سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 03/ 2024ع

باب:

صفحو:20 

رپورٽ: محمد رفيق جمالي

جي ميزباني هيٺ غيرطرحي مشاعرو ٿي گذريو

عزت مآب مخدوم سعيدالزمان عاطف صاحب چيئرمين سنڌي ادبي بورڊ جي هدايتن تي خميس 20 جون 2024ع تي مخدوم نوح رحه جي نگري، سنڌ جي ثقافتي هنرن جي تاريخي شهر هالا ۾، سنڌو درياءَ جي کاٻي ڪپ  تي، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو ۽ ’سول سوسائٽي آف سنڌ هالا‘ جي ميزبانيءَ هيٺ، ’مھراڻ پيراڊائيز پڪنڪ پوائنٽ‘ تي غير طرحي مشاعرو ٿي گذريو.

 سنڌو درياءَ جي ڪناري تي هالا جي مشاعرن ۽ ادبي سرگرمين واري قديم روايت کي، ٻيهر جيئندان ڏيندڙ هن تقريب جو خاص مهمان جناب مخدوم احمد زمان ’چيئرمين ضلع ڪائونسل مٽياري‘ جن هئا. جڏهن ته مشاعري جي صدارت علمي، ادبي ۽ سياسي بصيرت رکندڙ بورڊ آف گورنرس جي ميمبر نامياري شاعر سرفراز راڄڙ ڪئي ۽ اعزازي مهمان محقق ۽ شاعر ڊاڪٽر اسد جمال پلي هئا. مشاعري جي ڪارروائي ناليواري نوجوان ڪمپيئر ثاقب ابڙو هلائي.

مشاعري جي تقريب کي مهمان خاص جناب مخدوم احمد زمان ’چيئرمين ضلع ڪائونسل مٽياري‘ خطاب ڪندي چيو ته ”سنڌي ادبي بورڊ ۽ سول سوسائٽي آف سنڌ هالا پراڻا جي ميزبانيءَ هيٺ هي شاندار مشاعرو مُنعقد ڪرائڻ بهترين شروعات آهي. هن چيو ته سنڌي ادبي بورڊ جون علم ادب ۽ ٻوليءَ جي واڌ ويجهه لاءِ ڪيل ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. اُميد آهي ته سنڌي ادبي بورڊ هن قسم جي علمي ادبي سرگرمين کي سڄي سنڌ تائين وڌائيندو.“

ان کان پوءِ مهمان خاص جناب مخدوم احمد زمان سائين پڪنڪ پوائنٽ تي سنڌي ادبي بورڊ طرفان لڳايل ’بُڪ اسٽال‘ جو دورو ڪيو ۽ ڪتاب ڏٺا، ان بعد پرچم ڪشائي ڪري جهنڊو ڦڙڪايو ۽ وڻ لڳائي شجرڪاريءَ جو افتتاح پڻ ڪيو ويو.

مشاعري جي صدر ۽ (BoG) جي ميمبر محترم سرفراز راڄڙ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ”هالا پراڻا ۾ سنڌو ڪناري تي سنڌي ادبي بورڊ ۽ سول سوسائٽيءَ جي تعاون ۽ ميزبانيءَ هيٺ ڪيل ”عيد  مشاعرو“ هڪ شاندار ابتدا آهي. سنڌي ادبي بورڊ سنڌ جي مختلف علائقن ۽ شهرن ۾ ان قسم جون علمي ادبي سرگرميون ڪرائڻ جو رٿيو آهي.“ ان کان پوءِ (BoG)  جي ميمبر ۽ تقريب جي اعزازي مهمان جناب ڊاڪٽر اسد جمال پلي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ”سنڌ جي مڃيل شاعرن جي ڪلام سان شروع ڪيل شاعرن، اديبن ۽ تعليمي ماهرن جي شهر هالا ۾ هيءُ مشاعرو اُميد ته علم ادب جي واڌاري جو سبب بڻجندو.“

”سول سوسائٽي آف سنڌ“ هالا پراڻا سنڌ جي چيئرمين گُلفام شاهه ڪاظمي پنهنجي آجياڻي تقرير ڪندي  چيو ته ”سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين جناب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب پاران هالا پراڻا ۾ سنڌو درياءَ جي ڪناري تي، هي سُهڻو ۽ شاندار مشاعرو ڪرائڻ تي شڪريو ادا ڪريون ٿا. اُميد ته اهڙن علمي ادبي پروگرامن جو سلسلو آئنده به جاري و ساري رهندو.“

