سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 2020ع

باب:

صفحو:1

 

 

 

سوچ – لوچ

سنڌ يونيورسٽيءَ جي وقتي وائيس چانسيلر جو بورڊ ۾ دؤرو:

سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘، جي دعوت تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي وقتي وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو بورڊ ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي سنڌ جي ناميارن ادارن جي سربراهن مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي آفيس جو دؤرو پڻ ڪيو. وقتي وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙي سنڌي ادبي بورڊ جي علمي ۽ ادبي ڪاوشن بابت نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ گڏوگڏ سنڌي ادبي بورڊ ۾ هلندڙ ترقياتي ڪمن جي پڻ واکاڻ ڪئي، ان کان علاوه مختلف موضوعن تي بورڊ پاران نون ڪتابن جي معيار ۽ ڇپائيءَ جي پڻ تعريف ڪئي ۽ اها خواهش ظاهر ڪئي ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي هسٽريءَ سان لاڳاپيل شعبي جي استادن ۽ شاگردن کي پڻ هدايت ڪندا ته اهي سنڌي ادبي بورڊ جو وزٽ ڪن ۽ بورڊ ۾ نئين قائم ڪيل بڪ اسٽال تان ڪتاب پڻ خريد ڪن.

مڃتا ايوارڊ:

مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘، چيئرمين سنڌي ادبي بورڊ پاران ٽن ڏينهن جي 11، 12، 13 فيبروري 2020ع تي ڪوٺايل ادبي پروگرامن ۾ سهڪار ڪندڙ ملازمن ۾ مڃتا سرٽيفڪيٽ ورهايا، ان موقعي تي مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ بورڊ جي ملازمن کي مخاطب ٿيندي چيو ته علمي سيمينار، ادبي پروگرام، مشاعرا ۽ ٻيون ادبي سرگرميون سنڌي ادبي بورڊ جي آئين جو حصو آهن ۽ اسان جي اها ڪوشش رهندي ته بورڊ جي ڪاروهنوار سان گڏ اداري جي آئين موجب اهڙيون علمي ادبي سرگرميون جاري رهن.

پَڳهه ڇوڙي پنڌ پيا:

تازو اسان کان سنڌي ادب جا تمام اهم ليکڪ جدا ٿي ويا آهن. اسين سندن مختصر ذڪر ڪريون ٿا.

ذاڪر حسين ’ذاڪر‘ کٽي

ذاڪر حسين کٽي ولد عبدالسميع کٽي 8 جون 1962ع تي تعلقي جاتيءَ ضلعي سجاول ۾ پيدا ٿيو ۽ 9 نومبر 2020ع تي تي وفات ڪيائين. پاڻ ايم.اي، ايم.ايڊ تائين تعليم حاصل ڪيائين. پرائمري استاد طور نوڪري شروع ڪيائين ۽ سيڪنڊري استاد ٿيڻ بعد رٽائرڊ ٿيو. ذاڪر حسين سنڌي ادب جو سُٺو لکندڙ، سٺو ورڪر ۽ خدمتگار هو، هُن ’سنڌي ادبي سنگت‘ جي مختلف مقامي عهدن تي ڪم ڪيو ۽ سنڌ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾ ٿيندڙ ادبي پروگرامن ۾ پهچندو هو، سنڌي ادب ۾ شاعري سندس پسنديده شعبو هو ۽ خاص طرح حمد ۽ نعت سان گڏ سنڌ تي سندس سٺي شاعري شايع ٿيل آهي.

جسٽس سيد ارشاد علي شاهه

سنڌي ادبي بورڊ جو موجوده بورڊ آف گورنرس جو سينيئر ميمبر جسٽس سيد ارشاد علي شاهه تاريخ 18- نومبر 2020ع 75 ورهين جي ڄمار ۾ گذاري ويو.

سيد ارشاد علي شاهه ولد سيد خيرمحمد شاهه، 1- جنوري 1950ع تي ڳوٺ وهاب شاهه ضلعي حيدرآباد (هاڻي مٽياريءَ) ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم مڊل اسڪول پنهنجي ڳوٺ مان ۽ مئٽرڪ ٽنڊي آدم مان ۽ بي.اي ۽ ايل.ايل.بي جو امتحان سنڌ لاڪاليج ۽ وڪالت دوران سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن مان سول جج ۽ فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ جو امتحان پاس ڪري سنڌ جوڊيشنريءَ ۾ 1976ع ۾ شامل ٿيو ۽ ڪنڌڪوٽ، سيوهڻ، ميرپورخاص ۾ سول جج ۽ فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ ٿي رهيو. 1988ع ۾ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج جي عهدي تي ترقي وٺي شڪارپور، نوابشاهه ۽ ڪراچي ۾ ملازمت ڪئي. 2010ع ۾ سنڌ جڊيشنريءَ مان ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج جي عهدي تان رٽائر ٿيو.

