حاڪم علي شاهه بخاري
دادو
سُهاڳڻ ڏُهاڳڻ
جا مقبرا
روهڙي تعلقي جا هيءُ ٻئي يادگار هڪٻئي کان ٿوري
مفاصي تي اڏيل آهن. پنهنجي خوبصورت ۽ شاندار تعمير
جي ڪري هزارين ماڻهو اهي ڏسي چڪا آهن ۽ روزانو
ڪيترا ماڻهو ڏسڻ اچن ٿا. منهنجي ڄاڻ ۾ سنڌ جا هيءُ
مشهور يادگار جيترا افسانه آميز آهن، ان کان وڌيڪ
سوال طلب آهن. ٻئي مقبرا پڪ سري ڪٽ ڪور سان
سنواريل آهن، هن قسم جون نادر ۽ شاندار اڏاوتون
شايد سنڌ ۾ اهيئي آهن. ڪجهه عرصو اڳ هنن يادگارن
تي
Endowment Fund Trust (EFT)
وارن سنوار ۽ سڌار جو سٺو ڪم ڪرايو هو، ان بابت
تازو محترم اشتياق انصاري جو نقشن، ڊرائينگن ۽
تصويرن سان ڀرپور ڇويهن صفحن تي مشتمل مضمون
تحقيقي جريدي ’سنڌي ٻولي‘ جلد تيرهون، شمارو
پهريون ۾ ڇپيو آهي، بهرحال هن آثار بابت ته خبر
ناهي ته ڪنهن ڪنهن ۽ ڇا ڇا لکيو هوندو، پر منهنجي
هن لکت جو واسطو مرحوم ڊاڪٽر احمد نبي خان جي
مشهور انگريزي رسالي
Pakistan Archaeolog)
نمبر 23 88-1987ع صفحي 11 کان 17 تي ڇپيل مضمون
سان آهي. مرحوم ڊاڪٽر صاحب پاڪستان آرڪيالوجي کاتي
جا ڊائريڪٽر جنرل هئا ۽ هُو پاڻ به فن تعمير تي
لکڻ جا ماهر هئا. آءٌ ان وقت حيدرآباد ۾ آرڪيالوجي
جو ڊپٽي ڊائريڪٽر هوس ۽ مذڪوره يادگار اڳ ۾ ڏسي
چڪو هوس، جڏهن ڊاڪٽر صاحب جو مضمون رسالي ۾ ڇپجي
آيو تڏهن مون کين چيو ته متان ڀُل ٿي وئي هجي،
تنهن تي پاڻ چيائين ته ”بس بهائي اب تو چهپ گيا“.
انهي حوالي سان مناسب ٿيندو جيڪڏهن مرحوم ڊاڪٽر
صاحب جي مضمون جا جملا هت ورجايا وڃن
“Two ruinous domed structures representing the
funerary memorials of two important personages.
Whose identify is almost uncertain to the sober
history…. Lying buried in these tombs are Shaikh
Shakar Ganj and Khatalud-Din Shah.”
مٿين چند جملن مان ظاهر ٿئي ٿو ته مذڪوره بزرگن جي
تاريخ به پوري طرح جاتل نه آهي، انڪري مضمون جي
حيثيت به روايتي ٿي پئي آهي. منهنجي ان وقت واري
جهوت ۾ نام نهاد محمد بن قاسم جي مسجد کان وٺي ڏکڻ
پاسي ڪالي جي مندر تائين ڪيترائي آثار شامل هئا،
جن ۾ ٻه درگاهون به هيون، پڇا ڪرڻ تي ماڻهن ٻڌايو
ته هڪڙي شڪرگنج جي درگاهه هئي ۽ ٻي ختل الدين جي
ٻئي درگاهون رستي کان ٻه اڍائي سؤ والن جي. فاصلي
تي هيون. ٻنهي جي مٿان مقبرا هئا، مزارون هيون، جن
تي پڙ پيل هئا، ڀر ۾ مجاورن جا گهر هئا، بظاهر مٿن
يا ڀر ۾ ڪو تاريخي اهڃاڻ يا علامت نظر نه آئي، هن
وقت جي خبر اها آهي ته شڪرگنج جو مقبرو هڪ ڳوٺ آهي
(1988 ۾ رڳو درگاهه هئي) ختل الدين جو مقبرو
ٻاهران ٻُسو ۽ بنا قبر جي موجود آهي، پر ان ۾ هن
وقت رَسد ۽ رڌ پچاءُ جي سامان لاءِ وکار طور ڪم
اچي ٿو، مقبري جي ڀر ۾ هڪ نئين قبر ٺهيل آهي جنهن
۾ ’قطب شير‘ مدفون آهي، سو ڪير آهي، ڪا خبر نه
آهي.
جيتوڻيڪ منهنجو درسي لاڳاپو قديم آثارن جي علم سان
آهي، پر ٿورو ٿڪو تاريخ جو شاگرد به آهيان، انڪري
ذري پوري جڏهن اهڙو ڪو مسئلو اڳيان ايندو آهي ته
ڌيان ڇڪجي ويندو آهي، پڙهندڙ حضرات ڀليءَ ڀت ڄاڻن
ٿا ته سنڌ ۾ ڪن ٿورن آثارن کان سواءِ باقي جي
تاريخي لاڳاپن تي اتفاق راءِ ته ٺهي، پر اڪثرتي
وڏي چٽاڀيٽي جاري آهي. ان جا ڪيترائي سبب سمجهه ۾
به اچن ٿا، جيئن ته: (1) هر ماڻهوءَ جو پنهنجو
پنهنجو خيال ۽ سڀڪنهن جي نگاهه جو پنهنجو زاويو
آهي. (2) مختلف تصانيف وغيره ۾ عالمن جا نيارا ۽
اڻائا اڙاوان رايا، دليل ۽ نٻيرا، (3) پڙهندڙن جي
مضمون جي شيئت بابت ادراڪي سطح، (4) قاريءَ جي
ڪنهن به هڪ دور شخص خيال بابت گهٽ وڌ رغبت يا گريز
(5) ڪن حالتن ۾ روايتي ٻڌ سڌ کي ڪافي سمجهي روايت
جيتري اهميت ڏيندي وڌيڪ نستونگيءَ نه ڪرڻ ۽ ٻيا به
ڪي سبب.
