سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1961ع

 

صفحو :3

سُگهڙ، ٻيڙو ڪنڀر

]سينگار[

 

اَٺاويهه ئي اُوجر، جڏهن جانب پهريان جان تي،

طرحين پوءِ تجلا ٿيا، جان رجل کنيا رهبر،

قمر سِڄ ٻئي ڪول، پرينءَ ساڻ پڌر،

ڏِسي لوڏ لالڻ جي، ڪُنجل ڪنبايا ڪيهر،

سَرَوَ سُوڌائِي ڏِسي، پيا سجدي منجهه سَجر،

پوٽَ نه پاڙيان پرين سين، جيڪا واڻن وجهيِ وَر،

لالِي تِنهن جي ليم ٿِي، ڦِڪي ڪيئي ڦوڳر،

اڃا اِنهان اڳرا هئا، جامي تي جِنهنوَر،

سوجهيان ڪهڙا سَر، ٻيو ڪونهي مَٽ ’ڪنڀار‘ چئي.

ڪوري لاٿئين ڪاڻ، جڏهن محب اکيون مان ڏي کنيون،

ڪجل ري ڪاريون گهڻيون، ڪُنڊيون ريءَ ڪَماڻ،

ڳاڙهي ڳُوڙهائي ڏسي، ڪئي داءُ ڦِٽي دُهراڻ،

سِڻيءَ کان سهڻيون گهڻو مَڃٺ ميندي ماڻ،

موتين جي مالها جُڙي، دَڇن جي داڻ،

مَنَ ريِجهِي ڪن رِهاڻ، ٻيهر ڪا ’ٻيڙو‘ چوي.

 

ڇو ڇو تون ڇا لاءِ، ٿو ڇنڻ جا ڇيهه ڪرين،

تون سوڳڻ آهين سُپرين، آءٌ اوگڻ ۾ اَوَلاءِ،

ڪانَ قهري جي کنيئِي، مزگان جا مو لاءِ،

مون به سينو کڻي سپر ڪيو، سر تَري تولاءِ،

جيڪي وڻنئِي واهه وجود ۾، هڪ لڳي ٻيو لاءِ،

در تنهنجي تي دلبرا، پيا هلن گنج پرين گولاءِ،

مون مُئي مڙئي خير آهه، ٿو ٻاڻ ڀرين ٻئي لاءِ،

سو به سُورهيه ڪو سهندو ٻيو، جوڙ ڪرين جنهن لاءِ،

مون ڀانيو سڄڻ سوکو گهڻو، پر ٿو جيرو جگر جلاءِ،

پر ٻيو ٻُنبو ناهه ڪو، ’ڪنڀر‘ وڃي ڪنهن لاءِ،

’ٻيڙي‘ سان ٻولاءِ، رُسڻ جون ريتون ڇڏي.

 

دوها

’ذوالفقار‘ راشدي

 

سانوڻ آيو، ٿي گلزاري، دل جا آءُ ڌڻي،

مند ويندي پو پنهنجي پرن تي ساري سونهن کڻي.

ننڍڙن ڪچڙن سلڙن وانگي، ڌرتيءَ ڄايا نينهن،

هوريان هوريان وسجان هاڻي، او ساوڻ جا مينهن.

ورهين جو آ نالو تن وٽ، شايد اڄ سڀاڻي،

يار، اسان کي ماري وڌو آ محبوبن جي ماڻي.

تنهنجي دل جي ديري اندر، منهنجي آهي جاءِ،

پوءِ کڻي تون مون سان، مٺڙا، سؤڀيرا نه آلاءِ.

پاڻ مُڙيو آن، سهڻا، يا ڪنهن ماڻهوءَ توکي موڙيو،

سچ چئه سائين، سچ چئه سائين، ڳڻتين آهي نهوڙيو.

تنهنجي دل آ ڏاڍي، يا ڪنهن ڏاڍَ ڪيو آن ڏور،

ڪير آهي، جنهن توکي، مٺڙا، ايڏو ڪيو مجبور؟

هيڏا سارا سور سٺا مون، جيڪي تنهنجي لاءِ،

تن جي عيوض چاهيان ٿو ٻن لفظن جي دلجاءِ.

