سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1961ع

 

صفحو :5

نظم

 

مخدوم محمد زمان،’طالب المولا‘

 

ممڪنات

 

جئن ڪنهن مئل ۾ جان ڪو پائي نٿو سگهي،

جئن ڪو ويل زمانو ورائي نٿو سگهي،

جئن بحرِ بيڪران ڪو سُڪائي نٿو سگهي،

جئن آفتاب کي ڪو وِسائي نٿو سگهي،

جئن ربّ کان ڪو پاڻ لِڪائي نٿو سگهي،

جئن قوّتِ خدا ڪو مٽائي نٿو سگهي،

جئن ڪو چراغِ عشق اُجهائي نٿو سگهي،

جئن سون کي ڪو ڪَسُّ لڳائي نٿو سگهي،

جئن ڇوڪرو ڪو مرد سڏائي نٿو سگهي،

جئن ڪوبه مرد زال چوائي نٿو سگهي،

جئن پاڪباز کي ڪو لڄائي نٿو سگهي،

جئن سر پهاڙ جو ڪو جهڪائي نٿو سگهي،

جئن بيسُرو ڪو راڳ کي ڳائي نٿو سگهي،

جئن بي شعور ساز وڄائي نٿو سگهي،

جئن موت کان ڪو ڪنهن کي بچائي نٿو سگهي،

جئن ڪو پٿر مان پيار پرائي نٿو سگهي،

جئن پيرسن شباب گهرائي نٿو سگهي،

جئن ٻارڙو ڪو پوڙهو سڏائي نٿو سگهي،

جئن مونکي پيار کان ڪو هٽائي نٿو سگهي،

جئن مون ۾ ڪوبه غير سمائي نٿو سگهي،

جئن ڪير مون کان عشق ڇڏائي نٿو سگهي،

جئن منهنجي دل ڪو پنهنجي ڪرائي نٿو سگهي،

جئن منهنجو يار مون کان ڀُلائي نٿو سگهي،

تئن ٻيو ڪو مون کي پنهنجو بنائي نٿو سگهي!

 

هري ’دلگير‘

تصوير جا ٻه پاسا

(1)

زندگي دل ڌتار اڄ ڀي آهه،

دل انهيءَ تان نثار اڄ ڀي آهه؛

صبح ٽڙندو اڃا به ايندو آهه،

راتڙي رازدار اڄ ڀي آهه؛

چاندني اڄ به چنڊ ۾ آهه،

موج ڏيندو ملهار اڄ ڀي آهه؛

اڄ به خوشبو گلن ۾ ساڳي آهه،

۽ صبا مشڪبار اڄ ڀي آهه؛

ماڪ اڄ ڀي اڳي جانۡ چمڪي ٿي، تنهن تان موتي نثار اڄ ڀي آهه؛

مور مستيءَ مان اڄ به نچندو آهه،

ڊيل سان همڪنار اڄ ڀي آهه؛

ڪُوڪ ڪوئل جي اڄ ڀي ٻڌجي ٿي،

دل ۾ وڄندي ستار اڄ ڀي آهه؛

هو به تاڙيون وڄائي ٿو پن پن،

جهُوم ۾ شاخسار اڄ ڀي آهه؛

اڄ به سنڌوءَ ۾ ٿيون ڇلن ڇوليون،

ڪنهن جي دل بيقرار اڄ ڀي آهه؛

خار گلشن ۾ ٿيا ته ڇاٿي پيو،

ڦول، ڏس، تاجدار اڄ ڀي آهه؛

ڇا ٿيو، باغ تي ڪَتيءَ ڪاهيو،

چيٽ جو انتظار اڄ ڀي آهه؛

حسن، جوڀن ۾ اڄ به آهه ڪشش،

دل انهن تان نثار اڄ ڀي آهه؛

پيار’دلگير‘ سان ڪرين نه ڪرين،

منهنجو تو ساڻ پيار اڄ ڀي آهه.

(2)

آسمان تي غبار اڄ ڀي آهه،

دل اندر انڌڪار اڄ ڀي آهه؛

زندگي شرمسار اڄ ڀي آهه،

آدمي تنهن تي بار اڄ ڀي آهه؛

ڏس ته گل ساڻ خار اڄ ڀي آهه،

دل سندس تار تار اڄ ڀي آهه؛

چنڊ ۾ چاندني ته آهي، پر،

منهن سندس داغدار اڄ ڀي آهه؛

ٿي بهاري اچي گهڙيءَ جي لاءِ،

ماڪ ڏس اشڪبار اڄ ڀي آهه؛

اڄ به بلبل پئي رڙي روئي،

چيخ، غم جي پڪار اڄ ڀي آهه؛

حسن فاني، فنا جواني آهه،

عشق جي دل ۾ خار اڄ بي آهه؛

ڪم گهڻو، عمر آ مگر ٿوري،

وقت ناسازگار اڄ ڀي آهه؛

اڄ به ڪوريئڙو ويٺو جيت جهٽي،

ظلم سرمايه دار اڄ ڀي آهه؛

اڄ به انسانيت وڪامي ٿي،

عورتن جو وپار اڄ ڀي آهه؛

اڄ به ماڻهوءَ تي ٿو چڙهي ماڻهو،

بادشاهه، تاجدار اڄ ڀي آهه؛

اڄ به ماڻهو ٿو کائي ماڻهوءَ کي،

ائٽمي بم تيار اڄ ڀي آهه؛

ڇا عجب، سڀ ڇڏي ويئه، ’دلگير‘،

آدمي ڌار ڌار اڄ ڀي آهه.

 

’نياز‘ همايوني

اي وطن، پيارا وطن‘

 

اي وطن، منهنجا وطن، تون لک لهين:

تنهنجا ويرانا به ٿو ڀانيان چمن، تون لک لهين!

تنهنجي ندين ۾ محبت ڦيريون پائي پئي،

تنهنجي پوکن ۾ حياتي ڀيروي ڳائي پئي،

تنهنجي جهونگارن تان صدقي جان تن، تون لک لهين!

اي وطن، پيارا وطن!

تنهنجي ٻٻرن جي ٿڌيري ڇانو بهشتن کان ڀلي،

تنهنجي کيرولين جي مٺڙي لست پِستن کان ڀلي،

غير جي گينڊي کان وڌ تنهنجو ٻُڪن، تون لک لهين!

اي وطن، پيارا وطن!

تنهنجي ٻولي ڄڻ ته اونداهي ۾ ٽانڊاڻا، الا،

تنهنجا گفتا ڄڻ ته چانڊاڻن ۾ مانڊاڻا، الا،

تنهنجي مجلس تي ملائڪ ڀي ڇڪن، تون لک لهين!

اي وطن، پيارا وطن!

تو ۾ وندر جي ولايت، شهر آڌرڀاءُ جا،

تو ۾ مريادا جون مُرليون، تو ۾ سُرندا ساءَ جا،

تو ۾ ڏکندا ٿا سُکن جا دم کڻن، تون لک لهين!

اي وطن، پيارا وطن!

