نصير مرزا
دوهو
ڇپر کنيا جو هن اکين تان ڇا ته مڌُر آواز،
چَپ ته چُپ ها وڳو پئي پر ساهن مان ڄڻ ساز.
دور نديءَ تي ناوَ وئي پي سنڌوءَ جي هُن پار،
اکُ جو کوليان خلا خلا بس سارو ئي سنسار.
مون ته پٻن ڀر حاويليءَ ۾ پيرَ ڌريا چُپ چاپ،
هوا ٻُڌائي ڇڏيس ته تنهنجا پُورا ٿيا اڄُ جاپ.
سج الئه ويو ڪيڏانهن هي ڇو اونداهه انڌوڪار،
چانڊوڪيءَ جي چادر ڇيهون ۽ ريهون چوڌار.
سِپ سِپ سِپ سِپ ڏُک وڇوڙا پيتا پئي مون يار،
ڄڻ ته وئي هُوءَ کولي مون ۾ مڌُ جو ڪوئي بار.
ڳالهيون هُن جون ريشم ريشم ڏڪڻي پٽ جي تندُ،
جو به چَپن مان نڪتس گُفتو مِٺو مِٺو گُلقند.
رڳ رڳ منجهه سُري پئي ڪائي سنهڙي سنهڙي سار،
سار ته بس مون ائين چيو هُئي، دو ڌاري تلوار.
خادم حسين علوي
غزل
هر گهڙي حيران آهي زندگي،
سوچ ۾ غلطان آهي زندگي.
زندگي لئه ڇا چوان اڄ دوستو،
سور ڄڻ سامان آهي زندگي.
هي جهان فاني هتي هر شيءِ فنا،
ڄڻ هتي مهمان آهي زندگي.
دلربا جي پارسائي جو قسم،
هُن مٿان قربان آهي زندگي.
زندگي بي بندگي شرمندگي،
سوچيو احسان آهي زندگي.
جا به گذري زندگي گذري وئي،
درد جو درمان آهي زندگي.
هر گهڙي ”همدم“ هٿان دوري ملي،
تنهن سندو ارمان آهي زندگي.
غزل
ڪي ملاقاتون مٺا تون ياد ڪر.
تن جي صدقي دل سندم کي شاد ڪر.
تون آهين دل جو ڌڻي سهڻا سڄڻ،
زندگي منهنجي نه تون برباد ڪر.
هر گهڙي رنج و اَلم ۾ گهاريان،
گلستان منهنجي کي تون آباد ڪر.
ڇو رُسڻ جي ريت جاني هر گهڙي،
دلربا دل کي نه تون ناشاد ڪر.
هر گهڙي ظلم و ستم ناهي روا،
ڪنهن گهڙي منهنجي به تون امداد ڪر.
توکي تنهنجي بيوفائي جو قسم،
بيوفا هردم نه تون بيداد ڪر.
هي صدا ”همدم“ جي ٻڌ تون غور سان،
قرب ڪر اڄ منهنجي تون دلشاد ڪر.
غلام حسين”مشتاق“ سچاروي
نه تو سمجهيو نه مون سمجهيو
محبت جو سفر مشڪل نه تو سمجيو نه مون سمجهيو،
اڙائي ويٺاسون ٻئي دل نه تو سمجهيو نه مون سمجهيو.
پرين جنهن پير پاتو عشق ۾ ويو عمر ڀر اڙجي،
هي دَلدل آهي يا منزل نه تو سمجهيو نه مون سمجهيو.
اوهان جو حُسن منهنجو عشق آهن بحربي پايان،
ٻنهيءَ جي ناه ڪا ساحل نه تو سمجهيو نه مون
سمجهيو.
نڪا تلوار هٿ ۾ هئي نه نڪتو تير ترڪش مان،
ڪيا هڪ گهور ڪيئي گهايل نه تو سمجهيو نه مون
سمجهيو.
اڏائي عشق ٿو فهم و فراست عقل وارن جي،
هتي عاقل به ڄڻ جاهل نه تو سمجهيو نه مون سمجهيو.
عدالت عشق جي ۾ فيصلا هر وقت هڪ طرفا،
ڪجي انصاف ڪٿ حاصل نه تو سمجهيو نه مون سمجهيو.
