سيڪشن: رسالا

ڪتاب: 4/ 2020ع

باب:

صفحو:6 

جمال مراد گبول

  ميرپور- ساڪرو

 

 

 

 

ميرپور ساڪري جا ٻه شاعر

          (1) شمشاد ساڪرائي (2) اسلم ساڪرائي

 

 (1) شمشاد ساڪرائي

محمد دائود عرف شمشاد ولد دريا خان ڀائل، 1928ع ۾ ديهه ڀالڪي تعلقو ميرپور ساڪرو، ضلع ٺٽي ۾ پيدا ٿيو. سندس والد پوليس کاتي ۾ جمعداري جي عُهدي تي فائز هئو. هُن ننڍڙي شمشاد کي، 1933ع ڌاري ميرپور ساڪري کان وٺي اچي منگهوپير ڪراچي ۾ سندس نگراني هيٺ حافظ پيرمحمد عرف ’پيرو‘ مڪراني جي مدرسي ۾ داخل ڪرايائين. جِتي شمشاد عربي، فارسي، سنڌي ۽ قرآن شريف پورو ڪري، 1942ع ڌاري سنڌي فائنل جو امتحان ماهر تعليم ’پيرو‘ مڪراني وٽ اول نمبر ۾ پاس ڪيو. ان کانپوءِ واپس موٽي ميرپور ساڪري ۾ پنهنجي اباڻي گهر آيو. ستت ئي کيس پرائمري ماستري ملي وئي. سندس پهريئين اسڪول پرائمري اسڪول گل حسن سمون ۾ دخلڪار ٿيو، جيڪو شهر ميرپور ساڪري کان اولهه طرف تقريباً 15، 16 ڪلوميٽر، سمنڊ جي ڪناري تي اڄ به موجود آهي. ان کانپوءِ صابو خان گبول، عثمان شاهه گورنمنٽ پرائمري مين اسڪول ميرپور ساڪرو ۾ محمد خان مجيديءَ وٽ اسسٽنٽ ماستر ٿي رهيو. ڪُجهه عرصي کانپوءِ کيس تعلقي ماستري ملي وئي، ان دور ۾ سڄي تعلقي جي استادن جون پگهارون 13000 تيرنهن هزار هيون، جيڪي هن وقت ڪروڙن ۾ آهن. سندس هوشياري ۽ شاعري ملڪان مُلڪ مشهور ٿي وئي، بقول شمشاد جي ته:

ڪري ٿي حضرت انسان کي خونخوار مجبوري،

گدڙ وٽ ٿي ڪرائي، گُرگ کان بيگار مجبوري.

اوچتو سندس دوستي ڪنهن دنيا جي لالچي شخص سان ٿي جنهن جي گمراه ڪندڙ مشورن کيس وڏي حادثي سان دوچار ڪري وڌو ۽ کيس نوڪري تان به هٿ ڌوئڻا پيا ۽ هن تڪليفن جي گهڻي عرصي بعد آخرڪار گولاڙچيءَ کان ڏکڻ طرف احمد راڄو ۾ ڌانڌلن جي ڳوٺ ۾ رمضان واڍي وٽ رهڻ لڳو. اتي هارپو ڪيائين. سورنهن سال رهڻ کانپوءِ وري ميرپور ساڪري ۾ موٽي آيو. شاعري ۾ پنهنجو استاد رشيد احمد لاشاري کي تسليم ڪندو هو. سڄي عمر بي وَسيءَ واري زندگي گذاريائين. سندس سمورو ڪلام ڪکائن گهرن کي اوچتو باهه لڳڻ ڪري سَڙي رَک ٿي ويو. 2007ع ۾ هن فاني دُنيا کي الوداع چئي، حقيقي دنيا ڏانهن روانو ٿي ويو. شمشاد ساڪرائي، ڪُهنه مشق ۽ استاد شاعر هو. نهايت سادو ۽ ذهين هو، سندس شاعري جادوءَ جي مثالُ هئي. سندس خوشخطي پڻ موتيءَ جي مثِل هُئي. شمشاد ساڪرائيءَ جي دور ۾ طرحي مشاعرا وڏي اوج تي هوندا هُئا، پَري پَري کان شاعر اچي شرڪت ڪندا هئو. بزم ادب ميرپور ساڪري جو جنرل سيڪريٽري پڻ ٿي رهيو. ۽ نَون شاعرن جي اصلاح پڻ ڪندا هئا. سندس دور جي شاعرن جا ڪجهه نالا پيش ڪجن ٿا، جيڪي سندن ڪوٺايل طرحي مشاعرن ۾ اڪثر شريڪ ٿيندا هئا. معُمور يوسفاڻي عُمرڪوٽ، عاجز علي محمد مغل ساڪرائي، عبدالله خان گبول ’اسلم‘ ساڪرائي، محمد خان مجيدي، بادل ساڪرائي، ثابت علي شاهه ’ثابت‘ پٿورو، علي محمد مجُروح، پير محمد پياسي، محمد عالم شورو خانپور، حافظ صدائي پير جهنڊو، علي محمد ’طوفان‘، ساڪرائي، نگار ساڪرائي، محمد هاشم ’لهَر‘ حاجي حقير مڱڻ ٽنڊو قيصر، يوسف خاموش ٺٽو، محمد سومار سيلاني گهوڙا ٻاري، عبدالله شرر ڪراچي، ميوو خان موج لغاري، عبدالرحيم ملازم ساڪرائي، نيازعلي شاه ’محسن ڪَڪڙائي‘، محمد علي مفتون، عبدالله همدم دادو وغيره. هي سڀ شاعر ميرپور ساڪري ۾ اچي، طرحي مشاعرن ۾ شرڪت ڪندا هئا ۽ ساڻن دوستانه تعلق هئو. سندس ڪلام مان نموني طور هڪ مسدس، مربع ۽ غزل نموني طور ڏيون ٿا. هن ڪلام جي نموني مان سندن شاعرانه مزاج ۽ منزل جو پتو پئجي سگهي ٿو!