سيد ارشاد علي شاهه شاگرديءَ واري دور کان سماجي ۽ ادبي تنظيمن ۾ پڻ جاکوڙيندو رهيو. ادبي حوالي سان شاعر جي حيثيت ۾ سندن سڃاڻپ آهي، ۽ ڪيترن فنڪارن سندس ڪلام پڻ ڳايو آهي ۽ سندس علم نجوم تي هڪ ڪتاب ’روشنيءَ جون رمزون‘ 2006ع ۾ ڇپجي چڪو آهي.

سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ سندن لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته  مرحوم سيد ارشاد علي شاهه شفيق انسان هو، اسين سيد ارشاد علي شاهه جي پونيئرن سان ڏک جي گهڙيءَ ۾ برابر جا شريڪ آهيون.

ڊاڪٽر عبدالجبار ’عابد‘ لغاري

محترم عابد لغاري صاحب پاڪستان انفرميشن ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪري شروع ڪئي، جتي ماهنامه نئين زندگي جو ايڊيٽر پڻ رهيو. بعد ۾ سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۾ استاد مقرر ٿيو ۽ اتان 2004ع ۾ رٽائرڊ ٿيو.

سنڌي ادب ۾ پاڻ نثر ۽ نظم جي لڳ ڀڳ سڀني صنفن ۾ لکيائين، ادب ۾ سندن استاد ڊاڪٽر محمد ابراهيم ’خليل‘، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ معمور يوسفاڻي هئا. پاڻ سوانح نگار، ڪالم نگار، مضمون نگار، افسانه ۽ ناول نگار، مقاله نگار ايڊيٽر ۽ شاعر جي حيثيت ادب جي خدمت ڪيائون. ٻن دؤرن ۾ رهبر ڊائجسٽ ماهانه ڪڍيائون، طويل عرصو ماهانامه نئين زندگي جا ايڊيٽر رهيا. رهبر پبليڪيشن جي طرفان ڪجهه نمبر شايع ڪرايائون، لاتعداد ادبي ڪانفرنسون ۽ مشاعرا منعقد ڪرايائون، آل پاڪستان سطح جا ٻه ادبي ٽوئر پڻ اديبن، شاعرن ۽ فنڪارن کي ڪرايائون. هنن ٽوئرن ۾ پنجاهه کن فنڪشنز ڪرايائون ۽ جن پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ سنڌ جي صوفياءِ ڪرام ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو صوفيانه پيغام موضوع رهيو، سندن 60 ڪتاب شايع ٿيل آهن، جن مان چند ڪتابن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا: (1) شيشي جي ديوار (ڪهاڻيون) (2) ننگي لاش جو سفر (ناول) (3) شيشي جو گهر (ڪهاڻيون) (4) تحریک آزادی میں سندھ کا کردار (اردو تحقيق) (5) سنڌ جو عظيم انسان، نواب ولي محمد خان (6) سنڌي شاعري جي مختصر تاريخ (7) سرها گل سنڌ جا (8) ادبي خزانو (9) ادبي جواهر (10) شاہ ولی اللہ کی نظر میں جھاد اور اجتھاد (اردو)، ان کان علاوه شاعري جا مختلف بياض سفرناما ۽ انٽرويوز سندس تصنيفن ۾ شامل آهن، اڃان به سندن ڏهاڪو کن اڻڇپيل ڪتابن جو مواد پڻ موجود آهي.

کين نعتيه شاعري تي به ٻه دفعا صدارتي ايوارڊ ۽ ٻيا به ڪيترائي ادبي ايوارڊ مليل آهن، حياتيءَ جي آخري ايامن ۾ پاڻ قرآن مجيد جو روان ترجمو ڪري شايع ڪرائي مفت تقسيم ڪيو ۽ ان جو ٻيو ايڊيشن به جلدي بندي مڪمل ٿيڻ تي هئو پاڻ 25- 11-2020ع تي هن دنيا مان رحلت ڪيائون. الله پاڪ سندن اڳتي جو سفر سڻايو ڪري، ۽ سندن پونئيرن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي.

ڊاڪٽر غلام علي الانا

تازو تاريخ 28-11-2020ع تي سنڌي ادب جو سگهارو نالو ناميارو تاريخ دان جناب ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب پنهنجو دم ڌڻيءَ جي حوالي ڪيو. ڊاڪٽر غلام علي الانا ولد الهڏنو خواجه ڳوٺ تڙ خواجه تعلقو جاتي ضلعو سجاول ۾ 15- مارچ 1930ع ۾ ڄائو. 1955ع ۾ ايم.اي ڪرڻ بعد سٽي ڪاليج ۾ استاد مقرر ٿيا. پاڻ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جي رهبريءَ ۾ ’لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ‘ جي عنوان سان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري مڪمل ڪيائون.

ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جو لاڏاڻو سنڌي ادب ۾ نه ڀرجندڙ خال وانگيان آهي، الانا صاحب ڏيهه خواهه پرڏيهه ۾ هڪ مڃيل تعليمدان، منتظم ۽ اديب جي حيثيت ماڻي. ادب ۾ تحقيق ۽ خاص طرح سنڌ جي ادبي تاريخ، سنڌ جي تاريخ، لاڙ جي لوڪ ادب، لسانيات، لطيفيات ۽ راڳ جي علم جي موضوعن تي دسترس رکندو هو. ابتدائي ادبي دؤر ۾ هڪ ناول ’لاش‘ ۽ هڪ ڪهاڻين جو مجموعو ’چور‘ شايع ڪرايائون. ان دؤر ۾ ’ناشاد‘ جي تخلص سان شاعري پڻ ڪيائون. الانا صاحب سنڌي ڊپارٽمينٽ جي سنڌي شعبي جو چيئرمين به رهيو ۽ پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسيلر به ٿيو، پاڻ علامه اقبال يونيورسٽي اسلام آباد جو وائيس چانسيلر پڻ رهيو.

الانا صاحب تمام گهڻي محنت ڪئي ۽ سنڌالاجي جي تعمير لاءِ وڏي محنت ڪيائون ۽ ان اداري جا پهريان ڊائريڪٽر پڻ مقرر ٿيا. ان کان علاوه پاڻ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جا چيئرمين پڻ رهيا. هيڏي وڏي محقق جي وفات سنڌي ادب ۾ تمام وڏو ڏکوئيندڙ واقعو آهي. سندن چاليهن (40) کان وڌيڪ ڪتاب ڇپيل آهن جن ۾ ڪجهه هيءُ آهن: (1) سنڌيءَ جو تشريحي گرامر، (2) سنڌي ٻولي جي ارتقا، (3) گنانُ، (4) سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد، (5) لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ (6) سنڌي صوتيات (7) سنڌي صورتخطي (8) سنڌي ليکڪن جي ڊائريڪٽري (9) سنڌ جي لساني جاگرافي (10) سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس (11) سنڌي معلم (اردو) (12) اسماعيلي مومينٽ (انگريزي)، (13) سنڌي ڪلچر (انگريزي).

پروفيسر سيد قلندر شاهه لڪياري

’مهراڻ‘ 4/2020ع جي تڪميل وقت اِها ڏک واري خبر پهتي ته سنڌ جو ناميارو تعليمدان، انگريزي شعبي سنڌ يونيورسٽي جو سابق سربراهه، سنڌي ٻولي جي اداري جو سابق ميمبر ۽ صدارتي ايوارڊ يافته پروفيسر قلندر شاهه لڪياري جمع جي ڏينهن چوٿين ڊسمبر تي هن جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو. پروفيسر قلندر شاهه ڪيترين ئي ٻولين جو ڄاڻو، گرامر، لغت، لطيفيات ۽ لوڪ ادب جو ماهر، شاعر ۽ ترجمه نگار هو. 1940ع ۾ بلڙي شاهه ڪريم لڳ ڳوٺ احمد ککر ۾ پيدا ٿيو ۽ سندس آخري آرامگاهه ڳوٺ رائلو مياڻ (لڳ ڄام شورو پل) ۾ آهي.

محترم محمد يوسف شيخ: تازو (3 ڊسمبر 2020ع تي) ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جو پهريون پرنسپال ۽ آرمي ايجوڪيشن ڪور مان رٽائرڊ، ليکڪ، شاعر ۽ ڪيترن ئي تعليمي ادارن جو منتظم محترم محمد يوسف شيخ به اسان کان وڇڙي ويو آهي.

سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين، بورڊ آف گورنرس جا ميمبر، سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ ۽ اداره ’مهراڻ‘ جا اراڪين هنن سڀني مرحومين جي پونيئرن سان هن ڏک ۾ شريڪ آهن ۽ ان شاءالله مهراڻ جي ايندڙ پرچن ۾ سندن سوانح ۽ خدمتن تي تفصيل سان لکبو.

l ڪورونا وائرس جي شديد لهر: سڄي دنيا سان گڏ پاڪستان کي ٻيهر لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي، پڙهندڙن کي گذارش آهي ته ايس.او.پيز تي عمل ڪن، جنهن ۾ فئس ماسڪ پائڻ، ڪنهن سان هٿ نه ملائڻ، وقفي وقفي سان صابڻ سان هٿ ڌوئڻ ۽ سماجي گڏجاڻين کان پاسو ڪرڻ آهي، اهڙي عمل ڪرڻ سان هن ڪورونا وائرس (وبا)  کان هميشه لاءِ نجات حاصل ڪري سگهجي ٿي.

l ويجهڙائيءَ ۾ ٽماهي ’مهراڻ‘ رسالي ۾ ڪجهه خاص تبديليون ڪيون ويون آهن، اوهان پڙهندڙن ۽ لکندڙن پاران همت افزائيءَ ۾ سُٺي موٽ ملي رهي آهي، اُميد ٿي ڪجي ته آئينده به اوهان جو اهڙو سهڪار جاري رهندو.

