سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2/ 2019ع

باب:

صفحو:15 

ڊاڪٽر قاضي خادم

 

 

 

يادگيريون

 

پڙهڻ جو شوق مون کي ننڍپڻ کان ئي هئو، ان ڪري جو جنهن ماحول ۾ رهيس ان ۾ اردگرد مون کي پڙهندڙ ئي مليا. گهر ۾ توڙي گهر کان ٻاهر ڪاليج يونيورسٽيءَ ۾ توڙي اخباري دفترن ۾ مون هر ڪنهن کي ڪنهن نه ڪنهن قسم جي ڪتاب پڙهڻ يا لکڻ ۽ ترجمو ڪرڻ ۾ مصروف ڏٺو. حقيقت اها آهي ته اسان ته ماني کائيندي به پڙهندا ئي هئاسون، ته ماني ڪانه وڻندي هئي. منهنجو وڏو ڀاءُ دادا مشتاق، جيڪو پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ وارن اوائلي سالن ۾ پهرين مشتاق، شميم ۽ پوءِ قاضي مشتاق جي نالي سان افسانه لکندو هو، اهو به رومانوي، جاسوسي توڙي مزاحيه ادب جو ڏاڍو شوقين ڏٺم. هُو ڪڏهن ڪڏهن ماني کائيندي پڙهڻ ۾ ايترو مشغول هوندو هو جو جيڪڏهن دٻڪيءَ مان ماني ختم ٿي وئي ته به اک ڪتاب مان ڪونه ڪڍندو هو، بلڪ هيڏانهن هوڏانهن هٿ ڦيرائي ماني پيو ڳوليندو هو. ساڳيو حال چاچا غلام قادر جو به هو. هُو به ڪتاب لئبرريءَ مان مسواڙ تي وٺي پڙهندو هو. اسان وانگر ئي، اڪرم الله آبادي....... هتي رامپوري دت ڀارتي ۽ نسيم حجازي جي ناولن جو شوقين هو. ان کان اڳ به هن سنڌيءَ جو ڪو داستان ڪونه ڇڏيو هو. بلڪ مون کي به ممتاز دمساز، گل بڪاولي، چار درويش، امير حمزو ۽ الف- ليليٰ سميت ڪئين داستان سالن جا سال پڙهي ٻڌائيندو رهيو هو، جيڪي ڄڻ ته منهنجي شخصيت بلڪ نفسيات ۾ داخل ٿي ويا. هُو محمد عمثمان ڏيپلائي جا تاريخي ۽ سماجي ناول به شوق سان پڙهندو هو ته ان وقت جي مشهور هندو ليکڪن جا ڪتاب به سيراندي رکيا هوندا هئا ته پوڪردس جي جاسوسي ڪتابن جو به شوق هوس. ان وقت اسان جاسوسي چڪر ۽ سنسار چڪر جي ڪتابن مان نڪري ورهاڱي کان پوءِ جي اردو ادب جا شوقين ٿي چڪا هئاسين ۽ مون انٽر آرٽس کان ايم.اي ڪرڻ تائين ڪيترائي اردو ناول جن ۾ آگ کا دريا، گردش رنگ چمن، سيتاهرن چائي ڪي باغ ۽ هائوسنگ سوسائٽي جي ليکڪ قرة العين حيدر هئي، عبدالله حسين جو مشهور ناول ’اداس نسلين‘، خديجه مستور جي ورهاڱي تي لکيل ’آنگن‘، جميلا هاشمي جي ’تلاش بهاران‘ جنهن کي رائٽرس گلڊ جو انعام به مليو هو ۽ ٻيا ان موضوع تي لکيل ڪتاب پڙهي چڪو هوس، پر ان سان گڏ، جيئن اڳ به ذڪر ڪري چڪو آهيان ته. ايم اسلم، نسيم حجازي، رئيس احمد جعفري، صادق حسين سرڌنوي ۽ عبدالحليم شرر ۽ تيرٿ رام  فيروزپوري توڙي منشي پريم چند جا افسانا ۽ ان وقت جي ٻين ترقي پسند ليکڪن، عصمت چغتائي، سعادت حسن منٽو جن جي ڪهاڻين مان جنس جي چاشني به ملندي هئي ته دت ڀارتي، ڪرشن چندر، راجندرسنگهه بيدي کان شرون ڪمارورما، عزيز احمد، ممتاز شيرين ۽ ڊاڪٽراحسن فاروقي ۽ پروفيسر احمدعلي، جنهن جو ناول Twilight in Delhi  جنهن جو ترجمو سندس ڌيءَ بلقيس ’دلي کي ايک شام‘ نالي سان ڪيو هو. اهي به خريد ڪري پڙهيم وري به شوڪت ٿانوي ۽ شفيق الرحمان جي مزاحيه لکڻين کي وڌيڪ ئي پسند ڪندو هوس.

ڪهڙو عجيب دور هو، پڙهڻ جا مقابلا ڪبا هئا. منهنجو ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ جي وقت جو دوست اقبال الدين قاضي ته آگ ڪادريا ناول هڪ رات ۾ پڙهي رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو.

مون سنڌي ناولن جي شروعات هڪ نهايت سادي سودي رومانوي ناول سان ڪئي هئي. جنهن جو ذڪر بار بار ڪرڻ سان به نه ٿو ٿڪجان اهو آهي الهه بخش ٽالپر جو ’پرديسيءَ جو پيار‘ هن ناول منهنجي ڪچڙي ذهن تي ڪيترو اثر وڌو، ان جو ذڪر لفظن ۾ نه ٿو ڪري سگهان. هيءُ هڪ پرائمري ماستر جي عشق جو داستان آهي، جنهن مون ۾ پيار جي جذبن پيدا ڪرڻ ۾ به ڪردار ادا ڪيو ته استاد جي پيشي کي به رومانوي رنگ ڏئي، دل ۾ اهو خيال پيدا ڪيائين ته ڪاش آءُ به ماستر هجان ۽ ائين ڪنهن من مهڻيءَ سان عشق جي آگ ۾ ٽپو ڏيان. ان کان پوءِ ترقي پسند اديبن: ع.ق.شيخ، اياز قادري، رباني، حميد سنڌي، جمال ابڙو، شيخ اياز کان نسيم کرل، امرجليل، علي احمد بروهي جي مزاحيه افسانن، آغاسليم، شمشيرالحيدري، ناصر مورائي، موهن، ڪلپنا، سندري اُتمچنداڻي، ۽ ڪيئي ليکڪن جا افسانا ۽ ناول پڙهيم ۽ خوش قسمتيءَ سان انهن مان تمام گهڻن سان زندگيءَ جو وڏو عرصو دوستيءَ ۾ به گذريو. جيڪو انهن مان ڪيترن جي گذاري وڃڻ باوجود لڳي ٿو ته ڄڻ اهي اڃا به مون سان گڏ هجن ۽ پنهنجي قلم رستي منهنجي ذهني پرورش ۾ حصو وٺندا هجن. انگريزي ادب ۾ به ناول ۽ افساني سان ڏاڍو شوق رهيو. ڪئين ڪتاب، انگريزيءَ ۾ توڙي اردو، سنڌي ترجمن جي ذريعي پڙهيم. انهن ۾ به مونکي رومانوي ۽ ايڊونچر قصا ڪهاڻيون وڌيڪ وڻديون هيون. تنهنڪري فرينچ، انگريزي، اٽالين، روسي، امريڪن ۽ اسپين جي ناولن مان ڪيترا مشهور ناول پڙهيم ۽ انساني فطرت جي سدا بدلجندڙ سڀاءَ مان واقفيت ملي ۽ مون پاڻ به انهن مان ڪي ناول ترجمو ڪيا، جن ۾ فرانس جي ناول نگار البر ڪامئو جو ’ناول ’دي فال‘ زوال نالي سان دوستووسڪي جو ناول دي گيمبلر جواريءَ جي نالي سان ترجمو ڪيم، جيڪي شايع ٿيا. ان کان پوءِ جيمزهلٽن جو ناول ’گڊباءِ مسٽر چپس ترجمو ڪيم جيڪو ان وقت قسطوار خادم وطن اخبار ۾ شايع ٿيو ۽ فرانس جي پيري لوئي جو ناول ’ايفروڊائٽي‘
سونهن جي ديويءَ جي نالي سان ترجمو ڪيم جيڪو پڻ شايع ٿيو ۽ ان کان سواءِ ساوتريءَ جي طويل ڪهاڻي، ’انٽيمسي‘ جو ترجمو ’پيار‘ جي نالي سان شايع ڪرايو ۽ افسانا به ڪيترائي ترجمو ڪيم، جيڪي ان وقت جي رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهيا. ائين آءُ - افسانا، ناول ۽ ڊراما به لکندو رهيس جيڪي سڀ جا سڀ شايع ٿي چڪا ۽ اڃا به ٿين پيا. اڃا مون اٽالين ليکڪ البرٽوموراويا جو ناول دي ايمپٽي ڪينواس ۽ دي وومن آف روم، ترجمو ڪرڻ شروع ڪيا هئا ليڪن خبر ناهي ڇو مڪمل ٿي نه سگهيا. جڏهن ته آسڪروائلڊ جو مشهور ناول ’پڪچر آف ڊورن گري‘ به اڌ ترجمو ڪيم.

