سيڪشن: رسالا

ڪتاب: 4/ 2020ع

باب:

صفحو:10 

حزب الله يوسفاڻي

 عمرڪوٽ

 

 

 

مولانا رحم علي رحه

ناري پَٽَ ۾ جيڪي علماء ڪرام، خلافت تحريڪ ۽ جميعت العلماء تنظيمن جا مکيه ۽ سڄاڻ ڪارڪن هئا ۽ اسلام جي بقا، ترقي ۽ بچاء لاءِ هروقت ڪوشان رهندا هئا، تن ۾ مولانا رحم علي پلي رحه جو نالو عزت سان ورتو ٿو وڃي.

مولانا رحم علي رحه اهڙي خاندان جو فرد هو، جنهن ۾ ڪئين حافظ، حاجي ۽ نيڪ انسان ٿي گذريا آهن. جيڪي سڀ پنهنجي دور ۾ تحريڪِ آزادي جا ڪارڪُن جميعت العلماء سنڌ جا ميمبر، خلافتِ تحريڪ جا متوالا ۽ مسلم ليگ جي آزاديءَ کان اڳ جي مختلف شاخن جا عهديدار ۽ سرگرم ڪارڪن رهيا آهن. جن ۾ هاڙهه جي ڳوٺ جو حاجي ريلو، حاجي موٽو، حاجي موسو، حاجي قادر ڏنو، حافظ محمد حافظ احمد، حافظ ابوبڪر، حافظ ابراهيم، حافظ راهو، حافظ موسيٰ، حافظ انس ولد حافظ قادر ڏنو (متوفي 1316هه) مشهور سخي، مهمان نواز، سکر، نيڪ ۽ پرهيزگار ٿي گذريا آهن.

اهڙي طرح ڳوٺ عبدالرحمٰن پليءَ جا ’عبدالرحمٰن پلي‘، ’عليمراد پلي‘ ۽ ڳوٺ محمد عالم پلي جو ’ڀنڊو پلي‘ وڏا پهلوان ۽ ڏاڍا جوان ٿي گذريا آهن.

انهن کان سواءِ عبدالله عرف عبن پلي صوڀو پلي، مشهور مسلم ليگي ليڊر (انگريز دؤر ۾) وڏيرو غلام محمد پلي ۽ احمد پلي آدماڻي، پنهنجي دور جا سکر ۽ عزت وارا شخص هئا. هن ئي خاندان جو ’حافظ درمحمد پلي‘ عرف حافظ دورو، برطانيه دور جو سٺو شاعر ٿي گذريو آهي.

مولانا رحم علي جو خاندان ’خانياڻي پلي‘ سڏجي ٿو، جيڪو تعلقي عمرڪوٽ جي اٺن ڳوٺن ۾ آباد آهي.

ولادت:

مولانا رحم علي ولد خيرمحمد پليءَ جي ولادت 1891ع ڌاري، هوندي پليءَ جي قديم ڳوٺ ۾ ٿي، جيڪو موجوده ڳوٺ کان هڪ ميل پري، اترطرف هو، جتي ان جي پڊ جا نشان موجود آهن.

مولانا رحم عليءَ جو والد خيرمحمد، جيتوڻيڪ پنهنجي دور جو مشهور ڏاڍو جوان ۽ پهلوان هو ۽ سندس دوستي به اهڙن ماڻهن سان هئي تنهن هوندي به اُهو علم جي خوبين کان نا آشنا ڪونه هو.

مولانا رحم علي جيئن 6- 7 سالن جي عمر کي پهتو تيئن کيس ڳوٺ جي مڪتب ۾ ويهاريو ويو، جتي هُو قرآن پاڪ ۽ سنڌي فقهه جا ڪتاب پڙهيو ۽ ان بعد ڪنهن وڏي مدرسي ڏانهن وڃڻ وارو هو ته ڳوٺ جي سکر، وڏيري هوندو پليءَ، مولانا محمدعلي جوڻيجي کي وٺي اچي پنهنجي مڪتب ۾ رهايو جنهن مڪتب کي مدرسي جي شڪل ڏيئي ڇڏي. مولانا رحم علي ان مدرسي ۾ ڪجهه فارسيءَ جا ڪتاب پڙهيو ته، مولانا محمد عليءَ کي، حاجي محمد عالم پليءَ جي ڳوٺ جا وڏيرا، وڏيرو احمد پلي ۽ وڏيرو حاجي ولي محمد پلي پنهنجي ڳوٺ وٺي ويا ۽ اتي ’مدرسو دارالفيوض‘ قائم ٿيو ۽ مولانا رحم علي به ان مدرسي ۾ ويو ۽ مولانا محمد عليءَ وٽ رهي، بحرالعلوم بنجي نڪتو.

مولانا رحم علي جيتوڻيڪ، فارغ التحصيل عالمن مان ڪونه هئو ته به سندس علمي پوزيشن اهڙي هئي، جو گهڻي ڀاڱي علماء ڪرام سندس آڏو شاگرد معلوم ٿيندا هئا.

