گل محمد عمراڻي
سنڌ جي گورڪي جمال ابڙي جي فن ۽ فڪر جو جائزو
سائين جمال ابڙو جديد سنڌي ادب ۾ ڪهاڻي ۽ فڪري
نواڻ جي حوالي سان هڪ شاندار روشن باب آهي. سندس
ڇرڪائيندڙ 15 ڪهاڻيون ترقي پسند ادبي تحريڪ جي دور
جي اثر هيٺ لکيل آهن ۽ هُو پاڻ به اهڙن ترقي پسند
اديبن محمد ابراهيم جويو، شيخ اياز ۽ غلام رباني
آگري سان گڏ هڪ روشن خيال ۽ خوشحال سنڌ جا خواب
ڏسندڙ هو. پر حقيقت پسند ۽ سماجي شعور جو بيباڪ
مبلغ به رهيو. جنهن ۾ نعري بازي ۽ نمائشي سياست
نه، پر حقيقي جمهوري سماج جي اوسر جو اُلڪو هو.
سندس فن جي معراج مختصر ڪهاڻيءَ جو مجموعو
”پشو پاشا“ 1959ع هو. جنهن جي چوٿين ايڊيشن جي پيش
لفظ ”عرض حال“ 1992ع ۾ لکي ٿو ته، ”پهريون ايڊيشن
حميد سنڌي ڇپايو ۽ منهنجي زور ڀرڻ تي جيڪي خط ۽
تنقيدون منهنجي خلاف شايع ٿيون هيون، سي به ڪتاب ۾
شامل ڪيون ويون. مون کي ان ڪتاب جو نه نالو پسند
نه ٽائيٽل ڪور؛ پر حميد صاحب چيو ته هن خرچ ڪري
ڇڏيو هو، تنهنڪري اهو قبول ڪرڻو پوندو. ٻيو شرط
اهو رکيم، ته استاد محمد ابراهيم جويو ان ڪتاب تي
تنقيدي جائزو لکي ته پوءِ شايع ڪيو وڃي نه ته نه.
اهو ان ڪري جو اسين ان وقت جا اديب ڪُڏ ڪري ادبي
ميدان ۾ ٽپي پوڻ جا قائل ڪونه هئاسون ۽ نڪي عوام ۽
پڙهندڙن کي ڪو غلط نظريو ڏئي ابهام يا مونجهارن ۾
وجهڻ چاهيندا هئاسون.“ اهي غلط نظريا يا ابهام
پوءِ جي ڪمرشل رسالن ۾ جام ٻين ادبي قومي تحريڪ جي
تناظر ۾ هلايا ۽ هُلايا ويا، جن سان نظرياتي طرح
جمال ابڙو صاحب آخر تائين سهمت ڪونه رهيو. بهرحال
ان سڄي بحث کي سمجهڻ جي لاءِ ڪتاب ”آئون به جاڳي
پوندس. جمال ابڙو“ سهيڙيندڙ: بدر ابڙو، (سنڌيڪا
2009ع) جو مطالعو ڪجي، ته حقيقت واضح ٿيندي. هن
ضخيم ڪتاب ۾ جمال ابڙي جي زندگيءَ جو احوال، ”پشو
پاشا“ (ڪهاڻين جو مجموعو)، جمال ابڙي جا مضمون:
”شاهه محض صوفي نه هو“، ”انساني تقدس ۽ سچل
سرمست“، ”عورت جي اسلام ۾ عزت ۽ آزادي“،
”پاڪستان- ٺهراءُ: اصل حقيقتون“، ”سنڌ جي ووٽ بينڪ
کي بچايو“، ”سنڌ آپريشن ڊائري“، ”جڏهن ڪراچيءَ تي
گولا ڪريا“، ”اياز جي امانت سنڀالڻي آهي“، ”ٻيو
ڪوبه عبدالله ميمڻ ٿي نه سگهندو“ ۽ ”ڏاڏا شاهه: هڪ
انجمن، هڪ ادارو“. ان کان سواءِ اِهو اهم ڪتاب
جمال ابڙي تي هڪ
Compendium
(مجموعو) آهي. ان جي مطالعي کان پوءِ اوهان کي
جمال ابڙي جي فن، فڪر ۽ شخصيت جي منفرد گوشن جي
ڄاڻ ملندي، جيڪا هڪ جاءِ تي بذات خود ڄڻ ته ”Encyclopedia“
آهي. هن عظيم انسان تي واپس ”پشو پاشا“ جي پهرئين
ايڊيشن جي طرف اچون ٿا، جيڪو 1959ع ۾ ڇپيو هو. پاڻ
صاحبِ ڪتاب ٻڌائي ٿو ته، ”پهريون ڇاپو ڇا ڇپيو، ڄڻ
ته ڌماڪو ٿي ويو. ڌوم مچي ويئي. حالانڪه ان وقت
ادبي اُفق تي ڪهاڻيڪارن جا وڏا نالا جهڙوڪ: شيخ
اياز صاحب ۽ رباني صاحب موجود هئا. مون پنهنجي
حياتي جي تمام مختصر دور ۾ 1953ع کان 1965ع تائين
اهي چند ادبي پارا، اندر جي اوٻر خاطر لکيا، پر
ڳالهه وڌي وڻ ٿي وئي. بقول هڪ نامور دوست جي ”جيئن
اڄ هر سنڌي شاعر تي اياز جي ڇاپ آهي، تيئن هر
ڪهاڻيڪار تي جمال ابڙي جي ڇاپ ضروري آهي.“ رباني
صاحب ته هڪ دفعي ٻڌايو ته، پرائمري اسڪول ۾ ٻارن
کان پڇيو ويو ته ”هو جمالو“
ڪنهن جو لکيل آهي ته ٺڪ جواب مليو، ته جمال ابڙي
جو. اهو آهي اخلاص ۽ جذبي جي سچائي جو نتيجو، جو
جهر جهنگ اهو آواز پهچي ويو.“ ”پشو پاشا“ جي
پهرئين ايڊيشن ۾ ڪل 13 ڪهاڻيون آهن ۽ جيڪي 1959ع
کان اڳ لکيل آهن. انهن کان پوءِ ڪهاڻي ”رات“ 1963ع
۾ لاڙ ۾ رهائش دوران بقول ليکڪ، مشاهدي تي ٻڌل
ڪهاڻي آهي ۽ ”سِنڌ“ 1976ع ۾ لکي وئي. ڪهاڻي
”فرشتو“ 84-1983ع دوران ضياءُ الحق جي دور ۾ اسلام
آباد ۾ تحرير ڪئي وئي. ”ماءُ جي جهولي“ 1987ع ۾
جڏهن سنڌ ۾ نسلي فساد شروع ٿيا ۽ ان ڪري بدر ابڙي
جي مطابق ”سائين جمال ابڙي کي دل جو دورو پيو (آءٌ
جاڳي پوندس، 2009ع سنڌيڪا). محمد ابراهيم جويو ۽
شيخ اياز، آگري صاحب سميت جمال ابڙي جي زندگيءَ ۾
تمام گهاٽا دوست، هم خيال ۽ هڪ ٻئي کي متاثر ڪندا
رهيا. آگري صاحب ۽ شيخ اياز جي خيالن ۾ بتدريج
مذهب طرف واپسي جو سفر جمال صاحب جي ڪري ٿيو يا ان
جا ڪي ٻيا ڪارڻ هئا، اهو هڪ الڳ موضوع آهي، جنهن
بابت تحقيقي تنقيدي کوج اڃا ڪانه ٿي آهي. جويو
صاحب کي جمال صاحب اُستاد چئي ياد ڪري ٿو ۽ اهو
رشتو آخري عمر تائين برقرار رهيو هو.
”پشو پاشا“ جي تعارف ۾ جويو صاحب ٻُڌائي ٿو ته،
”هن مجموعي جي ڪن افسانن تي جيڪي ”مهراڻ“ ۾ شايع
ٿيا هئا، چڱي خاصي خيالن جي ڏي وٺ ٿي هئي، جنهن کي
پوءِ ڪتاب جي آخري حصي ۾ شامل ڪيو ويو آهي. انهن
افسانن مان مصنف جي فني صلاحيتن، سماجي نظرين،
ادبي نيتي، سوچڻ جي سليقي ۽ سندس هڪ ڪامياب افسانه
نگار هجڻ جو ڪافي حد تائين اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
هُو هن وقت چوٽيءَ جي سنڌي افسانه نگارن ۾ هڪ
منفرد ۽ اعليٰ مقام تي فائز آهي. جويي صاحب جو
خيال هو، ته جمال ابڙو صاحب بحيثيت هڪ منصف (Judge)
جي انصاف جي ڪرسي تي ويهي زندگيءَ جو گَهَرو
مطالعو ڪيو آهي، جنهن کي هن پنهنجي جاندار نثر ۾
بيان ڪيو آهي. هڪ قاري جي حيثيت ۾ منهنجي راءِ ۾
جمال ابڙي صاحب جي بيباڪ قلم سنڌي سماج جي روڳن ۽
عيبن کي چيرڦاڙ ڪري نمودار ڪيو آهي. جن ۾ وڏيرا
شاهي جا ڪَلور، ڀوتارن جون قهري ڪاروايون، ذات
پرستيءَ ۽ غربت جون اڻ برابريون ۽ برايون، نوڪر
شاهي جون عقوبتون، پوليس ۽ بي ايمان اهلڪارن جون
بدمعاشيون سرفهرست آهن. جمال ابڙي جو ڪلاسڪ، سماجي
حقيقت
(Social Realism)
وارو نثر سنڌي ادب جو اڻملهه خزانو آهي. ڪهاڻي
”پيراڻي“ اهڙي ڪلاسڪ تخليق آهي، جنهن جي عنوان سان
جمال صاحب جون ڪهاڻيون انگريزي ۾ ترجمو ٿيل آهن،
جنهن کي آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس 2018ع ۾ شايع
ڪرايو آهي.