مون اهو محسوس ڪيو ته سيڪس ۽ ڪرائيم تي لکيل ناول آئون دلچسپيءَ مان جلد پڙهي ويندو هوس. ليڪن چارلس ڊڪنس وليم ميڪپيس ٿيڪري توڙي سمرسيٽ ماهم جا ناول مون درسي ڪتابن وانگر آهستي آهستي پڙهيا. جيڪي ڪتاب آءُ تمام دلچسيءَ سان ۽ جلدي پڙهي سگهيس انهن ۾ ليڊي چيٽرليزلور.ايڇ لارنس) مادام بواري (بالزاڪ) دس ارٿ ازمائين (پرل ايس بڪ) مور (مئڪسيم گورڪي) دي گڊ ارٿ ۽ سرآرٿر ڪانن ڊائل مشهور ڪردار شرلاڪ هومز جا قصا به انهن ۾ شامل آهن. هاڻ سوچيان ٿو ته ايترو وقت ڪيئن مليو جو ايترا ڪتاب پڙهي سگهيس ان تي پڻ هڪ ڪتاب لکي سگهجي ٿو.

*****

سنڌ جي ننڍن ڳوٺن ۾ سياري جا رنگ به عجيب هوندا آهن، هالا پراڻا کان وٺي، جاتي، سجاول ۽ ٺٽي تائين، سيوهڻ کان وٺي ڏوڪري، وارهه ۽ رتي ديري تائين، اوٻاڙي ۽ دادوءَ ۾، جيڪي وري عام ڳوٺن کان وڏا به هئا ۽ دادوءَ کي ڇڏي باقي شهرن کان ڪجهه ننڍا هئا ليڪن اردگرد ٻنيون باغ ۽ وڻڪار هجڻ سبب اتي جون راتيون سياري ۾ بدن ۾ ڪنبڻي وجهي ڇڏينديون هيون. هالن پراڻن ۾ ته اسين رات جي ماني به بورچيخاني ۾ صندليون وجهي ڪاٺين ۽ ڇيڻن جي باهه جي چوڌاري پنهنجو پاڻ کي سيڪيندا، کائيندا هئاسين ۽ گرم پاڻيءَ سان هٿ ڌوئي ڊڪندا، اڱڻ ٽپندا ڪمرن ۾ وڃي ڳرين سوڙين ۾ لڪندا هئاسين. ٻاهران ايندي وات مان دونهان نڪرندا ڏسي خوش ٿيندا هئاسين. صبح جو سوير وري ٻاهر ڌنڌ ۾ وڏن وڻن توڙي کٻڙن، پپرن ۽ اَڪ جي پتن تي ماڪ جا ڄميل ڄاري وانگر ڦُڙا جرڪندا ڏسبا هئا. سياري جي اها ماڪ هاڻي خوشبو شهرن ۾ ته ڪانهي، پر ڳوٺن مان به موڪلائي وئي آهي. انڪري جو ماڻهن وڻن کي بيدرديءَ سان قتل ڪري، لکين پکين جا اجها برباد ڪري ڪاٺ وڪيو ۽ اتي پنهنجا گهر جوڙائي ڇڏيائون نه رهيا وڻ ۽ اها نه اها سرديءَ جي نشاني.

اسين ته سياري جي مند جا مزا ياد ٿا ڪريون، پر انهن غريبن کان ڪير پڇي جيڪي ڪاٺيون به ٻاري ڪونه سگهندا هئا ۽ مينهن ۽ ڍڳين جا سڪل ڇيڻا ٻاري گهرن ۾ گرمائش جو بندوبست ڪندا هئا. اهڙن گهرن ۾، جن کي دروازا ۽ دريون به ڪونه هونديون هيون ۽ ڪچي ڇت هئڻ ڪري مينهوڳين ۾ سڄيون راتيون ٽمندڙ ڇتين جي هيٺان گذاريندا هئا، انهن غريبن جو حال ته ڳوٺن ۽ شهرن ۾ برابر هو. ڀلي ڇاڇرو هجي يا ڪنري ۽ جهڏو يا وري ميرپورخاص، ٽنڊوآدم، نوابشاهه يا سکر، غريب کي هر هنڌ غير محفوظ ماحول ئي مليو. ليڪن ان جو مطلب اهو ڪونهي ته ڪو هُو ماحول کان ايترا غير مطمئن هجن جو هروقت روئندا رهن يا فڪرمند هجن. اهڙين موسمن ۾ سختين جي حالتن ۾ به هُو پنهنجا ڪاڄ، رسمون ۽ روايتون قائم رکيو ايندا هئا. غمي توڙي خوشيءَ جي حالت ۾ لڳندو هو ته کين غربت جو ڪو احساس ئي ڪونهي جيئن تيئن ڪري شاديءَ جا ناچ گانا پيا ڪندا هئا خيراتون ۽ ختما وغيره ٻوڙ پلاءُ کانسواءِ ڪونه هوندا هئن.

بهرحال سنڌ جو سيارو به بي مثال آهي.

هڪ دفعي سياري جو هڪ ڏينهن مونکي ياد آهي ته 1955ع ۾ سيوهڻ ۾ بابا جي مختيارڪاريءَ دوران آءٌ اتي جي پرائمري اسڪول ۾ پڙهندو هوس، پر هڪ ڏينهن اسڪول ۾ دل نه پئي لڳي سو نڪري پيس اڙل واهه ڏانهن، جيڪو ان وقت سڪل هو، البته پيٽ آلو هئس جنهنڪري بوٽ آليءَ مٽيءَ جي نرميءَ کي محسوس ڪري رهيا هئا. ان آلي چيڪي مٽيءَ جي خوشبو کي آءٌ اڃا تائين ڪونه وساري سگهيو آهيان.

آءُ خبر ناهي ڪهڙي خيال کان واهه جي پيٽ ۾ لهي پيس، حالانڪ اڙل جي ڪپ تي چڻن ۽ مٽرن جي پوک جو نظارو به ڪو گهٽ ڪونه هئو، خاص ڪري مٽرن جا بِلو رنگ جا ننڍڙا گونچ سڄي ماحول کي رنگين بنايو بيٺا هئا، پر آءُ اڙل ۾ لهي پيس، جنهن ۾ پاڻيءَ جي وهڪري دوران هڪ اڌ دفعو دوستن سان گڏ ترڻ جي به ڪوشش ڪئي هئم ۽ ٻڏندي ٻڏندي بچيو هئس، ليڪن خالي نديءَ کان ڪير ٿو ڊڄي.

آءُ ندي جي آلي پيٽ ۾ هلندو هلندو ڪافي اڳتي نڪري ويس ۽ اهو خيال به ڪونه آيم ته ڪٿي ڪو اڳيان پاڻي نه هجي ۽ ڦاسي نه وڃان. اهو نظارو هينئر ٿو ياد ڪريان ته خوف ٿو لڳي. بهرحال اسان جي پاڙي جي هڪ ڇوڪري مونکي ايڏانهن ويندي ڏٺو ته هُو به پٺيان هليو آيو ۽ هڪ موڙ وٽ مون کي سڏ ڪندو اچي پهتو. جي هُو مون کي نه سڏي ها ته شايد اڳيان آءَ ڦاسي وڃان ها. انڪري جو اڳيان هڪ پُل هئي جنهن جي هيٺان پاڻي بيٺل هو ۽ وڃڻ جو ٻيو ڪو به رستو ڪونه هو. بهرحال اتان ئي اسان نهر مان نڪري بند تي چڙهياسين ۽ مون وري اڙل واهه ۾ لهڻ کان توبهه ڪئي.

نديءَ جي آلي پيٽ ۾ اهو سفر مون کي سڄي عمر ياد رهيو. توڻي جو مون ڪنهن سان به اها ڳالهه نه ڪئي ۽ اڄ جڏهن ان منظر جي ياد ٿي اچيم نه ڊپ ٿو لڳيم ليڪن اهو مزو نه ٿو وسري، جيڪو سخت سرديءَ ۾ وڻن ٻوٽن ۽ چيڪي مٽيءَ جي خوشبوءَ ۾ ڪيل ان سفر دوران محسوس ڪيو هئم.

سياري جو اهڙو ئي هڪ واقعو ياد ٿو اچيم، جڏهن ايوب خان جي بيسڪ ڊيموڪريسيءَ جي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ لاءِ اسين پنهنجي ڳوٺ هالا پراڻا ويا هئاسين، جتي اسان جا ووٽ داخل آهن. اهو به هڪ سرد ترين ڏينهن هو. آءٌ به صبح ساڻ، خبر ناهي ڪنهن جي سائيڪل هئي، ان تي چڙهي پرائمري اسڪول ڏانهن نڪتس. ليڪن واٽ تي عدلوءَ جي هٽ وٽ پهچي هٿ ڄڻ هڪ هنڌ بيهي رهيا ۽ سائيڪل بيهي رهي. پوءِ ته جيئن پيڊل هڻڻ جي ڪوشش ڪيم ته وڃي پٽ تي ڦهڪو ڪيم ليڪن ڌڪ کان بچي ويس جو هيٺ چيڪي مٽيءَ جو ڍير پيو هو، جنهن جي ٿڌڪار اڄ به نه ٿي وسري.

