غزل
هاڻي اسين امير خسرو جا ديوان کڻون ٿا، جن ۾ غزل درج اٿس. هتي
اسان کي معلوم ٿيندو ته امير خسرو جي حقيقي
شاعراڻي ڏات غزل سرائيءَ جي آهي، ۽ نه قصه گوئيءَ
۽ واقعي نگاريءَ لاءِ. غزلن ۾ امير پنهنجي بهترين
۽ صحيح رنگ ۾ ظاهر ٿئي ٿو. چيو ويو آهي ته غزل جو
بنياد شيخ سعديءَ وڌو؛ ڇو ته هو هڪ وڏو سياح هو، ۽
سفرن ۽ گشتن ۾ هر قسم ۽ هر رنگ جي انساني جذبي کان
واقف ٿيو. امير خسرو غزل ۾ شيخ سعديءَ جو تتبع ڪيو
آهي، ۽ مثنويءَ ۾ نظاميءَ جو- پر غزل ۾ غلامانه
تقليد ڪانه ڪئي اٿس.
غزلن ۾ ڪي خاميون برابر آهن. اول ته غزلن جو اندازو جڳائيندڙ
حد کان وڌيڪ آهي. غزل تيز رفتاريءَ ۽ بيخياليءَ
سان چيا اٿس؛ گهڻا تڻا ته اهڙا آهن، جي هڙ ڪوسيءَ
ڪرڻ لاءِ چيا اٿس، ۽ نه ڪنهن دلي جذبي کان. پر،
تڏهين به ، غزلن جي انهيءَ بي لطف ڍير ۾ موتين جا
ڪي داڻا چلڪندا نظر ايندا. اِهي اُهي شاعر جا غزل
آهن، جي جذبي ۾ بيساخته دل مان نڪتا آهن، ۽ اهي ئي
صحيح معنيٰ ۾ هن شاعر جا غزل آهن. ڪهڙو نه چڱو ٿئي
ها جو خسرو ڪوڏيون ڦٽيون ڪري ڇڏي ها، ۽ موتي چونڊي
ڌار ڪري ها.
ڪيترن شاعرن غزل سرائيءَ ۾ خسروءَ سان برابري بيشڪ ڪئي آهي، پر
ڪنهن به کانئس گوءِ ڪانه کنئي. سبب هي آهي ته
اعليٰ درجي جي غزلي ڪلام چوڻ لاءِ شاعر ۾ ٻن وصفن
جو هجڻ لازمي آهي: هڪ ته شاعر جي دل زنده هجي ۽
احساس رکندڙ هجي، ۽ ٻيو ته کيس صحيح موسيقي يا راڳ
جي پوري پوري پروڙ ۽ پرک هجي. اهي ٻئي وصفون
خسروءَ ۾ موجود هيون. صنف نازڪ جو واقف هو، ۽ سندس
حُسن جيڪو جوش جاڳائي ٿو. تنهن جو تجربو هوس. غزل
جو روح آهي عشق. خسرو عاش هو، ۽ عشق جي بيتابين
کان واقف هو. عاشقن کي جيڪي باري بار مٿي تي کڻڻا
پوندا آهن، تن جي سڌ هيس. ائين سمجهڻ نه گهرجي ته
امير جا احساس ۽ جذبا زناني حسن تائين محدود هئا.
سندس احساسن ۽ جذبن جو دائرو وسيع هو. ابتدا ۾ هڪ
نوجوان سورهيه عاشق هو؛ پر سندس احساسن جي دنيا
وسيع ٿيندي ويئي، تان جو هلندي هلندي پڇاڙيءَ ۾ هڪ
پڪو صوفي وڃي بڻيو.
منجهس جو راڳ جو جوهر هو، تنهن بابت هيترو چوڻ ڪافي ٿيندو ته
سندس غزلن ۾ اهو سرود، ميٺاج ۽ سُريلي رواني آهي،
جا ’حافظ‘ جي غزلن ۾ آهي. وزن ۽ سُر اهڙو ته
موهيندڙ آهي، جو شعرن ۾ ڪا معنيٰ ۽ مطلب نه به کڻي
هجي، تڏهين به راڳ ۽ سرود جي ڪري هميشه زنده
رهندا.
