پروفيسر ڊاڪٽر انور فگار هَڪڙو
مهراڻ رسالي جي ادبي خدمت جا پنجهٺ سال
هن مقالي جي شروعات کان اڳ آءٌ اهو چٽو ڪرڻ لازمي
ٿو سمجهان ته منهنجي موضوع جو سڌو سنئون تعلق
ٽماهي ’مهراڻ‘ جي ٻي دؤر يعني سن 1955ع ۾ شايع ٿيل
پهرين رسالي کان اڄ تائين آهي. پهرين دور (جنوري
1946ع- 1950ع) ۾ شايع ٿيل ’مهراڻ‘ جو تعلق سنڌي
ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ سان هيو ته هن ٻئي
دور ۾ شايع ٿيندڙ رسالي مهراڻ جو تعلق سنڌي ادبي
بورڊ سان آهي.
تمهيد: دنيا جي مختلف زبانن ۾ شايع ٿيندڙ مختلف
رسالا منفرد نوعيت، پاليسي، علمي، ادبي، تاريخي،
تهذيبي ۽ لساني عنوانن سان تعلق رکندڙ مواد شايع
ڪري، عالمن، اديبن، محققن ۽ لکندڙن جون گهرجون
پوريون ڪندا رهيا آهن، جو انهن جي گهڻ طرفي ڪارج
سبب اهي سون سالن کان شايع ٿيندا رهيا آهن. اهڙن
دائمي قدرن ۽ ڪارج وارو گهڻ گڻو رسالو ’مهراڻ‘ به
سنڌي زبان ۾ شايع ٿيندڙ اهڙو ٽماهي رسالو آهي،
جنهن سنڌي زبان، ادب، تاريخ، تهذيب ۽ لسانيات ۾
بيشڪ منفرد مقام حاصل ڪري، ”سنڌي ادبي بورڊ“ کي
جاوداني عطا ڪئي آهي.
سنڌي ادبي بورڊ طرفان سماهي ’مھراڻ‘ جي اشاعت هڪ
عظيم شروعات هئي، جنهن موجوده ادب ۾ جمود کي مڪمل
ريت ٽوڙايو ۽ سنڌي ۾ جديد ادب پيدا ڪرڻ تي زور
ڀريو.
9- فيبروري 1976ع شيخ اياز
نالو: ’مهراڻ‘ رسالي تي پهرين دور ۽ ٻي دور ۾ به
ساڳيو ئي نالو قائم رکيو ويو آهي، جو سنڌ جي
ناميارن عالمن جي اڳواڻ شمس العلماء علامه ڊاڪٽر
عمر بن محمد دائود پوٽي ڌريو، جنهن جي همه گير
ويچار جو اسان کي اعتراف ڪرڻ جڳائي. ’مهراڻ‘ اهڙو
وسيع لفظ آهي، جو هن رسالي لاءِ بلڪل موافق ۽
معقول پيو محسوس ٿئي. ’مهراڻ‘ ويا ڪرڻي لحاظ کان
اسم مذڪر آهي ۽ چيو وڃي ٿو ته اصل سنسڪرت ٻولي سان
تعلق رکي ٿو. اشتقاق مطابق مها=
وڏو
+
آرڻو سمنڊ آهي. جنهن جي معنيٰ آهي، وڏو سمنڊ-
مهاساگر- بحر- ساگر- سائر- کارو- ندي- درياء
سنڌونديءَ جو قديم نالو، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته
آرين جو ڏنل آهي، پارسين جي قديم ڪتاب ”بُه بند
هش“
Bundahish
۾ ڄاڻايل اصل نالو ’مهرا‘ آهي. ڏسو ويسٽر گيئرڊ جو
ڇپايل اوستا ص 51. (بلوچ 1988ع ج:5 ص2742)
’مهراڻ‘ جو پهريون رسالو: سال 1955ع جي ’سياري‘ جي
سري سان شايع ٿيو. نالي (مهراڻ) جي هيٺان ”سنڌي
ادبي بورڊ جو سه ماهي، علمي ۽ ادبي رسالو .....
ڇپيل اٿس. ..... سر ورق جي هيٺين ..... انچ پٽي
اجرڪ جي ڇُرَ ۽ وچين حصي تي منجهس شايع ٿيل لکندڙن
جا نالا ڏنل آهن. انهن جي مٿان شاهه لطيف جو هي
بيت ڄڻ لکندڙن جي اصل صلاحيتن جي ترجماني پيو ڪري.
اِيءَ گَت غَواصن، جن سمنڊ سُوجهيائون،
پيهي منجهه پاتارَ جي، ماڻِڪ ميڙيائون،
آڻي ڏنائون، هيرا لعل هَٿن سين.
(شاهه)
ٻه سَوءُ ٻارهن صفحن تي مشتمل ميگزين سائيز جو هي
رسالو سُهڻي ڇپائي، اعليٰ معياري مواد، معقول
ترتيب جو اهڙو نمونو آهي، جو اهو نمونو اڄ تائين
هلندو اچي. پهرين رسالي جو ايڊيٽوريل ’گذارش‘
جي عنوان هيٺ چئن صفحن تي مشتمل آهي. جنهن ۾ مختلف
ويچارن کي ٻارهن فقرن
Paragraphs
۾ ورهايو ويو آهي. پهرين فقري جي شروعات هنن
الفاظن سان ادا ڪيل آهي.
”مهراڻ“، سنڌي ادب ۾، جنهن معياري مقام جو رسالو
آهي، اهو ڪنهن کان ڳجهو نه آهي. سنڌي ادب ۾
’مهراڻ‘ جو پنهنجو خاص رنگ رهيو آهي. ’مهراڻ‘ جي
مسلسل مطالعو ڪندڙ اهل علم دوست چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا
ته رسالي ۾ علمي، ادبي، فني، لغوي، مضمون نهايت
تحقيق ۽ محنت سان لکيل ئي شايع ٿيندا رهيا آهن.
ان کان اڳتي پهرين دؤر جي ’مهراڻ‘ ۾ لکندڙ اديبن ۽
شاعرن جي نالن ۽ سندن لکڻين جي واکاڻ تي فقرو مڪمل
ڪيو ويو آهي. اهڙيءَ طرح ٻي فقري کان پهرين فقري
جي تسلسل سان جوڙي نهايت اهم ۽ تاريخي حقيقت بيان
ڪندي لکيو ويو آهي ته:
”اها به هڪ مسرت انگيز حقيقت آهي ته ’مهراڻ‘ جي ان
معياري ۽ بلندپايه جي حيثيت کي، بمبئي يونيورسٽيءَ
۽ سنڌ يونيورسٽي جي ارباب بست وڪشاد به تسليم ڪيو
۽ بي.اي ۽ ايم.اي جي شاگردن لاءِ ان جي مطالعي جي
سفارش ڪئي.“
اهڙيءَ طرح ٽيون، چوٿون ۽ پنجون فقرو مهراڻ جي
پهرين دؤر جي رسالن جي اهميت ۽ افاديت جي مذڪور
سان مسلسل آهن. ڇهين نمبر فقري ۾ نئين مهراڻ ۾ آيل
مواد لاءِ ڪيل ڪوششن جو ذڪر ٿيل آهي. ستين فقري ۾
هر قوم وانگر ٻولي، ادب، تهذيب، تاريخ ۽ ثقافت جي
خدمت لاءِ سنڌي قوم کي پڻ ڪمربسته ٿيڻ جي هدايت
سان گڏ علمي، ادبي ۽ اشاعتي ادارن جي خدمتن جي
ساراهه ڪيل آهي. فقري نمبر اٺين ۾ ليکڪن جي تعاون
جي شڪريي کان پوءِ ”سنڌي ادبي سنگت“ جي زنده دل
نوجوان شاگردن پاران انعامي مقابلي لاءِ موڪليل
افسانن لاءِ ٿورا مڃيل آهن. ان کان سواءِ مرحوم
اديبن جي ملهايل ورسين جو ذڪر ڪيل آهي. نائين نمبر
فقري ۾ مختصر ڪهاڻين جي مقابلي جي پهرين چئن انعام
کٽندڙ هيٺين ڪهاڻين جي اشاعت جو اظهار ڪيو ويو
آهي.
