سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2/ 2019ع

باب:

صفحو:9 

رحيمداد جوڳي

 

 

 

 

 

رنگين خواب

 

هاڻي هُو

جڏهن شهر ۾

رهن ٿا ته

ڳوٺ جي سُنهري شام جا

خواب ڏسن ٿا

۽ جڏهن ڳوٺن ۾

رهندا هئا ته

اڪثر شهر جي روشنين جا

خواب سندن ننڊ ۾

داخل ٿي ويندا هئا!

خوابن

سندن يادن کي

رنگين بڻائي ڇڏيو آهي!!

*

اڪيلائيءَ جي شَهر ۾

ماڻهن جي ڳوٺ مان

وڇڙي

اڪيلائيءَ جي شهر ۾

وڃائجي ويو آهيان!!

*

ننڍڙو نظم

مون ننڊ وڪڻي

نظم ورتا

تون نظم کڻي وڃ

مون کي ڀاڪر ڏئي وڃ!!

هوءَ

هوءَ سڄي واٽ

سفر ۾

خاموش ئي رهي!

اسان

شوڪارا پئي ڀريا!!

 

پاڻيءَ ۽ ڇوڪري

سمنڊ جو پاڻي

خواب ناهي ڏسندو

هُو پنهنجي اندر ۾

نمڪين ڇوڪريءَ جهڙو آهي!!

منهنجو درد

اڄ چنڊ

ڪونه اُڀرندو

آسمان هيٺ ڪِري پيو آهي!

منهنجو درد

سمنڊ جيڏو آهي!!

وڏا ماڻهو

وڏا ماڻهو

واعدن جا ڪچا

دشمنيءَ جا پڪا هوندا آهن!!

 

تعريف....

شاعر

عورت

۽

خدا کي

پنهنجي تعريف وڻندي آهي!!

 

گل محمد چنجڻي

 

 

 

 

12 ٻولين ۾ ڌمال قلندر

آهي قلندر توکي سلام

1-  سنڌي

مرشد منهنجو اچڻو آ

ٿي کير ۾ گل ترڻو آ

جيئن چوان ٿو ايئن ٿيندو

خالي نه سمجهو هام

آهي قلندر توکي سلام.

هي چرٻٽ وارا چٽ ٿي ويندا

ڪلا هنن جا پٽ ٿي ويندا

ٿيندا گندا هي گم نام

آهي قلندر توکي سلام.

سڀني جي سڻائي ڪر قلندر

آهي خالي جهولي ڀر قلندر

چوي چنجڻي تنهنجو گل محمد غلام.

آهي قلندر توکي سلام.

2- سرائڪي

ميلا سائيان دا عيدان تون وڌ ڀاوان

ايهه ايجهي خوشي نااهندي ڪا حد ڀاوان

زيارت ڪرڻ ڪيتي سڪ وچ سڪدا هام

آهي قلندر توکي سلام.

3- بلوچي

قلندرا آختمَ ٿئين دران

فيلو خَنَي مَئي بحران

قلندرا اَستان ٿئين غلام

آهي قلندر توکي سلام.

 

ترجمو:

قلندر تو وٽ آيا آهيون

خدا جي درٻار مان ڀلائي اسان جي ٿئي

اسان تنهنجا پانڌيئڙا آهيون

 

4- پنجابي

ساڈی پنڈا چون چھوٹی بڑی بندی آئی نی

ساری اپنی اپنی مَن دِیان مرادان لائی نی

تون سب دی سٹائی کر سُنہیان تی-ا جوہی اعلیٰ مقام

آهي قلندر توکي سلام.

5- اردو

نصیب والے ہیں ہم نصیب رب نے بڑا دیا

محبت کا رنگ دل پر چڑھا دیا

ہم لوگوں کا لکھ دے ملنگوں میں نام

آهي قلندر توکي سلام.

6- بروهڪي

دير باکو خَلَقَ ٽِي اَهِسَ سيواڻي

نا مُحَبَتَ پَنَي هِسَ سيواڻي

نِما فيضَ هَلَڪَ صُحُبُ مدام

آهي قلندر توکي سلام.

ترجمو:

پاڻي ماني ڳوٺ ۾ به هيو سائين

اسان چاهت ۾ آيا آهيون

تنهنجو فيض هر وقت هلندڙ آهي.

آهي قلندر توکي سلام.

7- گجراتي

آ مَيڙا مان هَرَ مَنُ کاڌَي آوَسَي

قلندر نِي درٻار دُعائي مانگ سَي

آ اَيئي لعل بنايا رحمان

آهي قلندر توکي سلام.