ثمينه ميمڻ

  ايڊيٽر ’مهراڻ‘

روحل فقير پنهنجي حياتيءَ جو وڏو حصو سير ۽ سياحت ۾ گذاريو. جوڌپور ۽ بيڪانير جي حصن جو هن خوب سير ڪيو. جنهن جاءِ تي پهتو ٿي، اتي سندس روحاني فيض کان سوين ماڻهو پئي سيراب ٿيا. پنهنجي مريدن کي اڪثر جوڳ جي پاکر ڏيندو هو. اُنڪري جوڳي فقير سندس ارادتمندن ۾ داخل آهن. هن سير ۽ سفر جي سلسلي ۾، سندس ملاقات جوڌپور جي راجا بجيه سنگ سان به ٿي، فقير صاحب ڪجهه وقت جوڌپور ۾ رهي، راجا کي صوفيانه مسلڪ کان واقف ڪرڻ لاءِ، پنهنجي تصنيف ”آگم وارتا“ رچي، جنهن جي پڙهڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته هو هندو ڌرم ۽ ويدانيت جي هر نُڪتي کي پوريءَ ريت ڄاڻندو هو. سندس هن روحاني ڪمال کي ڏسي، راجا سندس معتقدن ۾ شامل ٿي ويو. هن مٿس زور ڀريو ته اتي ئي رهي پوي، مگر هن مستقل سڪونت اختيار ڪرڻ اڃا پسند نٿي ڪئي.

هاڻي سندس زندگيءَ جي شام اچي ٿي هئي. سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي حڪومت جو خاتمو ٿي چڪو هو. مير فتح علي خان سن 1783ع ۾ هالاڻيءَ جي جنگ فتح ڪري، سنڌ جو حاڪم بڻيو. ٻئي سال ميرن ۾ ملڪ جو ورهاڱو ٿيو، خيرپور وارو حصو مير سهراب خان کي مليو. مير سهراب خان کي خبر هئي ته فقير صاحب ڪهڙيءَ ريت مير بهرام جو پاسو کڻي، حق ۽ صداقت جي سرپرستيءَ ۾ پنهنجي ملازمت کي ترڪ ڪيو هو. ان کانسواءِ هو هاڻي سندس روحاني عظمت جو به قائل ٿي چڪو هو. هن کيس لکي موڪليو ته سندس ملڪ ۾ جتي به هو پنهنجي رهائش لاءِ جاءِ انتخاب ڪري، اها کيس جاگير طور ڏني ويندي. مير سهراب خان جي هن محبت ڀريءَ دعوت جو فقير صاحب تي وڏو اثر پيو. جاگير جي وٺڻ کان ته فقير صاحب انڪار ڪيو، پر سندس ملڪ ۾ رهڻ قبول ڪيائين.

لطف الله بدوي

(ڪتاب: ’ڪنڊڙيءَ وارن جو ڪلام‘ ص 16-17 تان ورتل)

خواجه محمد زمان لنواري وارو

(1713 - 1774)

عارف ۽ عشاق، پسڻ گهرن پرينءَ جو،

جنت جا مشتاق، اڃان اورانهان ٿيا.

 

پل پل پوءِ پچار، ملڪ ۾ ميثاق جي،

ڪک پن ڪن اقرار، اسان ٻانها تون ڌڻي.

 

صوفين صاف ڪيو، ڌوئي ورق وجود جو،

تڏهن تن ٿيو، جيئري پسڻ پرين جو.

 

جانيسن پسين پاڻ، تان سين مهت مڙهي،

جي لٿو اي گمان، ته مڙهيائي مهت ٿئي.

(ڪتاب: ’سنڌي شاعري نمبر‘ تان ورتل)

 

صوفي فقير روشن الدين ’روشن‘

(1900 – 1950ع)

ڪلام

ذاتي والا سر سنڀال

ناز نفي دا ڪر اثباتي

وحدت ڪنون ڪثرت هوئي، ڪثرت وچون وحدت هوئي،

ســـــــــــــارا بـــــرهــــه بـــــحــــــــال، آڻ سمايا وچ صفاتي.

