ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
ڊاڪٽر مخمور بخاري
سنڌ جي
تاريخ ۽ سيد سليمان ندوي
(ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌيءَ، پهرين جنوري 1930ع تي
شڪارپور ضلعي جي لکي تعلقي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ماڙيءَ
۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو حاجي غلام حسين
ميمڻ هو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ۽ سيڪنڊري
تعليم شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي مان حاصل ڪيائين. مئٽرڪ
گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان 1952ع ڌاري پاس
ڪيائين. شڪارپور مان قرات ۽ فارسيءَ جي تعليم پڻ
حاصل ڪيائين، مئٽرڪ
کانپوءِ هن سول انجنيئرنگ ۾ ڊپلوما ڪئي ۽ ڪجهه
عرصو آبپاشي کاتي
۾ ’اوور سيئر‘ به رهيو.
اڳتي هلي ميمڻ صاحب بي.اي، ايم.اي (سنڌي)، ايم.اي
(اسلامڪ ڪلچر)، ايم. اي مذاهب عالم ۾ خانگي طور
ڪئي. هن 1962ع ۾ لا ڪاليج سکر مان ايل.ايل.بي پڻ
ڪئي. عبدالمجيد سنڌي، 1954ع کان 1963ع تائين اوور
سيئر رهڻ کانپوءِ، اُها نوڪري ڇڏي، سنڌيءَ جو
ليڪچرار مقرر ٿيو.
1974ع
۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ
جي رهبريءَ هيٺ ’بيان العارفين- سنڌيءَ جي ترتيب ۽
اپٽار‘ تي تحقيقي مقالو لکي پي. ايڇ. ڊي ڪئي.
ڊاڪٽر صاحب مختلف هنڌن تي ليڪچرار ۽ پرنسپال جون
خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو ۽ 1990ع ۾ نوڪريءَ تان رٽائر
ٿيو. ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي پنهنجي پيشه ورانه
مصروفيتن کانسواءِ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي،
خيرپور ميرس طرفان 1988ع کان ايم.فل ۽ پي.ايڇ.ڊي
جي شاگردن لاءِ گائيڊ، سنڌي
ادبي بورڊ ،
انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي،
سنڌ يونيورسٽي
اڪيڊمڪ ڪائونسل، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي قومي
نصاب ڪاميٽي، بورڊ آف اسٽڊيز سنڌي شعبو سنڌ
يونيورسٽي ۽
شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور، بورڊ آف اسٽڊيز شعبو
اسلامڪ ڪلچر ۽ مذاهب عالم، شاهه لطيف يونيورسٽي ۽
لاڙڪاڻي هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جو ميمبر ۽ سنڌي ادبي
اڪيڊمي لاڙڪاڻي جو چيئرمين
رهيو. ڊاڪٽر صاحب جي پسند جا موضوع سنڌ جي سماجي ۽
ادبي تاريخ،
لسانيات، تصوف ۽
لطيفيات هئا ۽ پاڻ گهڻي ڀاڱي اُنهن موضوعن تي ئي
لکيائين. جن ۾ خاص طور تي
”سنڌي
ادب جي تاريخ“،
”سنڌي
ادب ۽
ثقافت تي اسلامي اثرات“،
”فڪر
لطيف“، ”سچل
جو پيغام“،
”فڪر
بيدل“،
”سنڌ سياحن جي نظر ۾، ”شڪارپور-
ماضي ۽ حال“،
”تذڪره
شهباز“،
”تذڪره
شعراءِ سکر“، ”شڪارپور
جي ٻولي“،
”سنڌي
ادب جو تنقيدي اڀياس“، ”سنڌ
جي تاريخ جا
وکريل ورق“،
”شاهه
ڪريم جو ڪلام“
۽ اردوءَ ۾
”نگارشات
سنڌ“،
”سوانح
قلندر“،
”شهباز قلندر“، ”پاڪستان ڪي صوفيانه تحريڪين“، ”لسانيات پاڪستان“
نمايان آهن. ان کان سواءِ سندن ڇپيل
۽
اڻ ڇپيل سنڌي ڪتابن جو تعداد 80، اردوءَ ۾ 10 ۽ انگريزي 2
آهي ۽ لکيل مقالن جو تعداد 261 آهي. ڊاڪٽر
عبدالمجيد سنڌيءَ کي سندس علمي ۽ ادبي خدمتن عيوض
1982ع ۾ صدارتي اوارڊ ”تمغه امتياز“ ۽ 1992ع ۾
صدارتي ايوارڊ
”ستاره
امتياز“ سندس وفات کانپوءِ ڏنو ويو، ڊاڪٽر
عبدالمجيد سنڌيءَ، 11 فيبروري 1996ع تي وفات ڪئي.
(انسائيڪلو پيڊياسنڌيانا، جلد ستون)
ڊاڪٽر سنڌي پنهنجي هن مقالي ۾ ننڍي کند جي نامياري
عالم مولانا سيد سُليمان ندوي جي ٻن اهم ڪتابن
”عرب و هند ڪي تعلقات“،
”عربون ڪي جهاز راني“ ۽ ٻين ڪجهه مقالن ۾ سنڌ جي
حوالي سان آيل اهم مواد کي بحث هيٺ آندو آهي. هي
مقالوگھڻو وقت اڳ اردو ۾ شايع ٿيو هو.
مولانا سيد سليمان
ندوي 22 نومبر 1884ع تي ضلعي پٽنا جي ڳوٺ ديسنا ۾
پيدا ٿيو. سندس والد حڪيم سيد ابوالحسن هڪ صوفي
مزاج رکندڙ شخص هو، هن پنهنجي تعليم جي شروعات
خليفي انور علي ۽ مولوي مقصود عليءَ کان ڪئي.
پنهنجي وڏي ڀاءُ حڪيم سيد ابو حبيب کان به تعليم
حاصل ڪيائين. 1899ع ۾ ڦلواري شريف (بهار ڀارت) ۾
لڏي ويو، جتي خانقاه مجيبيءَ جو مولانا محي الدين
۽ شاهه سليمان ڦلواري سان واسطو پيو. اتان هو
درڀنگا ويو ۽ مدرسه امداديه ۾ ڪجهه مهينا رهيو.
1901ع ۾ دارالعلوم ندوة العلماءِ لکنؤ ۾ داخل ٿيو،
جتي ست سال تعليم حاصل ڪيائين. 1913ع ۾ کيس دکن
ڪاليج پونا ۾ مشرقي سنت جو استاد مقرر ڪيو ويو.
1940ع ۾ علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽي کيس ڊاڪٽريٽ جي
اعزازي ڊگري ڏني.
سيد سليمان ندوي جو شمار به ننڍي کنڊ جي اهم
اسلامي عالمن ۾ ٿئي ٿو. سندس علمي ۽ ادبي عظمت جو
اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته جڏهن سندس
استاد علامه شبلي نعماني 18 نومبر 1914ع تي وفات
ڪئي ته سيرت النبيﷺ
جا پهريان ٻه جلد لکيا، باقي چار جلد سيد سليمان
ندوي مڪمل ڪيا. هن پنهنجي استاد جي مهربانيءَ سان
دارالمصنفين اعظم ڳڙهه قائم ڪيو ۽ هڪ ماهوار رسالو
”معارف“
جاري ڪيو. جون 1950ع ۾ هندستان جي ورهاڱي کان پوءِ،
هندستان ۾ پنهنجي سموري ملڪيت ڇڏي پاڪستان لڏي اچي
ڪراچي ۾ آباد ٿيو. هتي ديني ۽ علمي سرگرميون جاري
رکيون. کيس حڪومت پاڪستان طرفان اسلامي تعليمي
بورڊ جو صدر مقرر ڪيو ويو.