”مسدس“

1.

تلاشِ يارَ ۾ ڪوهه ڪاف، جي چوٽيءَ کي سَر ڪيو مون،

 

سَمورو وقت پنهنجو، جستجو ۾ ٿي بَسر ڪيو مون.

 

ڪڏهن مسجد، ڪڏهن مندر کان، ٿي پنهنجو گُذر ڪيو مون،

 

ڪڏهن سَرسبز ۽ شاداب واديءَ ڏي نظر ڪيو مون،

 

بَسُوئي واديئي مجنون، ڏٺم صحرا جي ذَرّن کي،

 

چمن کي، دشت کي، درياءَ کي، گُل کي ۽ عندليبن کي.

2.

فِضا مايوس گُل اَفسرده، مُضطر شاخسار آهي،

 

چَمن اُجڙيل ٿو ڏسجي، باغبان پُڻ بيقرار آهي،

 

هو پَکڙيل پَک قُمريءَ جا، هيءَ بُلُبل جي مَزار آهي،

 

هيءَ خوشخبري ٿي ٻُڌجي، آمدِ فصلِ بهار آهي،

 

بَهار آيو مَگر ڪهڙي، خوشي ٿي اهل گُلشن کي،

 

جَلائي ڇڏ ڀَلي اي! بَرق تون منهنجي نشيمن کي.

 

3.

ڪيا مون مُنجَم وَ جفّار گڏ پنهنجي سِتاري تي،

 

 

 

ڇڏي سڀ عيش ۽ خُوشيون چڙهيس نينهن جي نظاري تي،

 

 

 

جَهان ۾ ٿي رَهيس زندهه، فَقط جنهن جي سَهاري تي،

 

 

 

مَتاعِ زندگي صدقي، ڪيم اُن جي اِشاري تي،

 

 

 

نه جاءِ ڪُوئي جانان ۾، مِلي ته به منهنجي مَدفن کي،

 

 

 

چُمي ڪيئن خاڪ مُنهنجي قَبر جي، دلبر جي قَدمن کي.

 

4.

ڏِسان ٿو هر قدم ۽ راهه تي، اَفسردگي آهي.

 

 

ڪي وحشت ۾ ڍڪيل آهن، ڪِٿي بي پردگي آهي،

 

 

تون آهين بنده پَرور، پَر نه مون وَٽ بندگي آهي،

 

 

اِلاهي ڇا ڀَلا هيءَ زندگي، ڪا زندگي آهي.

 

 

سُڪون قِلب اڄ ناهي، مُيسّر تنهنجي بندن کي،

 

 

ڀَلا ٿوهر سان گڏ، ڪيئن ٿو اَچي آرام چندن کي.

 

 

5.

تَوقّع ڪُجهه نه آهي، دوست جي ديدار جي دل ۾،

 

 

 

نِشاط انگيز رُوح اَفزا، ڇَڏيم يارن کي محفل ۾،

 

 

 

نه آهي دِلڪشي گُل ۾، نه آهي درد بُلبُل ۾،

 

 

 

مِثالِ ”قيس ليليٰ“ کي، لِڪايم دل جي محمل ۾،

 

 

 

خزان کان اڳ ڪيو ”شمشاد،“ آهي چاڪ دامن کي،

 

 

 

جي غُنچا موريا، ته به ڇا ڪبو هاڻي بَهارن کي.