ترجمو:

هن ميلي ۾ ڪيترائي ماڻهو ايندا آهن

۽ قلندر جي درگاهه تي دعا گهرندا آهن

اوهان کي الله پاڪ لعل جي نالي سان نوازيو آهي.

8- فارسي

درَي فيضَ قلندر سنڌ رَسَيدَ مَ

سراري بَودلهَ بهار دَسَتُمَ

اَيَا عثمان مَرَوَندي پَوشتمَ حُسينِ اِمام

آهي قلندر توکي سلام.

ترجمو:

در فيض جو قلندر سنڌ ۾ آهي

اِسرارَ ظاهر بودلو بهار آهي

جنهن تي سندس جو هٿ آهي

۽ توهان امام حُسينعه جي پونيئر مان آهيو

 

9- بنگالي

ڪوَنوَ لوگ خالي زائي نا ٿيڪي تُمار دربار

ڪَوتَو مانوش دُعا ئَي مانگ تي آشيا سَي مُرشد مزار

تورَ لنگر چَلَتِيا سَي شڪل اَرَ شندام

آهي قلندر توکي سلام.

ترجمو:

ڪوبه ماڻهو خالي ناهي ويندو دربار مان

سڀني جي اميد پوري ٿيندي آهي مرشد تو وٽ

تنهنجو لنگر خير هلندڙ آهي صبح ۽ شام

 

10- پشتو

اُبَو مَڙائي ڪَليَ تان مُنگ سيواڻي

مِنا محبت ڪَي دلتا راغلي تان مُنگ سيواڻي

دَهَه شُڪر دي مَقبرا بابا اِسترگي وَليام

آهي قلندر توکي سلام.


 

ترجمو:

پاڻي ماني ڳوٺ هيو سيواڻي

اسان چاهت ۾ آيا آهيون سيواڻي

۽ ڪرم آهي جو روضو اکين سان تو ولي جو ڏٺو

 

11- انگريزي

شهباز اوڪي اِز سيوَهَن سنڌستان

يُو آر موسٽ اينڊ نيمُ عثمان

هَيئر از بيوٽي ڦل روز اِن سنڌ فلاوَر فامَ

آهي قلندر توکي سلام.

ترجمو:

شهباز ٺيڪ آهي اوهان جو سيوَهڻ سنڌ ۾

اچڻ توهان اهم آهيو  ۽ نالو اوهان جو عثمان

تون خوبصورت گل آهين سنڌ جي اندر.

 

12- عربي

وَلَقَہُ اَرَفعُ شهباز قلندر

لَمَا طَلَعَتِ الشمَسَ يَعَلَمِعُ القَمَرَ

قَلَبُ مُنوَره اَنتَ دينُ ال اِسلام

آهي قلندر توکي سلام.

ترجمو:

توهان جو لقبُ اعليٰ شهباز قلندر آهي.

۽ چمڪو ٿا سج ۽ چنڊ وانگر

۽ دل اوهان جي روشن آهي دين اسلام لاءِ

 

انجم قاضي

 

 

 

غزل

هوءَ  جڏهن   ڀي  اسان  کي  پرائي  لڳي،

زندگيءَ   تي    اچڻَ     پوءِ    توائي  لڳي.

تون نه آئينءَ، نه مرڪي سگهيا رنگ ڪي،

هيلَ    هولي به    سائڻ!   اَجائي  لڳي.

نااهل   ديس  جي   هيءَ  سياست  سدا،

سنڌ   کي   هر   دفعي   ٿي   بُرائي  لڳي.

صبحُ  ڇا، منجهند  ڇا،  شام  ۽  رات ڇا؟

هجر    جي    هر گهڙي   ئي   اَڻائي  لڳي.

ڪو   سنيهو   هُيو   عشق   سُقراط  جو،

زهر  کي   ڳيتَ   ڏيڻ   ڀي   سَڻائي  لڳي.

تنهنجي، منهنجي سدائين ته وچ ۾  مٺي!

وقت   جي   ڪيتري   هيءَ   ٻِيائي  لڳي.

 

غزل

 

ڇانورو  ڏيندو   رهيو  ڪنهن  وڻ  جيان،

پيار  پنهنجو  ٿي  ويو  ڪنهن  وڻ  جيان.

منهنجي   غربت   جا    اگهاڙا    پير    ها،

ڌر تتيءَ  ساڙي  ڇڏيو  ڪنهن  وڻ  جيان.

واءُ   وانگر  مون  وڃي  هُنَ   کي  ڇُهيو،

هُو  پَيُو  جُهومي  هُيو ڪنهن  وڻ  جيان.

هُنَ  پڇي معني' مون کان  پئي  پيار جي،

مون کِلِي هُنَ  کي چيو ڪنهن وڻ جيان“.