*****

ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي پراڻي دور جي دوستن کي ڳولڻ جي خواهش پيدا ٿيندي آهي، جن مان ڪيترا ته مقامن ۾ هٿيڪا آهن. ڪو ٽنڊي يوسف ۾ آهي ته ڪو خانواهڻ ۾ ۽ شڪارپور ۽ ڀٽ شاهه تي. غلام مصطفيٰ شهواڻي ٽنڊي يوسف ۾ ابدي ننڊ ستل آهي ته آفتاب نياز ۽ منور هالا پراڻا ۾ آرامي آهن. ائين وري ڪي جاتي نه ڪي سجاول ته ڪي وري رتي ديري، ڏوڪري وارهه، ميرپورخاص جهڙي ۽ ڪانٽي ۾ جتي عالم چني جي آخري آرامگاهه آهي پر ڪي پنهنجن ڪکن کان دور، جيئن قاضي ستار، جيڪو اڇي مسجد خيرپور جو رهاڪو حيدرآباد جي ڪينٽ قبرستان ۾ ته جام ساقي، ڇاڇري جي ڳوٺ جهنجي جو رهاڪو دادن شاهه حيدرآباد واري قبرستان ۾ آهن. ڪيترا اهڙا به آهن جيئن ڪوٽڙيءَ جو رهواسي ۽ بابا جي ساٿي مختيارڪار عبدالقيوم چنا جو پٽ مشتاق چنا، جنهن کي پي.آءِ.اي ۾ نوڪري دوران ڪراچيءَ ۾ خون ڪيو ويو هو، اهو خبر ناهي ته ڪراچيءَ ۾ آهي يا دادوءَ ۾، پر منهنجو، وڏو ڀاءُ مشتاق قريشي ڪراچيءَ جي ڊفينس واري پهاڙيءَ تي ابدي آرام ۾ آهي. شڪارپور جو آغا سليم- ڀٽ شاهه تي وڃي پهتو، جنهن جي مزار تي ڪجهه ڏينهن اڳ، شيخ اياز جي ورسيءَ جي موقعي تي تاج جوئي سان گڏ وڃي حاضري ڀري آيو هئس ۽ ڪيترو نه عجيب لڳو هئم ته هڪ دلبر دوست جيڪو ڀائرن وارو پيار ڏيندڙ هو. خاموشيءَ سان قبر ۾ آرامي آهي. هنن گذاري ويل دوستن سان گذاريل وقت جا داستان به طويل آهن. هر شخص جي هڪ ڪهاڻي آهي. ڪن سان گڏ پڙهياسين ڪن سان گڏ گهمياسين، ڪن سان وري لکڻ واري دور ۾ دوستي ٿي ته ڪن سان پڙهڻ واري دور ۾ ۽ پڙهائڻ واري دور ۾، جن سان پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ گهمي ڏٺي سين سنڌوءَ جي ڪناري تي ڪچهريون ڪيوسين ته ڪن سان سمنڊ جي ڪناري ۽ مري توڙي بالاڪوٽ ۾ راتيون گذاريوسين، حيدرآباد جي ڪيترن دوستن سان اسلام آباد، پشاور ڪوئيٽا ۽ ملتان ۾ وڃي هنن سان ملياسين جن ۾ عبدالڪريم بلوچ، آغا سليم، پير اسحاق جان سرهندي، ڊاڪٽر عبدالواحد هاليپوٽو ۽ ٻيا به ڪيترا جن جون ڪچهريون ۽ محبتون وسارڻ جون ناهن. دوستن ۾ ڪچهريون، محبتون ته هونديون ئي آهن، پر ان دور ۾ دوستيءَ جي تعلقات ۾ عزت به شامل هوندي هئي. ننڍ وڏائي جو فرق نه هوندو هو. نجم عباسي منهنجو عزيز ترين دوست هو. توڙي جو عمر ۾ مون کان وڏو هو. شمشير وڏو هو آغا سليم به وڏو هو. بلڪ شيخ اياز ته بابا جو دوست هو، پر مڙني وٽان جيڪو پيار ۽ مانُ ملندو هو تنهن جي کوٽ جو هاڻ ٿو احساس ٿئي.

ابن حيات پنهور، محمد عثمان ڏيپلائي، مولانا غلام محمد گرامي، محمد ابراهيم جويو، تاج صحرائي، ڪريم بخش خالد، مقبول صديقي، شيخ عزيز، عزيزالرحمان ٻگهيو. شيخ علي محمد، محمد بخش جوهر، محمد حيات ڪاڪا پروفيسر ياسين خان، ادريس خان، سراج الدين، شفقت غني جيڪو حال حيات آهي، الياس عشقي، محمد علي ٻوهارا وارو، ڊاڪٽر ڪريم الدين احمد، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش قاضي، عبدالقيوم صائب، مراد علي مرزا ڪنهن ڪنهن جا نالا کڻجن، جيڪي بابا جا هم عصر ۽ هم عمر هئا ته به هنن سان ملي دوستي ۽ پنهنجائپ جو جيڪو مزو ملندو هو اهو هاڻ نظر نٿو اچي. باقي شل وڏي عمر ماڻين مظهرالحق صديقي ۽ حميد سنڌي وڃي بچيا آهن، جن وٽان اڃا آڪسيجن ملي ٿو.

*****

اڳي ٻڌندا هئاسين ته پراڻي چانور جو مزو ئي پنهنجو آهي هاڻي ان جو مطلب پيو سمجهه ۾ اچي.

لڏپلاڻ ڪيتري نه ڏکي ڳالهه آهي ان جو احساس تڏهن ٿيندو آهي، جڏهن ماڻهو هڪ هنڌان لڏي پلاڻي ٻئي هنڌ وڃي رهائش اختيار ڪندو آهي، جتي هن کي هرڳالهه نئين سر ڪرڻي پوندي آهي، ٺاهڻي پوندي آهي. ۽ پراڻين شين کي نئين جڳهه تي فٽ ڪرڻو پوندو آهي، پر جي اها لڏپلاڻ هڪ ماڳ کان ٻئي ماڳ واري هوندي آهي ته اها اڃا به دشوار هوندي آهي، ديوار ۾ لڳل فوٽو کان وٺي پلنگ تائين، هرشيءَ کي نئين سر فڪس ڪڻو پوندو آهي.

اها لڏپلاڻ هڪ ماڳ کان ٻئي ماڳ وڃڻ واري هوندي آهي ته اڃا به دشوار لڳندي آهي ان جو ته گهڻو تجربو به آهي، جو بابا جي نوڪري سانگي مون پنهنجو ننڍپڻ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ وڃڻ، هڪ اسڪول کان ٻئي اسڪول وڃڻ ۽ هڪ شهر کان ٻئي شهر وڃڻ ۾ ڏينهن ۽ راتيون گذرندي وينديون هيون. هڪ شهر کان ٻئي شهر وڃبو هو اتي نه صرف ماڻهو مختلف هوندا هئا ليڪن گهر رستا، گهٽيون بلڪ موسم به مختلف هوندي هئي ته ٻولين ۾ به تفاوت هوندو هو. اُٻاڙي جو لهجو هڪ ته جاتيءَ ۾ ان جي بلڪل ابتڙ وري جو ڇاڇري وڃبو ته ڄڻ نئين سر ڳالهائڻ سکبو هو، نيٺ جڏهن بابا رٽائر ٿي ويو ته اسين حيدرآباد اچي وياسين تڏهن وڃي هڪڙي لهجي تي بيٺاسين.

اهي ڳالهيون سوچي جڏهن انهن انسانن جو سوچجي ٿو، جن کي جان بچائڻ خاطر وطن مٽائڻو پيو ته ڄڻ دل کي هڪ مُڪ ٿي لڳي وڃي. اهڙي لڏپلاڻ سنڌ ۾ 1947ع کان ٿيندي ڏٺي جيڪا وڏي عرصي تائين جاري رهي. جڏهن هڪ طرف سکر ۽ پني عاقل، جاتي سجاول جا هندو وڃي هندستان پهتا جن ملڻ ڪن کي بمبئي پناهه ڏني، ڪن کي پوني ته ڪن کي احمد نگر ۽ گانڌي ڌام جڏهن ته اُتان لڏي آيلن وري اچي سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن تي قبضو ڪيو، هنن جي ٻولي ڪلچر ته جدا جدا آهي. ليڪن سوچون يقيناً ٻنهي جون ساڳيون هونديون.

*****

سنڌ ۾ ويسي رکڻ جو رواج عام آهي، جنهن لاءِ چاچا حفيظ قريشي هميشه چوندو هو ته اها پوئر اڪانوميءَ جي نشاني آهي ليڪن آئون سمجهان ٿو ته اها هڪ ڏاهپ (Wisdom) واري سوچ هئي ته پنهنجون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ اوڌر کڻڻ يا وياج تي بئنڪ يا پٺاڻ کان پئسا وٺڻ جي بدران جيڪڏهن ماڻهو پاڻ ۾ گڏجي هڪ مخصوص انگ جا پئسا گڏ ڪري مهيني در مهيني ڪنهن به هڪ شخص کي ڏئي ان جي ضرورت جو پورائو ڪري، ته اهو ڏاڍو ڪارائتو ٿئي ٿو. ائين ڪي ماڻهو گڏجي هڪ مخصوص انداز ۾ پئسا ڪنهن مخصوص وقت لاءِ گڏ ڪري، ان مان پنهنجي اهم ضرورت جو پورائو ڪندا هئا. مون اڳ به لکيو آهي ته اسان جو الهداد چنڊ جي ڳوٺ وارو گهر، جيڪو خريد ڪرڻ مهل صرف هڪ وڏي صفحي ۽ ننڍي اڱڻ تي مشتمل هو، اهو امان /15000 روپين جي ويسي وجهي ان مان ٺهرايو هو، جيڪا رقم 1958 ۾ ڪا ننڍڙي رقم ڪونه هئي انهن پئسن مان ورانڊو ٺهي ويو وڏو اڱڻ به ته وهنجڻ جاءِ ۽ ڪاڪوس به ته کڏ تي وڃڻ لاءِ ڍڪيل ڏاڪڻ به ٺهي وئي، بلڪل ائين جڏهن يونيورسٽيءَ ۾ اوائلي ڏينهن به مون ڪرولا ڪار 67 جو ماڊل صرف -/10000 ڏهن هزارن ۾ خريد ڪئي هئي ته ان وقت هڪ هزار روپيه به ڪونه هئا، ليڪن اسان آپا عزيز وٽ پندرهن هزارن جي ويسي وڌي هئي، جيڪا پرچين تي نڪرندي هئي ۽ ان مهيني ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو، جيڪا مسلم هسٽري ۾ پروفيسر هئي ۽ منهنجي دوست حسين ڀٽي مرحوم جي گهر واري هئڻ ڪري هن کي آءٌ هميشه ڀاڀي ڪري سڏيندو آهيان، تنهن جي ويسي کُلي هئي، هن پاڻمرادو فون ڪري مونکي چيو هو ته ادا، هن دفعي منهنجي ويسي کُلي آهي جيڪڏهن توهان کي گهُرجي ته ڀلي توهين کڻو. انڌو الله کان ڇا گهري؟ منهنجو ڪم خودبخود ٿي ويو. ڪار به ملي وئي ۽ ڪو قرض به کڻڻو ڪونه پيو، باقي پئسا هر مهيني ڪٽجندا رهيا.