قصيدا
مثنويءَ ۾ خسرو نظاميءَ جو تتبع ڪيو، غزل ۾ شيخ سعديءَ جي نقش
تي هلي کانئس اڳتي وڌيو، پر قصيدن ۾ ڪنهن هڪ خاص
شاعر جو پوئلڳ نه بڻيو آهي. ڪٿي’خاقانيءَ‘ جو ته
ڪٿي’انوريءَ‘ ۽ ڪٿي وري ’ڪمال اسماعيل‘ جو قالب ۽
ڍنگ اختيار ڪيو اٿس. مخلص ۽ تشبيب کان سواءِ قصيدي
جو مدح وارو ڀاڱو ڦڪو ۽ بيمزي نظر ايندو؛ ڇو ته
واکاڻ ڪرڻ جو دلؤن شوق ڪو نه هوس. قصيدا دل مان
نڪتل ڪين آهن، پر تنگدستيءَ سببان، لاچار ٿي چيل
آهن. اهو ئي سبب آهي جو قصيدن ۾ ٻيا مضمون آندا
اٿس-جهڙوڪ بهار جي موسم، سانوڻ جي مند، صبح شام جا
نظارا، وغيره. ڪي قصيدا اخلاقي نُڪتن سان ڀريل
آهن. جيڪڏهن مخلص جي اعتبار کان ڏسبو ته معلوم
ٿيندو ته ڪو به همعصر خسرو جي جتيءَ ۾ پير پائي
ڪين سگهيو آهي. مثال طور، برسات جي ذڪر بعد ڏسو ته
ڇا ٿو چوي:
برآمد دربخشش وگر زان پايہ در غلطد،
نگيرد هيچ ڪس دستش مگر شاه جهان گيرد.
ازان سواءِ، خسرو قصيدي ۾ ڪيترائي نوان خيال، محاورا، ۽ تشبيهون
ايجاد ڪيون آهن.
خسرو جو نثر
شعر ڄڻ خسرو جي مادري زبان هو. بر خلاف ان جي، نثر طبع تي زور
وجهي لکيو اٿس. بهتر ته ائين هو ته اهو ڪم ڪنهن
رواجي دماغ واري لاءِ ڇڏي ها. اسان تائين نثر ۾
جيڪي تصنيفون پهتيون آهن، سي آهن ”اعجاز خسروي“ ۽
”خزائن الفتوح“، ۽ سندس ديوانن جا مقدما.
”اعجاز خسروي“ لفظي صنعتن تي هڪ پٽاڙي تصنيف آهي، جا پنجن جلدن
۾ لکيل آهي. ڪامورن يا آفيسرن کي ڪيل عرض ناما
منجهس درج آهن. عرض ناما فقط حروف علت- يعني و، ا،
ي- ۾ لکيل آهن. عجب هي آهي ته سڄي کان کٻي پڙهو ته
پارسي، ۽ کٻي کان سڄي وري عربي!
”خزائن الفتوح“ سلطان علاؤالدين جي جنگي ڪارنامن جي تاريخ آهي.
مصنف جي روشن ظرافت ۽ سندس تخيل منجهس پيا بکن، پر
طرز يا ڍنگ بلڪل مصنوعي آهي؛ تشبيهون ۽ استعارا
چهر ۽ سواد کان خالي، ۽ خيال بي ربط. خسرو جي شعر
۾ بهترين نثر جون خوبيون موجود آهن. پر سندس نثر ۾
خراب ۾ خراب نظم جون خاميون نظر اينديون. ڦڪي ۽
بيمزي هئڻ سبب، سندس نثر پڙهندڙ کي ڪڪ ڪريو وجهي.
سٺو نثر اهو آهي جنهن جي زبان سليس هجي، ۽ جنهن ۾
مطلب سڌيءَ طرح بيان ڪيل هجي. اهڙو نثر اثرائتو
ٿيندو آهي. خسرو جي غلطي هيءَ آهي ته چپي چپي تي
نت نئين کيڏ ۽ چال سان پڙهندڙ کي عجب ۾ وجهڻ جي
ڪوشش ڪري ٿو، عجيب غريب خيال پيش ڪري ٿو، ۽ اهڙا
استعارا ۽ تشبيهون آڻي ٿو جي ڇرڪ وجهيو ڇڏين ۽ تنگ
ڪريو وجهن. غرض هوس ته پڙهندڙن جي دل تي ڌاڪو
ڄمايان؛ ۽ ان ۾ ڪو شڪ ڪونه آهي ته همعصرن جي دلين
تي اهڙي اثر ويهارڻ ۾ ڪامياب ٿيو.