انهن ڪهاڻين بابت آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس لکي ٿو
ته:
Pirani and other short stories
Pirani and other short stories is an English
translation of Jamal Abro’s collection of short
stories that were originally published in Sindhi
languages. Also is considered to be amongst the
best writers in Sindhi literary arena…… these
sixteen short stories arrest the reader’s
interest with its diversity, specific
characteristies and penetrating depiction of
Sindh’s social order.
هنن ترجمي وارين ڪهاڻين جو انگريزي تعارف هن
خاڪسار جو لکيل آهي، جنهن بابت وڌيڪ ڇا لکجي. اهي
ڪهاڻيون هاڻي انگريزي ادب ۾ پڙهايون ٿيون وڃن ۽
جديد سنڌي ادب کي عالمي معيار تي متعارف ڪرائڻ ۾
”پيراڻي“ جو وڏو ڪردار آهي. ناليوارو محقق پروفيسر
سليم ميمڻ ڪتاب ”آءٌ جاڳي پوندس“ جي بيڪ ٽائيٽل تي
لکي ٿو ته، ”گذريل 36 سالن کان جمال ابڙي جي
افسانن کي يونيورسٽيءَ جي شاگردن کي پڙهائيندو
رهيو آهيان. سندس هر ڪردار، هر واقعو ياد اٿم.
ايڏا مختصر ۽ جامع افسانه ٻئي ڪنهن سنڌي افساني
نگار جي جهولي ۾ نظر نه ٿا اچن. خاص طور تي
”پيراڻي“
پڙهائيندي اڪثر بي اختيار ڳوڙها نڪري ايندا آهن.
سوچيندو آهيان، جڏهن پڙهندڙ جي دل ڀرجي ايندي آهي
ته، جمال صاحب جڏهن ان کي تخليق ڪيو هوندو ته پاڻ
ڪيترو رنو هوندو. پاڻ ڪهڙي پيڙا مان لنگهيو هوندو.
ان بي وسي ۽ بي حسي تي جيڪو اسان جي معاشري ۽ سماج
جي عام رواجي ڳالهه هئي، آهي ۽ صدين تائين رهندي.“
شيخ اياز جي باري ۾ جمال ابڙي صاحب هڪ خط (ايڊيٽر
هلال پاڪستان) ۾ تحرير ڪيو ته، ”شيخ اياز جو پيغام
به يونيورسل حيثيت رکي ٿو. شيخ اياز لاءِ مون
واقعي چيو هو ته، هُو هر دور ۾ هر رنگ ۾ عظيم آهي
۽ سندس هي شعر پڙهيو هئم ته:
اڃا رڃ مان رڙ اچي ٿي اچي ٿي،
متان ائين سمجهين مئا مور سارا.“
جمال ابڙي صاحب جا خط ۽ انٽرويو هن جي شخصيت بابت
هڪ آئينو (Mirror)
آهن. هن جي اندر ۽ ٻاهر جي دنيا شفاف آهي، هن ۾
ڪابه ٻيائي، چالاڪي ۽ چترائي ناهي. مذهب ۽ اخلاق
بابت هن جا جواب بي ڊپا ۽ واضح آهن، جنهن جو
بنيادي سبب سندس والد علي خان ابڙو جي شخصيت آهي.
پاڻ چوي ٿو ته، ”گهر ۾ بابا ۽ امان وٽ مان بنيادي
اخلاقيات جا سبق سکيس. بابا ڄڻ بي عيب هو. منهنجي
پيءُ جنهن جي اُٿڻ ويهڻ، سوچ توڙي عمل ٻين جي
ڀلائي ۽ بهتريءَ لاءِ وقف ٿيل هو. ڌاريا چوندا هئا
ته اصحابي شخص آهي. سياسي ۽ ملڪي سطح تي مهاتما
گانڌي ۽ علامه مشرقي، جمال ابڙي جا پسنديده شخص
هئا. انهن جي باري ۾ چوي ٿو، ته ”ٻئي مهان انسان
هئا. سچائي، سادگي، اخلاق، ايثار، قرباني، خدمت
خلق، بُک ڏُک، تڪليف ۾ عوام سان گڏ ڏيک ويک اصل
ڪونه، اخلاق، اخلاقي جُرئت جا مجسما هئا.“ فڪري
طور تي جمال ابڙو صاحب ٻين کي متاثر ڪرڻ ۾ ڪيترو
ڪامياب ويو آهي، ان بابت ڪا راءِ قائم نه ٿي ڪري
سگهجي، پر هُو پنهنجي باري ڪهڙي راءِ رکندو هو؟
اهو سوال هن کان پُڇيو ويو ته هن وراڻيو ته ”هو هڪ
چڱو ماڻهو آهي، جنهن وس ۽ وت آهر هر چئلينج کي
اعتدال ۽ اصولن سان منهن ڏنو هجي ۽ سُرخرو به ٿيو
هجي. بهرحال ماڻهو پنهنجو جج پاڻ نه ٿو ٿي سگهي.
مون ۾ اوڻايون گهڻئي هونديون. ڀٽائي سڳوري چيو آهي
ته ”مفتي منجهه ويهار“، جيڪڏهن پاڻ کي ڏوهي سمجهي.
محاسبو ڪجي ته ڪچايون ڦِڪايون ڏيکاربيون ته نڪري
اينديون. ان صورت ۾ مان متعلقه فرد، دشمن، دوست،
مٽ مائٽ، توڙي ماتحت، ننڍن توڙي وڏن ۽ پڻ اولاد
کان به هٿ ٻَڌي معافي وٺان ٿو. شل اهي توڙي الله
معاف ڪندم. انسان لاءِ معافي کان سواءِ ته ڪو چارو
ئي ڪونهي.“ اهڙي صاف گو انسان جي باري ۾ ڇا چئجي.
هو هن دور جي اديبن جو هڪ منفرد مثال آهي. سندس
گفتگو ۾ اها سچائي ۽ نهٺائي آهي، جيڪا اڄڪلهه ورلي
ملي ٿي. منهنجي ملاقات هن دانا شخص سان فقط هڪ
دفعو، سرڪاري ميٽنگ ۾ ٿي هئي. جنهن جو سربستو
احوال مان ويجهڙائيءَ ۾ هڪ ادبي خط ۾ بيان ڪري چڪو
آهيان. سندس ادبي حيثيت ته ڪلهه به وڏي هئي ۽ هاڻي
به جديد افساني جي حقيقت پسندي (Realism)
واري طرز بيان ۾ مڃيل آهي. جنهن ٻوليءَ ۾ هي
افسانه لکيل آهن، ان جو معيار فقط اهي ڄاڻن ٿا،
جيڪي لسانيات جا ماهر آهن. سندس ڪردار بقول نبي
بخش کوسي جي انٽرويو (وينگس رسالو) 1974ع، گهڻو
تڻو حقيقي آهن ۽ پنهنجي لکڻ جي ڪيفيت جي متعلق
ابڙي صاحب ان گفتگو ۾ چيو ته، ان لکڻ بابت آماده
ڪرڻ جا محرڪ ماڻهن جون تڪليفون، انسانن سان همدردي
۽ انسان جي ازلي خوبين کيس ليکڪ بڻايو. سندس ڪردار
حقيقي ضرور آهن، پر جيئن جو تيئن يا چئجي
As it is
نقش ڪيل تصويرون ڪونهن. هڪ نظارو سچو آهي ته ٻيو
نظارو ڪنهن نُقطي کي وڌيڪ سنواري پيش ڪيو ويو آهي.
ان کي ادبي اصلاح ۾
Poetic
لائسنس
Licenseچئبو
آهي ۽ ان ۾ شاعراڻو
Imagination
کي
Realism
سان مدغم ڪري اديب سوچن ۽ خيالن ۾ سچائي وجهن ٿا.
ان ادبي بيان سان هي تاثراتي مضمون ائين اِختتام
تي پهچائجي ته، جمال ابڙو سماجي حقيقت نگاري جي فن
جو مثالي ليکڪ آهي.
نصير مرزا
]انٽرويو[
ماڻهو، موتيءَ داڻو
]بمبئي
بيڪريءَ جي ديالو مالڪَ، شريمان ڪمار ٿڌاڻيءَ سان
رهاڻ[
بمبئي بيڪريءَ جي مالڪ ۽ حيدرآباد جي حَسين ۽ نفيس هوائن جهڙي هينڊ
سم انسان، سيٺ ڪمار ڪشنچند ٿڌاڻيءَ سان،
ڪنهن سُريلي شام جو، سندس ڊرائنگ روم ۾ ويهي روبرو
رهاڻ ڪرڻ ۽ بلوري گلاسن ۾
گلابي شربت گڏ ويهي
نوش ڪرڻ جا خواب، آئون سالن کان ڏسندو رهيو هئس.
هتي آئون قسم ٿو کڻان، ته محبوبا جي چپن
جي ذائقي کانپوءِ، مون کي صرف ۽ صرف بمبئي بيڪريءَ
جي ”چاڪليٽ ڪيڪ“ جو ئي ذائقو وڌيڪ وڻندو آهي ۽
هڪڙو آئون ئي ڇا، حيدرآباد سنڌ ۾ موجود هن بيڪريءَ
جا متعارف ڪرايل، مختلف نالن ۽ ذائقن وارا ڪيڪ،
لنڊن، آمريڪا، اٽلي، فرانس ۽ ڀارت جي ماڻهن لاءِ،
اڄ به ڪريز بڻيل آهن.
اجهو اڄوڪي هيءَ جيڪا ماڊرن دنيا، جڏهن فاسٽ فوڊ جي مختلف اسمن، سينڊوِچ،
برگر، پيزا ۽ ٻين الائي ڪهڙن ڪهڙن رنگارنگ ذائقن ۾
گم ٿي چڪي آهي، تڏهن ”وڏ گهراڻن“ کان وٺي، ”هيٺئين
ڪلاس“ جي ماڻهن تائين، دوستن کي گفٽ ڪرڻ ۽ گهر آيل
مهمانن کي حيدرآباد جي بمبئي بيڪريءَ جو ڪيڪ
Serve
ڪرڻ، اڄ به ڪنهن اعزاز کان گهٽ ناهي ڄاتو
ويندو.
