بهادر ٽالپر
ننڍڙو فرشتو
هُو پنهنجي اوائلي تعليم جي زماني واري زبون ٿيل
ڪچيءَ عمارت واري پرائمري اسڪول وٽان گذري رهيو هو
ته کيس اسڪول کي انتهائي ويجهي کان ڏسڻ جو خيال
آيو. اُلهندئين ڪمري کي ڪاٺ جو در ۽ دريون ۽
اُڀرندئين ڪمري کي ڏاڪائون در ۽ دريون! هُن
اُڀرندئين ڪمري جي ڏاڪائين در مان سج جي ڪِرڻن
جيان اندر نهاريو ته کيس هر شيءِ چِٽي ڏسجڻ لڳي.
ڪرسي اندر ڪانه هئي ۽ نه ئي ٽيبل، بوسيده ڪچيون
ڀتيون اندران کيس سلامي ڏئي رهيون هيون! اندر
اُترئين ڀت جي دريءَ مٿان هڪ پرانو بليڪ بورڊ
ٽنگيل هو، جنهن تي زماني جي دز ڄمي، ان جي ڪاراڻ
کي زخمي ڪري ڇڏيو هو. پنهنجي نگاهه جا تِرڇا ڪِرڻا
هيٺ زمين ڏانهن وڌائين ته کيس ڪلراٺي مٽيءَ جا
اُڀريل نشان ائين نظر آيا ڄڻ غريبي اندر اسڪول ۾
آهه و پڪار ڪندي هجي!! هن پنهنجي دل تي هٿ رکيو ته
کيس لڳو اها سندس اسڪولي زماني واري وقت ۾ ڌڙڪي
رهي هئي!!
سانول جي من مان روح اُڇل کائي ڏاڪائين در مان
اندر هليو ويو. هن ڪمري جي اوڀر- ڏکڻ واري ڪُنڊ ۾
ڏٺو ته کيس پٽيءَ جهڙي ڪا شيءِ نظر اچڻ لڳي، هن
ڊوڙي وڃي ان کي کڻي صاف ڪيو. پٽيءَ تي اکر ڪين
هئا، البت هيٺ پٽيءَ جي ڪور تي کيس ٽُٽل ڦٽل
”ساو...“ جهڙو لفظ نظر آيو. هن جي روح نچندي
ڪُڏندي پٽي کي چميو.... ڄڻ اها سندس لاءِ ڪو مقدس
صحيفوءَ ڪتاب هئي. پريان ٻيءَ ڪنڊ ۾ ننڍي ٻار جهڙو
معصوم فرشتو کيس ڏسي مُرڪي رهيو هو. جنهن جي کيس
خبر نه هئي ته اهو کيس ڏسي رهيو آهي.
هن جي حواسن تي هڪ عجيب خوشبو ڇانئجي رهي هئي.
جنهن کي هن اڳ ڪڏهن به محسوس نه ڪيو هو. ”ساو...“
۽ ”سانول“ ۾ ٿورو اڻ لکو فرق هو، جيئن ڪرم ۽ ڪريم
۾ فرق هوندو آهي! هُو سوچي رهيو هو: ”زماني جي
دستبرد کان بچي پٽي سندس هٿن ۾ پهتي هئي...!“
سانول جي اکين ۾ خوشيءَ هاڻا لُڙڪ چمڪڻ لڳا ۽ سندس
چپن کي ڪنهن ازلي مرڪ چميو! اُن مُرڪ کي ڏسي ننڍي
ٻار جهڙي فرشتي کان پريان ٻي ڪنڊ ۾ ٽهڪ جهڙو هڪ بي
ساخته آواز نڪري ويو! پر سانول اهو ٻڌي نه سگهيو،
جو هن جي حواسن تي ڇانئيل عجيب خوشبو کيس اڃا وڌيڪ
مدهوش بڻائي رهي هئي!! مدهوشيءَ جي ڪيفيت ۾ هن وري
به پٽيءَ کي چُميو ۽ کيس ماءُ جي ممتا ياد آئي....
