ڊاڪٽر اسد جمال ’پلي‘
عمرڪوٽ
(قبله مخدوم امين فهيم تي تاثراتي تحرير)
پيارا وڃي پرديس وسايئي
قبله مخدوم محمّد امين ’فهيم‘ صاحب جي وفات تي سڄو
ملڪ عموماً ۽ سنڌ خصوصاً سوڳوار آهي. موت برحق آهي
۽ انهيءَ حقيقت تي ايمان ڪامل آهي ته کُل مَن
عَليها فآن (قرآن) هن حڪم کي ته هر مسلمان سمجهي
ٿو، مگر جنهن فرمانبرداري جو مظاهرو مخدوم صاحب
ڪيو اهو سڄي سنڌ جي ماڻهن لاءِ وڏي رهنمائي آهي.
کين جڏهن خبر پئي ته سندن جسم ۾ ڊوڙندڙ ڪينسر جا
زهريلا جُزا هاڻ ڪنهن به صحت افزا طريقي کي نه
مڃيندا ته پوءِ زندگي جا هي آخري ۽ قيمتي پل به
ڇونه پنهنجي ڏيهه سنڌ ۾ گذارجن جنهن جي خدمت ۾ سڄي
زندگي گذاري آهي. جنهن سنڌ لاءِ پاڻ فرمايائون ته:
سنڌ جي خاڪ جو جواب نه آ،
هِن جي خوبين جو ڪو حساب نه آ،
ذرو ذرو سندس گِران قيمت،
جنهن جو مٽ، ماهه و آفتاب نه آ.
(فهيم)
پوءِ پاڻ پرڏيهه مان، جتي علاج لاءِ ترسيل هئا،
سنڌ منتقل ٿي آيا ۽ سندن ديدار ۽ ملاقات هتي انهن
هزارن پرستارن ڪئي، جيڪي ٻاهر پرڏيهه نه پئي وڃي
سگهيا، سندن انهيءَ دانشمندانه فيصلي تي هر ڪنهن
سنجيده ماڻهو نه صرف داد ڏنو ته پاڻ واقعي نه صرف
’امين‘ هئا، پر ’فهيم‘ تخلص سان به خوب نباهه
ڪيائون. سندن اِها ئي فهم ۽ فراست ته هئي جو سندن
شخصيت ۾ ايڏي ڪشش محسوس ٿيندي هئي. ڇا ڪير ايڏي
حوصلي سان سرطان (ڪينسر) جهڙي موذي مرض سبب حياتي
جو ڏيئو گل ٿيڻ کي، جيڪو ڪِن فقيهن جي قريب شهادت
جي درجي ۾ داخل آهي، ايڏي آبرو بخشي سگهي ٿو. اهو
هر ڪنهن منصور جي ڀاڱي ۾ ڪٿي.
دار کي منصور بخشي آبرو،
آبرو منصور بخشي دار کي!
(فهيم)
گفتگو ۾ شائستگي، دشمن کي معتبر نالي ۽ خطاب سان
سڏڻ، ڪڏهن به اهڙو جملو نه ڳالهائڻ جنهن کي اَڍنگو
چئي ڪو نقاد سندن مهذب پڻي جي گرفت وٺي سگهي. سندن
چَيل ۽ ڇپيل سياسي بيانن جي زبان ۾ ڪنهن به ’بي
سُري‘ ۽ ’ڪوجهي‘ لفظ کي جاءِ نه ملي، جنهن لاءِ
اڄڪلهه جا اڪثر ننڍا وڏا ليڊر متلاشي آهن.
جنهن شخص پنهنجو رهنما ۽ رهبر محبّت کي بنايو ان
کان محبّت جي قدرن جي بي قدري ٿي به ڪيئن سگهندي.
پاڻ ته انهيءَ محبّت جي اثر ۾ ئي خماريل هئا ته:
فهيم آهي محبّت راهبر ٿي،
شرابِ عشق پي مخمور ٿياسين!
انسانيت سان محبت جي نشي ۾ سرشار ٿيل سنڌ جي هِن
اعليٰ ضمير کي محبّت کان وڌيڪ ڪابه شيءِ قيمتي لڳي
ئي ڪونه ٿي. مٿس نولکي گودڙي جو جيڪو غلاف آهي
اُهو سندس اندر کي اهڙو روشن ٿو رکي جو کيس محبّت
کانسواءِ هر چيز رئي ٿي لڳي.
قيمتي شيءِ فقط محبّت آ،
ٻي ته هر چيز ڄڻ رئي آهي.
سندن سياسي تدبر اهو هئو جو جنهن پارٽي سان سياست
شروع ڪيائون، عمر ڀر انهيءَ منشور تي قائم رهيا.
چوڻ ته سولو آهي، پر ڪو ڪري ته ڏسي. وڏيون وڏيون
اقتداري آڇون ٺڪرائي ڇڏيائون، جن لاءِ اڪثر
سياستدان ’پاور پاليٽڪس‘ ڪندا آهن. بلڪه
’پاور پاليٽيڪس‘ جي صحيح معنيٰ سمجهايائون ته اصل
پاور يا طاقت اُها محبّت ئي آهي جنهن سان خلقِ خدا
کي راضي ڪري سگهجي، نه ڪِ خلقِ خدا کي رنجائجي.
انهي ۾ ڪوشڪ ڪونهي ته هر سياستدان اعليٰ کان اعليٰ
اقتداري عهدي جو خواهشمند آهي ۽ موقعو ملندي ئي ان
کي چُهٽي ٿو پوي مگر هتي ڪيفيت ئي ٻي آهي،
هِن جهان ۾ ’فهيمَ‘ ٿي نه فهيمُ،
فهمُ اڄڪلهه وڏو ضرر آهي.
مخدوم صاحب هِن سلسلي ۾ ڄڻ ته اها پيشنگوئي ڪري
ڇڏي ته:
جي حياتي وفا ڪئي ته ’فهيم‘،
عشق ۾ انتها ڪري ڏسبي.
پوءِ دنيا ڏٺو ته حياتيءَ وفا ڪئي، عشق ۾ بي وفائي
ڪرڻ لاءِ انعام آڇيا ويا، مگر پاڻ وفا تي ثابت قدم
رهي، انتها ڪري ڏيکاريائون.
ايترا وڏا گڻ جيڪي سندن شخصيت ۾ موجود هئا انهن جو
پَرتِوو منجهن ننڍپڻ کان ئي موجود هئو. 1961ع ۾
محترم خانصاحب عبدالڪريم ’ڪريم‘ پلي صاحب پنهنجي
ڪتاب ’وڻجارن وايون‘ ۾ لکي ٿو ته:
”علم ۽ ادب، شعر و شاعري، فهم و فراست وجاهت ۽
شرافت، وسيع نظري ۽ غريب پروري جهڙا اوصاف کين
ورثي ۾ مليل آهن. هِن ننڍيءَ عمر ۾ ئي پاڻ شاعري ۾
چڱو مقام حاصل ڪري چڪا آهن، جنهن جي پيشِ نظر
يقين سان چئي سگهجي ٿو ته مستقبل قريب ۾ پاڻ شعر و
ادب جي دنيا ۾ اعليٰ ۽ ممتاز مقام حاصل ڪري
وٺندا.“
عبدالڪريم پلي صاحب جي هيءَ راءِ جيڪا پاڻ 1961ع ۾
ڏنائون اُها جلدي صحيح ثابت ٿي ۽ مخدوم امين محمد
فهيم جو شمار سنڌ جي صفِ اول جي شاعرن ۾ ٿيڻ لڳو.
هِن سلسلي ۾ ’ڪريم‘ صاحب اڳتي لکيو آهي ته، ”اوائل
۾ سندن تخلص ’امين‘ هئو ليڪن بعد ۾ قبله ’طالب
الموليٰ‘ سائين جن جي ارشاد سان ’فهيم‘ تخلص
اختيار ڪيائون. تازو (1961ع ۾) ’محڪمه تعميرنو‘
طرفان ڪرايل سنڌي قومي نغمن جي مقابلي ۾ پوري سنڌ
مان پهريون نمبر انعام پنج (-/500) سؤ رپيا حاصل
ڪري چُڪا آهن.“
قبله مخدوم صاحب، محترم فيض کوسو صاحب کي هڪ
انٽرويو ۾ اِهو به ٻڌايو ته سندن هن قومي نغمي تي
ڪِن ماڻهن ايترو ته آڱريون کنيون، جو بجاءِ شاعري
کي داد ڏيڻ جي اِهو چئي ويٺا ته کين، سائين ’طالب
الموليٰ‘ جي فرزند هئڻ ڪري انعام مليو آهي. پاڻ ان
اَجوڳي رَوَيي مان ايترو مايوس ٿيا جو وري ڪڏهن به
’قومي نغمو‘ نه لکيائون. سندن اهو لاجواب قومي
نغمو اڃا به ريڊيو تي ڪڏهن ڪڏهن ٻڌبو آهي ته:
اي وطن اي جانِ من، اي غيرتِ هفت آسمان،
توتان قربان مال و دولت، توتان قربان جسم و جان!