هونئن به تاريخ جڏهن پنهنجي نبار وصف کان ڪنارو
ڪندي آهي تڏهين روايت جي ور چڙهي ويندي آهي، انڪري
ان جي معتبريت متاثر ٿي پوندي آهي، خبر به آهي ته
روايتي دور کي ختم ٿيڻو آهي، هدايتياب دوران جي
جاءِ والارڻ جا سانباها پيو ڪري ته پوءِ ڇو نه
ڏندڪٿائن روايتن ۽ ڀومي مواد کرو ڪري تاريخ ڀيڙو
ڪجي. وقت مناسب آهي ته قومي اتفاق سان هڪ فورم
قائم ڪجي، جتي همه دان علامه ڪرام پنهنجي وسيع
علمي، عملي، تجرباتي، فڪري ۽ واضح استدلال سان
وِڻسائيندڙ رهت جو ازالو ڪن ۽ گاڏڙ منجهيل روايتي
مواد ڪيلائي قارئين تائين پهچائين، ان ڏس ۾ اشاعتي
ادارن جو تعاون به تمام ضروري آهي نه ته ”مک تي مک
پئي مرندي.“
منهن جي ڄاڻ ۾ هيءُ ئي ٻه اهڙا مشهور يادگار آهن،
جيڪي عورتاڻي نسبت سان هئڻ جي باوجود مرد بزرگن
سان لاڳاپيل ڏيکاريا ويا آهن. عام طور تي اسان وٽ
پيرن فقيرن ۽ بزرگن جو هڪڙو اهڙو انگ به آهي جيڪو
خيالن ۽ خوابن جي پيداوار آهي ۽ انهن جا ٽهليا
ٻوٻا ٻهارن جو ڪم ڪندا آهن، انهن جا نالا ۽ خطاب
به مقصد موجب پيا بدلبا آهن. سنڌ ۾ اهڙا سوين مثال
آهن، مان پنهنجي پاڙي جو هڪ مثال ڏيندو هلان.
خيرپور ناٿن شاهه شهر کان ٿوري مفاصلي تي هڪ مشهور
آستان ويرناٿ جي مڙهي نالي هو، هن شوي آشرم کي چون
ٿا ته، پنج سؤ ايڪڙ کان وڌيڪ زمين هلائڻ لاءِ هئي،
هر سال (ورهاڱي کان اڳ) هتي عاليشان ميلو لڳندو
هو، جتي سنڌ جا شِو پنٿي گڏ ٿي هڪ هفتي تائين پوڄا
پاٺ ڪندا هئا، جن ماڻهن اهو ميلو ڏٺو تن مان ٿورا
حال حيات آهن. هن وقت ويرناٿ ويرل شاهه آهي، جنهن
جي قبر تي پڙ پون ٿا، ماڻهو باسون کڻي اچن ٿا،
زمين اول اوقاف، پوءِ ماڻهن کي ڏني وئي، بهرحال
آستان آباد آهي.
مشاهيرن، بزرگن، عالمن، درويشن جون عزتون، احترام،
ناماچاري گهڻي ڀاڱي ماڻهن جي واسطن، اميدن، مقصدن،
منشائن ۽ مطالعي تي منحصر آهن، پر يادگارن لاءِ
عالمن جو چوڻ آهي ته جيتر اهي موجود آهن ماهرن
لاءِ پنهنجي وقت جي تاريخ جو مظهر آهن جنهن مان
سماجي، ثقافتي، ادبي، معاشي، فني، سياسي، اقتصادي
نظرياتي ۽ فڪري وغيره ڄاڻ حاصل ڪري سگهجي ٿي.
ڪوبه ويچاروان شخص هي آثار/يادگار ڏسي ضرور
سوچيندو:
1.
|
ڇا هي مقبرا عورتن جي مزارن مٿان اڏيل
آهن؟ |
2.
|
سنڌ ۾ عام طور عورتن جي قبرن مٿان
تجرون هونديون آهن. |
3.
|
عورتون ته پنهنجي ڳوٺ، شهر بلڪ گهر جي
ڀرسان دفنائبيون آهن. |
4.
|
هي مقبرا ڪنهن مشهور قبرستان جي بجاءِ
مشهور تاريخي آثارن جي مٿان تعمير
ڪرايا ويا آهن. |
5.
|
نظاري ۽ نمائش طور مٿاهين هنڌ تعمير
ڪيل آهن. |
6.
|
جيتوڻيڪ صرف ٻه مقبرا آهن، جي گڏ به
ٺهي سگهيا ٿي، پر هڪ ٻئي کان وٿيرڪا
آهن. |
7.
|
مقبرن جي نزاڪت ۽ سونهن مدفون عورتن
جي وارثن وٽ اهميت جو دليل آهن. |
8.
|
مقبرن جو ٺاهوڪو آڪرشي ڪم ان وقت جي
فنِ تعمير جو نمونو آهي. |
9.
|
يادگار مقبرا هڪ يا ساڳي وقت ٺهيل
ڀانئجن ٿا. |
10.
|
مقبرن کي چئني پاسن کان لنگهه وِرلو
مثال آهي. |
11.
|
مقبرن جا چارئي لنگهه بنا دروازن جي
هجن سو ڪيئن ممڪن آهي، شايد ڪم اڻپورو
رهجي ويو هجي. |
12.
|
مدفون عورتن جو رڳو نڪاحي/ازدواجي
درجو ظاهر آهي، نالا نه آهن. |
13.
|
عورتن جي وارثن جي سرمائيداري حيثيت ۽
سماجي مرتبي جو اندازو ٿئي ٿو. |
14.
|
پيوند جي حوالي سان وارثن جو ڪو نالو
يا پتو معلوم نه آهي. |
15.
|
وارثن پاران ڪو سڌو يا اڻسڌو سار
سنڀال جو بندوبست به ڪونه آهي. |
16.
|
يادگارن تي ڪو تاريخي نشان، علامت يا
لکت وغيره به نظر نٿي اچي. |
17.
|
تاحال مقبرن جي ڀر ۾ اڏاوت يا سرگرمي
به نه ٿي آهي. |
18.
|
اڄ تائين ڪنهن به ڌر مقبرن سان پنهنجي
نسبت يا لاڳاپو ظاهر نه ڪيو آهي. |
حافظ حبيب سنڌي
چوهڙ جمالي
مخدوم محمّد جلال کٽي (ڪَڪرالَوي)
(سوانح و علمي اهميت)
واحداڻي خاندان جو پسمنظر:
هن خاندان پنهنجي اندر ڪيترائي جي بَها عالم،
فاضل، حڪيم، طبيب، اولياءَ الله ۽ صالح انسان پيدا
ڪيا، انهن جي علمي و روحاني خدمتن جي اعتراف لاءِ
ڪيترائي دفتر گهرجن.
تعلقي شاهبندر جي هن تاريخي خطي: ڪڪرالي ۾ هيءُ
خاندان هِتان جي وڏين روحاني شخصيتن؛ حضرت عبدالله
شاهه عرف ابن شاهه قريشي رحمة الله عليہ، پير محمد
غوث عرف محمود قريشي رحه، حضرت پير راڄن شاهه
قريشي رحه کان سواءِ ٽنڊي الهيار جي علائقي؛ ”ٻال
ٻُوچڙن جي پير مخدوم قائم الدين ڏوليءَ واري قريشي
رحه، پير پير ڏني قريشي رحه ۽ پير سليمان شاهه
قريشي رحه، مذڪوره بالا حضرت پير قائم الدين
ڏوليءَ واري رحه سان هن خاندان جو روحاني ۽
رشتيداريءَ جو به تعلق رهيو.(1)
هن خاندان هميشه کان وٺي پيري درويشيءَ ۽ تعليم و
تدريس سان پنهنجو تعلق قائم رکيو. تنهنڪري هن
خاندان ۾ بيشمار الله وارا، عالمِ دين، مُدرس ۽
صاحبِ تصنيف و تاليف ۽ صاحبِ فتويٰ بزرگ پيدا ٿيا.