هاڻي ڇا ٻڌايان، مون کي الائي ڇو خوش فهمي
هئي ته، آئون ڇاڪاڻ ته، پنهنجي ذات ۾، هڪڙو ڄاتل
سڃاتل شاعر، اديب، ڪمپيئر، براڊ ڪاسٽر ۽ علاوه
ازين ٽنڊي ٺوڙهي جي علمي ادبي گهراڻي جو چشم و
چراغ ۽ مرزا قليچ بيگ جي خانوادي جو فرد آهيان،
انهيءَ ڪري اهڙي پس منظر رکڻ باعث جنهن به وقت
چاهيندس، سيٺ ڪمار ٿڌاڻي صاحب کان وقت وٺي وڃي
ساڻس ملي سگهندس.
پر يارو، اها منهنجي غلط فهمي هئي ۽ ساڻس
ملڻ جي لاءِ وقت وٺڻ جي جستجوءَ دؤران، پتو پئم،
ته ڪمار صاحب، ڪنهن به اڻڄاتل ماڻهوءَ سان
اڪيلائيءَ ۾ ويهي ملاقات ڪرڻ کان
avoid
ئي ڪندو آهي ۽ ماڻهن کان پري، ۽ گوشائتو
رهڻ ئي هن کي وڌيڪ پسند آهي.
گوشه نشينيءَ ۾، زندگي گهاريندڙ، 71 ساله
سيٺ ڪمار ٿڌاڻي صاحب کي، ڪيئي سال اڳ مون الهڙ
جوان جي روپ ۾ به
ته
ڏٺو هو، جڏهن حيدرآباد جي هوائن ۾، بمبئي
بيڪريءَ جي وڏي مالڪ، سيٺ ڪشنچند ٿڌاڻيءَ جو هي
خوبصورت ۽ شهزادن جهڙو سهڻو ۽ اڪيلو دولتمند پٽ،
حيدرآباد جي رستن تي، ڳاڙهي رنگ جي فور ڊور اوپل
ڪار ۾ سير سپاٽا ڪندو وتندو هو.
اسين ڀيڻ ڀائر تڏهن ٻار هوندا هئاسين ۽
پنهنجي وڪٽوريا ۾ چڙهي پنهنجي ڳوٺ ٽنڊي ٺوڙهي مان
ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد ڏانهن پڙهڻ لاءِ
ويندا هئاسين.
ان وقت
شهر ۾ سواريءَ لاءِ هر طرف ٽانگا هلندا هئا ۽ سٺ
واري ان ڏهاڪي ۾، حيدرآباد جي رستن تي ڏهه، پندرهن
کن
ئي ڪي ڪارون
ڊوڙنديون
نظر اينديون هيون، ۽ انهن گهٽ
تعداد
ڪارن مان، سيٺ ڪمار کي، ڳاڙهي رنگ جي ان
اوپل ڪار ۾ گهمندي ۽ ان کانپوءِ
سلَيس
پهرين سنڌي ايڊووڪيٽ خاتون، شيلا ڌرمداس
هيراننداڻيءَ وارن جي، زناني ٽريننگ ڪاليج واري
گهٽيءَ ۾،
سندن
محل نما گهر جي ڏاڪڻين تان هيٺ لهندي
چڙهندي
به ته ڏٺوهو.
۽ ان کان بعد ۾ سهڻي... سمارٽ... ڳاڙهي، ڳٽول
نوجوان ۽ سٺ واري ڏهاڪي جي فلمي هيروز، اشوڪ ڪمار،
راج ڪپور، گرودت ۽ دليپ ڪمار جهڙي هن پرڪشش چهري
جي مالڪ نوجوان ڪمار صاحب کي، نيشنل بئنڪ ميونسپل
برانچ جي اُن وقت واري مئنيجر سان گهمندي ۽ اُن
کان پوءِ حيدر بخش جتوئي صاحب جي فرزند مظهر خان
جتوئي جي آفيس ۾ ايندي ويندي به
کيس
ڏٺو
هو. سٺ واري ان ڏهاڪي ۾، ياد رکڻ گهرجي ته... ڪنهن به شخص يا
فيملي جي، نيشنل بئنڪ ۾ اڪائونٽ هولڊر هجڻ کي، وڏو
اسٽيٽس سمبل سمجهيو ويندو هو.
سيٺ ڪمار صاحب جو والد شريمان سيٺ ڪشنچند
ٿڌاڻي، هلڪي ڦلڪي بدن بيهڪ وارو، هڪڙو گوشه نشين
بزرگ انسان هو، جيڪو ڪئنٽ جي ايريا ۾ شام جي وقت
اڪثر واڪ
(Walk)
ڪندي نظر
اچي ويندو
هو ۽ سٺ واري ان ڏهاڪي دؤران، جنهن وقت حيدرآباد ۾
جنرل ٽڪا خان، حيدرآباد ۾ ڊپٽي مارشل لا
ايڊمنسٽريٽر هو. مون کي پنهنجي هڪ بزرگ وٽان خبر
پئي ته، ڪن نامعلوم سببن جي ڪري، کيس بمبئي بيڪري
جي وڏي سيٺ ڪشنچند صاحب سان، ڪا ريزرويشن ٿي پيئي
هئي ۽ نتيجي ۾ اُن بزرگ کي
ٽڪا خان پاران
هڪ اذيت به ڀوڳڻي پئي! ۽ هي اُهي ئي ڏينهن هئا،
جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر علامه آءِ
آءِ قاضي
صاحب،
پنهنجي سول لائينز واري بنگلي مان وڪٽوريا گاڏي ۾
سوار ٿي اولڊ ڪئمپس واري آفيس ۾ پهچندو هو ۽
هو
ڪار بدران، گهوڙي گاڏيءَ جي سواريءَ
کي اُن ڪري به ترجيح ڏني هئي جو اُها موٽر ڪار جي
مقابلي ۾ سستي ٿي پئي.
سيٺ ڪمار جي والد سيٺ ڪشنچند ٿڌاڻي ۽ ان
جي والد بزرگوار سيٺ پهلاج راءِ جو خاندان،
حيدرآباد سنڌ ۾ ڪهڙي وقت ۽ ڪهڙي بادشاهه جي دؤر ۾
اچي آباد ٿيو هو!؟ ته ان بابت پڪ سان اهو چئي
سگهجي ٿو ته سنڌ جي ڪلهوڙا بادشاهن، خدا آباد ضلع
دادو مان لڏي اچي جنهن وقت حيدرآباد شهر کي پنهنجو
تختگاهه بنايو هو، تڏهن عامل هندن (يعني تعليم
يافته) ۽ ڀائيبند (يعني واپاري) خاندانن جي فردن
کي به پاڻ سان گڏ، حيدرآباد شهر ۾ اچي هنن آباد
ڪيو هو. عامل خاندان جا گهڻا تڻا فرد هيرآباد
حيدرآباد ۾ وڃي آباد ٿيا ۽ ڀائيبند هندو وري شاهي
بازار جي آسپاس اجها اڏي وڃي ويٺا. ڀيرو مل مهرچند
آڏواڻي پنهنجي مشهور ڪتاب ”سنڌ جي هندن جي تاريخ“
۾ لکيو آهي ته،
ڀائيبندن
حيدرآباد ۾ سري گهاٽ ويجهو هاڻوڪي گوسائينءَ واري
گهٽيءَ جي ڀرسان... گوسائين هر نام گر ــ مڙهي اچي
آباد ڪئي هئي. مڙهيءَ جي آسپاس جهنگ لڳو پيو هوندو
هو. اُهو جهنگ وڍي... خدا آباد مان آيل ٿڌاڻين ۽
ڇٻلاڻين اُتي پنهنجون جايون وڃي جوڙايون.
ڀيرو مل آڏواڻي صاحب، پنهنجي لکيل ان
تاريخ ۾ اهو به لکيو آهي ته..... ان وقت هندن جون
جايون ڪَچ سريون هونديون هيون ۽ پهرين پڪ سري جاءِ
حيدرآباد ۾، ديوان تولا رام سچانند ڀاوناڻي وڪيل
جوڙائي هئي. پنهنجي لکيل تاريخ ۾ ڀيرو مل اهو به
ڄاڻايو آهي ته، سنڌ ۾ برف ٺاهڻ، ماچيس فيڪٽري،
ڪپڙي اُڻڻ، ڦُٽين
ٽاڻڻ، بسڪوٽن، کٽمٺڙن، جورابن ۽ ريشم ٺاهڻ جي
فيڪٽرين ۽ ڪارخانن جو بنياد به خدا آباد مان،
حيدرآباد ۾ آباد ٿيندڙ انهن ڀائيبندن ئي اچي وڌو
هو.
حيدرآباد جي هوائن فضائن ۾ 1930ع ڌاري،
جنهن پهرئين ٿڌاڻي خاندان سان تعلق رکندڙ شخصيت جي
نالي ۽ علمي ادبي صلاحيت جو چؤٻول تاريخ ۾ نظر اچي
ٿو. اهو هو ڏيارام گدو مل نيشنل ڪاليج ڪاري موري
حيدرآباد جو پرنسيپال، جناب نارائڻ داس وسڻ مل
ٿڌاڻي، جنهن جا انگريزي ۾ شايع ٿيل ٻه شعري مجموعا
”اشوڪا“ ۽ ”ٽرمپ ٽو دهلي“..... گهڻا مشهور ٿيا هئا
۽ اُن کان پوءِ حيدرآباد سنڌ ۾ جيڪو ٻيو
دولت مند
ٿڌاڻي اڀري سامهون آيو، اهو هو، بمبئي بيڪريءَ جو
مالڪ: سيٺ پهلاج راءِ ٿڌاڻي.... جنهن جي اڳوڻي
رهائش گاهه حيدرآباد ۾ تلڪ چاڙهي واري ايريا ۾
ڪنهن هنڌ تي واقع هئي ۽ 1910ع ڌاري ان سيٺ ڪشنچند
ٿڌاڻيءَ صاحب حيدرآباد ۾، غالبن
اڳوڻي ”فاران هوٽل“ جي سامهون بمبئي بيڪري جو
بنياد وڌو ۽ هي، اُهو ئي زمانو هو، جڏهن شمس
العلماءُ مرزا قليچ بيگ، سنڌي غزل جو عظيم شاعر
مير عبدالحسين خان سانگي، بار ايٽ لا غلام محمد
ڀرڳڙي ۽ جديد سنڌي افساني جو باني نادر بيگ مرزا
حيدرآباد جي هوائن ۾ ساهه پساهه کڻندا هئا ۽ انهن
مهانُ انسانن پڪ سان
قديم
بمبئي بيڪريءَ جو ڪيڪ ضرور ته نوش ڪيو هوندو، بعد
۾ 1923ع ڌاري رابندر ناٿ ٽئگور جڏهن حيدرآباد سنڌ
۾ مهمان ٿي آيو هو، تڏهن ممڪن آهي، هن عظيم شاعر
به، بمبئي بيڪريءَ جي ڪيڪ کي پڪ سان ته ٽيسٽ ضرور
ڪري ڏٺو هوندو.