اهڙي طرح يونيورسٽيءَ ۾ ويهين هزارن جي هڪ ويسي وڌي هئيسين، جنهن ۾ نالا اڳواٽ ئي پرچيون لکي ڪڍي ورتا هئاسين، هميشه جيان منهنجو ۽ اقبال قريشيءَ جو نالو آخري مهينن ۾ نڪتو ليڪن جڏهن اسان کي ويهن هزارن روپين جي ويسي ملي ته اقبال کي اسٽروڪ ٿي پيو ۽ هُو ڳڻتي جهڙي حالت ۾ وڃي راجپوتانه اسپتال ۾ آءِ.سي.يو پهتو ۽ سندس اُهي پئسا ئي ان وقت ڪم آيا، جڏهن ته منهنجي زال کي به بيماريءَ سبب ايمرجنسي ۾ راجپوتانا اسپتال ۾ داخل ڪرائڻو پيو ۽ منهنجي ويسي به ان ۾ لڳي وئي. سوچيان ٿو ته آخري ويسي نڪرڻ جو شايد اهوئي سبب هو ته ان اشد ضرورت جي وقت پسئا ڪم اچن.

پوءِ جڏهن بئنڪن مان قرض ملڻ ۾ ڪجهه سهوليتون مليون ته مون ويسيون وجهڻ ڇڏي ڏنيون، ته به گهر جي ٻين ڀاتين، منهنجي ڌيئرن يا ننهرن، جڏهن ڪا به ويسي وڌي آهي ته منهنجون هڪ ٻه ويسيون ان ۾ ضرور هونديون آهن پوءِ اهي به کين ئي ڪم اينديون آهن.

هينئر به منهنجي وڏي ڌيءَ پنهنجي ڌيءَ جي شادي لاءِ وڏيون ويسيون وڌيون هيون تڏهن وڃي پورائو ٿيو هوس اڃا به منهنجون هڪ ٻه ويسيون ڪٿي نه ڪٿي ٽنبيون پيون.

”پنهنجي مدد پاڻ ڪريو“ جو هيءُ آسان طريقو آهي. ۽ عزت وارو به. پناهگير به ويسيون وجهندا آهن، پر ان کي ڪميٽي چوندا آهن. انسان ڀلي ڪهڙي به رنگ نسل جو هجي، پر هن جون ضرورتون لڳ ڀڳ ساڳيون هونديون آهن ۽ انهن جو پورائو ڪرڻ جا طريقا به هڪجهڙائي هوندا آهن.

****

ڪافي عرصي کان اهو پڙهندو آيو هئس ته فلاڻي ماڻهوءَ ڪنهن خاص ڪم جو ٻيڙو کنيو آهي تنهنڪري ان کي ضرور پورو ڪندو. بادشاهن جي درٻار ۾ به سپهه سالار ”ٻيڙو“ کڻندا هئا ته هُو جنهن مهم تي وڃن پيا اها ضرور ڪامياب ڪري ايندا، پر مون کي اهو سمجهه ۾ ڪونه ايندو هو ته اهو ٻيڙو آهي ڇا؟ هڪ دفعي منهنجي هڪ استاد ساٿي، نسيم آرا سرتاج جيڪا بابا جي هڪ ماستر دوست جي ڌيءَ هئي، جنهن جو عينڪن جو دڪان بيت النور، اسٽيشن روڊ تي اڃا تائين نسيم سينٽر ۾ موجود آهي. تنهن کان سواءِ هن منهنجا تمام گهڻا افسانه اردو ۾ ترجما ڪيا جيڪي پاڪستان جي مختلف اردو رسالن ۾ شايع ٿيا ته منهنجي اردو ڪهاڻين جي مجموعي ”قاضي خادم ڪي افساني“ جيڪو مرزا سليم  بيگ ترتيب ڏنو آهي، تنهن ۾ موجود آهن تنهن ٻڌايو ته اهو لفظ ٻيڙو نه بلڪ بيڙو آهي يعني پان جو ٻيڙو ان جي معنيٰ  آهي ته ڪنهن دور ۾ قسم کڻڻ لاءِ پان هٿ ۾ کڻي ان تي واعدو ڪيو ويندو هو. ان کي اردو ۾ ’بيڙا اڻهانا، چوندا هئا جنهن جي معنيٰ ڄڻ ته قسم کڻڻ جيان هوندي هئي. ليڪن هاڻ اردوءَ ۾ ڪو خاص ڪم ڪرڻ ڪنهن کي مارڻ لاءِ سُپاري لينا، يعني سوپاري ڏيڻ جو لفظ استعمال ڪندا آهن ڳالهه ساڳي آهي پر هاڻ ’پان‘ کي بدلائي صرف ’سوپاري‘ مان ئي ڪم ڪڍيو ٿو وڃي.

****

هن وقت گهر ۾ پڙهڻ کانسواءِ ٽي.ويءَ تي پراڻيون فلمون ڏسندو آهيان ته وقت مون کي ڇڪي پوئتي وٺي ويندو آهي. خاص ڪري جڏهن پراڻيون امريڪن فلمون ڏسندو آهيان جنهن ۾ گهوڙي گاڏيون ڏيکاريندا آهن ۽ خاص ڪري وڏيون گاڏيون جن کي انگريز ’وڪٽوريا‘ جو نالو ڏنو هو. اسان وٽ به رڪشائن ۽ ٽيڪسين کان اڳ اهي گاڏيون عام جام هونديون هيون. اهي ڏسي منهنجي عجيب ڪيفيت ٿي ويندي آهي انڪري جو اهي گاڏيون ٽانگي کان وڌيڪ وڏيون ۽ ڪن حالتن ۾ ٽيڪسي توڙي رڪشا کان به وڌيڪ آرام واريون هونديون هيون.

مون کي اهو وقت ٿو ياد اچي. جڏهن بابا 1969ع ۾ رٽائرمينٽ کانپوءِ مختلف ڌنڌن ۾ قسمت آزمائي پئي ڪئي ۽ پاڙي واري بچائي ٽانگي واري جي چوڻ تي ڪيتريون وڏيون گاڏيون ۽ ٽانگا ورتا هئاسين جن مان روزانو ڪافي پئسا ملي ويندا هئا. انهن ۾ هڪ وڪٽوريا تمام شاندار هوندي هئي. چڱي طرح- پاسن کان بتيون ۽ اسپرنگن واري سيٽن واري هن گاڏيءَ کي بچايو ئي هلائيندو هو. ۽ رات جو پاڙي ۾ ئي طنبيلي ۾ بند ڪندو هو.

آءُ ان وڪٽوريا ۾ روز شام جو گاڏي کاتي ۾ جعفري انسٽيٽيوٽ ۾ ويندو هوس، جتي مئٽرڪ جي امتحان جي پڙهائي ڪندو هوس، انڪري جو پنجون درجو نور محمد هاءِ اسڪول مان پاس ڪرڻ کانپوءِ مون ڊبل پروموشن ورتي هئي ۽ پري مئٽرڪ ۽ مئٽرڪ جا امتحان گڏ ڏٺا هئم جنهن سان منهنجو هڪ تعليمي سال بچي پيو هو. ۽ آءٌ پنهنجي هم ڪلاسين کان هڪ سال اڳ مئٽرڪ ڪري ويو هئس.

وڪٽوريا ۾ انسٽيٽوٽ وڃڻ جو مزو ٿي پنهنجو هوندو هو. ائين لڳندو هو ڄڻ ته آءُ ٻين سڀني شاگردن ۾ ڪا ممتاز حيثيت رکندو هجان ۽ وري جڏهن واپسيءَ مهل ڪن دوستن کي به گڏ وٺي تلڪ چاڙهيءَ جو چڪر هڻي ايندا هئاسين ته پاڻ کي لارڊ سمجهندا هئاسين ليڪن ڪجهه وقت کانپوءِ هميشه جيان هن ڌنڌي ۾ به نقصان کائي بابا ٽانگا ۽ وڪٽوريا تون وڪڻي ڇڏيون.

