شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ جيترو گهڻو ذڪر
چنڊ/
چانڊوڪيءَ جو ملي ٿو، ايترو گهڻو چنڊ/
چانڊوڪي جو ذڪر شايد ئي ڪنهن ٻئي شاعر جي ڪلام
۾ ملندو هجي. گهٽ ۾ گهٽ مان چنڊ جو ايترو بار
بار ۽ گهڻو ذڪر نه شيڪسپيئر وٽ ڏٺو آهي نه ئي
ٽيگور وٽ، نه ئي ورڊس ورٿ وٽ، نه ئي شيلي وٽ، نه ئي غالب وٽ ۽ فيض وٽ.
دنيا جي وڏن ۽ مشهور شاعرن جو ڪلام مون سمورو
نه، ته
به
ان جو ڪافي حصو پڙهيو آهي ۽ منهنجي ادنيٰ راءِ
اها آهي ته، شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ جيترو گهڻو ذڪر چنڊ جو آيو آهي،
ايترو ذڪر دنيا جي ڪنهن ٻئي مشهور شاعر نه ڪيو
آهي.
هتي منهنجو مقصد اهو بلڪل ناهي ته ڪنهن شيءِ جو گهڻو ذڪر ڪرڻ سان ڪو شاعر وڏو يا عظيم
بڻجي ويندو آهي،
پر اياز چنڊ کي ايترو ته مختلف ۽ خوبصورت ڪري
ورجايو آهي جو ان
جو
جواب ناهي. جواب ته ڀٽائي سرڪار جي انهن ڪجهه بيتن جو به
ناهي جن ۾ هن چنڊ جو ذڪر ڪري چنڊ کي به حيران
ڪري ڇڏيو، پر اياز به پنهنجي مرشد جي عظيم
روايتن جي زبردست پاسداري ڪئي آهي.
ستارن جي سيج تي، سُتس ساري رات،
پڌري ٿي پرڀات، چُميندي ڪنهن چنڊ کي.
چئي سگهندين چنڊ، توڏي مان ڇو ٿو تڪيان،
ڏئي سگهندين چنڊ، مون کي پار پرينءَ جا!
چانڊوڪي ۽ چنڊ، رهڻو آهي راتڙي،
گهڙيءَ لاءِ گُهمنڊ، چڱو ناهه چڪور سان،
سهسين سورج چمڪيا، ڪيا چنڊ چٽاءَ،
ماڻهوئڙن مٿاءَ، اڃا اونداهه نه لٿي.
شاهه لطيف وانگر شيخ اياز به ڪٿي ڪٿي چنڊ
کي پنهنجي پرينءَ جي مٽ نه سمجهيو آهي. اياز
اها ڄڻ ته لطيف جي شاعراڻي روايت جي پاسداري
ڪئي آهي. مثال طور:
چوڏهينءَ چنڊ به اهڙو ناهي،
جهڙو منهنجو جاني ڙي!
دلڙي ٿي ديواني ڙي!
اياز جو انتخاب اهو محبوب آهي، جيڪو
ماهتاب ۽ آفتاب جهڙو ناهي، بلڪه اهو محبوب
انهن پراڻن مثالن کان اعليٰ ۽ بي مثال آهي.
نه ماهتاب، نه هو آفتاب آ سائين!
مگر ”اياز“ ڪيو انتخاب آ سائين!
چنڊ، شيخ اياز جي شاعريءَ لاءِ هڪ
INSPIRATION
رهيو آهي. هو چنڊ ۽ چانڊوڪيءَ مان ايترو ته
متاثر آهي، جو هن پنهنجي ڪتابن جي عنوانن ۾ ئي
چنڊ/
چانڊوڪيءَ جو ذڪر ڪيو آهي. مثال طور:
چنڊ چنبيليءَ ول.
اڀر چنڊ پس پرين.
چنڊ ڳليون.
راج گهاٽ تي چنڊ.
اياز چنڊ جي هجڻ سان پاڻ کي سَرهو
۽ ان جي نه هجڻ سان پاڻ کي اداس ۽ ناخوش محسوس
ڪري ٿو. اياز لاءِ چنڊ جو چڙي وڃڻ هڪ تمام
اداس ڪندڙ ۽ ناخوشيءَ واري ڳالهه آهي، اهو چنڊ
جيڪو اسان
جي شاعر وٽ محبوب يا پرينءَ جي علامت آهي.