هن 69 سالن جي عمر ۾ 22 نومبر 1953ع تي ڪراچي ۾
وفات ڪئي. سندن تصنيفن ۾
”سيرت
النبي“،
”عرب
و هند ڪي تعلقات“،
”عربون
ڪي جهاز راني“،
”حياتِ
شبلي“،
”رحمت
عالم“،
”نقوش
سليمان“،
”حيات
امام مالڪ“،
”اهل
سنت و الجماعت“،
”يادِ
رفتگان“،
”سيرِ
افغانستان“،
”مقالاتِ
سليمان“،
”عمر
خيام“،
”دروس
الادب“،
”خطبات
مدراس“،
”تاريخ
ارضُ قرآن“،
”هندون
ڪي علمي و تعليمي ترقيءَ
مين
مسلمان حڪمرانون ڪي ڪوششين“،
”بهائي
مت ۽ اسلام“،
”سيرت
عائشه“،
”خواتين
اسلام ڪي بهادري“
شامل آهن. (آزاد دائرت المعارف)
هنن صفحن ۾ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جي ان اردو
مقالي جو سنڌي ترجمو ڏجي ٿو. ضروري جاين تي حاشيا
مترجم پاران لکيا ويا آهن.
(م.ب)
علامه سيد سليمان ندوي هڪ عظيم عالم، اسڪالر،
تاريخدان ۽ محقق هو. هو هر عقلي ۽ نقلي علم تي
دسترس رکندڙ هو. هُن علم ۽ فن جي هر رُخ تي لکيو ۽
تحقيق، تدوين ۽ ڇنڊڇاڻ جو پورو حق ادا ڪيو. سيرت،
سوانح، اسلامي تاريخ، اسلامي تعليم اردو، اسلامي
ثقافت سان گڏ، سنڌ ۽ هندستان جي قديم تاريخ تي به
بنيادي تحقيقي ڪم ڪيو. سيد صاحب ڏکڻ هندستان جو
پهريون عالم ۽ تاريخدان آهي جنهن عرب، سنڌ ۽ هند
جي لاڳاپن تي تحقيقي نتيجا پيش ڪيا آهن. هن موضوع
تي بعد جي ڪجهه ٻين عالمن به ڪم ڪيو، پر علامه
صاحب جو ڪم ان موضوع تي لکڻ وارن لاءِ مشعل راھ
رهيو آهي. جيتوڻيڪ ان سلسلي ۾ گھڻو ڪجهه لکيو ويو
آهي، پر اُن جي باوجود علامه جي ڪتابن ”عرب و ہند
کے
تعلقات“ ۽ ”عربوں
کی
جہاز رانی“
کي گھڻي اهميت حاصل آهي.
علامه صاحب سنڌ جي تاريخ تي اُن وقت تحقيق ڪئي
جڏهن هن پاڻ سنڌ ڏٺي به نه هئي، پر اُن جي باوجود
به هن سنڌ جي قديم تاريخ، جاگرافي ۽ عرب ۽ سنڌ جي
لاڳاپن تي درست تحقيقي نتيجا سامهون آندا. هن جي
ڪتاب ”عرب و ہند کے
تعلقات“ جو گھڻو مواد عرب ۽ سنڌ جي لاڳاپن تي
مشتمل آهي. اُن کان سواءِ سندن ٻئي ڪتاب ”عربوں
کی
جہاز رانی
“ ۾ سنڌ جي قديم تاريخ، سامونڊي رستن ۽ سامونڊي
بندرن جو ذڪر پڻ شامل آهي. سيد سُليمان ندوي جي
انهن ڪتابن کان سواءِ سندن ٻين ڪجهه مقالن ۾ به
سنڌ جي تاريخ بابت مواد ملي ٿو. هت سندن سنڌ بابت
تحقيقي مواد جو مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو:
1 .عرب و ہند کے
تعلقات
:
هي ڪتاب سُليمان ندوي جي 22 ۽ 23 مارچ 1929ع تي
هندستاني اڪيڊمي الهه آباد ۾ ڪيل تفصيلي تقريرن
تي
مشتمل آهي، جيڪي بعد ۾ اردو ٽائيپ ۾ وڏي سائيز جي
412 صفحن تي ڪتابي صورت ۾ سال 1930ع ۾ شايع ٿيون.
ڪتاب ۾ ڪُل پنج باب ۽ هڪ ضميمو شامل آهي. شروعات ۾
سنڌ جو اهو قديم نقشو به ڏنو ويو آهي، جيڪو سنه
343هه/943ع ۾ ابن حوقل تيار ڪيو هو. ڪتاب جي وڏي
خوبي اِها آهي ته هر باب جي شروعات ۾ اُنهن مغربي
سياحن ۽ جاگرافيدانن جو تعارف ڏنل آهي، جن جي
تصنيفن ۽ سفرنامن مان مواد ورتو ويو آهي.
باب پهرئين ۾ عرب، سنڌ ۽ هندستان جي لاڳاپن جو ذڪر
تفصل سان ڪيل آهي. اُن ۾ عربن جي ڪتابن جي حوالي
سان ننڍي کنڊ جي قديم علائقن، شهرن ۽ قومن جو به
ذڪر موجود آهي ۽ سنڌ تي عربن جي تسلط جو بيان به
ملي ٿو. عربن جي سنڌ فتح ڪرڻ جي سبب بابت لکي ٿو:
”عربن جي بيانن مان پختي طرح ثابت ٿئي ٿو ته ان
وقت يعني پهرين صدي هجريءَ جي آخر ۽ اٺين صدي
عيسويءَ جي شروعات ۾ سنڌ ۾ ٻُڌ مت جو رواج پيو.“
”سنڌ ۾ ٻُڌن ۽ برهمڻن جي وچ ۾ شديد اختلاف ۽ دشمني
موجود هئي.“
”سنڌ جي حالتن جو اڀياس ڪرڻ بعد آئون اِن نتيجي تي
پهتو آهيان ته راجه چچ هندو برهمڻ هو ۽ هن ننڍن
ننڍن ٻُڌ راجائن سان جنگ ڪري کين يا ته ختم ڪري
ڇڏيو يا کين ڪمزور ڪرڻ بعد خراج وصول ڪندو هو.“ (ص
19-21) ”ائين معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جي ٻُڌن هڪ طرف
مسلمان ۽ ٻئي طرف برهمڻن جي ڀيٽ ڪئي ته کين مسلمان
انهن کان بهتر نظر آيا.“ (ص 23)
ندوي صاحب جيڪي نتيجا اخذ ڪيا آهن، اُهي بلڪل درست
آهن. ان دور جي سياسي، مذهبي، معاشي ۽ سماجي حالتن
تي غور ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ اندر ان زماني
۾ ٻُڌ مذهب وارن جي اڪثريت هئي ۽ هو برهمڻ مذهب
وارن جي حڪومت کان تنگ هئا. انهن پنهنجي نجات جو
وسيلو مسلمانن کي سمجھيو ۽ اهڙي حڪمت عملي اختيار
ڪئي جنهن سان مسلمانن جي فتح آسان ٿي وئي.
