سلطانه جمالي
”اڌورو داستان“
(قاضي خادم جو يادگيرين تي لکيل ڪتاب)
سنڌي ادب ۾ يادگيرين جا ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا آهن
۽ يادگيرين لکڻ جي روايت به پراڻي آهي، پر وقت
گذرڻ سان گڏ هِن طرف لاڙو وڌي رهيو آهي ڇو ته هي
يادگيريون هڪ لحاظ سان معلوماتي، سنجيده ۽ دلچسپ
آهن. يادگيرين پڙهڻ سان جتي ماضيءَ بابت معلومات
ملي ٿي، اُتي وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ تجسس پڻ وڌي
ٿو.
ڏسجي ته يادگيريون سنڌي ادب جي سڀني صنفن کي هڪ ئي
وقت ڪَوَرِ ڪن ٿيون، ڪٿي اسان کي تاريخي احوال ملن
ٿا ته ڪٿي وري اهم شخصيتن جي باري ۾ معلومات ملي
ٿي، ته وري ڪٿي ماحول جي پس منظر طرف ڌيان ڇڪجي
وڃي ٿو. تنهنڪري هر عمر جي شخص جي دلچسپي هن طرف
وڌي رهي آهي.
ڊاڪٽر قاضي خادم جتي ناول، افسانه، ڊرامه توڙي ٻين
ادبي ضنفن جي ڪري مشهور آهي اُتي سندس يادگيرين
سندس هڪ الڳ سڃاڻپ ڏني آهي. سندس هي اٺون ڪتاب
”اڌرو داستان“ سال 2018ع ۾ ڪويتا پبليڪيشن
حيدرآباد پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي. هيءُ ڪتاب
304 صفحن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر قاضي خادم
پنهنجي پوئين ڪتابن جي تسلسل کي برقرار رکندي
تاريخي، ثقافتي، سماجي ڳالهين جي سنجيدگيءَ سان
ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي. ڊاڪٽر قاضي خادم جي هن ڪتاب ۾
سندس سوچ جي ارتقا پڻ نظر اچي ٿي.
سندس هن فڪر ۽ سنجيدگيءَ جو اندازو سندس لکڻين مان
بخوبي لڳائي سگهجي ٿو، جيئن ڪراچي جي باري ۾ هُو
لکي ٿو ته: انگريزن جي دور جي تاريخ جي هن خوبصورت
ورق کي جنهن به ڏٺو هوندو، جنهن بند روڊ تي
ميونسپل جي خوبصورت عمارت، اين.جي.وي اسڪول جو
نظارو، بولٽن مارڪيٽ، لڪشمي بلڊنگ، ميري ويدر ۽
بندر روڊ جي کاٻي ساڄي کان نڪرندڙ صاف سٿرا رستا،
جيڪي هڪ طرف چاڪيواڙي لياري ۽ کارا در جي پاسي
ويندا هئا، ته ٻئي ميڪلوڊ روڊ کان ٿيندا برنس روڊ
۽ مئن صدر ۾ ملندا آهن يا وري پريڊي اسٽريٽ کان
صدر ڏانهن ويندڙ وشال ويڪرو رستو جتي ڪارونيشن
بلڊنگ، ريگل سئنيما جي سامهون اڃا تائين به موجود
آهي. جتي مون ٻالڪپڻ جا ڪيترا ڏينهن امان ۽ بابا
سان گڏ گذاريا هئا.
ڊاڪٽر قاضي خادم بندر روڊ ۽ ان جي آسپاس جي تاريخي
عمارتن جي اوج جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي ڪنهن وقت ۾ هڪ
شاهڪار ۽ سونهن جو نمونو پيش ڪنديون هيون، پر
اڄوڪي ستم ظريفي واري دور ۾ اهي عمارتون پنهنجي
اصلي سڃاڻپ ۽ خوبصورتي وڃائي ويٺيون آهن.
اڄوڪي ٽهيءَ جي نوجوانن کي هنن عمارتن جي تاريخ جي
ڪا خاص ڄاڻ ناهي.
ڊاڪٽر قاضي خادم پنهنجي ڳوٺ هالن پراڻن جي باري ۾
لکي ٿو ته:
”هالن پراڻن جي فضا، جنهن ۾ نِمن جو لڏڻ، بڙ، پپر،
کَبڙين ۽ ٻيرين جو جهومڻ ۽ زمين سان جُڙيل پپر ۾
چهٽيل گهرا ناسي پيرون توڙي ڄارين ۾ نياري رنگ جا
ليار ڄڻ ته ياقوت ۽ مرجان جا منظر پيش ڪندا هئا،
انهن جو نظارو ئي الڳ هوندو هو. زمين جو هر ذرو
پنهنجو لڳندو هو. وڏن وشال گهرن ۾ اونداهين راتين
۾ بنا ڪنهن لالٽين يا ٽارچ جي، پيو هلبو هو. هڪ
اڱڻ کان ٻئي اڱڻ تائين، جڏهن ته انهن وچ ۾ ديوارون
به ڪونه کڄيل هيون، بس مٽيءَ جا ٻنوڙا هوندا هئا،
جن کي گاري سان لنبي ڇڏبو هو، انهن کي ٽپي هڪ گهر
کان ٻي گهر وڃبو هو پر هرڪو پنهنجو لڳندو هو.“
ڊاڪٽر قاضي خادم ڳوٺن جي دلچسپ انداز سان
منظرنگاري ڪئي آهي جو پڙهي هڪ اهڙو خوبصورت ۽
بيفڪريءَ جي دؤر جي ڄاڻ ملي ٿي ته ڪيئن ڳوٺ جا صبح
۽ شامون ٿينديون هيون، پر سڪون ماحول ۾ پکين جا
سُريلا آواز ته نِمن جو پڙهي ڪري ماحول اکين اڳيان
ڦري ٿو اچي.
اڳتي هلي يونيورسٽيءَ جي باري ۾ لکي ٿو ته:
”يونيورسٽيءَ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ ۽ تعليم ڏيڻ واري
دؤر ۾ ٻه موقعا مون کي اهڙا مليا جيڪي منهنجي ذهن
تي نقش ٿي ويا، پر دل ۾ به هميشه ڌڙڪندا رهيا،
انهن ۾ هڪ دور شيخ اياز جي وائيس چانسيلر واري وقت
۾ ڏٺم، جڏهن هن مون کي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ رائٽرز ۽
انٽليڪچوئل ڪلب جو انچارچ بنايو ۽ چيائين ته هاڻ
تون پاڻ پنهنجو تخيل استعمال ڪر ۽ هن جي ذريعي
تعليم جي دنيا ۾ انقلاب آڻ“.
شيخ اياز کان پوءِ ادب جي آبياري ۾ ڪنهن دلچسپي نه
ورتي. ٻيو دور تڏهن ڏٺم جڏهن ڊاڪٽر غلام علي الانا
وائيس چانسيلر ٿي آيو ۽ ”بيورو آف اسٽوڊنٽس
گائيڊنس ڪائونسلنگ سروسز، جو ادارو منهنجي حوالي
ڪيائين، جنهن جي ذريعي مون يونيورسٽيءَ جي شاگردن
جي فڪري ۽ ذهني صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڏينهن
رات هڪ ڪري ڇڏيو.....
