سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2/ 2019ع

باب:

صفحو:19 

مرزا ڪاظم رضا بيگ

 

 

 

 شيخ عزيز:

لطيف شناس، صحافي، محقق، تاريخدان ۽ دانشور

 

 

سنڌ ڌرتيءَ، انيڪ عالمن، شاعرن، اديبن، صحافين، درويشن ۽ سياستدانن کي جنم ڏنو آهي، جن پنهنجي ڪارنامن سان دنيا کي جرڪائي ڇڏيو. اهڙن صحافين، محققن، تاريخدانن ۽ دانشورن مان شيخ عزيز به آهي، جنهن علمي، ادبي، صحافتي ۽ سياسي ميدان ۾ پنهنجو ڌاڪو ڄمايو.

9- ڊسمبر 1938ع تي حيدرآباد ۾ جنم وٺندڙ عبدالعزيز شيخ المعروف شيخ عزيز پٽ احمد شيخ (مرحوم احمد شيخ، پرائمري اسڪول جي هيڊ ماستر جي عهدي تي فائز هو، کيس شاهه عبداللطيف جي رسالي تي ڪافي عبور حاصل هو). ابتدائي تعليم حيدرآباد جي سرڪاري اسڪولن مان حاصل ڪئي. 1955ع ۾ نورمحمد هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين ۽ 1968ع ۾ ٿامسن ڪاليج آف جزنلزم لنڊن مان صحافت ۾ گريجوئيشن ڪئي. مطالعي جي شوق کيس علم وفضل جي بلندين تي پهچائي ڇڏيو.

شيخ عزيز، تاريخ، سياست، ادب ۽ صحافت وغيره جي شعبن ۾ جيڪي ڪارناما سرانجام ڏنا ۽ جيڪي گل ٻوٽا پوکيا، تن جي خوشبوءِ گهڻي عرصي تائين سنڌ ۾ باقي رهندي.

شيخ عزيز، سنڌ جو ناميارو اديب ۽ صحافي هو. هن سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ جي انيڪ اخبارن ۾ جانفشانيءَ سان رات ڏينهن ڪم ڪيو. صحافت ۾ هن پنهنجي عمر جو سڄو عرصو گذاريو، ۽ صحافت جي ذريعي هن سياست ۾ قدم رکيو، ۽ تصنيف و تاليف جي ميدان ۾ به صحافت ئي هن جي رهنمائي ڪئي.

شيخ عزيز پنهنجي صحافت جو آغاز 1957ع ۾ ڪيو، جڏهن سندس عمر 19 سال هئي. سڀ کان اول روزاني ’ڪاروان‘ حيدرآباد جو 1957ع کان 1938ع تائين سب ايڊيٽر، 1958ع کان 1961ع تائين روزاني ’عبرت‘ جو سب ايڊيٽر، 1961ع کان 1965ع تائين سينيئر سب ايڊيٽر روزاني ’عبرت‘ مقرر ٿيو. 1961ع کان 1975ع تائين روزاني ’عبرت‘ جو اسسٽنٽ ايڊيٽر، ۽ 1966ع کان 1976ع تائين ’عبرت‘ مئگزين جو ايڊيٽر رهيو. بحيثيت ڪالم نگار 1975ع کان 1976ع تائين 1976ع کان 1980ع تائين هفتيوار 'Sindh observer' جو ايڊيٽر رهيو. 1977ع کان 1980ع تائين ايڊيٽر ’سنڌنيوز‘ رهيو. 1980ع کان 1982ع تائين اسسٽنٽ ايڊيٽر ’جنگ‘ ڪراچي ٿيو. 1982ع کان 1987ع تائين ميگزين ايڊيٽر روزاني ’حريت‘ ڪراچي ٿيو. 1987ع کان 1989ع تائين نيوز ايڊيٽر روزاني ’حريت‘ رهيو. 1989ع کان 2000ع تائين سب ايڊيٽر روزاني ’ڊان‘ ڪراچي رهيو. ايڊيشن انچارج ۽ نائيٽ ايڊيٽر روزاني ’ڊان‘ 2000ع کان 2008ع ٿيو ۽ ان سال ئي رٽائرڊ ٿيو.

ان کان علاوه شيخ عزيز حيدرآباد پريس ڪلب جو 1963ع کان 1966ع تائين صدر رهيو. صدر حيدرآباد يونين آف جرنلزم 1905ع ۾ رهيو. 1978ع کان 1980ع تائين وزيٽنگ پروفيسر، ڊپارٽمينٽ آف جرنلزم يونيورسٽي آف سنڌ ڄام شورو رهيو. 2008ع ۾ ميمبر بورڊ آف گورنرس، مرزا قليچ بيگ چيئر، يونيورسٽي آف سنڌ ڄام شورو رهيو. 2008ع کان 2010ع تائين وائيس چيئرمين سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو رهيو. پاڻ سنڌي، اردو ۽ انگريزي زبانن ۾ ٽن هزارن کان وڌيڪ ڪالم لکيا، جيڪي سياسي، سماجي، ثقافتي، تاريخي، موسيقي، ادبي، لوڪ ادب ۽ حالاتِ حاضره جي موضوعن تي آهن. سندس هڪ مقالو ”عالمي غلامي“ جي عنوان سان سال 2003ع ۾ هانسبرگ ۾ ٿيل عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي شايع ٿيو. جيڪو بعد ۾ اقوامِ متحده پنهنجي سرڪاري رڪارڊ جو حصو بڻائي ڇڏيو. شيخ صاحب جي علمي، ادبي ۽ صحافتي ڪارنامن جي مطالعي مان اِها ڀلي ڀَت پروڙ پوي ٿي ته پاڻ سنڌي صحافت ۽ ادب جي ڪيڏي نه وڏي خدمت ڪئي آهي.