۽ نِم جي اها ڇانوَ به.... جنهن جي هيٺان ڪڏهن گهر
جا ڀاتي ويهندا هئا..... ۽ هڪ پتڪڙي سماج جي شڪل
ظهور پذير ٿيندي هئي! سانول جو روح ڪنهن خيالي
بئنچ تي ويهي پٽيءَ ڏانهن ڏسندي ڪي پُور پچائڻ
لڳو! ٻاهران ڏاڪائين در مان سندس من کيس پڪاري
واپسيءَ لاءِ چئي رهيو هو! سج اڃا تازوئي اُڀريو
هو. جنهن جي ڪِرڻن ۾ رنگن جي بهار هئي ۽ رنگن مان
ڪيترائي جيوَ محفوظ ٿي رهيا هئا.... اهي ڪِرڻا
ڏاڪائين در مان داخل ٿي ڄڻ سانول کي ڳولي رهيا
هئا… ۽ وري سانول جو روح ڪِرڻن جي سهڪار سان آثار
قديمه جي کاتي جي ڪنهن سرڪردي ڏانهن خط لکي رهيو
هو. جنهن ۾ ڄاڻائي رهيو هو ته ”هن پراڻي اسڪول جي
عمارت کي تاريخي قرار ڏئي، ان جي حفاظت لاءِ جوڳا
بندوبست ڪيا وڃن…!!“ سانول جي روح ڊوڙي وڃي اهو خط
ڳوٺ جي ٻڍڙي پوسٽ مين جي هٿ ۾ ڏنو…! پوسٽ مين جا
هٿ ڏڪي رهيا هئا…! سانول جي سوچ سندس پيءُ جي
ڏڪندڙ هٿن ڏانهن هلي وئي… ۽ رٽائرمينٽ جي ويجهو
پهتل اسڪولي زماني واري ان استاد جي هٿن ڏانهن…!!
جنهن کيس ڪڏهن چيو هو: ”قلم جي حفاظت ڪمزور هٿن کي
مضبوط بڻائيندي آهي…!!“ هن اهو ٻڌي تڏهن پنهنجي هٿ
۾ جهليل قلم کي ڏٺو هو ۽ ان جي طاقت جو اندازو
لڳايو هئائين. ليڪن شعور جي سطح هيٺ هئڻ ڪري ان جو
درست اندازو نه ڪري سگهيو هو!
هن جو روح شديد ڏک ۾ وٺجي ويو، جڏهن ڇِت ۾ ڏٺائين
ته هڪ وڏو سوراخ هو، جنهن مان آسمان نيري ٽُٽل
اڳڙيءَ جيان ڏسجي رهيو هو. هن کي لڳو ”هن جي دل ۾
سوراخ ٿي ويو آهي… ۽ احساس ان سوراخ جي زخم جي شدت
سبب روئي رهيا آهن“ ته هن کان به هڪ اوڇنگار نڪري
وئي…!! پريان ٻيءَ ڪنڊ ۾ ننڍڙو فرشتو به ڏکارو ٿي
ويو…! ۽ ڏاڪائين در مان ٻاهران تڪيندڙ سندس من کي
به زبردست جهٽڪو لڳو…!! سانول لاءِ سندس هيءَ
پهرين مادر علمي، ماءُ مثل هئي، جنهن کي ٻيو جنم
ڏنو هو، جنهن جي جسم تي ڄڻ ڪپڙا ڪونه هئا…!! آسمان
به ان سوراخ مان اندر ڏسي اشڪبار ٿي رهيو هو…!!
سانول کي اسڪولي زماني ۾ ڪمري جي اُڀرندين ڀِت تي
شيٽ تي لکيل اهو بيت ياد آيو: ”اڙي غافل! سنڀالي
هل، زمانو بيوفا آهي…!!“ ته هن ان ڀِت ڏانهن
چِتائي ڏٺو ته کيس ان ڀِت تي گاري جو هڪ اٿڙيل
چاپڙ ئي نظر آيو… ۽ اتي ڪوبه بيت وغيره لکيل نه
هو. هن پنهنجي دل جي ديوار تي هٿ رکيو ته اتي کيس
هڪ گاري جو چاپڙ اٿڙيل محسوس ٿيو…! هن ڪرسي ڳولي،
بئنچون ڳوليون… ڪرسيءَ تي ويٺل سندس آخري ڪلاس
واري استاد کي ڳوليو…!! پر کيس انهن مان ڪوبه نظر
نه آيو. سندس وات مان بي اختيار نڪتو: ”اڙي غافل!