نظر  جي سامهون  رُڳي  هڪ  رُڃّ  هئي،

عشق  هو بيهي رهيو  ڪنهن  وڻ  جيان.

بي   دليا  جيئندا    رهيا   سي   ڏيھ   ۾،

پئي اندرُ ماڻهن  وَڍيو  ڪنهن  وڻ  جيان.

جُونِ   جي   نٽهڻ    هُيو   انجم!   جيون،

۽ مٿان هڪ شخص  هو ڪنهن وڻ جيان.

 

غزل

رات   جو  هڪ  وڳو   آهي،

درد      ڊوڙي    پُڳو    آهي.

ڪنڌ ڪهڙو  کڻي  سگهندو،

هارجي    جو     ڀَڳو   آهي.

ٻاٽَ   ۾   واءُ   جو   جهوٽو،

ڄڻ ته ڪنهن کان ڊڳو آهي.

پيار  ٿي  وڃڻ  کان پوءِ   هُو،

شخص    جيئڻ    لڳو   آهي.

چنڊَ    جي   رات    آڳر    ۾،

هُنَ   کي ڪارو   وڳو   آهي.

مرڪندو ڪيئن اهو جڳ ۾،

جنهن   ڏٺو  دکُ  رڳو   آهي.

ويو    ٿي   گمنام   آ   انجم،

توکان  جئن  ئي ڇِڳو   آهي.

 

غزل

هنيانءَ  ئي    هارجي   ويا   آهيون،

وقت    کان     مارجي   ويا   آهيون.

هاڻ    تنهنجي    خيال    ۾     پيارا

پاڻ      ٿي     خارجي   ويا   آهيون.

ڪا سڃاڻپ  ٿئي نه   ٿي  پنهنجي،

راھَه      ۾      مارجي    ويا    آهيون

ڪنهن ختم ٿي ويل قصي  تي  ڄڻ،

ليڪَ   جان    وارجي    ويا    آهيون.

خاڪ    اڏري   وجود    مان    پيئي،

باھه       ۾    ٻارجي     ويا     آهيون.

هيل   انجم!   هجر   جي  موسم  ۾،

لڙڪ    ٿي    هارجي    ويا    آھيون

 

امتياز عادل سومرو

 

 

 

 

ماهه ٿو فردوس ۾ ٻاري ڇڏين

ماهه ٿو فردوس ۾ ٻاري ڇڏين!

سونهن ٿو ڪاري ڪري ماري ڇڏين!

گام تان گهُوري ٻه ٽي گوليون هڻي،

پيار جا پاپي ايئن پسٽل کڻي،

جهنگ جي قانون ڪاري جا ڌڻي.

ڇو گلابي جسم ٿو ٺاري ڇڏين!

سونهن ٿو ڪاري ڪري ماري ڇڏين!

وحشتن جا ڏيهه ۾ ڏئي واڪ تون،

۽ ارادا خود کڻي ناپاڪ تون،

پيار جي پرزا ڪري پوشاڪ تون.

نينهن کي ننگو ٿو بيهاري ڇڏين!

سونهن ٿو ڪاري ڪري ماري ڇڏين!

نفرتون بندوق ۾ پيو ٿو ڀرين،

سونهن سِڪَ تي روز ٿو حملا ڪرين،

شل ٻڏي پنهنجي پگهر ۾ تون مرين،

خون سان ڇو ٿو خوشيون ڌئاري ڇڏين!

سونهن ٿو ڪاري ڪري ماري ڇڏين!

شاهديون مهراڻ جون ڇوليون ڀري،

جي ڏين توتي ته منهنجي دل ٺري،

عشق جي الزام ۾ قابو ڪري،

تون سنڌوءَ ۾ لاش ٿو تاري ڇڏين!

سونهن ٿو ڪاري ڪري ماري ڇڏين!

تو محبت جي نه سمجهي ماجرا،

دل جي دنيا کان صفا ڄڻ اوپرا،

او اَڙي! آدم جا اَرڏا ڇوڪرا،

تون حوا کي رت ٿو رئاري ڇڏين!

سونهن ٿو ڪاري ڪري ماري ڇڏين!

هر گهڙي توتي ملامت پئي وَسي،

تون دلين کي دشمنين جا دَرَ ڏَسي،

روح ڪنهن جي کان ايئن راجا کَسي،

رَت ۾ راڻي ٿو وهنجاري ڇڏين!

سونهن ٿو ڪاري ڪري ماري ڇڏين!

شَڪَ جا شيطان سڀ سمهندا وري،

سونهن سِڪَ آزاد ٿي گهمندا وري،

ڪي ته ڪنهن جا هٿ وٺي چمندا وري،

حوصلو ”عادل“ متان هاري ڇڏين!