سنڌي ادب، صحافت، تاريخ، لوڪ ادب، تهذيب وثقافت ۽ لغات ۾ شيخ عزيز جون خدمتون ۽ سرگرميون نمايان حيثيت حاصل ڪري چڪيون آهن. سندس خاموش، مخلص، بي لوث ۽ سرگرم علمي شخصيت ۽ علمي ڪارنامن تي تبصري ڪرڻ لاءِ هڪ مختصر تحرير ناڪافي آهي. پاڻ پنهنجي ذاتي صلاحيتن ۽ علمي ۽ ادبي خدمتن جي طفيل شهرت دوام جي مقام تي پهتو. پاڻ هڪ مُشاق ۽ بلند پايه جو صحافي، اديب، تاريخدان ۽ ماهرِ لغات هو، بلڪ هڪ سخن فهم ۽ نقاد به هو. ايترين خوبين جو هڪ هنڌ گڏ هَجڻ پنهنجي جاءِ تي ڪرامت کان گهٽ نه آهي. هڪ اعليٰ پايه جو صحافي ۽ ڪُهنه مشق اديب هجڻ جي ثبوت ۾ سندس مضمون ۽ مقالا ۽ ڪتاب پيش ڪري سگهجن ٿا. افسوس جو اهڙي علمي ۽ ادبي شخصيت ۽ سنڌي صحافت جو آفتاب 7 آڪٽوبر 2018ع تي هميشه هميشه لاءِ غروب ٿي ويو. اِنالله و اِنا اليہ راجعون!

شيخ عزيز مرحوم جيتوڻيڪ هڪ متوسط گهراڻي ۾ پيدا ٿيو هو، پر پنهنجي ذاتي صلاحيتن ۽ جدوجهد سان ڪمال جي ان مقام تي پهتو، جنهن تائين رڳو ڪن خاص ماڻهن لاءِ مخصوص سمجهيو ويندو هو. پاڻ پنهنجي مثالي جدوجهد سان اُهو به واضح ڪري ڏيکاريو ته، انسان پنهنجي زندگي پاڻ ٿو سنواري. دل لائي ڪم ڪرڻ سان، هر مخلص فنڪار، خاڪ کي اڪسير ۽ پٿر کي گوهر بنائڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو. فقط يقين ڪامل، مسلسل جدوجهد، دل جي سچائيءَ جي ضرورت آهي.

شيخ عزيز جي زندگيءَ جا ٻه مکيه ۽ اهم حصا هئا. هڪ ته هن علم جي تحصيل ۽ تڪميل لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو ۽ ٻيو سليقي ۽ نيڪ شعاريءَ سان وقت گذارڻ، خرافات کان ڀڄي علم ۽ فڪر جي دنيا ۾ مقام پيدا ڪرڻ. سندس زندگيءَ جي مثالي جدوجهد مان ثابت ٿئي ٿو ته ڏک مورڳو سونهان ۽ ساٿي ٿي هلن ٿا.

تن سورن کي شاباس، جن پرت پڄائي پنهل سين!

شيخ عزيز قابلِ احترام شخصيتن مان هو. مستقبل جو مؤرخ جڏهن موجوده دور جي علمي، ادبي ۽ صحافتي تاريخ لکندو ته شيخ عزيز جي ذڪر کان سواءِ ان کي هرگز مڪمل ڪري نه سگهندو، ڇو ته شيخ عزيز جن صحافتي، ادبي، تاريخي، لوڪ ادب، لطيف شناسي ۽ لغات جي سلسلي ۾ تاريخ جي ورق ورق تي اهڙا يادگار نقش ڇڏيا آهن، جن کي ڪنهن به صورت ۾ ميٽي نه ٿو سگهجي، ۽ هُو پنهنجي دور جو مختلف موضوعن تي تمام گهڻو لکندڙ عالم، محقق، مؤرخ، تاريخدان، لطيف شناس ۽ صحافِت جو روشن ستارو هو. سنڌي ٻولي اهڙي محسن ۽ عظيم الشان صحافي ۽ اديب کي ڪڏهن به وساري نه ٿي سگهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سندس علمي، ادبي ۽ صحافتي ڪارنامن ۽ سوانح تي ڪو مفصل ڪتاب لکيو وڃي.