 

منهنجي دل ۾ طوفان آيا، منهنجي من ۾ ڇوليون،

اوندهه ۽ انڌاري اندر، پنهنجو پاڻ کي ڳوليون.

درد نه اهڙو ڏينم، سڄڻ، جو ساري رات رئاري،

جيڪو دل ۾ انڌاريون ۽ اوٿر روز اٿاري.

ڳولي ڦولي، سڏجان کولي، پنهنجي دل جا طاق،

اٿلي پٿلي پڙهجان، پيارا، اندر جا اوراق.

هت اِندر جي آکاڙي جو مسجد جيڏو مان،

تاج-محل لئه جهُوپيون ساڙي، مرڪي شاهه جهان.

ٽم-ٽم تارا جرڪن، ڄرڪن، راتين جا رولاڪ،

ساري جڳ ۾ سونهن سندن جي هيڪاندي آ هاڪ.

سکيا ستابا تنهنجا نائب، شاهي شاهه زمان،

هاءِ، الا، مان تنهنجي جڳ جو سور سٽيو انسان!

رات پئي رابيل- گلن تي، ڏاڍي ٿڌڙي ماڪ،

موتين جهڙا ڦڙا چٽي ويا، لمحن ۾ هيراڪ.

ڪاريون راتيون رڻ ۾ گهاري، جوڳين دونهن دکايا

عشق الانڀا، دونهان دردي، عنبر عود جلايا.

راتين جو مون ’راڻو‘ ڳايو، راڻين ڪاڻ رڙي،

پيار منجهاران پير ڀري، ڪا آئي ڪين لڙي.

سندر آهه سدائين، سائين، جهانگيئڙن جي جُوءِ،

پن-پن ۾ ۽ وک-وک آهي مينديءَ جهڙي بوءِ.

گوگائي گرنار ۾ ٻيجل آيو ڄڻ ٻيهار،

ٻيهر سر صدقو ٿيندا ۽ مچندي هاهاڪار.

موپن ڏي ڏسي ٿي سونهن جي سانئڻ، مشڪيو ۽ مرڪيو،

مان به انهيءَ جي مرڪ جو شربت شوق منجهان سرڪيو.

 

 

عبدالجبار’شام‘

آءٌ سمجهان ٿي مون برهڻ جي اڱڻ هلي تون ايندين،

چارين جي چغلين تي پيارا، مون کي ڪين ڇڏيندين.

تو بِن مِٺڙا من نا پرچي، من کي ڪيئن پرچايان،

مٺڙا مٺڙا ٻيا به ته آهن، پر هرجائِي ناهيان.

عرش ۽ فرش جي وچ ۾ ساجن، اهڙو محل اڏايون،

هن ڪثرت ۾ ڪهڙو ويهي پنهنجو پاڻ پڏايون.

سرتيون، مون کي ساجن پنهنجو ڏيئي ويو رومال،

هاڻ ته ان سان هر هر دل جو اوريان ٿي احوال.

سوز گهڻي ۽ سِڪ سان ساجن ’گُن ڪلي‘ سيکاري،

آءُ، سَکي، پوءِ ڳائي سڻايان راڳڻي پياري پياري.

باب برهه جي مون کي، سرتيون، ٽي ڏنا بس ٽول،

ماٺ ملي، ٻيو شعر مليو، ٽيو راڳ ’ايمن‘ انمول.

ڪير به ڪنهن جو نوڪر ناهي، ڪير نه ڪنهن جو واهي،

هوڪو هاڻي هوش ڪري، نه ته ٿيندس حال توائي.

سَکِي ڙي، پنهنجو پاڻ سنڀالي ڏي ويهي لال کي لولي،

جڳ جي جوت تي هرکي، مٺڙي، ڪر نه ٻاتاڙي ٻولي.

 

ڪافيون

 

مخدوم محمد زمان ’طالب الموليٰ‘

*

چِت ۾ چورَ پچورَ، پرديسي پرين جي!