بدنظر سان جو تڪي توڏي، سندس تارا ڪڍان،

ڪاهه جو توتي ڪري، ان جا مان لابارا ڪڍان،

تنهنجي ڌرتي آهه ڄڻ منهنجو بدن، تون لک لهين!

اي وطن، پيارا وطن!

 

  

گوورڌن محبوباڻي

سنڌوءَ جي سار

وڇڙيل وانگر ڳوڙها ڳاڙي، هنجون هاري هاري،

مان ٿو ساريان سنڌوءَ کي، سنڌو ٿي مون کي ساري!

سنڌوُ ساڳي رهِي، سمي جي سنڌوءَ رخ ڦيرايو،

مذهب جو سيلاب قوم جي ٻيڙي ٻوڙڻ آيو،

ڪشتين کان پتوار ٽُٽا، ونجهن کان وڇڙيا مانجهي،

سِڪ جو سورج اُلهي ويو، سهڙي سازش سانجهي،

لکين لڙهي ويا لهرن ۾، ڪي پهتا نيٺ ڪناري:

مان ٿو ساريان سنڌوءَ کي، سنڌو ٿي مون کي ساري!

وطني، هاءِ، جلاوطني ٿيا، ست ڌاريا ٿيا ساٿي،

دشمن ٿيا دلدار، لڳن ئي سوڀ سڳن تي پاتي،

ديسي ويا، آيا پرديسي، بڻيا پراوا پنهنجا،

آءٌ ٻڌايان ٻوڙي جڳ کي، دکڙا ڪنهن جا ڪنهن جا؟

پرڏيهي آيا گهر پيهي، وطن ويا والاري:

مان ٿو ساريان سنڌوءَ کي، سنڌو ٿي مون کي ساري!

ٽارين تان ٽوڙي آکيرا، وڇڙيا پکي ولر کان،

باغن کان گل مکڙيون وڇڙيون،۽ مڇليون ساگر کان،

جيجل کان ٿيا لعل جدا، ۽ گهر جا ڀاتي گهر کان،

يارُ يار کان، ڀيڻ ڀاءُ کان، ناري پنهنجي نر کان:

ديس به ويو ديسين کان وڇڙي، پيو پرديس پناري!

مان ٿو ساريان سنڌوءَ کي، سنڌو ٿي مون کي ساري!

وڇڙيل سنڌين لئه سنڌو پڻ آهه سدا ويڳاڻي،

سردين ۾ ٿي پوندي آهي، موڳي ساڻي ساڻي،

اونهاري ۾ اُڇلون ڏيئي، پاڳل جان پوُرالي،

گجندي، گڄندي، ٻوڙيندي آ، ملڪ سڄو متوالي:

وڇڙيل سنڌين لئه سنڌو پڻ پل پل پئي پڪاري!

مان ٿو ساريان سنڌوءَ کي، سنڌو ٿي مون کي ساري!

مان ٿو ساريان اُن سنڌوءَ کي، جنهن جو ڇل ڇل پاڻي،

سنڌوُ-سڀيتا جي دهرائيندو هر آمر ڪهاڻي،

سوين سڪندر جنهن جي ڪنٺي تان موٽيا شهه کائي،

پر وڙهندي ڀي هندو مومن ٿي ويا ڀائي ڀائي:

وسريل ورق وري اڄ ٿو جيءَ ۾ جولان اُٿاري!

مان ٿو ساريان سنڌوءَ کي، سنڌو ٿي مون کي ساري!

جنهن جو پالڻهار هماليه، مانسروور ماتا،

جنهن جو ساجن عربي ساگر، آهي وشؤ ڀِراتا؛

جنهن جا ٻالڪ، شاهه، سچل، بيدل، بيڪس ۽ سامي، روحل، قاضن، جهانگي، سانگي، بيوس،حق جا حامي:

هي سڀ سالڪ سائينءَ جا، ويا سچ تان سڀڪجهه واري!

مان ٿو ساريان سنڌوءَ کي، سنڌو ٿي مون کي ساري!

 

جنهنجون موجون، جنهنجون ڇوليون، لڙڪ بڻي ڇلڪن ٿيون.

چانڊوڪيءَ ۾ ٻڏل ترنگون، پلڪن ۾ جهلڪن ٿيون،

چنچل البيليون لهرون، نيڻن ۾ روز نچن ٿيون،

هردم جنهن جون هوڏون، لوڏون ،ٻوڏون ياد اچن ٿيون:

دم دم تنهن لئه دم تڙڦي، ٿو تنهن کي ساهه سنڀاري!

جنهن جون ٻيڙيون اکڙين جهڙيون،جن جا سڙهه ڄڻ سپنا،

جنهن جي سونهري سانجهين جي ڪيڏي ڪريان ڪلپنا!

ٻڏندڙ سورج، پتوارن جا پاڻيءَ تي پاڇولا،

پاڇولا ها جهوليندا، لڏندڙ لهرن جا جهولا:

الا، اُنهن سانجهين جي ياد ته مون کي وجهندي ماري!

مان ٿو ساريان سنڌوءَ کي، سنڌو ٿي مون کي ساري!

ڪندي هئي هڪ ڇولي ٻيءَ ڇوليءَ سان آنکمچولي،

کلنديون هيون خوشيءَ مان موجون،ڀري جهاڳ سان جهولي،

ٻُڌي هوا جو جهيڻو جهيڻو، راڳ مڌر هندولي،

ڪئن نه ڪنارو ڏيندو هو ليٽيل لهرن کي لولي:

ليڪن ته به تن البيلين کي سگهيو نه ڪڏهن سمهاري!

مان ٿو ساريان سنڌوءَ کي، سنڌو ٿي مون کي ساري!

هئي چمڪندي چانديءَ جان، سنڌوءَ جي ڀر جي ريتي،

هئي ٻهڪندي سون سچي جان، ڪڻڪَ جوَن جي کيتي،

پگهر وهائي پوکيندا هئا، جن کي هاري ناري،

ڇا ته اُهي زرخيز زمينون، ڀومي خوب ڀلاري:

قدرت نچندي هئي پاڻ کي ساوڪ سان سينگاري!

مان ٿو ساريان سنڌوءَ کي، سنڌو ٿي مون کي ساري!

آءٌ آيوڌيا جو آڀلاشي، توڙي آهيان هندو،

مون لئه سڀ کان وڏو تيرٿ آ ته به سونهاري سنڌوُ!

سنڌوءَ لئه سڪندو مان آيس هردوار، امرتسر،

ڀيٽي مٿرا، گوڪل، ڪاشي، آخر پهتي پشڪر:

پر نه سگهيس پشڪر جي پوتر گهاٽن تي پل گهاري!

مان ٿو ساريان سنڌوءَ کي، سنڌو ٿي مون کي ساري!

سنڌوءَ بِن ڀارت جا سنڌي پياسا ٿي ٻاڏائن،

پياسا رهندا، ڀل جڳ جي ڪُل جَلَ سان پياس ٻجهائن؛

مان پياسو، منهنجو من پياسو، منهنجا ميت به پياسا،

راڳ به پياسا، ساز به پياسا، سارا گيت به پياسا:

اُڃ نه لٿي، توڙي گنگا جي ڀر ۾ ڏٺم گذاري!