دراصل ڪنهن وڏي شاعر جو فرزند هجڻ ۽ پوءِ انهيءَ
معيار کي برقرار رکڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. مخدوم صاحب
جي شخصيت ۽ ڪردار جا اُهي جوهر صحيح معنيٰ ۾ سنڌ ۽
پاڪستان جي ماڻهن کي تڏهن سمجهه ۾ آيا جڏهن مٿن
نَوَ لکي گودڙي جي سترهين مسند نشيني جون
ذميواريون آيون. پاڻ هڪ روحاني رهبر کان هڪ سياسي
سرواڻ تائين ان معيار کي ايترو ته برقرار رکيائون
جو اڄ سندن دشمن به آه و گريه ۾ مبتلا آهن ۽ سندن
حليم طبع، عفو و درگذر خوش خلقي ۽ حب الوطني جا
معترف آهن.
سروري ساٿ جو هيءُ سرواڻ، مهذب، سليقيمند، حقائق
پسند، رحمدل، صبر و رضا جو پيڪر، سلجهيل، سخي،
باوقار ۽ بااصول انسان هئو. صحيح معنيٰ ۾ مخدومي
تاج جو پاسدار هئو. پاڻ جڏهن مذڪوره انٽرويو دوران
فيض کوسو صاحب کي
’مخدوم‘ جي معنيٰ ’خادم‘ ٻڌايائون ته آئون حيران
رهجي ويس، پاڻ فرمايائون ته ’مخدوم دراصل خادم ئي
آهي، اِهو خدمتن جو صلو آهي ته اهڙي خادم جي به
خدمت ڪئي وڃي ۽ تڏهن ’مخدوم‘ جي خطاب جو حق ادا
ٿئي ٿو. سندن انهيءَ وضاحت بعد ئي مون کي هيءَ
ڳالهه سمجهه ۾ صحيح آئي ته:
’امين‘ پنهنجي لئه ڪافي آهي فقيري،
متان تون ڪرين ’سر‘ سڏائڻ جي ڪوشش.
يا قبله سائين مخدوم محمد زمان ’طالب الموليٰ‘
جن فرمايو ته:
اگر خدمت ڪرڻ جي ناهه طاقت ’طالب الموليٰ‘،
ته پوءِ مخدومي دنيا ۾، وڏو منصب ته ڪونهي ڪو!
(طالب الموليٰ)
سندن پهرين شادي جو ذڪر ڪندي محترم خانصاحب
عبدالڪريم ’ڪريم‘ پلي صاحب هن طرح رقمطراز آهن ته:
”سندن شادي خانه آبادي 21.6.1957 تي اڇ شريف جي
پيرن صاحبن مان ٿي. انهيءَ مبارڪ تقريب جي موقعي
تي هڪ عظيم الشان طرحي (سَهرا) مشاعرو پڻ ٿيو،
جيڪو هڪ وڏي يادگار جي حيثيت رکي ٿو.“
جيستائين منهنجو علم ۽ ڄاڻ آهي ته سنڌ ۾ ڪنهن به
شادي جي تقريب ۾ اعليٰ پيماني تي اِهو پهريون سنڌي
طرحي مشاعرو آهي. ان بعد اِهو رواج خوب هليو ۽ اڃا
تائين جاري آهي. ناري پٽ ۽ مُهراڻي ۾ شادين ۾
مشاعرن جي رواج کي بزمِ طالب الموليٰ شاخ صوفي
فقير جي بانيڪار ۽ متحرڪ شخصيت محترم سائين معمور
يوسفاڻي صاحب باقاعدي رائج ڪيو ۽ ڪافي مشاعرا
ڪرايا ۽ اڃان به سندن حلقئه احباب ۾ اها روايت
جاري و ساري آهي.
مخدوم محمد امين ’فهيم‘ صاحب ’هالا‘ ۾ (1959ع) هڪ
رديفي مشاعرو پڻ ڪَرايو ۽ پاڻ ’رديفي مشاعرن‘ جي
روايت جا به باني آهن. کين جيڪو شاعري ۾ وڏي ۾ وڏو
داد مليو اُهو سندن ڪافي:
تنهنجيون ڳالهيون سڄڻ پئي ڳائيندس،
انهيءَ رمز سان روح ريجهائيندس.
تي قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سائين سندن
نِراڙ چُمي ڏنو ۽ فرمايائون ته ”منهنجي سڀ شاعري
وَٺو ۽ اها ڪافي ڏيو.“ انهيءَ واقعي جو ذڪر سندن
ڪتاب ’پيغام‘ ۾ موجود آهي. جڏهن قبله ’طالب
الموليٰ‘ سائين جن جي سالگره ’ڄام ڏاتار‘ تي
ملهائي وئي. ان موقعي هڪ عاليشان مشاعرو ۽ محفل
موسيقي پڻ ٿي، هِن مشاعري جو ذڪر ڪندي محترم
يارمحمد چگاڻي صاحب ڪتاب ’جيڏو سج سُهاءُ‘ (مطالعو
معمور جو جلد 2) ۾ لکيو آهي ته سائين طالب الموليٰ
جي فرمائش تي هن مشاعري جي ڪمپيئرنگ محترم معمور
يوسفاڻي صاحب ڪئي. هن مشاعري ۾ محبوب علي چنه،
سرشار عقيلي، غلام محمد گرامي ۽ احسن الهاشمي پڻ
موجود هئا. قبله مخدوم محمد زمان ’طالب الموليٰ‘
جو ڪتاب ’رباعيات طالب‘ جڏهن ڇپيو ته پاڻ اهو ڪتاب
سائين مخدوم محمد امين ’فهيم‘ جي نالي منسوب
ڪيائون ۽ کين هميشه سندن نالي جي نسبت سان ’ڏاڏا
سائين‘ ئي چوندا هئا.
قبله مخدوم محمد امين ’فهيم‘ جي شاعرانه حيثيت جو
اگر ڪنهن کي تعين ڪرڻو آهي ته پوءِ سندن ڪتاب
’پيغام‘ جو مطالعو ڪَن، جنهن جو هڪ ئي شعر حيرانگي
جي عالم ۾ وٺيو ٿو وڃي ۽ تمام سادن لفظن ۽ دلڪش
ادائگي ۾ ڇا ته اعليٰ ڳالهه آهي ته:
پنهنجي ’فهيم‘ عاشقِ مهجور کي پرين،
جي دل ۾ جاءِ ناهي ته ڀر ۾ وهارجي.
ساڳي وقت عشق جي آهُن ۽ دانهن جي اثر کي به ڏسجي
ته:
سڄڻ موٽيو ٻڌي آهون ۽ دانهون،
اسان لئه اشڪِ غم اڪسير نڪتو!
سندن ’پيغام‘ کي پڙهڻ وارن کي خبر هوندي ته هن
شاعري کي پڙهڻ لاءِ شروع ڪرڻ ته آسان آهي پر پوءِ
ان مان ڍءُ ڪرڻ ڏکيو آهي. بار بار ڪيئي شعر پڙهڻ
تي دل چوي ٿي:
افسانئه حيات ڪبو ختم اي ’فهيم‘،
يادن جي داستان جي حفاظت ڪري ڪري.
سندن ڪلام ۾ هيءَ ڪيفيت به ڪيڏو شاندار ۽ انوکي ٿي
لڳي ته:
اڃان خط مس پڙهي پورو ڪيو مون،
اچي خود صاحب تحرير نڪتو!
سندن هڪ مڪمل غزل پڙهڻ سان هن ڪيفيت جو لطف اڃان
به گهڻو وڌي ٿو وڃي، جنهن جو هڪ بند آهي ته:
گهر منهنجو رشڪِ جنت فردوس ٿو لڳي،
مون وٽ رهڻ لئه طالبِ مولا اچي پيو.
اسان وٽ مخدوم خاندان جون ڳالهيون ۽ حوالا ته
ننڍپڻ کان موجود هئا جو اسان جي والد ’محترم معمور
يوسفاڻي‘، جا قبله سائين مخدوم محمد زمان طالب
الموليٰ سائين سان نيازمندانه تعلقات ادبي حوالي
سان ڪافي قريب رهيا، جڏهن وڏا ٿياسين ته ٻن شخصن
هن خاندان سان حاضرانه توڙي غائبانه جوڙي رکيو. هڪ
ولي محمد وفا پلي صاحب ۽ ٻيو سروري جماعت جو معزز
خليفو جناب حاجي فتح محمد راڄڙ مرحوم. قبله مخدوم
محمد امين ’فهيم‘
سائين جي زيارت مختلف موقعن تي نصيب ٿيندي رهندي
هئي.