ڪتاب جو ٻيو باب واپاري لاڳاپن بابت آهي. هن ۾
واپاري رستن، برصغير جي بندرگاهن، برآمد ٿيندڙ مال
۽ عربن جي جهاز هلائڻ جي فن ۽ واپار جو ذڪر تفصيل
سان ملي ٿو. ٽئين باب ۾ علمي لاڳاپن جو ذڪر آيل
آهي. هن باب ۾ سيد صاحب برمڪين (برامڪه) جي نسب تي
تفصيل سان تحقيقي بحث ڪندي ثابت ڪيو آهي ته برمڪين
جو اصل تعلق هندستان (سنڌ) سان هو. لکي ٿو:
”آئون يقين سان چوان ٿو ته برمڪي ٻڌ ڌرم جا
پيروڪار هئا. هو ايران سان نه بلڪ هندستان سان
تعلق رکندڙ هئا.“ (ص 114)
هندستان مان سيد صاحب جي معنيٰ ”سنڌ“
آهي، ڇاڪاڻ برمڪين جي مذهب بابت بحث ۾ جيڪي دليل
ڏنا ويا آهن اُنهن جو تعلق ٻُڌ مذهب ۽ سنڌ ۾ ٻُڌ
ڌرم جي عبادت گاهن سان آهي. هن سلسلي ۾ لکي ٿو:
”نوبهار (بلخ ۾ برمڪين جي عبادتگاهه) ڪنهن به
مجوسي عبادت گهر جو نالو نه هو. پر اُن جي برعڪس
ٻُڌن جي عبادتگاھ جو مشهور نالو آهي ۽ سنڌ ۾ اُن
دور ۾ نوبهار جي نالي سان ٻُڌ ڌرم جون عبادتگاهون
موجود هيون.“ (ص 114-115) سيد صاحب عربي لغت مان
ڪي لفظ ڏنا آهن، جيڪي سنڌ ۽ هند جي ٻولين مان عربي
ٻوليءَ ۾ داخل ٿيا. اهي لفظ گهڻو ڪري مصالحن،
ميون، خوشبوئن ۽ دوائن سان لاڳاپيل آهن. مولانا ٽي
لفظ اهڙا به لکيا آهن جيڪي قرآن شريف ۾ موجود آهن.
لکي ٿو:
”اُن ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته جنت جي تعريف ۾ هن بهشت
نما
ملڪ جي ٽن خوشبوئن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، يعني مسڪ
(مشڪ)، زنجبيل (ادرڪ يا سُنڍ) ۽ ڪافور (ڪپور).“ (ص
71-72)
انهن لفظن کان سواءِ ٽيون سنڌي لفظ به آهي، جيڪو
قرآن پاڪ ۽ سيرت جي ڪتابن ۾ ملي ٿو. سيد صاحب ان
جو ذڪر نه ڪيو آهي. اهو لفظ آهي ”سندس“. سنڌ جي
خاص ڪپڙي کي سنڌ کان ٻاهر ”سنڊن“ يا ”سنڊس“ وغيره
چيو ويندو آهي. اهي ئي لفظ توريت ۽ ”عهدنامه جديد“
۾ آيل آهن. بابلي ۽ جرمني زبانن ۾ به ملن ٿا. سنڌ
جو هي سنهو باريڪ ڪپڙو (ململ) گھڻي شوق سان پاتو
ويندو آهي. سنڌ جي عظيم محدث، فقيه ۽ عالم مخدوم
محمد هاشم ٺٽوي پنهنجي ڪتاب ”بذل القول في حوادث
سني التبوه“ ۾ لکي ٿو ته:
”ان ئي سال فرح بن عمر الجذامي (1) اسلام آندو. هو
شام جي بادشاھ طرفان شام ملڪ ۾ بلقاء جو حاڪم هو.
هُن نبي آخري زمان حضرت محمدﷺ جن جي خدمت ۾ پنهنجي
اسلام قبول ڪرڻ جي اطلاع جو عريضو موڪليو ۽ خط سان
گڏ تحفا به موڪليا، جن ۾ فضه نالي ڪارو ۽ اڇو خچر،
ظرق نالي گھوڙو، يعفور نالي حمار (خُر)، (هي يعفور
ٻيو آهي جيڪو مقوقص، حضور سائين جن کي هديي طور
پيش ڪيو هو) ”سندس“ جو هڪ پهراڻ جنهن تي سُنهري ڪم
ٿيل هو. اُن کان سواءِ ٻيو گھڻو ڪپڙو ۽ ٻيو سامان
شامل هو. حضور ﷺ جن اُهي تحفا قبول ڪيا“ (ص29).
هن روايت ۾ ”سُندس“ جي پهراڻ جو ذڪر آيو آهي.
”سندس“ لفظ قرآن شريف ۾ ٽن هنڌن تي آيو آهي.
اُولٰۗىِٕكَ
لَهُمْ جَنّٰتُ عَدْنٍ تَجْرِيْ مِنْ تَحْتِهِمُ
الْاَنْهٰرُ يُحَلَّوْنَ فِيْهَا مِنْ اَسَاوِرَ
مِنْ ذَهَبٍ وَّيَلْبَسُوْنَ ثِيَابًا خُضْرًا
مِّنْ سُنْدُسٍ وَّاِسْتَبْرَقٍ مُّتَّكِــِٕـيْنَ
فِيْهَا عَلَي الْاَرَاۗىِٕكِ
ۭ نِعْمَ الثَّوَابُ
ۭ
وَحَسُنَتْ مُرْتَفَقًا
(سوره الڪهف-31)
يَّلْبَسُوْنَ مِنْ سُنْدُسٍ وَّاِسْتَبْرَقٍ
مُّتَقٰبِلِيْنَ (سوره
الدخان-53)
عٰلِيَهُمْ ثِيَابُ سُـنْدُسٍ خُضْرٌ
وَّاِسْتَبْرَقٌ ۡ وَّحُلُّوْٓا اَسَاوِرَ مِنْ
فِضَّةٍ
ۚ وَسَقٰىهُمْ
رَبُّهُمْ شَرَابًا طَهُوْرًا (سوره الدهر-21)
عام طور تي ”سندس“ معنيٰ آهي نفيس ريشمي ڪپڙو.
علامه جلال الدين سيوطي(2) پنهنجي ڪتاب ”الاتقان
في علوم القرآن“ ۾ هن لفظ کي غير عربي لفظن جي
فهرست ۾ شامل ڪيو آهي، هن لفظ جي باري ۾ لکي ٿو:
”الجواليقي چيو: ”سندس“
فارسيءَ ۾ نفيس ريشمي ڪپڙي کي چئبو آهي. ليث جو
قول آهي ته: عالمن، اديبن ۽ مفسرن ان جي معرب لفظ
هجڻ تي اختلاف نه ڪيو آهي ۽ شيذله اُن کي هندي لفظ
سڏيو آهي.“ (ص42)
”معرب“ اُن لفظ کي چيو ويندو آهي، جيڪو عربي
ٻوليءَ ۾ ڪنهن ٻي ٻوليءَ مان داخل ٿيو هجي. علامه
سيوطي جي مٿين حوالي مان ظاهر ٿئي ٿو ته هي لفظ
معرب آهي ۽ هندي آهي. انهيءَ ڪري اسان چئي سگهون
ٿا ”سنڌن“ جي معرب صورت ”سندس“
آهي. موجوده دور جا محقق به ساڳي راءِ رکن ٿا ته:
”سندس“ ”سنڌن“ جي معرب صورت آهي. ”سنڌن“
اصل ۾ سنڌ جي عمده نفيس ڪپڙي کي چيو ويندو آهي.