علاوه ازين هن خاندان جي ڪيترن ئي بزرگانِ دين جي
درگاهن سان وابستگي رهي. انهن مڙني خصوصيتن جي
ڪري، هن خاندان جو هن سموري خطي اندر وڏو اثر و
رسوخ ۽ اعليٰ پائي جو مانُ رهيو آهي. اهوئي سبب
آهي جو سماج توڙي معاشري هڪ وڏو حصو هن خاندان کي
’مُرشد‘ جو درجو ڏئي ٿو. ان جو هڪ اهم سبب اِهو به
آهي جو تصوف جي چئني مشهور سلسلن: نقشبندي، قادري،
سهروردي ۽ چشتي طريقن سان گهرو تعلق رهيو آهي.
هن خاندانَ جي ذاتي ’بياض‘ مطابق؛ هن خاندان جو سڀ
کان پهريون تعلق: سهروردي سلسلي جي عظيم المرتبه
بزرگ ۽ روحاني پيشوا؛ حضرت شيخ بهاءُالدين زڪريا
ملتاني رحمة الله عليہ جن طرفان پنهنجي خاندان جي
چند فردن سان گڏ هن علائقي: ’ڪڪراله‘ طرف تبليغ و
هدايت جي لاءِ موڪليو هو، ان ڪري هن خاندان ان کي
به ’قريشين‘ بزرگن جو يا ته؛ استاد، خليفو ۽
رشتيدار جي حيثيت قرار ڏيندي اڄ به هن علائقي ۾
وڏي عزت و احترام ۽ قدر جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو.(2)
هن خاندان جون هجرتون:
واحداڻي خاندان جا وڏا پهريائين سومرن جي دور ۾
هندوستان ۽ اُچ شريف کان ٿيندا ’چاچڪان‘
(بدين) جي پرڳڻي ۾ حضرت عبدالله عرف اَبن شاهه
قريشي رحه (المتوفي: 804ع) جي والد حضرت پير
اسماعيل شاهه بن شهرالله شاهه قريشي رحه سان گڏجي
پهريائين بدين ۾ ڪجهه عرصو رهيا ۽ پوءِ سَمن جي
دور ۾ حضرت اَبن شاهه قريشي رحه سان گڏجي ’ڪڪرالي‘
پرڳڻي ۾ ڪڪرالي جي ڪيهرن (سمن) حڪمرانن جي گاڌيءَ
واري هند، ’ديره‘ ۾ اچي ويٺا هِتي هنن پنهنجون
ديني درسگاهون پڻ قائم ڪيون. مگر هِتي ڪيهرن جي
اَرڏاين جي ڪري هنن کي اِهو ماڳ به ڇڏڻو پيو. حضرت
ابن شاهه قريشي رحه ڪيهرن ٺڪرن کي هدايت و تبليغ
ڪئي، جنهنڪري هو مسلمان ٿي ويا.
هيءُ خاندان ’ديرو‘ ڦٽڻ بعد؛ سنه 1662-1661ع ڌاري
هن علائقي کي به خيرباد ڪيو ۽ وري مختلف پَڊن تي
پنهنجا ٺڪاڻا بنائيندا سنه 1171هه بمطابق 58-1757ع
ڌاري جڏهن سنڌ جي حڪمران ميان غلام شاه ڪلهوڙي
’شاهبندر‘ تعمير ڪرايو ته پوءِ هن خاندان وري
شاهبندر کي پنهنجو مسڪن بڻايو. هِتي ڳچ عرصو رهيو،
مگر 16 جون 1819ع ۾ جڏهن پهريون ڀيرو سامونڊي
طوفانَ شاهبندر کي تهه و بالا ڪري ڇڏيو ته شاهبندر
جي تباهيءَ بعد هيءُ خاندان تعلقي شاهبندر جي ڳوٺ
جيئند زنگيجو طرف درگاهه پير سليمان ۽ پير نور
شاهه قريشيءَ ويجهو ديهه پير سليمان شاهه ۾ ڪجهه
عرصو رهڻ کان پوءِ درياءَ جي اُٿل پُٿل جي ڪري
هِتان به هنن کي ڪوچ ڪرڻو پيو. هِتي هنن جي مهمان
نوازيءَ جي ڪري هڪ محاورو مشهور ٿي ويو ته؛
”ڪوٺارو پير، پير ڏني جو، بٺي بچي کٽيءَ جي.“(3)
مذڪوره جڳهه کان هيءُ خاندان هجرت ڪري اچي
’گونگاڻيون‘ ۾ اچي رهائش پذير ٿيا، هتي پنهنجي
مسجد اڏي ۽ هڪ ’اسلامي درسگاهه‘ نالي مدرسو قائم
ڪري ڳچ عرصو اُتي سڪونت اختيار ڪيائون، هِتي هنن
پنهنجي خانداني مهمان نوازي جي روايت کي قائم
رکندي اوطاقن جو به بنياد رکيو ۽ مدرسي جي ڀَر ۾
”3“ عدد اوطاقون قائم ڪيون، انهن مان هڪ اوطاق
’عام‘ ماڻهن لاءِ ۽ هڪ اوطاق خاص ’علماءِ ڪرام‘
واسطي ۽ جيئن ته هن خاندان جو تعلق روحاني توڙي
رشتيداريءَ جي لحاظ کان حضرت بهاءُالدين زڪريا
ملتاني رحه جي سلسلي سان هو، ان ڪري هڪ بلڪل خاص
اوطاق ’غوث جي پانڌيئڙن‘ لاءِ مقرر هوندي هئي.