قاضي خادم يونيورسٽيءَ جي مختلف دورن جي باري ۾
ٻڌائي ٿو ته:
”ڪيئن وائيس چانسيلر شيخ اياز ۽ ڊاڪٽر الانا جن جي
دورن ۾ تعليم جي واڌاري لاءِ قدم کنيا ويا ۽ اديبن
۽ دانشورن جي ذريعي شاگردن جي ذهني آبياري ڪئي،
جنهن جا اثرات ڪٿي نظر اچن ٿا. هي سڀ ڳالهيون پڙهي
حيرت ٿئي ٿي ته ان وقت ۽ هِن وقت ۾ ڪيڏو نه زمين ۽
آسمان جو فرق آهي.“
قاضي خادم پنهنجي يادگيرين جي اٺين ڪتاب ”اڌورو
داستان“ ۾ ڪئين اهڙا تاريخي واقعا بيان ڪيا آهن،
جيڪي هڪ مؤرخ کان سواءِ معاشري جي ٻي فرد لاءِ
نوان آهن، جڏهن ته هن ڪتاب ۾ سنڌي ثقافت جو عڪس پڻ
نظر اچي ٿو. اُکري مُهري، حمام دستي کان وٺي اڳٺ
اُڻڻ جو پڻ ذڪر ڪيو آهي. هُو مرزا خالد جي دؤر جو
ذڪر ڪندي ٻڌائي ٿو ته:
”ٽن روپين ۾ گهر جو پورو سامان ملي ويندو هو، ڪيڏي
نه عجيب ڳالهه آهي پراڻي دؤر جي.“
هن ڪتاب جو نالو ”اڌورو داستان“ رکي، مصنف اهو
ٻڌائڻ ٿو چاهي ته اڃا گهڻو ڪجهه هن جي ذهن ۾ آهي.
جيڪو ضرور پني تي منتقل ٿيندو. اهڙيءَ طرح هي
يادگيريون، جيڪي صرف هڪ فرد واحد جون نه بلڪ هڪ
معاشري جون گڏيل يادگيريون آهن، جن کي ايندڙ دور
جا پڙهندڙ جڏهن پڙهندا ته هُو سنڌ جي ماضيءَ جي
ڪئين اهڙين سماجي، ثقافتي ۽ اخلاقي قدرن کان واقف
ٿيندا، جيڪي هونئن ڪنهن هڪ ڪتاب ۾ ملڻ ممڪن ناهن.
منهنجي خيال ۾ وِل ڊيورانٽ جي مشهور تصنيف ”اسٽوري
آف سولائيزيشن.“ وانگر ڊاڪٽر قاضي خادم جي
يادگيرين جا اٺ ڪتاب، سنڌي ادب ۽ سماجيات جي ماضي
۽ حال تائين ارتقائي حالتن کي سمجهڻ لاءِ هڪ ماخذ
جو ڪم ڏيندا.
سڄڻ سنڌي
مولائي ملاح جو ڪتاب: ’چارڻ چوريو چنگ‘
احساساتي تصويرن جو البم
ڪالم نگار مولائي ملاح به صحافت جي دنيا ۾ ڪالمن
وسيلي سنڌ، ملڪ ۽ عالمي مسئلن، واقعن، حادثن،
سانحن ۽ المين کي سالن کان پئي لکيو ۽ اُجاگر ڪيو
آهي. سندس ڪالم- ڪتاب: ”پرهه جا پياڪ “ اڳ ئي
پڙهندڙن وٽان مانائتي موٽ ماڻي چڪو آهي. ۽ ٻيو
ڪتاب: ”چارڻ چوريو چنگ“ هن ديس جي دُکي ڌرتيءَ کان
وٺي وطنِ عزيز ۽ ڏيهان ڏيهي سياسي _ سماج ۽ سماجي
سياست تي هڪ سادو پر، ننڍڙن ننڍڙن دائرن ۾
احساساتي تصويرن جو البم آهي، جنهن کي ڏسڻ پسڻ سان
اڪثر پڙهندڙن کي ائين لڳندو جيئن ليکڪ جيڪي ڪجھه
لکيو آهي، اهو انهن جي دل جي درپن ۾ ويهي لکيو
آهي. اتر سنڌ کان ساهتي پرڳڻي جي ابتدائي قديمي
تاريخي شهر محرابپور جي ماڳ تان ڪالم ڪتابن جي
جھول ۾ ”سوچون سرها گل“
سمجھي ارپيا اٿس، جن کي جيئن اوهان پنهنجايو آهي،
تنهن يقيني طور مولائي ملاح جي ’اُتساهه‘ کي
’اِتهاس‘ جي اوچي ڪمال تي رسايو هوندو.
پاڻي ڪيس تي شاندار دسترس رکندڙ قلمڪار ۽ سماج
سڌارڪ نصير ميمڻ جي مهاڳ، انور ابڙي جي لکڻيءَ ۾
قديم ۽ جديد جي حسين سنگم جهڙي لکيل ليک ۽ صحافتي
همسفر گاڏهيءَ جي محتاط انداز ۾ لکيل ٻه اکر _
رايو ۽ صحافي سرمد سهارڻ جو هن ڪتاب تي لکيل ليک
به مڃتا مورت ۽ سنڌ جي صورت مثل آهي.
114 ڪالمن ۽ 400 صفحن تي مشتمل مولائي ملاح جي هن
ڪالم- ڪتاب ”چارڻ چوريو چنگ“ ۾ ڪٿي انگن اکرن يا
واقعاتي حوالن ۾ اڳ پوءِ ٿي وڃڻ جا امڪان ته موجود
هوندا، پر، ورهين کان هن جي ڪيل محنتن جو ثمر هيءُ
ڪتاب واقعاتي تاريخ ۾ ’ڪالهه‘
’اڄ‘ ۽ ’سڀاڻ‘ لاءِ هڪ رهنما دستاويز ثابت ٿي سگھي
ٿو. معنى خيز مُرڪ جهڙي شاندار آرٽسٽ ڪپتان ابڙي
جي تخليقي ۽ تصوراتي ٽائيٽل سان سجايل هن ڪالم
ڪتاب: ”چارڻ چوريو چنگ“ جو پنهنجن پڙهندڙن سان
مُکا ميلو ته ڪنهن مهورتي تقريب ۾ ٿيندو، پر هن
وقت هيءُ ڪتاب سنڌ جي سڀني بڪ اسٽالن تان وٺي يا
سڌيءَ ريت مولائي پبليڪيشن محرابپور کان به گھر
ويٺي گھرائي سگھجي ٿو. پڪي بائينڊنگ، خوبصورت ڊبل
فليپ ٽائيٽل، سان سجايل هيءُ ضخيم ڪتاب فقط پنج
سئو رپين ۾ حاصل ڪري سگھجي ٿو. مولائي ملاح، جو
هيءُ ڪتاب لائبرريءَ جي زينت ۾ اضافو ڪرڻ جهڙو
آهي.
شوڪت چاچڙ
علامه ميان غلام محمد مهيسررحه
83 هون عرس: ادبي ڪانفرنس جو احوال
حضرت
علامه
ميان
غلام
محمد
مهيسررح
جو
شمار
سنڌ
جي
جيد
عالمن
۽
صاحب
ڪرامت
برگزيده
هستين
۾
ٿئي
ٿو.
پاڻ اوڻيهين صدي عيسويءَ جي ٽئين ڏهاڪي
۾ 1248
هجري
ڌاري
آخوند
ميان
عبدالڪريمرح
جي
گهر
پيدا
ٿيو.
سندن
ڏاڏوبزرگوار
حضرت
مولوي
فقير
محمد
مهيسررح
پڻ
هڪ
وڏو
عالم،
بزرگ
۽
حضرت
سچل
سرمسترح
(1739-1827ع)
جي
همعصرن
عالمن
مان
آهي،
جنهن
پنهنجي
هٿن
سان
ڪئين
ناياب
ڪتاب
لکيا
جن
۾
ٻن
جلدن
تي
مشتمل
ڪتاب
’ڪنز
الدقائق‘
به آهي،
جنهن
جي
لکي
پوري
ڪرڻ
جي
تاريخ
پاڻ 27
شعبان
1245هجري
بمطابق (21- فيبروري 1830ع)
آچر جي ڏينهن رقم ڪئي اٿن.
ميان
غلام
محمد
صاحب
جن
جو
والد
آخوند
ميان
عبدالڪريمرح
پڻ
هڪ
وڏو
عالم
هو
۽
سندس
صحبت
۽
دوستي
حضرت
سچل
سرمسترح
جي
مشهور
خليفي
فقير
يوسف
نانڪرح
۽
ان
وقت
جي
ٻين
بزرگن
جهڙوڪ
غلام
حيدر
گودڙيورح
وغيره
سان
به
هئي.