هن باب ۾ سنڌ ۽ عراق جي قديم لاڳاپن جو به ذڪر ڪيو
ويو آهي ۽ سنڌ جي انهن ڏاهن جو به ذڪر ڪيوويو آهي،
جن جي مدد سان عربن رياضي، طب، نجوم وغيره جي
متعلق ڪتاب سنسڪرت زبان مان عربي ۾ ترجما ڪيا.
چوٿين باب ۾ مذهبي لاڳاپن جو تفصيل آيل آهي، جنهن
۾ سنڌ جي فتح بعد محمد بن قاسم جي رواداري جو ذڪر
ڪندي لکي ٿو:
”ديبل سنڌ جو پهريون هنڌ آهي، جتي عربن حملو ڪيو،
اتي سڀ کان اوچي عمارت ٻُڌن جي عبادتگاھ هئي. محمد
بن قاسم قلعي جي ماڻهن کي شهر جو دروازو کولڻ تي
مجبور ڪرڻ لاءِ بُت خاني جي قلعي کان ٻاهر نظر
ايندڙ بلند مينار تي توپ جو گولو اڇلايو. پر جڏهن
شهر جو دروازو کوليو ويو ته هن ٻُڌن جي عبادتگاھ
کي تباهه نه ڪيو. تنهن ڪري ٻڌ ڌرم جي پيروڪارن جي
اڪثريت گھٽجي وڃڻ بعد به ٽين صدي هجري تائين اها
عمارت قائم رهي. محمد
بن قاسم پاڻ هن شهر ۾ پنهنجي مسجد ٺهرائي هئي.
اهڙي طرح جڏهن نيرون ڪوٽ فتح ڪيو ته هن مندر جي
سامهون پنهنجي الڳ مسجد قائم ڪئي.“ (ص 196)
”سنڌ کي فتح ڪري، جڏهن عرب سپه سالار محمد بن قاسم
سنڌ جي مشهور شهر الرور (الور) ۾ پهتو ته هن شهر
جي ماڻهن ڪيترن ئي مهينن تائين حملي آورن جي سخت
مزاحمت ڪئي، پوءِ صلح ڪيائون ۽ ٻه شرط رکيائون ته
هن شهر جو ڪوبه ماڻهو نه قتل ڪيو وڃي ۽ نه ئي
اُنهن جي عبادتگاهن تي ڪو اعتراض ڪيو وڃي.“ (ص
194)
”سنڌ جي فتح جي تاريخن مان معلوم ٿئي ٿو ته عرب
فاتحن انهن شرطن جو پورو پورو احترام ڪيو.“ (ص
195)
هن باب ۾ عربن جي ڪتابن جي حوالي سان هندن جي
عقيدن، هندن جي فرقن، مندرن، هندو ڌرم جي ڏاهن جا
خيال، مناظرن ۽ ويدانت جو تفصيل سان تذڪرو شامل
آهي.
پنجين باب ۾ ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي وئي آهي ته
برصغير ۾ مسلمانن جي فتح کان اڳ مسلمان ايندا رهيا
آهن، جن جي اثر هيٺ هتان جا ڪجهه ماڻهو مسلمان به
ٿيا ۽ ڪي عرب هتي اچي آباد ٿيا. ان کان پوءِ سنڌ ۾
مسلمانن جو تفصيل سان ذڪر ڪيو ويو آهي. سنڌ ۾ عرب
حڪومت ”منصوره“ جو احوال به وضاحت سان ملي ٿو. سنڌ
جي عالمن، فاضلن، محدثن ۽ عربي زبان جي شاعرن جو
به بيان ملي ٿو. مثال طور: ابومعشر نجيح سنڌي (3)
(محدث)، ابو عطا سنڌي (4) (عربي شاعر) وغيره.
مسعودي (5) جي ڪتاب ”مروج الذهب“ جي حوالي سان
منصوره جي علمي ۽ مذهبي حالت بابت لکي ٿو:
”هتي جا رهاڪو لائق ۽ نيڪ آهن، انهن ۾ اسلام جي
تازگي آهي. هتي ڪيترائي علم ۽ عالم آهن. انهن وٽ
عقل ۽ دانائي آهي ۽ اهي نيڪي ۽ خيرات ڪندا رهن
ٿا.“
بشاري مقدسي(6) جي ڪتاب ”احسن التقاسيم“ جي حوالي
سان لکي ٿو:
”مسلمانن ۾ حديث جا ڪيترائي عالم آهن. مون هتي
قاضي ابو محمد منصوري (7) کي به ڏٺو جيڪو داودي هو
۽ پنهنجي مذهب جو امام هو، اُن جو حلقو درس هو،
سندس ڪيتريون ئي تصنيفون موجود آهن.“
سنڌي ٻوليءَ بابت مسعودي جي حوالي سان لکي ٿو:
”سنڌ جي ٻولي خاص آهي جيڪا هندستان جي ٻوليءَ کان
مختلف آهي.“ (ص 347)
هن باب ۾ سنڌ جي سومرن حڪمرانن جي اصل نسل ۽ مذهب
بابت تفصيلي بحث ڪيو ويو آهي. اُن کان سواءِ سنڌ
جو هڪ ٻي حڪمران خاندان سما جو به ذڪر ملي ٿو. سنڌ
۾ سمن جي حڪومت دوران محمد تغلق ۽ فيروز تغلق ٺٽي
تي حملو ڪيو. محمد تغلق حملي دوران اوچتو مارجي
ويو ۽ فيروز تغلق ناڪام ٿيڻ بعد گجرات طرف هليو
ويو. هن واقعي جو ذڪر شمس سراج عفيف جي”تاريخ
فيروز شاهي“(8) ۾ موجود آهي، جنهن ۾ ٺٽي جي عوام
جو هڪ جملو به نقل ڪيو آهي. سيد صاحب هن جملي کي
سنڌي زبان جو چوندي هن طرح لکيو آهي: "برکت شیخ
تھیا،
ایک
موا، ایک
تھا۔“
جيئن ته سنڌي ٻوليءَ جو هي جملو فارسيءَ جي ڪتاب ۾
نقل ٿيل آهي، ان ڪري صحيح نقل نه ڪيو ويو آهي.
سنڌي ٻوليءَ جي ساخت جي لحاظ کان جملو هن طرح آهي:
”بابرڪت شيخ پٺو، هڪ مئو، هڪ ڊٺو“.
(يعني شيخ پٺي جي برڪت سان هڪ مري ويو ۽ ٻيو ڀڄي
ويو)
2 : عربوں
کی
جہازرانی:
هي پڻ سُليمان ندوي جي خطبن جو هڪ مجموعو آهي،
جيڪو پهريون ڀيرو اسلامڪ ريسرچ ايسوسيئشن بمبئي
پاران 1935ع ۾ معارف پريس اعظم ڳڙھ مان شايع ٿيو.
