نياز
علي شاهه ’محسن‘
*
مون تي ڪريو ڪر ترس، او، جانب جو ڏيو ڏس، ڙي اديون!
ڏورڻ آيس پنهنجي پنهل لئه، گوندر وارو گس،
او، ڪونهي منهنجي وس، ڙي اديون...
ڪنگڻ، ڪڙيون، بولو، بينسرَ، کُهه پيو، کڏ پيو هس،
او، کائڻ آيم ڪَس، ڙي اديون...
پل به پري ٿيا ڪينڪي مون کان، آهي ڏکن کي جس،
او، ويچارن ڪيو وس، ڙي اديون...
’محسن‘ ڪاهي ڪيچ وڃان ٿي، سِڪڙي آهي سرس،
او ڏير جتي، ۽ سس، ڙي اديون...
احمد خان ’آصف‘
*
ڏونگرَ ڏوُر مَ ڏور، تنهنجي ڪَڇَ ۾ آهي ڪوهياريو.
’ونحن اقرب‘ آيت آئِي، سوچي سمجهي پڙهه سِٽ سائي،
ڳالهه اِها تَڪ، تور تنهنجي ڪڇ ۾ آهي ڪوهيارو.
’اذ ڪر ڪُم‘ جو آهه اشارو، ياد سدا ڪر پنهل پيارو،
چُستيءَ سان چپ چور تنهنجي ڪڇ ۾ آهي ڪوهيارو.
صاف سدا رک سالم سينو، اندرُ بنائي ڇڏ آئينو،
ڪينو ڪلفت ڪور—تنهنجي ڪڇ ۾ آهي ڪوهيارو!
’آصف‘ سڪ ۾ رهه سوڀارو، آريءَ سان رک دل جو آرو،
پاڻ پنهل تان گهور—تنهنجي ڪڇ ۾ آهي ڪوهيارو...
علي بخش ’رضا‘
*
ڪَلَ نه پيڙم ڪيچين جي، الا، هوت پنهون ڪنهن ويلي وٺي ويا!
وينديس، رهِي هت آءٌ ڇا ڪريان،
ٿينديس گولي جتن جي، الا،
جيئري جي مون سان جاڙ ڪري ويا.
جَتن ڌاران ڪيئن وران،
جهڙي تهڙي آهيان تن جي، الا،
ڏورڻ مون کي پنڌ اهي پيا.
جبل تڏهن ٿو جاڙون ڪرين، ميان،
جڏهن ميار مٺن جي، الا،
ڪيچي مئيءَ سان قهر ڪري ويا.
راتيان ڏينهان آءٌ رڙان ٿي،
لنئون ته لڳي ٿم لالن جي، الا،
’رضا‘ کي رڙندي سال لنگهي ويا.
وايون
نياز علي شاهه ’محسن‘
مون وٽ سهڻل اچ اچ، نت اچ، هيئن نه وساري ويهه تون!
غيرن جي تون ڄار کان، بچ، او سائين بچ...
گهُرجي تنهنجو پيار ٿو، ڪونه کپي ٻيو ڳچ...
من ۾ آهه مچائيو، تنهنجي محبت مچ...
بختاور بيشڪ ٿئين، سرس سوايو سچ...
’محسن‘، پنهنجي يار تي، پرواني جان پچ...
احمد خان ’آصف‘
*
ڏونگر ڏي ڪو ڏس، ڪهڙو گس ويندو ڪيچيڙين ڏي!
ور ريءَ ويسَ نه پائيان، لاٿم هارُ ۽ هَس....
آڌيءَ اُسريا اوٺيا، آهه جتن کي جسُ....
ڪَرهن کي نه ڪچو چوان، چانگن سان ٿم چس....
ڏمر ڏيرن ڇو ڪيو، ڪهڙو ڀانيئون ڪس....
پنهل جي پاڙي رَسي، پسان سهرو سَس....