پُڇو پيون ڇا پاڙي واريون، ڀلا اسان جي بات،
چڙي ويو آ چنڊ اسان کان، رُسي وئي آ رات،
هاءِ ڪهڙي رات آهي، چنڊ منهنجو ناهه ميت.
منهنجي مــــــن کــــــي چين ناهــــــي،
چنڊ مون کي چُمي رهيو آهــــــي،
رات ڪهڙي نه مهربــــــان
آهــــــي!
اياز هڪ بيت ۾ اهو به ڄاڻايو آهي ته چنڊ
هن کي ڏات ڏيندو آهي:
چئو منهنجي چنڊ کي، رهي وڃي رات،
ڏئي وڃي ڏات، سرچي منهنجي ساهه کي.
۽ اهڙي پرينءَ جهڙي، ساهه کان پياري چنڊ
يا ائين کڻي چئجي ته چنڊ جهڙي پرينءَ کان
سواءِ هو سمورو سنسار اونداهون ڀانئي ٿو ۽
اهڙي صورتحال ۾ هو اميد ڪري ٿو ته:
ڪڏهن ته ايندو چنڊ اسان جو
اچي ڪندو چانڊاڻ،
ساريون راتيون جنهن سان رهندي
پنهنجي روح رهاڻ.
۽ ان پرينءَ کانسواءِ، ان پِيا کانسواءِ
”جيڪو اسان جي شاعر جي جهان جو چنڊ آهي“ هن کي پنهنجي زندگي اماس رات جيان لڳي ٿي
۽ هن کانسواءِ هن وٽ چاندني نه ٿي ٿئي.
سکي! پِيا کي ملين ته چئجان؟
چاندني تــــــو ســــــوا نه ٿيندي،
اچين ته منهنجي اُماس ۾ آءُ
ڇــــــو ته ٻــــــي رات ڪانه
ٿيندي.
شيخ اياز پنهنجي شاعراڻي تخيل سان چنڊ کي
مختلف شين ۽ ڪردارن جي مثال طور پيش ڪيو آهي.
ڏاٽي کي عيد جي چنڊ جهڙي خوبصورت ۽ انقلابي
تشبيهه اياز هن ريت ڏني آهي.
سڄو ڏيهه ڏاٽا، ڪري جي اُڀا.
لکين عيد جا چنڊ اُڀري پَون!
ان شعر ۾ فصل پوکيندڙ ۽ لڻندڙ هارين/
نارين، ٻنين ۽ محنت ڪندڙ ماڻهن جي ٻڌي ۽
اتحاد جو خوبصورت انقلابي خواب آهي. هن شعر ۾
شيخ اياز شاهه عنايت شهيد جي ”جو کيڙي، سو
کائي“ واري فلسفي جي حقيقتن کي عيد جي خوشيءَ
جهڙي ڳالهه ٿو سمجهي. اياز ان شعر ۾ ان خواهش
جو شاعراڻو ۽ شاندار اظهار ٿو ڪري ته ڪاش سڄي
ڏيهه جا هاري متحد ٿي پنهنجا ڏاٽا اُڀا ڪن!
ائين ٿي پوي ته هوند عيد جي خوشين جهڙي مستقل
خوشي هن ديس کي ملي پوي! ۽ جو کيڙي سو کائي
وارو عظيم فلسفو پنهنجي حقيقت حاصل ڪري!
هڪ هنڌ وري اياز چنڊ کي ماتا جي ٿڻ سان
تشبيهه ڏئي لکيو آهي ته:
چنڊ، مٿان ماتا جي ٿڻ جئن
هن جي مُنهن لئه آ تو آهي.
وري هڪ هنڌ اياز چنڊ کي ”فانوسو“ پڻ چيو
آهي، جيڪو مسافرن کي رات ۾ ٻرندي رستو
ڏيکاريندو رهي ٿو.