علاوه ازين ويهين صديءَ جي ابتدائي ڏهاڪن
۾، هونئن ته حيدرآباد ۾ آباد، ڪيترن ئي هندو سيٺن
جي سخاوت جو چؤٻول هو، پر انهن مان، سيٺ وشنداس پٽ
نهال چند جي سخاوت جي ته ڳالهه ئي اور ٻڌائي ويندي
آهي. سيٺ وشنداس، ڀارواڻي ڪٽنب جو فرد هو ۽ هي
خاندان اصل ۾، ڇاڪاڻ ته مانجهند جو ويٺل هو. ان
ڪري، هو سڏبو ئي هو، ”سيٺ وشنداس مانجهوءَ وارو“ ۽
اُن ئي سيٺ صاحب لاءِ، ڪتاب: ”رتن جوت“ ۾ لکيل آهي
ته، هي صاحب، پنهنجي ذات ۾، سخا جو صاحب، سنگيت جو
ڪوڏيو، سماجي ۽ پنگتي ڪمن جو شائق، وڏو ڏات ڌڻي ۽
مڻيا وارو ماڻهو هو.
بمبئي بيڪريءَ جي مالڪ، سيٺ ڪمار ٿڌاڻيءَ
جي ٻين خوبين جو ته مون کي ڪو پتو ڪونهي... پر
ايتري خبر مون کي ضرور هئي ته سيٺ وشنداس نهالچند وانگر ئي، اسان
جو هي سيٺ ڪمار صاحب به، حيدرآباد ۾ وڏيءَ سخا جو
صاحب سڏبو
آهي. ۽ اهو ئي سيٺ ڪمار صاحب!! ڳجهه ڳوهه ۾
ڌڻيءَ جي نالي تي ڪيترو ڏيندو پئي رهيو ۽ اُن لاءِ
چون ٿا، ته هو جيترو ڏئي ٿو، اُن جو ڪو ڪاٿو ئي
ڪونهي.
هو ڪيئن ڏئي ٿو... ڪهڙي پهر ۾ ڏئي ٿو...
وٺڻ وارا ڪٿان ٿا اچن ۽ ڪيڏانهن ٿا وڃن ۽
رابطو سيٺ صاحب سان ڪيئن ٿا ڪن؟ ۽ ڏيڻ وارو ڪهڙي نامعلوم
گهڙيءَ ۾، انهن کي نوازي ٿو... ان بابت ڪنهن کي ڪو
به پتو ڪونهي ۽ پنهنجي ان سخا جي، ٻاهر جي ماڻهن
کي هن هوا به لڳڻ نه پئي ڏني. بس جيڪي قريب ترين
ماڻهو، انهن جو چوڻ آهي ته، ڇا هندو... ڇا
مسلمان... ڇا سنڌي، مهاجر، بلوچ، پٺاڻ ۽ انهن کي
ڏيڻ وقت، سيٺ ڪمار ٿڌاڻي صاحب جون اکيون بند ۽ مُٺ
کليل هوندي هئي ۽ ان وقت لقاءُ، لطيف سرڪار جي هن
سٽ جهڙو
سمجهو يعني:
...
جي آيا سي اگهيا
۽ حيدرآباد شهر جي اهڙي سخي انسان جي روبرو درشن
ڪرڻ لاءِ ۽ ساڻس ملاقات لاءِ ڪنهن محترم هٿان عرض
موڪليم، ته جواب مليو:
”ڀائي...
مان ڪهڙو انتريامي انسان آهيان، يا مون ڪهڙا قومي
ڪارناما سرانجام ڏنا آهن، جو اوهين مون جهڙي گوشه
نشين انسان سان ملڻ ۽ ان تي قلم کڻڻ ٿا چاهيو!
بمبئي بيڪري.... جنهن جو آئون مالڪ سڏجان ٿو،
منهنجي بزرگن جي محنت جو ڦل آهي جنهن ۾ منهنجو ڪو
به
ذاتي
عمل دخل ڪونهي ۽ منهنجي حيثيت، صرف ان ڏس
۾ هڪڙي سنڀاليندڙ واري آهي.“ سو بيڪريءَ جي محض...
هن نگران وٽ... پڙهندڙن ۽ سنڌ جي ماڻهن کي ٻڌائڻ
جي لاءِ، ڪجهه به ڪونهي... نه تاريخي قصا... نه
رومانوي داستان... ۽ نه ئي ڪي سياسي انڪشاف....
ڪمار صاحب جي اهڙي عذر پيش ڪرڻ ۽ ملاقات
لاءِ وقت نه ڏيڻ تي ڪجهه وقت ترسي، هڪ دفعو ٻيهر
مون ڪوشش ڪئي ۽ چوائي موڪليومانس:
سرڪار! سڄي دنيا کي چاڪليٽ ڪيڪ جي خوشبو،
”ڪافي ڪيڪ“ جي ذائقي ۽ ميڪرون ڪيڪ جي ميٺاج سان
موهي وجهندڙ... هن شهر جي بيڪريءَ جي هينڊسم مالڪ،
سيٺ ڪمار کي روبرو ڏسڻ ۽ ساڻس ملڻ جو، ڇا، هڪ
شاعر، ڪمپيئر، براڊ ڪاسٽر ۽ قلمڪار کي ڪو
ڀي
حق ناهي!؟ ۽ ڇا هن جي اها حسرت ڪڏهن به پوري نه ٿي
سگهندي!؟ تڏهن منهنجي ان شديد خواهش ۽ التجا جي
احترام ۽ علاوه ازين پنهنجي وفادار ۽ بااعتماد
مئنيجر مشهور بينجو نواز، حاجي محمد عزيز جي سفارش
تي... سيٺ ڪمار ٿڌاڻيءَ بلآخر ملاقات جي لاءِ هڪ
ڪلاڪ جيترو وقت، مون کي ڏيڻ لاءِ رضامندي
ڏيکاري.
(محمد عزيز بينجو نواز ٿڌاڻي صاحب جو وفادار
ملازم)
تڏهن طئي ٿيل وقت مطابق رات جو اٺ لڳي ڏهن
منٽن تي، آئون بمبئي بيڪريءَ جي مکيه دروازي وٽ
پهتس ته، منهنجو اهو دوست ۽ هر
دلعزيز شخصيت جو مالڪ، محمد عزيز بينجو
نواز... اڳ ئي منهنجي انتظار ۾ دروازي وٽ بيٺل هو.
بيڪريءَ جي چؤديواري اندر... شاپ جي بلڪل
ڀرسان ساڄي هٿ تي، ڪمار صاحب جي رهائشگاهه ڏانهن
عزيز ڀائي سان گڏ ويندي، مون ڏٺو، ميرون رنگ وارين
ديوارن جي آسپاس اونداهي ۾ مرڪيوري بلب روشن هئا ۽
ڪاريڊار ۾، پلرس ڀرسان اڌ اونداهي ۽ اڌ سوجهري ۾،
خوبصورت ۽ رنگارنگ گلن جون ڪونڊيون رکيل هيون ۽
ڪاريڊار جي پلرس تي ڪي چُهچ سايون
انگڻ ونگڻ
وليون وکريل وکريل پئي نظر آيون.
عزيز ڀائي.. اڳتي وڌي، جنهن وڏي شاهي...
ايئرڪنڊيشنڊ ڪمري جو دروازو مون لاءِ کوليو... پڪ
سان، اُهو هن بنگلي جو گيسٽ روم هو ۽ اندر گهڙڻ
سان هر پاسي کان ڄڻ هڪ وڻندڙ خوشبو جهڙو هڳاءُ
ايندي ڀاسيم.
۽ اهو هڳاءُ، ڪنهن پرفيوم...
يا
روم فريشر جهڙو ڪونه هو، خالص ان شخصيت جي سڀاوَ
جو هڳاءُ هو، جنهن سان روبرو ويهي ”روح رهاڻ“ ڪرڻ،
منهنجي زندگيءَ جو هڪڙو خواب هو.
سيٺ ڪمار ڪشنچند ٿڌاڻي... بمبئي بيڪريءَ
جو مالڪ... ۽ هن ملڪيت جو اڪيلو وارث... منهنجي
اندر داخل ٿيڻ سان، منهنجي سواگت لاءِ اُٿي بيهي
رهيو. ڪمار صاحب جنهن کي نيوي بليُو ڪلر جا پينٽ
شرٽ پاتل هئا. مون اڳيان وڌي،
جُهڪي ۽ هٿ جوڙي کيس پهرين نمستي ۽ پوءِ ياعلي مدد
چيو.