جنهن ۾ هن علائقي توڻي هندوستان جي ڪڇ ڀُڄ واري
علائقي کان به هر سالَ جڏهن پانڌيئڙا ملتان ڀيٽڻ
ويندا هئا ته، هتي اچي ’پاڻُ‘ ڪندا هئا ۽ هن ئي
خاندان وٽ اچي ٽِڪندا هئا.(4)
هتي به ڳچ عرصو هيءُ خاندان قيام پذير رهيو، مگر
سال 1848ع ڌاري هڪ زبردست طوفان آيو ۽ دريائي اُٿل
ٿي. جنهن کي اڄ به عام طرح ’نکٽيءَ وارو واءُ‘ چيو
وڃي ٿو. انهيءَ طوفان جي ڪري دريائي طغياني آئي
جنهن ڪري هن خاندان جو نه صرف اَلهُه تلهُه نيست و
نابود ٿي ويو بلڪه هن خاندان جو بهترين علمي ڪتابن
جو ذخيرو به انهيءَ طوفان ۽ دريائي طغيانيءَ جي
نظر ٿي ويو. باقي جو ڪجهه بچيو اُهو ساڻ ڪري هِتان
لڏڻ جو فيصلو ڪري ورتو ۽ پوءِ هيءُ خاندان جيڪو
’12‘ ڀائرن جو اولاد هو، اُهو پنهنجي پنهنجي خواهش
مطابق پنهنجي مُجوزه ماڳن ڏي محو سفر ٿي ويا. انهن
مان ڪي بدين ته ڪن وري غلام الله ته ڪي وري کارو
ڇاڻ ۽ انهن مان حضرت مخدوم جلال کٽيءَ رحمة الله
عليہ جو ئي اولاد جيڪو هو، انهيءَ پنهنجي ڏاڏي
مخدوم محمد جلال رحه جن جي مزار جي بلڪل سامهون
ديهه بچل جماليءَ جي ڳوٺ الهداد سولنگيءَ کي ئي
مسڪن بڻايو. اِتي هيءُ خاندان ڪجهه عرصو رهڻ بعد 4
ڪلوميٽر اوريان شهر چوهڙ جمالي ۾ 1265هه بمطابق
1848ع کان سڪونت پذير ٿيا ۽ الحمدلله اڄ تائين به
اِتي ئي پنهنجو عليحده محلو ٺاهي رهن ٿا.(5)
مخدوم محمد جلال صباغ رحمة الله عليھ ڪڪرالوي:
واحداڻي خاندان جيئن ته هڪ علمي و ادبي گهراڻو
آهي، انڪري وقت بوقت هن خاندان مان ڪئين نامور
شخصيتن هميشه جنم پئي ورتو آهي، اڄوڪي صحبت ۾ اسان
هن وقت مخدوم، عالم ۽ فلسفي شخص حضرت علامه مخدوم
محمد جلال ڪڪرالوي عليہ الرحمة جو برسبيل تذڪرو
ڪرڻ چاهينداسون:
شجرهء نسب:
مخدوم عليہ الرحمة جن جو شجره نسب ڪجهه هن طرح:
سندن خانداني طومار ۾ لکيل آهي؛ مخدوم محمد جلال
رحه بن ميان عبدالڪريم رحه بن مخدوم عبداللطيف رحه
بن مخدوم ابوالحسن رحه صباغ. (کٽي).
ولادت باسعادت:
مخدوم محمد جلال عليہ الرحمة جن جي ولادت باسعادت
پهرين ربيع الثاني سنه 1050هه بمطابق 21 جولاءِ
سنه: 1646ع تي ’ديره‘ پُراڻه (ڪڪراله) جي سرزمين
تي ٿي.
ولادت باسعادت بابت تخريجون:
مخدوم صاحب رحه جن جي ولادت باسعادت بابت مندرجه
ذيل تخريجون پيش ڪجن ٿيون، هجري سال ۾ مخدوم محمد
جلال صاحب جاه و اقبال.
50 ------------------10 هه
عيسوي سال ۾: علامه مخدوم مخدومي محمد جلال.
46 -----------------16ع
بُڪرمي سال ۾: علامه مخدوم جلال خوبانِ زمان
03 ----------------17(6)
تعليم و تربيت:
مخدوم صاحب عليہ الرحمة جو گهراڻو جيئن ته هميشه
کان وٺي ڪري هڪ علمي و ادبي ۽ روحاني هو، انڪري هن
صاحب رحه جي سڄي تعليم و تربيت پنهنجي ئي گهر ۾
سندن والد ۽ ڏاڏي محترم جي زيرِنگراني انهن جي
مدرسي ۾ ٿي، علاوه ازين هيءُ صاحب ڳچ عرصو سرزمينِ
حجاز ۾ گذاري آيو هو ته مزيد تعليم لاءِ هندوستان
۾ به رهيو. اُتان جي وڏن عالمن، محدثن ۽ مفسرّن
سان اهڙي علمي ڏيٺ ويٺ رهي، اهڙو ذڪر پاڻ پنهنجي
مڪتوبات ۽ تحريرن ۾ پڻ ڪيو اٿس. راقم سان اهڙو
اظهار خاندان جي وڏڙن به وقت بوقت پئي ڪيو آهي.
اسان جي ڏاڏي محترم حضرت علامه ابوعثمان محمد عمر
مخمور نقشبندي رحه پڻ ڪيو هو. زماني جي دست بُرد ۽
دريائي سيلابن جي ڪري خوردبرد ڪري سمورو علمي
خزانو تباهه و برباد ٿي ويو. انڪري انهيءَ جو
سربستو احوال ملي ڪونه ٿو سگهي. بهرحال مخدوم عليہ
الرحمة پنهنجو علمي فيض پکيڙڻ لاءِ ۽ درس و تدريس
جي لاءِ ديري ۾ پنهنجي درسگاهه به قائم ڪئي.
انهيءَ ڪري وٽس سنڌ، هند توڙي عربستان جي علماءَ
ڪرام جو اچڻ وڃڻ ثابت آهي. تاريخ جي مختلف ڪتابن ۾
سندن تذڪري سان گڏوگڏ سندن همعصرن جو وڏي تعداد ۾
پتو پوي ٿو.(7)
تصنيفات و تاليفات:
مخدوم محمد جلال رحمة الله عليہ جن جون ڪافي
تصنيفون ۽ تاليفون هيون، ليڪن اُهي پڻ زماني جي
دست و برد جي حوالي ٿي ويون، البته حضرت مخدوم
محمد هاشم ٺٽويءَ رحه جن جي مشهور و معروف ’بياضِ
هاشميءَ‘ ۾ سندن ڪافي فتوائن ۽ فقهي تحريرن جو
تذڪرو ۽ حوالو ملي ٿو. انهيءَ کان علاوه حضرت
مخدوم محمد معين ٺٽويءَ جي تحريرات ۾ تصوّف ۽
فلسفي تي ڪيل علمي بحثن جا حوالا ملن ٿا. انهيءَ
مان ڀلي ڀت اِها پروڙ پوي ٿي ته مخدوم محمد جلال
رحه جون مختلف موضوعن تي تصنيفون به هيون، جيڪي
انهن ۽ ٺٽي جي ٻين مخدومن، علمائن ۽ اهلِ علم
حضرات وٽ موجود هيون، انهيءَ کان علاوه پوئين دور
۾ جيڪي به ڪتاب ۽ ذاتي تحريرون توڙي تصنيفون جيڪي
بچيون اُهي اسان جي ئي خاندان جي عالم حضرت علامه
حاجي ابوسليم محمد هاشم حضوري رحمة الله عليہ جن
جي مدرسي دارالعلوم فيض هاشميه جي ڪتبخاني ۾ موجود