ان موقعي تي سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري محترم ميرزا دبير حسين بيگ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ”جناب مخدوم محمد سعيدالزمان ’عاطف‘ چيئرمين سنڌي ادبي بورڊ جي سرپرستيءَ ۾، جيڪي اهم رٿائون جوڙيون ويون آهن، انهن ۾ علمي ادبي سيمينار، ادبي ميڙاڪا، تعزيتي گڏجاڻيون ۽ مُشاعرا اهم آهن. نون ڪتابن جي اشاعت ۽ اڳ ڇپيل اهم ۽ تاريخي ڪتابن سان گڏ بورڊ مان شايع ٿيندڙ ٽنهي رسالن ”مهراڻ، گُل ڦُل ۽ سرتيون“ جي وقت سر جاري ٿيڻ انهي ڪارگذاريءَ جو حصو آهن.“

 جڏهن ته مشاعري ۾ هالا پراڻا، ھالا نوان ۽ ڀرپاسي جا شاعر، اديب شريڪ ٿيا. جن ۾ عاشق هالائي، غلام قادر مظهر ڏاهري، خميسو خان خاڻوٺي، تراب علي تراب، امر عباس، فتح شاهه فراق، پروفيسر ڊاڪٽر نور محمد سمون، آخوند محمد عباس، غلام قادر عرساڻي، آخوند مشتاق، غضنفر عباس ميمڻ ۽ حيدر علي ميمڻ جا نالا شامل آهن. ان کان علاوه مشاعري جي ميزباني ۽ شرڪت ڪندڙ ’سول سوسائٽيءَ‘ جي چيئرمين سيد گلفام شاهه ڪاظمي ۽ بي او ڊي ميمبرس: انجنيئر عنايت الله ميمڻ، ڊاڪٽر عبدالرشيد ميمڻ، ڊاڪٽر وقار انصاري، ميان شھاب الدين ڀٽي، محمد نعيم ھالو، ارباب حامد قريشي، ۽ شهر جي سماجي شخصيتن قمرالدين ميمڻ، ليکڪ اديب محمد حبيب سنائي، پروفيسر نياز حسين ميمڻ، ڊاڪٽر مخمور بخاري، امان الله صدر، ظاهر ظفر ابڙو، طارق احمد سنائي، انجنيئر منظور امر، رئيس مسعود مھدي، سيد محمد علي شاھه اجناڻي، ميان حسام الدين.

پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس پاران ايوارڊ ورهائڻ واري تقريب ٿي گذري

’پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس اسلام آباد‘طرفان ٽن ڏينهن جي ”قومي ايوارڊ ورهائڻ واري تقريب“ 11 کان 13 جون 2024ع تائين اسلام آباد جي هڪ هوٽل ۾ ٿي گذري.  آجياڻي واري تقرير ڊاڪٽر نجيبه عارف، چيئرپرسن ’پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس‘ ڪئي، جڏهن ته ڊاڪٽر ناصر عباس پڻ پنهنجو اهم خطاب ڪيو. هن اجلاس ۾ اردو نظم ۽ نثر، بلوچي نظم ۽ نثر، براهوئي نظم ۽ نثر پيش ڪيا ويا. جنهن جي ميزباني جا فرائض عشرت فاطمه ادا ڪيا.

ڊاڪٽر نجيبه عارف چيئرپرسن ’پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس‘ پنهنجي آجياڻي ۾ سڀني آيل مهمانن جو شڪريو ادا ڪيو، جيڪي ملڪ جي ڏوراهين علائقن مان آيل هئا.

هن خاص طور تي اسد محمد خان کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته: ”فڪر ۽ فن ۾ڀٽي، طارق احمد صدر، عبدالله قريشي، طفيل احمد صدر، رضا محمد ميمڻ، غلام حسين لاھوتي ۽ ٻين معززين توڙي علائقي جي نوجوانن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

جيئن ته پروگرام سنڌي ادبي بورڊ پاران منعقد ڪرايو ويو. پروگرام ۾ سيڪريٽري ميرزا دبير حسين بيگ جي اڳواڻيءَ ۾ ملازمن ڀرپور نموني شرڪت ڪئي. جنهن ۾ گُل حسن درس سروري، جبران زيب، فرحان علي ڀٽي، سليم اختر پيرزادو، محمد رفيق جمالي، مير علي شاهه ڪاظمي، ڄام سَپڙُ رونجهو، عزيز اختر لغاري، سيد رضا عباس شاهه، عمران علي لاکو، جاويد حسين لاکو، رياض احمد لاکو، الهه بخش ميمڻ، عمران مهر، ناظم علوي، نبي بخش عرف پنهل ڪاڪا، سجاد ڪاتيار، سيد اعزاز علي شاهه، روشن درس، آصف درس، عبداللطيف رونجهو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

هن جو مثال هڪ گمنام جزيري جيان آهي. جڏهن ته علم و ادب سان لاڳاپيل، هُن جي علم ۽ فن سان چڱي ريت واقف آهن پر کيس اڃا اها مڃتا نه ملي سگهي آهي، جنهن جو هو مستحق آهي“. ڊاڪٽر نجيبه عارف سڀني اديبن کي يقين ڏياريو ته ’اڪيڊمي ادبيات‘ ادب جي فروغ ۽ اديبن جي ڀلائيءَ لاءِ هر وقت تيار آهي. هن مرڪز کان پَري رهي ڏکين حالتن کي مُنهن ڏيندڙ اهلِ قلم کي خاص طور تي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته هو سندن تڪليفن کي دل سان محسوس ڪندي آهي.