سيٺ ڪمار، جنهن گهڻي حد تائين گوشه نشين
رهڻ کي پسند ڪيو ٿي ۽ ڪنهن اڄاتل ۽ اوپري ماڻهو
سان ملڻ کان
AVOID
ٿي ڪيو. صوفي تي ويهڻ سان، کيس اعتماد ۾
وٺڻ جي لاءِ کيس، مون پنهنجو، ۽ پنهنجي
مرزا
خاندان جو تعارف ڏيڻ چاهيو، ته وچ ۾ ئي روڪيندي ۽
پنهنجي ڀرپور نگاهه مون تي وجهندي پوري اطمينان
سان چيائين:
”آئون
اوهان ۽ اوهان جي خاندان کان پوري طرح واقف آهيان
مرزا صاحب!! ۽ وڏي ڳالهه ته تازو 16هين اپريل
(2005ع)
تي پُوني مان هتي حيدرآباد ۾ پهتل، دادا جشن
واسواڻيءَ جي امن ليڪچر واري گڏجاڻي ۾ مون اوهان
کي ڪمپيئرنگ ڪندي
به
ڏٺو هو ۽ توهان کان ڏاڍو متاثر به ٿيو هئس. توهين
هڪڙا سٺا ماڻهو آهيو ۽ اهو آئون ان ڪري به،.... پڪ
سان چوان پيو ته، مون ۾ ماڻهو کي هڪ نظر ۾ پرکي
وٺڻ جي وڏي صلاحيت موجود آهي ۽ ان ڪري، منهنجي
سامهون ڪير به اچي، آئون ان کي ڏسي، يڪدم سمجهي
ويندو آهيان، ته هو ڇا آهي!؟
مون کين عرض ڪيو ته، اجازت ڏيو ته، اڄوڪي
هن يادگار ملاقات کي پاڻ سان گڏ آندل هن ڪئسٽ
رڪارڊر تي رڪارڊ ڪري اوهان جي آواز کي سدائين لاءِ
پاڻ وٽ محفوظ ڪري وٺان.
تڏهن هڪدم چيائين: نه... ان جي اجازت نه
ڏيندس. آئون هڪڙو گوشه نشين انسان آهيان ۽ ائين ئي
رهڻ چاهيان ٿو. ها! مون بابت، پنهنجا مشاهدا البته
ته جيڪي اوهين ڪي قلمبند ڪرڻ چاهيو ٿا، ته ان
لاءِ، نه منع ڪندس ۽ نه اعتراض!! باقي پنهنجي آواز
۽ گفتگو کي رڪارڊ ڪرڻ جي ڏس ۾، آئون قطعي willing
ناهيان
۽ ائين چئي، منهنجي ڪئسيٽ رڪارڊر کي مون وٽان کڻي،
پنهنجي ڀرسان صوفي تي رکي، هڪدم خوش دليءَ سان پڇڻ
لڳا.
ڊرنڪس ۾... ڇا وٺڻ پسند ڪندؤ مرزا صاحب؟
تڏهن اوچتو، سندن آفر تي منهنجي دل بي
ايمان ٿي پئي. لحظي لاءِ سوچيم... سيٺ ڪمار صاحب
سان
مشروب مغرب وارو جيڪو منهنجو خواب! پڪ سان چند لحظن ۾ اجهو
هاڻي
پورو ٿيڻ وارو آهي. ان ڪري هجائتو ٿيندي
وراڻيم: ڪمار صاحب! اڄ آئون توهان جو مهمان آهيان
۽ مهمان کي توهين جيڪي ڪجهه پيارڻ چاهيو... خوشيءَ
سان پي ويندس! ڪمار صاحب شايد منهنجي نيت پروڙي
ويو. مرڪندي وراڻيائين 1989ع واري اوپن هارٽ سرجري
۽ نوراني چهري واري ڊاڪٽر فضل الرحمان ميمڻ صاحب
جي علاج کان پوءِ... ”پيئڻ.....“ مون صفا ڇڏي ڏنو
آهي. ان ڪري آئون
ته
”ڪافي“ پيئندس... باقي اوهين جيڪي پيئڻ
چاهيو؟
دل جو ماهر معالج ڊاڪٽر فضل الرحمٰن ميمڻ
ٺهه پهه وراڻيم: پوءِ ته آئون به ڪافي
ئي پيئندس، تڏهن ڪمار صاحب اُتي موجود،
خدمتگار کي، ڪافي ۽ ريفريشمينٽ آڻڻ لاءِ چئي،
مرڪندي پڇيو:
ها! مرزا صاحب... ڇا ٿا پڇڻ چاهيو مون
کان!؟
وراڻيم: آئون، هڪڙي ناچيز قلمڪار جي حيثيت
سان حيدرآباد ۾ موجود توهان جهڙين گهٽ ٻاهر نظر
ايندڙ شخصيتن جو پروفائيل لکڻ جي خواهش رکان ٿو
..... ۽ ان سلسلي ۾ چاهيندس ته، توهان جي ذاتي
زندگي ۽ اڪيڊمڪ ڪواليفڪيشن بابت، خود، اوهان جي
زباني ئي، اوهان کان ڪجهه ٻڌان....
”منهنجي
سموري تعليم حيدرآباد ۾
ئي
ٿي.“ ڪمار صاحب سنجيدگي سان جواب ڏيڻ شروع ڪيو (۽
مون ٻڌو... هن جو آواز برابر ته صاف ۽ چِٽو هو. پر
ٿورو Nasal
۽ ڪٿي ڪٿي هن ”ر“ کي”ڙ“ ۽
”ڙ“ کي ”ر“ جي اُچار ۾ پئي
استعمال ڪيو....) چيائين منهنجي ڏاڏي جو نالو آهي:
ديوان پهلاج راءِ گنگارام ٿڌاڻي ۽ اسين ڇهن پيڙهين
کان حيدرآباد شهر جا واسي آهيون. منهنجي ناني جو
نالو آهي ”ننديرام گدواڻي“
مشهور بزرگ ”ديوان گدو مل“ جي نُک مان، منهنجو اهو ناناڻڪو پريوار...
هيرآباد حيدرآباد ۾ جتي رهندو هو، مون کي ان جي اڄ
به پوري پوري سانڀر آهي اسان جو ڏاڏاڻڪو ”ٿڌاڻي
خاندان“، تلڪ چاڙهي حيدرآباد جي ڀرپاسي ۾
ڪٿي
رهندو هو ۽ صدر ايريا ۾، موجوده فاران هوٽل جي سامهون 1910ع
ڌاري منهنجي بزرگن هن ”بمبئي بيڪري“ جو بنياد رکيو
هو.
ڪينٽ ايريا ۾، هاڻي جنهن هنڌ تي هيءَ
موجوده بمبئي بيڪري آهي، اها انهيءَ جاءِ تي،
منهنجي والد صاحب، 1922ع ڌاري قائم ڪئي هئي ۽ ان
جي ڀرسان رهائش به اختيار ڪيائين. منهنجي والده
منهنجي پتا سان هن ئي گهر ۾ 1934ع ڌاري پرڻجي آئي
هئي. اسان جو هي بنگلو ۽ بيڪري، لڳ ڀڳ ڏيڍ ايڪڙ تي
پکڙيل آهي ۽ ان پکيڙ واري هن ئي وسيع گهر ۾ 1938ع
ڌاري منهنجو جنم ٿيو هو. اسين پاڻ ۾ ٽي ڀيڻ ڀائر
آهيون. يعني ٻه ڀينرون ۽ هڪڙو آئون (پنهنجي پتا جو
اڪيلو پٽ) هڪڙي ڀيڻ وصال ڪري وئي آهي ۽ ٻي ڀيڻ، هن
وقت ملڪ کان ٻاهر آسٽريليا ۾ رهي ٿي.
ميٽرڪ تائين، تعليم مون سينٽ بوناوينچر
مان حاصل ڪئي هئي ۽ ان کانپوءِ انٽر گورنمينٽ
ڪاليج ڪاري موري مان ڪئي ۽ بي ايس سي (بائيلاجي
سبجيڪٽ ۾) سنڌ يونيورسٽي مان ڪئي اٿم. مون کي شروع
کان ئي فزڪس سان دلچسپي هئي. پر اِڪيوشنس ۽
ميٿمئٽڪ جي مونجهاري سبب... ۽ ڪمار صاحب بيحد
خوشگوار موڊ ۾ ٽهڪ ڏئي ٻڌائڻ لڳو، ”اسان جو هڪڙو
استاد هوندو هو... اهو چوندو هو، هي مئٿميٽڪ
سبجيڪٽ آهي ئي عجيب! ڪنهن کي ته اهو ايترو ايندو
آهي جو هو ان ۾ فُل مارڪون کڻي ڏيکاريندو آهي ۽ ڪو
ته وري ان سبجيڪٽ ۾ ايڏو ته ڏڏ هوندو آهي، جو ان
سبجيڪٽ ۾ هن کي ملنديون آهن..... سؤ مان ٻُڙي
مارڪون!
ڪُمار ٿڌاڻي سينٽ بوناونچر اسڪول حيدرآباد ۾
پنهنجي شاگرد دوست ۽ استادن سان گڏ (گروپ فوٽو)
پڇيم: ڀلا بيڪري جو اهو ڪاروبار توهان جي والد
صاحب اختيار ڪيو هو يا ان کان اڳ به اوهان جا وڏڙا
اهڙي ڪاروبار سان وابسته هئا؟
ڪمار صاحب وراڻيو: اصل ۾ شروع کان ئي اسان جي وڏڙن
اهو ئي ڪاروبار اختيار ڪيو هو. باقي جيتري قدر
بمبئي بيڪريءَ جو سوال آهي، ته آئون اوهان کي
ٻڌايان ته ان کي ٺاهڻ سنوارڻ ۾ منهنجو ذاتي ڪوبه
ڪنٽريبيوشن ڪونهي. اها خالص منهنجي والد صاحب جي
قائم ڪيل آهي ۽ خاص طرح سان... ”چاڪليٽ“،
”ڪافي“ ۽ ”ميڪرون ڪيڪ“ وغيره جا نسخا منهنجي والد صاحب جا ئي ٺاهيل آهن ۽
اهي ڪيڪ، اڄ به انهن ئي قديم نسخن مطابق، تيار ڪيا
وڃن ٿا. 1910ع کان 2005ع تائين هڪ صدي گذري وڃڻ جي
باوجود، باذوق ماڻهو اهڙن ڪيڪن جي ذائقي مان، اڄ
به بور ناهن ٿيا. اهڙي ڪاميابيءَ کي آئون پنهنجي
والد صاحب جي ئي صلاحيتن جو ثمر سمجهندو آهيان
جنهن ۾ منهنجو ڪو به ڪمال ڪونهي. والد صاحب جي
وصال کانپوءِ، ڪن انگريزي ڪتابن ۾ آيل ڪيڪن ۽
بسڪيٽن جي نسخن کي آڏو رکي، اسان پنهنجا ڪي نوان
نسخا ۽ ذائقا به تيار ڪيا آهن ۽ ماڻهن، انهن کي به
تمام گهڻو پسند
به
پئي ڪيو آهي.