هڪ دفعي پاڻ منٺار فقير راڄڙ جي ميلي تي محفل
مشاعره جي صدارت فرمايائون. ان مشاعري جي ڪمپيئرنگ
فقير محمد بخش ’ضامن‘ ۽ محترم سرفراز راڄڙ صاحب جي
مشوري سان مون ڪئي، ڳوٺ کاڻي، کپرو ۾ منعقد ٿيل
هِن مشاعري ۾ مرحوم نياز همايوني، ڊاڪٽر غلام علي
الانا، امداد حسيني، عبدالله ورياهه ۽ ولي محمد
وفا پلي پڻ موجود هئا، مخدوم صاحب، محترم سرفراز
راڄڙ کان منهنجو تعارف پڇيو، پوءِ سٺي ڪمپيئرنگ تي
شانائتن لفظن سان منهنجي همت افزائي ڪيائون. هِن
ڪانفرنس ۽ مشاعري ۾ محترم پرواني ڀٽي صاحب، مخدوم
صاحب کي گذارش ڪئي ته قومي اسيمبلي جي فلور تي
’ڪيسٽي شاعري‘ خلاف آواز اُٿاريو ته هِن قسم جي
شاعري سماج ۾ اخلاق جي بگاڙ جو سبب ٿيندي وڃي.
پروانو صاحب ته نهايت جذباتي ٿي ويو، مگر مخدوم
صاحب نهايت ٿڌي طريقي سان چيو ته ”جنهن شاعري کي
عوام پسند ڪندو ته اُها مقبول ٿيندي، پوءِ اڳتي
هلي انهيءَ جي نفعي ۽ نقصانات جو ذمو به عوام خود
جو هوندو.“ پاڻ انهيءَ جواب دؤران ٿورو مسڪرائي
چيائون ته ”پروانا صاحب! پاڻ نه اهڙي شاعري ٻڌي ٿا
سگهون ۽ نه اهڙي شاعري ڪري ٿا سگهون.“
سندن مشاهدي جي هڪ ڳالهه جيڪا سندن، فيض کوسو صاحب
کي ڏنل انٽرويو مان معلوم ٿي ته کين برسات جي موسم
سڀني مُندن ۾ پسند آهي، سا به حيران ڪُن لڳي جڏهن
ته سڀڪو بهار- بهار جي ڳالهه ڪندو آهي. پاڻ
فرمايائون ته ”برسات جي بوندن سان جيڪا خشڪ ڌرتيءَ
جي آلي ٿيڻ وقت خوشبوءِ (مٽيءَ جي مهڪ) ايندي آهي،
انهيءَ جو ته ڪابه خوشبوءِ مَٽ نه آهي.“ سندن اِهو
مشاهدو ته خوشبوءِ جي وصف کي ئي نئين خوشبوءِ ڏيئي
ٿو ڇڏي.
جڏهن 24- ڊسمبر 1993ع تي بابا سائين معمور يوسفاڻي
صاحب جي وفات ٿي ته پاڻ مهرباني فرمائي سائين جميل
الزمان ’جميل‘ صاحب کي ’فاتح خواني‘ لاءِ
موڪليائون. ’معمور يوسفاڻي‘ جي خاندان جي پونيئرن
لاءِ مخدوم صاحب جي اها يادگيري وڏو آٿت هئو. سڄي
مخدوم خاندان سان ۽ خاص طرح ’سروري خاندان‘ جي
ارڙهين سجاده نشين قبله مخدوم جميل الزمان ’جميل‘
سائين، سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين قبله سعيد
الزمان ’عاطف‘، سائين مخدوم حبيب الله صاحب ۽
سائين مخدوم نعمت الله صاحب سان هٿ جوڙ ۽ نيازمندي
جو جيڪو تعلق آهي، اهو قائم رهندو. سندن هِن ڏک جي
گهڙيءَ کي سڄي سنڌ سان گڏ اسين به ساڳي شدت سان
محسوس ڪريون ٿا.
قبله مخدوم محمد امين ’فهيم‘ جهڙي پياري شخصيت کي
سنڌ ڪيئن وساري سگهندي، بلڪه جيڪي هن وقت سنڌ جي
سماج تي حالتون گذرن پيون اُهي اِها ئي صدا
ڏينديون رهنديون ته:
چئج صبا سڄڻن کي، ڪا هاڻي ته لهجو سار!
ايتروئي ڪافي نه آهي ته هر اهل درد، هن سنڌي سماج
لاءِ ڇپر ڇانَوَ جهڙي پياري انسان لاءِ ائين
اچاريندو ته:
ڪهڙي سبب مون کي- ويٺين وساري،
ساهه ٿو سهڻل توکي ساري!
* * *
پيارا پرين پرديس وسايئي،
نيٺ وطن جي ياد نه آيئي،
توکان پري ڏک ڏيل ٿو ڏاري.
پر سندن هِن سه معنيٰ شعر کي اچارڻ ۾ پڻ سنڌ جي هر
مڪتبه فڪر جو فرد فخر محسوس ڪندو ته:
اهو ڪير آهي، ’محمد امين‘ جي،
جتي ۾ ڪري پير پائڻ جي ڪوشش.
(فهيم)
محمد عثمان منگي
حيدرآباد
سنڌ جا انمول آفيسر
محترم ڪي بي رند
آئون سال 80-1979ع ۾ تعلقي خانپور ضلع شڪارپور ۾
پهريون مختيارڪار ٿيس، ڇاڪاڻ ته مان پنج سال
اسسٽنٽ ڪمشنر رهي چڪو هوس، پر مون کي بدقسمتي سان
ان وقت مارشل لا حڪومت 17 گريڊ مان 16 گريڊ ۾ ڪري
ڇڏيو، جنهن سان گهڻي اذيت پهتي. مختيارڪار جو ڪم
نهايت سخت ۽ محنت وارو ڪم هو، جيڪو مون نئين
مختيارڪار لاءِ نئين پريشاني جو باعث هئو. ان کان
اڳ ٻه سال ته گهر ويٺو رهيس، پوءِ ٻن سالن کان
پوءِ مختيارڪار خانپور طور مقرري ٿي. جڏهن مان
اُتي پهتس، ڇاڪاڻ ته مون لاءِ نئون ڪم هو ۽ عملي
طور ان ڪم ۾ ڄاڻ نه هئي ۽ مون کي تمام گهڻي محنت
ڪرڻي پئي. ان وقت خانپور جو سرڪل سپروائيزر هو،
جنهن مون کي روينيو جي ڪم بابت ڄاڻ ڏني ۽ سيکاريو
۽ منهنجي همت افزائي ڪندو رهيو ته سائين ڪو مشڪل
ڪم نه آهي توهان همٿ ڪريو، مختيارڪار طور ڊيوٽي تي
وڃڻ مهل مون کي پنهنجي والد صاحب هدايت ڪئي ته
اهڙو ڪم تون نه ڪجانءِ جو مختيارڪاري به کسجي وڃي
۽ معاشري ۾ عزت نه رهي، ان ڪري والد جي حيثيت ۾
هدايت ٿو ڪيان، ته ايمانداري سان نوڪري ڪجان ۽
پوءِ مون ان تي عمل ڪيو. پنهنجي سپروائيزرن،
تپيدارن ۽ عملي کي چيم ته مون کان ڪو به اهڙو ڪم
نه وٺجو جو منهنجي اها به نوڪري هلي وڃي. پوءِ
انهن مون سان وعدو ڪيو، پر مون کي ڏاڍي بي مزي ۽
پريشاني ٿيندي هئي. خانپور ۾ چئن مهينن گذرڻ کان
پوءِ اياز انصاري، جيڪو ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور هو ان
جي بدلي ٿي ۽ محترم ڪي.بي (قلي بخش) رند جنهن جو
تازو پروموشن ٿيو هو، ان جي ڊپٽي ڪمشنر طور
شڪارپور ۾ پوسٽنگ ٿي. منهنجي حوالي سان کيس ڄاڻ
هئي ۽ منهنجو ساڻس مرحوم عبدالعزيز سنجراڻي جيڪو
ان وقت اسسٽنٽ ڪمشنر هو، جي معرفت ملاقات ٿيل هئي
۽ ڄاڻ سڃاڻ هئي. محترم ڪي.بي رند جڏهن ڊپٽي ڪمشنر
ٿي آيو ته مان ساڻس ملڻ ويس. هن مون کي سڃاتو ۽
مون کي دلداري ڏني ۽ دعا ڪئي ته وقت ايندو تون
اسسٽنٽ ڪمشنر ٿيندين، همت نه هار ۽ محنت ڪر ڏکيو
وقت جلد گذري ويندو. مون پهريون دفعو 1980ع ۾ هڪ
تعليمي سيمينار ڪرايو ۽ مقابلو ڪرايو ۽ شام جو
ڊپٽي ڪمشنر ڪي.بي رند کي غريب هاريءَ جي زمين ۾
ڪڻڪ جي پوکي ۾ هر هلرايو، جتي هزارين ماڻهن شرڪت
ڪئي ۽ اتي هارين گڏجي ڪي.بي رند جو استقبال ڪيو ۽
پڳ ٻڌرائي ۽ اجرڪ پارايو. ان کان پوءِ ڪي.بي رند
الله جو نالو وٺي زمين تي ڏاندن جي جوڙي سان هر
هلايو ۽ دعا گهري ۽ هارين ۽ زميندارن کي خطاب ڪيو.