نه ميخانو نه ميڪش ۽ نڪي موجود مئي آهي،
رهي مدهوش ٿي محفل نه تو سمجهيو نه مون سمجهيو.
هزارن ۾ اچن ٿا مرڪندا ”مشتاق“ مقتل ڏي،
مگر مقتول يا قاتل نه تو سمجهيو نه مون سمجهيو.
هميشه ايندو ويندو ڪر
اسان جي گهراڙي دلبر هميشه ايندو ويندو ڪر،
اسان جو گهر آ تنهنجو گهر هميشه ايندو ويندو ڪر.
متان سمجهين ته بي گهر وقت هوندا بند دروازا،
کليل هوندو سدائين در هميشه ايندو ويندو ڪر.
نڪي روڪي رکڻ وارو نڪي نالو پڇڻ وارو،
نه هوندو در تي ڪو نوڪر هميشه ايندو ويندو ڪر.
رهي ٿو منهنجو من ماندو ۽ دل تولاءِ پئي تانگهي،
اکيون آتيون ڏسڻ خاطر هميشه ايندو ويندو ڪر.
جدائي جي گهڙي پل ڀي ٿو ورهين کان به وڌ سمجهان،
اڏايان ڪانگ ٿو هر هر هميشه ايندو ويندو ڪر.
ڀلي وچ ۾ هجي درياءُ ته درياءُ پار ڪرڻو آ،
تون سهڻي آهين مان ميهر هميشه ايندو ويندو ڪر.
اگهائج عرض عاشق جو رهان ”مشتاق“ ٿو هردم،
متان مٺڙا ڪرين نهڪر هميشه ايندو ويندو ڪر.
محمد علي پٺاڻ
غزل
زخمَ وڇڙڻ جا جيئاري ٿو جيئان،
لڙڪ لاڙي، توکي ساري ٿو جيئان!
خواب جنھن ۾ ويا ٻُڏي، تنھن سمنڊ ۾،
غمن جا آڙاھَه تاري ٿو جيئان!
تو رکي جن تي قدم، گلزار ڪيا،
سيرَ سي سرھا نِھاري ٿو جيئان!
مَنَ اندرَ جي گهُگهُه انڌاري ۾ ڏيئو،
نانوَ تنھنجي ساڻ ٻاري ٿو جيئان!
توڙي ڪنھن ڀي موڙ تي گڏبينءَ نه تون،
پوءِ به ساھن سِجَ اُڀاري ٿو جيئان!
امتياز خاصخيلي
غزل
تو ھا ڇوڙيا وار ھوا ۾،
ڪارا ڪارونڀار ھوا ۾.
تنھنجا سڏ ۽ سار ھوا ۾،
جوڀن جا سڀ آر ھوا ۾.
لھندڙ سج ۽ ويندڙ پاڇا،
راند رھيا پئي ٻار ھوا ۾.
وعدا تنھنجا خوشبو ٿي ويا،
وکري ويا اقرار ھوا ۾.
ھن کي جڏھين ياد مان ايندس،
واڪا وجھندا ڏار ھوا ۾.
روز چڙھين ٿي ڪوٺي تي تون،
ٿي نه پوين بيمار ھوا ۾.
ڊاڪٽر احسان دانش
غزل
اداس دل ۾ دُکي ٿي دونهين، اُماس جي آهي رات جاني،
سڀئي ستارا به سوڳ ۾ هن، لُٽي آ چنڊ جي برات جاني!
ورهه پڄاڻان وڍن ٿا لمحا، گُهٽن ٿيون يادون وسن
ٿيون اکڙيون،
ها تنهنجي يادن سان هيءَ منهنجي پئي ٿي گذري حيات
جاني.
مان پنهنجي دل جي صندوق ۾ سَؤ غمن جا سِڪا رکيا
سنڀالي،
سموري موڙي لٽائي توتي، بچي نه ڪائي سوغات جاني.
شفق جي لالاڻ اُڀ تي اُڇلي، نديءَ ۾ سورج ٻڏي رهيو
آ،
ڌنار جي بانسريءَ سان گڏ آ، ڪنڌيءَ تي ڪويل جي لات
جاني.
درياهه جا ڪَپ ٻئي ملائي ۽ آسمان کي زمين تي لاهي،
ڪوئي ته امڪان جي حدن کي ڇُهي ڏَسي اهڙي ڏات جاني.