ڪمار صاحب.... منهنجي پهرين سوال جو جواب ڏيئي
پورو ڪيو، تڏهن کانئن ٻيو سوال ڪندي پڇيم:
توهان جي پيدائش 1938ع جي آهي ۽ ان حوالي سان،
اوهين هن وقت 71 ورهين جا خوبصورت انسان آهيو. ان
حوالي سان پڇڻ آئون اوهان کان اهو چاهيندس.... ته
هن ڄمار ۾ اوهان جي روزمره جا معمولات ڪهڙا آهن؟
ڪمار صاحب ڌيرج سان ٻڌائڻ ٿو لڳي: صبح جو
ساڍي پنجين وڳي سجاڳ ٿي ويندو آهيان ۽ مزاجن آئون
ڇاڪاڻ ته ملٽي رليجس ماڻهو آهيان ۽ هڪ خدا جي
وحدانيت ۾ منهنجو ايمان آهي. ان ڪري سنان پاڻيءَ
مان واندو ٿي، گرو نانڪ جي ٻاڻي ۽ پوءِ قرآن پاڪ
جي انگريزي ترجمي جو دؤر ويهي ڪندو آهيان. ساڍي
ڇهين وڳي ساڌو سنت انسان دادا جشن واسواڻي يا ڊش
جي، ڪنهن چينل تان ايندڙ ڪنهن نيڪ انسان جو وعظ
ويهي ٻڌندو آهيان ۽ اُن کان پوءِ، بيڪري جي ڪم ڪار
جي نگراني لاءِ ويندو آهيان ۽ اُن ڏينهن لاءِ ڪيڪن
جا جيڪي مختلف مڪسچر تيار ٿيندا آهن، انهن جي
ڪوالٽي ۽ ذائقي جي اسٽينڊرڊ جو جائزو وٺندو ۽ چيڪ
ڪندو آهيان.... ان کان پوءِ نيوز پيپرس مان...
ڊان، بزنس رڪارڊر، عبرت ۽ ڪاوش وغيره جيڪي مون وٽ
اينديون آهن، انهن جو مطالعو ڪندو آهيان. منجهند
جي ماني ٻي وڳي کائبي آهي، ڇهين کان ستين وڳي آرام
ڪندو آهيان ۽ رات جو ٽي وي ڏسڻ يا سنگت سان ملاقات
ڪرڻ کانپوءِ، مطالعو ڪرڻ جي به مون کي پراڻي عادت
آهي. خاص ڪري ويدانت... صوفي مت... ۽ ڪلاسيڪل
شاعرن منجهان مولانا روم، شاهه لطيف.....
حافظ..... خيام ۽ ٻين صوفي شاعرن جي ڪلام کي ترجمي
سان پڙهڻ منهنجي روزمره جي معمولات ۾ شامل آهي.
انهيءَ کانسواءِ تصوف تي... دنيا يا انڊو پاڪ ۾
ڪٿي به جي ڪو سٺو ڪتاب ڇپبو آهي، ته ان کي هٿ ڪري
ضرور پڙهندو آهيان... ايسٽرانامي (ستارن جي علم)
سان به مون کي خصوصي لڳاءُ آهي. رات جي وقت هڪ هڪ
ستاري کي ڏسندو ۽ سوچيندو ويٺو آهيان ته، ڪائنات
اهڙن ڪروڙين ستارن سان ڀري پئي آهي ۽ ڪيئي سَيّارا ۽ ستارا ته اهڙا به آهن جن تي حياتيءَ
جا آثار به موجود آهن ۽ ائين رڳو اسان جي دنيا نه،
ڪائنات ۾ ٻيون دنيائون به آهن، پر هيڏانهن اسين هن
سَيّاري جا واسي، رنگ نسل ۽ ذات پات جي جهيڙن،
نظرياتي ۽ مذهبي متڀيد ۾ مُنڌا پيا آهيون. آسمان ۾
ٽڙيل پکڙيل ستارن کي ڏسندي ڏسندي اڄ جي ماڻهن جي
ذهنيت تي به افسوس ڪندو ۽ سوچيندو رهندو آهيان، ته
هڪڙي پاسي ڪائنات ڪيڏي نه حَسين
آهي ۽ ٻئي پاسي اسان انسان، ڪيئن نه ذات پات، رنگ
نسل ۽ لساني فسادن، جهيڙن ۽ خونريزيءَ سان، دنيا
کي بدصورت بنائي رهيا آهيون.
مطلب ته رات جو سمهڻ کان اڳ کليل آسمان هيٺان،
ستارن کي ڏسندي، انهن جي حُسن، ۽ ڪائنات جي ڦهلاءُ
تي غور ڪرڻ منهنجي روزمره جي عادت ۾ شامل آهي.
کانئس پڇيم: 1947ع ۾، جڏهن سنڌ منجهان هندو هند
ڏانهن
لڏي وڃي رهيا هئا، تڏهن اوهان جي خاندان، هتان لڏڻ
جو خيال ڇو ڪونه ڪيو؟
چيائين: ورهاڱي وقت، چوڏهن کن ورهيه ڄمار
هئي منهنجي ۽ جيتري قدر مون کي ياد آهي، اسين ڪينٽ
ايريا ۾ رهندا هئاسين ۽ سنڌ ۾ جنهن وقت مختلف شهرن
۾ فسادن ۽ لڏپلاڻ جو عمل جاري هو، صدر حيدرآباد ۾ فوجي ڇانوڻي هجڻ سبب بلڪل سڪون هو. شايد اُن
ڪارڻ به اسان جي بزرگن هتان صدر حيدرآباد مان لڏڻ
جي ضرورت ئي محسوس نه ڪئي. ان سلسلي ۾ هتي آئون
ايترو به ٻڌائي سگهان ٿو ته، جڏهن سنڌ ۾ ڪافي هنڌن تي فساد ۽ خون خرابو هو، حيدرآباد جي
هن ايريا ۾، ڪو هڪڙو به لاش، نه مون اکين سان ڏٺو
۽ نه ٻڌو.
زندگي ۾ وڌ ۾ وڌ پيار اوهان کي ڪنهن سان
رهيو... موضوع بدلائيندي، آئون ڪمار صاحب کان پڇان
ٿو.
بنا سوچڻ جي هو يڪدم وراڻي ٿو... شديد
پيار مون کي پنهنجي ماتا سان هو، جيڪا 87 ورهين جي
ڄمار ۾ پنج کن سال اڳ، 2000ع ۾ ديهانت ڪري ويئي ۽
اڄ به، شدت سان مون کي ان جي ياد ستائيندي رهندي
آهي.
(نانڪي هري ديوي، ڪُمار ٿڌاڻي صاحب جي والده)
ماتا سان، گڏوگڏ، مون کي پنهنجي ننڍي ڀيڻ سان به
بي پناهه پيار هو ۽ اُها 1967ع ڌاري جڏهن هڪڙي
لاعلاج مرض (ڪينسر) جو شڪار ٿي وئي، ته هن جي علاج
جي لاءِ، پنهنجو سڀ ڪجهه لُٽائڻ جي لاءِ آئون تيار
ٿي ويو هئس. هن لاءِ مسجدن، مندرن، ٽڪاڻن، گردوارن
۾ دعا لاءِ ٻاڏايوسين... دنيا ۾ موجود هر سٺي
هاسپيٽل ۾، هن کي علاج لاءِ وٺي ويس ۽ سندس علاج ۾
ڪا به ڪسر نه ڇڏيسون،
پر ان جي باوجود هو ٺيڪ ئي نه پئي ٿئي. سو هڪڙي
ڏينهن، سندس ڀرسان ويهي، دلگير ٿي چيومانس... هي
ٿئي ڇا پيو اسان سان ڀيڻ! نه دعائون ڪم پيون اچن
اسان کي ۽ نه دوائون! آخر ڇو!؟
تڏهن بيمار اکين ۾، نماڻائي ڀري وراڻيائين...
ڪمار! انسان کي تڪليف ان جي ڪرتوتن جي ڪري
پهچندي آهي ۽ ان سلسلي ۾ آئون سمجهان ٿي ته، اسان
پنهنجي دولت منجهان، ڀڳوان جي حصي جو مال... حصي
پتيءَ مطابق ناهي ڏنو... شايد ان ڪري ئي اسان کي
هي ڏينهن ڏسڻا پيا پون ۽ جيتوڻيڪ آئون ڄاڻان ٿي رب
جو
پُورو
پورو حصو، هن جي نالي تي، تون کڻي ڏيندو به هوندين، پر هاڻي
ان سان ڪو به فرق نه پوندو جو، اسان جي وڏن کان،
هن جو پورو حصو، نه ڏيڻ جي جيڪا غلطي ٿي چڪي آهي.
هيءَ منهنجي ناچاڪي، ان جو ئي ردعمل آهي، جو آئون
ٺيڪ ئي نه پئي ٿيان!
ڪي گهڙيون چپ رهي.... ڪمار صاحب اداس نوع ۾ ٻڌائڻ
شروع ڪيو... منهنجي اُها عزيز ترين ڀيڻ، ڪجهه وقت
بيمار رهڻ کان پوءِ نيٺ گذاري ويئي. ڪڏهن ڪڏهن
سوچيندو ۽ هن بابت دل ۾ چوندو ويٺو آهيان:
اي ڪاش! پنهنجو سڀ ڪجهه ڏيئي..... پنهنجي ان محبوب
ڀيڻ کي آئون بچائي سگهان ها
ڪاش!
اوهان جي پنهنجي صحت اڄڪلهه ڪيئن ٿي رهي؟
آئون هن کان پڇان ٿو.