 

غوطا مارين غرق جي ٿيوين، ماڻڪ ماڻين اڻ لڀ ايوين،

تنين وچ جذب جمال، سمجهي مارين جي جذبون جهاتي.

 

وچ گهونگهٽ دي گهوٽ گذارين، ”ونحن اقرب“ پر تون پارين،

”قالو“ والا قول تون پال، ڪنڌ ڪپاوين قربون ڪاتي.

 

هادي دا پر پٺ پلاوڻ، سيني وچون سنگ سماوڻ،

هي رانجهن رلمل ناهي، ’روشن‘ لئون جا لئون لئون لاتي.

 (ڪتاب: ’دُر ناياب عرف يادِ رفتگان‘ نمبر تان ورتل)

روحل فقير

(1733ع – 1804ع)

ڪافي

پوءِ پروڙيم  پنڌ، جيجان جوڳيئڙن جو.

نڪي ڊاهي هليا،

نڪي جوڙيائون هنڌ، وو....

نڪي وڄائن مُرليون،

نڪي چوريائون چنگ، وو....

نڪي ڌوتائون ڌوتيون،

نڪي ڌوتائون لنگ، وو....

لڳو لاهوتين جو،

’روحل‘ توتي رنگ، وو....

(ڪتاب: ’ڪليات حمل‘ تان ورتل)

*

سيّد رکيل شاهه ’رکيل‘

(1846- 1940ع)

ڪلام

آهو نين صنم تيڏي ڏورئون ڏنگن، 

هويا زخم سيني وچ سَوَ تير لنگهن.

انهين درد ميڏي دي، دوا ڪون ڪري،

ڳجها مرض لڳا هڏ ماهه ڳري،

مئين ديدار ويکان دل دا ضعف ٽري، 

ايوين ڪيوين ڪران جڏهن آپ منگن.

ڌاڙا مارڳنيون دل ڪون زوري لٽي.

سو فرياد ڪران ميڏي جان چٽي،

ڪر نشان مينڪون دم دم يار چٽي،

زلفين قيد ڪيتا ورهين نال ونگن.

گهيتي عشق چنبي جيري جل ڳئي، 

پردي طلسمات والي ساري کل ڳئي،

هرجا حق ڏٺم جهاتيان پاڪي لئي،

اثبات وچون زمزين نارنگن.

”رکيل“ راز ماهي دي ڪل ڪونه لهي،

اڪبر حج هويا جٿان يار رهي.

اوکا بار بره دا جوئي سر تي سهي،

اوهي حال حيات لاهوت لنگهن.

(ڪتاب: ’دُر ناياب عرف يادِ رفتگان‘ نمبر تان ورتل)

 

(1857 – 1919ع)

ڪلام

”تون“ کي اهڙو وڃاءِ جو ”تو“ نه رهي،

”توکان تنهنجي ”تون“ ئي جي بو نه رهي.

”مان“ ۽ تون“ جو ضمير ضايع ڪر،

هن دوئي جي به گفتگو نه رهي.

جستجو ڄڻ حجابِ هستي ڄاڻ،

شرط هي آ جو جستجو نه رهي.

عشق جو هي خيال آهي بس،

وصل و هجرت جي هاوَ هُو نه رهي.

هُو ۾ اهڙو خيال پيدا ڪر،

جو سوا هُو خيال ِ هُو نه رهي.

چار سو جي سرائي فاني ۾،

ڀڄ تون اهڙو جو چار سو نه رهي.

رنگ و بُو گل جو آهه ”بلبل“ وهم،

ڇا چڱو ٿئي جو رنگ و بُو نه رهي.

 (ڪتاب: ’دُر ناياب عرف يادِ رفتگان‘ نمبر تان ورتل)

فقير هدايت علي ’نجفي‘

(1894 – 1939ع)

ڪلام

چيو ٿي همسايه ته هجر دلبر ۾، ڪين اهل بڪا، بڪا ڪر،

نه پنهنجو ساٿي غم و الم ڪر، نه ساڻ دافع عنا عنا ڪر،

گهڻائي ڦاسيءَ ۾ جنهن جا ڦاسن ٿا، ڪين ڦاسڻ سان ڪن ٿا ڦٿڪا،

تون شوخ اهڙو نه خوشنمائي ۾، خوب زلفِ دُتا دُتا ڪر.

اجايو شاهي وزيري جي ٿو رکين تمنّا و حرص بيحد،

ٿي با قناعت ۽ فقر وارو ڪڏهن نه دل ۾ هما هما ڪر.

ننڍو جي آهين ته فڪر ناهي وڏن جون رهڻيون هميشه هٿ ڪري،

وڏو نه ٿيندين منجهان وڏائي، وڏائي ڇڏ، ڪم وڏا وڏا ڪر.