هيون، جيڪي سندن حويليءَ ۽ مدرسي کي لڳل ٿڌي
(باهه) ۾ سڙي خاڪ ٿي ويون. اڄ تائين حضرت مولانا
محمد هاشم رحه جن جي ڪتبخاني ۾ ڪافي قلمي ڪتابن جو
ذخيرو موجود آهي، ممڪن آهي انهيءَ ۾ ڪا ثابتي ملي
سگهي، مگر خانداني حالات ناسازگار هئڻ ڪري ۽ وري
پونئيرن جي عدم دلچسپيءَ جي ڪري راقم کي جرائت ئي
نٿي ٿئي، جو انهيءَ علمي باقيات کي اُٿلائي
پُٿلائي سگهجي. ممڪن آهي ته انهيءَ ذخيري کي چڱيءَ
طرح اگر ڏٺو وڃي ته ٻُڏي ٻيڙيءَ جي ’ڪِل‘ جي مصداق
ڪجهه نه ڪجهه ملي پوي. بس! دعاءَ الله ربُّ العزّت
جي بارگاهه ۾ اِها آهي ته شَل هن خاندان مان ڪو
اهڙو مانجهي مرد ۽ مجاهد مڻيادار نڪري پوي جيڪو هن
رهيل عظيم علمي ذخيري کي محفوظ ڪري سگهي. (آمين)
مخدوم محمد جلال رحه جا همعصر:
اسان اڳ ذڪر ڪري چڪا آهيون ته مخدوم محمد جلال
رحمة الله عليہ جا هند ۽ سنڌ ۾ بيشمار همعصر هئا،
اسان انهن جي صرف ۽ صرف نالن ڏيڻ تي اڪتفاءَ
ڪنداسون. انهن برگزيده بزرگن ۾ حضرت شاهه ولي الله
دهلوي رحه، شاهه عبدالقادر صديقي، حضرت علامه مير
سعدالله پوربي رحه، مخدوم محمد مقيم بن ميان
سعدالله قادري بٺورائي نقشبندي رحه، ميان محمد
يعقوب سمون رحه، ’ڪبر‘ ڳوٺ جو رهاڪو هو). نقشبندي
رحه مدني، سيّد سلطان شاهه هندي نقشبندي رحه (هيءُ
ٺٽي جي نواب خليل خان جو ڀاڻيجو هو)، حضرت مخدوم
ضياءُالدين ٺٽوي رحه بن مخدوم ابراهيم رحه، سيّد
عبدالله شاهه بن سيّد نعمت الله شيرازي رحه، سيّد
محمد ناصر شاهه شيرازي نقشبندي رحه، مخدوم عنايت
الله واعظ رحه ٺٽوي، مير مرتضيٰ رضوي بن مير ڪمال
الدين رضوي رحه، سيّد رحمة الله عرف سيّد مٺو رحه
بن سيّد فضل الله شڪر الٰهي نقشبندي رحه، مخدوم
عبدالباقي واعظ نقشبندي ٺٽوي رحه، مخدوم سِينئڏنو
نصرپوري (صاحبِ بياض)، حضرت بلال درس پُران وارو
رحه نقشبندي، شيخ محمد ابوالمساڪين بن شيخ محمد
ٺٽوي نقشبندي رحه، مخدوم محمد معين ٺٽوي رحه،
مخدوم ابوالحسن ٺٽوي رحه، خورشيد مڪلي مخدوم
المخاديم حضرت مخدوم ابوالقاسم نقشبندي رحه ۽
مخدوم محمد هاشم قادري ٺٽوي رحه (رحمهم الله
تعاليٰ عليهم اجمعين) جا نالا قابلِ ذڪر آهن.(8)
مخدوم محمد جلال رحه جو روحاني طريقو:
مخدوم محمد جلال ڪڪرالوي رحه پنهنجي زندگيءَ ۾
’ٽي‘ روحاني طريقا اختيار ڪيا؛ انهن مان پاڻ
’قادري‘ سلسلي ۾ ’سهروردي‘ سلسلي ۾ پنهنجي آبائي
مرشد ميان سيّد احمد بغدادي رحه جن دست بيعت هئا،
(واضح رهي ته: هيءُ بزرگ حضرت پيران پير سيّد
عبدالقادر جيلاني رحه جن جو ڏهٽاڻو آهي، مڪليءَ تي
سندن مزار شريف آهي). جڏهن ته ’نقشبندي‘ طريقي ۾
پنهنجي ئي همعصر بزرگ حضرت چراغ مڪلي ابوالقاسم
نقشبندي رحه کان بيعت جو هٿ ورتائون.
سندن اهو روزانه جو دستور هوندو هو جو پاڻ هر روز
پنهنجي خاندان کي عشاءَ جي نماز بعد قادري ۽
سهروردي طريقن جا ذڪر ڪرائيندا هئا، جڏهن ته
نقشبندي طريقي جي تلقين لاءِ پنهنجي خاندان جي
فردن کي نماز فجر بعد مراقبو ڪرائيندا هئا ۽ ضروري
اوراد و وظائف سيکارڻ بعد حضرت ابوعبدالله محمد بن
سليمان الجزولي رحمة الله عليہ جن جي درودن تي
لکيل ڪتاب ’دَلائِل الخَيرات‘ جو ورد پابنديءَ سان
ڪرائيندا هئا.(9) الحمدلله! اڄ تائين اهو سلسلو
سندن لواحقين ۾ موجود آهي. (راقم)
مخدوم محمد جلال رحه جو علمي مقام:
مخدوم جلال رحه جي اعليٰ مقام جو تذڪرو ٺٽي جو
مشهور مؤرخ ۽ محقق مير علي شير قانع شڪرالٰهي
شيرازي پنهنجي جڳ مشهور تصنيف ’تحفة الڪرام‘ ۾
ڪجهه هن طرح ڪري ٿو:
”محمد جلال رحه وڏو عالم، مقرر ۽ تقرير جو ۽ تحرير
جو ڌڻي، پنهنجي زماني ۾ بي نظير ٿي گذريو آهي، هن
جهڙو سڀني علمن جو جامع ٻيو ڪونه هو، مخدوم معين
رحه هن کي اڪثر عالمن تي نهايت فوقيت ڏيندو هو،
هُو وڏو عالم علم نجوم ۽ طب جي علم ۾ ’بُقراط
ثاني‘ ۽ ’بُو علي اوّل‘ هو. ايڏي ڪمال هوندي به
عام ماڻهن جيئن نهايت سادگيءَ سان حياتي گذاريندو
هو ۽ دولتمندن کي ڪنهن به وقت پاڻ ڏانهن رغبت يا
رجوع ٿيڻ جو موقعو نه ڏيندو هو. تان جو ٿورا سال
ٿيا جو گذاري ويو آهي.“
مخفي نه رهي ته ’ڪڪرالي‘ جي بزرگن مان ڪي ٿورا
نالا ٻين جو بيان ٿي گذريو، شيرِ دريا جي پرئين ڀر
سان به تعلق رکڻ، هاڻي اورئين ڀر جي بزرگن سان
تبّرڪ طور وڃي ٿو.(10)
هڪ ٻئي مشهور زمان ڪتاب ”نزُهة الخَواطر“ ۾ علامه
عبدالحسن الحسيني لکنوي مخدوم محمد جلال رحه جن جي
باري ۾ لکي ٿو ته:
”مخدوم جلال هن (هن بزرگ ائين لکيو آهي، مخدوم
محمد معين رحه جو همعصر هو ۽ مخدوم محمد معين رحه
سندس علمي ڪمال جو معترف هو. مخدوم معين رحه
فلسفيانه علوم جو مالڪ هو، تنهنڪري فلسفو، معقولات
۽ تصوّف سندس دلچسپ موضوع هئا ته اڪثر فلسفي،