سنڌ
جي
مشهور
بزرگ
حضرت
سائين
لونگ
فقير
مهيسررح
لوڙهي
واري
سان
آخوند
عبدالڪريم
جي
خاص
انسيت
۽
دوستي
رهي،
علامه
ميان
غلام
محمدرح
جن
جي
ولادت جي
بشارت
به
کين
لونگ
فقيررح
جن
ڏني
هئي.
علامه غلام محمد مهيسررح،
حضرت
ميان
گل
محمد
۽
ميان
غلام
صديق
شهدادڪوٽيءَ
وٽان فارغ التحصيل ٿيڻ بعد، مختلف درسگاهن تي علم جو فيض عام ڪيو
۽
سوين
ڏيهي
توڙي
پرڏيهي
شاگردن
کي
عالم
بڻايو.
سندن وصال
10
شعبان
1358هجري
1939ع)
۾
110
ورهين
۾
ٿيو.
هر سال سندن عرس ڪمال
ديره
ضلعي
خيرپور
ميرس
۾
ملهايو
وڃي
ٿو.
15- اپريل 2019ع
تي
83هين تي سندن
عرس
(ٻارهين شريف)
جي
موقعي
تي
منعقد
ٿيل
علمي
۽
ادبي ڪانفرنس، مشاعري
۽
سگهڙ
ڪچهريءَ
جو
مختصر
احوال
پيش
ڪجي
ٿو.
ڪانفرنس جي صدارت نامياري اديب
۽
انسٽيٽيوٽ
آف
سنڌالاجي
جي
اڳوڻو
ڊائريڪٽر، شوڪت
حسين
شورو
ڪري
رهيو
هو،
جڏهن
ته
خاص
مهمانن
۾
مشهور
اديب
مدد
علي
سنڌي،
ليکڪ
شاعر
۽
روزاني
ڪاوش
جو
ايڊيٽر
نياز
پنهور،
چيف
ايڊمنسٽريٽر
اوقاف
کاتو
سنڌ، منور
علي
مهيسر،
عالم
۽
محقق،
حافظ
محمد ارشد
انڍڙ،
ريڊيو پاڪستان حيدرآباد
۽
خيرپور
جو
اڳوڻو
اسٽيشن
ڊائريڪٽر
۽
سنڌ
جي
نامياري
عالم
مرزا
قليچ
بيگ
جو
پڙڏهٽو
نصير
مرزا،
محقق
۽
اديب
ڊاڪٽر
مخمور
بخاري،
سيرت
نبي صلي الله عليہ
وآلہ
وسلم
تي
ڪئين
ڪتابن
جو
مصنف
سيد
گل
محمد
شاهه
بخاري،
درگاهه
ڊرٻ
ميهر
شاهه
جو
گادي
نشين
پير
سيد
بچل
شاهه
جيلاني،
پير
عثمان
شاهه
راشدي،درگاه
پير
ڳوٺ،
مفتي
محمد
رحيم
سڪندري،
ناميارو
عالم
۽
سنڌي
ادبي
بورڊ
جي
ٽه
ماهي
مهراڻ
جو
اڳوڻو
ايڊيٽر
نفيس
احمد
ناشاد،
درگاهه
ڪرونڊي
جو
پير
عطاءُالله
شاهه
جيلاني،
سنڌ
گرجوئيٽس
ايسوسي
ايشن
جو
جنرل
سيڪريٽري،
منظور
حسين
اُڄڻ،
ڪويتا
پبليڪيشن
جو
سرواڻ
موهن
مدهوش،
ممتاز
رڏ، محمد
نعيم
سنڌو،
ڊپٽي
ڪمشنر
خيرپور
۽
ايس.ايس.پي
خيرپور،
عمر
طفيل
شامل هئا.
جڏهن
ته
غلام
اظفر
مهيسر،
ايس.ايس.پي
ايسٽ
ڪراچي، سنڌ يونيورسٽي جي ايريا اسٽڊي سينٽر جو
ڊائريڪٽر،
پروفيسر
غلام
اڪبر
مهيسر، درگاه
مخاديم
کهڙا
جو
گادي
نشين
مخدوم
نديم
هاشمي،
رياض
حسين
وساڻ،
ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر خيرپور،
پروفيسر
فدا
حسين
مڱڻهار
،
پروفيسر
سرور
سيف،
شاعر سجاد ميراڻي
۽
ٻين
پڻ
حضرت
سائين
رحه
جن
جي
شخصيت
تي
روشني
وڌي.
ڪانفرنس
۾
وڏي
تعداد ۾
عقيدتمندن
۽
مهمانن
سميت،
ڊاڪٽر
ميان
شاهه
محمد
مهيسر،
ميان
مشتاق
احمد
مهيسر اڳوڻو
ڊسٽرڪٽ
۽
سيشن
جج
غلام
حسين
ملاح،
ميان
اشفاق
احمد
مهيسر،
شهريار
خان
کرل،
ايڊووڪيٽ
شفقت
مهيسر،
مقصود مهيسر،
سگهڙ
خليل
الرحمان،
ايڊووڪيٽ
رحمان
مهيسر،
ڪامريڊ
شفقت
مهيسر،
اسسٽنٽ
ڪمشنر
گمبٽ،
رياض
احمد
شيخ،
مختيارڪار
گنبٽ صلاح الدين گهمرو، حافظ غلام قادر مهيسر، شاعر امر اقبال، اسد چاچڙ،
حافظ
احمد
انڍڙ،
عمير
مهيسر،
نبيل
مهيسر،
آفتاب
مهيسر،
باسط
مهيسر،
غفران
مهيسر
۽
ٻيا
شامل
هئا.
هن
تقريب
جي
ڪمپيئرنگ جا
فرائض
مشهور
براڊڪاسٽر
نصيرمرزا
سرانجام
ڏنا.
’علامه
ميان
غلام
محمد
مهيسررح
سماجي،
ثقافتي
۽
ترقياتي
ٽرسٽ
جي
چيئرمين
ميان
شفيق
احمد
مهيسر
ڪانفرنس
۾
آيل
عالمن، اديبن،
مختلف
درگاهن
جي
سجاده
نشينن
۽
عقيدتمندن
جي
آجيان
ڪندي
چيو
ته
ڏاڏا
سائين
بزرگ
جي
سالياني
عرس
جو
سلسو
گذريل 83
سالن
کان
هلندڙ
آهي،
جيتوڻيڪ
پاڻ
شريعت
۽
طريقت
جي
دائري
۾
رهي
مذهبي،
روحاني
۽
تقويٰ
واري
زندگي
بسر
ڪندا
هئا،
پر
ڪڏهن
به
ڪنهن
فرقي،
فقه
يا
مذهب
کان
نفرت
يا
تعصب
جو
اظهار
هرگز
نه
ڪيائون.
پاڻ
نه
ڪڏهن
پير
سڏايائون
نه
پاڻ
کي مرشد
سمجهيائون،
بس
عام
ماڻهن
جي
ڀلائيءَ
لاءِ
ڪوشان
رهيا
۽
انسان
ذات
جي
خدمت
ڪيائون.
انهيءَ ڪري ئي اها هڪ حيرت ڪندڙ ڳالهه آهي ته سندن معتقدين
۾
هر
فقه
سان
تعلق
رکندڙ
ماڻهو
شامل
آهن.
نامور ڪهاڻيڪار شوڪت
حسين
شوري
صدارتي
خطاب
۾
چيو
ته اسين
سڀ
هتي
علامه
غلام
محمد
مهيسر
کي
خراج
عقيدت
پيش
ڪرڻ
لاءِ
گڏ
ٿيا
آهيون،
هن
جديد
دور
۾
اهڙن بزرگن
جو
فلسفو
عام
ڪرڻ
هن
دور
جي
اهم
ضرورت
آهي.
هن
خانقاهه
جي
تقريب
۾
هر
مڪتبه
فڪر
جي
ماڻهن
جو
ميڙ
ڏسي
خوشي
محسوس
ٿئي
پئي،
جنهن
مان
ثابت
ٿئي
ٿو
ته
علامه
ميان
غلام
محمد
پنهنجي
حياتي
نه
رڳو
دين
جي
خدمت
۾
پر
گڏوگڏ
رواداريءَ
۽
انسان
دوستيءَ
جو
پيغام ڏيندي
سادگيءَ سان گذاري هئي.