پروڙي فرقِ مراتب اوَل ، لڳاءِ دل کي پو ياد حق ۾،

ڀلا ڀلا ڪر، ڍلا ڍلا ڪر، ڪڙا ڪڙا ڪر، مٺا مٺا ڪر،

سگهو پيارين شراب صافي، جو ساقي ميخوار سڀ گهرن ٿا،

ته آهِه فصلِ بهار آيو ڪو جام، خوشتر عطا عطا ڪر.

جڏهن وڃائين وجود پنهنجو ۽ بود پنهنجو، نمود پنهنجو،

پو مثلِ منصور بنجي بيخود، ڀلي پيو نت انا انا ڪر،

سڏن ٿا بزم سخن ۾ توکي، سخن جا پرور، سخن جا گوهر، 

اتي اي طبعي رسا رسا ٿي. سخن عيان تون سٺا سٺا ڪر،

نه آءٌ  زاهد تون ريش فش کي، لڳائي مندي، بنائي ڳاڙهو،

انهيءَ ۾ رندن جي قتل جو آه رت، نه تنهن کي حنا حنا ڪر،

 ڇڏي خوديءَکي اصل ٿي بيخود، خدا نه”تارڪ“ خوديءَ ۾ ملندو، 

خدا جا بندا خدا خدا ڪر، خدا جا بندا خدا خدا ڪر.

 (ڪتاب: ’دُر ناياب عرف يادِ رفتگان‘ نمبر تان ورتل)

محمد بخش ’واصف‘

(1892 – 1952ع)

ڪلام

”والّيل“ صفت گيسويءَ مشڪين جي سراسر،

”والشمس“ بيان رخِ تابانِ ﷴؐ.

عشق بازي جو مزو ايندو بلاشڪ اُن دم،

تير سيني تي هجي، حلق تي خنجر به هجي،

ڪالهه دلبر جي گهٽيءَ ۾ ها، سي اڄ صحرا  نورد،

هي ٿيو حاصل اسان کي، گردشِ افلاڪ کان.

جلوه فرما جو لبِ بام تي جانان ٿيندو،

داغ بيشڪ دلِ شب تي مههِ تابان ٿيندو.

لاله کي باه ڏيان يار، گلستان ۾ وڃي،

داغِ دل جو دکي آتشِ سوزان ٿيندو.

دوست اکڙين ۾ وهاري مان ڪريان بند اکيون،

يار منظورِ نظر منهنجو جي مهمان ٿيندو.

لاهه دلبر نه ڪڏهن خالِ سيهـ تان پردو،

ڪفر آلوده سندم دين ۽ ايمان ٿيندو.

چشمِ جادو جي جدائي ۾ جي رحلت ٿيندي،

سبزه قبر چراگاهه غزالانِ ٿيندو.

وصف، دندان شڪر خنده جي ”واصف“ جي ڪرين،

بي شبه نظم ۾ مضمون درخشان ٿيندو.

حافظ عبدالله ’بسمل‘

(1889- 1949ع)

ڪلام

پالوٽ ملڪ تي ٿي وئي فيض عام جي،

ڏيکاري واٽ سڀ کي تو ربّ الانعام جي.

 

اي فيضياب توکان ٿيا جن و اِنس سڀ،

کولي دري تو ملڪ تي درالسلام جي.

 

مرشد سچو اوهان جو هو سردارِ ﷺ دوجهان،

ڪنجڪ جهلي تو حضرت خيرالانام جي.

 

ڇا خاڪ تنهنجي در سندي ٿي ڪيميا اثر،

زر تو بنائي طينت هرمستهام جي.

 

بسمل غريب تنهنجي پيو در تي ٿي گدا،

اوناءِ آه حضرت پنهنجي غلام جي.

 (ڪتاب: ’دُر ناياب عرف يادِ رفتگان‘ نمبر تان ورتل)

محمّد صديق ’مسافر‘

(1879 – 1961ع)

ڪلام

اها هستي ڦٽي ڪر آڻ دل تي تون عدم پنهنجو،

هوا بازي هَوَس ۾ ڪيم ڪر برباد دم پنهنجو.

 

اٿئي دم خاڪ سان هردم ٿيئن آتش فشان ڇا لءِ،

قدم پاسي نظر کان ڪيم ڪر تون ڪنهن به دم پنهنجو.

 

ڀلي ڪن يا وه گوئي يا وه گو، ڏين گوش ڇو تنکي،

عمل راد ڪراما آهه اعليٰ ۽ اُتم پنهنجو.

 

”مسافر“ ماٺ موچاريءَ سندا اسلح اٿئي سهڻا،

عدون لءِ تکي تلوار ڪافي ٿيو قلم پنهنجو.