اِها به سنڌ جي تاريخ، ادب، لوڪ ادب لطيفيات ۽ صحافت جي خوشقسمتي چئجي، جو ان هڪ مصروف شخصيت کان پنهنجو خراج اوڳاڙيو، جنهن زندگيءَ جون حسين يادون ۽ عيش و آرام ڇڏي صحافت، ادب، ۽ تاريخ کي پوري زندگي ارپي ڇڏي، ۽ جنهن جي ڏينهن رات انهماڪ ڪم کي ڏسي، اهو اندازو نٿي ٿي سگهيو ته هيءُ عظيم صحافي، اهڙين مشغولين جي باوجود، سنڌي ادب ۽ تاريخ وغيره جو اهڙو پاڪيزه ۽ سنجيده ذوق شوق ساهه مان سانڍيندو رهيو. هن پنهنجي زندگيءَ جي پوري جدوجهد ۽ جهاد کي مجاز قرام ڏنو ۽ هميشه حقيقت شناس رهندو آيو.

شيخ عزيز جي مطالعي جي وسعت مان اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو، ته ڪنهن علمي يا تحقيقي مسئلي تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ مسلسل گفتگو ڪندو هو. دليل ۽ نتيجي جي پختگي، فڪرو نظر وارن ماڻهن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيندو هو. وڏا وڏا صاحبِ مطالع ماڻهو اهو ئي محسوس ڪندا هئا گويا جيڪو ڪجهه به شيخ صاحب چيو آهي، اهو هنن، نه ڪٿي پڙهيو آهي ۽ نه ڪٿان ٻڌو آهي! سندس نگاهه جي اها اهليت سندس وسيع مطالع،  وسيع غور فڪر ۽ مشقت جو نتيجو هئي. حقيقت ۾ مون سندس لکڻيون ايتريون پڙهيون ناهن، جيترو شيخ عزيز لکيو آهي.

شيخ عزيز جي تحقيقي ۽ تاريخي مقالن، مضمونن ۽ ڪالمن جو وڏو تعداد، سنڌ ۽ پاڪستان جي معياري رسالن ۽ اخبارن ۾ محفوظ آهي. سندس هر مقالو، مضمون ۽ ڪالم، تحقيق ۽ مطالعي جو نچوڙ آهي. سندس اندازِ بيان وڻندڙ آهي، جنهنڪري تاريخ جهڙن خشڪ مقالن ۾ به هڪ قسم جي ڪشش پيدا ڪئي اٿس. هُو پنهنجي صوري ۽ معنوي انفراديت جي لحاظ سان پنهنجي دؤر جي عالمن، اديبن ۽ صحافين ۾ ممتاز حيثيت جو مالڪ هو. سندس صحافتي ۽ ادبي خدمتون ۽ تحريرون هڪ خاص معيار تي رسيل هيون، جيڪي پنهنجي دلنشين اسلوبِ بيان ۽ سليس اندازِ تحرير جي ڪري وڏي اهميت رکن ٿيون. سندس تحقيقي، تنقيدي مقالن ۽ ڪالمن (جيڪي سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ آهن) کي ”باقيات الصالحات“ جو درجو حاصل آهي، جن جي دائميت ۽ تازگي تيسين قائم رهندي، جيسين سنڌي زبان قائم ۽ دائم رهندي ۽ سنڌي سٻاجهڙا هن ٻاجهاري ٻوليءَ کي جهنگن، جهرن ۾ جهونگاريندا رهندا.

شيخ عزيز جي ڪتابن ۽ مقالن ۽ ڪالمن ۾ تاريخ ۽ تحقيق جي جهلڪ نظر اچي ٿي. سندس لفظن جو انتخاب نهايت وڻندڙ ۽ اندازِ بيان دلنشين آهي. سندس زبان استادانه، منطقي ۽ پُختگيءَ سان ڀرپور نظر اچي ٿي. سندس ڪتاب، ڪالم ۽ مقالا پڙهندڙن ۾ شگفتگي ۽ ڪشش پيدا ڪن ٿا. لطافت، جامعيت رنگيني ۽ اثرانگيزي سندس تحريرن جا اهم عنصر آهن. ٻوليءَ جي سلاست، صحت، بندش جي پختگي، استدلال، لفظن جو انتخاب ۽ ترڪيبن جي جامعيت جي لحاظ سان شيخ عزيز جون تحريرون پنهنجون مٽ پاڻ آهن.

51- 1952ع وارن سالن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ”جامع سنڌي لغات“ جي تياريءَ جو ڪم هٿ ۾ کنيو، ته شيخ عزيز پنهنجي وڏي ڀاءُ شيخ محمد اسماعيل سان گڏجي ڊاڪٽر نبي بخش خان جو هٿ ونڊايو، محنت ۽ جستجوءَ سان هن قيمتي مواد مهيا ڪرڻ ۾ ڏينهن رات جانفشانيءَ سان ڪم ڪيو. وري سال 1954ع ۾ جڏهن ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌي لوڪ ادب سهيڙڻ جو ڪم هٿ ۾ کنيو، تڏهن به شيخ عزيز هڪ مددگار ڪارڪن جي حيثيت ۾ وڏو ڪم ڪيو. پوءِ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ستت ئي محسوس ڪيو ته شيخ عزيز لغات نويسي، لطيفيات ۽ لوڪ ادب ۾ به وڏو تجربو رکي ٿو.