سنڀالي هل، زمانو…“ زمانو کان اڳتي باقي حرف کانئس
اُڪلجي نه سگهيا… ۽ هن پاڻ کي ڏاڪائين در جي
ٻاهران بيٺل ڏٺو. سج هاڻ سندس مٿان بيٺل هو. هن
ڪنڌ مٿي ڪري سج ڏانهن ڏٺو، اکيون پورجي ويس ۽ قدم
پاڻمرادو گهر ڏانهن کڄندا ويس… پر هُو ڪن گهرين
سوچن ۾ وري الاءِ ڪيڏانهن پوئتي پوئتي پِئي ڌڪجندو
ويو…!!!
علي
رضا قاضي
ڪُتي جو آپگهات
نالي
۽
شڪل
۾
ته
هُو
ڪُتو
هو،
پر
شينهن
هو
شينهن!
جنهن
پاڙي
۾
رهندو
هو
اتي
هن
جي
ايتري
دهشت
۽
ڌاڪ
هوندي
هئي
جو
مجال
آهي
ڪو
ڌاريو
ڪُتو
هن
جي
والاريل
علائقي
۾
پير
پائي…!
خير
هو
ڇا
به
هو،
پر
هئو
ته
ڪُتوئي.
ان
ڳالهه
جو
احساس
تهائين
هن
جي
اندر
کي
وڍي
ڇڏيندو
هو،
جڏهن
شهر
جا
اڪثر
ماڻهو
هن
کي
لوسي
سمجهندا
هئا!
شهرين
جي
نظر
۾
هر
اهو
ڪتو
لوسي
هو،
جيڪو
ماڻهن
کي
ڏسي
پڇ
لوڏي
ٿو.
’پڇ
لوڏڻ‘
جي
ڳالهه
اهڙي
هئي،
جتي
مڙني
ڪُتن
جي
وفاداريءَ
سان
وڙهي
مرڻ
تي
سواليه
نشان
اچي
ويندا
هئا!
ڀلي
هُو
واگهه
سان
مقابلو
ڪن
يا
جهنگلي
ڪُتن
سان
مهاڏو
اٽڪائين
يا
چورن
سان
وڙهي
ماڻهن
کي
نقصانن
کان
بچائين،
پر
هنن
جو
درجو
لوسي
ڪُتن
جو
ئي
هو!
پاڙي
جي
ان
شينهن
جهڙي
دلير
ڪُتي
کي
پنهنجي
ٻاروتڻ
جي
ڪا
به
خبر
نه
هئي.
بس
ايترو
سو
ياد
هئس
ته
هن
جي
ماءُ
هڪ
تيز
رفتار
ڪار
جي
ڦيٿن
هيٺيان
اچي
چيڀاٽجي
مري
وئي
هئي!
هن
کي
اڪثر
ماءُ
جي
ياد
ايندي
هئي،
پر
سمجهندو
هو
ته
پاڻ
پيءُ
جهڙو
آهي.
هڪ
ڀيري
ڪنهن
پوڙهي
ڪُتي
جي
واتان
اها
ڳالهه
ٻڌي
هئائين
ته
’ٻپيرو
وڃي
ماءُ
تي،
چؤپيرو
وڃي
پيءُ
تي!‘
ڇاڪاڻ
ته
هو
چؤپيرو
هو
سو
خيال
ڪندو
هو
ته
پنهنجي
پيءُ
جهڙو
آهي.
حالانڪه
ڪڏهن
به
پنهنجي
پيءُ
کي
ڏسي
نه
سگهيو
هو.
ڪڏهن
خيال
ايندو
هئس
ته
ڪاش
هن
کي
پنهنجي
پيءُ
جي
شفقت
۽
محبت
ملي
سگهي
ها....!
شهر
جا
پوڙها
ڪُتا،
اڪثر
ان
سان
پڻس
جا
حال
احوال
اوريندا
هئا.