****

مون جڏهن کان فلمون ڏسڻ شروع ڪيون تڏهن کان جن فلمي اداڪارن مون کي متاثر ڪيو انهن ۾ اشوڪ ڪمار، دليپ ڪمار، ديو آنند، ڪشور شاهو، جنهن جي خاص فلم ”ڪالي گهٽا“ ته اڃا تائين مون وٽ محفوظ آهي. ورنه بزدل ميورپنکهه گائيڊ ۽ ٻيون ڪافي فلمون هن ٺاهيون ۽ اداڪاري به ڪيائين. ٻئي طرف وري شانتا رام جون فلمون جن ۾ پرڇائين، دو آنکين يارا هات ته وڻيون پر هن جي اداڪاري نه وڻيم، ڪشور ڪمار به مون کي وڻندو هو جهڙي اداڪاري هن هاف ٽڪيٽ (ڪاپي) چلتي کا نام  گاڙي، ڀائي ڀائي، مسافرخانه، دلي کا چور ۽ مينا ڪماري سان هن جي هڪ فلم الزام، جيڪا مون 1955ع ۾ سيوهڻ ۾ لال شهباز جي ميلي ۾ رات جو کلئي آسمان هيٺان پروجيڪٽر تي ڏٺي هئي، اها زبردست هئي ڪشور ڪمار جا مزاحيه ايڪشن ڪمال جا هوندا هئا. ان کان سواءِ ڀارت ڀوشن، جنهن بيجو باورا سان پنهنجو ڪامياب فلمي سفر شروع ڪيو. پوءِ سهاگ رات، چمپاڪلي، گيٽ وي آف انڊيا، مينار، ڦاگن، برسات کي ايک رات ۽ ٻيون ڪيتريون فلمون ڏٺم پر ياد رڳو بيجوباورا ٿي لڳي، ڇو جوان فلم جي ڪهاڻي دلچسپ هئي، موسيقي به نوشاد جي هئي ۽ مينا ڪماري هيروئن هئس ۽ گانا سڀ بهترين هئا. ٻئي طرف گرودت هڪ ڪلاس جو اداڪار هو. لاجواب فلمون ٺاهيائين به ته فلمي دنيا کي هڪ نئون انداز به ڏئي ويو. ڪاغذ کي پهول، پياسا، بازي، صاحب بيبي اور غلام، چوڌوين کا چاند، باز، ڪشتي مسٽر ۽ مسز 55- فلمون هن کي ياد رکڻ لاءِ ڪافي آهن. اداڪار راجڪمار به ڏاڍو مشهور ٿيو، دل اپنا اور پريت پرائي، هير رانجها کان دليپ سان گڏ سوداگر ۾ به ڪم ڪيائين، پر خبر ناهي مونکي ڇو نه وڻيو آواز البته سٺو هوس.

پرديپ ڪمار جون تمام گهڻيون فلمون ڏٺيون مڌوبالا کان وٺي وجنتي مالا تائين ڪيترين هيروئن سان ڪم ڪيائين خاص ڪري شيرين فرهاد، تاج، زندگي يا طوفان ۽ تاج محل، نانگن جهڙين فلمن ۾ هن سان سٺو ڪم ڪيو، چوندا هئا ته هڪ بنگالي ٿي ڪري اهڙي سٺي اردو زبان ۾ ٻيو ڪو بنگالي اهڙو ڪم نه ڪري سگهندو هو.

موتي لال جيڪو شوڀنا سمرٿ سان فلمن ۾ آيو. تنهن نرگس ۽ ميناشوري سان  به گڏ ڪم ڪيو. ديوداس ۾ به دليم ڪپار دوست جي روپ ۾ ڪامياب رهيو ته اناڙي ۾ نوتن جي چاچي جي رول ۾ ڪم ڪيائين ۽ راج ڪپور سان مقابلو ڪيائين، هن جي فلمن ۾ مسٽر سمپت، ايڪ ٿي لڙڪي ۽ ايڪ دوتين ڏاڍيون ڪامياب ٿيون، جيڪي مزاحيه هيون ليڪن مستانه فلم ۾ مزو نه آيو. حالانڪ  اها به مزاحيه فلم هئي، گوپ جو به ساٿ هوس.

اجيت، جيڪو پشاور جو حامد علي خان نالي پناڻ اداڪار هو وري بارادري، هلاڪو خان بارات، بي قصور ۽ ڍولڪ فلمن ۾ مقبول ٿيو ۽ پوءِ مغل اعظم ۾ دليپ ڪمار جي دوست جي حيثيت ۾ شاندار اداڪاري ڪيائين اهو به اسان کي وڻندو هو. ان کان اڳ شيام جون فلمون بازار،- پتنگا، مينابازار، ڪنيز ۽ شبستان (جنهن ۾ هُو شوٽنگ دوران گهوڙي تان ڪري مري ويو هو، سڀ ڏٺم، هن جي فلمن جي ڪاميابي هن جي اداڪاري تي نه بلڪ دلچسپ ڪهاڻين جي ڪري هئي. شيام سعادت حسن منٽو جو دوست هو شيام جا پران ڪلديپ ڪور سان ويجها ناتا هئا، جنهن جو دلچسپ داستان منٽو پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ ڪيو آهي، جڏهن هُو گڏيل هندوستان واري دور ۾ لاهور ۾ رهندا هئا. ۽ شامون ڪافي هائوس ۾ رمي کيڏندي گذرنديون هئن. بهرحال هيءُ اداڪار وڌيڪ جي نه سگهيو.

هن کان اڳ پريم اديب، اڀي ڀٽ اچاريه، سريندر ۽ ڪيترين فلمن ۾ سهگل به هيرو ٿي آيا. ان وقت پلي بيڪ سسٽم ڪونه ٺهيو هو. تنهنڪري اداڪار لاءِ سريلو هئڻ به لازمي هو. اشوڪ ڪمار ته ان بنياد تي بمئي ٽاڪيز ۾ ڀرتي ٿيو هو. هيءُ سڀ اهي هيرو هئا جن جو اسان جي زندگيءَ تي وڏو اثر پيو، خاص ڪري دليپ ڪمار، راجڪپور ۽ ديو آنند، ته ڄڻ پنهنجا ويجها عزيز لڳندا هئا، انڪري ئي هنن جون فلمون اڄ به ڏسبيون آهن لڳندو آهي ته ڪا نئين فلم پيا ڏسون ڇو جو هنن جي هر ايڪش ۾ عمر بدلجڻ سان گڏ هڪ جدا رنگ ۽ معنيٰ ٿي نظر اچي.

اسان جي ننڍپڻ ۽ جوانيءَ ۾، سينيمائن ۾ اصلي فلم کان پهرين ڪارٽون ۽ پاڪستان انفرمشين جون فلمون ڏيکاريون وينديون هيون. جن ۾ صدر، وزيراعظم ۽ ٻين سياسي شخصيتن جي ڪارڪردگيءَ جي پروپيگنڊا ڪئي ويندي هئي، ليڪن اها پروپئگنڊا به دلچسپ هوندي هئي، ڇو جو حاڪمن جون حرڪتون هميشه رومانوي داستانن جيان لڳنديون هيون. تنهنڪري ماڻهو بور ڪونه ٿيندا هئا، ليڪن ان کان پوءِ وري ننڍيون ننڍيون مزاحيه فلمون جيئن موجوليري سيريز جون مزاحيه فلمون ڏيکارڻ لڳا ۽ ان کان پوءِ مئن فلم ڏيکاريندا هئا. انهن فلمن ۾ ٽام ۽ جيري جهڙن ڪارٽونن جو مزو ته اسان کي ايندو هو، پر ان مان هڪ ٻيو فائدو به هوندو هو جو جيڪڏهن فلم ۾ وقت تي ته پهچبو هو ته به اصلي فلم ڏسي وٺبي هئي جيڪا انهن کان پوءِ ڏيکاري ويندي هئي.

ڪارٽون فلمن ۾ ٽام اينڊ جيري جيڪا ڪوئي ۽ ٻليءَ جي عجيب وغريب ڪارنامن تي مشتمل هوندي هئي، اها ٻارن سان گڏ وڏن ۾ به ڏاڍي مشهور هئي. خاص ڪري انهن جا رنگبرنگي نظارا اڄ سوڌو وساري نه سگهيا آهيون، ليڪن وڌيڪ مزو نين ايندڙ فلمن جا ٽريلر ڏسڻ ۾ ايندو هو، جن ۾ فلمن جا چونڊ دلچسپ ٽڪرا ڏيکاريا ويندا هئا جنهن ڪري انهن فلمن جي اچڻ جو انتظار رهندو هو.

*****

وڏي عرصي کان پوءِ مارچ ۾ مينهَن جو مُنهن ڏٺو اٿم. جوانيءَ جا اهي ڏينهن جڏهن دل پنهنجو پاڻ کي پنهنجي وجود کي ڏيکارڻ چاهيندي هئي ۽ هاڻي جڏهن پاڻ کي پنهنجو پاڻ کان به لڪائڻ تي دل چوندي  آهي، تڏهن تيز هوا سان ڍڪيل آسمان ۽ تيز بوندن جون چهنڊڙيون محسوس ڪري آءُ گهر کان ٻاهر نڪري پيس. شايد اهو ڏسڻ لاءِ ته متان زمانو به اهو ساڳيو نه اچي ويو هجي. جڏهن بادل ۽ برسات ۽ ٿڌڙيون هيرون مست ڪري ڇڏينديون هيون ۽ وري مست ساٿين سان گهاريل گهڙيون جيڪي ڪراچيءَ جي سمنڊ کان چاڇري جي ريگستان تائين پکڙيل هيون، ڪٿي نظارن جي روپ ۾، ڪٿي گلن ۽ ٻوٽن جي روپ ۾ ته ڪٿي مست ۽ نشيلن نيڻن جي روپ ۾، ڪلفٽن کان المنظر تائين جا نظارا ۽ ڪڏهن پرينءَ جي ڀر ۾ ويهي سنڌوءَ جا منظر ڏسڻ، جيڪي هن وقت به يادن تي هر وقت ڇانيل آهن.

گهر کان نڪري واڌو واهه ڏانهن ويندي هلڪڙين نازڪ پرين جهڙين بوندن دل ۾ اُڌما ۽ اُمنگون اهڙيون ته پيدا ڪيون جو ڪجهه دير لاءِ وسري ويو ته انهن اُمنگن جا ساٿي ۽ ماڳ سڀ بدليل آهن. ڪٿي الهداد چنڊ جي ڳوٺ جو جادوئي منظر، ڪٿي هالا پراڻا جي چيڪي مٽي جي خوشبو؟ نه وقت ساڳيو نه منظر، البته ڪڏهن ڪڏهن يادگيريون ڪر موڙيو ماضي ۾ پهچايو ڇڏين.