شيخ عزيز جون علمي، ادبي ۽ تاريخي خدمتون سنڌ واسين جي اکين آڏو رهيون آهن. هُو هڪ نهايت محنتي انسان هو. ادب، صحافت ۽ تاريخ جو وڏو پارکو هو. کيس آفرين هجي جو سنڌ جهڙي سرسبز ۽ شاداب علائقي بابت وڏا ڪشالا ڪري، هن نهايت مفيد جاگرافيائي، تاريخي ۽ سماجي معلومات قلمبند ڪئي. هن ورهين جا ورهيه سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ جا سفر ڪري تحقيق ۽ تلاش لاءِ جُهد ڪٽيا، سنڌ جو تاريخي مواد ۽ لوڪ ادب، لوڪ شاعري ۽ لوڪ ڪهاڻيون هٿ ڪيون ۽ علمي پيرايي ۾ ان کي سهڻو ڪري لکيو.

شيخ عزيز پنهنجي زندگيءَ ۾ جيڪي جواهر پارا سنڌي ٻوليءَ کي ڏئي ويو  آهي، اُهي صدين تائين سنڌي قوم کي لاڀ ڏيندا رهندا. هن پنهنجي محنت سان صحافت، ادب، لطيفيات، لوڪ ادب، لغات ۽ تاريخ جو دامن ڪيترن ئي اهم موضوعن سان مالا مال ڪيو آهي. شيخ عزيز ان سلسلي ۾ مختلف ڪتاب ۽ مقالا پڻ سهيڙيا. اهڙي طرح لوڪ ادب جي حوالي سان سندس مقالا ۽ ڪالم پڻ تمام گهڻي اهميت جا حامل آهن، جيڪي سنڌي ادب ۾ ريفرنس بڪ جي حيثيت رکندڙ آهن، جنهنڪري شيخ عزيز کي سنڌي لوڪ ادب ڪليڪشن پروجيڪٽ ۾ 1957ع کان 1960ع تائين، بحيثيت ريسرچ اسسٽنٽ (پارٽ ٽائم) مقرر ڪيو ويو. تحقيقي ڪم فقط ڪتب خاني ۾ ويهي ڪتابن جي ورق خواني تائين محدود ناهي هوندو، ان لاءِ جهرجهنگ به جهاڳڻا پون ٿا ۽ انهيءَ حوالي سان لوڪ ادب بابت مواد جي ميڙي چونڊ لاءِ شيخ عزيز، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ شيخ محمد اسماعيل سان سنڌ جي انيڪ ڳوٺن ۾ سگهڙن سان ڪچهريون ڪيون ۽ سنڌي لوڪ ادب جي صنفن تي تمام گهڻي بنيادي مواد حاصل ڪرڻ ۾ ڊاڪٽر صاحب جو ساٿ ڏنو. لغت نويسيءَ جي شعبي ۾ شيخ عزيز جون ڪيل خدمتون ڪنهن به ريت فراموش ڪرڻ جهڙيون نه آهن. شيخ عزيز، لغت نويسي جي تحقيقي ڪم ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ شيخ محمد اسماعيل سان بحيثيت ريسرچ اسسٽنٽ (پارٽ ٽائم) 1956ع کان 1957ع تائين سنڌي ادبي بورڊ ۾ ڪم ڪيو. بلڪ ريسرچ اسسٽنٽ (پارٽ ٽائم) سنڌي ۽ اردو ڊڪشنري تيار ڪرڻ ۾ گورنمينٽ آف پاڪستان اسلام آباد طرفان 1956ع کان 1957ع تائين پڻ ڪم ڪيو.