’شاهه جو ڦر‘ جمال ابڙو
’اتر ڊاهي ان جا ته ڪنهن کي ڪارون ڪن‘
غلام رباني
’امان مان اسڪول ڪونه ويندس‘ حفيظ احمد
۽ ’سيما‘ دلدار حسين موسوي
ڏهين نمبر فقري ۾ شايع ٿيڻ کان رهجي ويل لکندڙن
کان معذرت ۽ يارهين فقري ۾ شايع ٿيل ڪتابن تي
تبصري لاءِ ٻه ڪاپيون موڪلڻ جي صلاح ڏنل آهي.
ٻارهين نمبر فقري ۾ مهراڻ جي اصل نالي تجويز ۽ دعا
تي هن ريت اختتام ڪيل آهي.
’مهراڻ‘ جو اصل نالو، جناب شمس العلماء ڊاڪٽر
دائود پوٽي صاحب جن ئي تجويز فرمايو هو. ”مهراڻ“
جو هي نئون دور پڻ جناب ڊاڪٽر صاحب مدظله جن جي ئي
سنيهي ۽ دعا سان شروع ٿي رهيو آهي.
”الحمدلله، جو ’مهراڻ‘ وري مس مس منهن ڪڍيو، دعا
آهي ته پنهنجي نئين جنم ۾ خوب ويجهي ۽ سانوڻ جي
سماء وانگر نڪون ڏيئي نوڙيين وهي، جيئن سڀ ڪوچڙيون
ڪسيون، واهه ۽ نياڻ منجهس مدغم ٿي وڃن!
اندر رهي نه گهٽ، سپريان جي ڳالهڙي،
ڇاڳر سهي نه سٽ، جه ’مهراڻ‘ موج ڪي!
ڪهڙو نه مٺو نالو! ڌريان ئي ڌريل درويش جو، شل
سنڌي ساهت جي معياري خدمت ڪري، ۽ دائم ۽ قائم رهي.
آمين!
مهراڻ جو مواد:
مهراڻ جي هن پهرين پرچي ۾ پهرين شاعريءَ واري ڀاڱي
جي چاليهن صفحن تي اٽڪل ٽيونجاهه شاعرن جو ڪلام
بيت، ڪافي، گيت، نظم، غزل، قصيده، رباعيات ۽ قطعه
تاريخ جي صنفن جي صورت ۾ شايع ٿيل آهي. شعر ۽
شاعريءَ جي ڀاڱي کان بعد افسانن جي ستونجاهه صفحن
واري ڀاڱي ۾ ڪل ڏهه افسانا شايع ٿيل آهن، جن مان
چئن جو اڳ ۾ ذڪر ٿي چڪو آهي. ’مهراڻ‘ جي ٽين
مضمونن واري ڀاڱي جي هڪ سو اٺن صفحن تي يارهن
مضمون، سورهن وفات ڪري ويل اديبن ۽ شاعرن جي احوال
سان گڏ تازن ڇپيل ڪتابن تي تبصرو پڻ شايع ٿيل آهن.
مڃتا: ’مهراڻ‘ جي هن ٻي دؤر جي رسالي جو ايڊيٽر
محمد ابراهيم جويو ۽ مئنيجنگ ايڊيٽر، غلام محمد
گرامي هو. ٻئي عالم ۽ اديب علمي دنيا جا نامي
گرامي ۽ مڃيل استاد ۽ اديب هئا. سندن اڻ مئين
صلاحيتن ۽ قابليتن جو مهراڻ اهڙو سهڻو ثبوت پڌرو
ٿيو، جو سنڌ ۽ هند جي اديبن ۽ شاعرن لاءِ ڄڻ سارنگ
ثابت ٿي پيو. جنهن جو اظهار ڪيترن اديبن ۽ شاعرن
خطن رستي ڪيو، جي پوءِ شايع ٿيل مهراڻ رسالي ۾
ڇپيل آهن.
سيد شاهنواز شاهه عارف الموليٰ:
’مهراڻ‘ پنهنجي صوري ۽ معنوي لحاظ سان نهايت
معياري رسالو آهي ۽ هر طبع وارو ان کي پڙهڻ کان
پوءِ دلي سرور حاصل ڪري سگهي ٿو.
بشير مورياڻي:
’مهراڻ‘ ادب ۽ آرٽ جو اهو حسين مجموعو آهي، جنهن
سنڌي ادب ۾ خاص امتيازي حيثيت پيدا ڪئي آهي.
واسديو نرمل:
’مهراڻ‘ نهايت عمدو پرچو آهي ۽ سانڍڻ جي لائق آهي.
پڙهڻ کان پوءِ سچ پچ ’دل نچيو اٿي ۽ من ڳايو اٿي.‘
ايڊيٽر: مهراڻ جي پهرين سال 1955ع جي چئن رسالن جي
اشاعت کان پوءِ مئنيجنگ ايڊيٽر غلام محمد گرامي جي
جاءِ تي محمد عثمان ڏيپلائي مقرر ٿيو. اهڙيءَ طرح
اسسٽنٽ ايڊيٽر جي حيثيت سان شمشيرالحيدري 1956ع ۾
مقرر ٿيو. سندس نالو ان حيثيت سان مهراڻ 4/1956ع
جي رسالي ۾ ملي ٿو.
محمد ابراهيم جويي سال 1955ع ۽ 1956ع جا اٺ رسالا
ايڊٽ ڪيا، تنهن کان پوءِ 1-2/1957ع جي رسالي لاءِ
ايڊيٽري جا فرائض علامه دائود پوٽي ۽ سيد حسام
الدين راشدي سرانجام ٿي ڏنا. سال 1957ع جو 4-3
رسالو سوانح نمبر جي صورت ۾ شايع ٿيو. جو ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ ترتيب ڏنو هو. سن 1958ع جا
½
۽ 4-3 گڏيل رسالا علامه دائود پوٽي جي ادارت ۾
ڄاڻايل آهن. علامه دائود پوٽو 22 نومبر 1958ع تي
هي جهان ڇڏي ويو. سن 1958ع جو 4-3 رسالو غلام محمد
گرامي جي ايڊيٽريءَ ۾ پڌرو ٿيو.
مولانا غلام محمد گرامي سن 1958ع کان آخري عمر
(وفات 15- سيپٽمبر 1976ع) تائين ارڙهن سال مهراڻ
جو ايڊيٽر رهيو. سندس ادارت ۾ چوونجاهه رسالا ڇپجي
پڌرا ٿيا. اهڙيءَ ريت مهراڻ
½-1963ع
تائين شمشيرالحيدري اسسٽنٽ ايڊيٽر رهيو. غلام محمد
گرامي جي ڪشاده دلي ۽ مخلصي جو اهو عالم هوندو هو
ته پاڻ مهراڻ رسالي جي ايڊيٽوريل ۾ سيڪريٽري، بورڊ
جي ميمبرز اسسٽنٽ سيڪريٽري پريس مئنيجر ۽ ٻين
ڪارڪنن جي معاونت جو اعتراف ڪندو رهندو هو.
شمشيرالحيدري جي خالي ڪيل مسند تي سن 1974ع (2
رسالي کان) کان انور هالائي اچي ويٺو. اهڙي طرح سب
ايڊيٽر جي جاءِ نامور عالم شيخ نفيس احمد ’ناشاد‘
1972ع (2 رسالي) کان والاري.