ٻڌائيندا
هئس
ته
ان
جو
پيءُ
پنهنجي
وقت
جو
وڏو
ڪوپو
جوان
هو،
جنهن
دنگن
۽
ننگن
جي
حفاظت
لاءِ
ڪيتريون
ئي
لڙايون
لڙيون
هيون.
هڪ
ڀيري
جهنگلي
ڪُتن
جي
لوڌ
سان
مقابلي
۾
سخت
زخمي
ٿي
مري
ويو
هو.
هُو
پنهنجي
پيءُ
جون
ساروڻيون
ٻڌي
جذباتي
ٿي
ويندو
هو،
ساڳئي
وقت
اها
خواهش
ڪَرُ
کڻندي
محسوس
ڪندو
هو
ته
ڪاش
هُو
به
پنهنجي
پيءُ
جيان
وڙهندي
مارجي
وڃي!
هُن
کي
ڪنهن
هڪ
ڀيري
ٻڌايو
هو
ته
گهرن
اندر
رهندڙ
ڪُتا،
ماڻهن
جا
غلام
هوندا
آهن،
انڪري
هن
فيصلو
ڪيو
هو
ته
گهٽيءَ
جي
مُهڙ
۾
ئي
ڪا
ڪنڊ
وسائي…
اها
ٻي
ڳالهه
ته
جنهن
گهر
جي
ڀت
ڀرسان
رهندو
هو،
ذهني
طور
ان
ماڻهوءَ
کي
پنهنجو
مالڪ
سمجهندو
هو.
صبح
شام
ان
گهر
مان
هڪ
ماني
هن
جي
پيٽ
قوت
لاءِ
پڻ
ڪافي
هئي.
اها
ماني
پنهنجي
لاءِ
وڏو
ٿورو
سمجهندو
هو،
جنهن
احسان
کي
لاهڻ
جا
جتن
پيو
ڪندو
هو.
آخرڪار
ڪافي
ڏينهن
کان
پوءِ
اهو
موقعو
اچي
ويو،
جڏهن
هڪ
اماس
جي
رات،
جهنگ
جي
ڪُتن
هن
جي
پاڙي
مٿان
راتاهو
هنيو.
حملي
جي
خبر
جهنگ
جي
باهه
جيان
سڄي
پاڙي
۾
پکڙجي
وئي.
هر
طرف
ڪُتن
جي
باهوڙ
مچي
وئي.
ڪجهه
ڪتن
مقابلي
بدران
ڀڄڻ
کي
اوليت
ڏني
ته
هن
سميت
ڪافي
ڪُتن
وڙهي
مرڻ
کي
ترجيح…
هُو
انهن
مان
هو،
جيڪي
چاهين
پيا
ته
پاڙي
جي
عزت
آبرو
خاطر
پنهنجي
جان
قربان
ڪري
ڇڏجي.
هن
اونايون
شروع
ڪيون،
جنهن
جو
مطلب
هو
سڀ
گڏ
ٿي
ٻاهرين
جو
مقابلو
ڪريو…
اوناين
۾
هن
جون
هڪلون
به
شامل
ٿي
ويون.
گهمسان
جي
لڙائي
شروع
ٿي
وئي.
سامهون
ايندڙ
وحشي
خطرناڪ
ڪتن
سان
مقابلو
ڪرڻ
ڪو
سؤلو
ته
نه
هو،
پر
هن
همٿ
نه
هاري
ڪيترن
کي
ميدان
ڇڏڻ
تي
مجبور
ڪيائين.
هن
کي
بهادري
سان
وڙهندو
ڏسي
جهنگلي
ڪُتن
۾
ٽاڪوڙا
پئجي
ويا.
هُو
ڀرپور
جنگي
حڪمت
عملي
سان
مقابلو
ڪري
رهيو
هو.
ڪنهن
وقت
پوئتي
ته
ڪنهن
وقت
اڳتي
ٿي
مخالفن
مٿان
شديد
حملا
ڪري
رهيو
هو.
مخالف
جهنگلي
ڪتن
جا
پير
اکڙڻ
لڳا
هئا.
هُو
پرجوش
انداز
سان
حملي
مٿان
حملا
ڪري
رهيو
هو.
دشمن
ڪُتن
جا
پويان
پير
هئا.