*****

اسان جي وقت ۾، يعني 20 صديءَ جي پوئين اڌ ۾، جڏهن انگريزن کي هتان وئي وڏو عرصو ڪونه ٿيو هو ۽ اڃا به بازارن ۾ انگلنڊ ۽ جپان جو ڪپڙو ۽ ٻيو سامان ملندو هو ڪجهه اهڙا، گرم، سوٽ ۽ ريشمي ڪپڙا ڏٺم، جيڪي هاڻ نظر ڪونه ٿا اچن. خاص ڪري گرم ڪپڙي ۾ سرج، جيڪا بليو رنگ جي هوندي هئي ۽ ريلوي جي آفيسرن لاءِ لازمي هوندي هئي، ٽڪيٽ چيڪر کان وٺي اسٽيشن ماسٽر تائين، سڀ سرج جا نيرا ڪوٽ يا سوٽ پاتل نظر ايندا هئا. ان موضوع تي آداب عرض رسالي ۾ هڪ نهايت دلچسپ ڪهاڻي به پڙهي هئم. مون پاڻ به نيري سرج جو ڪوٽ ورتو هو. جيڪو گهڻو پائيندو هوس ۽ پوءِ ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ ۾ ان سرج جهڙو ئي بليزر جو بلو يا سائو ڪوٽ پائبو هو، ليڪن ان ۾ سرج واري نرمي ۽ گرميءَ جو مليل احساس ڪونه ٿيندو هو ان سان گڏ ڪوٽن لاءِ گيبرڊن جو ڪپڙو ڏاڍو مشهور هو. اهو گهڻو ڪري بادامي رنگ ۾ ملندو هو ته وري پئنٽن لاءِ ووسٽيڊ ڪلاٿ، جيڪو سرمائي يا ناسي هلڪي ۽ تکي رنگ ۾ ملندو هو. ان جو سوٽ ڪونه پائبو هو. جڏهن ته بابا کي ڪراچي جي مشهور درزي عنايت الله مفل، ان جو فل سوٽ ٺاهي ڏنو هو، جنهن جو دلچسپ واقعو آءُ اڳ ئي لکي چڪو آهيان ته ڪيئن هن بابا کي هڪ ئي ڪپڙي ۽ رنگ جا ٻه سوٽ سبي ڏنا هئا.

شڪاري ڪلاٿ به ان وقت وڏيرن ۽ ميرن پيرن ۾ مشهور هوندو هو. اهو ڏسڻ ۾ ته خاڪي ۽ سونهري رنگ جو مليل جُليل روپ لڳندو هو، پر اُس ۾ هن مان ڪئين رنگ ڦُٽي نڪرندا هئا. ان جي گرمي ۽ نرمي به لاجواب هئي ٽوئيڊ جا ڪوٽ يا ڪارٽراءِ جون پئننٽون ۽ جيڪيٽ جوان شوق سان پائيندا هئا. جينز جو اڃا رواج ڪونه پيو هو ليڪن مشهور امريڪي پاپ سنگر ۽ اداڪار ايلوس پريسلي جي سوڙهن پانچن واريون پئنٽون نوجوانن ۾ ڏاڍيون مقبول ٿيون. حيدرآباد جي ڪيترن دولتمند ۽ شوقين نوجوانن ته پريسلي وانگي گٽار کڻي رستن تي ڳائڻ ۾ به ڪا گهٽتائي ڪانه ٿي سمجهي.

اهي فيشن، جيڪي جلدي جلدي به بدلجندا رهندا هئا، ڪڏهن سوڙها پانچا ته ڪڏهن بيل باٽم ۽ ڪڏهن راجڪپور ٽائپ ٿوريون لُنڊيون پئنٽون به ڏٺيوسين انڪري جو اهو سڀ ڪجهه ان دور ۾ فلمن ۾ ڏيکاريو ويندو هو. رومانوي انگلش فلمون ۽- امريڪي فلمون اهڙن ڪپڙن جي شوق جو ذريعو بنجي ويون هيون جڏهن ته ٽوباءِ ٽو پاپلين جون قميصون چئرمن يا پريزيڊنٽ لٺي جون سلوارون به وڏيرن ۾ توڙي وچولي درجي طبقي ۾ مانُ رکنديون هيون- البته غريبن جو ڪپڙو مليشيا يا کاڌي سمجهي ويندي هئي جيڪا هاڻ آسمان سان ٿي ڳالهيون ڪري بلڪ ڪورين جون اُڻيل سوسيون ۽ گربيون، جيڪي غريب عورتون پائينديون هيون، تن کي اهڙي ته ثقافتي اهميت ملي آهي، جو ان کي پائڻ لاءِ به پئسو هئڻ ضروري آهي، اهي ڪپڙا هاڻي ماڻهو ٻاهرين ملڪن ڏانهن پيا موڪلين جتي ان جي وڏي قيمت آهي. اهو ته ٿيو پائڻ جو ڪپڙو، پر جيڪا اجرڪ اُس ۽ سيءَ کان بچائڻ لاءِ اوڍبي هئي ان جون به بش شرٽون زنانا وڳا ۽ ڊرائنگ روم جا پڙدا ٺاهيا ٿا وڃن، جنهن مان لڳي ٿو ته هلڪي ۽ اڀري سڀري ڪپڙي کي به اهميت ملي وئي آهي ۽ جي ان کي ثقافتي ساٿ ملي ته اها ماڻهن جي سڃاڻ بڻجي ٿي وڃي.

ڪپڙن جون ڇا ڳالهيون ڪجن شڪاري ڪلاٿ کان شارڪ اسڪن تائين سڀ پائي ڏٺوسين، پر جيڪا آرام جي ننڊ سلوار قميص ۾ ٿي اچي. اها هنن ۾ ناهي.

*****

19 جنوريءَ تي صبح جو اخبار تي اک پئي ته پهرين ئي صفحي تي ڊاڪٽر ايس.ايم قريشيءَ جي تصوير نظر آئي ۽ گڏوگڏ سندس وفات جي خبر جيڪا پڙهندي ئي ذهن تي اهي پراڻا ڏينهن تري آيا، جڏهن هن سان ملڻ ۽ ڪچهري ڪرڻ جا موقعا ملندا هئا. خاص ڪري سندس پي.وي.سي ٿيڻ واري دور ۾ ۽ پوءِ ته تمام گهڻو وقت بلڪ هميشه لاءِ دوستي ۽ احترام جو رشتو قائم ٿي ويو. ايس.ايم قريشي بختيارپور جي قريشين مان هو، جن مان سائين احمد علي قريشي وڪيل، اعجاز قريشي جو والد ته بابا جو تمام سٺو دوست هئو. ۽ جڏهن بابا 1955ع ۾ سيوهڻ ۾ مختيار ڪار هو ته هن جي تمام گهڻي اچ وڃ رهندي هئي، بابا به هن کي چوندو هو ته پاڻ اصل ۾ مائٽ آهيون، ليڪن هن مائٽ سان گڏ هڪ سٺي دوست جو رستو به قائم رکيو ۽ مون کي ياد آهي ته هڪ دفعي اعجاز قريشيءَ پنهنجي مسلم سوسائٽي حيدرآباد واري عاليشان گهر ۾ معمول مطابق هڪ دعوت ڪئي هئي، اُتي سائين احمد علي قريشي مون سان ملندي ئي بابا جو ذڪر ڪيو ۽ اکين ۾ آب ڀرجي آيس. اهڙو ئي قرب مون کي ايس.ايم قريشي صاحب به ڏيکاريندو هو. هن سان گڏ پاڪستان نيشنل سينٽر ۾ ٿيندڙ فنڪشن ۾ يا امريڪن سينٽر ۽ برٽش ڪائونسل لائبرريءَ ۾ ٿيل ملاقاتون ته هميشه ياد رهنديون ليڪن خاص ڳالهه اِها آهي ته هن مهراڻ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسيلر ٿيڻ کان وٺي سيڪريٽري تعليم ۽ يو.جي.سي ۾ جيڪي اعليٰ عهدا ماڻيا، تنهن ۾ پنهنجي تعلقات ۾ ڪو تڪلف پيدا ٿيڻ نه ڏنائين، جڏهن ته هن سان گڏ ٻيا جيڪي پي.وي.سي مقرر ٿيا ۽ پوءِ وائيس چانسيلر به ٿيا تن ۾ اها جوت ڪونه هئي.

قريشي صاحب ڪنهن موقعي مهل تي چاهي يونيورسٽيءَ جو وسي هوندي يا خان محمد پنهور جي ورسيءَ جي صدارت ڪندي يا ڪنهن به شادي ۽ غميءَ جي موقعي تي جڏهن ۾ مليو، هميشه اُٿي بيهندو هو ۽ هميشه جيان پيار جي ڀاڪرن ۾ ڀريندو هو.

هن شخص جتي بيشمار خوشيون ڏٺيون  اتي غم به ڏٺا، پر منجهنس سٺيون عادتون ڪڏهن ڪونه بدليون، تڏهن ته هن جهان مان وڃڻ کان پوءِ به نه صرف ياد آهي بلڪ هن سان ڳنڍيل يادون وري به جي پيون آهن.