مولانا غلام محمد گرامي جي وفات کان پوءِ آڪٽوبر
1976ع کان امداد حسيني ايڊيٽر رهيو، جنهن سن 1979ع
جي پهرين رسالي تائين جملي اٺ رسالا ايڊٽ ڪيا. ان
کان پوءِ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جي 1978ع
واري چيئرمينيءَ واري وقت علامه صاحب پاڻ مهراڻ جا
چيف ايڊيٽر رهيا ۽ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو ۽ معمور
يوسفاڻي ايڊيٽر ٿي رهيا. شيخ نفيس احمد ”ناشاد“
انچارج ايڊيٽر رهيو. مهراڻ رسالي لاءِ ايڊيٽوريل
ڪميٽي جڙي، جنهن ۾ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، ڊاڪٽر
غلام علي الانا ۽ سيد شاهه محمد شاهه ’شاد‘ ميمبر
جي حيثيت سان شامل رهيا. انهيءَ عرصي ۾ شايع ٿيندڙ
رسالي جي سموري جدوجهد نفيس احمد ناشاد پئي ڪئي ۽
ساڳئي ’گذارش‘ جي عنوان سان ايڊيٽوريل پڻ نفيس
احمد ناشاد جا لکيل آهن. نفيس احمد ناشاد جولاءِ
1980ع کان ايڊيٽر انچارج ۽ جنوري 1983ع کان ايڊيٽر
جي حيثيت سان رسالي لاءِ خدمتون سرانجام ڏيندو
رهيو. جنوري 1989ع ۾ جڏهن سائين مخدوم محمد زمان
طالب الموليٰ سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين جو منصب
سنڀاليو، تڏهن 1990ع ۾ پاڻ مهراڻ رسالي جا سرپرست
اعليٰ رهيا. عبدالله ورياهه، سيد احسن الهاشمي،
ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ
ايڊيٽوريل بورڊ جا ميمبر مقرر ڪيا ويا هئا. بعد ۾
ايڊيٽوريل بورڊ هن طرح تشڪيل ڏنو ويو: مخدوم جميل
الزمان ’جميل‘، عبدالله ورياهه، سيد احسن الهاشمي
۽ حبيب الله صديقي. شيخ نفيس احمد ناشاد جي
رٽائرمينٽ کانپوءِ مهراڻ جو ايڊيٽر طارق عالم ابڙو
مقرر ٿيو ۽ اسسٽنٽ ايڊيٽر دين محمد ڪلهوڙو مقرر
ٿيو. 2011ع کان محترمه ثمينه ميمڻ ’مهراڻ‘ رسالي
جي ايڊيٽر انچارج مقرر ٿي جا مئي 2024ع تي
رٽائرمينٽ تائين رهي. کانئس پوءِ مهراڻ رسالي جي
ايڊيٽر جو قلمدان جبران زيب جي حوالي رهيو. جنوري
2019ع ۾ مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘
صاحب، سنڌي ادبي بورڊ جا چيئرمين مقرر ٿيا ۽ جيئن
ئي بورڊ آف گورنرس جي مقرري عمل ۾ آئي. تيئن
’مهراڻ‘
رسالي لاءِ ايڊيٽوريل بورڊ جوڙيو ويو. جنهن ۾
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، ڊاڪٽر نواز علي شوق ۽ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ميمبر مقرر ٿيا آهن. ٽماهي مهراڻ
2019ع تائين رسالي کي شايع ٿي پنجهٺ سال پورا ٿيا
آهن. انهن پنجهٺ سالن ۾ مهراڻ جا ڪيترائي يادگار
نمبر شايع ڪيا آهن، جي علمي، ادبي ۽ تحقيقي لحاظ
کان بيحد اهميت رکندي نهايت مفيد ثابت ٿيا آهن.
اهڙن يادگار نمبرن ۾ ’سوانح نمبر (3-4/1957ع)‘
’ڏهه ساله نمبر (1-2 ۽ 3-4 1965ع)،‘ ’شاعر نمبر‘
(1-2/1969ع)، ’قائداعظم نمبر’ (3/1976ع)، ’گرامي
نمبر‘
(4/1976ع)، ’علامه اقبال نمبر‘ (3-4/1977ع) ’سيرت
نمبر‘(3-4/1980ع) ’پير حسام الدين راشدي نمبر‘
(1/1983ع) ۽ ٻيو ’پير حسام الدين راشدي نمبر‘
(2-1997ع)، ’سنڌي ادب نمبر‘ (2/1984ع)، ’رني ڪوٽ
نمبر‘3/1984ع، ’مقالا نمبر‘ (4/1984ع)، ’فهرست
نمبر‘ (1/1984ع)، ’تحريڪ آزادي نمبر‘
(1-2/1985ع)، ’لوڪ ادب نمبر‘ (4/1991ع) ’شيخ اياز
نمبر‘ (1-2/1998ع)، ’تنوير عباسي
نمبر‘(1-2/2000ع)، ’مرزا قليچ بيگ نمبر‘
(4/2003ع)، ’گولڊن جوبلي نمبر‘ (2-3/2006ع)،
’ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ نمبر‘ (2/2012ع)
’مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ نمبر‘ (1/2013ع)،
’شمشيرالحيدري نمبر‘(3/2013ع) ’محمد عثمان ڏيپلائي
نمبر‘ (1/2014ع)، ’محمد ابراهيم جويو
نمبر‘(3-2014ع)
’مخدوم امين فهيم نمبر‘ (3-4/2016ع) ’امداد حسيني
نمبر‘ (1/2023ع)، انهن کان علاوه مهراڻ جي ٻي دؤر
جي شروعات کان اڳ سال 1949ع ۽ 1950ع ۾ ٻه لطيف
سالگرهه نمبر خانبهادر محمد صديق ميمڻ جي
ايڊيٽريءَ هيٺ شايع ٿيل آهن. انهن سميت مهراڻ
رسالي جا 29 اڻٽيهه خاص نمبر شايع ٿي چڪا آهن.
اهڙيءَ طرح نتيجي ڏي نهارجي ٿو ته پنج نمبر مولانا
غلام محمد گرامي جي محنت جو ثمر آهن، ٻه نمبر
امداد حسيني جي ايڊيٽريءَ ۾ ڇپيل آهن. ٻارهن نمبر
شيخ نفيس احمد ناشاد جي صلاحيتن جي شاهدي ڀرين ٿا
ته پنج نمبر ثمينه ميمڻ جي جدوجهد جو نتيجو آهن.
هڪ نمبر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، دين محمد ڪلهوڙي
جي محنت جو ڏس ڏئي ٿو.
’مهراڻ‘ رسالي ۾ مختلف موضوعن تي معياري ۽ منفرد
مواد شايع ٿيندو رهيو آهي. جنهن ڪري اهو اعليٰ
تعليمي ادارن ۾ مطالعي، تحقيق ۽ تجسس لاءِ بنيادي
ماخذ طور پنهنجي حيثيت مڃائي چڪو آهي. مهراڻ رسالي
مان مختلف موضوعن تي مضمون ۽ مقالا منتخب ڪري
معلمن ۽ عالمن مختلف تصنيفون مرتب ڪري، مطالعي
لاءِ آسانيون پيدا ڪيون آهن. اهڙيءَ طرح مهراڻ ۾
شايع ٿيل مواد متعلق مختلف موضوعن تي باضابطه
تحقيقي رٿائون جوڙي تحقيقي مقالا تيار ڪرڻ لاءِ
اسڪالر پنهنجا قلم تازه ڪندا رهيا آهن. مطلب ته
’مهراڻ‘ سنڌي زبان ۽ ادب جي هر هڪ موضوع سان
لاڳاپيل اهڙو رسالو آهي، جنهن اسان جي زبان، تهذيب
۽ تمدن جي تاريخ کي فخر جوڳو مقام عطا ڪيو آهي. ان
ڪري ڪوشش ڪري مهراڻ ۾ شايع ٿيل مواد جا انگ اکر گڏ
ڪرڻ لاءِ ”مهراڻ“ جي فهرست نمبر جي مدد سان هن ريت
اندازو لڳايو ويو آهي.
نثر متعلق مواد جو ڳاڻيٽو:
1.
آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين: 120 مضمون
2.
ادب لطيف 41 تحريرون
3.
افسانا-ڪهاڻيون 404
4.
ڪتابن تي تبصرا 240
5.
تصويرون 210
6.
سنڌي زبان 17 تحريرون
7.
علمي ۽ ادبي خط 34
8.
علمي، ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين جو احوال 146
9.
گذارشون (ايڊيٽوريل نوٽ) 206
10.
مقالا ۽ مضمون 888
11.
ناٽڪ 43
12.
هڪ ڏينهن جي ڳالهه 16
13.