 

مُربع

1.

نِماڻا ٻَئي نيڻ، ٿيا نيمخوابي،

 

مَئي اَرغوانيءَ جي، جِن ۾ گُلابي،

 

ڪِري هيٺ هَل تون، اکيون پنهنجو ساقي،

 

زَمانو نه بنجي، پَوي اڄ شَرابي.

2.

بلوري ڏِسي باز بحري بُکايو،

 

هَرڻ ڇالَ سان، حال رِڻ ۾ وِڃايو،

 

وِيو نُور نَرگس جو، ڪُوڻي ڪُوماڻي،

 

جَڏهن ناز مان تو، کنيا نيمخوابي.

3.

ڪَڪوريل، ڪَٽوريون، ڪِ ڪاريون ڪَٽاريون،

 

تِکا تيرَ تارا، ڪِ تيزي تَراريون،

 

ٻَئي ڇُلڪندڙ جام، جنت جا جاني،

 

بَنيا واهه بادام، گهَرا گلابي.

4.

سَڃي سينڱَ سامهونُ، ڇِڪي ڪانَ ڇوڙيئين،

 

دُناليءَ جا دل ۾، ٻئي نالَ ٻوڙيئين،

 

اَڃا شور شمشاد“ ڀالن بَڇڻ تي،

 

عَجيبن جون آهن، اکيون اِنقلابي.

 

غزل

 

جَڏهن کان لذتِ تيغ جَفائي دلربا بدلي،

 

تڏهن کان دردِ دل بدليو، دل دردِ آشنا بدلي.

1.

جَڏهن کان دستِ قاتل جي، عدالت ۽ سَزا بدلي،

 

تڏهن اهلِ خطا بدليو، سندس طرز خطا بدلي.

2.

ڪَڏهن هُئي گردشِ ساغر کان، محفل مست مستن جي،

 

اَلائي هاڻ ڇو ساقيءَ جي، چَشمِ ڪيف زا بدلي.

3.

ڪڏهن دل جو چَمن آباد هو، دلڪشن بَهارن سان،

 

خبر ناهي ته دل جي ڇو؟ بَهاريءَ جي فضا بدلي.

4.

جَڏهن هو ساٿ قسمت جو، تڏهن ساٿي هَزارين هُئا،

 

مُقدر جي بَدلجڻ سان، زماني جي هَوا بدلي.

5.

هَزارين ٿي ڪَيم حيران، پنهنجي شعر گوئيءَ سان،

 

اَلائي هاڻ ڇو، ”شمشاد“ جي طبع رَسا بدلي.

(2) اسلم ساڪرائي

سندس پُورو نالو عبدالله خان ولد غلام علي خان گبول آهي. سندس ادبي نالو شروع ۾ ”عابد“ ان کانپوءِ اسلم ساڪرائي هئو. پاڻ پنهنجي تَر جو جهونو ۽ پُختو شاعر هئو. سندس جَنم 1937ع ۾ ميرپورساڪرو جي اولهه طرف ڳوٺ غلام علي گبول ۾ ٿيو. فائنل تائين تعليم ٺٽي جي علمي گوهر محمد خان مجيدي کان حاصل ڪيائين. پاڻ تمام ذهين، عقلمند، بردبار ۽ حاضر جواب هُوندو هو. سنڌي تعليم پوري ڪرڻ کانپوءِ، پرائمري استاد مُقرر ٿيو. تقريباً نَوَ سال پيغمبري پيشي سان واڳيل رهيو. ان کانپوءِ ٻه سال پوليس ۾ پڻ نوڪري ڪيائين. بعد ۾ پاڻ ايريگشين کاتي ۾ پهريائين آبدار ۽ پوءِ ڪئنال ٿي ڊسمبر 1996ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. سندس تعلق گبول قبيلي جي عيسباڻي شاخ سان آهي. جَوانيءَ کان وَٺي شعرو سُخن طرف لاڙو هُئس. شاعريءَ ۾ سندس استاد محمد خان مجيدي هو. پوءِ سندس همعَصر، ۽ هم خيال دوست ”شمشاد“
ساڪرائي سان، صحبت دوران شاعريءَ ۾ اڃا به زياده اضافو ٿي ويو. سندس شاعريءَ جو ذخيره برسات جي نذر ٿي ويو. تنهن هوندي به سندس ڪلام جي هڪ ڪاپي سندس ڀاڻيجي جمال مراد گبول وٽ موجود آهي. هَميشه پاڻ کي گمنام رکڻ جي ڪوشش ڪيائين، سندس فقط هڪ شعر طرح مصرع تي 10 فيبروري 1957ع ۾ نئين سنڌ اخبار ۾ ڇَپيل ملي ٿو. سندس ڪلام جو معيار ڪنهن به طرح ڪنهن استاد شاعر کان گهٽ ڪونهي. سندس اولاد ۾ ٽي نياڻيون ۽ ٻه پٽ صادق علي، ۽ مسعود علي آهن. پاڻ 2006ع  ۾ وفات ڪيائين. سندن ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:

غزل

 

پياري خُونِ دل پنهنجو، ڪيم آباد گُلشن کي،

 

خزان برباد ڪيو ليڪن، اُنهيءَ گُلشن جي غنچن کي.

1.

چَمن ۾ تازگي ناهي، فِضا مايوس ٿي ڏسجي،

 

اَلائي بند ڪنهن ظالم، ڪيو بُلبُل جي نغمن کي.

2.

خدا سمجهائي هن مُنهنجي، هٿن کي جي ڪشاڪش ڪَن،

 

ڪڏهن منهنجي گريبان کي، ڪڏهن دلبر جي دامن کي.

3.

وَري نَئين سر بنائي تنهنجي، همت کي وڌائيندس،

 

”جلائي“ ڇڏ ڀَلي اي بَرق، تون مُنهنجي نشيمن کي.

4.

تڏهن غيرن لُٽيو مونکي، سَرِ منزل جڏهن ڀُلجي.

 

ڏني مون قافلي جي، رهبريءَ جي واڳ رهزن کي.

5.

هَزارين دوستيءَ جو، ويس پائي دُشمني ڪَن ٿا،

 

سُڃاڻڻ آهي مُشڪل، دؤر هن ۾ دوست دُشمن کي.

6.

حياتيءَ ۾ ته هم آغوش، ”اسلم“ سان نٿو ٿئين پَر،

 

مَرڻ کان پوءِ رُوئندين، پائي ڀاڪر مُنهنجي مَدفن کي.

 

 

غزل

 

رات اونداهي، ٻيو طُوفان آ،

 

 

ناخُدا ڀي ٿي چُڪو، حيران آ.

 

1.

دوست جي ديدار جي حسرت رَهي،

 

 

اڄ فقط دل ۾، اِهو ارمان آ.

2.

اي فَلڪ! هي گوڙ ۽ برق تَپان،

 

 

ڪنهن جي برباديءَ، سندو سامان آ.

3.

ڏاڍو مُشڪل، آهي منزل طَئه ڪرڻ،

 

 

وک وڌائڻ، راهه تي آسان آ.

4.

آهي هر ڪنهن صُبح تي نئون اِنقلاب،

 

 

زندگي آهي، يا ڪو طوفان آ.

5.

ڇو ڪريان، مان ڪنهن مَسيحا جي تلاش،

 

 

درد خُود ئي درد جو، درمان آ،

6.

ويو مُحبّت جو پکي، پرواز ٿي،

 

 

تنهنڪري دل جو چمن ويران آ.

7.

دل کسي مونکي ڏنئه داغِ جگر،

 

 

واه! تنهنجو يار هي احسان آ.

8.

عرش پاتو آه، ڇو ڪارو لباس،

 

 

ڪوته اڄ برباد ٿيو اِنسان آ.

 

غم نه ڪر ”اسلم“! صنم سُهڻو اَڃان،

 

 

وقت ڪو تو وٽ، هتي مهمان آ.

 

ڪافي

 

هِن دُکيل دل درد ونديءَ تي دُونهان دَم دَم دُکن،

 

سوزَ ۾ سينو سَڙي ٿو، جوش ۾ جيرا جَلن.

 

قُرب مان ڪانگا قريبن، کي وڃي ڪر عرض هي،

 

اچ سِگهو ديدار تنهنجي، لَئه اکيون منهنجُون سِڪن.

 

وَڻ وطن جا تو سَوا، آهِن اُداسيءَ ۾ عَجيب،

 

ڇا چَوان توکان سَوا، ويران ٿيو سارو وَطن.

 

آهي اُڻ تَڻ روز ”اسلم“، کي رَهي تنهنجي اُڪير،

 

تون وري موٽي ملين، هي غم لهي دل تان وَڃن.