*****

مون پنهنجي جوانيءَ واري دور ۾ جيڪي گرم توڙي سوٽي ڪپڙا پاتا، انهن جو هاڻ ڪو خاص نالو ڪونه ٿو ٻڌجي بلڪ هاڻ ته ڪپڙن ۾ اها نفاست ۽ مضبوطي به نه رهي آهي جيڪا ان دور ۾ هوندي هئي. سوٽي ڪپڙن ۾ قميص لاءِ ٽوباءَ ٽوپاپلين نهايت ئي مشهور به هئي ته آرامدهه ۽ جٽادار به، جڏهن ته سلوار لاءِ چيئرمن پڻيو (لٺو) نهايت مشهور هوندو هو. پريزيڊنٽ لٺو به هوندو هو ۽ غريب غربو بافتي جي شلوار پائيندو هو اسان جي گهر ۾ سوڙن جي ڪور لاءِ بافتو استمال ٿيندو هو. جيڪو مضبوط به هوندو هو. ۽ ڌوپجڻ کانپوءِ ڏسڻ جهڙو ٿي پوندو هو. غريبن جا ٻار به بافتي جي ئي شلوار پائيندا هئا، جيڪا ٺهندي ڪاٽن مان ئي هئي، پر نهايت ڳري ۽ گرمين ۾ فرحت ڏيندڙ هوندي هئي. ان کانسواءِ مليشيا جو تيز سرمائي سخت ڪپڙو به غريب غربو پائيندو هو ته نيم فوجين جي ڊريس به اها هوندي هئي. ۽ ڪيترو وقت اهو ڪپڙو پرائمري اسڪولن ۾ يونيفارم طور استعمال ٿيندو هو. ٿي سگهي ٿو اڃا به استعمال ٿيندو هجي، ليڪن پوءِ اسڪولن ۾ خاڪي چڍي ۽ اڇي قميص جو يونيفارم رائج ٿيو، جيڪو اسان گهڻو پاتو. جيستائين بابا جي نوڪريءَ سانگي سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ رهڻ ٿيو، تيسين گهڻو ڪري شلوار قميص ئي پاتم، خاص ڪري ڇاڇري ۾ رهڻ دوران هڪ ئي رنگ جي شلوار قميص پائيندا هئاسين، جڏهن ته ٽنڊي آدم ۾ اتي جو ٺهيل بوسڪي نما ڪپڙو گهڻو استعمال ڪيوسين. جيڪو وائيٽ ۽ آف وائيٽ رنگن ۾ ملندو هو ۽ پائڻ ۾ تمام آرام ڏيندو هو. البته بابا هميشه سوٽ بوٽ ۾ رهندو هو. جيڪڏهن ڪيڏانهن گهوڙن يا اٺن تي سفر ڪرڻو پوندو هوس ته خاڪي ڪپڙي جون پئنٽون استعمال ڪندو هو. مختيارڪاريءَ واري دور ۾ گشت تي چڍيون يا وري برجيس استعمال ڪندو هو. جيڪي هن جي انگريزن جي دور وارن فوٽن ۾ نظر اچن ٿيون. ليڪن عام طرح هُو سوٽ يا پئنٽ ۽ هاف آستين شرٽ گهڻي استعمال ڪندو هو. صرف هالا پراڻا ۾ گهر کان ٻاهر سلوار قميص پائيندو هو ورنه مون هن کي اوستائين گهر کان ٻاهر صرف سوٽ ۾ ڏٺو، جيستائين عمر وڌڻ ڪري گهر کان نڪرڻ نه گهٽائي ڇڏيائين ۽ اهوئي حال منهنجو به هو. آءَ به ٻاهر پينٽ شرٽ يا سياري ۾ سوٽ پائي نڪرندو هوس. ليڪن هاڻ سوٽ بوٽ کان وڌيڪ شلوار قميص ۾ مزو ٿو اچي.

*****

منهنجي لاءِ علامه آءِ.آءِ قاضي جا ماخذ سندس اهي ساٿي، پوئلڳ ۽ شاگرد جهڙوڪ: غفار صديقي، مير محمد نظاماڻي، حبيب الله صديقي، قسيم بيگ چغتائي، سيد ناياب حسين ۽ سندس خاص نائيڪ خميسو خان رهيا آهن، جن کان هن بابت ڪيتري بنيادي ڄاڻ ملي انهن کانسواءِ ڊاڪٽر عبدالواحد هاليپوٽو، جنهن مون کي سندن ڪسيٽ تي تقريرون ٻڌايون ۽ ڪئين واقعا منهنجي استاد پروفيسر علي نواز جتوئي به هن جي باري ۾ ٻڌايا ٻئي طرف حفيظ قريشي، جيڪو سياسي اڳواڻ ۽ وڪيل هو ۽ منهنجو ويجهو مائٽ به هو، تنهن به علامه صاحب لاءِ ڪيتريون ڳالهيون ٻڌايون، هُو علامه صاحب جون يادگيريون ٻڌائيندا هئا. ڪي ڳالهيون غلام رباني آگري صاحب به ٻڌايون، ته پروفيسر ڊاڪٽر احسن فاروقي، مئڊم امينه خميساڻيءَ به ڪافي ڳالهيون ٻڌايون.

ان دور جا ٻيا ڪئين مشاهير جن ۾ محمد ابراهيم جويو، محمد عثمان ڏيپلائي، شمشيرالحيدري، نياز همايوني، انسپيڪٽر وزيرعلي، (جنهن پڻ ڪي نهايت دلچسپ واقعا ٻڌايا، شيخ علي محمد ته هن جي ڪجهه وڌيڪ ويجهو هو، ان جي راءِ پنهنجي هوندي هئي ليڪن خميسي خان نائڪ جون، ڳالهيون سڌيون سيون، بنا ڪنهن وڌاءَ جي هيون. جڏهن ته اي.ڪي بروهي، جنهن سان ڪيترن هنڌن تي ملڻ جو موقعو مليو، پر تعارف کانسواءِ ۽ محمد احمد ميمڻ وڪيل صرف ڏنم، هنن سان هڪ اڌ دفعو گفتگو ٿي تنهن ۾ هنن علامه صاحب جو ڪوبه ذڪر نه ڪيو ويو.

ٻيا ماخذ اهي خط ۽ تقريرون آهن، جيڪي علامه صاحب طرفان جي.ايم.سيد، قاضي فيض محمد ۽ ٻين ڏانهن لکيا ويا آهن يا وري سندن باري ۾ جي.ايم.سيد ۽ ٻين ڪيترن عالمن طرفان تحرير ٿيل آهن. انهن مان به علامه صاحب جي گهري علمي فڪري زندگي توڙي سندس تاريخ، اخلاقيات، مذهب توڙي سياسي حالات تي لکيل خطوط ۽ تقريرون وڏي اهميت رکن ٿيون، جيڪي جيئن جو تيئن شايع ٿيل آهن. انهن جو وڏو حصو، بعد ۾ ترتيب ڏنل مجموعن ۾ موجود آهي ته تقريرون سنڌ يونيورسٽيءَ جي بليٽن ۾ سندس ئي دور ۾ نڪرندڙ اخبار ”ٽارچ“ جي صفحن ۾ محفوظ آهن. انهن مان سندس عشق الاهي ۽ مذهبي سوچ توڙي مذهبي آزادي (Religious Libarlisam) جي خبر پوي ٿي. هُو هڪ اهڙو مذهبي اسڪالر هو، جنهن جي سوچ هيءَ ته سائنس کي سمجهڻ کانسواءِ مذهب کي چڱيءَ ريت نٿو سمجهي سگهجي. هن موجب ڪائنات جي اڻ کٽ حقيقتن جي شاهدي سائنس ئي ڏئي سگهي ٿي. تنهنڪري هن جو زور هميشه سائنس تي هوندو هو ته جيئن اسان جي فڪر ۽ سوچ ۾ بين الاقواميت پيدا ٿئي. ان سان گڏ مختلف مذهبن جو مطالعو به هن ضروري سمجهو. انڪري جو هن جي مذهبي سوچ جو بنيادي نڪتو مذهب جي ارتقا جي فلسفي تي ٻڌل هو. هن جي سوچ مطابق دنيا ۾ مذهب ئي اهو ڌاڳو آهي جيڪو صدين جي موتين کي هڪ لڙيءَ ۾ پوئي هلندو رهيو، تان جو اسلام ئي اهو مڪمل ٿيو، تنهنڪري هر مذهب تعظيم جي قابل آهي. ۽ ان جو تقابلي مطالعو ڪري ان مان نتيجا حاصل ڪرڻ گهرجن.

علامه صاحب جون ڪجهه ڳالهيون ۽ واقعا جيڪي هميشه کان ٻڌندا رهيا آهيون تن کي هاڻي غلط نموني سان پيش ڪيو پيو وڃي، انهن کي درستگيءَ سان رڪارڊ ڪرڻ ضروري آهي.

اُنهن واقعن ۾ هڪ واقعو ان دور جي مغربي پاڪستان جي گورنر مشتاق گورماني سان واسطو رکي ٿو جيڪو مغربي پاڪستان جي يونيورسٽين جو چانسلر پڻ هو، جنهن موجب هڪ دفعي جڏهن گورماني صاحب ريل رستي حيدرآباد آيو ته ريلوي اسٽيشن تي ان دور جي طريقي موجب سڀ وڏا آفيسر هن جي استقبال لاءِ موجود هئا. ليڪن وائيس چانسلير صاحب ڪونه ويو هو. جيڪا ڳالهه گورنر نوٽ ڪئي ۽ اها علامه صاحب تائين پهچايائون، جنهن تي علامه صاحب چيو ته منهنجو ڪهڙو ڪم جو گورنر جي استقبال لاءِ وڃان مون کي ٻيا ضروري ڪم ڪرڻا آهن جي ضرورت ٿي ڪنهن مهل وقت مليو ته ضرور ملندوسانس.

