪري ته اهو پٽ صحيح النسب آهي(ابن اثير، ج 5، ص 457).

اهڙيءَ طرح عبدالله الاشتر علويءَ جو سنڌ ۾ خاتمو ٿيو. شيعت جي ابتدا انهيءَ جي ڪري سنڌ ۾ ٿي.

خارجين جي آمد. شيعن جي آمد بعد، خارجين جو ليڊر به سنڌ ۾ اچي پهتو. 142هه ۾ حسان بن مجاهد همداني، موصل کان جهاز ۾ سوار ٿي سنڌ ۾ آيو. سندس خيال هو ته سنڌ جو دورو ڪري، ۽ هڪ عظيم الشان لشڪر تيار ڪري عباسين جو مقابلو ڪري، ليڪن سنڌ ۾ اڳ ئي عبدالله الاشتر موجود هو، تنهن ڪري مايوس ٿي وري واپس موصل ڏانهن هليو ويو.

منصوره جا مشهور ماڻهو. منصوره جي هيٺين مشهورعالمن ۽ اديبن جو ذڪر اسان کي تاريخي ڪتابن ۾ ملي سگهيو آهي.

قاضي ابو محمد منصوري. مٿي ذڪر ڪري چڪا آهيون ته دائودي مذهب جو مشهور امام پنهنجي وقت جو جيد عالم ۽ بلند پايي جو مصنف هو. منصوره جي ماڻهن تي سندس ئي اثرهو(’احسن التقاسيم‘ ۽ مسعودي)

محمد بن ابي شوراب. پايه تخت منصوره لاءِ 283هه ۾ بغداد کان قاضي ٿي آيو. وڏو عالم ۽ لائق ماڻهو هو. منصوره ۾ ڇهه مهينا کن رهيو ۽ اتي ئي فوت ٿيو. (’ڪامل‘، ابن اثير، ج 7، ص 334، ليڊن)

علي بن محمد بن ابي الشراب. قاضي محمد جي وفات بعد سندس اولاد منصوره ۾ مقيم رهيو. صاحب’تاريخ سنڌ‘ لکي ٿو:

”محمد بن ابي الشوراب بهي انهي لوگون مين سي تهي جو عراق سي 283ع مين سند مين آڪر آباد هوگئي. بهت بڙي عالم تهي. عراق ۾ عموماً اور خاص ڪر بغداد مين لوگ ان ڪي بڙي قدر کرتي تهي. خليفه بغداد اور عباسي شهزادي ان ڪي صحبت سي فائده اٺهاتي تهي اور بوقت ضرورت ان کي حاجت روائي بهي کرتي تهي. غالباً ان ڪي بعد ان ڪي بيٽي علي بن محمد بن ابي شوراب منصوره ڪي قاضي هوئي. ان ڪا خاندان بهي چوتهي صدي ڪي ابتدائي سالون تڪ رها جيسا ڪه مسعودي نه لکها هي“. (’تاريخ سند‘، بحواله مسعودي، ج 1، ص 377، ليڊن)

مطيع بن اياس. هي صاحب عرب جو مشهور شاعر هو، هشام تغلبي جي زماني ۾ منصوره منجهه آيو ۽ ڪافي عرصو اچي رهيو(کتاب الاغاني‘، ج 12، ص 860).

ابو عباده وليد بن عبيدالبختري: (المتوفي 284هه). ’حماسه‘ جي مصنف ابو تمام جو همعصر ۽ عرب جو شهره آفاق شاعر هو. ملتان ۾ ڪيتري وقت تائين سندس رهڻ ثابت آهي (’معجم البلدان‘، ج51، باب س). منصوره جيئن ته واٽ ۾ هو، تنهنڪري ملتان ويندي ۽ اتان واپس ورندي ضرور منصوره ۾ آيو هوندو. ازانسواءِ منصوره نه ڇڙو ان وقت دارالسلطنت هو، ليڪن علم ۽ ادب جو به گهوارو هو.