متفرقات 04
14.
جيءَ ڪڙا ڪيا جن، پيتيون تن پياليون 08
مولانا گرامي جي وفات تي اخبارن ۽ رسالن جا
ايڊيٽوريل
15.
هو
جي هت هئا، آءٌ نه جيئندي ان ري 56
مختلف عالمن ۽ اديبن جا لکيل تاثر
16.
سر ۾ سارين ئي (نسيم کرل جي موت تي تاثر)
07
17.
اپيلون 03
18.
پيغام 14
19.
خطاب 11
20.
مڪتوبات 02 ڪل 2470
شعر جو مواد:
1.
گيت 393
2.
لوڪ گيت 32
ڊاڪٽر الطاف جوکيو
سنڌي ٻوليءَ ۾ ’صفت مان اسم‘ جُڙڻ جو مختصر اڀياس
1.
ماهيو 01
2.
مثنويون 10
3.
نظم 654
4.
آزاد نظم 293
5.
غزل 758
6.
غير ملڪي شاعريءَ جا ترجما 25
7.
فرد 02
8.
قصيدا 13
9.
قطع تاريخ 01
10.
سي حرفيون 02
11.
سينگار 01
12.
سنڌ جو لافاني شعر (مرهيات شاعر) 43
ڪل 2228
مٿيون سموريون تحريرون نو سوَ پنجونجاهه اديبن
۽ شاعرن جي ادراڪ ۽ احساس جو نتيجو آهن.
ٻوليءَ جو وياڪرڻ اهڙو علم آهي، جيڪو ٻولين ۾
يڪسان اهميت رکي ٿو. وياڪرڻ جا اصطلاح/ ٽرم گهڻي
ڀاڱي ساڳيا ٿيندا آهن، البت، انھن جو اڀياس هر
ٻوليءَ جي مزاج مطابق ٿيندو آهي. گرامر جي ڪن
گهڻگهرن جو خيال آهي ته سنڌي گرامر گهڻي قدر عربي-
فارسيءَ جي ’صرف و نحوَ‘ تي ٻڌل آهي، ان لاءِ ان
تي نئين سِري سان سنڌي گرامر پٽاندر ڪم ٿيڻ گهرجي.
حقيقت ۾ اهڙي ڳالھه ڪري ته وٺجي ٿي، ليڪن ان جي ڪا
علمي حيثيت نه هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته انھن جو ڪو
اهڙو ڪم سامهون نه ٿو اچي. اصل ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾
اصطلاح
(terms)
گهڻي قدر عربيءَ جا ته استعمال ڪيا ٿا وڃن، ليڪن
ان جي وضاحت يا مثال سنڌي ٻوليءَ جا ئي هوندا آهن.
گرامر يا لسانيات ۾ ايئن انگريزي ٽرمس به ڪم آندا
ويندا آهن، جن جو ترجمو ڪري، ڪڏهن اسان خود
مونجهاري جو شڪار ٿي ويندا آهيون. ڳالھه ڪرڻ جو
مقصد ته سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙا اصطلاح (terms)
مختلف ٻوليءَ جا ڪم ته بيشڪ آندا ويندا آهن، ليڪن
انھن جي جوڙجڪ ۽ دائرو سنڌي ٻوليءَ مان ئي جوڙيو
ويندو آهي. ها، باقي ايترو ضرور ڪري سگهجي ٿو ته
ان ۾ موجود خال کي واضح ڪري، ان تي ڪم ڪجي، پر
ايئن ڪرڻ سولو ناهي، ڳالھيون ڪرڻ سوليون آهن.
وياڪرڻ جي حوالي سان ننڍڙو مثال ’اسم‘ جو کڻجي ۽
اسان جي اوائلي عالمن جو ڪم جاچجي ته اسان کي
لڳندو ته هيءُ ڪم سراسر سنڌي ٻوليءَ جو ئي آهي.
اسم بابت ڀيرومل آڏواڻي ڄاڻائي ٿو:
”اسم معنى نالو. دنيا ۾ سڀ
ڪنھن ماڻھوءَ، جاءِ، شيءِ ۽ ڪم وغيره تي نالا رکيل
آهن؛ جيئن: اڪبر، محمد، ڪراچي، ڇوڪرو، گهوڙو، انب،
ويڙهه، ساوڪ ۽ ٻيا؛ انھن نالن کي چئبو آهي اسم!
مطلب ته: ڪنھن ماڻھوءَ يا ٻئي جاندار يا بيجان
شيءِ يا ڪم يا خاصيت جي نالي کي ’اسم‘ چئجي ٿو.“
(ڀيرومل، 1985: 23)
’جيڪي صفاتي اسم (خاص ۽ عام) آهن، تن کي جسم آهي؛ تنھنڪري
انھن جي ڄاڻ حواسن يا اندرين (ڪن، هٿ، اکيون، ڄڀ،
۽ نڪ) جي وسيلي پوي ٿي ۽ جيڪي ذاتي اسم آهن، تن کي
جسم ڪونھي؛ تنھنڪري انھن جي ڄاڻ حواسن يا اندرين
جي وسيلي نٿي پوي، پر انھن جو رڳو پنھنجي من يا دل
۾ ويچار ڪري سگهجي ٿو.“
(ڀيرومل،
1985: 26)
ڪنھن ساهواري، شيءِ، جاءِ؛ ڪم حالت ۽ خاصيت جي
نالي کي اسم ٿو چئجي. اسم ذات ۾ ڪم معنى فعل،
خاصيت معنى صفت، ته پوءِ لفظ جي ڪھڙي صورت، اسم ۾
ويندي ۽ ڪھڙي صورت فعل يا صفت ۾ ويندي! اهڙين
ڳالھين تي غور ڪرڻ ۽ سمجهائڻ جي ضرورت هوندي آهي.
واضح هجڻ گهرجي ته سنڌي ٻوليءَ جي نسبت، عربي
ٻوليءَ ۾ اسم جي وضاحت ۽ ان جا قسم يا انگريزيءَ
جي اسم جي وضاحت ۽ ان جا قسم، بنھه الڳ الڳ معاملو
آهي. انھن ٻولين ۾ اسم جي قسمن ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾
اسم جي قسمن ۾ وڏو فرق آهي. ان ڪارڻ اها ڳالھه
سمجهڻ گهرجي ته اصطلاحن (terms)
جا نالا بيشڪ عربي يا ڪنھن ٻي ٻوليءَ ۾ ٿي سگهن
ٿا، ليڪن ان جو اطلاق سنڌي ٻوليءَ جي مزاج سان ئي
ٿيندو. هاڻي جيڪڏهن عام ٿيل
اصطلاحن (terms)
جا ويھي ترجما ڪنداسين يا لفظ مٽائينداسين ته
مونجهارا پيدا ٿي ويندا. ان لاءِ اسان جي عالمن جي
ڪم کي ٻيھر بيشڪ ڏسو، ليڪن جنھن نھج ۽ خبرداريءَ
سان ڪم ڪيو اٿن، ان تي علمي ويچار ونڊ ڪرڻ جي گهرج
آهي.
سڀني ٻولين ۾ ’صفت مان اسم‘ جي جڙڻ جا اصول موجود
آهن، هتي اهڙن سنڌي لفظن تي ويچار ڪرڻ مقصود آهي،
جيڪي ’صفت مان اسم‘ جي صورت وٺن ٿا.
s
جڏهن صفت الڳ سان وياڪرڻ جي اٺن لفظن ۾ شامل آهي
ته پوءِ صفت جي ڪھڙي صورت اسم ۾ شامل ٿيندي؟
اسم جي وصف بعد صفت جي مختصر وصف ڄاڻائڻ ضروري
آهي.