مان ٿو ساريان سنڌوءَ کي، سنڌو ٿي مون کي ساري!

گنگا جي گوديءَ ۾ ڀي مون، سنڌوءَ جا ڳڻ ڳاتا،

ڪئن ٽٽندا ڪجهه سالن ۾، پيڙهين جا پختا ناتا؟

جنهن جو جل منهنجو جيوَن، نس نس ۾ جنهن جو پاڻي،

جنهن نيڻن ۾ نُور ڏنو، دل ۾ سڪ، مُک ۾ واڻي،

مرڻ پڄاڻا ڀي مان تنهن کي، سگهندس ڪين وساري!

مان ٿو ساريان سنڌوءَ کي، سنڌو ٿي مون کي ساري!

اَمرت جهڙو آب پياري، ڪيو وڏو جنهن پالي،

اڙي، ٻڌايو، اُن جيجل بِن ڪئن سگهنداسين جالي؟

جنهن سنڌوءَ بِن سنڌي گويا چرندڙ پرندڙ لاشا،

تنهن سان نيٺ اسين ملنداسين، آهه اِها ئي آشا!

جيجل سنڌوءَ جو جل وجهندو، مُڙدن کي به جياري!

مان ٿو ساريان سنڌوءَ کي، سنڌو ٿي مون کي ساري!

 

سليم ڳاڙهوي

گهِنڊُ

وطن جا سورمؤ اُٿو، وطن جا سورمؤ اُٿو!

اوهان جون غفلتون ڏسي وطن پڪار ٿو ڪري،

اوهان جي خدمتن جو خوب انتظار ٿو ڪري،

وطن عزيز واسطي اکيون پٽيو، ڏسو، اُٿو:

وطن جا سورمؤ اُٿو، وطن جا سورمؤ اُٿو!

ڏسو افق جي پاڙ مان شفا جو شمس ٿو ڦُٽي،

تمام ظلمن ۽ ڪلفتن جي رات ٿي کُٽي،

طويل خواب کي ڇڏي سجاڳ ٿيو، اُٿو، اُٿو:

وطن جا سورمؤ اُٿو، وطن جا سورمؤ اُٿو!

جهان ۾ جهان جو رکو خيال، دوستو!

عمل نصيب دوستو، عمل ڪمال، دوستو!

ڪمال ڏي وڌو، اُٿو، نصيب کي لهو، اُٿو:

وطن جا سورمؤ اُٿو، وطن جا سورمؤ اُٿو!

هو قافلا ڏسو وڌي وڃن ٿا ماڳ جي طرف،

سمهڻ نڀاڳ ڏي ڇڪي، اُٿڻ سڀاڳ جي طرف،

مچايو غلغلو، اُٿو، رچايو چهچٽو، اُٿو:

وطن جا سورمؤ اُٿو، وطن جا سورمؤ اُٿو!

هي بيوسي،هي بيڪسي، ڪمال کي رسي وئي،

بشر جي زندگي ڏکن جي ڏيل ۾ ڏڪي وئي،

ٽٽل دليون ڳنڍيو، اُٿو، ڀنل اکيون اگهو، اُٿو!

وطن جا سورمؤ اُٿو، وطن جا سورمؤ اُٿو!

رياضتن جي رمز ۾ ترقيون ۽ عظمتون،

شجاعتن ۾ شان آهه، حرڪتن ۾ برڪتون،

جمود موت ٿا چون، جمود کي ڀڃو، اُٿو!

وطن جا سورمؤ اُٿو، وطن جا سورمؤ اُٿو!

اُٿو اُٿو، اُٿو، اُٿو، اُٿڻ جو وقت اچي ويو،

وڌو وڌو، وڌو وڌو، وڌڻ جو وقت اچي ويو:

اُٿڻ جو گهنڊ ٿو وڄي، ٻُڌو اُٿو، وڌو اُٿو!

وطن جا سورمؤ اُٿو، وطن جا سورمؤ اُٿو!

 

نعيم دريشاڻي

پراڻيون يادون

 

باکون به ڦُٽي وينديون هيون، پر مان ائين ئي،

ڪنهن جي دريءَ ۾ پنهنجون نگاهون ڄمائي، دُور،

ڏسندوئي رهندو هوس، الا، ڏسندو پيو ئي هوس.

ڪئن ڪوئي منهنجي ڀر مان لنگهڻ وقت، شرم مان،

گهٻرائي پنهنجي سيني تي ٺاهيندو هو رَئو،

پنهنجا حسين ڳلڙا ڪڪوري حياءَ سان،

ايئن اوچتوئي اوچتو ٿاٻڙجي ويندو هو.

ڪئن ڪوئي منهنجي گود ۾ ڏڪندي ۽ ويڙهجي،

پنهنجا ڊگها ڇپر کڻي ڪيرائيندو هو هيٺ،

ڪنگڻيون ڪِئين ڪنديون هيون کِڻ کِڻ، جڏهن ڪوئي،

پنهنجون ڊگهيون ۽ نرمڙيون ٻانهون ڊگهيري، هاءِ،

منهنجي ڳچيءَ ۾ ويڙهي ڇڏيندو هو قرب سان:

ڪنهن جي اکين تي ڪيئن مان، صد احترام سان،

ڏڪندي هي پنهنجا ڪوسڙا چپ ڌيري رکندو هوس!

اڄ ڇو الائي پنهنجا پرين ياد پيا اچن،

اڄ ڇو الائي هر ڪا گهڙي پنهنجي پاند ۾

ڪيئي پراڻيون يادون لڪائي پئي اچي!

 

’نثار‘ بزمي

ساڻيهه جي سڪ

 

ڀلي آئين، ڀائُو، خبر چار ڏي، اچي تون پِريَن جا پتا پار ڏي!

وطن منهنجي تي ڪا بهاري هئي؟

پپيهن جي ٻولي پياري هئي؟

اُتان واري رنگت نياري هئي؟

نزاڪت اُتي نور واري هئي؟

ويجهو ويهي مون کي ڪي اظهار ڏي! ڀلي آئين، ڀائو، خبرچار ڏي.

سدا سبز سارين جا ٻارا هئا؟

جوئر ٻاجهريءَ جا نظارا هئا؟

خوشيءَ ۾ ڀلا مال وارا هئا؟

جهَڻيون، کير ماهيا ڀٽارا هئا؟

کڻي ٿي هليا هاري هر نار ڏي؟ ڀلي آئين، ڀائو، خبر چار ڏي.

’خُدَنَ‘جي خبر ڏي، ’سچل‘ ڪيئن هو؟

بگيءَ وارو منهنجو ’بچل‘ ڪيئن هو؟

ڪو ڳايو ٿي ’بيوس‘ غزل ڪيئن هو؟

اوطاقن ۾ ميڙو متل ڪيئن هو؟

ويو هوندين پڳدار ڀوتار ڏي! ڀلي آئين، ڀائو، خبرچار ڏي.