ابوالعباس احمد بن محمد بن صالح التميمي المنصوري. منصوره جو باشندو هو، ۽ پوءِ عراق وڃي رهيو. سمعاني ’ڪتاب الانساب‘ ۾ لکي ٿو:

”عراق ۽ فارس ۾ رهندو هو، ابوالعباس ڪنيت ڪندو هو، ۽ دائود الاصفهانيءَ جي مذهب جو مشهور امام هو. فارس ۾ پهچي هن الائرم ۽ ان جي طبقي مان حديث جي سماعت ڪئي. کانئس الحاڪم ابو عبيدالله الحافظ (صاحب ’مستدرڪ‘) روايت حديث ڪئي آهي. سندس چوڻ آهي ته هن جيڪي عالم ڏٺا، تن سڀني ۾ هي نهايت ئي ظريف الطبع هو“(’ ڪتاب الانساب ‘، باب منصوره ، ورق243)

’المنصوري‘ جي عنوان هيٺ ابن نديم سندس سلسلي ۾ لکي ٿو:

”ابو العاس ڪنيت، احمد نالو هوس، محمد بن صالح جو پٽ هو، دائود ظاهري جي مسلڪ جو پيرو هو. دائودي مسلڪ جي جيد عالمن ۾ سندس شمار ٿئي ٿو. جليل القدر تصنيفون ڪيائين، جن مان ڪي ته تمام عمديون ۽ ضخيم آهن. سندس ڪن ڪتابن جا نالا هي آهن:

(1) المعصعاع ڪبير، (2) ڪتاب احادي، (3) ڪتاب السير. (فهرست ابن النديم، 360)

(7) ابو محمد عبدالله ابن جعفر ابن مره المنصوري المتري. هي صاحب به جيد عالم ۽ پنهنجي دور جو مشهور محدث ٿيو. سمعاني لکي ٿو:

” سندس رنگ سياهي مائل هو. هن حسن ابن مڪرم ۽ ان جي معاصرن کان حديث جي سماعت ڪئي. کانئس حاڪم به روايت ڪئي آهي“. (’ڪتاب الانساب‘، سمعاني ، ص343، باب منصوره)

(8) سنڌي ڪتابن جو عراقي مصنف. هن جي نالي جو پتو پئجي ڪونه سگهيو آهي. اصلي عراقي هو، ليڪن پرورش منصوره ۾ ٿيس. سنڌي زبان جو شاعر ۽ نثر نويس هو. قرآن جو سنڌي ترجمو ۽ اسلامي عقائد تي سنڌي نظم ۾ تصنيف ڪيائين، جنهن جو مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي. انهيءَ تصنيف جي عيوض کيس راجا ڇهه سؤ مڻ سون ٽي دفعا انعام طور ڏنو هو.

(’عجائب الهند‘ بزرگ بن شهريار، ج 3، ليڊن)

(9)   حڪيم ابراهيم بن فزارون.

بغداد جو مشهور حڪيم هو. مخلن بن عبدالمهلبيءَ سان گڏ سنڌ ۾ آيو. ڪيترو وقت منصوره ۾ هو. ’تاريخ الحڪماء‘ ۾ سندس احوال هن ريت آهي:

”پنهنجي دور جو مشهور طبيب هو . فزارون جي اولاد مان هو. غسان بن عباد سان گڏ سنڌ ۾ آيو. ڪجهه عرصي تائين هتي رهي پوءِ واپس ويو. جيسين سنڌ ۾ رهيو هو، مور جو گوشت کائيندو هو. (’تاريخ الحڪماء‘، اردو ترجمو، انجمن ترقي اردو)

مٿيون اقتباس ‘ تاريخ الحڪماء‘، جي اردو ترجمي تان ورتو ويو آهي. ’تاريخ سنڌ‘ جي صاحب ’تاريخ الحڪماء‘ جي مصري ڇاپي جي حوالي سان ان کان مختلف احوال ڏنو آهي، ۽ لکي ٿو:

”غسان بن عباد سان گڏ مشهور طبيب ابراهيم بن فزارون به سنڌ ويو هو. ان جو بيان آهي ته جڏهن غسان سنڌ ۾ آيو هو، ان وقت هن مور جو گوشت کاڌو، جيڪو کيس ڏاڍو پسند آيو. پوءِ ته جيسين اتي رهيو برابر مور جو گوشت کائيندو رهيو. هو چوندو هو ته خدا شاهد آهي ته مون سڄيءَ ڄمار ۾ اهڙو لذيذ گوشت نه کاڌو.“ (‘تاريخ سنڌ‘، دارالمصنفين، ص175، بحواله’اخبارالحڪماء‘، 53، مصر) غسان بن عباد مهلبي 213 هه ۾ سنڌ جو والي ٿي آيو، ۽216 هه واپس بغداد پهتو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com