ٻه خصوصيتون.
مٿي ڏيکاريو ويو آهي ته خسرو هر فن مولا هو. هاڻي سندس باري ۾
ٻن حقيقتن جو ذڪر ڪنداسين.
هڪ ته خسرو خاص خاص شين تي چيو آهي. مثال طور”قِران السعدين“ ۾
ڪاغذ، مس، مَٽ، پيالو ۽ گل- انهن موضوعن تي شعر
چيل آهي. عام طرح اهو الزام هنيو ويندو آهي ته
مشرق وارن جي ڪلام ۾ اهڙي قسم جي شين تي شعر ڪو نه
چيل آهي. خسرو انهي الزام جي ترديد ڪئي آهي.
ٻي حقيقت هيءَ آهي ته تشبيهون ڪلام جي سونهن ۽ سينگار آهن. خسرو
جي وقت متقدمين جي انڌي تقليد ڪئي ويندي هئي، ۽
شاعرن جو اهو متو هو ته فقط اهي تشبيهون ۽ استعارا
ڪم آڻجن، جي اڳين آندا آهن؛ ان ڪري نيون تشبيهون
ايجاد ڪيون. هن ڏس ۾ ڀرج ڀاشا تان ڪافي مدد مليس.
”عزت الڪمال“ ۾ خود چيو اٿس. ”تشبيهات تو بسيار
سات. ابن مجمل جمله را تحمل نتواند ڪرد، اما دوسہ
نظير براي ياد ڪردن گرد شده. “
مثنويءَ جي خدمت.
(1) مثنويءَ جا ٻه وڌيڪ بحر ايجاد ڪري، نظاميءَ بحرن جو تعداد
پنجن کي پهچايو؛ خسرو چار بحر وڌيڪ ايجاد ڪيا، ۽
جملي تعداد نون کي پهچايو.
(2) نظاميءَ جي وقت تائين سرخي ساديءَ زبان ۾ لکي ويندي هئي؛
خسرو دلڪش زبان ۾ سرخي لکڻ جي رسم جو بنياد وڌو.
(3) خسرو کان اڳ جي شاعرن تاريخي واقعن ۽ قصن کي شعر جو موضوع
بڻايو. فردوسيءَ جو ”شاهنامو“ ۽ ”يوسف- زليخا“، ۽
نظاميءَ جي ”سڪندر نامو“ انهيءَ قسم جا آهن. اهڙي
شعر ۾ صحيح تاريخ کي شاعراڻي تخليل ۽ لفظي صنعتن
جي تابع بنايو ويو آهي، ۽ ان ڪري تاريخي لحاظ کان
اهڙي شعر جي قيمت ڪِريل آهي. پر خسرو تاريخ سان
ڪابه هٿ چراند نه ڪئي آهي. بعضي مثنويون-جهڙوڪ
”دولراني خضر خان“، ”تغلق نامه“، ”نہ سپهر“ ۽
”قِران السعدين“- اهڙيون آهن، جن مان وقت جي صحيح
تاريخ معلوم ڪري سگهجي ٿي.
(4) خسرو جي مثنوي سليس آهي، ۽ نظاميءَ جي مثنويءَ جيان تشريح
ڪانه ٿي گهري.
(5) خسرو ڪڏهن به شعر کي مذهب تي مقدم نه رکيو آهي. نظاميءَ
جهڙي هستي به هن الزام کان بري نه آهي، ڇو ته ”هفت
پيڪر“ ۾ شعر خاطر مذهب کي نظر انداز ڪيو ويو آهي.
خسرو تي اهو الزام ڪٿي به آڻي نٿو سگهي.
الغرض، خسرو پنهنجي شخصيت، پنهنجي ڏات ۽ ذاتي جوهر، ۽ پنهنجي
گوناگون شعر جي لحاظ کان انهن هستين مان آهي، جن
تي هند ۽ پاڪستان وارا فخر ڪري سگهن ٿا.