تڙن تي ويهي ڪي تنوارون ٻُڌءِ؟

جهنگل ۾ پکين جون پڪارون ٻُڌءِ؟

ڀلا عرش جون اوڇنگارون ٻُڌءِ؟

ٻڪرواڙ جون ڪي پچارون ٻُڌءِ؟

ڏسي خوش ٿيو هوندين ملهار ڏي! ڀلي آئين، ڀائو، خبرچار ڏي.

ڀينر ڀرت ويهي ڀرينديون ڏٺئه؟

مزي جهڙا ڏنڀرا ترينديون ڏٺئه؟

ڍڳين لاءِ داڻو ڏرينديون ڏٺئه؟

ويهي واڻُ گهر جو ورينديون ڏٺئه؟

ڏنو هوءَ ڪَنُ تن جي گفتار ڏي؟ ڀلي آئين، ڀائو، خبرچار ڏي.

وڏيرن جي ويهي جدا ڏي خبر،

رکيو ٿا اچن پيا اها ئي نظر؟

وَهيا ٿي سندن نوڪرن کان پگهر؟

ڏئاريندا جي پيا ڪُتن جا ولر!

ڏکين جي هئي ڊُڪ ٿاڻيدار ڏي؟ ڀلي آئين، ڀائو، خبر چار ڏي.

’رکيل‘ ڪي رهاڻيون ٻڌايون هوندءِ؟

ٻه ٽي ڪافيون تنهن کان لِکايون هوندءِ؟

ڳوڙهن ساڻ پِنبڻيون ڀِڄايون هوندءِ؟

اکيون روئي روئي سُڄايون هوندءِ؟

’مينهون خان‘ توکي پيو پيار ڏي! ڀلي آئين، ڀائو، خبرچار ڏي.

مون کي ڏي مُلن، حافطن جي خبر،

مسيتن جي ڏي، واعظن جي خبر،

کٿابين جي ڏي، عالمن جي خبر،

نمازين جي ڏي، زاهدن جي خبر،

موالين، رِندن جي خبر ڌار ڏي! ڀلي آئين ڀائو، خبرچار ڏي.

محبت جا ماريا ڪي روئندا ڏٺئه؟

عذابن سان ويهندا ۽ اُٿندا ڏٺئه؟

ملڻ جون دعائون ڪي گهرندا ڏٺئه؟

ڪٿي ٽولا ٽولا ٿي گهمندا ڏٺئه؟

ڀلا،خير هو منهنجي دلدار ڏي؟ ڀلي آئين، ڀائو، خبرچار ڏي.

ڪورين ۽ ڪنڀارن جو ڏي حال تون،

مُهاڻن، حجامن جو ڏي حال تون،

ويهي دل سان داين جو ڏي حال تون،

جوڻيجن، جمالين جو ڏي حال تون:

کولي کولي خبرون،اڙي يار، ڏي! ڀلي آئين، ڀائو، خبرچار ڏي.

آئي ڪا هئي مستي مهراڻ ۾؟

نچيون ٿي ڪي لهرون لڳي پاڻ ۾؟

مزو هوندو موجن جي مانڌاڻ ۾!

هوندو پورو هرڪو ئي واکاڻ ۾!

ڏٺو هوءِ’سنڌوءَ‘ جي سينگار ڏي!، ڀلي آئين، ڀائو، خبرچار ڏي.

دنيا کان آ منهنجو نيارو وطن،

چوان ڇا ته ڪيڏو آ پيارو وطن،

نه ڀلجي سگهي ٿو ڀلارو وطن،

آ ’بزميءَ‘ جي سر جو سهارو وطن:

وطن جو سمورو سماچار ڏي!، ڀلي آئين، ڀائو، خبرچار ڏي.

 

غلام علي ’سوز‘

 

آ، ڪريون ڪو سير، ساٿي!

سبز ساوا کيت جهومي ٿا چون،

آ هلي، هِت موج مستي ٿا رهن،

ٿيون هوائون واه هت تازيون لڳن!

وڙ وڪڙ ڪڙين منجهان پاڻي وهن،

هر طرف آهن وڏا ميلا مَتل!

آ، ڪريون ڪو سير، ساٿي، ڪائي پل.

آفضا مدمست اڄ خوشبوءِ سان،

۽ نظارو خوب آبِ جُوءِ سان،

آ لڳي رونق پئي هر سوءِ سان،

ٿا پکي ٻولِن هُتي هُن جُوءِ سان،

ڇو رهي ڪو ڪير ڪنهن سان ڀي رٺل؟

آ، ڪريون ڪو سير، ساٿي، ڪائي پل!

سبز هرڪا آهه ٻيلي جي ڳلي،

ٿو هلي ڦاڙهو مزي سان اڄ ٽلي،

تتر جي ٻولي گهڻي آ دل جلي،

ڪيئن هرڻي آهه پهتي هِت ڀُلي؟

آ ٺڪاون ساڻ هُت ڌوڙيو متل!

آ، ڪريون ڪو سير، ساٿي، ڪائي پل!

 

کوهه تي پاڻي ڀرن ٿيون نينگريون،

ڪن پيون چرچا گهٻا هڪ هڪجيڏيون،

لوڏ سان لچڪي کڻن ٿيون گهاگهريون،

ناز نخري سان لڏي هُو گهر هليون:

آ، هلون اڳتي، سفر آهي ڳپل!

آ، ڪريون ڪو سير، ساٿي، ڪائي پل!

شام رنگين آ، سمو سِيتل گهڻو،

ترس، ساقي، آ اڳي اوتيل گهڻو!

هر ذرو پَسجي پيو پيتل گهڻو،

مَنُ اڳي ئي آهه ڏس جيتل گهڻو:

ٿي ويو ڳاڙهو شفق سان لال جل!

آ، ڪريون ڪو سير، ساٿي، ڪائي پل!

 

سنڌيڪار: رسول بخش پليجو

الوداع

 

]ارڙهين صديءَ جي عظيم روسي شاعر اليگزينڊر پشڪن جي مشهور روماني داستان، ”يوجين اونيگن“ جي پڄاڻيءَ وارو ٽڪر[

افسوس، ازل جي عجيب مرضيءَ موجب،

اسان جي قسمت ۾ لکيل آهي ته هر نسل کي وڌندو

ويجهندو ڏسون،

زندگيءَ جي اوڙين ۾، انساني فصل جي ناس ٿيڻ وارن

سَلن کي اُسرندو ڏسون

اهي سلا، جن جي سهڻي اوسر آهي ئي ڇڻڻ لاء!

۽ جتي هڪ سلو ڇڻي ٿو، اتي ٻيو اڀريو اچي:

انسانذات رڳو اهو ئي ٿي چاهي ته بيحساب وڌندي رهي!

هوءَ پنهنجن ڏاڏن کي امالڪ قبر ڏانهن اماڻيو ڇڏي:

اسان جو وارو به پنهنجي وقت تي ايندو،

اسان جا پوٽا به اسان کي اُڪلائيندا،

پر، في الحال،

اچو ته ڏکن ڏاکڙن کي وساري،

خوشيءَ جي خزانن مان جيڪي جهوليءَ ۾ جهُلي اچي،

سو قبوليون.