گهايل لغاري
وائي
دنيا! تنھنجا رنگ، ھاڻ اھي ناھن رھيا.
وقت لڳي بي ساز ٿو، چارڻ وڄندڙ چنگ،
ھاڻ اھي ناھن رھيا.
اندر ڌوتو عشق آ، ڪنھنجي دل ۾ زنگ،
ھاڻ اھي ناھن رھيا.
جاتي، جوھي دانھي پئي، سنڌو تنھنجا دنگ،
ھاڻ اھي ناھن رھيا.
ڌارين جو ٻک ڏيھه کي، سڄڻائپ جا سنگ،
ھاڻ اھي ناھن رھيا.
رھبر جي خطاب ۾، دانائيءَ جا ڏنگ،
ھاڻ اھي ناھن رھيا.
بک جي آھيون دار تي، جيئڻ تنھنجا ڍنگ،
ھاڻ اھي ناھن رھيا.
مسرور پيرزادو
غزل
اوھان جي ڳلّ جيان ٿئي گلابِ
ناممڪن!
۽ مُکّ جيئن ٿئي ماھتابِ
ناممڪن!
ڪتاب عشق سندي ذڪر جا گهڻا آهن،
ڪرائي عشق جو اھڙو ڪتاب ناممڪن!
ھو ڪيئن آھ؟ ڪٿي آ؟ سوال ممڪن آ،
مگر سوال انھي جو جواب ناممڪن!
مليا عذاب گهڻا يا گهڻا مزا ماڻيا؟
ٻنهي جو يار! ڪرڻ آ حساب ناممڪن!
اسان جو خواب حقيقت ڪڏهن نه ٿي سگهندو،
مگر ڏسڻ ئي ڇڏي ڏيان سو خواب ناممڪن!
امير آھ مگر ماڻهپو نه آ ھن ۾،
چوان انهي کي مان
”سائين،
جناب“
ناممڪن!
عبادتن جو به پنھنجو ثواب آھي پر،
محبتن جيان ڪوئي ثواب ناممڪن!
تڏھن تڏھن به
ڪجي انقلاب لئه
ڪوشش،
جڏھن جڏهن به لڳي انقلاب ناممڪن!
طارق امام جوڻيجو
غزل
وحده جو مـــــــــان مٿاهون آ،
الالله جو شـــــــــان مٿاهون آ.
مـــــــــڃ محمّد ڪارڻـــــــــي،
قادر جو قرآن مٿانهون آ.
اطيعوا اللہ و اطيعوا الرسول،
مولا جو فرمان مٿانهون آ.
ٻاجھـــــــــارو آ ٻاجھه ڌڻـــــــــي،
بسم الله عنـــــــــوان مٿاهون آ.
خالق خلقيو خـــــــــوب آ،
صورت سڀ سبحان مٿاهون آ.
اياک نعبد و اياک نستعين،
مومن جو ايمان مٿاهـــــــــون آ.
اشـــــــــرف المخلوقـــــــــات آ،
خلقت ۾ انسان مٿاهون آ.
”طارق“ پاند پناهه جـــــــــو طالب،
رحمت ۾ رحمان مٿاهون آ.
غزل
رات جو هر هر رئاري ٿي ھوا،
ياد جا دفتر اُڏاري ٿي ھوا.
دل رهڻ بيچين آهي ڇو لڳي،
هوء ڇا مون کي پڪاري ٿي ھوا.
بت ڪده ۾ بت جئين خاموش آ،
تئين وري مون کي سمهاري ٿي ھوا.
آ فضا آئي کڻي تنهنجو سُڳنڌ،
سونهن جو صدقو اتاري ٿي ھوا.
زيرِ لب تنهنجو ئي نالو ٿو اچي،
خيال منهنجا ڇو اُڀاري ٿي ھوا.
درد جي دهليز تي ”طارق“ وري،
ڇو حنا سان هٿ نگاري ٿي ھوا.
عابد نياز ميمڻ
غزل
چھري جي مٿان ٿيندو جي حُسن ردا آھي،
گلزار دري دل جي جو سايو عطا آھي.
مغرور نه ٿي ڪنھن پر فولاد نه ٿي ڪنھن لاءِ،
ھر جاء سنڀالي ھل ھر جاءِ خدا آھي.