معقولي ۽ صوفي عالمن کان اثر وٺندو هو، مخدوم جلال
محمد رحه پڻ فلسفي ۽ معقولات جو وڏو ڄاڻو هو ۽
معقولي علمن ۾ همعصرن مٿان ان کي فوقيت ڏيندو
هو.(11)
ڊاڪٽر حامد علي قريشي خانائي مرحوم پنهنجي ڪتاب
’مقالات خانائي‘ ۾ لکي ٿو ته:
”مخدوم معين رحه بن مخدوم امين رحه بن مخدوم طالب
الله رحه هڪ وڏو جيّد عالم ۽ پنهنجي زماني جو
علامه ٿي گذريو آهي، مخدوم محمد معين رحه مخدوم
عنايت الله رحه جو شاگرد هو، پاڻ پنهنجي استاد کان
ابن عربي رحه جي ڪتاب ”فُصوصُ الحڪَم“ جو درس ورتو
هئائين. انهيءَ ساڳئي ڪتاب جو درس علي رضا گيلاني
(جيلاني رحه) کان به ورتو هئائين، جڏهن هو ٺٽي ۾
آيو هو ۽ مخدوم صاحب رحه پنهنجي تصنيف
”در اسات البيب“ ۾ شاهه ولي الله دهلوي رحه ۽ شاهه
عبدالقادر صديقي رحه کي به پنهنجو استاد ڪري لکيو
آهي، شيخ محمد جلال (جلال محمد ڪڪرالويءَ) ۽ علامه
مير سعدالله پوربي رحه کان به استفادو حاصل ڪيو
هئائين.(12)
مخدوم محمد جلال رحه جو اولاد:
حضرت مخدوم محمد جلال رحه کي صرف هڪ فرزند ارجمند
عبدالواحد نالي پيدا ٿيو، خانداني ڄَم ۽ موت جي
رکيل بياض مان پتو پوي ٿو ته: هو خود به وڏي پائي
جو عالم هو ۽ ڪافي عرصو پنهنجي والد بزرگوار جي
قائم ڪيل مدرسي کي هلايائين. کين ميرن جي صاحبي
دوران حڪومت پاران جاگيرون پڻ ”پَٽن“ جي صورت ۾
مليل هيون، پر جيئن ته اڳيئي سندن والد بزرگوار
وانگيان پنهنجي اصول تي رهندي، جهڙيءَ طرح اُنهيءَ
الله واري اهلِ الله انهن دنياوي ڳالهين ڏي ڌيان
نه ڌريو، جيڪي ڪلهوڙن جي دور ۾ انهيءَ کي جاگيرون
مليل هيون. اهڙيءَ طرح مولانا عبدالواحد رحمة الله
عليہ به انهيءَ دنياوي مايا ڏانهن نه ڏسيندي، کيس
اُهي جاگيرون جيئن والد بزرگوار پنهنجي ”رضائي
ڀاءُ“ پير راجن شاهه قريشيءَ رحه جي حوالي ڪري
ڇڏيون هيون ته هن صاحب رحه به دنياداريءَ ڏي ڪابه
رغبت نه رکندي اُهي جاگيرون هڪ ته غريب ماڻهن ۾
ورهائي ڇڏيون ۽ ٻيون جاگيرون وري پنهنجي والد
محترم جي رضائي ڀاءُ پير راجن شاهه رحه پونيئرن کي
ڏئي ڇڏيون هيون.
هن بيباڪ انسانَ ۽ غيوّر طبع عالم ۽ صاحبِ تقويٰ
شخص سنه 1197هه بمطابق 1782ع ڌاري رحلت فرمائي.
اِنالله وَانّا اِليہ راجُعون. هن بزرگ جا پويان
’واحداڻي‘ کٽي سڏجن ٿا. جن جو اجمالي ذڪر اسان ڪري
چڪا آهيون.(13)
مخدوم محمد جلال عليھ الرحمة جي وفات بابت محققن
جي ٽيڪا ٽپڻي:
حضرت مخدوم محمد جلال رحه جن جي رحلت بابت مختلف
مؤرخن صاحبن جا مختلف رايا، انومان ۽ اختلاف توڙي
انهن جون ٽيڪا ٽِپڻيون سامهون آيون آهن، جنهن مان
هڪ اِهو تاثر اسان کي ملي ٿو ته؛ (الف) يا ته انهن
صاحبن کي ڪٿان ڪابه صحيح ڄاڻ نه ملي سگهي آهي. (ب)
يا ته انهن صاحبن خالي اندازاً، انومانن ۽ خيالن
تي ڀاڙيو آهي. سان هِتي ڪنهن جي ڪنهن به قسم جي دل
آزاري نٿا ڪرڻ چاهيون، بلڪ هڪ لِڪل ۽ اصل حقيقت
سامهون آڻڻ چاهينداسون، اُميد ته سامهون آيل
تاريخي خدشا به ختم ٿي ويندا.
(1) محققن صاحبن جا رايا: تحفة الڪرام جو صاحب
پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته: ”ڪي ٿورا سال“ لکڻ کان
پوءِ وري لکي ٿو ته: سال 1159هه ۾ رحلت
فرمائي.(14)
(2) ۽ ڊاڪٽر حامد علي خانائي مرحوم لکي ٿو ته، سنه
1175هه/1761ع ۾ مخدوم صاحب رحه وفات فرمائي هئي.“
(15)
(3) جڏهن ته محترم ڊاڪٽر محمد انس راڄپر صاحب
پنهنجي تحقيقي ٿيسز ۾ رقم طراز آهي ته، ”موصوف جي
ڄمڻ توڙي فوت ٿيڻ بابت تذڪري جي ڪتابن ۾ ڪجهه به
معلوم نٿو ٿئي، البته تحفة الڪرام ۾ قانع سندس
وفات جي باري ۾ لکيو آهي ته، ”تازو ڪي ٿورا سال
ٿيندا ته وفات ڪري ويو آهي.“ اڳتي هو صاحب لکي ٿو
ته، ”تحفة الڪرام لکجڻ جي زماني 1180هه کان 1181هه
تائين ڪجهه وقت اڳ يعني ڪو سال سَوا سال اڳ هو
وفات ڪري ويو.(16)
مٿيون تبصرو اوهان صاحبن پڙهيو، انهن مان ڪنهن به
صاحب نه ڪا حتمي راءِ ڏني ۽ نه ئي هن بزرگ يا
انهيءَ جي ڪو اولاد بابت ڪا پڇاڳاڇا ڪئي، محض ٽپڻن
۽ خيالن ۽ راين جي آڌار تي لکيو، تحفة الڪرام جو
صاحب ”ٿورا سال“ وارو جملو محقق محترم ”سال، سَوا“
قرار ڏنو آهي. جڏهن ته تحفة الڪرام فارسيءَ واري
نسخي مطبوع 1304هه واري ڇاپي ۾ توڙي پير جميل شاهه
ڏاتار جي موجوده سجاده نشين وٽ موجود تحفة الڪرام
فارسي قلمي نسخي اندر ”1159هه“ لکيل آهي ۽ اسان جي
خانداني بياض ۾ تقريباً ساڳي صورتحال ٿورڙي فرق
سان بلڪل واضح آهي. يعني مذڪوره نسخن ۾ 1159هه ۽
ذاتي خانداني بياض ۾ 1150هه آهي. راقم عاجز هڪ
ڀيرو انهيءَ محقق صاحب کي هڪ مجلس ۾ روبرو اهڙي
شڪايت ڪافي ٻين محققن جي موجودگيءَ ۾ ڏني هئي،
اسان پنهنجي هن بزرگ جي رحلت جي تاريخ بابت هڪ
وضاحتي نوٽ ڇڏيون ٿا.