ٽيهه سال پوءِ ان جو ٻيو ڇاپو شايع ٿيو. هن ٻئي
ڇاپي ۾ عرب ۽ آمريڪا جي عنوان سان هڪ ضميمو به
شامل ڪيو ويو آهي، جنهن مان ثابت ڪيو ويو آهي ته
ڪولمبس کان پهرئين ئي عرب، آمريڪا ۾ اچي آباد ٿيا
هئا. ٻئي ضميمي ۾ ڊاڪٽر حميدالله (9) جا خيال ڏنا
ويا آهن. هي ڪتاب ڊيمي سائيز جي 225 صفحن تي ڦهليل
۽ اردو ٽائيپ ۾ شايع ٿيل آهي.
هن ڪتاب ۾ عربن جي جهاز رانيءَ جو تفصيل سان ذڪر
ڪيو ويو آهي ۽ انهن ملڪن ۽ بندرگاهن جو به ذڪر ڪيو
ويو آهي، جتي عرب ملاح ويندا هئا. جيئن ته عرب،
سنڌ ۾ سمنڊ جي رستي ايندا هئا، ان ڪري سنڌ جي ديبل
بندر جو به ذڪر ملي ٿو. علامه مرحوم لکيو آهي ته
عراق ۽ عربستان جي جن ٻيٽن ۽ بندرگاهن ۾ جهازن جو
اچڻ ۽ وڃڻ ٿيندو هو. سليمان المهري (عرب جهاز ران
ملاح) پنهنجي ڪتاب ”قلاوت الشموس و استخراج
قواعدالاسوس“ ۾ انهن جا نالا ۽ رستا بيان ڪيا آهن.
هن ڪتاب جي حوالي سان نائين صدي عيسويءَ ۾ علامه
صاحب جن بندرگاهن جا نالا ڏنا آهن، تن ۾ ديبل جو
نالو ڪتاب ”العمدة المهريته في ضبط العلوم
البحريته“ (تصنيف 917هه) ۾ لکيل ڄاڻايو آهي. ان
کان سواءِ سيد صاحب ٻڌايو آهي ته سامونڊي جهاز
هلائيندڙ عربن جي ٻين ڪتابن ۾ به سنڌ جي مشهور
بندرگاھ ديبل جو نالو آيل آهي. سندن تحقيق مطابق
جهاز رانيءَ جي فن جو پهريون مصنف اسند البحرشهاب
الدين احمد بن ماجد بن محمد بن عمر بن فضل بن دو
يڪ بن يوسف بن حسن بن حسين بن ابي متعلق بن ابي
البدڪات نجدي هو. جهاز راني هن جو موروثي پيشو هو.
هن جهاز راني جي پنجاھ سالن جي تجربي کان پوءِ
895ھ (1489ع) ۾ پنهنجو ڪتاب ”الفوائد في اصول علم
البحر و قواعد“ لکيو. هن فن ۾ سندس نثر ۽ نظم ۾
رسالن ۽ تصنيفن جو تعداد 25 کن آهي. سيد صاحب انهن
ڪتابن جا نالا ۽ مضمونن جو تفصيل به ڏنو آهي. انهن
تفصيل جي مطابق ذڪر هيٺ آيل اميرِالبحر جي رسالي
”قصيده مڪيّه“ ۾ سنڌ جي بندر گاھ ديبل جو ذڪر آيل
آهي. (ص 158)
علامه صاحب جي بيان مان معلوم ٿئي ٿو ته ان دور ۾
سنڌي ٻوليءَ ۾ به ٻيڙن جي فن تي ڪتاب لکيا ويا. هو
لکي ٿو:
”سنڌي ٻوليءَ ۾ هن فن تي ٻه ڪتاب جامع مسجد بمبئي
جي لائبريريءَ ۾ موجود آهن. هڪ ڪنهن عربي ڪتاب جي
شرح آهي. ٻيو ڪتاب سنڌي ۽ فارسي ٻن زبانن ۾ گڏيل
آهي. جيڪو مڪمل ۽ تفصيلي آهي. هي نسخو ٻارهين صدي
هجريءَ جو هڪ مسلمان جهاز هلائيندڙ معلم عنايت بن
معلم شيخ واڪو جو لکيل آهي.
3. نقوش سليماني: هيءُ ڪتاب علامه مرحوم جي خطبن ۽
مضمونن جو مجموعو آهي، ان جو پاڪستاني ڇاپو اردو
اڪيڊمي سنڌ پاران ٻيو ڀيرو سال 1967ع ۾ شايع ٿيو.
جيڪو ڊيمي سائيز جي 370 صفحن تي مشتمل آهي. هن
ڪتاب جي ڪن مضمونن ۾ سنڌ جي تاريخ جا واقعا بيان
ڪيا ويا آهن. خاص طور تي هڪ مقالو بعنوان”اردو کیونکر
پیدا
ہوئی“
۾ سنڌ جي تاريخي واقعن ۽ سنڌ جي ٻولي جو ذڪر ڪيل
آهي. هي مقالو ناگري پرچارسڀا بنارس جي 25 سالا
يادگار مجموعي ۾ جولاءِ 1933ع ۾ شايع ٿيو، ساڳئي
مضمون ۾ منصوره جي عالم جو قرآن شريف جي ڪيل ترجمي
جو به ذڪر ڪيو ويو آهي. (ص 252). هن مقالي ۾
منصوره ۽ سنڌي ٻولي ۽ رسم الخط جو به ذڪر آيل آهي.
4. ہندی
الاصل اور ہندی
النسل مسلمان سلاطین:
هي هڪ تفصيلي تحقيقي مقالو آهي، جيڪو انجمن ترقي
اردو پاڪستان جي ٽماهي تحقيق جرنل "تاریخ
و سیاست"
جلد، نمبر1 (اپريل 1951ع) ۾ شايع ٿيو، جيڪو اصل ۾
علامه صاحب پاڪستان اچڻ کان اڳ سال 1946ع ۾
عثمانيه يونيورسٽي حيدرآباد دکن جي تفصيلي ليڪچرس
جي سلسلي ۾ هي مقالو لکيو هو. جنهن ۾ سنڌ ۽ ملتان
جي نون مسلمان ٿيندڙ حڪمرانن جو ذڪر آهي. هن مقالي
۾ سيد صاحب، سومرا حڪمرانن جي اصل نسل، مذهب ۽
حڪمرانن جي تفصيل کان آگاھ ڪيو آهي. هو لکي ٿو ته:
”سنڌ جي سومرا قبيلي، جن جي اصل نسل تي پردو پيل
آهي، غالباً سنه 370 ھ(980ع) اسماعيلي دعوت قبول
ڪئي.“ (ص 18).
سنڌ جي ٻئي حڪمران خاندان ”سما“ جو ذڪر به هن
مقالي ۾ ملي ٿو. علامه صاحب چچنامي جي حوالي سان
لکيو آهي ته:
”سنڌ ۾ سندن وجود عربن جي فتح کان اڳ ۾ نظر اچي
ٿو.“ سما حڪمرانن جي حوالي متعلق لکي ٿو:
”سما قوم سيدن جو گھڻو احترام ڪندي هئي. انهن
ڪيترائي مدرسا ۽ خانقاهون جوڙيون. وڏين وڏين مسجدن
جو بنياد رکيو. پاڙيسري رياستن سان بهتر سياسي
تعلقات قائم ڪيا. عالمن جو وڏو احترام ڪندا هئا.