 

 

ڪافي

 

درد دل تي ٿا دُکن، دلبر ڪِٿي ۽ دل ڪِٿي،

 

ڌار ٿيس محبوب کان، محبوب ڪِٿ محفل ڪِٿي.

 

جنهن چمن ۾ گُل ۽ بُلبُل جون رهاڻيون ٿي ڏِٺم،

 

سو چمن برباد ٿيو، اڄ گُل ڪٿي بُلبُل ڪِٿي.

 

قافلو اُميد جو، ڀٽڪي ٿو رڻ ۾ دربَدر،

 

راهه ڪٿ رهبر ڪٿي، مقصد ڪٿي منزل ڪٿي.

 

عشقَ جن جي مصر جو، نالو ڪيو مشهور هو،

 

اڄ اُها ليليٰ ڪٿي، مجنون ڪٿي محمل ڪٿي.

 

جنهن زماني ۾ هُئا، رنگين محفل جا مَزا،

 

تون ئي چئو ”اسلم“ اُها، محفل رَهي اڄ ڪلهه ڪٿي.

 

 

مسدس

 

آرزو دل ۾ رَهي ٿي، دوست جي ديدار جي،

 

مه جِبين محبوب جي، ۽ مهلقا منٺار جي،

 

ڇا حَقيقت اڄ ٻُڌايان، دل سندي آزار جي،

 

ڪجهه تقاضا ڪين آ، انڪار جي اقرار جي،

 

 

اڄ تميز هي ڪٿي؟ گُلشن ۾ گُل ۽ خار جي،

 

قابل آ رحم، حالت، عندليبِ زارَ جي.

هِن نظامِ دور ۾، سڀ صبر سان سهڻو پيو،

 

ڀل لُٽي ڪو دل جي دولت، ماٺ ۾ رهڻو پيو،

 

زندگيءَ جي دؤر ۾، بس ڏاند جئين وهڻو پيو،

 

درد ۾، تڪليف ۾ مُشڪل اندر ڳهڻو پيو،

 

 

ڪهڙي حالت اڄ ٻڌايان، هن دلِ مسمار جي،

 

 

ڪيئن ڪريان پنهنجي، زبان سان مان شڪايت يار جي.

 

مون تي آيا خارزن، دنيا ۾ ڪيئي اِنقلاب،

 

دل کي سَريا رنج وغَم، ۽ دردَ دُک ۽ اِضطراب،

 

ڪنهن جي دل زخمي ڪرڻ، آهي حسينن وٽ ثواب،

 

زندگيءَ جي اِمتحان ۾، مان ٿيس ناڪامياب،

 

 

پرک اڄ مشڪل سان پوندي، يار ۽ اغيار جي،

 

 

چالبازي اڄ هلي ٿي، دوست تنهن دلدار جي.

 

يا خُدا دنيا ۾ تُنهنجيءَ، مون سَٺا سَوَ دردَ غَم،

 

اضطرابي، انتظاري، بيقراري ۽ اَلم،

 

هر تقاضا جو ڪري، مون خُون چٽيو آلبم،

 

آرزو دل ۾ نه باقي، آهي سڀ ڪُجهه ٿيو خَتم،

 

جيڪا قدرت آهي سا سڀ، توئي خلقڻهارَ جي،

 

”ڪيئن ڪريان آئون شِڪايت، چرخ ڪج رَفتار جي“

 

شاعرِ فطرت جي لَئي، ماحول آ ناسازگار،

 

زندگيءَ جي دؤر ۾، ٿيا سڀ مسائل پيچدار،

 

هر قدم تي ٺوڪرون، ۽ هر نظر ۾ اِنتظار،

 

هر گهڙي آهي ڪَشاڪش، هر مراحل خارزار،

 

 

الغَرض شِڪوه شڪايت، آ سَڄي سنسار جي،

 

 

هڪڙي لَحظي ۾ ڪمائي، ٿي وڃي صد بار جي.

 

ڪين ڪر آه و فَغان، ڪجهه ڀي نه اڄ ”اسلَم“ رهيو،

 

ڪو سَهارو ڪين آهي، ڪو نڪو همدم رَهيو،

 

جي رهيو ڪُجهه تان فقط، دلبر جو دل ۾ غم رَهيو،

 

زلف هاءِ! دوست ۾، اڄ ڪين پيچ وخم رَهيو،

 

 

ڪين ٿي سگهندي ڪَڏهن، تڪميل ڪنهن درڪار جي،

 

 

ڪر پُڄاڻي هاڻ اي، شاعر تون هِن اَشعار جي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org