ڀُلين ڇو ڀاڻو؟
هُو فانوسو چنڊ جو
ڪڏهن وساڻو؟
شيخ اياز پنهنجي هڪ گيت
”ٿري
ٻار جو گيت“ ۾ ٿر جي هڪ غريب ڪُٽنب جي تصوير ڪشي ڪئي
آهي، جنهن ۾ هن اهو ڏيکاريو آهي ته ان مفلس
ڪٽنب جا ٻار پنهنجي ماءُ کي رڙندي اهو ٻڌائين
ٿا، ته هنن کي ڏاڍي بک لڳي آهي. هن جي ماءُ
وٽ کائڻ لاءِ ڪا به شيءِ
ڪانهي ۽ هوءَ فقط ڳالهه نٽائڻ لاءِ ٻارن کي
ڪوڙ هڻي چوي ٿي، ته چنڊ کائڻ واري شيءِ آهي ۽ تارا ڏاڙهونءَ جا ڪڻا آهن، انهن کي
ڏسو ۽ پيٽ ڀريو، پر بکايل ٻارن جا پيٽ چنڊ ۽
تارا ڏسي نه ٿا ڀرجن ۽ هو بک مان دانهن ڪري
جيڪو ڪجهه چون ٿا، ان دانهن کي اياز شاعريءَ ۾
هيئن سمائي ٿو:
آ گدري جي ڦار، امان!
اڄ پورو ناهي چنڊُ،
اسان کي بک به ڏاڍي آ!
ڏاڙهونءَ ڪڻ چوڌار، امان!
هي تارا تارا منڊُ،
اسان کي بک به ڏاڍي آ!
هڪ جڳهه تي اياز چنڊ کي ڊڳڙ به چيو آهي:
چنڊ ڊڳڙُ ڳڙڪائي ويئي
ڪاريءَ رات کي ڪير چوي!
چنڊ ۽ تارن جو اهڙي نموني ذڪر ڪرڻ ۽ اهڙي
خوبصورتيءَ سان، شاعراڻي ڪمال جو مثال آهي.
اياز هڪ هنڌ چنڊ
”ماهتاب“ کي ساغر چيو آهي، جنهن مان هو مي پيئي
ٿو:
مان ساغرِ مهتاب مان
هي پي وڃان هڪ ڳيت سان.
۽ هڪ هنڌ هو محبوبا جي ڪرائي جهلڻ سان ٽٽل
چوڙين کي شروعاتي تاريخ جي چنڊ سان ههڙي
خوبصورت تشبيهه ڏي ٿو:
چُوڙيون چنڊ جئن ٽُٽيون آهن،
ٻانهن کي ايترو مروڙيو ٿِي!
شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ چنڊ ڪٿي ڪٿي خدا
شناسيءَ جو ذريعو ۽ روحاني راز رکندڙ آبجيڪٽ
به آهي، اياز پنهنجي شاعريءَ جي شروعاتي دور ۾
اهڙا باغياڻا شعر لکيا، جو هُن تي دهريت ۽
لامذهبيت جا پڻ الزام لڳا، پر پوءِ هن ان دور جي شاعريءَ ۾
چاندني رات کي ڏسي رب، خدا کي مڃڻ واري ڳالھه
ڪئي.
چاندني رات کي ”اياز“ ڏسي،
ڪجھه مڃان ٿو ته ڪوئي رب آهي.
اياز چنڊ/ ماهتاب کي سؤ صحيفن جھڙي پاڪ ۽ مقدس شيءِ سمجھندڙ شاعر آهي.
سؤ پَيغمبر راتڙيءَ جي خاموشي
سؤ صحيفا آھه مون لهءِ ماهتاب
اياز هڪ شعر ۾ موت
”مرڻ“ واري راز جي حقيقت ڄاڻڻ جو ذريعو به چنڊ کي چيو آهي، ۽ چنڊ
جي اهڙي ڳجھي ڳالھه کان پوءِ شاعر کي موت
”مرڻ“
تي کل اچي ٿي ۽ هو سمجهي ٿو ته موت هڪ مذاق
آهي، موت فقط ڪنهن شيءِ جو اکين کان اوجهل ٿيڻ
جو نالو آهي، باقي سڀ شيون پوءِ به رهن ٿيون.
چنڊ هڪڙي ڳالھه ڪئي مون کي ڳُجهي
مان تڏهن توتي کِلان ٿو اي مرڻ!