وراڻيائين: ڪجهه سال ٿيا آهن جو... منهنجي به دل
جو باءِ پاس آپريشن ٿيو آهي.... ۽ ٿورو وقت ٿيو
آهي جو، آئون ڊائبيٽڪ به ٿي ويو آهيان. ڪجهه وقت
ٿيو آهي جو اتفاق سان، بيخبريءَ ۾، ڪا شيءِ منهنجي
پير ۾ لڳي ويئي ۽ ان جي ڪا خبر ئي ڪانه پئي مون کي
۽ اُن ڌڪ سبب، اُهو زخم اندر ئي اندر ايترو ته ويو
خراب ٿيندو، جو صورتحال اهڙي ٿي ويئي جو... پير...
مُريي تائين سُڄندو ويو.
تڏهن اوچتو ڀيڻ جي چيل ڳالهه ياد اچي ويم
۽ سوچيم.... پنهنجي دولت مان.... هن جو حصو شايد
آئون پورو نه پيو ادا ڪريان. سو شايد ان ڪري ئي هن
تڪليف ۾ اچي ويو آهيان....
خير سُڄيل پير ۽ مُريو ڊاڪٽر کي ڏيکاريم
ته، چيائين، گوڏي کان مٿي تائين ٽنگ ڪپڻي پوندي ۽
اُن کانسواءِ ڪو ٻيو چارو ئي ڪونهي. سخت پريشان ٿي
ويس ۽ ان پريشانيءَ ۾ اسپتال مان موٽي، پالڻهار
جيڪي ڪجهه مون کي ڏنو آهي ان مان هن جو حصو، اڳي
کان به وڌيڪ ادا ڪيم ۽ دل ۾ سوچيم.... شايد
ادائيگيءَ ۾ مون کان ڪا ڪوتاهي ته ڪانه پئي ٿئي،
سو ڇو نه اِن ”ڏيڻ“ واري عمل
کي
وڌيڪ ڪري ڏسان.
قدرت خدا جي... ڏنو ٻَنو ثابت ٿيو ۽ پير
جي سوڄ ٿوري احتياط سان لهڻ شروع ٿي ويئي ۽ ٽنگ
به، مُريي وٽان ڪٽجڻ کان بچي ويئي. هاڻي ڀڳوان جي
ڪرپا آهي ۽ آئون اڳي کان گهڻو بهتر آهيان صحت
۾.... ۽ شام جو باقاعده پنهنجي روٽين واري واڪ
(Walk)
به ڪندو آهيان.
اوهان شادي نه ڪئي؟ ڇو؟ اُن جو ڪو خاص سبب
هو ڇا!؟ ڪمار صاحب کان آئون پڇان ٿو.
چيائين: مرزا صاحب!.... مون ڏٺو ته شادي
هڪ ڳري سماجي ذميداري آهي ۽ ڇاڪاڻ ته اُن وڏي
ذميداريءَ کي ڪُلهن تي کڻڻ جي لاءِ مون پاڻ کي اهل
نه پئي سمجهيو، ان ڪري نه ڪيم.
چيم: ڪمار صاحب.... توهان پنهنجي والد جي موڙيءَ
جا هن وقت اڪيلا وارث آهيو، توهان جي والده صاحبه،
جنهن سان اوهان گهڻو پيار ڪندا هئا، ڇا ان به
اوهان تي شاديءَ لاءِ زور بار نه وڌو؟
ها!.... ڪمار صاحب مون کي ٻڌائڻ شروع ڪيو.
منهنجي عزيز ترين والده مون تي تمام گهڻو زور ڀريو
ته آئون شادي ڪريان ۽ دنيا ۾ پنهنجي لاءِ ڪو وارث
پيدا ڪريان، ته ان جي احترام طور مون ائين ڪيو جو،
سندس خواهش جي پُورائي لاءِ ستر واري ڏهاڪي ۾ هڪڙو
ٻارڙو ايڊاپٽ ڪري ڇڏيو، جنهن جو نالو آهي...
”سون“.... پيار ۾ اسين کيس ”سونو“ به سڏيندا
آهيون.... هن وقت ڌڻي جي فضل سان لائق ۽ سهڻو جوان
آهي ۽ ڪي سال اڳ ڪمپيوٽر پروگرامز ۾ لنڊن مان بي
ايس سي به ڪري آيو آهي ۽ هن وقت پنهنجي ڪاروبار ۾
مصروف آهي.
(ڪُمار صاحب جو پُٽ سونو شيخ)
پر اوهان جو اهو ئي پٽ... سونو!
مون ڪمار صاحب کان ڊڄي ڊڄي پڇڻ شروع ڪيو:
ٻڌو اٿئون، هندو مان مسلمان ٿي چڪو آهي ۽
سلمان شيخ نالو پاڻ تي رکي، ڪنهن مسلمان گهراڻي
مان شادي ڪري چڪو آهي.
ڪمار صاحب.... نهايت احتياط سان ۽ سوچي
سوچي منهنجي ان سوال جو جواب ڏيڻ شروع ڪيو.....
منهنجو پٽ سونو.... دنيا جا گهڻائي ملڪ
گهمڻ لاءِ ويو هو. لنڊن، فرانس، اٽلي. پر افسوس،
اُتان جي ماحول جي ڪا به، پرڏيهي ڇوڪري، هُن کي
موهي نه سگهي ۽ جي کيس وڻي، ته هڪ مسلمان ظفرالله
صاحب جي اردو اسپيڪنگ نياڻي.... ۽ اهو شايد لکئي
جو ڪو ليک هو. باقي ڌرمي لحاظ کان.... ڪمار صاحب
وضاحت ڏيندي مون کي ٻڌائيندو پئي ويو. اسين برابر
ته نانڪ پنٿي هندو آهيون، پر ذاتي طور تي ۽ ذهني
طرح سان، ڪٽر هندو هجڻ بدران اسين لبرل مائينڊيڊ
گهراڻي جا فرد آهيون ۽ منهنجي آڏو هندو مسلم جو
ڪوئي تضاد ڪونهي. (بقول مرزا قليچ صاحب جي: ”سڏجون
ٿا جدا ٿانوَ، مگر آهيون مِٽي هڪ!)
سو
خدا جو نالو.... جيڪو جيڪو به وٺندو آهي. مون کي
وڻندو آهي ۽ هونئن به منهنجو خيال آهي ته، ڌرم
ڪهڙو به هجي... هندو.... مسلم.... ٻڌمت يا جين مت،
بلاآخر خدا جي وحدانيت ۾ سڀني جو ايمان آهي.
پوءِ ٻڌائڻ لڳو، سوني.... مسلمان ڇوڪريءَ
سان سچي عشق ۾ گرفتار ٿي، گهر ۾ جڏهن مسلمان ٿيڻ
جي ڳالهه چوري ته، مون ان مطالبي کي هندو پنچائت
جي آڏو رکيو، جنهن ۾ حيدرآباد جي مشهور تعليمي
هستي دادي ليلاوتي هرچنداڻي به شامل هئي، جنهن جو
خاص طرح سان خيال هو ته سوني کي ڌرم نه ڦيرائڻ
گهرجي. پر ان جي باوجود آئون سوني جي فيصلي آڏو
رنڊڪ نه بڻيس. آئون هونئن به ڌرمي ڳالهين کان
مٿڀرو ٿي سوچيندو آهيان ۽ انسان جي سٺين خوبين ۽
خصلتن جو قائل آهيان ۽ لطيف سرڪار جي مريد جي
حيثيت ۾، سندس سِٽ
”سڀ هيڪڙائي هيڪ“ جو پاسدار آهيان. ان ڪري سوني جي
فيصلي آڏو، ڪڇيس ڪجهه به ڪونه ۽ چپ رهيس.
چيم: سوني جي مسلمان ٿيڻ تي ڪجهه دير لاءِ ئي سهي،
اوهان جي دل کي ڌچڪو لڳو ته هوندو!؟
ڪمار صاحب ڪجهه سوچيندي چيو.... ها! ڪجهه وقت لاءِ
دل ۾ درد جاڳيو ته هو، پر مون ان جو کُلي اظهار نه ڪيو ۽ اهو ان ڪري، جو مون نه هن
کي پاڻ کان ڌار ڪرڻ ٿي چاهيو ۽ نه هن جي خوشيءَ ۾
رُخنو وجهڻ ٿي چاهيو.
(ڪُمار ٿڌاڻي سندس پُٽ سونو شيخ)
سوچيم، جنهن ٻار ۾ منهنجو روح آهي، جنهن
سان بيپناهه دل ۽ پيار آهي ۽ جنهن ۾ منهنجو ساهه
آهي، ان جي محبت جو احترام، آئون ڇو نه ڪريان! ۽
اهو سوچي، مون مسلمان ٿي وڃڻ تي
”سوني“ کي نه ته پاڻ کان ڌار ڪيو ۽ نه ئي وري هن کي پاڻ کان ڌار ڪرڻ جي لاءِ
تيار ئي ٿيس.
چيم: ٿوري دير اڳ اوهان چيو پئي ته، اوهين
ڌرمي لحاظ کان، هڪڙي کليل دل دماغ جا ماڻهو آهيو،
اهو لاڙو اوهان جي طبيعت ۾ ڪيئن آيو!؟
آئون شروع، جواني کان ئي.... ڪمار صاحب مون کي ٻڌائڻ ٿو لڳي....
سڀاوَ جي لحاظ کان ويدانت ۽ تصوف کي پسند ڪندو
رهيو آهيان ۽ گرو نانڪ ۽ شاهه لطيف جو آئون پاڻ کي
چيلو تصور ڪندو آهيان... ۽ دنيا جي صوفي سنت
انسانن جي حياتين جا احوال ۽ لطيف صاحب جي ڪلام جو
مطالعو، منهنجي شوق جو مرڪز آهي ۽ ان لاءِ آئون
اعليٰ تعليم يافته ۽ انگريزي
۽
فارسي جي ماهر پنهنجي چاچي، سائين گوپيچند ٿڌاڻيءَ
جو ٿورائتو آهيان، جنهن جي صحبت کان متاثر ٿي
منهنجو ذهني لاڙو ان طرف ٿيو ۽ هتي اهو به
ٻڌائيندي آئون نه
ٿو هٻڪان ته، اسان جو سڄو خاندان ڪڏهن به
”ڪٽر هندو“ نه رهيو آهي. ان ڪري هر ذات ۽ ڌرم جي
محبوب ماڻهن سان، اسان جا فيملي ٽرمز هميشه کان ئي
رهيا آهن ۽ اڃا به آهن!