مولانا رحم علي مدرسي کان فارغ ٿيڻ بعد ڪجهه وقت مطالعي ۾ مشغول رهيو ۽ پوءِ 1920ع ڌاري پنهنجي ڳوٺ (هوندو پلي) ۾ بند ٿيل مڪتب کي نئين سر جاري ڪري مسلسل 15- 16 سال درس تدريس جو شغل جاري رکيائين ۽ وٽانئس ڪيئي طالب العم فيض حاصل ڪري نيڪ انسان بنجي ويا. آخري وقت سندس مڪتب ’ملان سڪول‘ طور منظور به ٿي ويو ۽ کيس گرانٽ پڻ ملي هئي. جيڪا پوءِ ’مسلم سڪول‘ حاجي محمد عالم پليءَ کي ڏياري ڇڏيائين.

مولانا رحم علي رحه، هڪ ئي وقت فارسي اردو ۽ سنڌي زبانن جو بهترين ليکڪ ۽ اديب پڻ هو ۽ سنڌ جي سڀني رسالن ۽ اخبارن کان سواءِ دهلي، لاهور، بمبئي، احمد آباد ۽ ٻين هنڌن تان نڪرندڙ اردو رسالن ۽ اخبارن جو پڻ ليکڪ هو ته ان سان گڏ هُو پهرين جوڙ جو سٺو ملهه ۽ پهلوان به هو.

مولانا رحم علي رحه جو علمي ۽ ادبي حلقو تمام وسيع هئو، جن مان مولانا ابوالڪلام آزاد، مولانا حسين احمد مدني، مولانا محمد علي جوهر، مولانا شوڪت علي، ڊاڪٽر سيف الدين ڪچلو، مولانا آصف علي، مولانا ظفرعلي، پير غلام مجدد سرهندي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، مولانا فتح محمد سيوهاڻي، مولانا دين محمد وفائي، مولانا عبدالڪريم چشتي، مولانا محمد هاشم مخلص، مولانا نورمحمد نظاماڻي، قاضي عبدالقيوم، قاضي محمد اڪبر، يوسف هارون، مولانا احمدعلي مجذوب، مولانا عبدالخاق ’خليق مورائي‘، مولانا عبدالقيوم پلي کيرل وارو، مولانا محمد امين آريسر، ميرالهه بخش ٽالپر جهول وارو، مولانا قاضي نورمحمد پلي، ميون محمد اسماعيل پلي، مولانا عبدالخالق پلي، مولانا محمد مبارڪ پلي، مولانا فضل محمد مڱڻهار، مولانا محمد يعقوب حاجاڻو، مولانا ميرمحمد عنصري، مولانا عبدالحڪيم ميمڻ چيلهه وارو، مولانا عبدالڪريم ساند ولهيٽ وارو، فقير محمد مڱريو، خليفو محمد امين پلي، سيد فتح علي شاهه چيلهه وارو، فقير محمد هاشم سومرو، احمد شاهه گرهوڙي، وڏيرو جتو پلي، وڏيرو سگهو پلي، فقير صوفي روشن الدين، خانصاحب عطا محمد پلي، ڪامريڊ جان محمد پلي، سيد بقادار شاه مٽيارين وارو، شيخ غلام حسين هدايت الله، پيرالٰهي بخش، قاضي فضل الله، محمد علي پلي کيرل وارو خاص هئا، جيڪي سڀ پنهنجو وارو وڄائي ويا آهن.

سندس صحبتين مان جيڪي حضرات وفات ڪري ويا آهن تن ۾ لطف الله حساماڻي، سيد گل حسن شاهه مجذوب، سردار بهادر نواب ميرالهداد خان ٽالپر، قاضي عبدالمجيد عابد ۽ ٻيا بزرگ شامل آهن.

مولانا رحم علي جو سياسي شعور ۽ ادبي مقام اهو هئو جو ان وقت جي مسلمانن جي واحد سنڌي اخبار ’الوحيد‘ جو ڪئين سال اسسٽنٽ ايڊيٽر ۽ ڪجهه وقت لاءِ انچارج ايڊيٽر پڻ ٿي رهيو هو.

مولانا رحم علي هڪ غريب گهر ۾ ڄائو ۽ غريب ئي گذاري ويو، پر سندس رعب ۾ ڌاڪو اهو هو جو آسپاس جا وڏا وڏا وڏيرا ۽ رئيس سندس آڏو جهڪيا پيا هوندا هئا.

مولانا صاحب تيزفهم، اعليٰ دماغ، خوش خُلق، خوش مزاج، خيرخواه، حاضر جواب، بي ريا، خوددار، لاطمع، بهادر، دلير راست گو، ايماندار، امين، انصاف پسند، غريبن جو حامي مسڪينن جو مددگار ۽ اڀرن جو آڌار ٿي رهيو ۽ هميشه  وڏن ماڻهن سان ٽڪر کاڌائين.