شيخ عزيز، شاهه لطيف جي وجد انگيز ڪلام ۽ سيرت کان به ڏاڍو متاثر هو. شاهه عبداللطيف تي ڪتاب، مقالا ۽ ڪالم لکندي جيڪي جواهر پارا، سندس قلم مان نروار ٿيا، اهي سندس خيال ۽ فڪر جي وسعت ۽ گهرائيءَ جي ساک ڀرين ٿا. لطيف سائينءَ جي هر لفظ هر بندش ، هر بيت، هر وائيءَ ۽ هر ڪافي تي سندس عالمانه نگاهه هئي. شاهه لطيف جي سوانح، فن ۽ فڪر جي تعارف ۾ جيڪي سندس لکڻيون آهن، اُهي لطيفيات ۾ وڏو مقام حاصل ڪري چڪيون آهن. شيخ عزيز کان لطيفيات متعلق جن به ٻڌو هو، اُنهن جو چوڻ هو ته شاهه جي رسالي تي سندس راءِ هڪ ماهرِ فن کان گهٽ نه هئي. اهڙيءَ طرح شاهه سائين جي سوانح ۽ فلسفيانه افڪار و فن تي پڻ عالمانه نگاهه هئس، بلڪ لطيف جي سوانح حيات جا مختلف پهلو نهايت تحقيقي انداز ۾ پيش ڪائين، شيخ صاحب، سوانح حيات کان علاوه شاهه سائينءَ جي دور، تاريخي واقعن، سير وسفر، شاهه سائينءَ سان لاڳاپيل تاريخي ماڳن ۽ شهرن جو ذڪر، شاهه جي ٻولي ۽ ان جي صرفي ۽ نحوي بناوت تي عالمانه انداز ۾ لکيو آهي. تحقيق جي حوالي سان شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي يونيورسٽيءَ پاران 1993ع ۾ تحقيق جو طريقئه ڪار جي موضوع تي ورڪشاپ ۾ ”تحقيق ڪيئن ڪجي“ جي عنوان تي ليڪچر ڏنا ۽ جنهن کي بعد ۾ مقالي جي صورت ۾ شايع ڪيو ويو. ساڳئي اداري پاران 1993ع ۾ ”شاهه لطيف تي تحقيق“ جي عنوان سان ٿيل ورڪشاپ ۾ پڻ اهم ليڪچر ڏنا، جيڪي بعد ۾ مقالي جي صورت ۾ شايع ٿيا.

ذي شعور انسان جي هر دور ۾ تاريخ سان دلچسپي رهي آهي. ان جو وڏو سبب اهو آهي ته کيس پنهنجي ماضيءَ سان تمام گهڻو چاهه آهي. ماضيءَ جو مطالعو، حال کي سمجهڻ ۽ مستقبل کي سنوارڻ ۽ سڌارڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو، اهوئي سبب آهي ته سنڌ جو مؤرخ، محقق ۽ تاريخدان شيخ عزيز شروع کان ئي تاريخ سان دلچسپي رکندڙ آهي.

شيخ عزيز جا سنڌ جي تاريخ تي ڪتاب، مقالا ۽ ڪالم ڏسي اهو ٿو معلوم ٿئي ته هن انهن موضوعن تي لکيو آهي، جيڪي تاريخ جي ڪتابن ۾ يا ڪنهن گمنام ڪتبخاني جي زينت بڻيل هئا، جن کي ڪنهن به پڙهڻ جي زحمت گوارا نه ڪئي، ان جو وڏو ۽ چٽو مثال شيخ عزيز جا انگريزيءَ ۾ سنڌ جي تاريخ تي ڪتاب، مقالا ۽ ڪالم آهن. سندس مشهور ڪتاب "Notes on Sindh" نمايان حيثيت ماڻي چڪو آهي.

شيخ عزيز جي صحافتي خدمتن کي مدِنظر رکندي ڪيترن ئي ادارن کيس پرڏيهي ملڪن ۾ موڪليو. 1995ع ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو وزيراعظم طور جاپان جي دوري تي وئي ته پاڻ سان شيخ عزيز کي به گڏ وٺي وئي. شيخ عزيز نه فقط اتي جا ادبي ۽ صحافتي ادارا ڏٺا، پر عالمن ۽ ماهرن سان رهاڻيون به ڪيون. اڪثر ادارن ۾ نهايت پرمغز ۽ پرجوش تقريرون به ڪيون ۽ مقالا به پڙهيا. هن پنهنجي ملڪ جي صحافتي سڌاري لاءِ جاکوڙيندي پنهنجي سموري زندگي صحافت کي ارپي ڇڏي. اهوئي سبب آهي جو سندس صحافتي خدمتن جو اعتراف نه فقط سنڌ ۾ ڪيو ويو بلڪ پاڪستاني ۽ پرڏيهي مستشرقين به سندس تخليقن مان استفادو حاصل ڪيو. پاڪستان ۽ پرڏيهه جا وڏا وڏا محقق سندس صحافتي ڪالمن ۽ ايڊيٽوريل مان حِظ حاصل ڪري چڪا آهن. هِت اهو چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو ته شيخ صاحب صحافت جي ميدان ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. هن پنهنجي جامع خصوصيات جي لحاظ سان بين الاقوامي شهرت حاصل ڪئي، جديد سنڌ جي فڪري ۽ علمي ارتقا ۾ سندس صحافتي خدمتون بلند مقام حاصل ڪري چڪيون آهن. جيڪڏهن کيس جديد سنڌي صحافت جو باني چئجي، ته بيجانه ٿيندو.