ڊاڪٽر طٰہ حسين
سنڌيڪار: ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
ليلا-مجنون
هن تحقيقي مقالي جو ليکڪ، علامه ڊاڪٽر طہٰ حسين، مصر جو مشهور
بلند پايه اديب ٿي گذريو آهي؛ تازو وفات ڪئي اٿس.
هي نابينه عالم ۽ اديب، علم ادب ، مذهب ۽ تاريخ جي
هر صنف تي حاوي هو، ۽ هر فن تي کيس محققانه دسترس
حاصل هئي. تنقيد ۾ ته سندس ثاني ئي ڪونهي. هر صنف
تي بيريا ۽ محققان تنقيد ڪئي اٿس. تاريخ جي صنف ۾
هو روايت پرست مؤرخ هو، پر تاريخي واقعن مان نتيجن
اخذ ڪرڻ ۽ تاريخي واقعن تي بيباڪانه بحث ۽ تنقيد
ڪرڻ ۾ کيس خاص لاثاني ملڪو حاصل هو. قديم توڙي
جديد عربي ادب ۾ کيس سند سمجهيو ويندو هو. مغربي
عمليت جي هٿيارن سان مسلح ٿي ۽ نوجوان ۽ شاداب ذهن
جو سهارو وٺي، ڪلاسيڪي شاعري جي تقدس کي آشڪار
ڪيائين، ۽ ان مان لطف اندوز ٿيڻ جون نيون راهون
مقرر ڪيائين. انهيءَ انقلابي سفر ۾، سنگ ميل جو
درجو سندس انهيءَ تنقيدي دستاويز کي حاصل آهي.
جنهن هن قبل از اسلام جي شاعريءَ کي نئين معنويت
بخشي آهي، ۽ جنهن کي پڙهي سندس ’الازهر‘ جي استادن
کي سخت ڌڪ لڳو هو. سندس عهد آفرين تنقيدات جو
سياسي ۽ سماجي ميدانن ۾ گارين سان استقبال ڪيو
ويو، پر سندس ادبي روش کي نئين نسل ڪمال شوق سان
پنهنجو رهبر بنايو. مترجم جي حيثيت ۾ به کيس وڏو
درجو حاصل آهي. ڪيترا ئي يوناني زبان جا قديم ڪتاب
اصل يوناني زبان مان ترجمو ڪيا اٿس. مغربي جديد
ادبي صنفن جو به وڏو ماهر هو. جديد ناول، ڊرامي ۽
مختصر افساني جي فن جو وڏو ڄاڻو هو. فرانسيسي
ڊرامن ۽ افسانن تي تنقيد جو سلسلو شروع ڪيو هائين،
جو پوءِ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيو. ان جو فرانسيسي
ترجمو پيرس جي يونيورسٽيءَ ۾ ادب جي اعلٰي تعليم
جي نصاب ۾ شامل آهي. مصر جي جديد ادب جو پايو به
پاڻ ئي وڌائين. کيس جديد عربي ادب جو امام سسمجهيو
وڃي ٿو. جديد ادب جي ترقيءَ ۽ ترويج جو سهرو به
سندس ئي سر تي آهي. پهرين عالمگير جنگ جا اُلا
جڏهن ڀڙڪو ڏيئي اٿيا، تڏهن عربي ادب کي ماضيءَ جي
مرده هٿن مان ڪڍڻ لاءِ هڪ زبردست تحريڪ شروع ٿي،
جنهن جو محرڪ علامه موصوف هو. سندس هر لکيت کي
انقلابي ۽ جديد رنگ آهي. تاريخ ۾ ايڏي هر فن مولا
شخصيت شايد ئي ڪا ملي. قديم زماني کان جيڪي به
عالم ۽ اديب ٿي گذريا آهن، سي فقط هڪ يا لاچار ٻن
صنفن ۾ ماهر هوندا هئا ، ۽ آهن؛ پر ههڙي همه گير
شخصيت شايد ئي ڪا ملي، جنهن کي ادب، تاريخ، مذهب،
سَير، فلسفي، وغيره جي هر قديم ۽ جديد صنف تي ڪامل