هن
جي
اڳيان
فقط
ڪجهه
ڪُتا
بچيا
هئا،
جن
۾
جهنگلين
جو
سردار
پڻ
شامل
هو.
لڙائيءَ
کي
پنهنجي
فتح
۾
تبديل
ڪرڻ
لاءِ
سردار
مٿان
حملي
جو
سوچيو.
جيئن
ئي
هن
ٿورو
پوئتي
تي
جهنگلي
ڪُتن
جي
سردار
تي
بُل
ڏئي
جُهلَ
جي
ڪوشش
ڪئي
ته
ان
کي
پنهنجي
ڄنگهه
ڪنهن
شيءِ
۾
قابو
محسوس
ٿي.
پوئتي
جو
نهاريائين
ته
هن
جي
ڄنگهه
پنهنجي
دوست
جي
وات
۾
هئي،
گهڙي
کن
اچرج
۾
اچي
ويو.
اڃا
وات
مان
لفظ
’غدار‘
نڪرڻ
تي
هئس
ته
جهنگلي
ڪُتن
جي
سردار
ايترو
ته
تڪڙو
حملو
ڪيو،
جو
هو
پاڻ
سنڀالي
نه
سگهيو.
هاڻي
هن
جو
مٿو
جهنگلي
ڪُتن
جي
وات
۾
هو.
ڪتن
جا
ڏند،
تيز
ڪلن
جيان،
پنهنجي
دماغ
۾
ويندي
محسوس
ڪيائين؛
ساڻو
ٿي
ڪري
پيو……
نيم
بيهوشيءَ
واري
حالت،
جنهن
۾
دشمن
ڪُتن
سمجهيو
ته
هاڻي
هن
جو
ڪم
پورو
ٿي
ويو
آهي،
هن
کي
ڇڏي
هليا
ويا.
صبح
ٿيو،
هن
اٿڻ
جي
ڪوشش
ڪئي،
پر
سخت
زخمن
هن
کي
چرڻ
به
نه
پئي
ڏنو.
آخر
ڪوشش
کان
پوءِ
پيرن
تي
اٿي
بيٺو.
هيڏي
هوڏي
نهاريائين.
سڀ
ڪتا
هن
جي
بهادريءَ
جون
ڳالهيون
ڪري
رهيا
هئا.
ڪُتن
جي
واکاڻ
هن
کي
مجبور
ڪيو
ته
هن
کي
همٿ
نه
هارڻ
گهرجي،
ڇاڪاڻ
ته
اڃا
هن
جي
ڪافي
زندگي
پئي
آهي.
اهڙا
ٻيا
به
کوڙ
موقعا
ايندا
جنهن
۾
هن
کي
بهادريءَ
جا
جوهر
ڏيکارڻا
آهن!
ڪافي
سال
گذري
ويا.
هن
جا
زخم
به
ڀرجي
ويا.
هميشہ
ان
مقابلي
کي
ياد
پيو
ڪندو
هو.
هاڻي
هُو
مالڪ
جي
اڳيان
پڇ
لوڏيندي
پيريءَ
ڏانهن
تيزيءَ
سان
سفر
ڪري
رهيو
هو.
ان
دؤران
ڪوشش
ڪندو
هو
ته
ڪنهن
کي
به
پنهنجي
ڪمزورين
کان
آگاهه
نه
ڪجي.
بک
ڏک
۾
شڪر
ڪري
ساڳي
جاءِ
تي
يعني
پاڙي
جي
ڪنڊ
تي
ٺهيل
گهر
ٻاهران
ستو
پيو
هوندو،
سمجهندو
هو
ته
ان
گهر
جا
مالڪ
هن
جا
به
مالڪ
آهن.
ماني
ڀور
پنهنجي
لاءِ
مالڪن
جو
نمڪ
سمجهندو
هو.
ساڳي
طرح
دل
به
چوندي
هئس
ته
وري
ڪو
موقعو
اچي
ته
مالڪن
تان
سر
گهور
ڪيان……
پيريءَ
ڏانهن
منهنَ
ڪري،
هاڻي
جسماني
طور
ڪمزور
ٿيندو
پئي
ويو.