اها ڳالهه گورمانيءَ تائين پهتي ۽ هن کي ساڻس سرڪٽ هائوس ۾ شام جو پنجين بجي ملڻ جو وقت ڏنائين. علامه صاحب مقرر وقت تي وڪٽوريا گاڏيءَ ۾ چڙهي سرڪٽ هائوس تي پهتو. کيس ڊرائنگ روم ۾ ويهاريائون ۽ چيائون ته گورنر صاحب غسل پيو ڪري. اوهين انتظار ڪيو. علامه صاحب واچ ۾ ڏٺو ۽ جڏهن پورا پنج ٿيا ته اُٿي کڙو ٿيو ۽ چيائين ته جيڪو ماڻهو وقت جو قدر نه ٿو ڪري، ان سان ملڻ جو ڪهڙو فائدو؟ ليڪن ان کانپوءِ مشتاق گرمانيءَ هن سان ڪيترو سٺو هليو اهو به هڪ قصو آهي، علام صاحب جي اصول پرستي ۽ وقت جي پابنديءَ جا ڪيئي مثال آهن جن تي لکڻ انتهائي ضروري آهي.

مون کي شيخ علي محمد جن جي واتان علامه صاحب جي وائيس چانسيلريءَ واري دور جو هڪ ٻيو اهم واقعو معلوم ٿيو، جنهن دور ۾ شيخ صاحب به هن سان گڏ تصويرن ۾ نظر ايندو هو. جنهن جو ثبوت اهي تصويرون آهن جن ۾ شيخ صاحب سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينيٽ هال ۾ علامه صاحب جي ليڪچرن ۾ علامه صاحب سان گڏ اسٽيج تي ويٺل نظر اچي ٿو ته ڪڏهن تقرير ڪندي به ڏسجي ٿو. هڪ تصوير ۾ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ صاحب به اسٽيج تي هن سان گڏ ويٺو آهي. جڏهن ته حاضرين ۾ ميرعلي احمد ٽالپور، محمد حسين ترڪ، ۽ ٻيا ڪئين مشاهير ويٺا آهن اهڙيءَ هڪ تصوير ۾ شيخ عزيز به موجود آهي ته آءُ به محمد علي ڏيپلائيءَ سان گڏ موجود آهيان.

شيخ صاحب ٻڌايو ته هڪ دفعي سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينيٽ جي هڪ ميٽنگ ان هال ۾ ٿي رهي هئي جنهن جو پوءِ نالو سينيٽ هال پئجي ويو ۽ اها سينٽرل لائبرري طور به استعمال ٿيندي هئي.

ميٽنگ شروع ٿي ۽ تلاوت ڪلام پاڪ کان پوءِ باقائدي ڪارروائي شروع ڪئي وئي ايتري ۾ سنڌ جو ان وقت جو وزير تعليم به اچي پهتو ۽ هن علامه صاحب کي چيو ته هُو سينيٽ جي ڪارروائي وري شروع ڪن ته جيئن هُو به ان ۾ حصو وٺي سگهي. انڪري جو هُو وزير تعليم جي حيثيت ۾ سينيٽ جو آفيشل ميمبر به هُو جنهن تي علامه صاحب کيس چيو ته جڏهن وزير تعليم هئڻ جي باوجود هُو خود وقت تي نه پهتو آهي، تنهنڪري سينيٽ جي ڪارروائي وري نه شروع ڪئي ويندي ۽ کيس گهُرجي ته ان ڪارروائي کي هلندو رهڻ ڏي. اهو ٻڌي قاضي اڪبر صاحب چپڙي ڪري ويهي رهيو.

*****

شهزادو گلفام، هونئن ته داستانن جي هڪ ڪردار جو نالو هو، پر منهنجو دوست ۽ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ کان وٺي (1963ع) هن وقت تائين بهترين ساٿي بنجي رهڻ وارو، غلام محمد ميمڻ ٽکڙائي، جنهن جو قلمي نالو شهزادو گلفام هو، جنهن سان گڏ ڪئين دلچسپ يادون ۽ مزيدار واقعا وابسته آهن، جيڪو عبرت اخبار ۾ فلمي صفحو به ڪڍندو هو، جتي محمد علي ۽ مصطفيٰ قريشيءَ جهڙا فلمن جا متوالا پيا هن وٽ چڪر هڻندا هئا ته ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ به فيچر ۽ ڊراما لکندو هو، جيڪي نج سنڌي ثقافتي زندگيءَ جي ترجماني ڪندا هئا ۽ عوامي سطح تي ايترا ته مقبول هوندا هئا، جو ريڊيو جا ٻڌندڙ هن جي باري ۾ تمام گهڻا خط موڪليندا هئا، جيڪي خطن جي پروگرام ۾ نشر ٿيندا هئا. نه صرف ايترا پر 1965 جي جنگ ۾ هو به اسان سان گڏجي ريڊيو تان هندستان جي اڳرائيءَ جي موضوع تي مفت فيچر لکي ڏيندو هئو، جيڪي جڏهن نشر ٿيندا هئا ته ماڻهو پنهنجا ڪم ڪار ڇڏي وڃي ريڊيو کوليندا هئا.

اهو گلفام ٿئيٽر جو به شوقين هو ۽ سندس ڪيترا ڊراما اسٽيج تي پيش ٿيا، جن جا اداڪار هر وقت هن سان گڏ پيا هلندا هئا. انهن ۾ هڪ ته جڏهن هن سان گڏ ڪراچي کان ٺٽي جي رستي حيدرآباد، بس ۾ پئي آيو ته نئين گاج وٽ بس کي بيهاري ڇڏيائون. ان ڪري جو ان وقت بارشن جي ڪري نئين زور شور سان پئي وهي ۽ اهو ڇوڪرو تجسس کان جڏهن نئين جي ويجهو ويو ته، پاڻي هن کي لوڙهي ويو، هن واقعي گلفام کي تمام گهڻو ڏک پهچايو.

گلفام جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ مان رٽائر ٿيو ۽ کيس سنڌ يونيورسٽي پريس ۾ ڪانٽريڪٽ تي رکيو ويو تڏهن اردو شعبي جو استاد ۽ اديب مرزا سليم بيگ، منهنجي افسانن جو اردو ترجمو سهيڙي آيو ۽ ڇاپڻ جي خواهش ڏيکاريائين. مون چيومانس ته ڀلي ڇاپي پر گلفام سان به صلاح ڪر. هن مسودو وڃي گلفام کي ڏنو، جنهن نه صرف اهو ڇاپڻ جو ذمو کنيو، پر پنو به خبر ناهي ڪٿان هٿ ڪيائين. ٽائيٽل به پاڻ ئي ٺاهيائين، بائينڊ ڪرائي هن جي هٿ تي ”قاضي خادم ڪي افساني“ رکيائين. ائين مرزا سليم بنا به ڪنهن پئسي ٽڪي خرچ ڪرڻ جي پبلشر ٿي ويو.

گلفام، آفتاب شيخ، خورشيد شيخ ۽ نثار شيخ جو دوست به هئو، وڏو وقت اسين هر وقت گڏ هوندا هئاسين، هُو به هاڻ هن جهان ۾ ڪونه آهن، گلفام پريس ۾ به ڪم ڪندو رهيو. اسان جي پريس ڪلب واري بيٺڪ ۾ به اچڻ جاري رکيائين. جنهن کانپوءِ جڏهن مون پريس ڪلب کان موڪلايو ۽ ڏيئلداس ڪلب ۾ آيس ته مون سان گڏ ٻيا به ڪجهه ساٿي پريس ڪلب ڇڏي هليا آيا، جن مان صحافي نثار چنا، اداڪار طاهر رضوي، چوڌري ايلياس ته گذاري ويا، هاڻ 24 اپريل تي گلفام به گذاري ويو.

هُن بردبار، سنجيده ۽ پيار ڪرڻ واري ايماندار شخص جو تفصيلي احوال ضرور لکڻ گهرجي. جنهن سڄي ڄمار جدوجهد به ڪئي پر ڪنهن جي اڳيان سوالي نه بنيو ۽ نه ڪو بي ايمانيءَ جو ڌنڌو ڪيائين، تنهن ڪري هميشه خوش رهندو هو. مون هن کي صرف ٻه دفعا ڏکويل حالت ۾ ڏٺو. هڪ دفعو جڏهن سندس وڏو ڀاءُ ٽنڊي محمد خان ۾ گذاري ويو هو ۽ ٻيو دفعو جڏهن سندس گهر واري گذاري وئي هئي. ورنه هميشه متوازن شخصيت رهيس، آخر تائين ڪتابن ۽ راند روند جو شوقين رهيو ۽ اوچتو اهڙي بيماري اچي ورايس جنهن کان بچي نه سگهيو. مون کي افسوس صرف اهو آهي ته آءُ هن جو توڙي اسان جي پياري دوست آفتاب شيخ جو آخري ديدار نه ڪري سگهيس.

منهنجو دوست ۽ يونيورسٽي فيلو محمد علي ڏيپلائي، سنڌ جي نامور اديب ۽ انقلابي محمد عثمان ڏيپلائي جو پٽ هئو، جيڪو عمر ۾ اسان کان وڏو هوندي به اديب هئڻ ناتي اسان کي پنهنجو دوست ئي سمجهندو هو. محمد علي سنڌ يونيورسٽيءَ جي اڪنامڪس شعبي مان بي.اي آنرز فرسٽ ڪلاس فرسٽ ۽ سي.ايس.ايس امتحان ۾ ڪامياب ٿيو. محمد علي صرف پنهنجي ذهانت ۽ محنت پنهنجي پيءُ جي وفات کان پوءِ تمام  وڏا عهدا ماڻيا ۽ هميشه پيءُ جي زندگي ۽ ادب کي اجاگر ڪرڻ ۽ زنده رکڻ جون ڪوششون ڪندو رهيو. هُو 10 اپريل تي وفات ڪري ويو. مون کي هن کان سواءِ ٻيو صرف نادر ابڙو ئي اهڙو نظر ٿو اچي، جيڪو هر سال پنهنجي پيءُ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ورسي ٿو ملهائي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org