شيخ اياز جي نظر ۾ هڪ سنسار جي هر شيءِ ۾
ان جي خالق جو جلوو آهي. ڏسڻ واري اک هجڻ شرط
آهي. باقي ان ”حُسنِ ذات“ کي ڳولڻ لاءِ ڪو به
رستو يا ذريعو ٿي سگهي ٿو. ڪڏهن ڪو گل، ڪڏهن
ڪو پکي ته ڪڏهن ڪو وري چنڊ!
چنڊ جو چارو وٺي ڳولڻ لڳس
مان حُسنِ ذات.
شيخ اياز پنهنجي شاعراڻن موڊن
“Poetic Moods”
۾ چنڊ کي ڪڏهن ڪڏهن هڪ بيوفا محبوب جيان سمجهي
ٿو. نه ملندڙ محبوب کي چنڊ سان تشبيھه ڏئي ٿو.
جنهن جو ملڻ ناممڪن آهي ۽ جنهن لاءِ پاڻ پتوڙڻ
واريون سڀ ڪوششون به ناڪام
ئي
ٿيڻون آهن.
اڏري اڏري ٿڪجي پوندين،
ڪنهن سان تنهنجو پيار؟
چنڊ نه ڪنهن جو يار!
پکيئڙا، چنڊ نه ڪنهن جو يار!
ڪنهن سان تنهنجو پيار ٿيو آ!
چنڊ به ڪنهن جو يار ٿيو آ!؟
رکو چنڊ سان چاھ نه سائين
ڏيو چنڊ تي ساھ نه سائين
ڪيسينِ ان لهءَ لاتيون لونَدئو؟
اڏري اڏري ٿڪجي پوندئو.
۽ وري ڪڏهن اياز ان چنڊ جهڙي ڏورانهين
محبوب کي پنهنجي ويجهو ڏسي خوشي
۽
حيرت منجهان چوي ٿو
ته:
زندگيءَ ۾ ”اياز“ هن ڀيري،
چنڊ ڪيڏو نه ويجهڙو آيو!
بيھه اي چنڊ! توکي وري مان چُمان
نينهن آهي نئون، رات آهي نئي.
شيخ اياز پنهنجي هڪ غزل جي شعر ۾ چنڊ کي
چارڻ ۽ چاندوڪيءَ کي راڳ چيو آهي. اهو هن جو
شاعراڻو ڪمال آهي. اها اياز جي جينئس
“Genius”
آهي. فقط هڪ شاعر جي ۽ اهو به هڪ عظيم شاعر جي
اک ائين ڏسي سگهي ٿي، ته چنڊ به چارڻ آهي،
جيڪو موسيقار آهي، جنهن مان سُر نڪرن ٿا. فقط
هڪ عظيم شاعر جا ڪن ئي چانڊوڪيءَ جو سريلو راڳ
ٻڌي سگهن ٿا. محسوسات جو اهڙو اعليٰ درجو تمام
گهٽ شاعرن ۾ هوندو آهي ۽ اهڙي خوبصورت شاعراڻي
بيان سان:
مون نه ڄاتو هيو، چنڊ چارڻ به آ،
چاندني راڳ آ، رات سنسان ۾!
اهو چنڊ، جنهن کي ڏسي اسان جي محبوب شاعر
شيخ اياز کي پنهنجو سجن ياد اچڻ لڳندو هو ۽ هو
لکندو هو ته:
ڏسي چيٽ جو چنڊ آڪاس ۾،
اسان کي اچي ياد پنهنجو سجن.،
يا هن کي چنڊ جي چانڊاڻ پنهنجي پرينءَ جي
رُوءَ جي چوري لڳندي هئي:
۽ چنڊ جي چانڊوڪي هن جي محبت جا ڀرجندڙ ڦٽ
وري کولي وجهندي هئي ۽ تازا ڪري ويندي هئي.
مطلب ته چانڊوڪي اياز جي محبت کي ختم ٿيڻ نه
ڏيندي هئي.
اي ايــــــاز اوچتو ڦــــــٽَ کولــــــي
وئي،
چيٽ جــــــي چاندني
هيــــــر ولهار جــــــي.
چنڊ جي چانڊاڻ تنهنجي رُوءَ جي چوري لڳي!