ڀيرومل آڏواڻيءَ موجب: صفت اهو لفظ آهي جو
اسم يا ضمير سان لاڳو ٿي، ان جي خاصيت يا قسم يا
انداز ڄاڻائي ٿو. صفت جي معنى رڳو ’گڻ‘ نه آهي پر
هر ڪنھن قسم جي وصف (بيان حقيقت) چڱي توڙي بڇڙي يا
رواجي ان ۾ اچي ٿي وڃي، تنھنڪري ٿورن لفظن ۾ چئبو:
صفت اهو لفظ آهي جو اسم يا ضمير سان لاڳو ٿي ان
بابت ڪجهه حقيقت ڄاڻائي ٿو. (ڀيرومل، 1985: 74)
ابڙي عبدالرحيم ارشد موجب: ”اهڙا لفظ جي جملي ۾
اسم جي گڻ، اوگڻ، قسم، انداز ۽ وزن بابت خبر
ٻڌائين، تن کي صفت چئجي. صفت جا مکيه قسم ٽي آهن:
1. صفت وصفي 2. صفت عددي 3. صفت ضميري.“ (ابڙو،
1986: 12)
ڊاڪٽر غلام علي الانا موجب: ”صفت اهو لفظ
آهي، جيڪو پنـﮬـنجي موصوفي (اسم يا ضمير) کان اڳ،
پر ان سان بلڪل گڏ ڪم اچي ٿو ۽ پنـﮬـنجي موصوف جي
’گڻ‘ (خاصيت) ’اوگڻ‘، ’عدد‘، ’انداز‘ يا ’مقدار‘
جي باري ۾ وضاحت ڪري ٿو. مثال: چڱو، سٺو، وڏو،
ڏهه، اٺون، ٿورو، چئوڻو، ايڪڙ ٻيڪڙ، ويـﮬـارو
وغيره. صفت جا قسم: صفت جا ٽي قسم آهن:
وصفي، عددي ۽ ضميري.“
(الانا، 2010: 87، 88)
ڪم، حالت ۽ خاصيت وارا اسم جا جز، اهڙا آهن، جن جي
ظاهري ڪا شڪل ڪونھي، جنھن سبب انھن کي ’اسم ذات‘
ڪوٺيندا آهن. ڀيرومل آڏواڻي، ان بابت لکي ٿو:
”سپت، ڪپت، چالاڪي، موڳائي، ڊيگهه، ويڪر، ساوڪ،
اڇاڻ، ڪاراڻ وغيره خاصيتن جا نالا آهن. (خاصيت
معنى خاص ڳالھه جا ڪنھن جي سڀاءَ ۾ هجي، تنھنڪري
خاصيت لفظ ۾ گڻ توڙي اوگڻ ۽ ٻيون ذاتي ڳالھيون اچي
ٿيون وڃن.) شاهوڪاري، غريبي چڱڀلائي، بيماري،
ٻالاپڻ، جواني، پيري ۽ بيدلائي اهي حالتن جا نالا
آهن.“ (ڀيرومل، 1985: 24)
واحد بخش شيخ خاصيت واري جز کي ’اسم ذات‘ ڪوٺيندي
لکي ٿو: ”اسم ذات انھيءَ ذاتي وصف جي نالي کي چئبو
آهي، جا موصوف ۾ هميشه موجود هجي، مثلاً: گرمي،
روشني، ڪشش، سُرُ، نيڪي، بدي، حسن، ميٺاج، رنگ،
ڪوڙ ۽ سچ وغيره. انھن کي اسم ذات چئبو آهي، ڇاڪاڻ
ته انھن مان هرهڪ وصف پنھنجي پنھنجي موصوف ۾ مستقل
طرح موجود هوندي آهي، جيسين ڪو حادثو يا اتفاق
انھيءَ جي مٽجڻ يا ميٽجڻ جو سبب نه بڻجي.“ (شيخ،
2006: 43)
دراصل، ڀيرومل جي ڏنل مثالن مان به اهو واضح ٿئي
پيو ته اسم ذات جي جزن مان ’حالت‘ وارا لفظ به
’خاصيت‘ جو حصو آهن، ان لاءِ هتي ’خاصيت ۽ حالت‘
وارن لفظن کي گڏي ساڳئي گروهه ۾ سمجهيو ويندو.
هونئن ته ’اسم مان صفت‘ ڏيکارڻ گهرجي، ليڪن هتي
’صفت مان اسم‘ جي بيھڪ جو اڀياس ڪيو پيو وڃي.
صفت مان ملندڙ اسمن کي، پڇاڙين نسبت، سنڌي سُر
آوازن جي ترتيب ’اَ، آ، اِ، اُ، اي، اِي، اَي، او،
اُو، اَو‘ سان رکيو ويندو. جيڪڏهن گهُڻن سرن سان
اسم ملي سگهيا ته شامل ڪيا ويندا. مخصوص پڇاڙين جي
گروهبنديءَ بعد، لفظن جي جدول ۾ اسمن کي الف- بي
وار پڻ رکي، ڇنڊڇاڻ ڪئي ويندي.
·
سنڌي سُر آوازن جي پڇاڙين سان صفت مان اسم ذات جي
بيھڪ
·
’اَ‘ پڇاڙيءَ سان اسم جو جڙڻ
صفت |
اسم |
اٽڪِلِي |
اٽڪَلَ |
اَڇو |
اَڇَ |
اُگهاڙو |
اُگهاڙَپَ |
بِندرو |
بِندرائپَ |
ٻاتو |
ٻاتائپَ |
ٻاجهارو |
ٻاجهَه |
ٻانھو |
ٻانھپَ |
ٻاڌو |
ٻَڌَ |
ڀَونڪِڻو |
ڀَونڪَ |
پاڇاٽو |
پڇاڙَ |
پَٽاڙِي |
پَٽاڙَ |
پُراڻو |
پُراڻائپَ |
تانگهو |
تانگهَه |
ٽيڏو |
ٽيڏائپَ |
ٽيڙو |
ٽيڙائِپَ |
جاڳو |
جاڳَ |
جهُونو |
جهونائِپَ |
جڏو |
جَڏائِپَ |
|
صفت |
اسم |
چريو |
چَريائپَ |
چيڙاڪُ |
چيڙَ |
ڍرو |
ڍَرَ |
ڌاريو |
ڌاريائِپَ |
سائو |
ساوَڪَ |
سَرلو |
سَرلائِپَ |
سُلڇڻو |
سُلڇڻائِپَ |
سگهارو |
سَگهَه |
سياڻو |
سياڻپَ |
کوٽو |
کوٽَ |
ڳورو |
ڳورائِپَ |
لوڀي |
لوڀَ |
موڳو |
موڳائِپَ |
مھلائتو |
مَھَلَ |
نَسَھُو |
نَسَھَپَ |
ننڍو |
ننڍائِپَ |
واهرُو |
واهَرَ |
|
|
|
·
’اَ‘ پڇاڙيءَ واري جدوَل ۾ اسم جوڙڻ لاءِ ڪم ايندڙ
پڇاڙيون
?
’اَ‘ پڇاڙي هيٺين حالتن ۾ ڪم اچي ٿي:
o
ڪنھن صفت جي ’او‘ پڇاڙيءَ بدران ڪم اچي ٿي، کوٽو-
کوٽَ، اَڇو- اَڇَ، ڍَرو- ڍرَ وغيره.
o
ڪنھن صفت جي ’اُو‘ پڇاڙيءَ بدران ڪم اچي ٿي، جيئن:
واهرُو- واهرَ وغيره.
?
هيٺيون پڇاڙيون، تبديل ٿي، ٻيو روپ وٺن ٿيون:
·
’اِڻو> اَ‘ جي تبديلي ٿئي ٿي، جيئن: ڀَونڪِڻو-
ڀَونڪَ وغيره.
·
’اُو > اَپَ‘ ۾ تبديل ٿئي ٿي، جيئن: نَسَھُو-
نَسَھَپَ وغيره.
·
’او > آ‘ ۾ تبديل ٿي، ’ئِپَ‘ پڇاڙي لڳي ٿي، جيئن:
موڳو- موڳائِپَ، ڳورو- ڳورائِپَ وغيره.
·
’او > اَپَ‘ ۾ تبديل ٿئي ٿي، جيئن: ٻانهو-
ٻانهَپَ، اُگهاڙو- اُگهاڙَپَ وغيره.
·
’اِي > اَ‘ ۾ تبديل ٿئي ٿي، جيئن: لوڀِي- لوڀَ،
پٽاڙِي- پَٽاڙَ وغيره.
