سيڪشن: رسالا

ڪتاب: 4/ 2020ع

باب:

صفحو:2 

ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو

ڊاڪٽر نبي بخش قاضيءَ جي

عالم فاضل شخصيت

سنڌ جي تاريخي شهر روهڙي ۽ ان جا قاضي خاندان علمي دنيا ۾ ڪنهن تعارف جا محتاج ناهن. هن سلسلسي ۾ سڀ کان پهرين قاضي اسماعيل جو نالو ملي ٿو، جيڪو محمد بن شيبان بن عثمان ثقفيءَ جي اولاد مان هو، جنهن کي محمد بن قاسم سنڌ فتح ڪرڻ بعد ان علائقي جو قاضي مقرر ڪيو. هن جي اولاد مان وري هڪ ٻيو قاضي اسماعيل ٿيو جنهن وٽان سنڌ جي فتح جو احوال اصل عربيءَ ۾ لکيل مليو جنهن جو فارسي ترجمو علي بن حامد ڪوفيءَ 613/1216 ۾ ڪيو، هينئر اهوئي سنڌ هند ۾ پهريون تاريخي ڪتاب آهي جيڪو مستند ماخذ جي حيثيت رکي ٿو.

نبي بخش قاضي روهڙيءَ جي شهر ۾ غلام محمد قاضيءَ جي گهر ۾ 7 اپريل 1923ع تي جنم ورتو، اهو خاندان صدين کان پيشي جي لحاظ کان حڪمت ۽ طبابت سان وابسته هو ۽ غالباً ڪلهوڙن جي دور ۾ هن خاندان جو ملا سعدالله سرڪاري عهدي سان وابسته هو. ان جو پٽ قاضي غلام محمد وقت جو وڏو حڪيم هو، جنهن کي ستن پٽن جو اولاد هو، جنهن مان هڪڙي جو نالو نبي بخش هو جنهن جو ڄم 1276 ٻڌايو وڃي ٿو، انهيءَ نبي بخش جي پٽ جو نالو غلام محمد هو جنهن جي گهر ۾ ڊاڪٽر نبي بخش قاضي پيدا ٿيو.

جيئن قاضي صاحب پاڻ ٻڌايو ته وڏو قاضي غلام محمد شاعر به هو، ۽ شاهه خيرالدين ’جئي شاهه‘ سکر واري سان گهڻي عقيدت هيس،. طبابت ۾ مهارت سبب مير علي مراد خيرپور واري کيس پنهنجو معالج به مقرر ڪيو هو. وڌيڪ اهو به ٻڌايائين ته ملا سعدالله جي نالي پويان ڪنهن زماني ۾ روهڙي شهر جو هڪ پاڙو هو جيڪو داين واري گهٽيءَ کان شروع ٿي وڃي پير مٺي جي مسجد وٽ دنگ ڪندو هو، ملا سعدالله جي پٽ محمود جو طبابت بابت ڪتابت ڪيل ’طب اڪبر‘ وٽس موجود آهي، جنهن جي تاريخ ڪتابت 2 صفر 1226هجري آهي.

تحريري مختصر سوانحي خاڪي (C.V) موجب نبي بخش قاضي ميٽرڪ جو امتحان سال 1940 ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيو، ان کان پوءِ هن فارسيءَ کي خاص مضمون طور اختيار ڪيو ۽ بي.اي (امتيازي) توڻي ايم.اي فارسيءَ ۾ ڪيائين ۽ ٻئي دفعا سونا ٻِلا (Medals) ماڻيائين.