خبر اٿم ته حياتي آهي پاڻيءَ تي ڦوٽو:

مون کي به ان لاءِ ٿو روئي ڪو چاهه آهي،

نه وري ڪا خوش فهمي ئي ٺڳيم ٿي؛

 پر، ته به،

آءٌ اميد جي شرميلي جهاتيءَ کي سلام ٿو ڪريان،

۽، ڪڏهن ڪڏهن، دل ۾ قبول ڪندو آهيان ته

دنيا مان گمنام رواني ٿيڻ تي دل نٿي ٿئيم.

مون کي دنيا مان اها توقع ڪانهي ته ڪو هوءَ

منهنجي پورهئي جو قدر ڪندي،

پر، ته به، ممڪن آهي ته منهنجو نالو،

ناموس جو ڇَٽُ پهري.

اڻ ٿيڻي ڪانهي

ته منهنجن شعرن جو نُور کيس چمڪائي:

مَنَ سندم ڪو شعر ڪنهن کي ياد رهجي وڃي،

۽، دلگهرئي دوست وانگر،

منهنجو ذڪر ڇيڙي وجهي!

من منهنجا لفظ ڪنهن اڻڄاول عاشق جي دل گرمائين؛

من منهنجا بيت، حاسد تقدير هٿان بچي،

دنيا تي جيئرا رهجي وڃن!

۽ ها،

ڏُور، ڪنهن پوئين زماني ۾،

جڏهن آءٌ روانو ٿي چڪو هوندس،

شايد ڪو دل وارو،

منهنجيءَ تصوير ڏانهن اشارو ڪري،

چوي:

”شاعر ته ههڙو!“

 

آزاد نظم

 

جوالا

ارجن ’شاد‘

منهنجي هر شعر جو هر لفظ

بڻي باهه جو ڄڻ گولو ٿو ٻاهر نڪري-

دل ۾ مظلوم جي، ٻيو باهه بنا ڇا هوندو؟

باهه مان باهه جي صورت ٺهندي،

نه ڪڏهن ماڪ جا قطرا ٺهندا.

هيءَ اها باهه آ،

خود جنهن کي مندر به ملِي،

ڪين وسائڻ جو ڪو ساهس رکندا:

ڇو ته هي منهنجي ئي دل جو نه جوالا آهي،

هن ۾ شامل آ هزارن ۽ لَکن جي آتش—

هي زماني جو جوالا آهي!

 

نيون طرزون

 

هريڪانت                              ]ترائيل[

چاهي ڪيڏو به رُسين، ڪونه رُسڻ ڏيندوسانءِ،

توکي سرچائڻ لئه مان به رسڻ ڄاڻان ٿو!

نينهن جو ناتو اِئين ڪونه ڇنڻ ڏيندوسانءِ،

چاهي ڪيڏو به رسين، ڪونه رسڻ ڏيندوسانءِ!

ڇو پئي سڏڪا ڀرين، ڪونه روئڻ ڏيندوسانءِ،

توکي پرچائڻ لئه مان به روئڻ ڄاڻان ٿو!

 

چاهي ڪيڏو به رسين ڪونه رسڻ ڏيندوسانءِ،

توکي سرچائڻ لئه مان به رسڻ ڄاڻان ٿو.

(2)

هي سندم زخمِ جگر هوند سگهو ڀرجي پوي،

پيار مان جي رڳو هڪوار نهارين مون ڏي!

تنهنجي نيڻن مان جي نفرت جا اُلا نڪري وڃن،

هي سندم زخمِ جگر هوند سگهو ڀرجي پوي!

منهنجي سڏڪن مان به ڳچ گيت نوان بڻجي پون،

جي تون نيڻن ۾ ڀري پيار نهارين مون ڏي!

 

هي سندم زخمِ جگر هوند سگهو ڀرجي پوي،

پيار مان جي رڳو هڪوار نهارين مون ڏي!

 

غزل

مخدوم محمد زمان ’طالب الموليٰ‘

 

*

محبت جو ذرو ئي ڪونه آهي نُڪته چينن ۾،

معائب کي ڏسڻ عادت سدا باريڪ بينن ۾،

اڃا تائين به آهي درد دل گوشه نشينن ۾،

رهي ٿو گوهرِ مقصود سينن جي خزينن ۾،

لڪل آهن خدا وارا، پُراڻن پوستينن ۾،

فقط فرق آهه ٿيو پيدا يقيناً اڄ يقينن ۾،

تلاشِ اهلِ دل هرگزنه ڪر مسند نشينن ۾،

چراغِ عشق روشن آهه درويشن جي سينن ۾،

نظر نور و ضيا هردم اچي ٿو مہ جبينن ۾،

ڀلا ٻيو ڇا رکيو آهي، گلن جهڙن حسينن ۾،

مٺو محبوب ئي يڪتا، حسين آهي حسينن ۾،

قسم قادر جو، يوسف خود سندس ٿيو خوشه چينن ۾،

ڀلي جا روب ڪش ٿي هر مزارِ اهلِ دل تي تون،

خبرنااهل کي ڪهڙي ته ڇا آهي دفينن ۾،

چون ڪي مست،ڪي مفتون ته ڪي شاعرپيا سمجهن،

هي آهي ’طالب الموليٰ‘ جو چرچو نازنينن ۾.

 

’سرشار‘ عقيلي

*

نٿو ڀانيان ته ڪو، اي درد، منهنجي دل ۾ تون ٺاهين،

تون ئي مشڪل جو ساٿي، مونسان ڪئن مشڪل ۾ تون ناهين؟

جنون هوندي به، اي ليليٰ، ڏسان پيو توکي محمل ۾،

اگرچه عقل وارا ڀي چون محمل ۾ تون ناهين!

وسي جي دير ۾ دلبر، حرم ڏي ڇو وڌايان وک،

نه آهي منزل مقصود، جنهن منزل ۾ تون ناهين،

سفر عقبا جو ساحل ڏي، نگاهون سطح دريا تي،

تعجب، اي نظر، ڇا لئه کتل ساحل ۾ تون ناهين!

ڪٺو، اي خنجر ابروي دلبر، تو، مگر هن کي

سڏيان قاتل به ڪئن، جو قبضہء قاتل ۾ تون ناهين!

ڏٺو جو تنهنجي محفل جو مزو’سرشار‘، اي سهڻا،

اها محفل ئي بيڪار آهه، جنهن محفل ۾ تون ناهين.

 

شيخ محمد ابراهيم ’خليل‘

*

دل، لکان درد جي هيڪر تشريح،

رنج ٿيندو ٻڌي دلبر تشريح.

ظلم ان جو ته بيان کان ٻاهر،

ڪيئن ڪريان مان سرِ محشر تشريح.

ٿي ويو رازِ محبت ظاهر،

ڏس، ڪري ٿي دلِ مضطر تشريح.

هجر جي رات ڀلا ڪيئن گذري؟

تون ڪندين ان جي ته بهتر تشريح.