هنن زراعت ۽ باغباني تي به گهڻو ڌيان ڏنو. ارغونن
جي اچڻ کان اڳ سنڌ ۾ ڪيترائي باغ هئا، انهن لاءِ
وڏا کوھ کوٽيا ويا هئا، جن کي اُٺ ڇڪيندا هئا.
واپار کي هٿي ڏياري وئي، ٻين صوبن ۽ ملڪن جهڙوڪ
ملتان، ڪشمير، خراسان ۽ گجرات سان واپاري لاڳاپا
قائم ڪيا.“(ص25)
مٿين ڪتابن ۽ مقالن جي تعارف مان ظاهر ٿئي ٿو ته
سنڌ جي تاريخ جي متعلق جيڪو تحقيقي مواد ملي ٿو،
اهو نهايت اهم ۽ حقيقتن تي ٻڌل آهي. ان جو دلچسپ
پهلو اهو آهي ته هي تحقيقي مواد پهريون ڀيرو علامه
سيد سُليمان ندوي اُن وقت ڏنو جڏهن هو اڃان سنڌ ۾
نه آيو هو.
مترجم پاران حاشيا:
1: فروا بن عمرو الجذامي، رومي دور ۾ معان (ڏکڻ
اردن) جي علائقي
جو
حاڪم هو. نبوت جي ظاهر ٿيڻ بعد فروا اسلام قبول ڪيو ۽ پيغمبر
کي پنهنجي اسلام قبول ڪرڻ بابت خط لکيو ۽ هڪ اڇو
خچر پيش ڪيو. جڏهن رومين کي معلوم ٿيو ته هن اسلام
قبول ڪيو آهي، ته هن کي گهرايو، تان جو کيس گرفتار
ڪري قيد ڪيائون ۽ اسلام کان روڪڻ جي ڪوشش ڪيائون. پر هو اسلام تي قائم رهيو، تنهن ڪري هنن کيس موت جي سزا
ٻڌائي، پوءِ کيس قتل ڪيائون. کيس صليب تي چاڙهيو
ويو.
حمام عفرا جي گرم معدني چشمن جي ويجهو ۽ طفيله شهر جي اتر ۾
هن احترام لائق صحابي فروا بن عمرو الجذامي جو
مقبرو آهي، جيڪو پهريون عرب شهيد هو، جنهن کي
جزيره عرب کان ٻاهر اسلام قبول ڪرڻ تي شهيد ڪيو
ويو. جتي رومن کيس قتل ڪري صليب تي چاڙهيو. هي
مقبرو طفيله گورنريٽ جي مذهبي ماڳن مان هڪ آهي.
(وڪيپيڊيا الموسوعته الحرت (عربي) جي ٿورن سان)
2: مفسر، محدث، فقيه ۽ مورخ امام جلال الدين سيوطي
(2 آڪٽوبر 1445ع-17 آڪٽوبر 1505ع) جو اصل نالو
عبدالرحمان، ڪنيت ابوالفضل، لقب جلال الدين ۽ عرف
ابن الڪتب هو. سندن ڪتابن جو تعداد 500 کان مٿي
آهي، جن ۾ تفسير جلالين، الخصائص الڪبريٰ، تاريخ
الخلفاء، الدرالمنثور، الاتقان في علوم القرآن،
رسائل سيوطي، الحاوي للفتاوي گھڻا مشهور آهن.
3: ابو معشر سنڌي: حديث جو مشهور راوي نجيح بن
عبدالرحمان ڪنيت ابو معشر اصل ۾ سنڌ جو
رهاڪو هو، پوءِ مديني وڃي رهيو. ان ڪري کيس مدني
ڪري سڏيو ويندو آهي. روايت آهي ته بنو
اسد، مديني
۾ کيس خريد ڪري نجيح نالو رکيو. هن حضور صلي الله
عليہ وسلم جن جي هڪ صحابي ابو
امامہ اسعد بن سهل بن حنيف رضي الله عنہ کي
ڏٺو هو، ان ڪري کيس تابعين ۾
ليکيو وڃي ٿو. وڏو عالم ۽ فاضل هو ۽ خاص طور معاني
۾ وڏو درڪ حاصل هئس. هو ڪنھن جنگ ۾ گرفتار ڪري
آندو ويو، کيس حجاز ۾ ام موسيٰ خريد ڪيو ۽ پوءِ
بنو ھاشم جي ميراث ۾ آيو. آخرڪار ھن مقرر ڪيل رقم
ادا ڪري پاڻ کي آزاد ڪرايو. آزاد ٿيڻ کان پوءِ ھن
تمام وڏو علمي رتبو حاصل ڪيو، ھن حديث ۽ فقه ۽
مغازي ۾ مھارت حاصل ڪئي. حديث سکڻ لاءِ ھن وقت جي
عالمن کان تمام گھڻو پرايو.
پوءِ ھن جا به ڪيترائي شاگرد ٿيا، سنڌي ھئڻ جي ڪري
ھن جو لھجو ۽ سندس تلفظ جي ادائگي صحيح نه ھئي.
کيس ابو معشر ’السندي‘ سڏيندا ھئا. ھو حافظي جو
ڪجهه ڪمزور ھو. ھو خليفي مھديءَ جي ماءُ، ام موسيٰ
جو غلام رھي چڪو ھو، ان ڪري کيس 160ھ/777ع ڌاري
مديني مان عراق آندو ويو. ابو معشر سنڌيءَ جو نالو
سرفهرست آهي. حديث، مغازي ۽ فقهه ۾ ڪمال حاصل
ڪيائين؛ خاص طرح مغازيءَ جي فن ۾ استاد ليکيو ويو
آهي. سندس استادن مان محمد بن ڪعب، قرظي، سعيد بن
ابي سعيد، مقيري، ابو برده بن ابي موسيٰ، هشام بن
عروه، موسيٰ بن بشار، نافع، محمد بن قيس، وغيره
آهن. ”جامع ترمذيءَ“ ۾ سندس روايت موجود آهي. سندس
شاگردن ۾ جليل القدر عالمن ۽ فاضلن جا نالا آهن:
جهڙوڪ محمد بن ابي معشر، عبدالرزاق، ابونعيم، محمد
بن بڪار، منصور بن ابي مزاحم، ليث بن سعد، عبدالله
بن ادريس، هشيم، ابن مهدي، ابونصر، هاشم بن قاسم،
وڪيع، هوزه بن خليفه، عثمان بن عمرو، محمد بن سوا،
محمد بن عمرو اقدي، ابو ضمره، سعيد بن منصور،
عاصم، بن علي، ابو ربيع زهراني ۽ فن حديث ۽ فقهه
جو مشهور امام سفيان ثوري. علامه ذهبيءَ، امام
احمد بن حنبل، خطيب بغداديءَ، ابو نعيم خليليءَ
سندس ذڪر ڪيو آهي. خليفو مهدي سندس علم ۽ فضل جو
قدردان هو. سڀ ڪنهن کيس مغازيءَ جو امام مڃيو آهي.