شيخ عزيز ڪچهريءَ جو مور هو، جنهن به محفل ۾ پاڻ موجود هوندو هو، اُها ڪچهري بنهه پيئي ٻهڪندي هئي. هميشه نرم لهجي ۾ پيو ڳالهائيندو هو، مشڪندو ۽ مرڪندو هو. سندس مرڪڻ ۽ مشڪڻ ۾ به حُسن ۽ دلاويزيءَ جا عجيب رنگ پسبا هئا. هُو منافقت ۽ ڪج ادائي کان پري هو، تنهنڪري هر ڳالهه ڦهڪائي ڏيندو هو، ڳالهين جو ڳهير هو، ڳالهه مان ڳالهه ڪندي تحقيق جا نوان موڙ پيو نروار ڪندو هو، پر ٻڌندڙن جو سُرور جيئن پوءِ تيئن وڌندو ويندو هو، ٿڪ جو ته وٽس نالو ئي نه هو. اهوئي سبب آهي جو سندس دماغ ۽ زبان، تحقيق ۽ علميت جي رنگ سان رڱيل هئا.

شيخ عزيز جي وسيع ۽ غيرمعمولي خدمتن جي اعتراف ۾ کيس آل پاڪستان نيوز پيپر سوسائٽي اوارڊ (2004- 1998ع) ڏنا ويا. 1998ع ۾  سلور جوبلي اوارڊ آف ايڪسيلينس سنڌ يونيورسٽي
ڄام شورو ڏنو ويو. 2000ع ۾ ڏپيلائي ايڪسيلينس اوارڊ آف جرنلزم سان نوازيو ويو. 2001ع ۾ ترقي پسند لٽرري اوارڊ، صحافتي شعبي ۾ اعليٰ ڪارڪردگي طور ڏنو ويو.

سنڌ جي تاريخ، صحافت، تهذيب وثقافت صدين کان قديم آهي، جنهن جا نقش، شيخ عزيز جي ڪتابن، مقالن ۽ ڪالمن ۾ تمام گهڻي تحقيقي ۽ علمي انداز ۾ چٽيل آهن. سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين ۾ سندس ڪتابن، مقالن، ۽ ڪالمن جي هڪ ڊگهي فهرست موجود آهي، جن جي وضاحت هن مضمون ۾ ناممڪن آهي. پاڻ پنهنجي زندگيءَ ۾ سياست، صحافت، سماجيات، علم و ادب ۽ موسيقي وغيره جي سوين موضوعن تي هزارين مضمون پڻ لکيا، ان سان گڏ هن ڪيئي ڪتاب به پنهنجي رشحاتِ قلم مان نروار ڪيا جن جي مختصر فهرست هيٺ پيش ڪجي ٿي.

(1) سنڌ جون پُراسرار ڪهاڻيون (سچيون ڪهاڻيون) 1960ع

(2) الحمرا جا داستان (ترجمو) 1960ع

(3) نقشِ لطيف (مضمون، مرتب ۽ ايڊيٽنگ ڪيل).

(4) ڀٽو، يادگيريون ترجمو (1993ع) 1964ع

(5) مون لينن جو ڏيهه ڏٺو (روس جو سفرنامو) 1976ع

(6) علمي صحافت، صحافتي ٽيڪنڪ تي سنڌي ۾ پهريون ڪتاب 1975ع، 1978ع ۽ 1995ع ۾ واڌارن سان.

(7) تقسيم کان تقسيم تائين 2008ع

(8) ننڍي کنڊ ۾ ڊرامن جي تاريخ ايڊيٽنگ 2007ع

(9) راڳ ساگر (مهاڳ) 2004ع

(10) برصغير ۾ موسيقي لکڻ جي روايت 2010ع

(11) ڏکڻ سنڌ ۾ موسيقي 2010ع

(12) سندهه کي محلاتي داستانين 2009ع

(13) The tribute- obituaries 2007.

(14) A History of Sindh 2008.

(15) Notes an Sindh 2009.

(16) History of Sindh 2007.

(17) The origin and evolution of Sindhi Music. 2008.

حقيقت ۾ شيخ عزيز سنڌ جي تاريخ، ادب ۽ صحافت جو هڪ نه وسرندڙ هيرو هو. هُو وسيع مطالعي، وسيع فڪر جو مالڪ هو. شاهه سائينءَ جي ڪلام جو وڏو ڄاڻو هو. سندس زبان سلوڻي، مٺي، ۽ دلپذير هئي. سندس زندگي هڪ آدرشي ليکڪ جي حيثيت سان شروع ٿي ۽ هڪ ممتاز جڳ مشهور تاريخدان، محقق، دانشور ۽ صحافيءَ جي حيثيت سان پوري ٿي.

حق مغفرت ڪري عجب آزاد مرد هو.

 

سليم چنا

 

 

 

 

 

گُڊ باءِ، ماءِ فرينڊ!

(ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ کي ڀيٽا)

 

 

نور نبي (تنوير عباسي) خيرپور رياست جي ڳوٺ سوڀي ديري ۾ 7 ڊسمبر 1934ع ڌاري جنم ورتو ۽ اُتي ئي ابتدائي تعليم ورتي سندس والد خان صاحب گل حسن عباسي ڪليڪٽر ٿي رٽائرڊ ٿيو.