هُو تمام گهڻو خوش ٿيو ۽ مون کي چيائين منگي صاحب
تو تمام وڏو ڪم ڪيو آهي ۽ ننڍن هارين سان ملاقات
ڪرائي منهنجو مان مٿانهون ڪيو آهي.
جڏهن ڪڻڪ جو فصل تيار ٿيو ته مان خانپور ۾ زرعي
شعبي جي تعاون سان ڪڻڪ جا سيمپل گهرايا ته ڪڻڪ جو
فصل ڪهڙي هاري جو سٺو ٿيو آهي ته انهن کي انعام
ڏجي. ان لاءِ مون پهريون انعام کٽيندڙ کي ڏاندن جو
جوڙو ڏاند گاڏي ۾، هر سان سڄو سلهاڙيل ۽ زرعي
اوزار، ٻئي انعام طور هر ۽ ڏاندن جو جوڙو، ڏاٽو،
ڪوڏر، ڪهاڙي ۽ ٻيا زرعي اوزار ۽ ٽيون انعام هڪ
ڏاند، هڪ هر، هڪ پانڃاري، ڏاٽو، ڪوڏر، ڪهاڙي ۽
رسو. انعام ڏيڻ لاءِ جشن مهراڻ جي نالي سان خانپور
۾ کليل ميدان تي رٿيوسين.
ان پروگرام ۾ ڊپٽي ڪمشنر ڪي.بي رند خصوصي طور شرڪت
ڪئي. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد مان سڪندر بلوچ
مهرباني ڪري پنهنجي ٽيم سان شرڪت ڪئي. ان موقعي تي
ننڍن هارين کي به انعام ڏنا ۽ پوزيشن کڻندڙ شاگردن
۾ پهرئين انعام طور سائيڪل، بجلي جو پکو ۽ واچ،
ٻئي نمبر کڻندڙ ٻار کي بجلي جو پکو ۽ واچ ۽ ٽئين
کي واچ انعام طور ڏنا. شاگردياڻين ۾ پهرئين نمبر
کڻندڙ شاگردياڻين کي سلائي مشين، بجلي جو پکو ۽
واچ، ٻئي انعام ۾ بجلي جو پکو ۽ ٽيون انعام واچ
ڏنا ويا جيڪي ڪي.بي رند صاحب ورهايا.
ان موقعي تي ڊي.سي ڪي.بي رند ۽ تعليمي ماهرن ۽
زرعي ماهرن شرڪت ڪئي ۽ تقريرون ڪيون. آخر ۾ محفل
موسيقي پڻ ٿي، جيڪا پرهه ڦٽيءَ تائين جاري رهي،
جنهن ۾ پڻ ضلعي شڪارپور جي آفيسرن به شرڪت ڪئي، ان
قسم جي سٺي ڪارڪردگي ۽ مختيارڪار جون بهتر
ذميواريون ادا ڪرڻ تي محترم ڪي.بي رند مون کي ٻه
سال ٻه ايڊوانس انڪريمينٽ ڏنيون، ان کان پوءِ مون
کي ڪي.بي رند صاحب منهنجي بدلي خانپور مان ڪرائي
شڪارپور جي وڏي تعلقي ڳڙهي ياسين ۾ مقرر ڪرايو.
ڪجهه مهينن کان پوءِ سارين جي موسم شروع ٿي ته مون
هڪ ننڍي هاريءَ جي زمين ۾ سارين جي رونبي لاءِ
ڪي.بي رند صاحب کي دعوت ڏني جنهن منهنجي دعوت قبول
ڪئي. ان موقعي تي کليل ڪچهريءَ جو به انعقاد ڪيو
ويو. ان ۾ زرعي ماهر ڊائريڪٽر زراعت کاتو سکر
ڊويزن مغل صاحب ۽ هزارن جي تعداد ۾ هارين،
زميندارن ۽ ڳوٺاڻن شرڪت ڪئي ۽ مهمانن جو شاندار
آڌر ڀاءُ ڪيو. ڊپٽي ڪمشنر صاحب ڳڙهي ياسين تعلقي
جي ڊکڻ روڊ تي هڪ ڳوٺ جي هڪ ننڍي هاريءَ جي زمين ۾
سارين جو رونبو ڪري افتتاح ڪيو ۽ کُلي ڪچهري ڪري
هارين جا مسئلا معلوم ڪيا. جڏهن سارين جو فصل تيار
ٿيو ته مون ڊپٽي ڪمشنر صاحب کي عرض ڪيو ته هارين
جي خواهش آهي ته لاباري جو ڊپٽي ڪمشنر ڪي بي رند
افتتاح ڪري. هن اها دعوت منهنجي قبول ڪئي ۽ هڪ
ننڍي هاريءَ جي زمين تي اچي سارين جي لاباري جو
ڏاٽو کڻي لابارو ڪري افتتاح ڪيو. ان موقعي تي پڻ
کُلي ڪچهري منعقد ڪئي وئي. قلي بخش رند ان موقعي
تي تقرير ڪئي ۽ هارين کي چيو ته توهان پنهنجي
ٻارڙن کي پڙهايو. اهي جڏهن پڙهي ڊاڪٽر ۽ انجنيئر ۽
آفيسر ٿيندا ته توهان جي ۽ ڳوٺ جي خدمت ڪندا.
محترم ڪي بي رند جڏهن به ڪنهن تعلقي جي وزٽ تي
ايندو هو ته اُتان جي پرائمري ۽ هاءِ اسڪولن جو
دورو ضرور ڪندو هو ۽ اُتان جي ماڻهن کي سندن ٻارن
خاص طور نياڻين جي تعليم لاءِ زور ڀريندو هو.
اسپتالون ۽ ڊسپينسريون ڏسندو هو، ۽ مريضن سان
ملندو هو، ۽ سندن مسئلا معلوم ڪري اهي حل ڪندو هو.
واسطيدار محڪمي جي اعليٰ اختيارين کي لکي آگاهي
ڏيندو هو. يونين ڪائونسل ۽ ٽائون ڪميٽي ۽ ميونسپل
ڪميٽين جا دورا ڪندو هو ۽ هميشه وقت جو خيال ڪندو،
هر پروگرام ۾ پوري وقت تي شرڪت ڪندو هو. هو عوام
سان تمام پيار سان ڳالهائيندو هو جو عام ماڻهو کيس
پنهنجا مسئلا لکي دل سان ٻڌائيندا هئا. عام ماڻهو
لاءِ سندس آفيس جا دروازا کليل هوندا هئا. مون کي
جيسين ياد ٿو اچي ته ٻن اڍائي سالن تائين ڪي بي
رند سان ڪم ڪيو. سندس بدلي سان اُتان جي ماڻهن ۾
ڪافي مايوسي پيدا ٿي، مون پنهنجي سماجي ڪمن جي
شروعات به ڪي بي رند صاحب جي همت افزائي سان ئي
ڪئي.
سيد محب الله شاهه
سال
1982ع ۾ مان مختيارڪار ڳڙهي ياسين هئس ته هڪ ڏينهن
اوچتو آفيس ۾ هڪ خط مليو ته ڪمشنر سکر سيد محب
الله شاهه ڳڙهي ياسين تعلقي مختيارڪار جي آفيس
ڏسندو، روينيو رڪارڊ ڏسندو ۽ شام جو کُلي ڪچهري
ڪندو. مان ڏاڍو گهٻرائجي ويس ۽ معلومات ورتي ته ڇا
سندس ٻئي ڪنهن تعلقي ۾ به پروگرام آهي، پر خبر پئي
ته سندس صرف تعلقي ڳڙهي ياسين ۾ پروگرام آهي. جيئن
ته مون کي ڄاڻ هئي ته هُو تمام نالي جو آفيسر آهي،
سندس پاڪستان جي سٺن آفيسرن ۾ شمار ٿئي ٿو، ۽
ڪوتاهي ڪندڙ آفيسرن کي ڪابه غلطي معاف نه ڪندو
آهي. سو مون کي اچي ڊپ لڳو ته هتي ڪا غلطي ٿي ته
اها به نوڪري هلي ويندي. مون هڪدم ڪمشنر سکر آفيس
جي اسسٽنٽ ڪمشنر جنرل عبدالوحيد پيرزادي سان
ڳالهايو، ساڻس سان مليس کيس عرض ڪيو ته مان اي.سي
مان مختيارڪار ٿيو آهيان، انڪري ڪمشنر جي ڳڙهي
ياسين بدران ٻئي ڪنهن تعلقي جو پروگرام جاري ڪيو.