اهو چنڊ جنهن رنگ ۽ روپ اياز کي پنهنجي
پرينءَ جهڙو لڳندو هو:
اڙي چنڊ، اڙي چنڊ، پرين تو ته ڏٺو ناھ،
سندس روپ، سندس رنگ ائين آھه
جئين تون.
۽ جڏهن هن دنيا ۾ ڪُوڙ جو راڄ هجي ٿو ته
سچ کي شڪست ملي ٿي، ڪوڙا ماڻهو ڪانَون وانگر
”ڪان ڪان“ ڪندا رهن ٿا ۽ ان وقت اسان جي شاعر
شيخ اياز کي اهو چنڊ به نه ٿو وڻي، جنهن جي ساراھ ۾ هو اڳ گيت پيو لکي. هن کي ڪوڙي جي حڪومت ۾
چنڊ مان ڪيڙا ڪرندي محسوس ٿين ٿا ۽ هو چوي ٿو
ته:
چنڊ مــــــان ڪيڙا ڪِــــــرن
وقــــــت ڪيڏو آ بُــــــرو!
ڪانَو ڪان ڪان ڪن پيا.
هڪ بيت ۾ اياز چنڊ کي کيڏاوڻو”رانديڪو“
به ڪوٺيو آهي:
”امان! هي کيڏاوڻو، ٻيڙيءَ آڳل تي!“
”ان کي چنڊ چوي، هر ڪوئي ٿو ڌيئڙي!“
ڪٿي ڪٿي اياز چنڊ کي پنهنجو يار، دوست ۽
ساٿي سڏي ٿو جنهن سان هو راتين جو رولاڪيون
ڪري ٿو ۽ جنهن کي پاڻ جيان ئي گهايل، هرجائي، سودائي، بيگانو ۽
بيزار سمجهي ٿو.
تون مان آھيون يار، او چنڊ-
اچ ته رُلون گڏ راتيون!
تنھنجو منھنجو گھاءُ
به ساڳو،
صدين جو سوداءُ به ساڳو،
ٻئي اونده تي وار، او چنڊ-
اچ ته رُلون گڏ راتيون!
تون مان آھيون ٻئي ھرجائي،
ٻئي سيالني، ٻئي سودائي،
بيگانا، بيزار، او چنڊ-
اچ ته رُلون گڏ راتيون!
روح نه ريجھي تنھنجو منھنجو،
پنڌ پرھه ڏي تنھنجو منھنجو،
پرين پرانھين پار، او چنڊ-
اچ ته رُلون گڏ راتيون!
تون مان آھيون يار، او چنڊ-
اچ ته رُلون گڏ راتيون!
يا هڪ ٻئي هنڌ لکي ٿو ته:
چنڊ مون سان هلي ٿو پيو،
واٽ تي ڳالھه تنهنجي سلي ٿو پيو.
رات کي مات ڏيندا وڃون ٿا ٻئي اڄ،
ڳجھه جي ڳالهڙي ئي مڃون ٿا ٻئي اڄ.
اياز پنهنجو پاڻ کي چنڊ وانگر ”اوندھ تي
وار“ ۽ ”رات جي مات“ چئي بلڪل سچي ڳالھه ڪئي
آهي، اياز
جي شاعري ڏاڍ، ڏمر جي رات جي مات جي شاعري آهي، هن جي شاعري
جهالت ۽ ظلم جي اوندھه
تي وار آهي، هن جي شاعري صحبح ۽ سوجهري جي ساڳ
آهي، سچ ۽ سونهن جي ساڳ آهي، اياز اهڙي رات جي
اوندھه
”آمريت“ واري دور ۾ سوجهري لاءِ جاکوڙيندڙ شاعر هيو ۽ ان جاکوڙ جي
ڪري کيس کوڙ سختيون پڻ سهڻيون پيون ۽ هن کي
جيل پڻ وڃڻو پيو، پر ان قيد و بند واري دور ۾
به هن اها ئي صبح کي سڏ ڪندڙ شاعري سرجي.
هونئن ته اياز پنهنجي شاعريءَ ۾ چنڊ تي بيحد خوبصورت لکيو آهي ۽
ان کي مختلف ڪري پيش ڪيو آهي، پر هن پنهنجي
شاهڪار نثر جي ڪتاب ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ ۾
چنڊ بابت جيڪي ڪجھه لکيو آهي، سو با ڪمال آهي.