تنوير عباسي اعليٰ تعليم ڪراچي ۽ حيدرآباد مان ورتي. هُن ڊاڪٽري ايل.ايم.سي. حيدرآباد، ڄام شوري مان پاس ڪئي. ميڊيڪل ڪاليج ۾ تعليم دوران حيدرآباد جي علمي، ادبي ڪچهرين ۾ تمام گهڻو اٿيو ويٺو هو. تنهنڪري سندس شاعريءَ جي اصلاح ٿيندي رهي. ۽ اُن ۾ پختگي ايندي رهي. هُو خاص طور تي ڊاڪٽر شيخ ابراهيم خليل، غلام محمد گرامي ۽ ريڊيو پاڪستان تي الياس عشقي وٽ به ادبي اُڃ اُجهائيندو رهيو. هُو سٺ واري ڏهاڪي ۾ سنڌ جي ترقي پسند لڏي جو ٻانهن ٻيلي هو. تنهنڪري سندس جديد خيالن ۾ وسعت ايندي رهي ۽ اڳتي هلي سنڌي ادب جي جديد دور جي بلند پايه شاعرن جي صف ۾ اچي بيٺو. تنوير وٽ شروع کان ئي سٻاجهي سُهڻي ۽ مٺڙي ٻولي هُئي. هنِ پنهنجي جديد سنڌي نظم ۾ وسعت پيدا ڪئي. غزل ۾ ٺيٺ سنڌي لفظ استعمال ڪيا. واين ۽ دوهن کي خوبصورت امرت رس جهڙو روپ ڏنو. هُن جي شاعري جو پهريون ڪتاب ”رڳون ٿيون رباب“ سونهن پري شاعريءَ جو سنگم آهي ۽ ڪاليج ۾ پڙهائي دوران الياس عشقيءَ جي همت افزائي ڪرڻ تي اردو ۾ سنڌي ادب جي مختصر تاريخ لکي.

سندس پهرئين شادي تمام ننڍي عمر ۾ ٿي، جنهن مان کيس اولاد به آهي، پر سندس اُها شادي ڪامياب نه ويئي. پوءِ 1964ع ۾ ڊاڪٽر قمر عباسيءَ سان بسنت هال حيدرآباد ۾ شادي ڪري خيرپور وڃي ڦول باغ جي ويجهو ”سنڌ اسپتال“ جي نالي پنهنجي خانگي اسپتال کولي، ٻئي زال مڙس اُتي پريڪٽس ڪرڻ لڳا. ڇو ته تنوير شروع کان ئي سرڪاري نوڪريءَ جي خلاف هوندو هو.

 

تنوير عباسي شاعريءَ ۾ زندگيءَ جي خوبصورت اهڃاڻن جو شاعر هو. هِن وٽ لطيف ۽ نفيس جذبن جي ترجماني ڪندڙ ٻولي موجود هئي. سندس غزل ۾ عربي ۽ فارسي لفظن جي ڀرماريت ڪانهي، پر سندس غزل نج سنڌي ٻوليءَ ۾ آهي. اُن ۾ دلفريبي، دلڪشي ۽ مصري، ماکيءَ جهڙي مٺاڻ آهي.

هنِ جا موضوع انسانيت، محبت ۽ مٽيءَ سان اُنسيت وارا آهن. هُن جي شاعري ۾ فن جا اعليٰ قدر شروعاتي دور کان موجود آهن. تڏهن ئي ته سال 1969ع ۾ ٽماهي ”مهراڻ“ جي شاعر نمبر ۾ ايڊيٽر غلام محمد گراميءَ پاران سنڌ جي جديد شاعرن واري فهرست ۾ تنوير عباسيءَ جو نالو شيخ اياز عبدالڪريم گدائي ۽ حيدربخش جتوئي کان پوءِ چوٿين نمبر تي ڏنو آهي.

مهراڻ جي ’شاعر نمبر‘ ۾ تنوير جي نظم ”عشق جي بازار“ کانپوءِ هي غزل ڏنل آهي. جنهن مان خبر پوي ٿي ته شروع کان وٺي ئي تنوير وٽ خوبصورت خيالن ۽ سهڻن لفظن جو ذخيرو موجود هو.

اکيون مون سڃاتيون، اکيون مون سڃاتيون،

نهارڻ کان ڇرڪن، نهارڻ لئه آتيون،

ڪنهن تيز خنجر جيان ڪاٽي وڃن ٿيون،

خيالن جي تارُن کي ڪوئيل جون لاتيون،

فضائن ۾ ڪنهن ڄڻ ته بندوق ڇوڙي،

پکي سڀ ٽهي ويا، لنوي ڪير لاتيون،

ڏسان ٿو پرين! دار جي هُن طرف کان،

اشارا ڪرين پيو. پيو پائين جهاتيون

ڪلنگيون جني کي نه تِن کي مون ليکيو،

کٿن جون ۽ لوئين جون ڳالهيون مون ڳاتيون،

اسان کي جو چوڻو هيو، چئي وياسين،

ڳهيلا، اوهان دل جون ڳالهيون نه ڄاتيون.