پاڻ خلافت تحريڪ، خاڪسار تحريڪ ۽ جميعت العلماءِ تنظيمن ۾ ميمبر ۽ عهديدار رهي ڪافي وقت ڪم ڪيائين، جنهن بابت انهن تنظمين جو رڪارڊ شاهد آهي.

مولانا صاحب، جهڙو سٺو ليکڪ ۽ نثرنويس هو، اهڙوئي سٺو مقرر پڻ هئو ۽ پاڻ سدائين پنهنجين تقريرن ۽ تحريرن ذريعي ملڪ، قوم مذهب جي خوب خدمت ڪيائين.

پاڻ جڏهن معلمانه خدمتن کان آزاد ٿي، آزاديءَ جي تحريڪن ۽ صحافت سان وابسته ٿي ويو ته پنهنجي سؤٽ مرحوم ’عبدالله، عرف عبن پلي‘ جي تعاون سان ڳوٺ جي مڪتب ۾ مولانا فضل محمد رحه کي معلم ڪري رکيائين جنهن 1936ع کان 1938ع تائين استادانه خدمتون سرانجام ڏنيون.

آخري وقت ۾ جڏهن پاڻ تمام ضعيف ٿي ويو هو، تڏهن به سندس اديبانه ڪچهري قائم رهندي هئي، جنهن جي آخري پروانن ۾ جناب معمور يوسفاڻي ۽ جناب محمد خان ’مسڪين‘ ڪنڀار خاص آهن.

ڪارناما:

پاڻ پنهنجي راڄ جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ سنڌ مسلم ليگ جون شاخون قائم ڪري، مقامي ماڻهن کي عهديدار مقرر ڪيائون. سندن تعلق قائدِاعظم محمد علي جناح سان به رهيو. پاڻ جناح صاحب جي استقبال لاءِ ڍورو نارو ۽ شادي پلي اسٽيشن تي لطف الله حساماڻي صاحب سان گڏ ماڻهن جا وڏا استقبالي اجتماع ڪوٺايائون ۽ اسٽيشن کي مسلم ليگ جي جهنڊين سان سينگاريائون.

پاڻ صوفي صديق فقير جي خاندان مان صوفي حاجي محمد فقير جي فرزندن شهيد صوفي قلندر بخش ۽ فقير روشن الدين صوفي سان به تعلقات نباهيائون. صوفي فقيرن جي خاندان ۾ موجود سنڌ جي وڏن مسلم ليگي ليڊرن جي خطن مان مرحوم رحم عليءَ جي سياسي حيثيت جو اندازو ٿي وڃي ٿو. هنن خطن ۾ محترم يوسف هارون کيس ’رئيس رحم علي‘ لکيو آهي.

آپا شمس عباسي پنهنجي ڪتاب ’ڳالهيون پيٽ ورن جون‘ ۾ لکيو آهي ته هُو معزز شخص هئو. ٻارن سان پيار ڪندو هئو ۽ بابا جي اجازت سان اسين کانئس خرچي وٺندا هئاسين.

هونءَ ته مولانا رحم عليءَ جي ساري زندگي ڪارناما هئي، پر سندس آخري ڪارنامو اهو هئو جو پاڻ 1952ع ۾ پلي ذات جي اتحاد لاءِ ڪوشش ڪيائين ۽ ان ۾ ڪامياب ويو ۽ خليفو محمد امين مرحوم پلي تنظيم جو صدر ۽ درس حاجي عبدالطيف پلي مرحوم جنرل سيڪريٽري چونڊيا ويا؛ مولانا رحم علي مارچ 1953ع ۾ هن فاني جهان کان هميشه لاءِ موڪلائي ويو ۽ سندس وفات جو ٻڌي قوم جي سڄاڻن کي لطيف سائينءَ جي لفظن ۾ چوڻو پيو ته:

”ويا سي وينجهار، هيرا لعل ونڌين جي“

اولاد ۽ پويان:

مولانا رحم عليءَ ٻه شاديون ڪيون، پر ٻنهي مان کيس اولاد ڪونه ٿيو، جنهنڪري، پنهنجي سؤٽ مرحوم عبدالله جي پٽن کي، پٽن وانگر پاليائين ۽ پڙهايائين، جن مان الله بخش پرائمري ماستر ٿيو.

مولانا جي خاندان مان، کانئس پوءِ جيڪي مشاهير زنده رهيا ۽ جلدئي گذاري ويا تن ۾ حاجي غلام محمد پلي سوڀي جي ڳوٺ وارو، حاجي لقمان هاڙهه وارو، (متوفي 27 رمضان 1384هه) ڪامريڊ لطف پلي حسناڻي سابق سيڪريٽري ’سنڌ هاري فيڊريشن‘، بهترين انسان هئا. کانئس پوءِ هن جي خاندان ۾ محمد صالح پلي هاڙهه وارو، علي انور پلي سوڀي جي ڳوٺ وارو سکر ۽ سپوت ساماڻا.