حالِ دل مون جو ٻڌايو ته چيئين،

هي غلط آهي سراسر تشريح.

دل، ’خليل‘، ان ۾ لڳي ٿي نه ذرو،

مان وڃان ڀلجي ٿو اڪثر تشريح.

 

هري ’دلگير‘

*

گرچه پُونجي فقير جي آهي،

دل تڏهن ڀي امير جي آهي!

دل ۾ ديدارَ دوست جا آهن،

ڪانه سڌ پڌ سرير جي آهي.

روپ پنهنجو منجهس ڏٺو رانجهي،

ورنه هستي ڇا هيِر جي آهي.

پاڻَ ۾ پاڻ قيد ٿيو آهي،

ڪهڙي حالت اسير جي آهي.

سارو سنسار آهي سونهن ئي سونهن، اک کُليل جي ضمير جي آهي.

پرت دنيا سان هاڻ آهي ايئن،

جئن ڪنول جي ۽ نِير جي آهي.

ٿي اچي گلبدن وٽان شايد،

خوب سُرهاڻ هِير جي آهي.

ٻيو به هڻ، ٻيو به هڻ، نه ڀؤ آهي،

چوٽَ ڇا تنهنجي تير ۾ آهي!

’مارئِي‘ ٿي پئي وري ماندي،

ياد آئي مليرَ جي آهي.

 

عبدالحليم ’جوش‘

*

ڪر خزان ۾ بهار جون ڳالهيون،

هجر ۾ وصلِ يار جون ڳالهيون

دشت ۾ عام ٿي ويون منهنجي،

دامنِ تار تار جون ڳالهيون

برق بيتاب ٿي وئي ٻڌنڌي،

ڪنهن دلِ بيقرار جون ڳالهيون.

زلف جي برهمي ۾ ٿيون مضمر،

ڪنهن دلِ بيقرار جون ڳالهيون.

واعظن لئه ٿين ٿيون توبهه شڪن،

چشمِ پُر از خمار جون ڳالهيون.

ياد آيون، ۽ باغ باغ ٿي دل،

رشڪِ فصلِ بهار جون ڳالهيون.

’جوش‘ جي داغهاي دل جو بيان،

ڄڻ ته ٿيون لاله زار جون ڳالهيون.

ليکراج ’عزيز‘

*

عشق جي نشي کان جي رات ۽ ڏينهن چُور ٿيا،

تنهنجي در کان اهي مجبور نه دم دور ٿيا.

هي به هڪ مست نظر تنهنجي جو آهي ڇا اثر،

هوش ۾ آيا نه، ساقي، جيڪي مخمور ٿيا.

نامراديءَ ۾ به پسندس مان مرادون پنهنجون،

دل جي دردن جا ڪڏهن قصا جو مشهور ٿيا.

منهنجا محبوب، ٿو صحبت جو اثر ڏاڍو ٿئي،

آهه حيرت، تنهنجا عاشق نه ڇو مغرور ٿيا!

ٺارُ ڪجهه ڪين ٿيو، گرچه وُٺِي سِرَ تي برف،

ولولا دل جا نه دل منهنجي مان ڪافور ٿيا.

ٿيو اثر يار جي ڪُوچي جي هوا جو، اي ’عزيز‘،

ڪڏهن مغموم، ڪڏهن عاشقَ مسرور ٿيا.

 

مخدوم محمد امين ’فهيم‘

*

بيوفا سان وفا ڪري ڏسبي،

هيءَ خطا بارها ڪري ڏسبي!

تنهنجي هردم ثنا ڪندو رهيس،

هاڻي پنهنجي ثنا ڪري ڏسبي.

پنهنجي ماهِ لقا کان دور ٿبو،

زيست درد آشنا ڪري ڏسبي.

سنگدل آب آب ٿئي هڪدم،

آهَ اهڙي به ڪا ڪري ڏسبي.

سم تن، سروقد صنم ايندو،

جنهن تان هيءَ جان فدا ڪري ڏسبي.

هر شجر ۾، صبا ۾، ۽ گل ۾،

جستجو جا بجا ڪري ڏسبي.

هن جو حسنِ ڪرم وري به ٿئي، گويا ٻيهر خطا ڪري ڏسبي.

جي حياتيءَ وفا ڪئي ته ’فهيم‘،

عشق ۾ انتها ڪري ڏسبي.

 

سليم ڳاڙهوي

*

اڃا نرگس جي نيڻن ۾ رهي حيرت، الائي ڇو!

چمن ۾ جا بجا ڏسجي پئي وحشت، الائي ڇو!

ڏسي زخمن جي مُرڪڻ کي رُنا ارمان ويچارا،

سدا خاموش سُڏڪا ٿي ڀري حسرت، الائي ڇو!

ڪنهين جو غم ڏسي مُرڪڻ،ستم ناهي ته ٻيو ڇاهي؟

ستارن کي وڻي ويئي اها بدعت، الائي ڇو!

پريان منزل پُڪاري ٿي ۽ سامهون شاهراهه آهي،

تڏهن ڀي قافلن جي سست ٿي حرڪت، الائي ڇو!

سجاڳيءَ جو ڦُٽو سج، ۽ جهان ۾ روشني جاڳي،

مگر منهنجي وطن ۾ ننڊ ۽ غفلت، الائي ڇو!

زماني ۾ ٿئي ٿو ظلم جو خانو خراب اڪثر،

مگر انسان کي حاصل نه ٿي عبرت، الائي ڇو!

اڪيلائيءَ ۾ اڪثر سوچ ۽ ويچار ۾ آهيان،

مٿان سج آهه روشن، هيٺ ٿي ظلمت، الائي ڇو!

اڃا حيوانيت جو زور ڏسجي ٿو زماني ۾،

بڻي انسانيت جي غم ڀري حالت، الائي ڇو!

’سليم‘، الفت جو افسانو وري دهرائجي ٿو، پر

زمانو ڪين حاصل ٿو ڪري الفت، الائي ڇو!

 

’تاج‘ بلوچ

*

هرقدم تي مصيبتن جا پهاڙ،

زندگي هڪ عذاب ٿيو، سائين!

راحتن واسطي گهڻو ئي رليس،

پر ميسر عذاب ٿيو، سائين!

ڪنهن کي حاصل هتي خوشي آهي،

سڀ جي نيڻن ۾ آب ٿيو، سائين!

ڪم اهو، دل دکيءَ کي ڏئي آٿت،

بس اهو ئي ثواب ٿيو، سائين!

تون، ۽ مون کان پري پري ٿي هلين!

هي به هڪ انقلاب ٿيو، سائين!

زهرئي غم غلط ڪري ٿو سگهي،

بي اثر جت شراب ٿيو، سائين!

 

برڪت علي ’آزاد‘

*

جلائي شمع جان، جسو جان پنهنجي،

”هزارن چراغن کي ٻاري ڇڏيوسين!“

جڏهن فڪرِ انسان کي ظلمات گهيريو،

تڏهن صبحِ روشن اُجاري ڇڏيوسين.