هن
چيو
ته
سندن
قلمي مخطوطات
شايع
ڪرائڻ
گهرجن.
نامياري ليکڪ مدد
علي
سنڌيءَ
چيو
ته
علامه
غلام
محمد
صاحب
هڪ
غير
معمولي
جيد
عالم
هو.
هن
درگاهه
جي
لائبرريءَ
۾
موجود
قلمي
نسخن
سان
گڏ
اهي
خط
به
ضرور
ڇپائڻ
گهرجن،
جيڪي
بزرگن
کي
آغا
نظر
علي
خان،
راشدي
ڀائرن،
ايوب
کهڙي
۽
ٻين
عقيدتمندن
لکيا
هئا،
انهن.
خطن
۾
تڏهوڪي
سنڌ
جو
سماجي
عڪس
نظر
اچي
ٿو.
مفتي محمد رحيم سڪندري پنهنجي خطاب
۾
چيو
ته
حضرت
ڪمال
ديرائي صاحب اڪثر وقت الله جي ذڪر
۾
سادگيءَ
سان
گذاريو،
حضرت
روضي
ڌڻيرح
جو
هن
خانقاهه
۽
بزرگن
سان
خاص
واسطو
رهيو،
هڪٻئي
لاءِ
وڏو
احترام
رکندا
هئا.
ڪوٽ
ڌڻيرح
جن
جي
دعوت
تي 27
رجب
واري
رات
دعوت
تي
به
ايندا
هئا.
اسان کي انهن غظيم عالمن
۽
محسنن
کي
هميشه
ياد
ڪرڻ
گهرجي.
نامياري ليکڪ
۽
صحافي
نياز
پنهور
پنهنجي
خطاب
۾
چيو
ته
هن
خانقاهه
تي
پهريون
ڀيرو
اچي
قلبي
سڪون
حاصل
ٿيو
آهي،
علامه
صاحب
جي
طرز
زندگي
اڄ
جي
انتشاري
دور
۾
مشعل
راهه
آهي.
موجوده
سنڌ
جن
حالتن
مان
گذري
پئي
ان
دور
۾
اسان
جي
انهن
بزرگن
جو
پيغام
عام
ڪرڻ
وقت
جي
ضرورت
آهي.
علامه
صاحب
جي
سوانح
پڙهي
اهو
معلوم
ٿئي
ٿو
ته
پاڻ
هر
خاص
و
عام
لاءِ
هڪجهڙي
محبت
۽
شفقت
رکندا
هئا.
اها
هڪ
وليءُ
الله
۽
فقير
صفت
بزرگ
جي
خاص
صفت
آهي.
حافظ
ارشد
انڍڙ
پنهنجي
تقرير
۾
چيو
ته
مولانا
غلام
محمد
ڪمال
ديرائي،
حُب
رسول
صلي الله عليہ وآلہ وسلم
۽
اطاعت
رسول
صلي الله عليہ وآلہ وسلم
جو
عملي
نمونو
هو
۽
خدمت
خلق
سندن سڃاڻپ
هئي،
ماڻهن
سان
ڪچهريون ڪندو هو، عوام الناس کي دين جي دعوت ڏيندو هو، مهمان نواز هو
۽ علم
جي
سلسلن
سان
به
جڙيل
رهندو
هو.
پاڻ
ڪو
آدم
بيزار
صوفي
۽
خلوت
نشين
مراقبائي
فقير
ڪونه
هو،
بلڪه
خدمت
خلق
جي
ڪم
کي
اڳتي
وڌائڻ
لاءِ
پنهنجي
دور
جي
وڏن
وڏن
ماڻهن
سان
تعلقات
فقط
ان
ڪري
ئي
جڙيل
رکيا
ته
جيئن
هو
وڌ
۾
وڌ
خلق
خدا
کي
فائدو
پهچائي
سگهي
۽
انهن
جي
خدمت
ڪري
سگهي.
اوقاف کاتي جي چيف ائڊمنسٽريٽر منور
علي
مهيسر
پنهنجي
خطاب
۾
چيو
ته
هن
نفسا
نفسيءَ
جي
عالم
۾
صرف صوفي ازم ئي اسان کي بچائي سگهي ٿو.
هن
چيو
ته
سنڌ
اها
سرزمين
آهي،
جنهن
جي
ڪک
۾
انيڪ
درويش،
عالم،
فاضل
۽
صوفي
موجود
آهن،
جن
جو
بنيادي
فلسفو
ئي
امن،
آشتي،
محبت
۽
انسان
دوستي
هئي
۽
اهي
سڀ
خصلتون
اسان
جي
بزرگ
علامه
ميان
غلام
محمد
مهيسر
۾
موجود
هيون.
ايس
ايس
پي
غلام
اظفر
مهيسر
پنهنجي
خيالن
جي
اظهار
۾
چيو
ته
علامه غلام
محمد
صاحب
جي
شخصيت
جا
مختلف
روپ
۽
زاويا
آهن،
جن
جو
به
هڪ
سبب
آهي،
انهن
کي
علم
جو
اهو
عظيم
فيض سندن
وڏڙن
کان
ورثي
۾
مليو،
ٽينءَ
پيڙهيءَ
کان
علم
جو
اهو
تسلسل
هلندو
آيو.
ساڍا
ٽي
سؤ سال
اڳ
به
ماڻهن جي
علمي
پياس
ٻجهائڻ
لاءِ
هن
خطي
۾
انهن
بزرگن
قلمي
ڪتاب
۽
ڪلام
پاڪ
جا
نسخا
هٿن
سان
لکيا،
ان
وقت
جيتوڻيڪ
پرنٽنگ
پريس
جو
وجود
نه
هو،
تنهن
هوندي
به
انهن
پنهنجو
علمي
پورهيو
سنڌ
جي
مختلف
علائقن ۽ درسگاهن
تائين
پهچايو،
جيڪو
اڄ
سنڌ
جي
اوائلي
لائبريرين
۾
ضرور
موجود
هوندو.
مولوي
فقير
محمد
مهيسررح
جو
لکيل
قلمي
ڪتاب
’ڪنز
الدقائق‘
پنهنجو مٽ پاڻ آهي،
جنهن
جي
ترجمي
لاءِ
ميان
شفيق
احمد
ڪوشان
آهي.
اڄ
هن
پنڊال
۾
مختلف
مڪتبه
فڪر
جي
هزارين ماڻهن
جو
گڏ
ٿيڻ
به
اها
ثابتي
آهي
ته
ساڍيون
ٽي
صديون اڳ
ٻاريل
ان
لاٽ
جو
تسلسل
اڃا
قائم
آهي .
ڊاڪٽر
مخمور
بخاريءَ
پنهنجي
تقرير
۾
چيو
ته
ميان
صاحب
جي
مڪمل
سوانح
عمري،
سندن
فتوائون
۽
ٻيو
علمي
مواد
ڪتابي
صورت
۾
شايع
ٿيڻ
گهرجي
ته
جيئن
ايندڙ نسل تاريخ جو اهو اهم باب پڙهي سگهي.
سيد
گل
محمد
شاهه
بخاريءَ
چيو
ته
منهنجي خوشنصيبي
آهي
ته ماضيءَ
۾
شهدادڪوٽ
جي جنهن
درسگاهه ۾ علامه
غلام
محمد
مهيسر
جن
پڙهيا،
ان
درسگاهه
سان
منهنجو
به
واسطو رهيو
آهي.
علامه
صاحب
عظيم
استادن
جا
عظيم
شاگرد
ثابت
ٿيا،
جن
پنهنجي استادن
جي
ڏنل
فيض
جو
ڦهلاءُ
به
فراخدليءَ
سان
ڪيو ۽ سوين
عالم
فاضل
پيدا
ڪيا،
پاڻ
سادگيءَ
جو
هڪ
شانائتو مثال
هئا.