 (ڪتاب: ’دُر ناياب عرف يادِ رفتگان‘ نمبر تان ورتل)

 

مرزا علي بخش بيگ ’ڪوثر‘

(1911 – 1961ع)

ڪلام

 

عهدِ طفلي وئي شباب آيو،

دل جي دنيا ۾ انقلاب آيو.

 

وقت پيري شباب جون ڳالهيون،

ڄڻ نظر مون کي هڪڙو خواب آيو.

 

رات پر بزم ۾ رخِ روشن،

ڏسندي خود شمع کي حجاب آيو.

 

بام تي ڏسڻ لاءِ رخِ پُرنور،

چرخ و گردون تي ماهتاب آيو.

 

ڏسندي ”ڪوثر“ کي ساقيِ ڪوثر،

جامِ ڪوثر کڻي جناب آيو.

 (ڪتاب: ’دُر ناياب عرف يادِ رفتگان‘ نمبر تان ورتل)

ڊاڪٽر عطا محمّد ’حامي‘

(1919 – 1982ع)

ڪلام

 

اچي ٿو سدا دل کي يارن جو دوکو،
هي ڪشتي تي کائي ڪنارن جو دوکو.
 

ڏين ٿا وڏن اعتبارن جو دوکو،
نظر ڪيئن اچي ناز وارن جو دوکو.
 

گلن پنهنجي دامن ۾ ڪنڊا ڇپايا،
خزان کان وڌ آيو بهارن جو دوکو.
 

هَٽيا ڪجهه ڪڪر سحر ڪين آئي،
هي چانڊاڻ ٿي چئن تارن جو دوکو.
 

گهڻا منهنجا مٺڙا اٿئي دل جا ڪارا،
متان کائين ڪٿ  قرب دارن جو دوکو.
 

رسايو جنون نيٺ منزل تي ”حامي“
خوديءَ ٿي ڏنو رهگذارن جو دوکو.
*

راڄ محمد ’جمال‘ پلي

(1941 – 1991ع

ڪلام

جاڳي جاڳي جاڳ جاڳي ڪر تون دور جدايون.

 

پردا حجابي سڀ هٽائي پاڻ کي ڏس تون پاڻ ۾ ٺاهي،

منجهيئي مدامي ماڳ جانب جوڙيون آهن تو ۾ جايون.

 

عمر سڄي تو سمهي وڃائي جاڳي تونا جوت جلائي،

سمهڻ ناهي سهاڳ ويهي ڳاءِ تون واحد جون وايون.

 

اٺ ئي پهر اندر ۾ اوري ڪس قلب جي سڀئي ڪوري،

دل تان دوئي جا لاهي داڳ ميٽ تون من تان مڙيئي ميرايون.

 

بن جاڳڻ جيڻ ”جمال“ اجايو، ستي ڪنهن نه پرين پرايو،

اورڻ ڌاران سڀ اڀاڳ ويل ويرون ڪنهن نه وايون.

(ڪتاب: ’دُر ناياب عرف يادِ رفتگان‘ نمبر تان ورتل)

 

عبدالڪريم ’گدائي‘

(1901 – 1978ع)

ڪلام

هڪ دفعو تو جا ڪئي بارِ دگر ڀي ٿيندي،

ڪا عنايت جي نظر رشڪِ قمر ڀي ٿيندي.

انتظار آهي قيامت جو روح گهٽجي ٿو،

ڪجهه خبر ناهي ته هي رات گذر ڀي ٿيندي.

جن کي آهي نه ميسّر هتي مانيءَ جو ڳڀو،

اهلِ دولت کي اُنهن جي ڪا خبر ڀي ٿيندي.

ڇو ڪجي فڪر جي اڄ آهي انڌيرو ڇانيل،

رات کان پوءِ يقين آهي سحر ڀي ٿيندي.

ڇا ڪندا مون کي ”گدائي“ هي زماني جا ستم،

زندگي ته بهر طور بسر ڀي ٿيندي.

 (ڪتاب: ’دُر ناياب عرف يادِ رفتگان‘ نمبر تان ورتل)

 

تنوير عباسي

(1934ع – 1999ع)

ڪلام

سُڪي وڃن نه متان ياد جا ڪنول نازڪ،

ٻه لڙڪ هاري وري اڄ پرينءَ پچار ڪيو.

 

جو زخم ڀرجي نه سگهي اهو ڀلي رسجي،

اکين جي آب کي ان جي مٿان نثار ڪيو.

 

هوا آ خشڪ فضا ۾ نه آهي ڪا سرهاڻ،

غمن کي نشر ۽ دردن کي آشڪار ڪيو.

 

چڱو ٿيو جو پيار زخم جا ٽٽي ٽاڪا،

بهار ناهي ته زخمن سان ئي نکار ڪيو.