خاموش فضائن جو چھرو به ڏٺل آھي،
قربان پکي من جو ٿيو ان تي فدا آھي.
ھڪ ٻئي کان ٽٽل ناتا رشتا به ڦڪا ٿي ويا،
ھر سوچ ھتي سڀ جي ھڪ ٻئي کان جدا آھي.
ھر رات انڌيري آ ھر ڏينھن اجالو آ،
ھن وقت کي ڀي پنھنجي ڪا ڪا ته ادا آھي.
ھر فرد نرالي کي ھر روپ نکاري ٿو،
ڪا ڪنھن جي صدا آھي ڪا ڪنھن جي صدا آھي.
”عابد“ کي سڃاڻي ٿو آ چيٽ ڪڏھن سانوڻ،
برسات جي موسم جي گمنام فضا آھي.
غزل
انسان خوب سيرت ۽ مھربان گھرجي،
ماحول کي سڌاري ان جو ڌيان گھرجي.
خوشحال زندگي جو پل پل رھي ھميشه،
ڪنھن ڳوٺ ۽ شھر ۾ نه ڪو زيان گھرجي.
پنھنجي وطن جي ڌرتيءَ جي مٽي به آ نياري،
پنھنجي وجود جو به ان ۾ نشان گھرجي.
جئين آسمان سنڀاليو تارن کي گود ۾ آ،
اھڙي حَسين گود ۾ سھڻو مڪان گھرجي.
سڀ خوف ۾ مڪين ھن پنھنجي مڪان ۾ ڀي،
محفوظ ڪو به ناھي امن و امان گھرجي.
محفل جي رونقن کي ”عابد“ ڪندو ڀلا ڇا،
نظرن جي اوٽ ۾ جت ٿو شان مان گھرجي.
رياض ڏاهري
غزل
خوابن پويان پاڻ رهياسين،
پاڻُ ڳوليندا هاڻ رهياسين.
ظاهر خوشيون گيت جمالا،
ها پر دردن کاڻ رهياسين.
رشتن جي پَتِ رَکڻي هُئي سو،
ڄاڻ هوندي اڻ ڄاڻ رهياسين.
بخشِي سونهن چمن کي توڙي،
ڀُريل ڀِتَر ڀاڻ رهياسين.
ياد ٿَئي سمنڊ ڪناري ڏسندا،
ڪڪرن جي ڪاراڻ رهياسين.
سي ئِي ڪارڻ موت جو پيارا!
جيئندا جن جي ڪاڻ رهياسين.
دردَن ئي بَس ”رياض“ نڀايو
آخِر تائين ساڻ رهياسين.
شميم سومرو
غزل
ڳوٺ به صحرا ٿيندا آھن.،
قاتل!
تحفا ٿيندا آھن.
جن ۾ آسيسَ نه ڪائي آ،
اھڙا رشتا ٿيندا آھن!
ڳالھيون ڳالھيون ٿينديون آھن،
لھجا لھجا ٿيندا آھن.
محبوبي مرڪ ڏسڻ کانپوءِ،
درد به ٽڪرا ٿيندا آھن.
ٽھڪن جي تاثير به پنھنجي،
سڏڪا، سڏڪا ٿيندا آھن.
هاءِ وڇوڙا تنھنجا سڀئي،
ڳورا لمحا ٿيندا آھن.
هي دشمن ڇو ته ”شميم“ ڀلا؟
رت جا رشتا ٿيندا آھن.
منصور حمزه
آزاد نظم
چوي ٿي هو مونکي، محبت نه ڪر،
۽ ڀرپور جوڀن سان چاهي به ٿي.
۽ تصور، ڪي سپنا ٺاهي به ٿي،
تڏهن ڀي هو محبوب ٿيڻ کان پري،
رهڻ ٿي گهري ۽ چاهي به ٿي.
انهي جستجو ۾ سموري سرشٽي،
سڄو زور پنهنجو لائي به ٿي.
هي تارا، نظارا، ڪَتِيُون، ڪهڪشائون،
اڀ تي هو پولار، دشائون، گفائون،
گلابي رنگن ۾ هو ملبوس ڌارا،
ڀرپور ڪوشش ۾ آهي رڌل،
ته جيئن محبت ڪنارن رَسي،
ته جيئن هي دريا عقوبت
ڀريل،
ٺهرجي وڃي ۽ سڀئي ڪُن، مٽي،
۾ ملجي وڃن، چپ ٿي وڃن.