ڪراچيءَ ۾ رهائش ۽ تعليم دوران علامه آءِ.آءِ قاضيءَ جا علمي ليڪچر ٻڌي گهڻو متاثر ٿيو ۽ جلدي ئي سندس پڪن عقيدتمندن جي فهرست ۾ شامل ٿي ويو. پاڪستان ٿيڻ کان اڳ هن پنهنجي عملي زندگيءَ جو آغاز شڪارپور جي سي اينڊ ايس ڪاليج ۾ فارسي پڙهائڻ سان ڪيو. ليڪن ڪجهه وقت کان پوءِ ڪراچي ۾ 1945 ۾ سنڌ مدرسة الاسلام ۾ استاد ٿيو ۽ اُتان وري بهاءَالدين ڪاليج جهوناڳڙهه هليو ويو، جتي فارسي ۽ عربي پڙهائڻ لڳو. جڏهن اتي به مزو نه آيس ته وري موٽي اچي ڪراچيءَ ۾ اين.جي.وي هاءِ اسڪول ۾ استاد مقرر ٿيو. 1946ع کان 1948 تائين ايس.ايم.ڪاليج ڪراچيءَ ۾ آنرز جي سطح تائين فارسي پاڙهيندو رهيو، ليڪن 1948 کان 1953 دوران وري حيدرآباد گورنمينٽ ڪاليج ۾ فارسيءَ جو استاد ٿيو، جتي ايم.اي جي سطح تائين فارسي پڙهايائين. انهيءَ عرصي دوران هُو شام جو مدرسة النبات ۾ به فارسي سيکاريندو رهيو. آخر علامه قاضيءَ جي وائيس چانسلريءَ جي زماني ۾ 1953 ۾ فارسي شعبي جو ريڊر ۽ سربراهه مقرر ٿيو، جتي ڏهن سالن تائين اهي خدمتون سرانجام ڏنائين. ساڳئي وقت ايڊيوڪيشن انسٽيٽيوٽ ۾ همعصر تهذيبون، تعليم جي سماجيات ۽ تعليمي انتظام جهڙا مضمون به پڙهائيندو رهيو.

1963 کان 1970 تائين فارسي شعبي جي سربراهه جي حيثيت ۾ تحقيق ڪندڙ شاگردن جي عملي رهنمائي پڻ ڪندو رهيو. 1970 ۾ کيس سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو، جتي ڪجهه عرصي رهڻ بعد کيس ايڊيشنل سيڪريٽري تعليم سنڌ سرڪار مقرر ٿيو.

پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي دورِ حڪومت ۾ فارين آفيس تحت 1974 کان 1978 تائين ايران ۾ پاڪستان سرڪار طرفان منسٽر جي عهدي تي فائز رهيو، جنرل ضياءَالحق جي مارشل لا ۾ جڏهن کيس ان عهدي تان هٽايو ويو ته پاڻ تهران ۾ رهائش کي ترجيح ڏنائين ۽ اتي پاڪستان اسڪول ۽ ڪاليج جو پرنسپال ٿيو، جتي تقريباً پندرهن سال يعني 1993 تائين خدمتون سرانجام ڏنائين. اهوئي زمانو هو جڏهن سنڌ واپس آيو ۽ ڪجهه وقت لاءِ ڪراچي يونيورسٽيءَ سان وابسته رهيو، سال 1995ع ۾ سنڌ سرڪار کيس ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جو چيئرمين مقرر ڪيو، پر ان عهدي تي هُو گهڻو وقت نه رهي سگهيو جنهن جو کيس ڏک به رهندو هو. منهنجي ملاقات به ساڻس ان زماني ٿي جڏهن آءٌ ڪمشنر حيدرآباد ڊويزن هوس. انهيءَ عرصي دوران جڏهن سنڌي ادبي بورڊ طرفان منهنجي ڪتاب ’صوفي لا ڪوفي‘ جي افتتاحي تقريب ٿي ۽ جنهن ۾ خاص مهمان تڏهوڪو وزيرِاعليٰ سنڌ سيد عبدالله شاهه هو ته قاضي صاحب پاڻ ان تقريب ۾ شريڪ هو ۽ ان موقعي تي علامه قاضيءَ جي عقيدتمند جي حيثيت ۾ تقرير به ڪئي هئائين. هتي ان يادگار تقريب جا فوٽا پيش ڪجن ٿا:

 

 