’آصف‘ هن اٻوجهه کي، رهبر رڻ ۾ رس....
گيت
گوورڌن ڀارتي
نرت گيت
پوک پڪي آ،
جهار مڙي آ،
پختو رهجانءِ پيارا،
هو ڙي، پيهي وارا!
هوشيار... هو... هوشيار...
گهن نن ڇن ڇن، گهن نن ڇنن، آيون گهور گهٽائون،
ڪَرَ موڙي، اَکڙيون مهٽي، جاڳيون تنهنجون آشائون:
ساون سلڙن پائي جهاتي،
سينگاري ڌرتيءَ جي ڇاتي!
واڄٽ ٿيا وسڪارا...
واڄٽ ٿيا وسڪارا، پوءِ پکڙي ويا بادل ڪارا:
هو ڙي، پيهي وارا!
هوشيار... هو... هوشيار...
سرسر- سرسر، سرسر- سرسر، آيون سرد هوائون،
پاري جهڙي پاڻيءَ ۾ تو ٻوڙيون پنهنجون ٻانهون:
گرمي آئي، سردي آئي،
پر توکي بس تات اها ئي!
ڀرجن سڀ ڀنڊارا...
ڀرجن سڀ ڀنڊارا، جڳ جا ڀرجن سڀ ڀنڊارا:
هو ڙي، پيهي وارا!
هوشيار... هو... هوشيار...
جهُولِي جهُولِي جهُولِي، ٿيندا سنگ سمورا سونا،
هاري ناري، کيت ڏسي، ٿيندا خوش ۽ بي اونا:
مڙس مڙي ايندا متوارا،
آڻيندا ڏاٽا ۽ کارا!
کيتن ۾ لابارا...
کيتن ۾ لابارا پوندا، کيتن ۾ لابارا:
هو ڙي، پيهي وارا!
هوشيار... هو... هوشيار...
ارجن ’حاسد‘
اڄ مون کي منهنجو پيار مليو-
هي سونهن ڀريو سنسار مليو!
هر ڪَلي آ منهنجي محبوبا، هر گل ۾ مون لئه خوشبو آ
گلشن ۾ هوا جي ترنم تي مون لئه ئي بلبل جا نغما:
منهنجن ئي شرابي نظرن لئه،
غنچن کي آهه خمار مليو!
اڄ مون کي منهنجو پيار مليو!
ڏس،صبح جي چنچل نينگرمون سان مشڪ مٺيءَسان ناز ڪري
۽ رات جي راڻي انگ انگ ۾ ٿي مٺڙو مٺڙو درد ڀري:
مون کي ئي لُڀائڻ لئه جنهن کي،
چنڊ تارن جو سينگار مليو!
اڄ مون کي منهنجو پيار مليو!
کيتن ۾ جوانيون، پيهن تي، ڇا مست ٿي جهومن ڳائن ٿيون!
منهنجي ئي اشاري تي مرڪي، ڪئن سَنگن جيان لهرائن ٿيون!
دُپٽا ڦڙڪن، ڇاتيون ڌڙڪن،
ڄڻ جنت جو ديدار مليو!
اڄ مون کي منهنجو پيار ليو!
هن مزدورن جي بستيءَ ۾ سڀ مون کي ڏسڻ سان مشڪن ٿا،
هي انگ اُگهاڙا ٻار ڏسو، ڄڻ مکڙين وانگر مهڪن ٿا:
ناليون هي گنديون، ڪَن باغيچا،
ڇا ٻهه ٻهه آ گلزار مليو!
اڄ مون کي منهنجو پيار مليو!
دنيا ٿي مون کي پيار ڪري، دنيا کي مان ٿو پيار ڪريان،
سڀ مون تان دل وارن ٿا، مان ٿو سڀ تان جان نثار ڪريان:
سڀڪنهن کي پنهنجو سمجهڻ جو،
اڄ مون کي آ اڌڪار مليو!
اڄ مون کي منهنجو پيار مليو! |