ڀلا ڪيئن ٻيڙي کي ٻوڙي ڇڏيان،
هجر جي هوائن کي کولي ڇڏيان،
ڀلا ڪيئن محبت کي رولي ڇڏيان،
چوي ٿي هو مون
کي، محبت نه ڪر.
ناشاد رضوان
غزل
ڀاڪرن ۾ تو ڀريو جيئن، ھر خوشي وڌندي وئي،
چنڊ ڀي پيتل لڳو ۽، مئڪشي وڌندي وئي.
مون ڏٺو تو ڏي ھيو ۽ تو ڏٺو مون ڏي مِٺي،
اڀ ۽ ڌرتي جي وچ ۾، دوستي وڌندي وئي.
رات مون تنھنجي لبن، ۽ ڳلن جو ذڪر ڪيو،
رات منھنجي ڊائري ۾ شاعري وڌندي وئي.
تنهنجو ھر انگ ھو عروضي، تون سراپا شعر ڀي،
منهنجي غزلن ۾ تڏھن کان تازگي وڌندي وئي.
ھاءِ ڌرتي تنهنجا دودا، اڄ به ماريا ٿا وڃن؟
تن سپوتن لئه سدائين سرڪشي وڌندي وئي.
دل اندر ”ناشاد“ جي ھر روز ٿيندا ويا قتل!
دل گھٽي ۾ خون ھو، خودڪشي وڌندي وئي.
بختاور ڄام
جادوگر
مان ھڪڙي ،
عام رواجي ڇوڪري ،
تنھنجي پيار جي جادوءَ سان ،
ڄڻ ته ڪا...
شھزادي بڻجي ويس،
۽ مون،
پيءُ ڀاءُ جي نظرن ۾ نظرون ملائي ،
کانئن پسند جي شادي جو حق گھريو!
حق ڇا ...؟
ڄڻ ته ...
مون سموري سلطنت گھري ،
انھن لاءِ ڄڻ ڪا امتحان جي گھڙي،
۽ مون کي ...
تنھنجي پيار جي سحر
ايترو ته مظبوط ڪيو..
جو آئون
زماني جي تيز ۽ ترار
روين کان به ڊنيس
۽ مون توکي حاصل ڪري،
ڄڻ ته دنيا فتح ڪري ورتي،
پر اي جادوگر...
پنھنجي جادو جي زور تي ،
تو مونکي ،
پنھنجي وس ۾ ڪري ڇڏيو ،
آئون ،پنھنجي خواھش تحت ،
نه کلان ٿي نه روئان ٿي،
تنھنجيون ڪيفيتون ،
مون تي راڄ ڪن ٿيون ،
جي چاھين ...
پنھنجي پيار سان
چھرو ٻھڪائين ...
جي چاھين پنھنجي ڪاوڙ سان ...
پيو ڏھڪائين !
ڄڻ ته ڪو ...
جمھوري آمر ڀاسين ٿو،
۽ مان شھزادي مان ...
ڄڻ ته ڪا ...
باندي بڻجي ويئي ھان
باندي بڻجي ويئي ھان!
زبي پروين
غزل
دردن جو درمان نه ٿيو،
مقدر ڇو مهربان نه ٿيو؟
ڏک ڏئي پوءِ
ڏَسُ ڏين ٿا،
خوش رهو پريشان نه ٿيو!
سور اسان جا ساٿي بڻيا،
سک ڪڏهن مهمان نه ٿيو!
پيڙائن ۾ ساٿ
ڇڏي جو،
سچو
سو
انسان نه ٿيو.
وفا جي بدلي جفا ڪري هو،
ٿورو
ڀي پشيمان نه ٿيو.
هڪ دل کي حصن ۾ ورهائي،
دل لڳيءَ جو دڪان نه ٿيو
.
نٽهڻ اس جهڙي جيون ۾،
ٿڌو
ٿان مڪان نه
ٿيو.
ڏسي زمانو سلامي سج جو،
هينئڙو مون حيران نه ٿيو.
”زبي“ زندگيءَ مان سبق سکيو آ،
رهزن ڪڏهن رحمان نه ٿيو.