سندس تصنيفن مان ”المغازي“ تمام مشهور هئي. ابن
نديم
”الفهرست“ ۾ ان جو ذڪر ڪيو آهي. 170ھ/787ع ۾ وفات
ڪيائين. خليفي هارون رشيد سندس جنازي جي نماز
پڙهائي. بغداد جي مقبره ڪبيره ۾ سنڌ جو هيءُ فخر
مدفون ٿيو. (سنڌي وڪيپيڊيا جي ٿورن سان)
4: ابو عطا سنڌ سان تعلق رکندڙ عربيءَ جو مشهور
شاعر ۽ عالم ھو. جيڪو پنهنجي پيءُ سميت غلام بنجي
عراق پهتو، پر پنهنجي اعليٰ صلاحيتن، ذوق ۽ حساس
طبيعت سبب کيس آزاد ڪيو ويو. هن جو پورو نالو افلح
بن سيار هو، عراق ۾ غلاميءَ وارن ڏينهن دوران سندس
قيام ڪوفي ۾ هوندو هو. انھيءَ زماني ۾ بنو اميه
جي حڪومت اوج تي ھئي، جڏھن اموين ۽ عباسين وچ ۾
ويڙھ شروع ٿي، ته ھن اموين جي حق ۾ ڪيترائي شعر
چيا ۽ انھن جي طرفان لڙاين ۾ به شريڪ ٿيو.
پر جڏھن ان ويڙھ ۾ عباسي ڪامياب ٿي ويا ته ھن
حالتن کي ڏسندي ڪيترو وقت گمناميءَ ۾ لڪي گذاريو.
158ھ /775ع ۾ منصور عباسيءَ جي وفات کان صرف ٿورو
عرصو پوءِ ابو عطا جي وفات ٿي، سندس عربي ڪلام جو
ديوان 1961ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ڪيو ويو،
جنهن کي نامياري محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
ترتيب ڏنو ۽ مقدمو عربي جي جڳ مشهور عالم
عبدالعزيز ميمني تحريرڪيو آهي. ڪيترن ئي عربي
تذڪرن ۽ تاريخن ۾ سندس ذڪر آيو آهي، جن مان ”ڪتاب
الاغاني“ (ج 6، ص 78) خاص ذڪر لائق آهي.
(سنڌي
وڪيپيڊيا جي ٿورن سان)
5: مشهور مسلمان تاريخدان، جاگرافيدان ۽ سياح
ابوالحسن علي بن حسين بن علي مسعودي (896ع-
سيپٽمبر 956ع) بغداد جو رهاڪو هو. هن عظيم سياح
پنهنجو پهريون سفر پنهنجي شهر کان ايران ڏانهن ڪيو
۽ پوءِ هندستان (هاڻي پاڪستان) جي مختلف علائقن
جو
سفر ڪندي ملتان ۽ سنڌ تائين آيو. هندستان جي
الهندي ساحلن سان گڏ ڪوڪن ۽ مالابار جي علائقن مان
ٿيندو لنڪا پهتو. جتان هو هڪ واپاري قافلي سان گڏ
چين ويو. چين مان واپسي تي، هن زنجبار ڏانهن رخ
ڪيو ۽ اوڀر آفريڪا جي ساحل سان گڏ مڊگاسڪر ڏانهن
سفر ڪيو. اتان هو ڏکڻ عرب ۽ عمان کان ٿيندو پنهنجي
شهر بغداد موٽي آيو. خراسان، سجستان (ڏکڻ
افغانستان)، ڪرمان، فارس، جرجان، طبرستان، جبال
(ميڊيا)، خوزستان، عراق (بين النهر جو اڌ ڏاکڻو
علائقو) ۽ جزيره (ميسوپوٽيميا جو اتريون اڌ) تائين
جا علائقا گھمي ڏٺا. 941ع کان 956ع تائين هن شام،
يمن، حضرموت، شحر، مصر، سنڌ، هندستان ۽ اوڀر
آفريڪا جو سفر ڪيو ۽ قزوين، ڳاڙهي (هندي)، روم ۽
عربي سمنڊن جو به سير ڪيو. ان وقت ۾ سفر گھڻو ڏکيو
۽ خطرناڪ هو. پر هن بهادر سياح سمورن خطرن کي منهن
ڏيندي دنيا جو وڏو حصو گھمي ڏٺو. جيڪو يقينن ان
دور ۾ ڪنهن عجوبي کان گھٽ نه هو. گڏوگڏ انهن ملڪن
بابت پڻ اهم مواد تحرير ڪيو. جنهن سان انهن ملڪن
جي تهذيب ۽ ثقافت متعلق پڻ ڄاڻ ملي ٿي. بغداد واپس
پهچڻ کان پوءِ مسعودي وري سفر جي شوق ۾ بيچين ٿي
ويو. هاڻي هن ايشيا ڏانهن رخ ڪيو ۽ اتان شام ۽
فلسطين جو سفر ڪندي مصر پهتو. شايد اندلس ۽ اتر
آفريڪا ڏانهن سفر ڪري ها، پر زندگي هن لاءِ سان
وفا نه ڪئي ۽ هو مصر جي شهر فسطاط (قديم قاهره) ۾
وفات ڪري ويو.
هن تاريخي واقعن جو تنقيدي اڀياس ڪري تاريخ سازيءَ
۾ انقلاب آندو، جنهن کي ابن خلدون بعد ۾ وڌائي هڪ
فن ۾ تبديل ڪيو. قومن جي عروج ۽ زوال جو سندس
مطالعو تمام وسيع ۽ عميق هو. هڪ مورخ جي حيثيت ۾
هو پنهنجي عظمت کان واقف هو. مسعوديءَ، موسيقيءَ
جي علم ۾ به ڪيترائي اضافو ڪيا، هن موسيقيءَ جي
باري ۾ نهايت مفيد ۽ ڪارآمد معلومات ڏني آهي. ڪتاب
”مروج الذھب“ ۾ شروعاتي عرب موسيقي ۽ ٻين ملڪن جي
موسيقيءَ بابت دلچسپ معلومات ڏنل آھي. مسعودي
پنهنجي ڪتابن ۾ 955ع جي زلزلي جا سبب به بيان ڪيا
آهن. مردار سمنڊ ((dead
Sea
جي پاڻيءَ جي مسئلن ۽
قديم آثارن جي ڳولا لاءِ زمين جي کوٽائي
(Archaeology)
جهڙن علمن تي بحث ڪيو آهي.
هن پهريون ڀيرو ”پن چڪي“
(Watermill)
جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪا سجستان ۾ نصب ڪئي وئي هئي ۽
مسلمانن ايجاد ڪئي هئي. بعد جي عالمن؛ مسعوديءَ جي
تصنيفن مان گھڻو فائدو ورتو. خاص ڪري تاريخ
نويسيءَ تي سندس گهڻو اثر رهيو آهي. 1909ع ۾ سي
فيلڊ ”خلفاء
کے
حقائق“
لکڻ وقت مسعودي جي ڪتابن کان گھڻي مدد ورتي.
المسعوي پنهنجي ڪتاب ”مرج الذهب“ ۽ ”اخبار الزمان“
۾ ڪيترن ئي اهڙن ماڻهن جو ذڪر ڪيو آهي، جن بحر
اوقيانوس
(Atlantic Ocean)
کي پار ڪري اڻ ڄاڻ زمين (ارزم جھولا
Arzamjhula)
تي پهتا جيڪا اڄ آمريڪا جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي.