محققانه پهچ هجي. سندس شهرت ۽ مقبوليت جو اندازو
ان مان لڳائي سگهجي ٿوجو مصر جي انقلابي حڪومت
شروع ۾ کيس وزارت جو قلم ڏنو هو، جنهن کي هن بخوبي
نڀايو. ڪجهه وقت کان پوءِ انقلابي حڪومت، سندس
مرضيءَ موجب، کيس علم ۽ ادب کي ترقي ڏيارڻ جي هڪ
سرڪاري اداري، ”مجلس فنون وادب“ جو نگران مقرر
ڪيو، جنهن جي سهاري هيٺ ٻين ٻولين جي بلند پايه
ڪتابن جي ترجمن جي هڪ زبردست اسڪيم شروع ٿي. آخري
حياتيءَ تائين انهيءَ اسڪيم کي ڪامياب بڻائڻ ۾
مصروف رهيو. عوام ۾ سندس مقبوليت جو اهو عالم هو
جو هر اخبار ۽ رسالو کانئس ليک حاصل ڪرڻ ۾ ڪوشان
هوندو؛ جيتوڻيڪ کيس سندس ليک لاءِ، پوءِ اهو وڏو
هجي يا مختصر، پنج پائونڊ معاوضو ضرور ڏنو ويندو
هو. کانئس ليکن جي تقاضا ايتري قدر ٿيڻ لڳي هئي،
جو آخر تنگ ٿي، سندس سيڪريٽريءَ اعلان ڪيو هو ته
صاحب موصوف هن بعد صرف روزنامه’ الجمهور‘ ۽
’الرساله‘ کي ليک ڏيندو، تنهن ڪري ٻين اخبارن جا
ايڊيٽر کانئس مضمون جي گهر نه ڪن. علامه طٰہ حسين
قديم توڙي جديد عربي ادب جي نمايان ترين شخصيت
هئي. سندس انقلابيت، آزاد خيالي، جدت ۽ صداقت،
مسلم الثبوت آهن. تنقيدي ۽ تحقيقي ليکن کانسواءِ
افسانه به لکيا اٿس، جن ۾ هو هڪ ئي وقت هڪ اسڪالر،
۽ غريب هارين ۽ بيڪس شهرين جو محافظ نظر اچي ٿو.
دنيا جي مکيه ۽ مشهور شخصيتن جيان، پنهنجي سوانح
عمري پاڻ لکي اٿس، جنهن جو انگريزيءَ ۾ به ترجمو
ٿي چڪو آهي. ان جو نالو آهي ”سَيل آيام“. هن هيٺ
سندس هڪ تحقيقي مقالي جو ترجمو ڏجي ٿو، جنهن ۾ هن
’ليلا- مجنون‘ جي جڳ- مشهور قصي کي فرضي قصو ثابت
ڪيو آهي.
[ع
. م]
هن کان اڳ آءُ ڪيترن اديبن کي ناراض ڪري چڪو آهيان. ’بشار بن
مبرد‘ تي، سندن توقع جي خلاف نڪته چيني ڪئي هيم؛
افسوس جو اڄ وري کين ناخوش ڪرڻ تي مجبور آهيان. سچ
ٿو چوان ته مون کي سندن ناخوشيءَ ۾ ڪو به لطف حاصل
نه ٿيندو آهي، پر ڇا ڪريان، بحث ۽ نقد جي ديانت
مون کي ان تي مجبور ڪري ٿي. جڏهن کان عربي شاعريءَ
تي بحث شروع ڪيو اٿم، اهل ادب جي ملامت جو نشانو
بنجي ويو آهيان. هو ناخوش آهن، ڇاڪاڻ جو مون ’ابو
نراس‘ ۽ ’حسين بن الضحاڪ‘ کي ’بشار مبرد‘ تي ترجيح
ڏني هئي. اڄ سندن ناراضگي اڃا به وڌيڪ ٿيندي.
ڇاڪاڻ جو ڪيترن شاعرن جي وجود کان انڪار ڪندس، يا
سندن شخصيت جي اهميت گهٽائيندس. اڄ چوندس ته اهي
شاعر يا ته هئا ئي ڪونه، يا جيڪڏهن هئا ته پنهنجي
زماني ۾ سندن نمايان شخصيت ڪانه هئي ۽ ڏانهن اهڙا
اشعار منسوب ڪيا ويا آهن، جي انهن به نه چيا هئا.