مخدوم محمد جلال رحه جن جي وفات حسرتِ آيات:
اسان جي خانداني بياض ۾ مخدوم محمد جلال رحمة الله
عليہ جن جي وفات 7 ربيع الثاني 1150هه بمطابق 10
جولائي 1737ع بروز آڱارو ٿئي، جيڪا هاڻ مصدّقه
سمجهي ۽ پڙهي وڃي. جيئن آئينده جي محققن جو
مونجهارو ختم ٿي سگهي، اُميد ته هن کان پوءِ تاريخ
۾ ڪافي عرصي کان هلندڙ غلط فهمين جي طويل بحث و
تمحيث جو خاتمو ٿي ويو.
مخدوم محمد جلال رحه جو رضائي ڀاءُ:
اسان مٿي ذڪر ڪري چڪا آهيون ته حضرت مخدوم رحمة
الله عليہ جن جو رضائي ڀاءُ حضرت پير راڄن شاهه
رحه هو. هن بزرگ جو اصل نالو ڪتاب اَذڪارِ
قلندريءَ جي مصنف موجب شهاب الدين رحه آهي، ۽ سندن
والد صاحب جو نالو پير عزّت الله قريشي آهي.
انهيءَ بزرگ جو تعلق وري ڪاردارِ مڪلي پير عالي
شاهه (يا شيخ عالي) سان آهي. حضرت راڄن شاهه
قريشيءَ رحه جن جي ولادت باسعادت، سنه 1050هه 7
ربيع الثاني بمطابق 21 جولائي 1646ع. جيئن ته هن
خاندان جو مخدوم صاحب رحه جن جي خاندان سان
تقريباً رشتيداريءَ وارو تعلق رهيو هو، انڪري حضرت
مخدوم محمد جلال رحه جن حضرت پير راڄن شاهه رحه جن
جي والده محترمه رحه جن جي ٿڃ پيتي هئي. يا هڪ ٻي
صدري روايت پڻ گردشِ گوش گذار ٿي هڪ ٻئي جي مائرن
جي پيتي هئي (والعلم عندالله).
هن بزرگ پنهنجي پويان صرف هڪ فرزند فقير محمد شاهه
نالي ڇڏيو، جنهن کي تحفة الڪرام جي مصنف رحه جي
لکت موجب ڪوبه اولاد ڪونه هو، ليڪن ان ۾ به تاريخي
محققن ۽ تاريخن اختلاف ڏيکاريو آهي. ڪن جو چوڻ آهي
ته اهو مذڪوره، راڄن شاهه رحه ثاني آهي، جيڪو
تعلقي شاهبندر جي ديهه بچل جمالي تپو گونگاڻيون ۾
مدفون آهي، اِهوئي ته شهاب الدين رحه، اهو هئو ته
شهاب الدين پَرانهيءَ جي والد بزرگوار جو نالو
”جمن شاهه بن ضياءُالدين آهي.“ انهيءَ جو اولاد
”جُمناڻي يا جمن شاهه پوٽا سڏجن ٿا ۽ راڄن شاهه جو
اولاد ”راڄن شاهه پوٽا“ ڪوٺيا وڃن ٿا. مگر اڃا به
اِها ڳالهه تحقيق طلب آهي. (راقم) (17)
حضرت راڄن شاهه رحه جي رحلت:
هن بزرگ بابت اسان کي راڄن شاهه پوٽن کان ڪابه
اهڙي هٿيڪي معلومات ملي ڪونه سگهي آهي. البته اسان
جي وڏڙن جي اهڙي خانداني لکتن موجب سندن وفات حضرت
محمد جلال رحمة الله عليہ جن جي رحلت کان هڪ سال
پوءِ يعني تاريخ پهرين ربيع الاول سنه 1151هه
بمطابق 19 جون 1738ع بروز خميس ٿي، اهڙو ذڪر
واحداڻي خاندان جي ذاتي ۽ خانداني ”بياض“ ۾ ملي
ٿو.(18)
سندن ڏيهاڙو:
حضرت پير راڄن شاهه رحه جن جو ساليانو ڏيهاڙو هر
سال دستور موجب تاريخ 7 ۽ 8 ربيع الاول تي ملهايو
ويندو آهي. هتي 6 تاريخ جي رات يعني 6 ڇهين جي شام
رات جو ۽ 7 تاريخ ڏينهن 11 بجي ’سماع‘ يعني محفلِ
سماع سهروردي طريقي جي اصول مطابق ٿيندي آهي. ۽
حضرت غوث بهاءُالدين ذڪريا ملتاني رحمة الله عليہ
جن جا ”پانڌيئڙا“ جن کي عام طرح ”غوث جا پانڌيئڙا“
ڪوٺيو وڃي ٿو. جيڪي علائقي جي مختلف ڳوٺن ۽ ماڳن
اچي گڏ ٿيندا آهن. جن جو ”جَهلو“ درگاهه جي سجاده
نشين طرفان ٿيندو آهي ۽ آيلن مريدن (پانڌيئڙن)
لاءِ ”روٽ“ يعني کاڌي پيتي جو انتظام رکڻ کي روٽ
چوَن، جو بندوبست رکندو آهي. هن درگاهه جو موجوده
گاڌي نشين پير حاجي احمد شاهه جهالوءَ (تعلقه ڪيٽي
بندر) وارو آهي. اهو سمورو انتظام اُن طرفان رکيو
ويندو آهي.(19)
مزار جي جاءِ وقوع:
حضرت مخدوم محمد جلال کٽي ۽ حضرت پير راڄن شاهه
قريشي رحمة الله تعاليٰ جن جون مزارون، تعلقي
شاهبندر جي مرڪزي شهر چوهڙ جماليءَ کان اولهه طرف
چئن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ۽ شاهبندر جي آثارِ
قديمه طرف ويندڙ روڊ جي ڏکڻ طرف پتي گونگاڻيءَ ۽
يونين ڪائونسل گونگاڻيءَ جي پتي گونگاڻيءَ جي ديهه
بچل جماليءَ ۾ ”راڄن شاهه جي ٽڪرين“ تي موجود آهي.