ڊاڪٽر زڪيه ڏاهري
سپنا سارا ساڀيان ڪرڻ جي وري تمنا جاڳي،
زندگيءَ کي جيئڻ جي وري تمنا جاڳي.
چنڊ ۽ تارن جي اوسيئڙي ۾ جاڳي ساري رات،
مٺڙي وطن خاطر لَڙڻ جي وري تمنا جاڳي.
جاڳي جي سوچين ٿا قومن لاءِ ترقيءَ جون راھون،
تن جوڌن کي ھمٿائڻ جي وري تمنا جاڳي.
شاھه سچل سامي جي خوابن جي ساڀيان سوچيندي،
قدم قدم تي پختن ارادن جي وري تمنا جاڳي.
اي مٺڙي سنڌ تو ۾ جند ۽ جان
منھنجي،
او مِٺي تو تان قربان ٿيڻ جي وري تمنا
جاڳي.
علمي ۽ ادبي خط
علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ جو هي خط رسالي ’خاڪسار سپاهي‘
جي شماري اپريل 1938ع ۾ شايع ٿيو هو. رسالي جو
ايڊيٽر مير الهه بخش ٽالپر هو،
جيڪو هن کان اڳ ’الوحيد‘ اخبار جو ايڊيٽر رهي چڪو
هو. رسالي جي آفيس الهندو ڪچو حيدرآباد
۾
هئي. اهو خط حافظ احمد دين انڍڙ سنڌالاجي جي
آرڪائيوز
(Archives)
مان ڳولي ڪڍيو آهي.
اسان جي استدعا تي ڊاڪٽر عبدالغفار سومري
صاحب
هن خط جي پس منظر طور علامه مشرقي ۽ خاڪسار تحريڪ بابت مختصر
تعارف تحرير ڪيو آهي. ادارو ٻنهي صاحبن جو شڪر
گذار آهي.
هن
ٽماهي
’مهراڻ‘ ۾ تاريخي علمي ۽ ادبي خطن جو سلسلو شروع
ڪري رهيا آهيون. اميد ته ’مهراڻ‘ جي پڙهندڙن کي
پسند ايندو. ادارو
تعارف
علامه
مشرقيءَ جو اصلي نالو عنايت الله هو. هو 25 آگسٽ
1888ع تي امرتسر ۾ ڄائو. ارڙهن سالن جي ننڍي عمر ۾
پنجاب يونيورسٽيءَ مان رياضيءَ ۾ ايم. اي ڪري نئون
رڪارڊ قائم ڪيائين. اسڪالرشپ ملڻ تي 1907ع ۾
ڪرائسٽ ڪاليج ڪيمبرج ۾ داخل ٿيو، جتي پنجن سالن
دوران رياضي، طبعيات، عربي ۽ فارسي ۾ امتيازي
امتحان
(Tripos)
پاس ڪيائين، جنهن ڪري يونيورسٽيءَ پاران کيس
رينگلر
۽ بيچلر فائونڊيشن اسڪالرشپ جي سند عطا ڪئي وئي.
هن واپسيءَ تي عملي زندگيءَ جو آغاز تعليم کاتي ۾
ملازمت سان ڪيو. پهريائين اسلاميه ڪاليج پشاور جو
وائيس پرنسپال ٿيو.
علامه
مشرقيءَ 1924ع ۾ ’تذڪره‘ نالي ڪتاب اردوءَ ۾ لکيو، جنهن جو مقدمو عربيءَ ۾ لکيائين. ان ۾ قرآن کي عالم انسانيت
لاءِ آخري فلاحي
پيغام طور
پيش ڪيائين ۽ ڊارون جي نظريهء
ارتقا
(Evolution)
جي پس منظر ۾ انساني ارتقا جو تصور واضح ڪيائين.
ان ڪتاب جي شايع ٿيڻ سان عرب دنيا ۾ سندس شهرت
گهڻو ڦهلجي وئي. اهو ئي سبب هو،
جو 1926ع ۾ مصر ۾
الازهر
۾ خلافت ڪانفرنس ۾ کيس مدعو ڪيو ويو. ڪانفرنس
کانپوءِ هو يورپ جي دوري تي روانو ٿيو. جرمنيءَ ۾
سندس ملاقات مشهور سائنسدان آئن اسٽائن سان ٿي.
اتي ئي هو ته اتفاقي طور سندس ملاقات ايڊولف هٽلر
سان به ٿي.