مون کي خبر آهي ته اهل ادب منهنجي بحث جو طريقو ناپسند ڪن ٿا،
جو انڪار يا شڪ تي ختم ٿئي. سندن خيال ۾ اهو شخص
محقق نه آهي، جو ’مجنون‘ جي وجود کان انڪار ڪري يا
ان ۾ شڪ ۽ شبهي جو اظهار ڪري. جيڪڏهن ڪو اهڙي جرات
ڪري، ته اهو سندن آڏو ڏوهاري آهي، ڇاڪاڻ جو سندن
خيال ۾ هو عربي علم ادب جي عظمت گهٽائڻ وارو آهي.
سندن آڏو وڏو محقق اهو آهي، جو ادبي قصن ۽
محاضرات جي هر وجود تي علمي ايمان رکندو هجي، ۽
افسانو شعري حقيقت جي لباس ۾ ڏسندو هجي، ڇاڪاڻ جو
سندن خيال ۾ ائين ڪرڻ ۾ حقيقت جي پرواهه نه ڪرڻ
ضروري نه آهي: اکيون بند ڪرڻ گهرجن، ۽ جهل ۽
اعتراض جي وادين ۾ وڌندو وڃڻ گهرجي.
هو علم ۽ ادب ۾ به اهائي راهه اختيار ڪرڻ گهرن ٿا، جا سياست ۾
اختيار ڪئي ويندي آهي- فقط جذبات اڀاريو، ۽ مرحبا
جا نعرا ٻُڌو، بيشڪ، اهڙيءَ طرح انهن ماڻهن کي ته
اوهين خوش ڪري سگهو ٿا، پر افسوس جو انهيءَ طريقي
۾ انهن ماڻهن لاءِ دعوت ٿي نٿي سگهي، جي قوم ۽ ملڪ
۽ جماعت جي رضامندي ڏيکارڻ کان اڳ علم، حقيقت ۽
ديانت جي اک تي نظر رکندا آهن.
غزل وارا شاعر: بدقسمتيءَ سان، يا خوش قسمتيءَ سان، مون علم ۽
ضمير جي رضامنديءَ کي ماڻهن جي تعريف ۽ تحسين تي
ترجيح ڏني آهي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ سواءِ ڪنهن
احتياط ۽ پيش بنديءَ جي اعلان ڪريان ٿو ته شاعرن
جي اها جماعت، جنهن کي مان”اهل غزل“ جي نالي سان
سڏيان ٿو، عربي ادب جي تاريخ ۾ اهو درجو نٿي رکي،
جيڪو اڄ ماڻهن ان کي ڏنو آهي.
هي شاعر حقيقت ۾ ٻن نمايان قسمن ۾ ورهايل آهن. ٻنهي جي باري ۾
منهنجا خاص خيال آهن. هڪ قسم ”خيالي شاعر“ جو آهي؛
انهن ۾ مجنون، قيس بن ذريح، عروه بن حزام، جميل بن
معمر، وغيره داخل آهن، ٻيو قسم ”حقيقي شاعر“ جو
آهي. هي اهي ماڻهو آهن، جي نه خيالي محبت جا قائل
آهن، ۽ نه فڪري مرتبن جا دلدادا هئا. هو هر انسان
جيان زندگيءَ ۽ ان جي آلودگين کان متاثر ٿيا، ۽
پنهنجن شعرن ۾ ان جا راڳ ڳائيندا رهيا. انهيءَ
جماعت جو سرگروهه ’عمرو بن ابي ربيع‘ آهي.
ها، مون کي عمرو بن ابي ربيع جي تاريخي وجود کان انڪار ڪونهي.
مان اهو به مڃان ٿو ته جيترا به شعر ان ڏانهن مسوب
آهن، گهڻو ڪري ان جا ئي آهن؛ ۽ اهو به، ته ان جي
شخصيت انهيءَ زماني ۾ به گهڻو ڪري اهڙي ئي هئي،
جهڙي هن زماني ۾ تصور ڪئي وڃي ٿي. اهو ئي
حال’ڪثير‘ ۽ ’عبيدالله بن قيس الرقيات‘ جو آهي.