سال 1996 ۾ جڏهن آءٌ ڪراچيءَ بدلي ٿي آيس ۽ جي.او.آر ۾ رهڻ لڳس ته قاضي صاحب جو ذاتي فليٽ به جي.او.آر جي پوئين طرف گلشن فيصل ۾ هو جتي پاڻ جرمن گهرواريءَ سان گڏ رهندو هو. اهو زمانو هو جڏهن علامه آءِ.آءِ قاضي ميموريل سوسائٽي جي گڏجاڻين ۾ ساڻس ملاقاتون ٿيڻ لڳيون. هڪ اهڙي يادگار گڏجاڻيءَ جي پاڻ پنهنجي فليٽ تي سڀني ميمبر حضرات جي مهمانيءَ سان تواضع ڪيائين، جنهن ۾ ٻين کان علاوه علامه قاضي سوسائٽيءَ جو صدر ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر حميده کهڙو، علي احمد بروهي، خيرمحمد لاڙڪ ۽ آصف علي قاضي شريڪ هئا. انهيءَ موقعي تي فليٽ جي هڪ ڪمري ۾ قاضي صاحب جي ذاتي لئبرري کي مختصر طور ڏسڻ جو موقعو مليو، ليڪن ان کان پوءِ جڏهن آءٌ وٽس ويو هوس ته ان کي تفصيلي طور ڏسڻ نصيب ٿيو هو جنهن ۾ فارسي ڪتابن جو بيش بها ذخيرو هو، انهن  ملاقاتن ۾ قاضي صاحب ٻڌايو ته هاڻي هو جلد مستقل طور جرمنيءَ منتقل ٿي رهيوآهي. مون کي اهو به اشارو ڏنائين ته ڪو ڪتابن جو حُبدار هجي ته ڀلي ڪتاب خريد ڪري وٺي.

جرمنيءَ وڃڻ کان پوءِ به قاضي صاحب پاڪستان ايندو رهندو هو. آخري ڀيرو جڏهن 2013 ۾ آيو ته اسان جي عرضداشت تي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ تحقيقاتي اداري طرفان 6 اپريل تي حيدرآباد ۾ منعقد تقريب جي هڪ ويهڪ جي صدارت ڪيائين ۽ ان موقعي تي خطاب به ڪيائين. وري جڏهن ڪراچيءَ آيو ته مون کيس پنهنجي گهر اچڻ جي  دعوت ڏني. انهيءَ موقعي تي جڏهن هو منهنجي لئبرريءَ ۾ ويٺو هو ته مون کيس ٻڌايو ته آءٌ اڄڪلهه علامه آءِ.آءِ قاضيءَ جا خط ايڊٽ ڪري رهيو آهيان، مون کيس ڪجهه ڪمپوز ٿيل خط به ڏيکاريا جيڪي علامه صاحب جا مرتضيٰ قاضيءَ ڏانهن لکيل هئا. مرتضيٰ قاضي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ استاد ۽ قاضي صاحب جو همعصر هو ۽ وڏي ڳالهه ته علامه صاحب جي ڪري هڪ ٻئي جا ڄاتل سڃاتل هئا. ائين ڪچهري ڪندي مون کيس چيو ته منهنجو اندازو آهي ته علامه صاحب جا خط توهان ڏانهن به ضرور هوندا. پاڻ مڃي ورتائين ته هائو مون وٽ به ڪجهه خط آهن، مون کيس چيو ته اهي خط به هن مجموعي ۾ شامل ٿي وڃن ته بهتر. اهو ٻڌي هائوڪار ڪيائين ۽ چيائين ته آءٌ جرمنيءَ وڃي اهي اصلي خط توهان ڏانهن موڪلي ڏيندس. قاضي صاحب جرمنيءَ پهچڻ بعد 26 اپريل 1213 تي ٻارهن خط اصلي صورت ۾ موڪلي ڏنا، جنهنڪري مون کي ڪتاب کي مڪمل ڪرڻ ۾ ڪجهه وڌيڪ عرصو لڳي ويو. هاڻي مون کيس وڌيڪ فرمائش ڪئي ته مهرباني ڪري ڪتاب جو پيش لفظ يا ڪم از ڪم تاثرات جي صورت ۾ ڪجهه لکي موڪليو، هن سلسلي ۾ ساڻس جرمنيءَ ۾ هڪ ٻه دفعا ڳالهه ٻولهه به ٿي. پاڻ اهي ٻئي وعدا پاڙيائين ۽ پنهنجا مختصر تاثرات هڪ صفحي تي ڦهليل لکي موڪليائين جن ۾ مرتضيٰ قاضيءَ جو به ذڪر ڪيائين ۽ ان سان گڏ پنهنجي ذاتي مختصر سوانح ۽ ڪارناما يعني (Curriculum Vite)  به ڏياري اُماڻيائين اهو مواد اسان علامه آءِ.آءِ قاضي جي خطن جي مجموعي (Epistles of Divine Wisdom) يعني حڪمت الاهيءَ سان ڀرپور خطن ۾ شامل ڪيو آهي، اهو ڪتاب سال 2015 ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپجي چڪو آهي.