هن مون کي آٿت ڏني ته هُو ائين نه ڪندو، تون
سينيئر آفيسر آهين، ٿي سگهي ٿو ته محترم ڪي بي رند
توهان جي باري ۾ ڪمشنر صاحب کي ڄاڻ ڏني هجي، ۽
توهان جي ڪم ڪار کان آگاهي جي بنياد تي ڪمشنر صاحب
توهان جي تعلقي ۾ کُليل ڪچهري رکرائي هجي يا ضلعي
شڪارپور جو وڏو تعلقو آهي ٿي سگهي ان ڪري ئي ڳڙهي
ياسين ۾ اهو پروگرام رٿيو هجي، تنهنڪري توهان
گهٻرايو نه ۽ وڃي ڪم ڪيو. مون واپس اچي تياري شروع
ڪئي ۽ روينيو جي عملي کي همٿ ڏياري. ڳوٺاڻن، هارين
ذميدارين کي آگاهي ڏياري، يونين ڪائونسل ٽائون
ڪميٽي ۽ ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين کي ڪمشنر صاحب
جي اچڻ جي دعوت ڏني ۽ رٿيل ڏينهن تي ڊکڻ شهر کان
اڌ ڪلوميٽر پري ڳڙهي ياسين ۽ رتوديرو روڊ تي کليل
ميدان تي کُلي ڪچهري جو بندوبست ڪيوسين. شڪارپور
کان جتان ڳڙهي ياسين جي حد شروع ٿين تي اتان کان
ڀلي آيا جو بينر کليل ڪچهري تائين رنگين ڪپڙن تي
بينر ڳڙهي ياسين ۽ ڊکڻ جي شهرين طرفان آجيان جا
بينر لڳرايا ۽ روڊ کي سينگاريو ويو. روڊ جي ٻنهي
پاسن تي عوام اچي ويو. مون ڳڙهي ياسين جي حد شروع
ٿيڻ واري هنڌ تي تعلقي ڳڙهي ياسين ڪائونسل جي
چيئرمين سان گڏ ڪمشنر صاحب جو استقبال ڪيو ۽ اڌ
مُني ڪلاڪ جي رستي جو سفر مختلف ڳوٺن ٻاهران
آڌرڀاءُ جي ڪري اهو رستو ٽن ڪلاڪن ۾ طئي ڪيو.
کُليل ڪچهري جي پنڊال ۾ چار پنج هزار ماڻهو شامل
هئا. کُلي ڪچهري شروع ٿيڻ کان پهرين سيد محب الله
شاهه سندس نالي اسڪول جي پيڙهه
جو پٿر رکيو. اڏاوتي ڪم ۾ حصو ورتو ۽ پوءِ کُلي
ڪچهري ۾ آيو، هزارين ماڻهن جي وچ مان گذري اسٽيج
تي آيو ۽ هٿ ٻڌي سڀني جو شڪريو ادا ڪيو ۽ دير لاءِ
معذرت ڪئي. کيس اجرڪ پارايا ويا ۽ گل نڇاور ڪيا
ويا. اسٽيج تي ڪمشنر صاحب لاءِ هڪ ڪرسي ۽ ٽيبل
رکيل هئي. ڪچهري جي ڪاروائي قرآن شريف جي تلاوت
سان ٿي، چيئرمين تعلقه ڪائونسل ڳڙهي ياسين نادر
حسين ڪماريو سپاسنامو پيش ڪيو ۽ تعلقي ڳڙهي ياسين
جي عوام جي مسئلن کان آگاهي ڏني. ان کان پوءِ سيد
محب الله شاهه کُليل ڪچهريءَ کي خطاب ڪيو ۽ بار
بار عوام کي چيو ته ڪوبه اهنج ۽ تڪليف هجي مون کي
ٻڌايو، ڪابه هٻڪ محسوس نه ڪيو، ڪنهن به محڪمي خلاف
ڪا شڪايت هجي ته مون کي ٻڌايو مان توهان جي مسئلن
ٻڌڻ ۽ انهن کي حل ڪرڻ لاءِ ئي هتي کُليل ڪچهري
منعقد ڪرائي آهي.
مان ڪمشنر ته آهيان پر مان ذاتي طرح سان سيد محب
الله شاهه ٿي هتي آيو آهيان. توهان دل کولي پنهنجا
مسئلا ٻڌايو. مان توهان جو خدمتگار آهيان، هتي مان
توهان جي خدمت ڪرڻ آيو آهيان. هن اٽڪل مُني ڪلاڪ
تائين تقرير ڪئي ۽ دل کولي عوام جي رهنمائي ڪئي ۽
انهن کي هٿ ٻڌي بار بار محبت جو اظهار ڪندو رهيو ۽
واعدو ڪيو ته جيڪي سپاسنامي ۾ مسئلا منهنجي سامهون
آيا آهن اهي حل ڪيا ويندا. ان ڪچهري ۾ ڊويزنل ۽
ضلعي ليول جا سمورا آفيسر توڙي ٽي.وي، ريڊيو ۽
ميڊيا جا نمائندا پڻ موجود هئا. کُليل ڪچهري ڏينهن
جو 3 وڳي ختم ٿي، منجهند جي ماني جو بندوبست ريسٽ
هائوس ۾ ڪيل هو، ڪمشنر صاحب مغرب کان پوءِ ڳڙهي
ياسين جي کُليل ميدان ۾ زرعي سيمينار ۾ شرڪت ڪئي،
جنهن ۾ سٺن هارين کي سٺي پوکي تي ڏاندن جو جوڙو
ڏاند گاڏي ۾ ۽ هر پانڃاري، ڏاٽو، ڪوڏر، ڪُهاڙي،
رسو پهريون انعام، جڏهن ته ٻئي انعام طور ڏاندن جو
جوڙو هر ۾، پانڃاري، ڏاٽو، ڪوڏر، ڪُهاڙي، رسو
ٽوڪري ۽ ٽئين انعام ۾ هر ڏاند، پانڃاري ڏاٽو،
ڪوڏر، ڪُهاڙي پنهنجي هٿن سان ورهايا. ان موقعي تي
زرعي ماهرن ۽ سٺن هارين تقريرون ڪيون ۽ آخر ۾
ڪمشنر سيد محب الله شاهه تقرير ڪئي ۽ انعام
کٽيندڙن کي مبارڪون ڏنيون ۽ انهيءَ موقعي تي عوام
سان مخاطب ٿيندي چيو ته، محنت ڪريو، پيداوار
وڌايو، پنهنجي ٻارن ۽ نياڻين کي پڙهايو، پنهنجي
صحت جو خيال ڪيو ڇو ته تندرستي هزار نعمت آهي.
توهان وٽ تعلقي ۽ ضلعي سطح تي ڊسپينسريون ۽
اسپتالون موجود آهن، مال جا ڊاڪٽر به موجود آهن،
مال جي وٿاڻن کي صاف رکو چوپائي مال جي حفاظت
ڪريو، وقت تي چوپائي مال کي کاڌو کارايو پاڻي
پياريو. مالوند ماڻهو آهيو پنهنجي مال جو خيال
رکو، کير مکڻ جهڙيون نعمتون الله تعاليٰ توهان کي
ڏنيون آهن. توهان جي پيداوار ڏسي توهان کي انعام
مليا آهن. توهان پنهنجي فصلن جو خيال ڪندا رهو،
وقت تي هر هلائيندؤ، پاڻي ڏيندؤ، کاٽي کڻندؤ، اهي
توهان جا بنيادي ڪم آهن، جيڪو هاري سٺي زمين
کيڙيندؤ، سٺو ٻج ڇٽيندؤ اهو سٺو فصل کڻندؤ. چوڻي
آهي ته کيتي سرسيتي. رات جو آغا صلاح الدين دراني
مرحوم جي بنگلي تي هليو ۽ رات جي ماني کاڌي، رات
جي ماني کان پوءِ محفل موسيقي ٿي، جنهن ۾ راڳ جي
راڻي عابده پروين ڳايو. اها راڳ رهاڻ پرهه ڦٽيءَ
تائين جاري رهي، پرهه ڦٽي مهل سائين سڀني کان
موڪلايو، مون کي شاباس ڏني ۽ دعا ڏئي سکر لاءِ
روانو ٿيو. چند ڏينهن کان پوءِ مون کي هڪ خط مليو
ته ڪمشنر صاحب منهنجي خدمت جي اجوري ۾ هڪ ايڊوانس
انڪريمينٽ جي سرڪاري کي سفارش ڪئي آهي.
ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ڪي.بي (قل بخش) رند ڳوٺ ۾
سارين جو رنبو ڪري، رونبي جو افتتاح ڪيو.
افتتاح جي موقعي تي سکر ڊويزن جو ڊائريڪٽر زراعت
مشتاق مغل پڻ نظر اچي رهيو آهي
ڪي.بي (قل بخش) کليل ڪچهري ۾ پهچڻ دوران پهتل
ماڻهن سان ملاقات ڪندي، ان وقت جو ڳڙهي ياسين جو
مختيارڪار محمد عثمان منگي ۽ علائقي جو ذميندار
عبدالمجيد پيرزادو نظر اچي رهيا آهن.
تبصرو: اويسي ڊاڪٽر عبدالجبار ’عابد‘ لغاري
حيدرآباد
ڪتاب:
ڊاڪٽر بلوچ جا مقالا
تاريخ
(سهيڙيندڙ: ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل
هيءُ ڪتاب ڊبل ڪرائون سائيز ۾ ڊاڪٽر بلوچ
انسٽيٽيوٽ فار هيريٽيج ريسرچ حيدرآباد مان 2012ع ۾
ڇپرايو ويو آهي، جنهن ۾ سندس سترهن اهم تحقيقي
مقالن کي مختلف رسالن مان ميڙي چونڊي هڪ هنڌ گڏ
ڪري محققن ۽ عام پڙهندڙن جي لاءِ تمام وڏو ۽ اهم
ڪم ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ هي ادارو جَس لهڻي.
خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته هي ادارو سنڌ جي تاريخ،
ورثي ۽ مشرقيات جي موضوعن تي عالمي سطح تي تحقيقات
ڪرڻ ۽ سنڌ جي باشندن کان علاوه دنيا جي علمي، ادبي
اسڪالرن کي وقتاً فوقتاً اهم موضوعن تي ڪتاب پيش
ڪرڻ کان سواءِ محققن جي نادر ڪوششن ۽ ڪاوشن تي
اسڪالرشپون پڻ ڏيندو ۽ ملڪ اندر توڙي عالمي سطح تي
ڪم ڪندڙ ٻين ادارن جي معاونت پڻ ڪندو. هيءُ ادارو
سن 2009ع جي آگسٽ ۾ حڪومتِ سنڌ قديم نوادرات جي
کاتي پاران ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي حياتيءَ ۾ ئي قائم
ڪيو ويو، جنهن جو افتتاح تڏهن جي چيف سيڪريٽري سنڌ
26- سيپٽمبر 2009ع تي ڪيو. آئون پڻ انهيءَ
گڏجاڻيءَ ۾ سنڌ جي اهم اسڪالرن جي سٿ ۾ موجود هئس.
ڊاڪٽر صاحب پاڻ موجود هو ۽ اداري جي ان وقت جي
ڊائريڪٽر مسٽر گل محمد عمراڻي جي بهترين تعارفي
تقرير ۽ چيف سيڪريٽريءَ فضل الرحمان جي طرفان
ڊاڪٽر صاحب جي شان ۾ خراج عقيدت ۽ تحسين آميز
تقرير بعد ڊاڪٽر صاحب ٻنهي صاحبن ۽ شامل سنڌ جي
ڪِريم اسڪالرز ۽ اهم شخصيتن جو ٿورو مڃيندي حڪومتِ
سنڌ جي ان لائق اقدام کي ساراهيو هو.
هيءُ ڪتاب هن اداري جي مقاصد مان هڪ بهترين زنجير
جي ڪڙي ان لاءِ آهي ته هن ۾ شامل مقالا ڊاڪٽر صاحب
جي اڌ صديءَ جي مطالعي، تجربي، مشاهدي جو بهترين
تجزيو آهي ۽ ڊاڪٽر حبيب الله صديقي جي ڊائريڪٽري
واري دور ۾ شايع ٿيندڙ ڪتابن ۾ شامل آهي.
ڪتاب ۾ بهترين مقالو ’سنڌ هڪ تاريخي پس منظر‘آهي،
جيڪو سوکڙي (سووينيئر) سنڌ سائنس سوسائٽي ڪانفرنس
1972ع ۾ ڊاڪٽر صاحب پيش ڪيو هو ان سوسائٽيءَ جو
آءٌ پڻ پبليڪيشن آفيسر رهيو هئس. هن مقالي ۾ ڊاڪٽر
صاحب سنڌ تي نالي پوڻ، سنڌوندي بابت انگريز مؤرخ:
رچرڊ برٽن جي تعريفي جملن، مئن جي دڙي جي قديم
تهذيب جي تذڪري سان گڏ ايراني دارا ۽ يوناني سڪندر
جي حملن ۽ انهن جي جاءِ نشين کان وٺي قبل مسيح جي
موريه گهراڻي باختري يوناني بادشاهن ۽ انهن سان
لاڳاپيل سِڪن جو ملڻ، تُرڪن ۽ ساسانين جي دور ۾ ۽
بعد ۾ شاهنامه فردوسي جي روايتن جو ذڪر ڪيو آهي.
ڊاڪٽر صاحب مختصر ۽ جامع انداز ۾ انهن حڪمرانن جو
ذڪر ڪري ٿو، جيڪي راءِ گهراڻي سان تعلق رکن ٿا.
اهڙيءَ طرح سمن جي قبل مسيح دور بعد برهمڻ گهراڻي
جي غاصبانه 60 ساله دور چچ، چندر ۽ ڏاهر جي دور تي
طائرانه نظر وجهندي ۽ ڪيترين حقيقتن کي نروار ڪندي
اسلامي دور ۽ ان ۾ سنڌي زبان جي خط نسخ جو احوال
ڏيندي تعليمي سرشتي کي واکاڻي ٿو. منصوره، ديبل،
سيوهڻ ۽ بکر تي روشني وجهندي سومرن، سمن جي ٻئي
دور، ارغون ترخانن، مغل، ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن کان
علاوه انگريزن جي غلامي واري دور کان تحريڪِ آزادي
۽ پوءِ قومي آزادي واري دور تي جيڪي لکيو آهي،
مُنڊيءَ تي ٽڪ ۽ هڪ هڪ لفط موتي داڻو آهي.
ڊاڪٽر صاحب جو ٻيو مقالو حيدرآباد شهر 1958ع ۾ ڪل
سنڌ ادبي ڪانفرنس ۾ پڙهيل، قديم اهم تصويرن سان ۽
ٽيون مقالو پڻ حيدرآباد (1972ع) تي آهي. پهرين
مقالي ۾ حيدرآباد جي نالي ۽ قدامت بابت نيرون
ٽڪريءَ جي حوالي سان ۽ غازي محمد قاسم جي اچڻ وقت
ان جو گورنر بقول چچنامو ’بهندرڪو‘ غالباً ’ڀنڊ
رکيو‘ يا ’ٻڌ رکيو‘ هوندو. ڊاڪٽر صاحب سنڌ ۾ آيل
آڳاٽن بزرگن سيد محمد مڪي جو تفصيل سان ذڪر ڪندي
ان جو حسب نامو ۽ نيرون ڪوٽ مختلف دورن ۾ ان جي
حيثيت ۽ زوال بعد ۾ ڪلهوڙا دور ۾ نئين سر اڏاوت
سان بهترين انداز ۾ جيڪي ڪجهه لکيو آهي ان کي الڳ
ڪتابي شڪل ڏيڻ لاءِ صرف وضاحتن ڪرڻ جي ضرورت پيش
ايندي، پاڻ هِتان جي مقبرن ۽ مدفون حاڪمن جو پڻ
ذڪر ڪري ٿو. جڏهن ٻئي مقالي ۾ جيڪو 1967ع جي
پاڪستان سائنس ڪانفرنس حيدرآباد ۾ پيش ڪيو ان ۾ به
قديم مؤرخن جي حوالن سان زياده تر ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن
۽ بعد جي دور ۾ هِتان جي رهاڪن ۽ قومن قبيلن ۽
سندن ڪسب ڪمال جو ذڪر ڪري ٿو.