مددي ڪتاب:

1.          مهراڻ جا مور (ڇپيل) مصنف معمور يوسفاڻي

2.         ٿرپارڪر جا ديني درسگاه، مصنف: معمور يوسفاڻي (اڻ ڇپيل).

3.         ماهنامو نئين زندگي، آگسٽ سيپٽمر 1989ع ڪراچي.

4.         ڳالهيون پيٽ ورن ۾، شمس عباسي

غلام محمد جوهر

ميرپوربٺورو

 

 

 

 

مخدوم عبدالصمد نورنگزاده

جون علمي، ادبي ۽ ديني خدمتون

 

زندگيءَ جو احوال:

مخدوم عبدالصمد بن محمد مقيم نورنگزاده جو ميرپوربٺوري جي هڪ علمي گهراڻي سان تعلق آهي.

مولوي صاحب ڪڏهن ڄائو؟ ڪڏهن وفات ڪيائين؟ ان جي ڪابه خبر نه آهي. البته اهو بزرگ ميرپوربٺوري جي قبرستان ميان عبدالله ۾ ابدي آرامي آهي. سندس تصنيف ڪيل هڪ ڪتاب مفتاح الصلوات جيڪو ليٿو پريس بمبئي ۾ ڇپيو هو. ان ۾ ڇپائيءَ جو سال 27 رجب 1289هه لکيل آهي ان وقت مخدوم عبدالصمد حال حيات هئا. ان اندازي موجب مولوي صاحب 19 صدي جي اوائل تاءِ يعني 200 سال اڳ جو بزرگ آهي.

مخدوم عبدالصمد بن محمد مقيم نورنگزادو جامع صفات عالم هو. پاڻ هڪ ئي وقت حافظ، عالم، حڪيم، مصنف، مترجم، پبلشر، ۽ بڪ سيلر هئا. ميرپوربٺوري شهر ۾ سندس هڪ بڪ اسٽال يا ڪتابن جو دڪان پڻ هو، جتي مختلف ديني ڪتاب وڪرو ڪيا ويندا هئا.

مخدوم عبدالصمد نورنگزاده جو هڪ ٻيو عزيز مخدوم، مولوي محمد عثمان نورنگزاده به هڪ وڏو عالم هو. جنهن تقسير تنويرالايمان جي نالي سان قرآن پاڪ جي 25 پارن جو تفسير لکيو. باقي آخري 5 پاره سندس پوٽي مولوي محمد نورنگزادي لکي پورا ڪيا. مخدوم عبدالصمد رح نورنگزاده ڪيترائي ڪتاب لکيا ۽ ترجما ڪري ڇپرايا، پر مون وٽ سندس هڪ قلمي نسخو نسخو ”دين سيف رحماني بردين نفس شيطاني“ موجود آهي ان کان سواءِ هڪ ڇاپي ڪتاب مفتاح الصلوات تصنيف مخدوم عبدالصمد بن محمد مقيم نورنگزاده بمبئيءَ جي ليٿو پريس ۾ 27 رجب 1289 ۾ ڇپجي پڌرو ڪيو. هي ڪتاب الف اشباءَ واري سنڌي طرز ۾ لکيل آهي جنهن جو اختصار ۽ فهرست هيٺ ڏجي ٿي. صفحو وَ مَنۡ يَّتوَڪَّلۡ عَليَ اللهِ فَهُوَ حَسۡبُہٗ)

پڄاڻا الله تعاليٰ جلشانه جي صلوات سردار نبين جي هي ڪتاب موچارو معتبر گهڻون فقـﮧ ۾ جنهن جو نالو مفتاح الصلوات (سنڌي) سو فقير عبدالصمد پٽ حاجي محمد مقيم نورنگ پوٽو ساڻ شراڪت قاضي محمد ابراهيم صاحب بن قاضي نورمحمد پلند مري طبي هري بالنگوبمبئي ۾ ڇاپيو 1289هه تصيح: قاضي ميان عبدالرحيم صاحب ساڪن عالم ڪوٽ جملي صفحا 368.