تصنيف ۽ تاليف:

جناب نبي بخش قاضي سال 1960 ۾ جرمنيءَ جي مشهور يونيورسٽين همبرگ ۽ گوٽنجن مان ڊاڪٽريٽ جي سَنَد حاصل ڪئي، جتي سندس موضوع هو: ’ايران جا مظفري حڪمران ۽ حافظ شيرازي‘ ان کان پوءِ سال 1964 ۾ ڪيمبرج ۾ کيس پوسٽ ڊاڪٽوريٽ اڀياس جو موقعو مليو جتي وري ايران جي پوئين دور جي مشهور فلسفي مُلا صدرا جي فڪر تي سندس تصنيف ’حڪمة الاشراق‘ جي حوالي سان مقالو لکيائين. 1967 ۾ ميونخ ۽ ڪيل يونيورسٽيءَ ۾ ملا صورا جي ’فلسفه وجود‘ تي مزيد تحقيق ڪيائين.

قاضي صاحب جي لکڻين جو باقاعدي آغاز 1950 کان ملي ٿو، جڏهن سندس ابتدائي تحريرون حيدرآباد مان نڪرندر ٽارچ (Torch) ۾ شايع ٿيون. اهڙيءَ طرح ايران ۾ ڪيترا سال رهن دوران ڪيترين
بين الاقوامي ڪانفرنسن ۾ شريڪ ٿيو ۽ انهن جي دعوت تي خصوصي مقالا پيش ڪيائين، سندس ڪجهه اهڙا مقالا ايران جي ادبي ۽ علمي رسالن ۾ شايع ٿيل آهن، هڪ ڳاڻيٽن موجب سندس اهڙن مقالن جو تعداد ٻارهن ۽ اڻ ڇپيل مقالن جو انگ به ان جي لڳ ڀڳ آهي. قاضي صاحب پاڻ اهو تفصيل خانه فرهنگ جمهوري اسلامي ايران ڪراچي طرفان 1381 قمري ۾ شايع ٿيل ’چهره ماندگار ز باب و ادب فارسي در سند‘ ۾ درج ڪيو آهي اهو اسان هتي آخر ۾ پيش ڪري رهيا آهيون.

علمي تحقيق جي ميدان ۾ قاضي صاحب جو ڪارنامو احمد روميءَ جو ڪتاب ’دقائق الطريق‘ جي دريافت ۽ علمي دنيا ۾ سندس وسيلي ان جو متعارف ٿيڻ آهي، احمد رومي اٺين صدي هجري جو صوفي ۽ شاعر آهي، هُو پاڻ مولانا جلال الدين روميءَ جي طريقي سان وابسته ڄاڻائي ٿو. دراصل هُو پنهنجي ٻن تصنيفن ’دقائق الحقائق‘ ۽ ’دقائق الطريق‘ جي ڪري مثنوي روميءَ جي هڪ وڏي شارح جي حيثيت رکي ٿو. پهريون ڪتاب سال 720هه ۾ ٻيو سال 725هه آهي گويا ٻئي تصنيفون مولانا روميءَ جي وفات (672) کان اڌ صديءَ جي اندر جون آهن، وڏي ڳالهه ته احمد رومي پوئين تصنيف وقت هندستان ۾ هو.