قيس ”مجنون“
پر مون کي ’قيس بن ملوح‘ (مجنون) جي باري ۾ پورو شڪ آهي. آءُ ان
کي تاريخي شخص يقين نٿو ڪريان. آءُ اهو نٿون مڃان
ته انهيءَ نالي وارو ڪو شاعر موجود هو، ۽ ماڻهو ان
کي سڃاڻندا ۽ ان جي واتان شعرٻڌندا هئا. مون کي
اهو به يقين نه آهي ته جيڪي شعر ان ڏانهن منسوب
آهن، سي ان جا آهن، آءُ خيال ڪريان ٿو ته قيس بن
ملوح (مجنون) انهن خيالي ماڻهن جيان هو، جن کي
جماعتون پنهنجو ڪو خاص تخيل يا زندگيءَ جو ڪو خاص
اسلوب ظاهر ڪرڻ جي لاءِ فرض ڪري وٺنديون هيون
(يعني افساني ۽ شعر جو هڪ خيالي ڪردار). منهنجي
خيال ۾ قيس بن ملوح هڪ خيالي شخص آهي، ۽ شعر جي
راوين ۽ داستان سرائن ان کي ايجاد ڪيو هو، جيئن
مجلسن ۽ ڪچهرين جي دلچسپيءَ جو سامان پيدا ٿئي، يا
هو وقت جي هڪ ادبي ۽ شعري ضرورت پوري ڪن.
هتي آءُ انهن صاحبن سان مخاطب ٿيڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهان، جن
مجنونءَ جي سچي عشق ۽ رفيق جذبات جي ثنا خوانيءَ ۾
بيفائدي ڪوشش ڪئي آهي. جيڪڏهن هو ان جي بدران اها
ڳالهه ڏيکارين ها ته مجنون اموي عهد جي ڪن خيالن ۽
جذبن، شعر ۽ نثر جي خاص اسلوبن جو مظهر آهي، ته
سندن ڪوشش وڌيڪ مفيد ٿئي ها، ۽ اموي عهد جي هڪ
اهڙي خصوصيت ظاهر ٿئي ها، جنهن کي عباسي عهد شروع
ٿيڻ سان پنهنجي لهو و لعب ۽ جسماني عيش جي سيلاب ۾
هميشه لاءِ غرق ڪري ڇڏيو.
مجنونءَ تي ايمان رکڻ وارن کي سمجهڻ گهرجي ته هي قصو فقط افسانو
آهي. صحيح تنقيد ڪڏهن به ان جو وجود تسليم نه ڪري
سگهندي. ان شخص جي باري ۾ اوهين ڪهڙو فيصلو ڪندا،
جنهن جي نالي، نسب، قبيلي ۽ واقعات ۾ اتفاق جي
بدران سخت اختلاف هجي؟ ان کان به وڌيڪ اهو، ته
راوي پاڻ ان جي وجود تي متفق نه هجن، ۽ ان جا
حالات سخت مشڪوڪ لهجي ۾ روايت ڪندا هجن! اهڙي شخص
جي باري ۾ اوهان جي راءِ ڪهڙي ٿي سگهي ٿي، جنهن جا
واقعات ابو المزج اصفهاني فقط انهيءَ لاءِ روايت
ڪرڻ گهري ٿو جو ان جو موضوع کيس مجبور ڪري ٿو؟ وري
مزو ته اهو آهي جو صحت جي ذميداري کڻڻ کان کيس
پوريءَ طرح انڪار آهي، ۽ هو سمورو بار اصلي راوين
جي ڪلهن تي ڦٽو ٿو ڪري. راوين بابت اسان کي معلوم
آهي ته هو ڪڏهن ڪڏهن مشڪوڪ واقعا به بيان ڪري
ويندا هئا. ليڪن باوجود پنهنجي انهيءَ بي
احتياطيءَ جي، هو مجنونءَ جي باري ۾ اختلاف رکن
ٿا، ۽ سندس وجود کان انڪار ڪن ٿا يا شڪ ظاهر ڪن
ٿا؛ تنهن کان سواءِ سندس نالو، نسب، مهانڊو ۽
سوانح حيات اتفاق سان بيان نٿا ڪن. پوءِ جڏهن قيس
جي باري ۾ اصلي راوين جو اهو حال آهي، ته ڇا اسان
لاءِ اهو سمجهڻ نا مناسب ٿيندو ته ’ فقط هڪ افسانو
آهي؟
قيس جي باري ۾ عام راوي ته فقط اختلاف بيان تائين ئي قانع آهي،
ليڪن معتبر راوين کي انڪار يا شڪ ۾ دير نه آهي.