سال 1930ع ۾ علامه مشرقيءَ سرڪاري ملازمت ڇڏي ڏني
۽ 1931ع ۾ خاڪسار تحريڪ جو بنياد وڌو.
جنهن جو مول متو معاشري جي تنظيم ۽ اصلاح هئي، جنهن لاءِ هن ڪارڪنن کي خاڪي لباس پائڻ ۽ بيلچو کڻي پريڊ
(Prade)
ڪرڻ جا اصول لاڳو ڪيا ۽ ان جو مقصد مسلمانن کي
سپاهيانه زندگي گذارڻ لاءِ تيار ڪرڻ هو. بهرحال
خاڪسار تحريڪ جي اصولن موجب غير مسلم به ميمبر ٿي
سگهندا هئا.
سندس
اصلي
مطمح
نظر انگريزن کان باعزت اقتدار جي واپسي هئي.
هندستان جي ڪيترن صوبن وانگر سنڌ ۾ خاڪسار تحريڪ
1935ع ۾ قائم ٿي وئي.
علامه مشرقي ’تذڪره‘ ۾ قرآن جو هڪ اهڙو نئون
تعبير (Interpretation)
پيش ڪري ٿو، جيڪو سندس نظر ۾ عالم انسانيت جي مستقبل جو منشور آهي. علامه
قاضيءَ
جي موجوده خط مان ظاهر ٿئي ٿو، ته ’تذڪره‘ سندس نظر مان گذريو آهي،
جو علامه مشرقيءَ جي قرآن فهميءَ جي انقلابي انداز
کان متاثر ٿيو آهي. اصلي خط انگريزيءَ ۾ هو،
جنهن جو ترجمو ڪري شايع ڪيو ويو هو. سنڌ ۾ خاڪسارن
جي سالار نصير محمد نظاماڻي وڪيل علامه صاحب کي
اڊوڙيءَ ۾ منعقد ٿيندڙ ڪيمپ ۽ ان ۾ علامه مشرقيءَ
جي آمد جي موقعي تي شرڪت جي دعوت ڏني هئي. علامه
صاحب جو هي خط ان جو جواب آهي. هيءُ
خط نهايت ناياب سمجهي ’مهراڻ‘ جي حوالي ڪيو ويو
آهي.
8 جون 2024ع
ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو
مطابق 2 ذيقعد 1445هه
محترم آءِ آءِ قاضي جو ولوله انگيز خط
(انگريزيءَ
تان
ترجمو)
ڪراچي
5- ڊسمبر 1938ع
پيارا نظاماڻي صاحب
وعليڪم السلام ورحمة الله و برڪاتہ
تحقيق اها اوهان جي مهرباني آهي جو مون کي اهڙي
اجتماع لاءِ دعوت ڏني اٿو جنهن جو محض تصور ئي
منهنجي دل کي راحت بخشي ٿو.
اها دعوت به اهڙي محبت ڀرئي نموني ۾ لکيل هئي،
جنهن لاءِ اوهان کي آفرين هجي. والله يکثر خيرڪ.
آءٌ انهيءَ ڳالهه لاءِ هرگز پشيمان نه آهيان ته
مون سال 1935ع ۾ پنهنجي نوجوان دوستن کي خاڪسار
تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ صلاح مشورت ڏني. جيئن
پوءِ تيئن منهنجي دل کي تسلي ٿيندي ٿي وڃي ته چڱو
جو مون اهڙي صلاح ڏني ۽ انهيءَ جي لاءِ آءٌ الله
تعاليٰ جو شڪر بجا آڻيان ٿو. انهيءَ ڳالهه کي
ويهه سال ٿيا جو مون کي يقين پئدا ٿيو ته گذريلن
تيرهن سؤ ورهين جي سموري ڪاميابي سڌي طرح قرآن
شريف جي تعليم جو نتيجو هئي ۽ اڃا تائين انسان ذات
جي سڀني مشڪلات جو حل قرآن شريف ذريعي ئي ٿي سگهي
ٿو.