سونهن ٿو ڪاري ڪري ماري ڇڏين!

 

منهنجي جيجل امان!

 

تنهنجا ٿورا ڳڻيا پر ڳڻيان ڪيئن مان!

منهنجي جيجل امان!

انگ ايڏا جي آڻيان ته آڻيان ڪٿان،

منهنجي جيجل امان!

سؤ صدين تائين تنهنجي مان خدمت ڪيان،

تنهنجا احسان لاهي ڪٿي ٿو سگهان!

منهنجي جيجل امان!

سڏ تنهنجا ”ڪڏي ٿو وڃن او ابا“،

منهنجي ورندي ”اِجهو ٿو اچان مان امان!“

منهنجي جيجل امان!

تنهنجي چهري ۾ ڪعبو چِٽو ٿو ڏسان،

تنهنجي پيرن جي هيٺان ٿو جنت پَسان!

منهنجي جيجل امان!

يادٿم ڊوڙي ڀاڪر ۾ تنهنجو ڀرڻ،

ٿاٻو کائي ڪٿي جي ڪِري پيو پوان!

منهنجي جيجل امان!

خوف خطر ختم، ڊڄ ڊپ ڊاءَ گُم،

تنهنجي جهوليءَ ۾ جنهن دم اچي پيو لِڪان!

منهنجي جيجل امان!

بيڊ بستر ڀلا، گيت نغما نوان،

ساءُ جهوليءَ ۽ لوليءَ جو ڏيندا ڪٿان!

منهنجي جيجل امان!

تو جيان ڪا ڪهاڻي ٻڌائن نٿا،

ريڊيي ٽي.وي کي ڪمپيوٽرن کي ڀڃان!

منهنجي جيجل امان!

ڪير قيامت جو ويهي ڪري انتظار،

پنهنجي ”عادل“ کي هٿ ڏئي وٺي وڃ هِتان،

منهنجي جيجل امان!

 

جيئند علي مهر

وائي

زماني هٿن مان!

سِڪَ سُڏڪي آ موڪلايو!

ورِهه ٿا وَريو ناهي،

سارَ جي سڏن مان،

سِڪَ سُڏڪي آ موڪلايو!

هرڪو هوڏَ انائن پويان،

ڄڻ مِٽَنِ مائٽن مان،

سِڪَ سُڏڪي آ موڪلايو!

وقت اڃان به آ ساڳيو،

الائي ڇو دلين مان،

سِڪَ سُڏڪي آ موڪلايو!

مُرڪ مصنوعي لڳم ”جيئند“

انسانَ جي اکين مان،

سِڪَ سُڏڪي آ موڪلايو!

وائي

اکين جي شَهرَ ۾،

اوجاڳا هِن اُٿِليا!

خالي خالي ڪمرو،

غزل ۽ نثر ۾،

اوجاڳا هِن اُٿِليا!

هُنَ کي چئج

هوا....

مُنهنجي پَڌر ۾،

اوجاڳا هِن اُٿِليا!

اڃان خَطَ نه آيو،

سارَ جي سفر ۾،

اوجاڳا هِن اُٿِليا!

اوجاڳا هِن اُٿِليا!

 

وائي

 

سُورَ سوايا نه ڏي!

دِل دانهُون ٿي ڪري!

گهڙيءَ گهڙي گهاوَ!

جِهيرَ اجايا نه ڏي،

دِل دانهُون ٿي ڪري!

پاڻ ڏِس، ڏُکيو ٿو ڪرين،

رايا، پرايا نه ڏي،

دِل دانهُون ٿي ڪري!

ڏي ساٿُ ڀي پنهنجو

ها! رڳو دِلاسا نه ڏي،

دِل دانهُون ٿي ڪري!

دِل دانهُون ٿي ڪري!

 

غزل

 

انسانُ لڀي ڪاٿئون!

احساسُ ڪونهي ڪو!

سَڀ کي لڳي پنهنجي،

ايمانُ لڀي ڪاٿئون!

احساسُ ڪونهي ڪو!

تُنهنجي دل ۾ به او هٺيلي،

مهمانُ لڀي ڪاٿئون!

احساسُ ڪونهي ڪو!

مرهم رکي ونڊجن محبتون،

درمانُ لڀي ڪاٿئون!

احساسُ ڪونهي ڪو!

ڏاجَ آسري ڪِٿ لائون لڌائين!

سامانُ لڀي ڪاٿئون!

احساسُ ڪونهي ڪو!

دانهن ورنائي درد

ڀري ”جيئند“!

ڌنوانُ لڀي ڪاٿئون!

احساسُ ڪونهي ڪو!

احساسُ ڪونهي ڪو!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org