·
’آ > اَ‘ ۽ ’او > اَ‘ ۾ تبديل ٿئي ٿي، جيئن: ٻاڌو-
ٻَڌَ وغيره.
·
’آ > اَ‘ ۽ ’ٽو > ڙَ‘ ۾ تبديل ٿئي ٿي، پاڇاٽو-
پڇاڙَ وغيره.
·
’آرو > اَ‘ ۾ تبديل ٿئي ٿي، جيئن: ٻاجهارو-
ٻاجهَه، سگهارو- سَگهَه وغيره.
·
’آڪ > اَ‘ ۾ تبديل ٿئي ٿي، جيئن: چيڙاڪُ- چيڙَ،
·
’آئتو > اَ‘ ۾ تبديل ٿئي ٿي، جيئن: مھلائتو-
مَھلَ وغيره.
·
’ئو > وَڪَ‘ ۾ تبديل ٿئي ٿي، جيئن: سائو- ساوَڪَ
وغيره.
·
’اَن‘ پڇاڙيءَ سان اسم جو جڙڻ
هتي صرف هڪ لفظ ملي سگهيو آهي، جنھن جي اکيڙ هن
ريت بيھي ٿي:
?
’هڻو > اُونھَن‘ جيئن: سھڻو- سونھن وغيره.
·
’آ‘ پڇاڙيءَ سان اسم جو جڙڻ
’آ‘ ۽ ’آن‘ پڇاڙيءَ سان لفظ نه ملي سگهيا آهن.
·
’اِ‘ پڇاڙيءَ سان اسم جو جڙڻ
صفت |
اسم |
اڇو |
اڇاڻِ |
تڪڙو |
تَڪڙِ |
پِيلو |
پِيلاڻِ |
ٿڌو |
ٿڌِ |
ٿڌو |
ٿڌاڻِ |
ٽيڻو |
ٽيڻِ |
ڊگهو |
ڊيگهِه |
ڏهُوڻو |
ڏهُوڻِ |
رهاڪُو |
رهائشِ |
سپتيو |
سُپَتِ |
سُرَهو |
سُرهاڻِ |
سنھو |
سنھوڙِ |
کٽو |
کٽاڻِ/ کٽاسِ |
ڪارو |
ڪاراڻِ |
ڪپتيو |
ڪُپَتِ |
|
صفت |
اسم |
ڪچو |
ڪچاڻِ |
ڪوسو |
ڪوساڻِ |
گهَڙيَلُ |
گهَڙَتِ |
ڳاڙهو |
ڳاڙهاڻِ |
ڳالھائُو |
ڳالھه |
ڳورو |
ڳوراڻِ |
لالچِي |
لالچِ |
لَسو |
لَساڻِ |
ماٺِيڻو |
ماٺِ |
ميرو |
ميراڻِ |
نَئون |
نَواڻِ |
نيرو |
نِيراڻِ |
ويڙهاڪُ |
ويڙهِه |
ويڪرو |
ويڪرِ |
|
·
’اِ‘ پڇاڙيءَ واري جدوَل ۾ اسم جوڙڻ لاءِ ڪم ايندڙ
پڇاڙيون
?
’ ’يَلُ > تِ‘ جي تبديلي ٿئي ٿي، جيئن: گهڙيَلُ-
گهڙَتِ وغيره.
?
’اِ > اَ‘ وچياڙي ۽’اِي > اِ‘ پڇاڙيءَ ۾ تبديلي
ٿئي ٿي، لالِچِي- لالَچِ وغيره
?
’اِ > اَ‘ وچياڙيءَ ۽ ’او > اِ‘ پڇاڙيءَ جي
تبديلي ٿئي ٿي، جيئن: ويڪِرو- ويڪَرِ وغيره.
?
’اِ > اي‘ وچياڙي ۽ ’او > اِ‘ جي تبديلي ٿئي ٿي،
جيئن: ڊِگهو- ڊيگهِه وغيره.
?
’او > اِ‘ ۾ تبديلي ٿئي ٿي، جيئن: ڏَهُوڻو-
ڏهُوڻِ، ٽِيڻو- ٽيڻِ، ٿڌو- ٿَڌِ وغيره.
?
’او > آسِ‘ ۾ تبديلي ٿئي ٿي، جيئن: کٽو- کٽاسِ
وغيره.
?
’او > آڻِ‘ ۾ تبديلي ٿئي ٿي، جيئن: نيرو- نيراڻِ،
ميرو- ميراڻِ- کٽو- کٽاڻِ وغيره.
?
’اِيڻو > اِ‘ جي تبديلي ٿئي ٿي، جيئن: ماٺِيڻو-
ماٺِ وغيره.
?
’آڪُ > اِ‘ ۾ تبديل ٿئي ٿي، جيئن: ويڙهاڪُ- ويڙهِه
وغيره.
?
’آئُو > اِ‘ جي تبديلي ٿئي ٿي، جيئن: ڳالھائُو-
ڳالھِه وغيره.
?
’ڙِ‘ جو اضافو ٿئي ٿو، جيئن: سَنھو- سَنھوڙِ
وغيره.
?
’ڪُو > ئِشِ‘ ۾ تبديلي ٿئي ٿي، جيئن: رهاڪو-
رهائِشِ وغيره.
?
’يو > اِ‘ جي تبديلي ٿئي ٿي، جيئن: ڪُپَتيو-
ڪُپَتِ، سُپتيو- سُپتِ وغيره.
·
’اِن‘ پڇاڙيءَ سان اسم جو جڙڻ
هن جدول ۾ هڪ لفظ ملي سگهيو آهي، جنھن جي اکيڙ هن
ريت بيھي ٿي:
?
’او > اَنھِن‘ جيئن: ڪارو- ڪارَنھِن وغيره.
·
’اُ‘ پڇاڙيءَ سان اسم جو جڙڻ
صفت |
اسم |
اڻپورو |
اڻپورُ |
اونداهو |
اُونداهُه |
ٻارُ |
ٻاراپِڻُ |
ٻِٽو |
ٻِٽُ |
ٻوڙو |
ٻوڙَٽُ |
ٻولِڻو |
ٻولُ |
ڀنڊارِي |
ڀنڊارُ |
ٿڌو |
ٿڌڪارُ |
ٽاهَڙُ |
ٽاهُه |
جوڙو |
جوڙُ |
جهُڳاڙِي |
جهُڳاڙُ |
ڊڄڻو |
ڊِڄُ |
ڏِنگو |
ڏِنگُ |
ڌَنِي |
ڌَنُ |
ڌوتلُ |
ڌوپُ |
ساٿِي |
ساٿُ |
ساسِي |
ساهُه |
سچو |
سَچُ |
سِڌو |
سِڌُ |
|
صفت |
اسم |
سُرِيلو |
سُرُ |
سنڌِي |
سنڌُ |
کاٽائُو |
کاٽُ |
ڪَچو |
ڪَچُ |
ڪِروڌي |
ڪِروڌُ |
ڪُوڙو |
ڪُوڙُ |
ڳاڙهو |
ڳاڙهپُ |
ڳوٺاڻو |
ڳوٺُ |
مالوندُ |
مالُ |
مانائتو |
مانُ |
مِٺو |
مِٺاڻُ |
ميرو |
ميرُ |
ناچُو |
ناچُ |
ناموَر |
ناموسُ |
ننڍو |
ننڍپڻُ |
وِچون |
وِچُ |
هٺِيلو |
هَٺُ |
هنڌائتو |
هنڌُ |
هُنرِي |
هنرُ |
|
·
’اُ‘ پڇاڙيءَ واري جدوَل ۾ اسم جوڙڻ لاءِ ڪم ايندڙ
پڇاڙيون
?
’اِي > اُ‘ جي تبديلي ٿئي ٿي، جيئن: هنِرِي-
هنِرُ، ڪِروڌِي- ڪِروڌُ- ڌَنِي- ڌَنُ وغيره.
?
’آئتو > اُ‘ جي تبديلي ٿئي ٿي، جيئن: هَنڌائتو-
هنڌُ، مانائتو- مانُ وغيره.