المسعودي جي ٺاهيل دنيا جي نقشي ۾ سوڊان (آفريڪا)
کان اڳتي هن سرزمين (آمريڪا) کي واضح طور تي ڏسي
سگهجي ٿو. جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته المسعودي
کي ڪولمبس کان پنج سؤ سال اڳ آمريڪا جي سرزمين جي
خبر هئي. هن عظيم سياح ۽ جاگرافيدان گهٽ ۾ گهٽ 37
ڪتاب لکيا.
(آزاد دائرة المعارف جي ٿورن سان)
6: سياح ۽ جاگرفيدان محمد بن احمد بن ابي
بڪرالبنا، المقدسي، البشري، شمس الدين، ابو
عبدالله (336ھ/947ع-
380ھ/990ع) يروشلم ۾ ڄائو. هن واپار سانگي ڪيترن
ئي ملڪن جو سفر ڪيو،
جنهن سبب کيس اتان جي حالتن جي ڄاڻ پئي. ان کان
پوءِ هن پاڻ کي ان ڪم جي لاءِ وقف ڪري ڇڏيو.
اڪثر اسلامي ملڪن جو سير ڪيائين ۽ پنهنجو ڪتاب ”احسن
التقاسيم في معرفت الاقاليم“
مرتب ڪيائين.
هن ۾ مسلمان ملڪن جو نقشو به ڏنل آهي، جنهن ۾ سنڌ
جو نقشو به
شامل آهي.
مستشرق گلڊميسٽر چيو ته ”المقدسي پنهنجي ڪيترن ئي
۽ وسيع مشاهدن جي ڪري پاڻ کي ٻين ملڪن جي عالمن
کان ممتاز ڪيو.“
7: مشهور عالم
۽ محدث قاضي احمد بن محمد دائودي منصوري، اصل ۾ منصوره جو ويٺل هو، جنهن شروعاتي تعليم پنهنجي آزاد ڪيل غلامن کان
حاصل
ڪئي،
پوءِ بغداد وڃي اتي جي عالمن ۽ محدثن کان حديثن جي روايت ڪيائين. اتان موٽي اچي منصوره (سنڌ) جو قاضي ٿيو. حديث جي دائودي مسلڪ جو امام هو.
ڪيترن ئي عالمن کانئس حديث جي روايت ڪئي. ’احسن
التقاسم‘ ۾ المقدسي ۽ ’سمحاني الانساب‘ ۾
ابو اسحاق شيرازيءَ سندس ذڪر ڪيو آهي. المقدسيءَ جو بيان آهي ته: منصوره جي آبادي گهڻو
ڪري اصحاب
الحديث تي مشتمل هئي.
ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ
۾ حديث جي علم جو ڪيڏو نه چاھ هو.
قاضي احمد بن
محمد دائودي ڪيترن ڪتابن جهڙوڪ: ’ڪتاب المصباح‘، ’ڪتاب الهادي‘ ۽
’ڪتاب النير‘ وغيره جو مصنف هو. سمحانيءَ
لکيو آهي ته: قاضي احمد بن محمد منصوري، عراق ۽ فارس ۾ سڪونت پذير رهيو. سندس ڪنيت ’ابوالعباس‘ هئي، امام دائود ظاهريءَ جي مسلڪ ۾ امام جي حيثيت رکندو هو. اثرم ۽ ان جي طبقي جي حديث جي صاحبن کان حديث جي سماعت ڪيائين. هن
بابت امام ابوعبدالله حاڪم جهڙي حديث جي حافظ
روايت ڪئي آهي
ته:
”قاضي ابوالعباس
احمد بن محمد بن صالح تميمي منصوري، منصوره جي رهاڪن مان هو، جن عالمن سان مون کي ملڻ جو اتفاق ٿيو.
انهن
کان هن کي سڀنيءَ کان وڌيڪ شائسته، سلجهيل ذهن ۽ فڪر وارو ڏٺم. هن فارس ۾ ابو العباس بن اثر ۽ بصري ۾ ابو روق هزانيءَ کان حديث جي سماعت
جو شرف
حاصل
ڪيو.“
ان مان معلوم ٿئي ٿو ته هن فارس ۾ ابو العباس بن الاثرم کان ۽ بصري ۾ احمد الخزانيءَ
کان
حديث جي تعليم حاصل ڪئي، جيڪو ابو روق جي
نالي سان مشهور هو. هي بخارا به ويو، جتي
ابوالحاڪم کانئس حديث جو علم ورتو. (انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پنجون(
8:
شمس سراج عفيف جو هي فارسي ڪتاب
”تاريخ فيروز شاهي“ سلطان فيروز شاھ تغلق بابت آهي.
سراج عفيف، سلطان فيروز شاھ جي ولادت 709ھ/
1309ع کان لکڻ شروع ڪري ان جي وفات 790ھ/ 1388ع تي ڪتاب پورو ڪيو آهي. هن عهد تي ضياءُ
الدين برنيءَ جو لکيل ڪتاب ”تاريخ
فيروز
شاهي“
به
گهڻو مستند
آهي. برنيءَ جي تاريخ ۾ سياست، مذهب، فلسفو ۽ سياسيات آهي. جڏهن ته شمس
سراج عفيف هن عهد جي سماجي ۽ ثقافتي رخن تي زور ڏنو آهي. انهيءَ
ڪري هن ڪتاب جي اهميت گهڻي آهي، هن ڪتاب کي پنجن
حصن ۾ ورهايو ويو آهي. پهرين، ٻئي، ٽئين ۽ چوٿين
حصي ۾ ارڙهن ارڙهن باب شامل آهن ۽ پنجين حصي ۾
پندرهن باب آهن. ٽئين حصي جا پهريان ٻارهن باب سنڌ
(ٺٽي)
متعلق آهن. هن ڪتاب جي مصنف شمس سراج عفيف جي باري ۾ گهڻي معلومات نه ٿي ملي. پر تاريخ مان خبر پوي ٿي ته هن جي
خاندان جا غياث الدين تغلق سان تمام گهاٽا تعلقات هئا. شمــس ســراج کــي درٻــار ســان وابستگيءَ جو موقعو مليو.
هن جيڪو
ڪجهه لکيو آهي، سو اکين ڏٺل واقعن يا مضبوط شهادتن
تي مشتمل آهي. هن مستند تاريخ جو فارسي زبان مان اردو ٻوليءَ ۾ ترجمو محمد فدا علي طالب ڪيو آهي.
(انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا)
9: ڊاڪٽر محمد حميدالله (9 فيبروري، 1908ع- 17
ڊسمبر 2002ع) هڪ نامور محدث، فقه، محقق، ۽ اسلامي
اسڪالر هو ۽ بين الاقوامي قانون جو ماهر سمجهيو
ويندو هو. حديث جي تاريخ تي تحقيق، قرآن جو فرينچ
۾ ترجمو ۽ يورپ جي ملڪن ۾ اسلام جي ڦهلا جي اهم ڪم
جي ڪري کيس عالمي شهرت حاصل ٿي. کيس اردو، عربي،
فرينچ، جرمن، قديم ۽ جديد ترڪي، اطالوي، فارسي،
انگريزي ۽ روسي ٻولين تي عبور حاصل هو. هن 7 ٻولين
۾ لکيو ۽ تحقيق ڪئي. انگريزي ۽ اردو کان سواءِ
فرانسيسي، جرمن، عربي، فارسي ۽ ترڪي ٻولين ۾ به
ڪيترا ئي مضمون ۽ ڪتاب لکيائين.
|