درگاهه پير
جو
ڳوٺ
جي
پير
سيد
عثمان
شاهه
راشديءَ
پنهنجي
تقرير ۾ چيو
ته
اسان
جي
وڏڙن
بزرگن
جو
مهيسر
خاندان
جو
پراڻو
واسطو
رهيو
آهي،
پير
سائين
محمد
بقا
شاهه
جا
پهريان
استاد
به
مهيسر
هئا. تنهن
دور
کان
وٺي
درگاهه
پير
جو
ڳوٺ
۾ مهيسر
استادن
کي
خاص
عزت
ڏني
وڃي
ٿي.
پير
سائين
روضي
ڌڻيرح
جي
حضرت
غلام
محمد
مهيسر
سان خاص
انسيت
رهي.
مخدوم
نديم
هاشميءَ
چيو
ته
ميان
غلام
محمد
مهيسر
جن
جيترا
وڏا
عالم،
اڪابر ۽ الله
جي
ويجهو
هئا،
اوترا
نِوڙت
۽
شفقت
وارا
مهربان
هئا. علامه
صاحب
جن
درگاهه کهڙا
جي
مشهور
درسگاهه ۾ ڪيترائي
سال’شيخ
الجامعه‘
طور
تدريسي
خدمتون
انجام
ڏنيون
۽
سوين
شاگردن
کي
پنهنجي
فيض
سان
منور
ڪيو،
سندن
اهو
فيض
هن
وقت
به
سنڌ
۽
سنڌ
کان
ٻاهر
جاري
آهي.
پروفيسر
اڪبر
مهيسر،
پنهنجي
تقرير ۾ چيو
ته
حضرت
غلام
محمد
مهيسر
جي
شخصيت
تي
نظر
وجهون
ته
محسوس
ٿيندو
ته
گويه
پاڻ ’سوره
العصر‘ جو
تفسير
هئا،
انهن
جي
زندگي
اڄ
جي
دور
۾
هڪ
مثال
آهي.
رياض
حسين
وساڻ
پنهنجي
تقرير ۾ چيو
ته
زندگيءَ
جي
مسئلن
۾
اسين
اهڙو
ته
جڪڙجي
چڪا
آهيون
جو
اسان
کي
سڪون
جي
تلاش
رهي
ٿي،
۽
اهو
حقيقي
سڪون
علامه
غلام
محمد
مهيسر
جهڙن
بزرگن
جي
ديري
تي
اچي
نصيب
ٿئي
ٿو.
ان
موقعي
سيد
محمد
بچل
شاهه
جيلاني،
منظور
اڄڻ،
ممتاز
رڏ،
ايڊووڪيٽ
رحمان
مهيسر،
شفقت
علي
مهيسر
۽
ٻين
پڻ
خطاب
ڪندي
بزرگن
کي
خراج
پيش
ڪيو.
پروفيسر
فدا
حسين
مڱڻهار
پنهنجي
مقالي
۾
بزرگن
جي
سوانح
تي
تفصيل سان
روشني
وڌي ۽
پروفيسر
سرور
سيف پنهنجي
مقالي ۾ ميان
غلام
محمد
سائين
جي
استاد
صاحبان
جو
ذڪر
ڪيو.
عبدالرزاق ڪلهوڙو
توسان نينهن نئون ڪو ناهي
(قنبر ۾ آڪاش انصاريءَ سان ملهايل
رهاڻ جي رپورٽ)
آرٽس ڪائونسل آف قنبر- شهدادڪوٽ (رجسٽرڊ) جو
پهريون پروگرام، سنڌي ٻوليءَ جي خوبصورت شاعر
ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ سان رهاڻ ملهائڻ جي صورت ۾
ٿيو. هيءُ پروگرام ڊسٽرڪٽ ڪائونسل هال قنبر ۾ ٿيو،
صدارت به ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ ڪئي. خاص مهمان جامي
چانڊيو هو.
اعزازي مهمانن ۾ علي آڪاش، ڊاڪٽر ايوب جروار،
ڊاڪٽر نظير احمد شيخ، ڊاڪٽر احسان دانش، رياضت
ٻرڙو ۽ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان قنبر- شهدادڪوٽ جو
چيئرمن ڀائو درمحمد ٻرڙو هئا. اسٽيج سيڪريٽريءَ جا
فرائض رضوان گل ادا ڪيا.
ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ جا هم ڪلاسي ۽ دوست ڊاڪٽر علم
الدين انصاري، ڊاڪٽر خالد نظاماڻي، ڊاڪٽر خالد گل
نظاماڻي پڻ موجود هئا. هن پروگرام ۾ ڊاڪٽر آڪاش
انصاريءَ کي ٻه مڃتا اوارڊ هڪ آرٽس ڪائونسل آف
پاڪستان قنبر- شهدادڪوٽ طرفان ٻيو قنبر- شهدادڪوٽ
ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي پاران ڏنا ويا. پروگرام ۾
ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ کي وڌيڪ مانُ ڏيندي پنجاهه
اجرڪن جا تحفا ۽ خوبصورت گلدستا پيش ڪيا ويا،
ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ جي مانَ ۾ سڄو هال ۽ اسٽيج تي
ويٺل ماڻهن پورا پنج منٽ اُٿي تاڙيون وڄايون.
سڀ کان پهريائين پروگرام جي شروعات لطيف سائينءَ
جي وائيءَ سان ڪئي وئي، جيڪا بهترين انداز سان
سائل سڪندر ٻڌائي. ان کان پوءِ مهمانن کي اجرڪن جا
تحفا ۽ گلدستا پيش ڪيا ويا.
سڀ کان پهريان آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان قنبر جي
چيئرمن ڀائو درمحمد ٻرڙي آجياڻو پيش ڪندي چيو ته:
هي ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ سان رهاڻ ۽ مڃتا جو
پروگرام گهڻو وقت اڳ ٿيڻ کپندو هو، اُهو ٿورو دير
سان ٿيو آهي، پر وري به خوش آهيون ته جتي سڄي سنڌ
جي باشعور ماڻهن طرفان سنڌ جي انقلابي شاعر ڊاڪٽر
آڪاش انصاريءَ کي سنڌ ۾ جيئري ئي مانُ ملي رهيو
آهي. ان بهترين عمل ۾ اسان به شامل آهيون، جيڪو
سندس حق آهي. ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ 1980ع جي ڏهاڪي
۾ ايل.ايم.سي ۾ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي، ڊاڪٽر خليل قاضي،
ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، ڊاڪٽر منير ڀرڳڙي، ڊاڪٽر
منير ابڙي، ڊاڪٽر ولي عباسي، ڊاڪٽر اعجاز نظاماڻي،
ڊاڪٽر ايوب جروار، ڊاڪٽر جاويد مري ۽ ٻين باشعور
ڊاڪٽرن سان گڏجي هن سماج ۾ بهتري آڻڻ لاءِ باعمل
سياست جي شروعات ڪئي، جيڪا علم، عمل ۽ ڪردار جي
ڪري سڄي سنڌ سجاڳ ٿي پئي، ان ۾ ڊاڪٽر آڪاش انصاري
جو وڏو ڪارنامو اِهو هو جو هُن پنهنجي انقلابي
شاعريءَ ذريعي سڄي سنڌ جي شعور کي جاڳايو ۽ تيز
ڪيو. اهو سندس وڏو ڪارنامو اڄ به جاري ۽ ساري آهي،
اسان قنبر وارا خوش نصيب آهيون جو ڊاڪٽر آڪاش
انصاريءَ سان 40 سالن کان سنڌ ۾ شعوري سجاڳيءَ جي
سفر جا همسفر ساٿي رهيا آهيون.
ڀائو درمحمد ٻرڙي وڌيڪ چيو ته: جڏهن به سنڌ ۾ شعور
۽ جدوجهد جو علم بلند ٿيو آهي، اسان قنبر واسين
ان جو ساٿ ڏنو آهي. اسان جو ان ناتي ڊاڪٽر آڪاش
انصاريءَ سان نظرياتي رشتو رهيو آهي، جيڪو سمورن
رشتن کان مٿانهون آهي، ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ سان
هيءُ مڃتا رهاڻ ملهائڻ وارو پروگرام به منهنجو هڪ
خواب هو، جيڪو اڄ پورو ٿيو، اڄ هِتي قنبر ۾ سڄي
سنڌ جا باشعور ساٿي گڏ ڏسي ۽ پنهنجو انقلابي ڪردار
رکندڙ دوست ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ کي ڊاڪٽر محبت
ٻرڙي جي شهر قنبر ۾ ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي.