 (ڪتاب: ’تنوير عباسي: ڪجهه ڏيئي وينداسين‘ تان ورتل)
 

ڀڳت ٽيئون رام

(1887 – 1942ع)

ڪلام

 

ڀل تخت ملي بادشاهي مون،
يا در در ملي گدائي مون.
ڀل ملي نه هڪڙي پائي مون،
ته به نانءُ نه تنهنجو وسري.
ڀل رهان کڻي مان جهنگلن ۾،
يا من موهيندڙ محلن ۾.
ڀل بند رهان جي جيلن ۾،
ته به نانءُ نه تنهنجو وسري.
ڪهي ”ٽيئون“ سڻ سائين،
هي منهنجو عرض اگهائين.
مون کان انت سمي تائين،
شل نانءُ نه تنهنجو وسري.

 (ڪتاب: ’دُر ناياب عرف يادِ رفتگان‘ نمبر تان ورتل)

*

شمشيرالحيدري

(1931ع – 2012ع)

غزل

 

راهبر    ڀلجي    ويا،   اهلِ   نظر    ڀلجي    ويا،

شوقِ   منزل  ۾  سڀئي  ڪارِ  سفر   ڀلجي   ويا.

ڪنهن جي ڳولا ۾ هئا نڪتا سڏائي هوشمند،

واٽ  جي  وڻڪار  ۾  پنهنجي  خبر  ڀلجي   ويا.

رات  جو  سوچي  سُتا  منزل  تي  پهچڻ جا  مزا،

صبح  ٿيو،  همراهه  منزل  جو  ثمر   ڀلجي   ويا.

رات  جو  پويون پهر، ۽  صبح  جو  پهريون پهر:

ٻن  گھڙين  جي  فرق  ۾ ڪوتهه نظر  ڀلجي ويا.

مان پڪاريندو رهيس منزل جي هرهڪ موڙ تان،

رهبرن سڀ ڪجھه ٻڌو هوندو، مگر  ڀلجي  ويا.

هاءِ تن گلڙن جي محرومين تي ڪو روئي سگھي،

جن   جا   مالهي  باغبانيءَ   جو  هنر  ڀلجي   ويا.

جن  گھُري  ورتي  هئي دل ، ياد جو  تحفو ڪري،

سي  به اڄ  ”شمشير“  جي  خاطر  خبر  ڀلجي  ويا.

 (رسالو ”مهراڻ“ شمشيرالحيدري خاص نمبر 3/2013ع نمبر تان ورتل)

 

”.... سنڌ جي تاريخ تڏهن ترتيب حاصل ڪري سگهي ٿي، جڏهن زير زمين دفينا کُلن، تاريخي مقامن ۽ مڪانن جي تلاش ۽ تحقيق ٿئي؛ سنڌ منجهان سنڌ ۾ تصنيف ۽ تاليف ٿيل ڪتاب گڏ ڪجن؛ سنڌ کان ٻاهر جي لکيل ڪتابن ۾ سنڌ متعلق جيڪو مواد آهي، تنهن جي وڏي پيماني تي تلاش ڪري، ان کي يڪجاءِ ڪجي. ڪنهن به قديم ملڪ، ڪنهن به پراڻي تهذيب ۽ ڪنهن به اصيل ۽ نجيب قوم جي تاريخ لکڻ، ڪو آسان ڪم يا سولو مسئلو نه آهي. خصوصاً سنڌي قوم، جنهن جا اصول، عادتون ۽ اطوار، جنهن جو نقطئه نظر ۽ مسئلن متعلق جنهن جا نظريا مخصوص ۽ غيرمعمولي هجن، تنهن جي فڪر ۽ روش کي پروڙي، ان جو تجزيو ڪري، ڪا صحيح تاريخ لکجي، ان لاءِ وڏي جاکوڙ ۽ ڪشالي جي ضرورت آهي.

جڏهن ته انهيءَ ڏس ۾ اسان اڃا ڪابه خاص ڪوشش ڪانه ڪئي آهي. سنڌ جي مفصل ۽ مستند تاريخ جي طلب ڪرڻ آءٌ ڀانيان ٿو ته زيادتي آهي. پهرين ضرورت آهي مواد ڪٺي ڪرڻ جي. هي وقت آهي جڏهن اسان کي انفرادي طرح نه، بلڪ اجتماعي قوت سان ۽ قومي تحريڪ جي جذبي سان مواد ڪٺو ڪرڻ گهرجي. عمارت ٺاهڻ لاءِ پهرين اسباب گڏ ڪرڻو پوندو آهي، اوساري کي اُسارڻ پوءِ جو ڪم آهي....“

حسام الدين شاهه راشدي

(”مهراڻ“ راشدي نمبر 2/1997ع

ص 198 تان کنيل)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org