جبر ۽ تشدد جڏهن چوٽ چڙهيا،

اُٿي عرشِ اعظم کي ڏاري ڇڏيوسين.

هي رنگِ چمن، عشق جو ڪرشمو آ،

هي اهلِ خرد کي سيکاري ڇڏيوسين.

مليو ڪوئي همدم، نه مونس سچو ڪو،

زماني سڄي کي پڪاري ڇڏيوسين.

ڏٺو مهر جي هڪ نظر ساڻ دلبر،

سڄو رنج ڪلفت وساري ڇڏيوسين.

ڪيوسون جڏهن ذڪرِ يارانِ محفل،

ڀريل انجمن کي رُئاري ڇڏيوسين.

ڪري نذر، ’آزاد‘، سر ساهه پنهنجو،

عروسِ وطن کي سنواري ڇڏيوسين.

موتي پرڪاش

*

جي سندءِ اختيار ٿي پوندي،

زندگي پائدار ٿي پوندي!

منهنجي اکين جو آب ڪِرندو، خاڪ ڀي آبدار ٿي پوندي،

آهي رخصت اوهان کي، اي يارو، ياد ئي غمگسار ٿي پوندي.

جنهن تي تنهنجا قدم هليا هوندا،پاڪ سا رهگذار ٿي پوندي.

هاءِ، هلڪي حيات، توکان سواءِ، بار ئي بار ٿي پوندي!

تو بنا، اي حسين، اي گلرُو، زندگي مئل خسار ٿي پوندي.

اهڙي انداز سان نظر نه کڻو، بد نظر جو شڪار ٿي پوندي!

آءٌ، موسم بهار آ، ايندين، دل اسان جي بهار ٿي پوندي.

 

نياز علي شاهه ’محسن‘

هر مصيبت به خوشيءَ ساڻ سَهي وينداسين.

پنهنجي مطلب جو مَڻيو نيٺ لهي وينداسين.

آهيون ڪهڙا به کڻي سُست ۽ ٽوٽي، ليڪن،

توسان هر حال ۾، اي دوست، وهي وينداسين.

فڪر ناهي، جي سڄي عمر نه گڏ گهاريوسين،

تنهنجي پاڙي ۾ ٻه ٽي ڏينهن رهي وينداسين.

ڪنهن کي منت ڇوڪريون،ڪاڻ ڪڍون ڇو ڪنهن جي،

پنهنجي مقصد لئه اسين پاڻ ڪَهي وينداسين.

مشڪلاتن کي ڏسي، پٺتي ڇو هٽجي، ’محسن‘،

مشڪلاتن کي سَهي نيٺ ٺهي وينداسين.

نعيم دريشاڻي

*

الائي ڪيو ذهن ۾ ڪنهن اُجالو،

الائي ڇو شمعون وساڻيون، اي سپرين!

زماني جو ئي پڻ وڃي رنگ بدلجي،

اگر روح جي تار تاڻيون، اي سپرين!

رهيو جي سلامت تصور اسان جو،

سدا پيا ڪنداسون رهاڻيون، اي سپرين!

مليو ان کي پيالو آ، جنهن هٿ ڊگهيريو،

دعائون به ڪنهن جون اگهاڻيون، اي سپرين؟

هوا تنهنجي وارن جي خوشبو لڳائِي،

ڀلا ڪنهن کي توڏانهن اماڻيون،اي سپرين؟

 

حافظ شاهه ’ناطق‘ حسيني

*

همدرديءَ انسان سندو انداز نه آهي،

دنياي دني تو ۾ ته ڪو راز نه آهي.

دنيا جو عجب رنگ ٿيو، ڇا چئي سگهجي،

انسان ئي انسان جو دمساز نه آهي.

دراصل آهي سعي و عمل باعثِ توقير،

هي چرخِ ڪُهَن ڪنهن سان به ناساز نه آهي.

ڇو منهن ٿو لڪائين ۽ رهين ڪُنج نشين ٿو،

اڄڪلهه جي حسينن ۾ ڪو انداز نه آهي.

جن باغ کي سينگاريو، سي مور مري ويا،

هنج آهه ڪٿي، ڪو به رهيو قاز نه آهي.

هِت هِنَ جي ڦُري هَڙَ،ته هُتي،هُنَ جو ويو سر،

هيهات، ڪٿي عدل جو در باز نه آهي!

’سرڌڙ کان ڪبوڌار‘ جو هوڪو ٿا هڻن، پر،

”هي سرمد و منصور جو آواز نه آهي.“

 

’امداد‘ حسيني

*

يار اچڻو هو، مگر آيو ڪٿي!

منهنجي راتين جو سحر آيو ڪٿي!

جيستائين نه ٿيو دل تي ستم،

منهنجي نغمن ۾ اثر آيو ڪٿي!

دل جي اکين سان ڏٺو، جنهن به ڏٺو،

ورنه هو ڪنهن کي نظر آيو ڪٿي!

چاهي رنجور رهان، چاهي خوش،

ڪو وٺڻ منهنجي خبر آيو ڪٿي!

منهنجي راتين جي وَڌي تاريڪي،

هاءِ، هو رشڪِ قمر آيو ڪٿي!

زندگي ساري سفر ۾ گذري،

منهنجي محبوب جو در آيو ڪٿي!

موت منهنجي جو ٻُڌي جڳ آيو،

هُو به اچڻو هو مگر آيو ڪٿي!

صبح آيو ته ويو گذري سگهو،

رات آئي، ته سحر آيو ڪٿي!

دلِ عاشق ٿي ملي ڪنهن ڪنهن کي،

حسن هر ڪنهن کي نظر آيو ڪٿي!

مُلڪ ساري کي هئي چڙ ڏاڍي، ليڪن ’امداد‘ نظر آيو ڪٿي!

 

علي بخش ’رضا‘

*

اکيون بيوس وڃي اڙيون، چڪيءَ جا سڀ ويا چارا،

کڻي تو نرگسي ٻئي نيڻ، ڪئي دل آهه دوپارا.

ڪري قابو سندم دل، پيچ پاتا پرت جا پياري،

وري واري تي پنهنجي ڏس ولهيءَ کي ڪيا وِرهه وارا.

امالڪ هي وڃي ڦاٿو بکايل مرغ داڻي تي،

ڪٺائون تيغِ ابرو سان وجهي تنهن کي ڳچيءَ ڳارا.

ڏسو صنعان جهڙو مرد ڪنهن پر عشق ڪيو ابتر،

بلاشڪ برهه جي بازي ڪري بيوس ٿي وس وارا.

لهج دلدار، دلبر يار، منهنجي سار جيئري تون،

پيس مان سام تنهنجي، تون اڇا توڙي رکين ڪارا.

ڏکن مون کي ڪيو بيسرت، سهڻا سار لهه سپرين،

خدا لڳ هي ڪهج ڪانگل، سنيهو مون پرينءَ پارا.

چئي ڏس شاهه مصريءَ واه،’رضا‘،مصرع مٺي آهي،

اکيون ازخود وڃي اڙيون، ڪري سامان سڪ وارا.