بسم الله الرحمن الرحيم

صفحو عنوان

ص 4 تعريف فرض جي،

ص 5 تعريف واجب جي،

ص 6 تعريف سنت جي،

ص 8 تعريف مستحب جي،

ص 10 فصل منجهه بيان وضوءَ جي،

ص47 فصل بيان پاڻي پاڪ جي،

ص 51 فصل منجهه بيان پاڪ ڪرڻ ٽولن جي،

ص 75 جيم ٻيو جاءِ پاڪ ڪرڻ،

ص 79 نون: نيت ڪرڻ نماز جي ،

ص 84 واؤ: وقت نماز جو سڃاڻڻ،

ص 94 قاف: پهرو قبلو سڃاڻڻ،

ص 102 تي: تڪبير اوليٰ چوڻ،

ص 109 قاف: ٻيو قيام ڪرڻ،

ص 113 ري: رڪوع ڪرڻ،

ص 116 سين: سجدو ڪرڻ،

ص 120 قاف: قعدو پويون رهڻ،

ص 124 جي واجب نه ڄاڻي ته ٿي منجهه خطر،

ص 126 ضاد ضمّ ڪرڻ سور،

ص 127 تي تعين ڪرڻ قره جو،

ص 129 بيان زلة القاري جو،

ص 139 تي تحديل ارڪانن جو ڪرڻ،

ص 141 قاف پهرو قعدو پهري وهڻ،

ص 141 تي تشهد پڙهڻ قعد ي ۾،

ص 141 لام لفظ سلام جو چوڻ،

ص 144 قاف ٻيو قنوت پڙهڻ،

ص 143 تي چوٿي تڪبير عيدن جي چوڻ،

ص 150 جِيم جهر پڙهڻ يعني وڏي آواز پڙهڻ،

ص 151 سين سِر يعني ڳجهو پڙهڻ،

ص 155 رعايت ترتيب جي،

ص 185 ري رفع اليدين،

ص 187 واؤ وضع اليدين يعني ٻڌڻ هٿن جو،

ص 188 ثي ثنا پڙهڻ،

ص 190 تي پهر تموذ يعني اعوذ پڙهڻ،

ص 191 بي بسم الله الرحمٰن الرحيم چوڻ،

ص 192 تي ٻي تڪبير چوڻ،

ص 192 تي ٽري تسبيح رڪوع ۽ سجدن ۾،

ص 194 سين سمع الله،

ص 194 تي چوٿي توقف ڪرڻ قومي جلسي ۾،

ص 197 دال ٻيو درود پڄاڻان پڙهڻ دعا،

ص201 الف آمين چوڻ،

ص 203 فصل منجهه سنتن ۽ مُستحبن ۽ مڪروهن تڪبير جي،

ص 207 فصل منجهه سنتن ۽ مُستحبن ۽ مڪروهن قيام جي،

ص 212 فصل منجهه بيان سنتن ۽ مُستحبن ۽ مڪروهن قرئت جي،

ص 223 فصل منجهه بيان سنتن ۾ مستحبن ۽ مڪروهن رڪوع جي.

ص 228 فصل منجهه بيان سنتن ۽ مستحبن ۽ مڪروهن سجدي جي،

ص 236 فصل منجهه بيان سنتن ۽ مستحبن ۽ مڪروهن قعدي جي،

ص 242. فصل منجهه بيان سنتن ۽ مستحبن ۽ مڪروهن سلام جي،

ص 246 فصل منجهه مڪروهن جاءِ نماز جي،

ص 251 فصل منجهه ڪراهتن ڪپڙي جي،

ص 254. فصل مڪروهن عامن جي رڪنن ڪنا سواءِ.

ص 258 فصل منجهه بيان باقي مڪروهن جي ۽ تحقيقات مسئلن جو جي مٿي ذڪر ٿيا.

ص 267 فصل منجهه بيان صفت منجهه بيان ڪي ذڪران ۾ آهي سنت ۽ مستحبن جو.

ص 278 فصل منجهه بيان جماعت جي.

ص 291 فصل منجهه بيان نماز جمعي جي

ص 304. فصل منجهه بيان نماز عيدن جي ان ۾ بيان آهي فطري ۽ اضحيٰ جو.

ص 313 فصل منجهه بيان قضا ڪرڻ ويلن نماز جي

ص 315 فصل منجهه بيان وتر ۽ سنتن جي

ص 319 فصل منجهه بيان تراويحن جي

ص 320 فصل منجهه بيان ڏسڻ فرض ۾ امام کي

ص 325 فصل منجهه احڪامن ۽ نماز مسافر جي

ص 335 فصل منجهه بيان نماز پڙهڻ مريض جي

ص 337 فصل منجهه احڪامن ۽ نماز جنازي جي

ص 345 فصل منجهه بيان نماز ڀڄندڙن جي پوري ٿي فهرست

ڪتاب جي آخري صفحي تي هيٺين ريت لکيل آهي.

تمام ٿيو مفتاح الصلواة لکجي فقير عبدالصمد شهر ميرپوربٺوري واري ۾ پوءِ موڪلياءِ ٽپال ۾ خدمت ۾ جناب قاضي محمد ابراهيم جي منجهه بمبئي بندراتہٍ ڇاپائي تيار ڪيو ”ڪاڻ ديندار نئا“ پوءِ پوري ڪرڻ ”وير هئي ستاويهه“ تاريخ ڪنا. مهيني رجب جي جوپليو تمام سن ٻاره سئو اوڻانوي هو هجري پڄاڻا 1289.