لائي عشق اندر ۾، قهري ڪوران ڪور، پرديسي.....

چڙهيا بادل بِرهه جا، جهُڙ ڦُڙلائي جهڪور، پرديسي.....

سورن دردن دل کي، ڀڃي ڪيڙو ڀور، پرديسي.....

حبيبن جي حب جا، هنيڙي انر هور، پرديسي.....

اول آخر منهنجي، آهي آرياڻي ته اَجهور، پرديسي.....

تيئين آهيان تن تي،چنڊ تي جيئن چڪور، پرديسي.....

’طالب المولا‘مست ڪيو، محبت تنهنجيءَ مور، پرديسي.....

 

ميران محمد شاهه ’مير‘

*

برهه ڪيس بدنام، عشق ڏنم آلام،

لوڪ لڄايم، روئي روئي!

ڏوهه ڏکيءَ جو ٿيڙو ڪهڙو، ڪانُ ڪشي جو هوتن هنيڙو

آيا انگ اجسام-ميان، نُور نِچايم روئي روئي.

پيچ پنهل سان مون آ پاتو، هوم ازل کان نينهن جو ناتو،

نانءُ نيشان نيلام—ميان، قرب ڪسايم روئي روئي.

سرتين مون کي سو سمجهايو، لنؤن ته لالن سان مور نه لايو،

قرب ڪيس قتلام- ميان، پرت پرايم روئي روئي.

’مير‘ جو منڙو محب مروٽي، گهور ئي هڪڙيءَ وڌڙس گهوٽي،

سرور جي پيس سام—ميان، ڳل ڳٽ پايم روئي روئي.

 

محمد خان ’غني‘

*

نه ساعت سري تن، جي سهڻي سنڀاريون،

نه پر ڪنهن به پرچن، جي دلبر ڌتاريون!

 

ويهڻ وِهه اُنهن کي سمهڻ سور سختي،

هليون هوت ڏانهن سڀ ڇڏي هوڏ هستي،

پِريَن ڏيئي پارانڀا جي پريان پڪاريون.

 

سنجهي سور چرندي متيون جي سنڀاري،

پِريَن کي پڪاري هنجون جام هاري،

ته آڌيءَ اچي عشق سي ئي اُٿاريون.

 

وساري ويهڻ جون نه ڪر جاڙ جاٽون،

وٺي جي ورين وَرَ آهي تنهنجون واٽون،

نماڻيءَ کڻي نيڻ نئين سج نهاريون.

 

اڳيان آهه اوڙاهه، آءٌ اڪيلي،

ٻڌي منهنجي ٻاڪار، ٿي ٻانهن ٻيلي،

ٻڏيون ٻار ۾، تو منجهان تار تاريون.

 

مدايون مَڻين، عيب جن ۾ اپارا،

سوا تنهنجي سر تان لٿا سڀ سهارا،

اچي عشق تنهنجي اُهي ئي اُجاريون.

 

مرڻ ناهي مشڪل، جيئڻ ناهي آسان،

وڃن سي ئي ويلون پيارا پريشان،

’غنيءَ‘ سان ويهي جي گهڙيون يار گهاريون.

 

’معمور‘ يوسفاڻي

*

نينهن سڄڻ جي ڪيو نهال، وسري ويا ويچارا سمورا!

هجر حبيبن جو ٿو ماري، ڳاراڻي ۾ ڳاريو ڳاري،

ساعت سڄڻ ريءَ ٿي سال، دَمَ ڪيئن گذرن ڌار سمورا،

پٺ ته حبيبن جي مان وينديس، دوستن ريءَ هڪ دم نه جٽينديس،

جيڏيون مون لئه ٿيا جنجال، پِريَن ريءَ ٻيا پار سمورا.

برهه جا مون تي ڀال لکين ٿيا، وسري مال منال لکين ويا،

ويئي خوشي ٿي خواب خيال، سُور ٿيا سينگار سمورا.

عشق لڳي’معمور‘ويو سو کو، هاڻي نباهڻ ٿي پيو اوکو،

ڪهڙي ڪريان مان قيل مقال، برسر آهن بار سمورا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com