اچو ته اهي ٽڪرا پڙهي چنڊ جي اصل حُسن کان
واقف ٿيون ۽ سمجهون ته اسان جو محبوب شاعر چنڊ
کي ايڏو ڇو پسند ڪندو هو!
چانڊوڪي منهنجي نيڻن کان ننڊڙي کسي وٺندي آهي ۽ مان راتين جون راتيون چنڊ پٺيان چارا رلندو وتندو
آهيان، توکي شايد خبر نه آهي،
ته چنڊ ۽ ننڊ اصل جا ويري آهن. چانڊوڪي اکڙين
کي اوجاڳا ڏيندي آهي، دلين جا دکڙا دکائيندي آهي. مان ڪيئي راتيون نيراڻ ۾ نھاريندو آهيان، ڪيئي ڀيرا سنسار جي سيني ۾ گھُوري ڏٺو
اٿم.
چانڊوڪيءَ ۾ مون کي هيءَ ڪائنات ڪنھن ڪوريئڙي
جو مهاڄار لڳندي آهي، جنھن ۾ انسان ڪنھن جيتڙي
وانگر ڦاسندو، ڦٿڪندو نظر ايندو آهي.
چنڊ آسمان ۾ ائين هلندو نظر ايندو آهي، گويا کيس ڪوئي ڪُنڍي وجھي، ڪنھن اَزلي
منزل ڏانھن ڇڪي رهيو آهي.
مان به پنهنجيءَ منزل جي تلاش ۾ هن جي پٺيان
ڪيئي منزلون طئي ڪري ويندو آهيان، ساري رات
انھيءَ سفر ۾ طئي ٿيندي آهي، ۽ منهنجن ڇپرن جي
ڇانوَ پرھ ڪَر موڙيندي نظر ايندي آهي.
ادڙا، چنڊ مون کي ڪائنات جي اَزلي اَک وانگر
لڳندو آهي، جا مون ڏانھن گهوريندي رهندي آهي،
۽ مان پنهنجي خوف ۽ تارن ڀرين راتڙين جو سهارو
وٺندو آهيان، اٺ به اُڻٽيھين اونداهي آهي ۽ مان توکي بتيءَ جي ڌيميءَ جوت ۾ هيءُ خط لکي
رهيو
آهيان، شايد تنهنجي زندگيءَ ۾ مان پھريون شاعر
آهيان، جنھن کي چانڊوڪيءَ کان چڙ آهي، پر، ان
هوندي به منهنجي شاعريءَ ۾ هر جڳھه چانڊوڪيءَ
جو ذڪر آهي! ڇو؟ شايد مون کي چانڊوڪي بيحد
پياري آهي! شايد چانڊوڪيءَ ۽
ننڊ
۾ رقابت جو جذبو آهي.
تنھنڪري! ادڙا، مان هڪ خسته تن ۽ خسته دل
انسان آهيان.
مون کي ننڊڙي وڌيڪ پياري آهي.
مون کي چانڊوڪي نه گهرجي.
مون کي روشني نه گهرجي!
-------
مان ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان،
ته چنڊ اکين کي ايترو ڇو ٿو وڻي! اُن ۾ اِهو
ڇا آهي، جنهن کي اسان حُسن چئون ٿا؟ مادي فلسفي ۾ اعتبار رکندڙ چون ٿا ته حُسن ڪوئي دائمي قدر نه آهي، ان جي تصور
۾ زمان ۽ مڪان جي فاصلي سبب ڪيترو ئي
اختلاف آهي، پر مان پڇان ٿو ائين ڇو آهي ته
دور قديم کان وٺي اڄ تائين چنڊ کي حَسين سمجھيو ويو آهي؟ اهڙو ڪو ئي به دور ۽
اهڙي ڪائي به جاءِ نه آهي، جتي انسان چنڊ کي حَسين نه سمجھيو هجي، اُن ۾ اِهو ڇا آهي، جنهن کي اسان حسن
چئون ٿا؟ ۽ انسان ۾ اهو ڇا آهي جو ان جي حسن
کان يڪدم متاثر ٿي وڃي ٿو؟ اوه، مون کي ڏکڻ جي
واءَ
۾ ننڊڙي ٿي اچي، منهنجا آواراه خيال ڪٿي وڃيو
نڪرن! مور جي رڙين سان منهنجن گيتن جو ڪهڙو
واسطو؟
-------
اي چنڊ! تون هن ڪائنات جو خاموش تماشبين
آهين، اي چنڊ، ڪڏهن ڪڏهن تون انسان جي روح ۾
ليئو پائيندو آهين، ڪڏهن ڪڏهن توکي اها جاءِ وڻي ويندي آهي ۽ پوءِ تون
اتي واسو ڪندو آهين، تنهنجو جسم ته آسمان ۾
هوندو آهي، پر تنهنجو روح ڪنھن ماڻھوءَ جي من
۾ هوندو آهي، اي چنڊ، تون منهنجو ڀيدي آهين،
تون ۽ مان ٻيئي واٽهڙو آهيون.