مهمان خاص اسد محمد خان، چيئرپرسن
’پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس‘ ڊاڪٽر نجيبه عارف، ناظم اعليٰ سلطان ناصر ۽ سندن ساٿين کي شاندار ۽ پُروقار تقريب منعقد ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني، جن ملڪ جي ڪُنڊ ڪڙڇ مان ڪهي آيل ناليوارن اديبن ۽ شاعرن کي هڪ جڳهه تي گڏ ڪيو. هن چيو ته هي ٽن ڏينهن واري ”ايوارڊ ورهائڻ واري تقريب“ ادب ۽ ثقافت جي فروغ لاءِ سٺو قدم آهي، جنهن جو ائين شايانِ شان اهتمام ڪنهن معجزي کان گهٽ ناهي.

اعزازي مهمان نورالهديٰ شاهه چيو ته
”پاڪستاني ٻولين جو ادب، دنيا جي ڪنهن به ادب جي مقابلي ۾ رکي سگهجي ٿو. پاڪستاني ٻولين جي ادب کي علائقائي ۽ مقامي ادب نه چوڻ گهرجي، اديب / ليکڪ مقامي يا علائقائي ناهي هوندو. پاڪستاني ٻولين جي ادب کي ملڪي ۽ بين الاقوامي سطح تي منظرعام تي آڻڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته اسان بدقسمتي سان پنهنجي ڪلاسيڪي شاعرن کي بلڪل وساري ڇڏيو آهي. اسان سندن خيالن مان رهنمائي وٺڻ بجاءِ، سندن مزارن کي رسمن تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي. هن افراتفري جي دؤر ۾ اديب / ليکڪ ئي جاڳندو رهندو آهي، فقط اديب ئي معاشري کي صحيح رُخ ۾ وٺي هلي سگهي ٿو. نورالهديٰ شاهه وڌيڪ چيو ته اديبن کي پنهنجن روين ۾ لچڪ آڻڻ گهرجي ۽ گمنام اديبن کي نروار ڪري منظرعام تي آڻڻ گهرجي“.

ڊاڪٽر ناصر عباس نير پنهنجي اهم خطاب ۾ ادب تي مصنوعي ذهانت جي اثرن پوڻ جي حوالي
سان فڪر انگيز گفتگو ڪئي. هن چيو ته ”هينئر مصنوعي ذهانت مان اڄ جو انسان فائدو وٺي رهيو آهي ۽ ايندڙ وقت ۾ مصنوعي ذهانت انسان جي سڀ کان وڏي سهولت هوندي پر
، هن سان گڏوگڏ ڪيترائي چئلينجز به آهن، جنهن کي مصنوعي ذهانت جي وڌندڙ اثرن سبب هر انسان کي مُنهن ڏيڻو پوندو“ ۽ مستقبل ۾ مصنوعي ذهانت اهم ڪردار ادا ڪندي. ان کان علاوه هن ادب جي ميدان ۾ مانُ ۽ مرتبي تي ڳالهايو ۽ وحشت، اڪيلائي ۽ عشق جهڙن انساني جذبن جو ذڪر ڪيو، جيڪي ادب ۾ بنيادي حيثيت رکن ٿا.

گذريل ستن سالن ۾ پاڪستان جي مختلف ٻولين جي ادب لاءِ ايوارڊن جي اعلان سان گڏ ليکڪن کي انعامي رقم ته موڪلي ويندي رهي هئي پر ايوارڊ تقريبون نه ٿيون هيون.

ستن سالن کان پوءِ پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس جي موجوده چيئرپرسن پروفيسر ڊاڪٽر نجيبه عارف پنهنجي مقرريءَ جي ٿوري عرصي اندر اسلام آباد ۾ تقريب ڪوٺائي، جنهن ۾ ليکڪن کي ايوارڊ ڏنا ويا. بهترين سنڌي ادب جا ايوارڊ ادل سومرو، زيب سنڌي، ڊاڪٽر اسحاق سميجو ۽ ڊاڪٽر فياض لطيف کي ڏنا ويا. سنڌي ادب جي ليکڪن ۽ سنڌي ادب کي لڳاتار اردو ۾ ترجمو ڪندڙ شاهد حنائي کي پڻ ايوارڊ ڏنو ويو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org