انهيءَ ٽڪريءَ تي واقع مقبري ۾ حضرت علامه مخدوم
محمد جلال رحمة الله عليہ جن جي قبر شريف آهي. ۽
سندن ڀر ۾ ٿورو اوڀرين ڪُنڊ ۽ پيرانديءَ ڀر پير
فضل الله جي قبر آهي، ۽ انهيءَ شاهي مقبري جي بلڪل
اولهه طرف هڪ ننڍڙي مسجد شريف آهي. بقول محققن جي
سنڌ جي قديم طرز ۾ ٺهيل مسجدن مان اِها به هڪ
خوبصورت مگر سادي مسجد آهي. جڏهن ته انهيءَ مقبري
جي دروازي جي بلڪل سامهون وچ ۾ هڪ ننڍڙو ميدان
آهي. جنهن کي ”تلقين جو ميدان“ يا چوڪي چون ٿا.
اتي بلڪل وچتي اولهه واري ننڍڙي ديوان سان هڪ دِڪي
ٺهيل آهي، جنهن تي اڳ ۾ سجاده نشين صاحب ويهي ڪري
مريدن ۽ خادمن ۽ معتقدن کي واعظ ۽ نصيحت ڪندو هو.
انهيءَ مذڪوره وچ واري ميدان جي لڳ ڏکڻ طرف
چؤديواريءَ واري ’رائنڪ‘ ۾ حضرت پير راڄن شاهه رحه
جن جي قبر شريف ٻئي قبرن جي وچ ۾ موجود آهي.
واضح رهي ته اهو قبرستان حضرت مخدوم محمد جلال
رحمة الله عليہ جن جي خاندان جو به آبائي قبرستان
آهي، سندس خاندان جا ڪيترائي افراد مرد توڙي
عورتون مٿين رائنڪ ۾ توڙي سِيڙيِن کان هيٺ ڏکڻ جبل
جي ڀِڪَ ۾ گهڻي تعداد ۾ موجود آهن. هن مزار جي لڳ
87-1886 ۽ جي سروي سٽنلمينٽ موجب هڪ ڳوٺ ”ڳوٺ جلال
کٽيءَ“ جي نالي سان پڻ سروي ٿيل آهي ۽ ديهه بچل
جماليءَ جي سروي واري نقشي اندر به انهيءَ جو پتو
پوي ٿو. هتي هڪ ٻيو ڳوٺڙو ڳوٺ جهنڊاڙن جو پڻ موجود
آهي، جنهن ۾ ”ماڃوٺي جهنڊاڙا“ رهن ٿا، انهن مان
چاچا ٻڍو پهريائين مزارن جو مُجاور هو ۽ هاڻي
انهيءَ جو پٽ عالي مجاوريءَ جا فرائض سرانجام ڏئي
رهيو آهي، پر نگراني ”جهالوءَ“ جي پيرن صاحبن جي
رهندي اچي ٿي، اهو به واضح هجي ته هيٺ وري هڪ وڏي
سماع گاهه آهي جتي مريد اچي ويهندا آهن ۽ اُتي مَچ
تي سماع ٿيندو آهي ۽ ٻاهر به هڪ مسجد جوڙيل آهي.
حوالا ۽ واڌارا:
1.
|
ڏسو: راقم جي سهيڙيل، تاريخ شاهبندر،
ص 90، (قلمي) |
2.
|
ڏسو: واحداڻي خاندان جو خانداني
”بياض“، ص 95 (قلمي) |
3.
|
ڏسو: واحداڻي خاندان جو خانداني
”بياض“، ص 110، (قلمي) |
4.
|
ڏسو: واحداڻي خاندان جو خانداني
”بياض“، ص 37 |
5.
|
ڏسو: واحداڻي خاندان جو خانداني
”بياض“، ص 42 |
6.
|
ڏسو: نتيجه ۽ فڪر جناب محقق دلبر
وارثي (ڪراچي) |
7.
|
ڏسو: خانداني بياض، ص 60 |
8.
|
ڏسو: مقالاتِ خانائي، از: ڊاڪٽر قريشي
حامد علي خانائي مرحوم ص 122 ۽ ص 123. |
9.
|
ڏسو: واحداني خاندان جو خانداني
”بياض“، ص 50 |
10.
|
ڏسو: تحفة الڪرام، از: مير علي شير
قانع ٺٽوي، ص 438 باب ص 20 مطبوعه
سال، 1957ع سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد
سنڌ |
11.
|
ڏسو:نزهة الخواطر، ص 6، از: علامه
عبدالحئي الحسني لکنوي پهريون ڇاپو
(فارسي) دائرة المعارف عثمانيه
حيدرآباد دکن سال 1957ع ۽ پڻ ڏسو!
اردو ڇاپو نزهة الخواطر جلد ص 6 ۽ ص
94، بارهوين صدي کي علمائي برصغير، ۽
پڻ ٿيسز، مخدوم محمد معين ٺٽوي ۽ سندس
فلسفو، از: ڊاڪٽر انس راڄپر، ص 96/95 |
12.
|
ڏسو: مقالات خانائي، ص 122 ۽ پڻ ڏسو!
تذڪره صوفياءِ سنڌ (اردو) از: مولانا
اعجاز الحق قدّوسي، ص 241، 1975ع |
13.
|
ڏسو: خانداني بياض، (قلمي)، ص 60 |
14.
|
ڏسو: تحفة الڪرام، ص 438 |
15.
|
ڏسو: مقالاتِ خانائي، ص 122 |
16.
|
ڏسو: ڊاڪٽر انس راڄپر جي تحقيقي ٿيسز:
”مخدوم محمد معين ٺٽوي ۽ سندس فلسفو“،
ص 96، |
17.
|
ڏسو: اذڪارِ قلندري، ص 191 |
18.
|
ڏسو: بياض واحداني، ص 65 |
19.
|
بروايت: درگاهه جي مُجاور عالي
جهنڊاوڙ کان ورتل روبرو معلومات |
نوٽ: هن سڄي مواد واري معلومات جو
دارومدار هڪ ته مذڪوره ڪتابن ۾ ڏنل
مواد تي آهي، ۽ ٻيو اسان جي خانداني
بياض ۾ ڏنل خاندان جي ڏنل وڏڙن کان
معلومات آهي، ۽ ٽيون وري سندم ڏاڏي
محترم حضرت علامه ابوعثمان محمد عمر
مخمور نقشبندي رحمة الله عليہ جن جي
لکرايل معلومات. جيڪا اڳئين کان کين
مليل هئي ۽ پاڻ وٽ نوٽ ڪئي هئائون،
اُها ڏني ويئي آهي. ازانسواءِ جهالوءَ
وارن پيرن صاحبن، پير قاسم علي شاهه،
حاجي الهڏنو شاهه پير: پير صابر علي
شاهه، پير حاجي ربڏنو شاهه ۽ پير
عبدالله شاهه ۽ سندم والد گرامي محمد
عثمان صباغ کان مليل زباني معلومات،
هي سموريءَ مضمون اندر ڏني ويئي آهي،
آخر ۾ راقم جو اهلِ علم حضرات جي خدمت
۾ عرض آهي ته جيڪڏهن انهيءَ سلسلي ۾
اُنهن وٽ ڪو ٻيو مواد وغيره هجي ته
راقم جي مدد ڪرڻ فرمائين. مهرباني. |
|