ڪنهن دور ديس جا، اَڻٿڪ، ازلي راهي: تنهنجو
منهنجو پنڌ پڄندو به يا نه؟ اي چنڊ، تو هن
نگريءَ ۾ مون جھڙو ٻيو به ڪو سودائي شاعر ڏٺو
هو؟ مون ٻڌو آهي، ته بيڪس روهڙيءَ ۾ سنڌو گھاٽ وٽ آڌيءَ رات جو ڪنئيي سان اچي
بيهندو هو، ۽ ڪنئيو، ڪن تي هٿ رکي هن جي ڪافي
ڏاڍيان ڳائيندو هو:
”ساجن سائين سير ڪرڻ لئه آيو ٿي اِنسان،
ڪاٿي ڪافر، گبر، يهودي، ڪاٿي مسلمان،
ساجن سائين .....“
اها ڪافي ٻڌي، ساڌ ٻيلي جو مور زور سان
رڙيون ڪندو هو: ”ائين نه آهي بيڪس سائين، ائين
نه آهي! سڀ اِنسان ساجن جو سروپ نه آهن، هيءُ
سارو جيون پاپ ۽ پڃ جو
يُڌ آهي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن انھيءَ يُڌ ۾ پڃ اڪيلو آهي، بلڪل اڪيلو.“
وڏا چوندا هئا ته مور جو آواز ٻڌي، بيڪس
سانت ۾ اچي ويندو هو، ۽ ڌرتيءَ تان پٿر کڻي،
پاڻيءَ ۾ چنڊ جي پاڇي کي هڻندو هو، چنڊ لهرين
۾
ڀڄي
ڀورا ٿي پوندو هو، پر ٿوري وقت کان پوءِ
چنڊ جو پاڇو هڪ جاءِ تي اچي ويندو هو، اي سچ!
تون چنڊ جو پاڻيءَ ۾ پاڇو آهين، توکي ڪا به
ضرب ڀڃي ڀورا ڪري نٿي سگھجي!
-------
چئي سگھندين چنڊ، توڏي مان ڇو تڪيان!
ڏئي سگھندين چنڊ، مون کي پار پرينَ جا!
چؤ، مان ڪنھن جي ڪاڻ،
رلان
پيو راتڙيون!
چؤ، ڪنھن جي چانڊاڻ، ھرکايو منھنجو ھيئون!
آيو آڌيَ رات جو، پرينَ جو پڙالُ،
چڪڻ لڳو چنڊ جو، گھرو گھرو گھاُ،
صدين جو سوداءُ، جاڳي اٿيو جيَ ۾.
چانڊوڪيَ ۾ چيٽ جي، ستو رات سڄڻ،
چمڪيو چوڏھينَ چنڊ سان، آڌيَ ويل اڱڻ،
اال اسر جو سندس، منھنڙي جو مھڪڻ،
ھيرن ۾ ٿي ڄڻ، ھن جون ھٻڪارون مليون.
چانڊوڪيَ ۾ چيٽ جي، نور ڀري نيراڻ،
آيو پرين پاڻ، چمڪيا چنڊ زمين تي.
تون چانڊوڪي چيٽ جي، منھنجو من چڪور،
اچي ڪڏھن اور، مون سان ڳالھيون ڳجھ جون