(گوپي چند، ڪُمار ٿڌاڻي جو چاچو)
مثال طور... آئون ڪمار صاحب کان معلوم ٿو
ڪريان.... حيدرآباد جي ڪهڙن قديم ۽ عظيم خاندانن
جي
شخصيتن
کي اوهان پنهنجي فيمليءَ سان اٿندي ويهندي پئي ڏٺو!؟
وراڻيائين: مثال طور... حيدر بخش جتوئي صاحب،
علامه آءِ آءِ قاضي صاحب، مدر ايلسا صاحبه ۽ اهي
معزز انسان ته عام جام اسان جي گهر... منهنجي امڙ
۽ والد صاحب سان ملڻ لاءِ ايندا رهندا هئا ۽ انهن
مان علامه آءِ آءِ قاضي ۽ مدر ايلسا قاضي جا
مهربان ۽ مرڪندڙ وجود ته، مون کان اڄ تائين ناهن
وسريا. پنهنجي وڪٽوريا ۾ سوار ٿي، مٿي تي هئٽ
پائي، ٻيئي سڪون سان هلندا... اسان جي گهر جي
ڊرائينگ روم ۾ اچي ويهندا ۽ ڌيرج ڀريي لهجي ۾،
منهنجي امڙ سان ويهي گفتگو به ڪندا هئا، تڏهن
لڳندو هو، اسان جي ڊرائينگ روم ۾ ڪي اڇا اڇا
خوبصورت ۽ امن جا پکي پيا اڏامن... ان وقت ماحول
ايڏو ته دلفريب لڳندو هو ۽ محسوس ٿيندو هو، ڄڻ
اسين هڪ ٻي دنيا ۾ پهچي ويا آهيون.
ڀلا سنڌ جي ڪهڙي وڏي درگاهه يا آستاني سان
وابستگي آهي اوهان جي؟ آئون هن کان پڇان ٿو.
چيائين: آئون لطيف صاحب جو چيلو آهيان ۽
سندن درگاهه جي زيارت مون پنهنجي دل گهريي دوست
عبدالحميد آخوند سان گڏجي جنهن وقت ڪئي هئي، اُن
وقت مون پنهنجو پاڻ کي گهڻو پرسڪون محسوس ڪيو هو.
چيم: توهين هن وقت 71 ورهين جا آهيو، پر گهڻو وقت
اڳ مون اوهان کي ڦوهه جواني ۾ به ڏٺو هو. ان وقت
کائڻ... پيئڻ ۽ پئسو اڏائڻ سان ڪيتري دلچسپي رهي
هئي اوهان جي!؟
ڪمار صاحب.... ٽهڪ ڏيئي کلي پيو... وراڻيائين:
کائڻ پيئڻ....
سير سياحت... سموڪنگ... سڀ منهنجي زندگيءَ جو
باقاعده حصو رهيا آهن، پر ان ڏس ۾ هي اعتراف به ضرور ڪندس ته،
شيش محل
ايريا
ڏانهن آئون ڪڏهن به ڪونه ويو آهيان.
پڇيم: جنهن وقت اوهان
گڏجي ويهندا هئا...
ته ”اُهي
ڪهڙا
ڪهڙا دوست هئا اوهان جا... جن سان اهڙي ڪمپني ڪندا
هئا.“
ڪمار صاحب کُليءَ دل سان ٻڌائڻ ٿو لڳيم... 1998ع
ڌاري پنهنجي باءِ پاس آپريشن کان پوءِ آئون مڪمل
طرح سان
صوفي
آهيان.
ايڊووڪيٽ جبريل صديقيِ
کان سواءِ
مرحوم سرجن، اسماعيل آگجي هن معصوم انسان جو هڪڙي
دکدائڪ حادثي ۾ انتقال ٿي ويو آهي. ان کانسواءِ
امير علي شاهه ڄاموٽ، ذوالفقار علي شاهه ڄاموٽ، سي
ايس ڀاٽيا، ڊاڪٽر خالد لطيف، ڊاڪٽر حيدر علي قاضي،
ڪشنچند لڇمڻ داس ڀارواڻي (جيڪو سيٺ هرچند راءِ
وشنداس جي خاندان سان تعلق رکي ٿو)، عبدالحميد
آخوند، ايڊووڪيٽ ايم پرڪاش منهنجا ذاتي ۽ فيملي
فرينڊس آهن ۽ انهن سان روح رهاڻ ڪندي، اٿندي
ويهندي مون کي سدائين دلي سڪون
پيو
ملندو آهي.
۽ ڀلا جي ڄاڻڻ چاهيان ته، انهن سڀني شخصيتن مان،
اهو ڪهڙو هڪڙو دوست آهي، جنهن سان اوهان دل جا راز
نياز.... سليندا رهندا آهيو؟ مون کانئس پڇيو.
يڪدم چيائين: هونئن ته منهنجا سڀ دوست مون کي عزيز
آهن، پر انهن مان ايڊووڪيٽ ايم پرڪاش ئي منهنجو
اُهو عزيز ترين دوست آهي جنهن سان آئون راز ۽ نياز
جون ڳالهيون ڪندو رهندو آهيان يعني ايڊووڪيٽ ايم
پرڪاش کي ئي اوهان منهنجو دل وارو دوست سمجهي سگهو
ٿا.
(ڪُمار ٿڌاڻي ۽ سندس دوست ايڊوڪيٽ ايم.پرڪاش
مهتاڻي)
تفريح لاءِ ڇا... فلمون وغيره به ڏسندا رهيا
آهيو؟... آئون ڪمار صاحب کان پڇان ٿو.
چيائين: ها! انگريزي ۽ انڊين ڪلاسڪس مون ڏٺيون آهن
۽ ڏسندو رهندو آهيان. هالي ووڊ اداڪارن ۾ سين
ڪونري، گيري گرانٽ، ..... فورڊ ۽ انڊين اردو فلمن
۾ اشوڪ ڪمار، ممتاز شانتي، وحيده رحمان ۽ شرميلا
ٽئگور مون کي
گهڻو
پسند آهن. انهن جون شايد سڀ ئي فلمون آئون ڏسي
به
چڪو هوندس.
ڀلا سياست سان دلچسپي!؟
ڪمار صاحب هڪدم وراڻيو... قطعي نه. سياست
سراسر ڪوڙ آهي، دوکو آهي.
سياستدانن جا عوام سان واعدا وچن سؤ سيڪڙو هوندا
آهن
۽ جن تي عمل هڪ سيڪڙو به مشڪل سان ٿي سگهندو هوندو.
چيم: باوجود اهو ڄاڻڻ جي ته سياست سان
اوهان کي ڪا دلچسپي ناهي،
پوءِ به چاهيندس ته، سائين جي ايم سيد ۽ شهيد
ذوالفقار علي جي باري ۾ اوهان جي راءِ ٻڌان.
چيائين: پاڪستاني سياستدانن ۾ سائين جي.ايم.سيد کي آئون سچو نيشنلسٽ، پاليٽيشن سمجهندو آهيان ۽ ڀٽو صاحب
کي
وري
هڪڙو ڊيشنگ انسان!
هاڻي جڏهن
رات جا نوَ لڳي ڏهه منٽ ٿي رهيا هئا
تڏهن
اٺ لڳي ڏهن منٽن کان شروع ٿيندڙ بمبئي بيڪريءَ جي مالڪ ۽ انڊين ڪلاسڪ فلمن جي هيروز جهڙي
Look
رکندڙ ۽ هينڊسم انسان، سيٺ ڪمار ڪشنچند
ٿڌاڻيءَ کان پوري هڪ ڪلاڪ جي ملاقات جي آخر ۾ آئون
پڇان ٿو:
اوهان پنهنجي والد صاحب جي هن ڪاروبار جا
اڪيلا وارث هئا، اوهان شادي نه ڪئي
سو
پٽ جي حيثيت
۾
سونو نالي هڪ ٻار کي Adopt
ڪيو،
جيڪو جوان ٿيڻ بعد هاڻي مسلمان ٿي چڪو آهي.
سو
هاڻي
سوال هتي ان حوالي سان مون وٽ هي آهي ته،
سيٺ ڪشنچند پهلاج راءِ ٿڌاڻيءَ جي قائم ڪيل هن جڳ
مشهور بمبئي بيڪريءَ جو ايندڙ وارث، ڇا هڪ مسلمان
نوجوان هوندو!؟ ۽ هي ملڪيت، ڇا هاڻي هڪ مسلمان جي
نالي سان منسوب ٿيندي!؟
ڪمار صاحب نهايت اطمينان سان منهنجي ان
سوال کي ٻڌو ۽ جواب ۾ چيو: مرزا صاحب! ڳالهه دراصل
هي آهي ته منهنجي نظر ۾ هندو ۽ مسلمان جو ته سوال
آهي ئي ڪونه. پالڻهار جو نالو جيڪو به وٺندو آهي،
مون کي وڻندو آهي. ائين منهنجي نظر ۾ انسان جي
بنيادي خوبي آهي ان جي
انسان دوستي سخا.... ۽ اهو ئي جيئن مون چيو
اسان جي
وڏڙن جو به ورثو آهي. منهنجو پٽ سونو،
جيڪو اڳي هندو هو يا هاڻي مسلمان ٿي ويو آهي، ان
لاءِ آئون ڪجهه به ڪونه چوندس. ها ايترو ضرور
چوندس ته، اسان جي بزرگن واري قائم ڪيل بنيادي
انساني خصلتن جي آڌار تي، هي نوجوان سلمان، جيڪڏهن
وڏن جي ورثي ۽ هنن جي اختيار ڪيل ڪمن ۽ عملن کي
اڳتي جي وڌائيندو، ته سمجهندس اسان جي عظيم الشان
ملڪيت بمبئي بيڪري، صحيح ۽ محفوظ هٿن ۾ آهي.
15- جولاءِ 2005ع |