سڄي سنڌ جي باشعور ماڻهن کي قنبر گهڻيون عزتون
ڏنيون آهن، هيءُ پروگرام به ان شعوري جاڳرتا جو
تسلسل آهي، جيڪو جاري ۽ ساري رهندو. اسان هجون نه
هجون، شل اوهان کي ياد هجون. وري به ٻاهران آيل
سمورن مهمانن کي دل جي گهراين سان ڀليڪار چئون ٿا.
ان کان پوءِ پروفيسر منظور علي ڇڄڙي ڊاڪٽر آڪاش
انصاريءَ جي شاعريءَ تي ڳالهائيندي چيو ته: ڊاڪٽر
آڪاش انصاريءَ جي شاعري قومي ۽ انقلابي شاعري آهي.
اسان وڏا خوشنصيب آهيون جو سڄي سنڌ جي سجاڳي
آڻيندڙ انقلابي ماڻهن جي ساٿ ۾ رهيا آهيون ۽ ڊاڪٽر
آڪاش انصاري به ان ساٿ جو هڪ کاهوڙي ڪردار آهي.
رياضت ٻرڙي ڳالهائيندي چيو ته: اڄ ڊاڪٽر آڪاش
انصاريءَ منهنجي ڪنڌ تان چمي ورتي، تڏهن مون کي
پنهنجو ڀاءُ ۽ ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ جو پيارو دوست
۽ سڄي سنڌ جو سڄاڻ ڪردار ڀاءُ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
ياد اچي ويو. هن وڌيڪ شاعريءَ تي ڳالهائيندي چيو
ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري هن دؤر جو بهترين ترجمان
شاعر آهي.
ڊاڪٽر احسان دانش پنهنجو ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ تي
لکيل مضمون ”آڪاش جي شاعريءَ تي اڌورا ويچار“ ۾
ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ کي سنڌي قوم جو ۽ هن دؤر جو
مڪمل ترجمان شاعر طور پيش ڪيو.
علي آڪاش پنهنجي تقرير ۾ ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ کي
پنهنجي شهر قنبر ۾ اچڻ تي ڀليڪار ڪندي چيو ته:
هيءُ منهنجو شهر، سياسي ۽ ادبي شهر آهي، جنهن به
هن شهر جي علم جي سُرڪ چکي سو سڄي حياتي سچ ۽
سونهن جو ساٿاري رهندو. مون به علي آڪاش تخلص،
آڪاش انصاريءَ جي شاعريءَ مان متاثر ٿي پاڻ تي
نالو رکيو هو. هن وڌيڪ چيو ته: سنڌ جو پهريون
مزاحمتي شاعر شيخ اياز آهي، ڊاڪٽر آڪاش انصاري ان
جو تسلسل آهي. وڏا شاعر، اديب ۽ انقلابي،
سياستدان، جدوجهدن مان ڦٽي نِڪرندا آهن. اڄ سياسي
طرح ماٺار آهي، ملائيت، ڊڪٽيٽرشپ، ۽ دهشتگرديءَ
جو راڄ آهي پر پوءِ به سنڌي قوم لاوي جيان پچي رهي
آهي، شايد ڪو جلد وڏو ڌماڪو ٿيڻو آهي.
ڊاڪٽر نظير شيخ پنهنجي تقرير جي شروعات هن ڳالهه
سان ڪئي ته: قنبر منهنجو شهر آهي، جنهن جي شعوري
دستي جي اڳواڻي ڀائو درمحمد ٻرڙي ڪئي، جيڪو اڄ
تائين متحرڪ آهي، اهڙا جاڳرتا پيدا ڪندڙ پروگرام
ڪندو پيو اچي، اسان سڀني کي پنهنجو انقلابي ڪردار
رکندڙ منظم ڪرڻ جو جيڪو سبق ڏنو آهي، ان تان ڪڏهن
ڪونه هٽيو آهي، جنهن کان پوءِ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي سڄي
دنيا ۽ مظلوم قومن جي سائنسي انقلابي ڄاڻ ڏني،
جنهن جو تسلسل ڊاڪٽر آڪاش انصاري آهي، جامي
چانڊيو آهي، اسان سڀ آهيون. جتي به اسان جا دوست
آهن، اتي سنڌ جي آٿت ۽ روشنيون ڪندڙ ڏيئا آهن.
اسان ٿڪيا نه آهيون، حق سچ جي واٽ تي هلندا
رهنداسين، جنهن ۾ ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ جي شاعري
اسان لاءِ مشعل راهه هوندي.
ان کان پوءِ جامي چانڊئي، ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ تي
ڳالهائيندي چيو ته: ڊاڪٽر آڪاش انصاري جمالياتي،
آدرشي ۽ انقلابي شاعر آهي. منهنجي خواهش آهي ته
ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ تي لکان ۽ ضرور لکندس. ڊاڪٽر
آڪاش سان تمام گهڻو وقت گڏ رهيو آهيان. هر وڏي
تخليقڪار ۽ مفڪر جي پويان هڪ سلسلو ڳنڍيل هوندو
آهي، ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ پنهنجي جڳهه
ٺاهي ورتي آهي. جامي چانڊئي وڌيڪ چيو ته: ڪڏهن
شاعري دل وندرائڻ لاءِ ۽ ڪڏهن شاعري خوش آمد لاءِ
ڪئي ويندي هئي. اڻويهين صديءَ ۾ جن انقلابي نظرين
جنم ورتو، جنهن ۾ روسي، چيني، ويٽنامي انقلاب آيا
پوءِ فڪري شاعري ۽ ادب جي شروعات ٿي. جڏهن دنيا ۾
ڏکيا دؤر ايندا آهن، تڏهن ئي جديد تاريخ جُڙندي
آهي. جيئن ون يونٽ جو دؤر، ايم.آر.ڊي دؤر ۾ سنڌ ۾
ترقي پسند ۽ وطن دوستي پيدا ٿي ۽ اهو سلسلو هلندڙ
آهي. ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ جي ٻولي پنهنجي آهي هن
پنهنجي شاعريءَ جو پنهنجو نظام جوڙيو آهي، آڪاش جي
شاعري تمام گهڻي مقبول رهي آهي ڇو ته هن عوام جي
مجبورين ۽ مسئلن کي پنهنجو سمجهي کنيو آهي. هيءُ
سنڌي قوم جي هر مسئلي جو ترجمان ۽ سونهون رهيو
آهي. هر انقلابي شاعر مزاحمتي به هوندو آهي. ڊاڪٽر
آڪاش انصاري رڳو مزاحمتي نه، پر مڪمل انقلابي شاعر
آهي، آڪاش جا نظم ڪمال جا آهن، حسن درس به آڪاش
کان متاثر رهيو هو. خيال، احساس ۽ فڪر شاعريءَ جو
لازمي حصو هجڻ گهرجن، پر اڄوڪا شاعر خيال کي وڌيڪ
اهميت ڏين ٿا ۽ فڪر رهجيو وڃي.
قنبر کي پليجي صاحب اٿينس جو خطاب ڏنو هو. قنبر جو
سقراط ڊاڪٽر محبت ٻرڙو هو. اڄ وري به ان قنبر جي
علم، ادب، شعور ۽ عملن جو سجاڳيءَ جو مالڪ ڀائو
درمحمد ٻرڙو آهي، جيڪو جاڳي ۽ جاڳائي ٿو.
صدارتي تقرير لاءِ جڏهن آڪاش انصاري اُٿيو ته
اسٽيج سميت سڄي هال جا ماڻهو اُٿي بيهي ڊاڪٽر آڪاش
انصاري کي مانُ ڏيندي مڃتا ۾ تاڙيون وڄائيندا
رهيا. جيڪو پيار جو سحرانگيز منظر ڏسڻ وٽان هو.