قاضي صاحب 1967 ۾ امريڪا جي مشيگن يونيورسٽيءَ ۾ مستشرقين جي بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ ’دقائق الطريق‘ جو هڪ نادر نسخو نالي سان پنهنجو تحقيقي مقالو پڙهيو، جيئن ته هن کان اڳ احمد روميءَ جي هن تصنيف بابت ڪنهن به عالم ڄاڻ نه ڏني هئي يا ڪنهن کي خبر نه هئي تنهنڪري پنهنجي جاءِ تي علمي دنيا ۾ اهو هڪ نئون علمي انڪشاف هو. انهيءَ مقالي ۾ هو ٻڌائي ٿو ته پاڻ جڏهن روهڙيءَ جي اسڪول ۾ پڙهندو هو ته ڪيئن کيس هڪ اوطاق ۾ پراڻي پيتيءَ ۾ ڪپڙي ۾ ويڙهيل اهو ڪتاب مليو هو، قاضي صاحب هن ڪتاب جي موجودگيءَ بابت وقت جي ٻن وڏن مستشرقين هيلموٽ رٽر (Helmut rittr) ۽ اي.جي.آربري ڏانهن خط لکي ان ڳالهه جي تصديق ڪئي هئي جن کيس ٻڌايو هو ته هو واقعي احمد روميءَ جي اهڙي نالي کان اڻ واقف آهن، وڏي ڳالهه ته ايستائين احمد روميءَ جي ٻئي ڪتاب ’دقائق الحقائق‘ بابت به پوري خبر نه هئي. اهوئي سبب هو جو ’دقائق الطريق‘ بابت سندس مقالي ۾ اهو ابهام موجود هو.

ايران ۾ رهائش دوران قاضي صاحب جو ارادو هن ڪتاب کي پنهنجي تحقيق سان ايڊٽ ڪري شايع ڪرائڻ هو. ليڪن ائين نه ٿي سگهيو ۽ پاڻ جڏهن ايران مان پاڪستان واپس اچي رهيو هو ته هي نسخو ٻين قلمي ڪتابن سان گڏ سيد احمد بهشتيءَ جي حوالي ڪري آيو. هن وري ڪجهه وقت بعد اهو نسخو محسن ڪيانيءَ جي حوالي ڪيو، جنهن جي تحقيق سان اهو ڪتاب 1376 قمري هجريءَ مطابق شايع ٿي منظرِعام تي آيو، محسن ڪيانيءَ جي ان ڪتاب ۾ قاضي صاحب جو اصلي مقالو شامل ڪيو آهي، گويا اهو سندس اوائلي ڪاوش جو علمي اعتراف آهي. محسن ڪياني پنهنجي پيش لفظ ۾ اهو واضح ڪيو آهي ته هن ان نسخي جي ٻئي نقل جو پتو لڳايو جيڪو قاهره جي ڪتبخاني ۾ موجود آهي پر ان تائين هن جي رسائي نه ٿي سگهي ۽ هن قاضي صاحب واري ڏنل نسخي کي بنياد بنائي اها تصنيف دنيا وارن جي آڏو پيش ڪئي ۽ اهو ڪتاب عيسوي سال 1998 ۾ تهران مان شايع ٿيو. گويا هن ڪتاب جو شايع ٿيڻ سنڌ وارن خاص طور قاضي صاحب جو مرهون منت آهي.