(2) (قلمي نسخي جو وچور)

ڪتاب: سيف دين رحماني بردين نفس شيطاني سندهي.

تصنيف: مخدوم عبدالصمد جي آهي.

ڪاتب: نامعلوم

مالڪ ڪتاب: فقير محمد ولد عيسيٰ صباغ ساکن کرڙ ميرپوربٺورو.

راقم الحروف جو ڏاڏو صاحب.

هن قلمي ڪتاب ۾ جملي 144 صفحا آهن هن ڪتاب ۾ دين اسلام جي بنيادي ڄاڻ ڏني ويئي آهي هن ڪتاب ۾ مقدمة الڪتاب کان علاه 84 ديني/ اسلامي موضوعن تي روشني وڌي ويئي آهي ۽ قرآن پاڪ ۽ احاديث نبوي صلعم جي حوالي سان موضوعن جي فضيلت ۽ سمجهاڻي ڏني ويئي آهي.

هيٺ انهن موضوعن جو تفصيل لکجي ٿو.

ڪتاب ۾ ڄاڻايل صفحو ۽ عنوان

 ص 1. ڪتاب جو نالو

ص 2. مقدمة الڪتاب

ص 4. بيان نفس جو وڏو دشمن آهي ماڙهن جو

ص 7. ٻيو نفس خبيث امارو

ص 10. بيان فرمان برداري شيطان جي جو

ص 12. بيان شريعت سڳوري جو

ص 16. نقل شيطان جو ڪارڻ اولاد آدم جي ۾

ص 20. وصفون وڏائي الله تعاليٰ جون

ص 21. تعريف خدا تعاليٰ جل شانه جي

ص 22. عبرت وٺڻ ڪمن مان ڪريم جي

ص 23. شريڪ سمجهڻ خداوند تعاليٰ سين ڪهين کي.

ص 24. فرمانبرداري خدا تعاليٰ جي ۽ رسول مقبول ﷺ جي

ص 26. نتيجو فرمانبرداريءَ ۽ بيفرماني خداتعاليٰ ۽ رسول مقبول ﷺ جي جو

ص 27. بيان محبت ۽ متابعت رسول جي جو

ص 29. بيان ۾ اولاد رسول مقبول جي

ص 31. بيان چئن يارن ۽ اصحاب سڳورن رسول مقبول ﷺ جي جو

ص 40. جيڪو مدد ڪندو دين رحماني ۾

ص 40. جيڪو جهيڙو ڪن ناصح سان دين ۾

ص 42. بيان اولاد آدم جي جي سڳورائي ۾ ۽ عبادت لاءِ پيدا ٿيل ۾.

ص 44. بيان تنهنجو جو حياتي دنيا جي تي ٺڳجي سنئين واٽ هدايت جي ڇڏي ڏي

ص 46. بيان ۾ تنهن جي ابن ڏاڏن جي رسم وٺي دين جي رسم ڇڏي ڏين.

ص 46. مومن چائي ڪم ڪفر جا ڪري ۽ اُميد بهشت جي رکي.

ص 48 مسلمان چائي سٺا ڪم ڪري اميدگار ٿئي بهشت جو ته ڏيندام ڇڏي.

ص 50. دوست رکڻ شيطانت ۽ ڪافرن سين.

ص 52. سختي وير خداوند کي ياد ڪرڻ ۽ نعمت وير وساري ڇڏڻ ۾.

ص 54. بيان قسم کڻڻ جو.

ص 55. ڪنهن کي پٽڻ ۽ نذر ٻڌڻ

ص 57 نسب تي فخر ڪرڻ جو بيان

ص 59 راڳ روپ ۾ سڄي رات عبادت سمجهن.

ص 61 تحرير ميان عبدالڪريم ڪوٽواري جي باب ۾ وڏي آواز ۽ مولودين جي.

ص. 63. فتوى فقير ڪريم بخش عفي عنه

ص 66. حڪم شرع جا ڇڏي سرودن کي عبادت سمجهڻ جي بياني ۾

ص 67. ترڪ دنيا ۽ لذتن جي بيان ۾

ص. 68 مدد ڏيڻ نيڪي ۽ بدي جي بيان ۾

ص. 69 غيب جون خبرون ڏيڻ ۾

ص 71 بيان ۾ نماز نرمل جي

ص 77. بيان زڪواة جو

ص 79. بيان سخا ۽ خيرات جو

 ص 81 موت ۽ سڪرات جو ۽ ڀڄڻ تنهن کان

ص 82. نقل موت جوجٿ ڪٿ حڪم هوندو اتي رسندو تفاوت تنهن ۾ نه ٿي آهي.

ص 83. اجوري تي غسل ڏيڻ ۽ پاڻ غاسل پاڻ ڪهڙو گهرجي.