قومون پنهنجي ترجمان شاعرن کي پيار مان داد هينئن
به ڏينديون آهن.
چؤطرف گلن جي ورکا هئي. ڊاڪٽر آڪاش انصاري واقعي
شاعريءَ جو آڪاش محسوس ٿي رهيو هو. آڪاش انصاري
صدارتي خطبو ڏيندي چيو ته: قنبر سنڌ جو واقعي
اٿينس آهي، جنهن سان منهنجو گهرو تعلق رهيو آهي.
مون کي عوام جي محبتن ۽ ڏنل عزتن جيئاريو آهي. مون
کي منهنجي پياري دوست ڀائو درمحمد ٻرڙي ۽ ٻين
ساٿين حوصلو ڏئي نئين زندگي ڏني آهي. اهڙا ساٿي
مون لاءِ رت جون بوتلون رهيا آهن. ماڻهن جي محبتن
ئي مون کي مرڻ نه ڏنو آهي.
مون کي قنبر اچي خوشي ٿي آهي. مان نوجوانيءَ ۾ به
ڪيترا دفعا قنبر آيو آهيان. مون زندگيءَ ۾ جيئن
پنهنجي شهر بدين کي پنهنجو سمجهيو آهي، ائين
منهنجو ٻيو شهر قنبر رهيو آهي. قنبر سنڌ جو واقعي
دماغ رهيو آهي. مان وري ڀائو درمحمد ٻرڙي جو نهايت
ٿورائتو آهيان، جنهن سدائين محبتن جون مالهائون
پارايون آهن. مان آيل سڀني دوستن جو ٿورائتو آهيان
جن مون کي گلدستا ڏنا، اجرڪ پارائي وڏي عزت بخشي
آهي. سنڌ جي ماڻهن جي محبتن ۽ دعائن مون کي نئون
جنم ڏنو آهي.
ان کان پوءِ هن پنهنجي انقلابي شاعري جهونگاري
ٻڌائي ۽ ويٺل ماڻهو واهه واهه ڪندا رهيا. پنهنجي
شاعريءَ مان هيءُ سمورا نظم بهترين انداز سان پڙهي
ٻڌايا:
1.
وقت جي چيچ ۾ زندگيءَ جو ڇلو ٿي پيو گهرگهلو يار
جلدي مِلو
2.
تنهنجي مستان اکڙين ماريو
3.
رُٺي راڻي اديون مون کي رهاڻيون رنگ وسري ويا
4.
تون ڪهڙي ديس جو رمتو آهين
5.
زندگي ٿي وئي تجربا تجربا
6.
ٻڌايو فرقا فروشن جي پيشوائن کي
7.
اڄ هلي سنڌ کان شجرو پڇون
8.
يادگيرين جا سيلاب ايندا
9.
مڃون ٿا اسان جون زبانون به پاڙئون پٽائي سگهو ٿا
10.
جنهن نه مٽيءَ جي خوشبوئن کي ڄاتو هجي
11.
ڀٽڪي پنهنجو دڳ وڃي جيئن پکيئڙو منجهه گگن جلاوطن
جلاوطن
12.
هي جيون ناهي ڪو جر ڦوٽو
13.
او امان او امان او امان اومان…
14.
ماں
تو رونا نہیں
15.
شهر جي مدرسن
۽ منصوبن
16.
توسان نينهن نئون ڪو ناهي
17.
هر ساري ڪائنات جو محور هجان ها مان
18.
جڏهن ڪنهن به بادل ولهاريون وسايون الائي ڇو اوهان
جون اکيون
19.
هاڻي ته آڪاش اوٽ ۾
20.
وقت جو ويڻ جيسين وهي نه ٿو
21.
هي رهزن
22.
مان هليو ڇو هليو ويس
23.
اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا.
پروگرام جي پڄاڻيءَ تي، ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ جي
پيارن، مداحن، پَرستارن، دوستن کيس وڌي پيار جي
گهيري ۾ آڻي، ڪن سيلفيون، ڪن تصويرون ڪي آٽوگراف،
ڪي هٿ ملائي پنهنجي پنهنجي انداز سان ساڻس پيار جو
اظهار ڪري رهيا هئا، جيئن عظيم قومون پنهنجن
انقلابي شاعرن سان محبتون ڪنديون آهن، اڄ ائين ئي
محبت جي شهر ۾ ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ کي سڄو ڏينهن
محبتون ۽ پيار ملندو رهيو. جواب ۾ پُرهجوم محبت ۽
پيار ڪندڙن کي ڊاڪٽر آڪاش انصاري جواب ۾ مُرڪي،
کيڪاري، هٿ ٻڌي ڀاڪر پائي ڪجهه لفظ پيار مان
اظهاري پيار جو جواب پيار ۾ ڏئي رهيو هو، وري به
هڪ انقلابي شاعر سان عوامي پيار ۽ مڃتا جا منظر
ڏسڻ وٽان هئا.
ڪڏهن به نه وسارڻ جهڙا محبت ڀريا منظر نيٺ سج لهڻ
مهل پورا ٿيا. هرهڪ دوست ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ جي
شاعريءَ جون سِٽون يا سندن ڳالهايل پيار جا جملا
ياد ڪندو پنهنجي پنهنجي منزل طرف روانو ٿي ويو.
شال سڄي سنڌ ۾ اهڙا خوشين جا ڏينهڙا اچن جو هرهڪ
ماڻهو پنهنجي پيار جو اظهار آزاديءَ سان ڪري سگهي.
سڀ خوش، آزاد ۽ آباد هجون.
استاد محسن علي شر
برصغير جو برک صوفي اسڪالر
پروفيسر ڊاڪٽر سخي قبول محمد فاروقي
وحدةالوجود ۽ حق هيڪڙائيءَ جا پرچارڪ، صوفي باصفا،
حقيقي عشق جي سوز ۽ ساز سان سينگاريل، محبت ۽
اخلاق، صدق و صفا، عطا ۽ سخا، مهروفا جا مينار،
سونهاري سنڌ جي خطي ۾ سرس نظر ايندا، سندن قول ۽
فعل ۾ ڪو به تضاد نظر نه ايندو. دنيا جي فتنن کي
فتح ڪرڻ لاءِ وٽن محبت جهڙو لاثاني ۽ لافاني عشق
جهڙو اڪثير مفيد نسخو، صلح ۽ سچائيءَ جو سوجهرو
وٺڻ، ججهي مقدار ۾ ملندو، توڪل ۽ تحمل جهڙي دولت
پڻ وٺڻ ججهي مقدار ۾ ملندي.
انسان جي هدايت لاءِ اپائڻهار طرفان انبياء عليہ
السلام، اهلبيت اطهار عليہ السلام ۽ اولياء الله
جو سلسلو ازل کان هلندو اچي. انسانن جي رهنمائيءَ
لاءِ وحدانيت جي واٽ تي هلڻ لاءِ ڪامل ولي، اوتار
غوثن، قطبن جو سلسلو جاري رهندو اچي، جيڪو ابد
تائين جاري ۽ ساري رهندو. اهڙو رشد و هدايت جو
سلسلو صوفي ازم ذريعي هلندو اچي.
باريڪ بينيءَ سان ڏٺو وڃي ته تصوف جي هڪ شاخ جا
باني اميرالمؤمنين حضرت علي ڪرم الله وجهہ جن آهن.
سندن ارشاد آهي ته:
من عرف نفسہٌ فقد عرف ربہٌ
جنهن سڃاتو پنهنجي نفس کي (نفس مان مراد پنهنجو
پاڻ)، تنهن سڃاتو رب کي. هر صوفيءَ جي پيغام جو
مرڪز ۽ محور به خداشناسي رهندو اچي.