اهڙي حالت ۾ اوهين منهنجي انهيءَ خوشي جو اندازو
لڳائي سگهو ٿا جيڪا مون سال 1935ع ۾ هندستان اچڻ
تي اوهان جي تحريڪ ۽ ان جي عظيم الشان قائد جي
آشنائي ٿيڻ تي حاصل ٿي هوندي. اها واقفيت فقط سندس
ڪتابن جي ذريعي ٿيل آهي ۽ اها ئي حقيقي واقفيت
چئبي ڇاڪاڻ ته شڪل شباهت جي واقفيت ايتري قدر گهري
نه ٿي سگهندي. مون کي علامه صاحب جي آشنائي ٿيڻ
سان اها خوشي حاصل ٿي ته ڪم از ڪم هندستان اندر هڪ
اهڙو شخص موجود آهي، جنهن تي قرآني نور جو سچو پچو
سوجهرو ظاهر ٿيو آهي.
اها خوشي هيڪاري انهي ڪري وڌيڪ حاصل ٿي جو دنيا جو
سفر ڪندي اگرچه منهنجي ڪيترن ئي مصرين، عربن ۽ ٻين
مسلم عالمن فاضلن سان ملاقات ٿي هئي، مگر انهن مان
مون کي هڪ ۾ به قرآني نور ڏسڻ ۾ ڪونه ٿي آيو. ڄڻڪ
اهي قرآن جي تعليم کان نا آشنا هئا. دنيا ۾ ڪابه
تحريڪ تيستائين ڪ اها قرآني احڪامن پٽاندڙ نه
هوندي، ٻين لفظن ۾ ڪابه تحريڪ فقط ايترو ڪامياب
ٿيندي جيتروڪ اها قرآن مطابق هوندي. ڪيتريون
تحريڪون موجود آهن، جن ۾ قرآن جو فقط ٿورو حصو ۽
ٿورو مقصد ظاهر آهي. ليڪن هيلتائين منهنجي نظر ۾
خاڪسار تحريڪ ئي اڪيلي هڪ تحريڪ آهي، جا مڪمل طور
قرآني احڪامن مطابق آهي.
انهيءَ مان اوهين سمجهي سگهو ٿا، ته تحريڪ سان
منهنجي ڪيتري قدر موافقت يا مخالفت آهي.
اها هڪ حقيقت آهي، ته مون کي اهڙي خوشي ڪنهن به
ڳالهه ۾ نه ٿيندي، جهڙي هوند اوهان جي رٿيل اڊوڙي
ڪئمپ ڏسڻ سان ٿئي.
فقط ڪم نصيبي سبب ڪي اهڙيون رُڪاوٽون آهن، جن جو
هينئر ذڪر نٿو ڪري سگهان. آءٌ اوهان جي ڪئمپ ۾
شامل نه ٿي سگهندس ۽ نڪي اتي اوهان جي لاثاني ۽ بيحد
محبوب ليڊر کي ملي سگهندس. ڪهڙي خبر! حياتي وفا
ڪئي ته اُميدن کان اڳ اهڙي ملاقات ٿي وڃي! ڪهڙي
خبر!
جيستائين اوهين قرآن جي پٺيان آهيو، اوستائين آءٌ
دل و جان سان اوهان جو ساٿي آهيان. تحقيق آءٌ
اوهان کان جدا ٿي نه ٿو سگهان. مون کي ڏاڍي خوشي
آهي، جو عنايت الله خان کي خدا قرآن شريف جا اهي
راز سمجهايا آهن، جن سان اسان جي دنيا کان وڏيون
دنيائون ڊهن ۽ ٺهن ٿيون.
اوهين فقط مردن وانگيان
عنايت الله خان جا ٻانهن ٻيلي ٿي بيهو.
انهن خدا وارن مردن جهڙا مرد ٿي بيهو، جن قرآن
شريف جي هيٺئين حڪم کي نه رڳو سمجهيو آهي، بلڪ ان
۾ جذب ٿيل آهن.
”ان صلواتي و نسکي و محياي و مماتي لله رب
العالمين لا شريڪ لہ“ ۽ انتم
الاعلون
انهيءَ ڳالهه ۾ ڪو شڪ ڪونهي. شال الله تعالى
اوهان جي محترم قائد ۽ اوهان مڙني جي مدد ڪري ۽
پنهنجي سڌي رستي صراط مستقيم تي هلائي نه فقط
سُبلنا واري واٽ پر سبيل الله واري. خدا شال اوهان
سان گڏ هجي عمل ڪندا رهو ۽ فتح يقيني آهي. |