?
’اِيلو > اُ‘ جي تبديلي ٿئي ٿي، جيئن: هٺِيلو-
هٺُ، سُرِيلو- سُرُ وغيره.
?
’اون > اُ‘ جي تبديلي ٿئي ٿي، جيئن: وِچون- وِچُ
وغيره.
?
’او > اُ‘ جي تبديلي ٿئي ٿي، جيئن: سَچو- سَچُ،
ڏِنگو- ڏِنگُ، ميرو- ميرُ وغيره.
?
’اُو > اُ‘ جي تبديلي ٿئي ٿي، جيئن: ناچُو- ناچُ
وغيره.
?
’او > اَ‘ وچياڙيءَ جي تبديلي ۽’پِڻُ‘ پڇاڙي لڳي
ٿئي ٿي، جيئن: نَنڍو- نَنڍَپِڻُ وغيره.
?
’اُ > آ‘ وچياڙيءَ جي تبديلي ۽ ’پِڻُ‘ پڇاڙي لڳي
ٿي، جيئن: ٻارُ- ٻاراپِڻُ وغيره.
?
’او > اَٽُ‘ جي تبديلي ٿئي ٿي، جيئن: ٻوڙو- ٻوڙَٽُ
وغيره.
?
’اِڻو > اُ‘ جي تبديلي ٿئي ٿي، جيئن: ٻولِڻو-
ٻولُ، ڊِڄِڻو- ڊِڄُ وغيره.
?
’آڻو > اُ‘ جي تبديلي ٿئي ٿي، جيئن: ڳوٺاڻو- ڳوٺُ
وغيره.
?
’سِي > هُه‘ جي تبديلي ٿئي ٿي، جيئن: ساسِي- ساهُه
وغيره.
?
’تَلُ > پُ‘ جي تبديلي ٿئي ٿي، جيئن ڌوتَلُ- ڌوپُ
وغيره.
?
’اَڙُ > اُ‘ جي تبديلي ٿئي ٿي، جيئن ٽاهَڙُ- ٽاهُه
وغيره.
?
’او > اِڪارُ‘ جي تبديلي ٿئي ٿي، جيئن ٿڌو-
ٿڌِڪارُ وغيره.
?
’اِوَندُ > اُ‘ جي تبديلي ٿئي ٿي، جيئن مالِوَندُ-
مالُ وغيره.
?
’او > اَپُ‘ جي تبديلي ٿئي ٿي، جيئن ڳاڙهو-
ڳاڙهَپُ وغيره.
?
’آئُو > اُ‘ جي تبديلي ٿئي ٿي، جيئن کاٽائُو- کاٽُ
وغيره.
·
’اي‘ پڇاڙيءَ سان اسم جو جڙڻ
’اي‘ ۽ ’اين‘ پڇاڙيءَ سان لفظ نه ملي سگهيا آهن.
·
’اِي‘ پڇاڙيءَ سان اسم جو جڙڻ
صفت |
اسم |
اَٻوجهُه |
اَٻوجهائِي |
اُچو |
اُچائِي |
اُگرو |
اُگرائِي |
اميرُ |
اميرِي |
اَورچُ |
اَورچائِي |
آزاد |
آزادِي |
آسودو |
آسودگِي |
بدمعاش |
بدمعاشِي |
بُرو |
بُرائِي |
بھادر |
بھادرِي |
بيمارُ |
بيمارِي |
بيوقوف |
بيوقوفِي |
ٻارُ |
ٻاراڻِي |
ٻوڙو |
ٻوڙائِي |
ڀلو |
ڀلائِي |
تازو |
تازگِي |
پاڪُ |
پاڪائِي |
پڪو |
پڪائِي |
پَوڻو |
پَوڻائِي |
تيزُ |
تيزِي |
ٺَڳُ |
ٺَڳِي |
ٽيڙو |
ٽيڙائِي |
جوان |
جوانِي |
چالاڪُ |
چالاڪِي |
چُستُ |
چُستِي |
چڱو |
چڱائِي |
چورُ |
چورِي |
حرامِي |
حرامپائِي |
دشمن |
دشمنِي |
دوست |
دوستِي |
ڊگهو |
ڊگهائي |
ڍرو |
ڍَرائِي |
روشن |
روشنِي |
زنده |
زندگِي |
سادو |
سادگِي |
|
صفت |
اسم |
سٺو |
سُٺائِي |
سُجاڳُ |
سُجاڳِي |
سچو/ سچارُ |
سچائِي |
سِڌو |
سِڌائِي |
سُستُ |
سُستِي |
سَرلو |
سَرلائِي |
سَرهو |
سَرهائِي |
سھڻو |
سھڻائِي |
شاهوڪار |
شاهوڪارِي |
فقير |
فقيري |
ڪَچو |
ڪَچائِي |
ڪَڙو |
ڪَڙائِي |
ڪَسو |
ڪَسائِي |
ڪَمِي |
ڪمائِي |
ڪنجوس |
ڪنجوسِي |
گرم |
گرمِي |
گهاٽو |
گهاٽائِي |
گهڻو |
گهڻائِي |
لُچُ |
لُچائِي |
لڙاڪُو |
لڙائِي |
لَسو |
لَسائِي |
مَٺو |
مَٺائِي |
مِٺو |
مِٺائِي |
مشھور |
مشھورِي |
مردانو |
مردانگِي |
موڳو |
موڳائِي |
ميرو |
ميرائِي |
نرم |
نرمِي |
ننڍو |
ننڍائِي |
نيڪ |
نيڪِي |
وڏو |
وڏائِي |
ويڪرو |
ويڪرائِي |
هلڪو |
هلڪائِي |
همراهُه |
همراهِي |
|
·
’اِي‘ پڇاڙيءَ واري جدوَل ۾ اسم جوڙڻ لاءِ ڪم
ايندڙ پڇاڙيون
?
’او/ ه > گِي‘ جي تبديلي ٿئي ٿي، جيئن: سادو-
سادگِي- زنده- زندگي وغيره.
?
’اُ > اِي‘ جي تبديلي ٿئي ٿي، جيئن: روشنُ-
روشنِي، چورُ- چورِي- چالاڪُ- چالاڪِي وغيره.
?
’او > آئِي‘ جي تبديلي ٿئي ٿي، جيئن: ڍرو-
ڍَرائِي، ڊگهو- ڊگهائِي، هلڪو- هلڪائِي وغيره.
?
’اُ > آئي‘ جي تبديلي ٿئي ٿي، جيئن: لُچُ-
لُچائِي، اَوَرچُ- اَوَرچائِي وغيره.
?
’اِي > پائِي‘ جي تبديلي ٿئي ٿي، جيئن:
حرامِي-حرامپائِي وغيره.
?
’ڪُو > ئِي‘ جي تبديلي ٿئي ٿي، جيئن: لَڙاڪُو-
لڙائِي وغيره.
?
’اِي > آئي‘ ڪَمِي- ڪَمائِي، وغيره.
?
’اُ > آڻي‘ جي تبديلي ٿئي ٿي، جيئن: ٻارُ- ٻاراڻِي
وغيره.
·
’اَي‘ پڇاڙيءَ سان اسم جو جڙڻ
’اَي‘ پڇاڙيءَ سان لفظ نه ملي سگهيا آهن.
·
’او‘ پڇاڙيءَ سان اسم جو جڙڻ
صفت |
اسم |
آبائِي |
اَبو |
اڳيون |
آڳو |
ٻارهن |
ٻارهو |
ٻيلِي |
ٻيلِپو |
چاليھَه |
چالِيھو |
چئيوان |
چَيو |
ڏهَه/ ڏهاڪو |
ڏَهو |
سُھائِي |
سُجهَندو |
|
صفت |
اسم |
ڪاڇيلو |
ڪاڇو |
ڪانڌِي |
ڪانڌپو |
لاڏُو |
لَڏو |
مکُ |
مُکپڻو |
وڏو |
وڏپڻو |
ويڪُو |
وِڪِرو |
هارِي |
هارِپو |
|
|
|
·
’او‘ پڇاڙيءَ واري جدوَل ۾ اسم جوڙڻ لاءِ ڪم ايندڙ
پڇاڙيون
?