صوفياء ڪرام، هر دور ۾ خدا جي وحدانيت جي پرچار
ڪئي آهي. سخي قبول محمد 16 ورهين جي ڄمار ۾ دولهه
درازيءَ جي 10 هين سجاده نشين طور مسند نشينيءَ تي
رونق افروز ٿيا. پاڻ پنهنجي والد بزرگوار حضرت
خواجه عبدالحق 11 جي وصال کانپوءِ سندن تاجپوشي
ٿي. ظاهري طور سخي قبول محمد ڪنهن سرڪاري يا خانگي
مڪتب ۾ تعليم ڪا نه ورتي، ليڪن سندن تعليم ۽ تربيت
فاروقي گهراڻي ۾ ٿي، جيڪو هند سنڌ ۾ تصوف جو تربيت
گاهه ۽ صوفي ازم جو درسگاه رهندو اچي.
خانگي طور تعليم جي حصول لاءِ اهتمام ڪيو ويو جڏهن
ته پاڻ ديني ۽ دنيوي تعليم جي حصول لاءِ ڪوشان
رهيا. ديني تعليم جي ميدان ۾ شهادت العالميه جي
سَنَدَ حاصل ڪيائون. ان کان علاوه ايم.اي ۽
ايل.ايل.بي جون ڊگريون پڻ حاصل ڪيائون.
سخي
قبول محمد، شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ قائم
سچل چيئر جا ڊائريڪٽر پڻ رهيا. درازي درسگاه جي
صوفي ازم جي مڪتب جي فڪري پوئلڳن حضرت نانڪ يوسف ۽
نانڪ يوسف جي پياري طالب حضرت غلام حيدر فقير شر
گودڙئي جن جي عرس مبارڪ جي تقريبات ۾ خصوصي شرڪت
ڪرڻ فرمائيندا هئا.
ان کان پوءِ پاڻ جڏهن شاهه عبدالطيف يونيورسٽي
خيرپور ۾ قائم سچل چيئر جا ڊائريڪٽر مقرر ٿيا ته
درازي درگاهه سان روحاني رشتي ۾ واڳيل طالبن جي
ملفوظات کي شايع ڪرائڻ لاءِ فنڊ جاري ڪيا. تصوف
متعلق پاڻ وڏي ڄاڻ رکندا هئا. سندن ذاتي
لائبريريءَ ۾ تصوف ۽ صوفي ازم متعلق ڪتابن جو وڏو
ذخيرو موجود آهي، جنهن مان تصوف جا طالب اڄ به
رهنمائي حاصل ڪن ٿا.
پاڻ پهريان برصغير جا اسڪالر هئا، جن صوفي ازم ۾
ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. صوفي ازم ۽ تصوف متعلق
هڪ جامع ۽ ضخيم انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب اڄ به سندن
ذاتي ڪتب خاني ۾ موجود آهي. سندن لائبريريءَ ۾ هر
موضوع تي ڪتابن جو انگ موجود آهي.
پاڻ بر صغير جا پهريان اسڪالر آهن جن تصوف ۽ صوفي
ازم ۾ پي ايڇ.ڊي ڪئي هجي. اهو هڪ وڏو اعزاز آهي،
جيڪو کين مليل آهي. سندن تصنيف مان تصوف ۽ صوفي
ازم سان لڳاءُ رکندڙ اسڪالر، اديب ۽ دانشور
استفادو حاصل ڪري سگهن ٿا. پاڻ ايشيا جا واحد صوفي
اسڪالر آهن، جن کي اهڙو اعزاز حاصل آهي.
سچل سائينءَ ستن ٻولين ۾ شاعري ڪئي آهي، جنهنڪري
کين هفت زبان شاعر چيو وڃي ٿو. جڏهن ته سخي قبول
محمد ستن ٻولين کان وڌي ڪري انگريزيءَ ۾ شاعري ڪئي
آهي جيڪو پڻ هڪ وڏو اعزاز آهي. سخي قبول محمد نه
رڳو پاڪستان پر ٻاهرين ملڪن ۾ سچل سائينءَ جي صوفي
ازم وارو پيغام عام ڪرڻ ۾ نهايت ئي اهم ڪردار ادا
ڪيو.
سخي قبول محمد ٻاهرين ملڪن جهڙوڪ: آمريڪا، برطانيه
۽ جرمنيءَ جي يونيورسٽي ۾ صوفي ازم جي پرچار لاءِ
ليڪچر ڏيندا رهيا، جنهن کان متاثر ٿي آڪسفرڊ
يونيورسٽيءَ جي انتظاميه، سندن علمي، ادبي ۽ اعليٰ
ذهانت ۽ ظرافت کان متاثر ٿي مڃتا طور صوفي ازم کي
سندن ڏنل ليڪچرن تي مشتمل انگريزيءَ ۾ هڪ ڪتاب پڻ
شايع ڪرايو ويو.
صوفي ازم ۾ ذات پات نه پر انسانيت جي روحاني
رهنمائي ۽ رهبريءَ جو درس دهرايو ويندو آهي، اهو
ئي سبب اهي جو صوفيءَ وٽ مسلم ۽ غير مسلم طلب وٺڻ
لاءِ ايندا رهيا ۽ اهو سلسلو اڄ به جاري رهندو
اچي. سچل سائينءَ جي دور ۾ ڪيترائي هندو سندن طالب
هئا. جهڙوڪ: نماڻو فقير، نماڻو فقير هڪ هندو عورت
هئي. نصير فقير جلالاڻيءَ جي هڪ هندو عورت نالي
لڇي مائي، حاضر باس هئي، جيڪا ديهانت ڪرڻ کان پوءِ
سندن ئي درگاه تي رهجي وئي. اڄ به هندن جو وڏو
تعداد هندستان کان سندن عرس جي تقريبات ۾ شرڪت
لاءِ ايندو رهي ٿو. ائين نانڪ سائينءَ جي طالبن ۾
پڻ هندن جو وڏو انگ ملي ٿو. اڄ به هندن جو وڏو
تعداد سچل سائينءَ جي عرس مبارڪ ۾ شرڪت لاءِ ايندو
رهي ٿو.
سخي قبول محمد هندستان جو پڻ دورو ڪيو ۽ اتي صوفي
ازم تي ليڪچر ڏنا. سخي قبول محمد پنهنجي انگريزي
شاعريءَ تي مشتمل مجموعو-
(1) Priceless pearls picked from wonderous
waters of wisdom.
ان کان علاوه ٽي. ايل. واسواڻي
T.L-
Vaswani
جو ترتيب ڏنل سخي قبول محمد جي شاعري.
(1) A Voice from the Desert (wilderness)
سخي قبول محمد کي مختلف ملڪن جي يونيورسٽين طرفان
تصوف ۽ صوفي ازم تي تحقيق ۽ ليڪچر ڏيڻ تي ڪيترائي
اوارڊ پڻ مليا، جن ۾ هيٺيان شامل آهن-
(1) Literacy Function bombay 1990.
(2) Religious literacy function, eastwembley
london 1991.
(3) Ninth international geeta Conference new
Delhi 1991
(4) Sufi Function, Ram panjwani centre bombay
1992.
(5) International Seminar on sufism bombay 1992
life fellow of the world literacy.
ان کان علاوه.
(6)
جو تاحياتInternational
Academy Cambridge.
ميمبر شب جو کين اعزاز حاصل رهيو ۽ پاڻ.
Biographical Centre Advisory Council
صوفي ازم ۽ تصوف متعلق سخي قبول محمد جون ڪيل
خدمتون تصوف جي طالبن لاءِ روحاني رهبري ۽
رهنمائيءَ لاءِ هڪ انمول اثاثو آهن، جنهن مان هر
دور ۾ صوفي ازم ۽ تصوف جا متلاشي استفادو حاصل
ڪندا رهندا. سندن انگريزي شاعريءَ جون ڪجهه سٽون
هت ڏجن ٿيون.
l, Searched for several years for so divine
guide. Who had taken my soul to the ride. Being
all unaware of this egma yearned outside. Now in
Sachal from sakhi in side.
Poet: Sakhi
هن وقت درازي درگاهه جي مسند تي سخي قبول محمد جو
وڏو فرزند عزتمآب خواجه عبدالحق
(III)
رونق افروز آهن ۽ پاڻ درگاه
درازيءَ جي فڪري پوئلگن جو وڌ ۾ خيال رکندا آهن.
سچل موٽ سڏن تي، وٿيون نا وجهجن الا
(گودڙيه رح).
ª
|