قاضي صاحب سال 2004 ۾ سنڌ کي خيرباد چئي وڃي جرمنيءَ جا وڻ وسايا، ليڪن ان کان اڳ سنڌ آرڪائيوز ڊپارٽمينٽ جي چوڻ تي سنڌ جي مؤرخ ۽ شاعر مير علي شير قانع جي فارسي تصنيف
’مڪلي نامه‘ جيڪا اعليٰ فارسي نثر ۽ نظم جو شاهڪار آهي، تنهن کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري رهيو هو، جيڪو پوءِ جرمنيءَ مان مڪمل ڪري موڪليائين. انگريزي ترجمي منجهان سندس انگريزي ٻوليءَ تي قدرت ۽ فارسي نظم تي عبور حاصل هئڻ جو وڏو ثبوت ملي ٿو. اهو انگريزي ترجمو آرڪائيوز ڊپارٽيمنٽ طرفان سال 2008 ۾ شايع ٿيو جنهن سان گڏ منهنجي مشوري تي حسام الدين راشديءَ جو مڪلي نامه وارو فارسي متن پڻ شامل ڪيو ويو.

قاضي صاحب 2013 ۾ جڏهن سنڌ آيو هو ته ٻڌايو هئائين ته سنڌ انڊومنٽ وارن جي فرمائش تي ’تاريخ تازه نواءِ معارڪ‘ جيڪا فارسيءَ ۾ منشي عطا محمد شڪارپوريءَ جي تصنيف آهي، تنهن جو انگريزي ترجمو هٿ ۾ آهي، هن ڪتاب ۾ ميرن جي پوئين دور ۽ انگريزن جي آمد جا ڪيترا اکين ڏٺا واقعا بيان ٿيل آهن.

جيئن آءٌ اڳ ۾ مٿي عرض ڪري آيس ته 2013 کان پوءِ علامه آءِ.آءِ قاضيءَ جي خطن جي سلسلي ۾ جرمنيءَ ۾ هوندي قاضي صاحب سان خط و ڪتابت ۽ فون وسيلي ڳالهه ٻولهه جو سلسلو جاري رهيو. هن سلسلي ۾ سندس ٽي مختصر خط پڻ شامل هجن ٿا، جن ۾ سنڌ سان لازوال محبت ۽ علامه قاضيءَ سان عقيدت جو والهانه اظهار ملي ٿو ۽ جن مان سندس نماڻي ۽ نهٺي شخصيت ۽ طبيعت جهلڪندي نظر اچي ٿي.

قاضي صاحب پنهنجي ذاتي زندگيءَ بابت ٻڌايو ته هن ٻه شاديون ڪيون. پهرين خاندان وارن مان ننڍي عمر ۾ ڪرائي وئي ۽ سندس ان گهر واريءَ جو نالو زيب النساءُ هو جيڪا 2012 ۾ گذاري وئي ۽ ٻي جرمن عورت جنهن جو نالو سوسن آهي، قاضي صاحب کي ڪل پنجن پٽن ۽ ٻن ڌيئرن جو اولاد ٿيو، قاضي صاحب ٻيانوي سالن جي عمر ۾ 29 جون 2015ع تي جرمنءَ ۾ وفات ڪري ويو.

سنڌ ۽ جرمنيءَ وارن جي سنٻنڌ جي ڪهاڻي اڻويهين صديءَ جي پوئين اڌ ۾ شروع ٿئي ٿي، جڏهن ارنسٽ ٽرمپ شاهه جو رسالو ’ديوان عبداللطيف‘ جي عنوان هيٺ ٽائپ، لپرگ شهر مان پهريون دفعو سال 1866 ۾ شايع ڪرايو، ۽ ان کان پوءِ 1872 ۾ سندس سنڌي ٻوليءَ جو گرامر به پڌرو ٿيو، جنهن مان سندس سنڌي زبان تي مهارت ۽ ان سان محبت ظاهر ٿئي ٿي، وري هڪ صدي پوءِ يعني ويهين صديءَ ۾ جرمن خاتون اينيمري شمل، سنڌ ۽ سنڌ وارن سان محبت جو پورو حق ادا ڪري ڏيکاريو. جڏهن شاهه عبداللطيف ۽ سنڌ ۾ تصوف جي شاندار روايت کي جرمن ٻوليءَ کان علاوه انگريزيءَ ۾ جديد تحقيقي انداز سان دنيا وارن آڏو پيش ڪيو، سندس تحريرون سنڌ جي حوالي سان املهه خزانو آهن.