ص 89. جنازي تي هلندي مولود پڙهڻ ۽ ذڪر ڪرڻ

ص. 98. حڪم عاشوري ڏينهن مٽي وجهڻ جو قبرن تي

ص. 99 مخدوم امام جي مسجد ۾ نماز پڙهڻ جو حڪم

ص 100. بيان ميڙي ڪرڻ ۽ ميڙن تي وڃڻ جو

ص 103. اجوري تي قرآن پڙهڻ جو بيان.

ص 107 بيان کيڻ مال يتيم جو

ص 109. بيان لاڀ وٺڻ جي

ص 111.بيان کيڻ مال حرام ۽ رشوت جي

ص 113. ست بيان گڏيل

ص 115. بيان موچاري ڪڇڻ جو

ص 115. بند ڪرڻ زبان جو پڇڙي ڪڇڻ کان

ص 116. بيان سچ ۽ ڪوڙ ڪرڻ جو.

ص 117. بيان واکاڻ ڪرڻ ماڙوئن جو

ص 118 بيان گلا ڪرڻ جو

ص118 بيان ڪوڙيون ڳالهيون ۽ چرچا ڪري کلائڻ.

ص 119. بيان ٻه طرفي ماڙهوئن جو.

ص119. بيان سخن چين ماڙهوئن جو.

ص 120. مسخري ۽ عيب ڪرڻ ۽ لقب بڇڙو ڪرڻ

ص 120. سراٽ ڪنن ۾ ۽ ڳالهائڻ

ص 121. ڪوڙو بهتان رکڻ ڪنهن تي.

ص 121. بيان حقن استاد جي جو.

ص 125. غيبتون.

ص 125. بيان عزازت ۽ قرابت ڇنڻ جو.

ص 126. ڳنڍڻ مسلمانن سبب ۽ رحم ڪرڻ مسمانن تي

ص 127. بيان پرهيزگاري جو.

ص 130. بيان ظلم ڪرڻ جو ماڙوئن سين

ص 132. بيان زنا ڪرڻ جو

ص 132. بيان لواطي جو.

ص 133. بيان تڪبر ڪرڻ جو

ص 133. گهٽ وڌ ڪرڻ تور ۽ ماپ ۾

ص 133. بيان اسراف جو

ص 134. بيان شراب ۽ راند ۽ بتن مهندا حيوان ڪهڻ ۽ سوڻ ڳنڍڻ جو

ص 134. بيان تابوت ڪرڻ ۽ ڏسڻ جو

ص 138 نقل بخدمت روافضيه

ص 142. بيان مڙن ڪبيرن گناهن جو

ص 143. ڪوڙي دعوى ڪرڻ ڪنهن تي.

ص 144. بيان فيصلي ڪرڻ معاملن جي جو.

ڪتاب جي آخر ۾ لکيل آهي ته:

عرض معلوم هجي ته هن ڪتاب ۾ باقي رهيل بيان فيصلي معاملن جو ۽ خاتمون ڪتاب جو آهي جو اسان کي هٿ نه آيو جنهن کي هٿ اچي سو هن ڇڏيل ورقن تي لکي ڇڏي يا نه ته ڪنهن عالم سڳوري جي حضور مبارڪ ۾ عرض رکندا ته بيان پورو ڪري ڏي ته ڪتاب سڄو ٿي پوي ۽ عالم سڳورو اجوري وٺڻ جو مستحق لائق درگاهه مان ٿي ۽ طالب جي مراد پڻ تمامي تي ڪتاب جي پوري ٿي والسلام غلام طالب دُعاء امن عافيت دين ايمان دارين جو آهي. انتهيٰ

مخدوم نورنگزاده خاندان جون علمي ادبي ۽ ديني خدمتون:

هن وقت ميرپوربٺوري شهر ۾ مخدوم نورنگزاده خاندان جو فقط هڪ گهر موجود آهي. هنن وٽ وڏڙن جو لکيل ڪوبه ڪتاب موجود نه آهي. هن خاندان جي هڪ فرد مخدوم عبدالله نورنگزاده جي چوڻ موجب جيڪي به ڪتاب وٽن هئا اهي هڪ پيتيءَ ۾ رکيل هئا. اهي سمورا اڏوهي جو کاڄ ٿي ويا. پوءِ باقي بچيل پنا بٺوري واهه ۾ لوڙهيا ويا. ڇو ته ان وقت سندن خاندان ۾ اهڙو عالم نه هو، جيڪو ڪتاب سنڀالي رکي يا انهن مان استفادو حاصل ڪري سگهي.