’اَ > او‘ پڇاڙيءَ جي تبديلي ٿئي ٿي، جيئن: ڏَهَه-
ڏَهو، چالِيھَه- چالِيھو وغيره.
?
’اَن > او‘ پڇاڙيءَ جي تبديلي ٿئي ٿي، جيئن:
ٻارهن- ٻارهو وغيره.
?
’او > اَ‘ وچياڙي ۽ ’پِڻو‘ پڇاڙيءَ جي تبديلي ٿئي
ٿي، جيئن: وَڏو- وَڏَپِڻو وغيره.
?
’اي > اِ‘۽ ’اُو > اِ‘ وچياڙي ۽ ’رو‘ پڇاڙيءَ
جي تبديلي ٿئي ٿي، جيئن: ويڪُو- وِڪِرو وغيره.
?
’اِي> اِپو‘ جي تبديلي ٿئي ٿي، جيئن: هارِي-
هارِپو، ڪانڌِي- ڪانڌِپو وغيره.
?
’ايلو > او‘ پڇاڙيءَ جي تبديلي ٿئي ٿي، جيئن:
ڪاڇيلو- ڪاڇو وغيره.
?
’آ > اَ‘ وچياڙي ۽ ’اُو > او‘ پڇاڙيءَ جي تبديلي
ٿئي ٿي، جيئن: لاڏُو- لَڏو وغيره.
?
’آ > اَ‘ وچياڙي ۽ ’آئِي > او‘ پڇاڙيءَ جي تبديلي
ٿئي ٿي، جيئن: آبائِي- اَبو وغيره.
?
’آڪو > او‘ پڇاڙيءَ جي تبديلي ٿئي ٿي، جيئن:
ڏَهاڪو- ڏَهو وغيره.
?
’پِڻو‘ پڇاڙي لڳي ٿي، جيئن: مُکُ- مُکُپِڻو وغيره.
?
’هائي > جهَندو‘ پڇاڙيءَ جي تبديلي ٿئي ٿي، جيئن:
سُھائِي- سُجهَندو وغيره.
?
’يون > او‘ پڇاڙيءَ جي تبديلي ٿئي ٿي، جيئن:
اَڳيون- آڳو وغيره.
?
’ئيوان > يو‘پڇاڙيءَ جي تبديلي ٿئي ٿي، جيئن:
چَئيوان- چَيو وغيره.
·
’اُو‘ پڇاڙيءَ سان اسم جو جڙڻ
’اُو‘ پڇاڙيءَ سان لفظ نه ملي سگهيا آهن.
·
’اُون‘ پڇاڙيءَ سان اسم جو جڙڻ
نوٽ: ’وِيھَه‘ شماري،’ويھون‘ قطاري عدد آهن، جڏهن
ته وِيھُون اسم طور ڪم اچي ٿو، جيئن: مڙسن کان
سواءِ ويھون ڪير ڪري! ان جي اکيڙ هن ريت بيھي ٿي:
?
’اَ > اُون‘پڇاڙيءَ جي تبديلي ٿئي ٿي، جيئن:
چَئيوان- چَيو وغيره.
·
’اَو‘ پڇاڙيءَ سان اسم جو جڙڻ
صفت |
اسم |
ڀوائتو |
ڀَو |
ڍاوَلُ |
ڍَو |
|
|
·
’اَو‘ پڇاڙيءَ واري جدوَل ۾ اسم جوڙڻ لاءِ ڪم
ايندڙ پڇاڙيون
?
’آئتو > اَو‘ پڇاڙيءَ جي تبديلي ٿئي ٿي، جيئن:
ڀوائتو- ڀَو وغيره.
?
’آوَلُ > اَو‘ پڇاڙيءَ جي تبديلي ٿئي ٿي، جيئن:
ڍاوَلُ- ڍَو وغيره.
?
’سَو‘ لفظ اهڙو آهي، جيڪو صفت توڻي اسم طور الڳ
الڳ صورت ۾ ڪم اچي ٿو.
·
نتيجو/ حاصل مطلب
سنڌي سُرن
(vowels)
جي پڇاڙين نسبت، صفت مان اسم جي جڙڻ جو اڀياس ڪيو
ويو. هتي مرڪب لفظن کي شامل نه ڪيو ويو آهي. اسم
جي جڙڻ ۾ جيڪي اهم پڇاڙيون ڪم اينديون آهن، تن جي
ترتيب هيٺين ريت آهي:
?
اسم جي وصف جا ٻه حصا آهن: ظاهري (ساهوارو، شيءِ ۽
جاءِ) ۽ محسوس ڪرڻ وارا (ڪم، حالت ۽ خاصيت). محسوس
ڪرڻ واري حصي کي ’اسم ذات‘ چوندا آهن. اسم ذات ۾
حالت ۽ خاصيت جا لفظ به شامل آهن، جيڪي گهڻي قدر
صفت مان جڙندا آهن يا وري صفت انھن اسمن مان جڙندي
آهي.
?
صفت اهو لفظ آهي، جيڪو جملي يا لفظي ترڪيب ۾ اسم جو گڻ، اوگڻ،
قسم، انداز ۽ وزن بابت ٻڌائي. يعني صفت، اسم جي
خاصيت ٻڌائيندي آهي.
?
صفت مان اسم جي جڙڻ سان، تبديلين ۾، ڪڏهن اضافا ٿين ٿا، جيئن:
’ٻانھو‘ مان ’ٻانھپ‘ ڪڏهن قط پوي ٿو، جيئن:
’ٻاجهارو‘ مان ’ٻاجهه‘.
?
’اَ‘ پڇاڙيءَ سان اسم جي جڙڻ ۾ اهم پڇاڙيون: ’پَ‘،
’ڙَ‘، ’ڪَ‘ وغيره ڪم اچن ٿيون.
?
’اِ‘ پڇاڙيءَ سان اسم جي جڙڻ ۾ پڇاڙيون: ’تِ‘،
’سِ‘، ’ڻِ‘، ’شِ‘ وغيره ڪم اچن ٿيون.
?
’اُ‘ پڇاڙيءَ سان اسم جي جڙڻ ۾ پڇاڙيون: ’ٽُ‘،
’پ‘، ’ڪارُ‘، ’هه‘ وغيره ڪم اچن ٿيون.
?
’اِي‘ پڇاڙيءَ سان اسم جي جڙڻ ۾ پڇاڙيون: ’گِي‘،
’اِي‘، ’پائِي‘، ’ڻِي‘ وغيره ڪم اچن ٿيون.
?
’او‘ پڇاڙيءَ سان اسم جي جڙڻ ۾ پڇاڙيون: ’رو‘،
’پو‘، ’پِڻو‘ وغيره ڪم اچن ٿيون.
?
’اَو‘ پڇاڙيءَ سان اسم جي جڙڻ ۾ اهم پڇاڙي: ’اَو/
ؤ‘ ڪم اچي ٿي.
?
’آ‘، آن، ’اُن‘، ’اي‘، ’اين‘، ’اين‘، ’اَي‘،
’اَين‘، ’اون‘، ’اُو‘ ۽ ’اَون‘ سُر آوازن جي
پڇاڙين سان صفت مان جڙندڙ، اسم وارا لفظ نه ملي
سگهيا آهن.
·
حوالا/ ذريعا
×
آڏواڻي، ڀيرومل، مھرچند [1925] 1985. وڏو سنڌي
وياڪرڻ. ڄام شورو: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي.
×
ابڙو عبدالرحيم ارشد (1986) رفيق گرامر،
هالا،
انٽرنيشنل اڪيڊمي.
×
الانا، غلام علي، ڊاڪٽر (2010) سنڌي ٻوليءَ جو
تشريحي گرامر،
حيدرآباد،
سنڌي لئنگويج اٿارٽي.
×
شيخ، واحد بخش [1986] 2006. سنڌي
ٻوليءَ جو صرف و نحوَ (گڏيل ڀاڱا). ڄام شورو: سنڌي
ادبي بورڊ.
|