ڊاڪٽر صاحب کي سنڌ جا شهر، وسنديون ۽ واهڻ، گاديون
۽ ڳوٺ ته وڻندا هئا، پر هِتان جي دڙن ڀڙن کي به هڪ
هڪ ڪري ڏٺو ۽ انهن تي لکيو هو، هن صاحب ٺٽي جي
بنياد يا ٺٽي شهر جو اصل نالي تي محققانه نظر وڌي
آهي ۽ اهو مقالو مهراڻ جي شماري 1/1988ع ۾ پيش ڪيل
آهي. ڊاڪٽر صاحب هر مقالي ۾ نالن ۽ لفظن جي اصل تي
پڻ تحقيق پيش ڪرڻ جو عادي رهيو آهي. ٺٽي کي ننگر
يا نگر ڇو سڏيو ٿي ويو. ٺٽ جو مطلب ڇا؟ ۽ پوءِ
انهن لفظن سان لاڳاپيل قومن، قبيلن ۽ ڪاسبين جو
ذڪر اذڪار ڪندي انهن جي ريتن رسمن ۽ شيل شڪار کي
به نه وساريو آهي. گڏوگڏ هِتان جي مسجدن ۽ مقبرن ۽
انهن جي وَلين جو احوال به ضرور ڏيندو ويو آهي.
مقالا ۽ انهن جا تاريخي حوالا لازم ملزوم هوندا
آهن ۽ ڊاڪٽر صاحب پنهنجي هر لکت کي مستند ۽ آخري
ڪرڻ لاءِ پنهنجي هر محنت کي ٻين محققن لاءِ ڪارآمد
پڻ بنائيندو ويو آهي.
سنڌ جي تاريخي شهر شڪارپور تي دائودپوٽن ۽ ڪلهوڙن
جي گهرو لڙائين ۽ ڪابلي افغاني پٺاڻن جو ان تي
ڪيتري وقت تائين قبضي کان پوءِ ٽالپري دور ۾
وزيراعظم سردار نواب ولي محمد خان لغاري (۽ گورنر
چانڊوڪه) جي حڪمت عمليءَ سان شاهه شجاع کان کسي
واپس سنڌ سان شامل ڪرڻ جو مختصر ۽ جامع احوال سان
گڏ هن شهر جي عروج اؤج تي مستند تاريخي احوال کان
علاوه انگريزن جي دور ۾ ان جي زوال تي پڻ ڊاڪٽر
صاحب لکيو آهي، جيڪو پڙهڻ وٽان آهي.
ڊاڪٽر صاحب سنڌ جي انهي عظيم رني ڪوٽ جي بنياد ۽
ان جي تاريخ تي پڻ نادر مقالو (مهراڻ رني ڪوٽ نمبر
3/1984ع) لکيو، جيڪو رني ڪوٽ سيمينار 1985ع ۾ پيش
ڪيو ويو ۽ مون ماهنامه نئين زندگي رني ڪوٽ نمبر ۾
شايع ڪيو هو، ان ۾ مرزا عباس علي بيگ ۽ مير محمد
بخش خان ٽالپر جا مقالا به شامل هئا. ڊاڪٽر صاحب
نالي جي اصليت ۽ تاريخ تي لکندي ٻڌائن ٿا ته هي
ڪوٽ 1815ع کان 1819ع ۾ سنڌ جي ٽالپري وزيراعظم
(شاهه جهان ثاني) مير ڪرم علي خان واليءِ سنڌ جي
اجازت سان تعمير ڪرايو هو. ڊاڪٽر صاحب سنڌ جو
شاهنامه يا ڪلهوڙن جي هار، از: مير حسن علي خان ۾
شايع ٿيل طويل نظم جي پنڌرهن بندن مان ڪجهه شعر
ڏنا آهن، هي ڪتاب سنڌي ادبي سوسائٽي 1938ع ۾ شايع
ڪيو هو. هن ڪوٽ جي اڏاوت ۽ تڪميل بابت مير مائل جا
تاريخي شعر وڏي اهميت جا حامل آهن، ته هي قلعو
ڪڏهن ٺهڻ شروع ٿيو، علي آباد ڇو ٿو سڏيو وڃي ۽
مڪمل ڪڏهن ٿيو.
ڊاڪٽر صاحب لکيو آهي ته بذات، خود لغاري نواب
خاندان (تاجپور) جي مشهور معروف ۽ باخبر افراد: گل
محمد خان، شفيع محمد خان ۽ عرض محمد خان سان مليو
هو، خانداني طوران قلعي بابت احوال کي پاڻ وٽ
سانڍي رکيو هو.(81)
ڊاڪٽر صاحب جي مقالن ۾ ”ماضيءَ جي تاريخ کي وڏي
ويچار سان سامهون آڻڻ گهرجي“ (مهراڻ 4/1999ع)،
تذڪره مشائخ سيوستان (مهراڻ 1972ع)، سنڌ جا قبيلا
۽ سنڌ جا نسب ناما (مهراڻ 2/1992ع)، سنڌ جو آخري
سومرو بادشاهه ۽ سندس ڀائر، يا سورهيه هوش محمد ۽
سندس مزار (رهبر پبليڪيشن 1969ع)، وچ ايشيا ۾
اسلامي تهذيب (مهراڻ 4/1988ع)، انگريزي مقالي جو
ترجمو ”شهر سيوهڻ ۽ علائقي سيوستان جي قديم تاريخ“
(ڪينجهر مخزن 2009ع)، هنگلاج جو سفر (قلمي ڊائري
تان ورتل)، سپهه سالار دريا خان جو حسب نسب (مهراڻ
1/1980ع)، شيخ نظام الدين اولياء جي سنڌ ۾ آمد
(مهراڻ 2010ع)، ڪوٽڙي ڪبير جا عالم سڳورا ۽
درسگاهون (مهراڻ 1/1986ع). هنن سڀني مقالن ۾ ڊاڪٽر
بلوچ صاحب پنهنجي زندگيءَ جي جاکوڙ اهم علمي ادبي
معلومات کي قلمبند ڪيو هو، جيڪا تاريخ جو حصو آهي.
محمد ڪبير جو ته مڪمل شجرو پڻ بيان ڪيو اٿس. سندس
ڪتبخاني جي اهم ڪتابن جي فهرست پڻ ڏنل آهي، پر
جيئن ته اهو دور ”فارسي پڙهسي گهوڙي چڙهسي“ هو ان
ڪري تصانيف، اشعار ۽ ڪتاب گهڻو ڪري فارسي جا آهن.
ڊاڪٽر صاحب جي مقالن ۾ ’اسلام جي سنڌ ۾ آمد ۽ ان
جا ثقافتي اثرات‘ کي تاريخي تناظر ۾ پيش ڪيو آهي.
محمد بن قاسم جي عدل انصاف رواداري ۽ تعميرات جو
ذڪر ڪندي هڪ ’سياسي نظام ۽ نئين معاشري‘ ”اندر
نئين فوجي ڇانوڻين سان نون شهرن ۽ وسندين جو بنياد
رکيو ويو. منصوره شهر جي بنياد ۾ محمد بن قاسم جي
پٽ عمر جو ڪليدي ڪردار هو، جيڪو فوجي ڪمانڊر هو،
حڪم بن عون الڪلبي گورنر جا (124-112هه). هن دور
جي زرعي ترقي لاءِ ڪيل اقدامات، اسلامي تعليمي
نظام قرآن حديث ۽ فقہ جو مطالعو ۽ تعليم، ٻولين جو
مطالعو ۽ سنڌي ٻولي جو نشو و نما سان گڏ سائنسي
علوم جي فروغ لاءِ پڻ ٿيل اقدامات کي ڊاڪٽر مختصر
۽ جامع انداز ۾ پيش ڪيو آهي. (ص 177 کان 189)
ڊاڪٽر صاحب جي ٽن اهم مقالن کي وڏي اهميت ان لاءِ
آهي ته اهي ٽئي مقالا ”پير صاحب حزب الله شاهه جو
انگريزن خلاف سلطان ترڪيءَ کي لکيل خط“ جيڪو مهراڻ
تحريڪ آزادي نمبر (1-2/1985ع) ۾ ڇپيل آهي، جيڪو
سنڌ ۾ انگريزن جي سرڪاري جلسن ۾ کليو کلايو شراب
هلايو ويندو ان خلاف احتجاج هو. هي خط سلطان
عبدالحميد ثاني (1876-1909ع) کي لکيو ويو هو.
ٻيو مضمون پير صاحب سيد صبغة الله شاهه ثاني ۽ حُر
تحريڪ (مهراڻ- تحريڪ آزادي نمبر (1-2/1985ع) تفصيل
سان لکيل مقالي ۾ انهن حالتن جو جائزو ورتو آهي،
جيڪي حڪومت سنڌ ۽ حُر مجاهدن جي وچ ۾ نمايان حيثيت
رکن پيون، (ص 903-101) مون کي خوشي آهي ته سورهيه
بادشاهه جي ورسين جي موقعن تي آئون به ڊاڪٽر صاحب
سان گڏ مطالعاتي تجزيو پيش ڪندو هئس. ڊاڪٽر صاحب
جو ٽيون مقالو ”حُرن جون انگريزن خلاف بغاوتون ۽
جنگيون“ (سانگهڙ سرهاڻ- سانگهڙ ثقافي ميلو 1992ع)
ڊاڪٽر صاحب هتي پهرين ٻن مضمونن/مقالن جو حوالو
ڏيندي پهرين حُر تحريڪ ۾ شاعر مل محمود پَلي جا
بيت ڏنا آهن، شادمان مري جا بيت پڻ تفصيل سان ڏنل
آهن، جنهن بعد ٻي حُر تحريڪ جو ذڪر ڪيو آهي، ۽
سگهڙن جا بيت ڏئي هن جنگ نامي کي محفوظ ڪيو آهي.