اڪثر
ڪتن
جي
جهيڙي
۾
هارجي
ويندو
هو،
پر
هن
جا
حوصلا
جوان
هئا.
هڪ
ڀيري
ائين
ٿيو
جو
ٻئي
پاڙي
جي
ڪتن
اوچتو
حملو
ڪري
ڏنو.
هو
پاڻ
سنڀالي
نه
سگهيو
۽
ان
جهڙپ
۾
ڪنڌ
۾
چڪ
لڳڻ
ڪري
اتي
گهاءَ
پئجي
ويس..
ويتر
اتي
ڪيڙا
پوڻ
ڪري
ڏاڍي
اذيت
۾
ورتل
هو.
مٿي
۾
شديد
جسماني
گهائن
ڪري
سخت سور
محسوس
ڪري
رهيو
هو،
ذهني
حالت
به
خراب
ٿيندي
پئي
وڃي…
ان
کان
اڳ
جو
هو
مڪمل
چريو
ٿئي،
پنهنجي
جوانيءَ
۾
مڙس
مٿير
جون
ڳالهيون
ياد
ڪري آپگهات
جو
فيصلو
ڪري
ورتائين!
آپگهات،
خودڪشي
يا
پاڻ
مارڻ………
ڀلا
ايترو
به
سؤلو
ڪم
ته
نه
هو.
آخر
هو
ڇا
ڪري!؟
ڇاڪاڻ
ته
هن
کي
يقين
ٿي
ويو
هو
ته
هُو
هاڻي
گهڻا
ڏينهن
جيئرو
رهي
نه
سگهندو!
بس
هن
جي
خواهش
هئي
ته
ڪنو
ٿي
نه
مري!
جهڙي
ريت
جوانيءَ
۾
ڪو پورهيو
هو.
هن
جو
موت
به
شاندار
طريقي
سان
ٿئي.
سوچي
رهيو
هو
ته
ڪاش
ڪُتن
جي
ان
لڙائيءَ
۾
هُو
پٽيءَ
تي
مارجي
وڃي
ها،
پر
ايئن
نه
هو،
هن
کي
ڌڪ
ڪجهه
اهڙي
طرح
جا
لڳا
هئا
جو
نه
جيئرن
۾
هو
نه
مئلن
۾
هو.
ڌِڪن
جي
شدت
هن
کي
نستو
ڪري
ڇڏيو
هو،
خودڪشيءَ
بابت
سوچي
ئي
رهيو
هُو
ته
هن
جي
ڀرسان
ان
گهر
جو
مالڪ
لنگهيو،
جنهن
لاءِ
هو
سدا
سوچيندو
رهندو
هو
ته
اهو
ئي
هن
جو
مالڪ
پڻ
آهي.
مالڪ
کي
ڏسي
هن
پڇ
لوڏيو،
هن
جي
پيرن
۾
وڃڻ
جي
ڪئي.
پهرئين
به
ته
هُو
مالڪ
کي
ڏسي
ائين
ئي
ڪندو
هو.
هن
جي
ان
حرڪت
تي
مالڪ
خوش
ٿي
هن
کي
ٻچڪر
ڏئي
داد
ڏيندو
هو،
پر
اڄ
ايئن
نه
ٿيو.
مالڪ
هن
کي
دڙڪي
جي
انداز
۾
’نڪر…‘
چئي
پاڻ
کان
پري
ڪرڻ
جي
ڪئي.
اهو
ڏسي
هن
جي
اندر
۾
ايتري
ته
تڪليف
جي
لهر
اٿي
جو
مٿي
جو
ڌڪ
به
وسري
ويس!
ڪجهه
گهڙيون
ته
ڄڻ
پنڊ
پهڻ
ٿي
ويو.
خاموشيءَ
سان
پيرن
کي
پوئتي
ڪري
ان
ساڳي
جاءِ
تي
اچي
ويٺو،
جتي
اڪثر
ويهندو
هو،
پر
هاڻي
اهو
ان
جو
آخري
ويهڻ
هو.
اهڙي
ذليل
زندگي
ڪير
جي
سگهندو.
بس
هن
پڪو
فيصلو
ڪري
ورتو
ته
وڌيڪ
زنده
رهڻو
ناهي.