مان سمورا قول پيش ڪري، مضمون کي ڊگهو ڪرڻ نٿو
گهران. آغانيءَ جي پهرئين ۽ ٻئي جلد ۾ ڪافي ذخيرو
موجود آهي، جو آسانيءَ سان ڏسي سگهجي ٿو. ڪن راوين
جو انڪار ايتري قدر وڌي ويو هو، جو هو چوندا هئا
ته ”بني عامر (مجنون جو قبيلو) جي دل ايتري پڪي
آهي، جو منجهن ايڏي بي انداز محبت ٿي ئي نٿي سگهن.
ها، يمن جي بيعقل رهاڪن کان اها ڳالهه پري نه آهي؛
پر بني نزار انهن کان ڪوهين پري آهن. “ هڪ ٻيو
راوي تصريح ڪري ٿو: ” مان عامر قبيلي جي هڪ هڪ
خاندان ۾ گهميس ۽ سڀ کان مجنونءَ بابت پڇيم، پر
ڪنهن به ان جي واقفيت جو اظهار ته نه ڪيو، رهندو
سخت انڪار ڪيو.“ هڪ ٻئي راويءَ جو بيان آهي:” مون
بني عامر جي هڪ بدويءَ کان مجنونءَ جو احوال پڇيو.
هن ڪيترن عامري مجنونن جا نالا ٻڌايا، ۽ ڪن جا شعر
ٻڌايا، پر قيس بن ملوح جي وجود کان برابر انڪار
ڪندو رهيو. “ ان کانسواءِ انهن راوين تي نظر وجهو،
جي ان مجنون جي واقعات جا راوي آهن. هو پاڻ ۾ سخت
اختلاف رکن ٿا، ايتري قدر جو ان جي نالي تي به
متفق نه آهن: ڪو ’قيس‘ ٿو چوي ته ڪو ’مهدي‘، ڪو
’اقراع‘ ته ڪو’ تجري‘. ان کان پوءِ سندس حسب نسب
جي باري ۾ اختلاف شروع ٿئي ٿو، ۽ سندن جنون به سڀ
ڪو نه ٿا مڃين. ڪو چوي ٿو ته هو بلڪل ديوانو هو، ۽
ڪو کيس عاقل ٿو ڪوٺي. اصمعيءَ جو قول آهي ته ”هو
مجنون نه هو، فقط ابوحيه غيريءَ جيان ٿورو اثر
هوس. “ ان کانپوءِ اهو بحث شروع ٿئي ٿو ته ڀلا آخر
هو ’مجنون‘ ڇو مشهور ٿيو؟ ڪي چون ٿا ته هو پهرئين
ئي چريو هو؛ انهيءَ ڪري مٿس اهو لقب پئجي ويو.
اهڙي ڳالهه ٻين به ڪيترن شاعرن سان لاڳو آهي- مثلا
” نابغه“. اختلاف اتي پورو نٿو ٿئي، بلڪ جنون جي
سبب تائين پهچي ٿو. ڪي ماڻهو چون ٿا ته محبت کيس
چريو بنائي ڇڏيو هو؛ ڪي چون ٿا ته حقيقت ۾ هن
پنهنجي هن شعر ۾ خدا جي مشيت تي اعتراض ڪيو هو،
انهيءَ ڪري خدا ان تي قهر نازڪ ڪيو، ۽ هو چريو ٿي
پيو. اهو شعر هي آهي:
قضا ما لغيري و ابتلاني بحبها،
فهلا بشيءِ غير ليليٰ ابتلانيا؟
(خدا منهنجيءَ محبوبه کي ٻئي لاءِ ڪري ڇڏيو، پر مون کي ان جي
محبت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو؛ ڇا، ائين ٿي نٿي سگهيو جو
ليلا کان سواءِ مون کي ڪنهن ٻيءَ مصيبت ۾ مبتلا
ڪيو وڃي ها؟) |