(ص 190 کان 208)
ڊاڪٽر صاحب جي اهم مقالن ۾ ”سنڌ جو مشهور جهونو
شهر نصرپور“ آهي جنهن جي تاريخ سمن جي دور کان
ڏيکاريل آهي، هتي مضبوط فوجي قلعو پڻ هو. هي
ارغونن ۽ ترخانن جي دور ۾ مکيه علاقائي شهر هو،
ڊاڪٽر صاحب قديم آثار کان علاوه شهر جي قبيلن ۽
پاڙن جو ذڪر ڪندي مشهور عالمن، شاعرن ۽ انهن جي
علمي ادبي شاهڪارن کي منظرِعام تي آندو آهي. (ص
209 کان 217)
ڊاڪٽر بلوچ صاحب ”تاريخي سنڌو سنبت“ (سنڌ صدين کان
2009ع) کي هجري سنه مطابق سنڌ جي حاڪم گهراڻي
لاءِ، برهمڻ گهراڻي متعلق لکندي ان جي اهميت تي
روشني وڌي آهي، ۽ البيروني جي ڪتابن جي روشني ۾
پنهنجي مقالي کي قمري- شمسي جنتري جا نمونا پيش
ڪيا آهن. (ص 218 کان 225) ۽ ضميمي طور وڌيڪ نمونا.
(ص 226 کان 213) پڻ شامل ڪيا آهن.
ڊاڪٽر صاحب جو هڪ اڻ ڇپيل مقالو ’سنڌو تهذيب‘ جي
”سنڌو لکت، جي ڀاڃ ۾ ڪن اهم مسئلن تي ڌيان ڏياريو
آهي، ۽ قديم سنڌي ٻوليءَ جي غور طلب لفطن کي نموني
طور پيش ڪيو آهي. (ص 232 کان 288) ڊاڪٽر صاحب اميد
ٿو ڪري ته ”’سنڌو تهذيب‘ جي ٻول جي لکت کي ڀڃڻ
لاءِ مشڪل مسئلا ضرور سامهون آهن، پر تحقيقات جو
ميدان وسيع آهي. بهتر آهي ادب ۽ ٻوليءَ جا پارکو
هن مقالي کي غور سان پڙهي ضرور ويچار ونڊيندا.
ڊاڪٽر صاحب ’درسگاهه چوٽياري‘ (ماهوار پيغام آگسٽ
1980ع) تي تفصيل سان لکندي ڪيريا خاندان ۽ انهن جي
حسب نسب کان وٺي علمي خدمتن کي نکيريو آهي، ۽ سندن
مڪمل شجرو پڻ ڏنو آهي. درسگاهه جي باني ميون محمد
مبين کان وٺي فاضل استادن جو تذڪرو پڻ ڪيو آهي. نه
فقط ايترو پر اتان فارغ ٿيندڙ شاگردن جو ذڪر ڪيو
آهي، خاص طور تي مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي جيڪو هو
ته مڱريو، پر پاڻ کي ’عبدالرحيم مڱريو مبين ڪيرئي
جو پٽ‘ ڪري لکندو هو. هِتان جي ڪتبخانن جو ذڪر ۽
ڪتابن جي فهرست پڻ ڏنل آهي. (ص 239 کان 264)
تحقيق جي اسڪالرز لاءِ ڊاڪٽر صاحب مقالو ’ڪراچي جي
تاريخ بابت دليلن جي ڇنڊڇاڻ‘ نهايت اهم آهي
(ماهوار پيغام جنوري 2005ع) ڇاڪاڻ ته جڏهن محقق
ڪنهن به تاريخي يا ادبي موضوع تي بحث ڪندي اصل
حقيقت کي ظاهر ڪندا آهن ته اهي بحث ۽ تحقيق ٻين
اسڪالرز لاءِ تحقيق جي وڌيڪ راهه هموار ڪندي
رهنمائي ڪندا آهن. ڊاڪٽر صاحب جو هي مقالو انهن
مان هڪ آهي ته ڪنهن جي هٿان هي وستي ۽ شهر وجود ۾
آيو ۽ ڪڏهن ان جو بنياد پيو. بهتر آهي ته هي مقالو
محقق ۽ شاگرد ضرور غور سان پڙهن ۽ رهنمائي حاصل
ڪن. (ص 265 کان 273)
وطن جي آزادي بعد جنهن موضوع عالمن ۽ محققن ۾
اهميت حاصل ڪئي اهو هو ’1857 ۾ سنڌ طرفان آزاديءَ
جي جنگ‘ هڪ محقق طور ڊاڪٽر صاحب پنهنجي اها
ذميواري محسوس ڪئي ته مذڪوره موضوع تي روشني وجهي
۽ اهائي تحقيق ايندڙ محققن ۽ شاگردن جي رهنمائي
ثابت ٿي. ڊاڪٽر صاحب جو هي مختصر ۽ جامع انداز ۾
مقالو نئين زندگي سيپٽمبر 1989ع ۾ ڇپيو هو. (ص 274
کان 277)
ڊاڪٽر صاحب پنهنجي ڳوٺ جعفر خان لغاري کي ڪنهن به
طرح نه وساريو پهرين مقالو لکيائين بعد ۾ ان کي
ڪتاب جي حيثيت پڻ ڏنائين، آخري مقالو ڊاڪٽر صاحب
’سنڌ يونيورسٽي جي نئين ڪئمپس- شهر جو بنياد پوڻ‘
آهي جنهن ۾ پاڻ انهي سڄي جاکوڙ ۽ علامه آءِ. آءِ
قاضي جي ڪوششن تي تفصيلي روشني وڌل آهي. ڊاڪٽر
صاحب هيءُ مقالو 12- ڊسمبر 2006ع تي سنڌ يونيورسٽي
سيمينار ۾ پيش ڪيو هو. هي مقالو پڙهڻ سان ئي قاري
کي معلوم ٿي سگهندو ته ڊاڪٽر صاحب جيڪو هن وقت
علامه صاحب سان گڏ نيو ڪئمپس ۾ مدفون آهي. اهو
واقعي سندس حقيقي ساٿي، معاون، ايڊوائيزر ۽ جاءِ
نشين هو. (ص 281 کان 290)
هن مقالي تي ڪتاب ۾ سڀ کان آخر ۾ ڊاڪٽر صاحب جو
انٽرويو پيش ڪيل آهي، جيڪو مراد علي مرزا ورتو هو
۽ مهراڻ رسالي جي شماري 3/1985ع ۾ ڇپيو هو. ان کان
علاوه هن ۾ ريڊيو انٽرويو پڻ شامل آهي. جيڪو مهراڻ
2/1987ع ۾ شايع ٿيو.
ٽيون انٽرويو ’علم کان عالم تائين‘ آهي جيڪو محمد
عثمان منگيءَ پيش ڪيو. (جولاءِ- آگسٽ 2007ع) منگي
صاحب ڊاڪٽر صاحب جي حياتيءَ ۾ ڪيئي فنڪشن ڪيا ۽
ڊاڪٽر صاحب کان صدارتون ڪرايون ۽ سندن حياتيءَ تي
ڪيئي ڪتاب ڇپرايا، هي انٽرويو پڻ انهن ڪتابن جي
زينت بڻيل آهي. (ص 314 کان 354) هنن سڀني انٽرويوز
۾ ڊاڪٽر صاحب جي ڄمڻ کان تعليم، حاصلات ۽ علمي
ادبي تعليمي ۽ تاريخي خدمتن تي سوال ۽ انهن جا
جواب مليل آهن. ڊاڪٽر اهو روشنيءَ جو مينار آهي،
جيڪو پنهنجي لاتعداد لوڪ ادب جي ڪتابن، تاريخ،
شاهه لطيف رحه تي ڪيل تحقيق ۽ ڏهن جلدن ۾ سندس
ڪلام کي تحقيق سان پيش ڪرڻ، لغت ۽ ٻين ڪيترن
موضوعن تي منفرد انداز ۾ اهو ڪجهه ڏنو، جيڪو ٻيو
ڪير ڏئي نه سگهيو آهي، ۽ ممڪن ان لاءِ ته آهي ته
”ورچي نه ويٺي“ جي مصداق ڏينهن رات هڪ ڪري مطالعو
ڪيو، مشاهدو ماڻيو، سفر ڪيا، هرهنڌ پاڻ وڃي هر
شيءِ جي تصديق ڪئي. |