پر ڪافي وقت کان پوءِ سندن گهر ۾ ٻه چاچا حافظ ٿيا. هڪ حافظ دوست محمد ٻيو حافظ محمد عمر نورنگزاده پر ان وقت وٽن ڪوبه علمي ذخيرو موجود نه رهيو. حافظ ڀائر مختلف مدرسن ۾ پيش امام به رهيا. حافظ دوست محمد پاڙي جي کٽي  محله مسجد شريف ۾ پيش امام هو ۽ مدرسو به هلائيندو هو ته جلد سازي جو ڪم به  ڪندو هو. سندن وڏو ڀاءُ حاجي محمد نورنگزادو شهر ۽ پسگردائي ۾ ٿيندڙ نڪاح ۽ ميتن  کي غسل ۽ ڪفن دفن ڪرائيندو هو. هن جا چار پٽ مخدوم عبدالله نورنگزاده (ريٽائرڊ جمعدار) مخدوم محمد صديق نورنگرزاده (تعليم کاتي ۾ ڪلارڪ، مخدوم احمد نورنگزاده (واپاري) ۽ مخدوم عبدالقدوس نورنگزاده  (رٽائرڊ ٽيچر) موجود آهن. محمد صديق جي چوڻ موجب الحمدالله هن وقت سندن خاندان جون ٽي نياڻيون قرآن پاڪ جون حافظ آهن.

ميرپوربٺوري کان علاوه کورواهه شهر ۾ مخدوم مولوي محمد عثمان نورنگزاده جو خاندان مقيم آهي جتي مسجد لڳ مدرسو به موجود آهي جتي الحمدلله ديني فيض اڄ تائين جاري ساري آهي.

هن مذڪوري جو قابل فخر پهلو هيءُ آهي جو سندن وڏڙن جي لکيل ڪتابن ۽ قلمي نسخن جو وڏو ذخيرو موجود ۽ محفوظ آهي. جنهن جو سنڀاليندڙ مخدوم عبدالرئوف نورنگزاده آهي.

ان کان سواءِ مخدوم محمد عثمان نورنگزادي ۽ سندس پوٽي مخدوم مولوي محمد نورنگزاده جا خطبا ۽ حج ۽ عمري جو احوال انيس العاشقين مشهور آهن.

(نورنگزاده خاندان جو جدامجد مخدوم نورالله ٽنڊو غلام حيدر)

مختلف ڪتابن جي حوالن سان

ڪتاب جنت السنڌ:

(1)  مخدوم نور الله مخدوم نورالله عرف مخدوم نورنگزاده بزرگ ذات جو سومرو وڏو عالم ۽ درويش ملتان وارن صاحبن جي پاران لاڙ لاءِ خليفو مقرر ٿيل هو. سندس مقبرو ٽنڊي غلام حيدر تعلقي گوني ۾ آهي هن جو اولاد پاڻ کي نورنگ سڏائيندو آهي ص 338.

(2) ڪي سومرا پنهنجي درويش مائٽن جي مقبرن جا مجاور ۽ وقت جا مريد پيا ليکجن جيئن ته مخدوم اسماعيل جو اولاد لاڙ ۾ مخدوم پيو سڏجي هو مريدن ۽ خادمن وارا آهن نورنگزاده اڄ تائين لاڙ ۾ علم ۽ فضليت جو گهر آهن.

(3) مخدوم نورنگ سومرو: هڪ ڪامل پير آهي سندس اولاد ۾ بزرگي موروثي هلندي اچي صفحه 410.

(4) مخدوم عبدالحميد: هتي جي عارفن ۽ پنهنجي وقت جي وڏن (عالمن) ۽ پرهيزگارن مان آهي. مٿئين مخدوم نورنگ جو فرزند هو. (مخدوم رحمت الله ۽ سندس پويان) اسحاق بن مخدوم عبدالحميد جو فرزند آهي. هنن جو ذڪر ورياه جي ڳوٺ جي بزرگن جي بيان ۾ ٿي آيو. مٿيون مخدوم آب داڻي جي ڇڪ موجب اچي ٺٽي ۾ منزل انداز ٿي علم وارن جي لسٽ ۾ داخل ٿيو ۽ زندگانيءَ جا ڏينهن پورا ڪيائين. سندس پٽ مخدوم آدم پيءَ کان پوءِ درس وتدريس جو سلسلو جاري رکي عالمن جي طبقي ۾ هن جو نالو زنده رکيو.

(5)  هن کان پوءِ مخدوم رحمت الله رهيو جو وقت جو هڪ وڏي ۾ وڏو عالم ۽ فاضل ڪامل هو. همعصرن ۾ استاد جي لقب سان مشهور ۽ بزرگيءَ جي خوبين سان سينگاريو. مخدوم بايزيد جو ناميارو شاگرد هو جو اڳتي بيان ٿيندو. سندس فرزندن مان ميان محمد ذاڪر اڃان تائين جهان آباد ۾ زنده ٻڌجي ٿو. محمد عالم اتي وفات ڪري ويو. محمد ناصر حرمين شريفين وڃي رهيو هو ته باسي/ عباسي بندر وٽ ٻئي جهان جو سفر اختيار ڪيائين. هن خاندان مان مخدوم مذڪوره جو چوٿون فرزند ميان محمد عاظم ٺٽي ۾ وڏن جو يادگار زنده آهي ايضاً، ص 562.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org