هاڻي
ڪتي
جي
اڳيان،
فقط
اهو
معاملو
هو
ته
پاڻ
کي
ڪيئن
ماري!؟
آخر
ڪافي
سوچ
ويچار
کان
پوءِ
هن
کي
اڳيان
آپگهات
جو
هڪ
آسان
طريقو
نظر
آيو.
هُو
اُٿيو،
هڪ
نظر
ان
گهر
تي
وڌائين،
جنهن
جي
حفاظت
لاءِ
ڪيترائي
ڀيرا
پنهنجي
جان
به
قربان
ڪرڻ
لاءِ
تيار
ٿي
ويو…
هڪ
نظر
ان
گهٽيءَ
تي
ڌريائين،
جنهن
۾
ٻاروتڻ
کان
ڦوهه
جوانيءَ
جو
عرصو
گذاريو
هئائين.
ڳرن
قدمن
سان
گهٽيءَ
جي
آخري
ڇيڙي
تي
پهچڻ
وقت
هن
جي
اکين
مان
لڙڪ
لارون
ڪري
وهڻ
لڳا!
هن
پاڻ
کي
سنڀاليو
۽
تيز
وکون
کڻندي،
گهر
۽
گهٽيءَ
کان
ڪافي
ڏور
نڪري
آيو.
ان
کان
اڳ
هن
کي
پاڻ
مارڻ
جو
آسان
طريقي
به
سُجهي
ويو
هو.
ڪُتي
تيز
وکون
کڻندي
ميونسپل
ڪاميٽيءَ
جي
چوڌاري
چڪر
لڳائڻ
شروع
ڪيا.
هن
کي
آس
هئي
ته
ميونسپل
ڪاميٽي
وارن
وٽ
ڪتن
مارڻ
جو
زهر
هوندو
آهي،
هن
جي
حالت
ڏسي
يقينن
سندس
اڳيان
مانيءَ
۾
زهر
ملائي
اڇلائيندا،
هُو
خوشي
خوشي
اها
ماني
کائيندو
۽
پوءِ
سڀ
تڪليفون
هڪ
لحظي
۾
لهي
وينديون………
پر
هن
کي
اهو
ڏسي
مايوسي
۽
حيراني
ٿي
ته
ميونسپل
ڪاميٽيءَ
جي
چوڌاري
چار
پنج
چڪر
ڪاٽڻ
کانپوءِ
به
هن
جو
ڪنهن
نوٽيس
نه
ورتو
آهي!
آخر
هُو
ٿڪجي
ڪاميٽي
گيٽ
تي
بيهي
رهيو
ته
من
ڪو
هن
جو
زخم
ڏسي
ڇتو
سمجهي
مارڻ
جي
ڪوشش
ڪري.
هن
جي
اميد
تڏهن
ختم
ٿي
جڏهن
هن
ميونسپل
آفيسر
کي
هڪ
ڀنگياڻيءَ
سان
ڳالهائيندي
ڏٺو.
آفيسر
ڀنگياڻي
جي
ڇاتيءَ
کي
تڪيندي
سرٻاٽن
۾
چئي
رهيو
هو
”تو
واري
مڙس
کي
ڍڪڻيءَ
۾
ڍُڪ
پائي
ٻڏي
مرڻ
گهرجي،
ڪتن
مارڻ
لاءِ
ايندڙ
زهر
کپائي
به
تنهنجي
خاندان
جي
پوري
ڪريان
ٿو،
پر
تنهنجي
مڙس
جا
اعتراض
۽
غيرت
ختم
نه
ٿي
ٿئي!......“
ڪتو،
وڌيڪ
گفتگو
نه
ٻڌي
سگهيو،
البته
’ڍڪڻي…
ڍڪ
۽
مرڻ…‘
واري
ڳالهه
هن
کي
سمجهه
۾
اچي
وئي.
جسم
۾
ڦڙتي
اچي
ويس.
ڪنڌ
ڍاري
تيز
وکون
کڻندو
شهر
جي
مين
رستي
ڏانهن
رخ
ڪيائين،
جتي
ڪافي
وقت
کان
’ڍڪڻيءَ
جي
ڍڪ‘
کان
وڌيڪ
پاڻي
بيٺل
هو… |