 

 

عبدالله ’خواب‘

*

ٿا وڃن سڀ حجاب جا پردا،

ذوقِ ڪامل جي ڪامياب آيو.

درسِ الفت کان مان رهيس محروم،

مڪتبِ عشق کان عتاب آيو.

جنهن کي ساقيءَ جو فيض ٿيو حاصل،

سو ئي محفل ۾ انتخاب آيو.

راهِ الفت جي ماڻي مون منزل،

عشق، اول ۾ منهنجي باب آيو.

عمرِ رفته جي ڪاروان کي ڏسي،

شوق منزل جو ياد باب آيو.

ڪبِر جو سجدو ۽ ريا جو رڪوع،

ڇا امامت جو انتخاب آيو!

عاجزيءَ جي اڄوڪي مجلس ۾،

ڪبِر وارو نظر رباب آيو.

اهڙي ماحول کان معاذالله،

جنهن کان انسان تي عذاب آيو.

وقت ماحول کان بدلجي ويو،

ذهنِ انسان ۾ انقلاب آيو.

عشق جي پُر بهار واديءَ ۾،

حسن کي پُرخُمار ’خواب‘ آيو.

 

غلام محمد ’گرامي‘

*

آهي ڪٿ اهلِ نظر، ذوقِ نظر، حسنِ نظر،

جو ڪري شعبده حسنِ گريزان تي نظر!

آهي ڪعبي ۽ ڪليسا ڏي يڪي راهگذر،

تو ۾، اي هلِ نظر، خام ٿيو اندازِ نظر،

پُر خطر آهه سفر، ظلمتون ڇانيون، ڇا ٿيو؟

نيٺ منزل تي رسِي ٿي وڃي بيدار نظر.

تنهنجي هر نيم نظر، ٿي ڪري دل روشن تر،

ڪٿي محروم نظر؟ هي ڏسي اندازِ نظر!

خامشي اهلِ نظر ساڻ ٿي خود حسنِ ڪلام،

گفتگو اهلِ نظر جي اڳيان، بينُور نظر.

کڻ قدم سوچي ۽ سمجهي، اي خداوندِ خيال،

ايندو هر نڪتہء موهوم بَاندازِ نظر.

حيف، آدم ٿي ويو حلقہء پندار ۾ گم،

آهي هر نيڪ پَترَ ۽ ٿيو بهتر بي نظر!

 

قطعا

 

شيخ ’اياز‘

 

اسان لاءِ سيد ته ڪا شي نه آهه

اسان لاءِ شاعر وڏي بات آهه:

وسامي نه سگهندو انهيءَ جو ڏيئو،

مڃان ٿو انهيءَ وٽ اها ڏات آهه:

مليو آهه هو ميڪدي ۾ سدا،

مڃان ٿو ته پيرِ خرابات آهه:

پياريو اسان کي به حسنِ ازل،

برهه جي اسان تي به برسات آهه.

پنهونءَ لئه پريشان آهي ڪڏهن،

ڪڏهن ڏس ته ڪو نئروءَ ڪيومات آهه:

اسان جي به ساڳي وفا ۽ جفا،

اسان جي به ساڳي حڪايات آهه.

ڏٺي ناهه ڪنهن بيت جي دلبري،

سڄيءَ سنڌ کي فڪرِ آيات آهه:

نه شاعر نه انسان هئي، اي ’اياز‘

’ڀٽائي‘ فقط ذات ئي ذات آهه!

 ميوو خان ’موج‘

بديءَ، نيڪيءَ جو آهي ويس پاتو،

۽ نيڪيءَ کي مليون اڳڙيون بديءَ جون:

ويو رنگ آهه دنيا جو بدلجي،

اهي چالون آهن چوڏهين صديءَ جون.

جي بدصحبت ۾ ڪوئي نيڪ ڦاٿو،

ته نيڪيءَ کي ڇڏي بدڪار ٿيندو:

گڏي ڪاري سان جي ڪمري کي ڇڏيو،

مٽيندو جي نه رنگ عادت مٽيندو.

بديءَ کي بد نه بد ڪردار ڄاڻي،

برائيءَ مان ڪري محسوس لذت،

نه ڪو نيڪيءَ طرف نيڪار جو رخ،

نه بدڪاريءَ تي ان کي ٿئي ندامت.

وڃي زائل ٿيو لذت بديءَ جي،

سندس ليڪن سزا قائم رهي ٿي؛

ٿئي تڪليف ٿي نيڪيءَ ۾ بيشڪ،

مگر ان جي جزا دائم رهي ٿي.

 رباعيون

 

ڊاڪٽر سدارنگاڻي’خادم‘

 

(1)

هِي شعر چيم يارن جي محفل ۾،

هُو دنيا جي پِٽ ڪُٽ يا کِل کِل ۾؛

ڪاتب! نه اُتاريئه ڇا سارو نُسخو؟

سي شعر ڪٿي، چيم جي ويهي دل ۾!

(2)

ڪيئن دل ۾ محبّت کي لڪائي سگهبو؟

مکڙيءَ ۾ سڳنڌ کي ڇپائي سگهبو؟

ڇا دل جي لڳِي، ۽ ڇا نصيحت جو اثر!

ڌاڳي سان ڀنڀٽ کي وِسائي سگهبو؟

(3)

اڄ عطرَ ڪيو غنچي جي دل مان فرياد؛

ڇا پنکڙين جي قيد ۾ ٿيندس برباد؟

پرڀات ٿِي، ۽ باد بهاري به گهُلي،

ڪڏهين نڪري ٻاهر، ڦِرندس آزاد؟

(4)

انسان جي لئه آهه نهايت دشوار،

پائي هو سگهي هستيءَ جو ڪو اسرار؛

شڪ ناهه هميشه ئي تري پاڻيءَ ۾،

ڄاڻِي ئِي سگهي مَڇي ته ڇاهي زخئار!

 

غلام علي ’سوز‘

(1)

ساقي نه رهيو، جام، نه سو ميخانو،

بلبل، نه رهيو گل، آ فقط ويرانو،

باقي نه رهيو شوخ ادا مَہ روُ ڪو،

’خَيّام‘، سبق ڏي ڪو وري رندانو!

(2)

آ رات سهائي، ڏي ڀري ساغر ڪو،

غم دور ٿين، روح رچي دم ڀر ڪو:

ٿو ڪير جيئي ڪاڻ سڀاڻي هِتڙي؟

ڏي جلد، اچانڪ نه مچي محشر ڪو!

(3)

دنيا ۾ وفا جو نه ڪٿي قدر رهيو،

هردم آ وفادارَ ستم هِت سهيو،

پر مان ته طريقو نه ٻيو ڄاڻان ٿو،

ڪاتب ڪو اِئين ليک ازل کان لکيو.

(4)

زاهد ٿو چوي، پاڪ نه آ باده هِي،

پر روح بنائي ٿو گهڻو تازه هي:

ڀر جام، غزل ڳاءِ، اُٿي، دلبر، تون،

ڇا ڄاڻي گناهن کي دِلم ساده هي! 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com