سنڌ وارن کي جرمن قوم جي انهي احسانن جو لاشعوري طور احساس رهيو آهي. ۽ هنن محبت جو جواب محبت سان ڏنو آهي. هن سلسلي ۾ علامه آءِ.آءِ قاضي جو جرمن خاتون ايلسا سان ازدواج خاص طور قابلِ ذڪر آهي، جنهن شاهه عبداللطيف جي منتخب ڪلام کي بهترين انگريزي شاعريءَ ۾ پيش ڪري ڏيکاريو. آخر هن شاهه عبداللطيف جي زبان ۾ سنڌ جي وطني صحرا کي هميشه لاءِ پنهنجو سترُ سمجهي اختيار ڪيو جو علامه صاحب سان گڏ ڄام شوري ۾ ابدي آرامي آهي، اسان جي نبي بخش قاضي وري علامه صاحب جي نقشِ قدم تي هلندي نه صرف جرمن زبان ۾ مهارت حاصل ڪئي ۽ جرمن عورت کي پنهنجو شريڪِ حيات بنايو بلڪه سنڌ جي سڪ ۽ سور سيني ۾ سانڍي جرمنيءَ کي پنهنجو آخري گهر ۽ آرامگاهه طور اختيار ڪيو، هن جنهن نموني ۾ زندگي گذاري ان لاءِ شاهه لطيف جو هي بيت مٿس صادق اچي ٿو:

مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿين مات،

هوندا سي حيات، جيئان اڳي جي جيئا.

ڊاڪٽر نبي بخش قاضيءَ جون تحريرون:

1964ع ۾ قلندر لال شهباز بابت انگريزيءَ ۾ هڪ مختصر ڪتاب لکيو جيڪو آر.سي. ڊي طرفان شايع ٿيو ۽ ان کان پوءِ ان جا فارسي ۽ اردو ترجمه به پڌرا ٿيا.

شايع ٿيل تحقيقي مقالن جو تفصيل هن ريت آهي، جيڪي انگريزيءَ ۾ آهن:

1.              Life Values in Persian Literature – (R.C.D Journal)

فارسي ادب ۽ زندگيءَ جا قدر

2.             Ibn-Farid’s Philosophy of Life – (The Torch Hyderabad)

شاعر ابن الفارض جي زندگيءَ جو فلسفو

3.             German Contributious to Islamic Studies – Pakistan Asiatic Journal Dacca.

اسلام جي مطالعي ۾ جرمنيءَ وارن جو حصو

4.             The Highest Common Factor – (The Torch Hyderabad)

وڏي ۾ وڏو مشترڪ انگ

5.             Sindon (سنڌڻ) Sindh University, Journal

6.             Ziryab (زرياب), the Great Musicar – (S.U.J)

زرياب هڪ وڏو موسيقار

7.             Platinus and his Enneads – (S.U.J)

فلاطينوس ۽ سندس ڪتاب اينڊس

8.             Goethe an Islam – (S.U.J)

جرمن شاعر گوئٽي ۽ اسلام

9.             Umar Khayyam’s contribution to Maths and Astronomy. ‘The News’.

عمر خيام جو رياضي ۽ علم هيئت ۾ حصو

10.          Islam and the March of Civilization – (Tehran Times)

اسلام ۽ تهذيب جي ترقي

11.          Al-Ghazzali, A bland of Intellectual and Emotion

غزالي: عقل ۽ احساس جو مرڪب

12.         Islam, The Vehicle of Progress

اسلام ترقيءَ جي شاهراهه

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org