مير واهه جي ڪناري تي تنوير پنهنجو گهر ڏاڍيءَ سڪ منجهان ٺهرايو هو، جنهن کي ”سرمد جو گهر“ جو نانءُ ڏنو هُئائين. سندس نوجوانيءَ جي دوست هادي بخش لاڙڪ کان وٺي سندس سڀئي ويجها دوست ۽ اديب اِهو ڄاڻين ٿا ته تنوير جي مُرڪ ڏاڍي مِٺي هُئي.

تنوير چوندو هو ته سندس خاندان سدائين سيڪيولر سوچ وارو رهيو آهي. تنوير جيڪو سڄي عمر چين سموڪر رهيو، ۽ ريڊ اينڊ وائيٽ سگريٽ آخري ڏينهن تائين سندس پسنديده برانڊ رهيو.

تنوير پرائمري تعليم کان پوءِ ڪراچيءَ جي اين.جي.وي هاءِ اسڪول ۾ پڙهيو. پوءِ ڪاليج. حيدرآباد ۾ ايل.ايم.سي پهتو ته شاعري ۽ عاشقي ٻنهي سان نينهن نڀائڻ لڳو، پوءِ خيرپور سان 39 سال دل لڳايائين. تڏهن ئي ته خيرپور ڇڏڻ مهل هُن ادل سومري کي چيو ته ”تون مون سان روهڙي اسٽيشن تائين گڏ هل منهنجي دل کي ڪجهه ٿي نه وڃي.“

ادل سومرو هِن سٻاجهي شاعر کي روهڙي تائين ريجهائيندو رهيو. سندس دل کي آٿت ڏيندو رهيو. ٿي سگهي ٿو ته خيرپور شعوري طور تي ڇڏڻ مهل ۽ پنهنجن چاهيندڙن جي جهلڻ جي باوجود به تنوير جي ذهن ۾ پنهنجون ئي لکيل هي سٽون به کيس ياد آيون هجن ته.

”اڻڄاتي ڪنهن پار جا، ڪنهن، اڻڄاتي پار هليا وينداسين،

جي نه وڃڻ چاهينداسين، ته به منهنجا يار هليا وينداسين.

تون به نه رهندين، مان به نه رهندس، سُونهن ته رهندي پيار ته رهندو،

تون مان هِن سنسار جي سير ۾ ترندا هليا وينداسين.“

تنوير پنهنجي شاعري ۾ پوپٽن سان تمام گهڻو پيار رکيو. هو هروڀرو اخبارن جي سُرخي ٿيڻ نه چاهيندو هو. تنهنڪري خاموشيءَ سان تحقيقي ڪم مڪمل ڪيائين. ادبي سنگت جي شروعاتي دور ۾ کيس مضبوط بنائڻ ۾ شيخ اياز، نورالدين سرڪي، اياز قادري، رشيد ڀٽي ۽ ٻين سان گڏ تنوير عباسيءَ به ڀرپور حصو ورتو.

ڪم کي تمام گهڻي اهميت ڏيندڙ. تنوير، لطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ قائم سچل چيئر لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو. اُن سلسلي ۾ هُن پنهنجي ادبي دوست حميد سنڌي سان به شديد اختلاف رکيو ته بچل شاهه پاران خريد ڪيل هڪ لک روپين جو فرنيچر ڏسي، افسوس ڪندي چيو ته ”اُن هڪ لک روپين مان به ڪتاب وٺجن ها، تحقيق ٿئي ها. ڪجهه ته ڪم ٿئي ها.“

خيرپور جي علائقي مان چونڊجي آيل سنڌ جا وزيراعليٰ غوث علي شاهه، قائم علي شاهه، ۽ ٻيا ٻه ٽي وزير، تنوير کي ويجهو رهيا. پر هِن انهن کان ڪو به ڪم نه ورتو. سواءِ پ-پ-پ جي وزيراعليٰ سنڌ عبدالله شاهه کان سو به فقط ايترو چيائينس ته ”سچل چيئر لاءِ فنڊ ڏيو.“ هنِ وقت اُهي پئسا بينڪ ۾ رکيل آهن ۽ ٻيڻا ٿي 50 لک ٿي ويا آهن. تنوير انهن پئسن مان هڪ وڏي لائبرري ٺهرائڻ چاهي ٿي، پر سندس حياتيءَ ۾ اِهو خواب پورو ٿي نه سگهيو. لطيف يونيورسٽي خيرپور جي وائيس چانسلرن کي اِهو کٽڪو رهندو هو ته متان تنوير عباسي يونيورسٽي جو v.c ٿي نه اچي، تنهنڪري سندس مثبت سوچن ۽ عملن کي هُو اهميت نه ڏيندا هُئا.

تنوير جيڪو پنهنجن مخالفن کان سوچن ۽ لوچن ۾ سگهارو هو، اُن کي اهڙن عهدن جي لالچ نه هئي. تنوير کي ته خود ئي سنڌ جي ڪجهه وڏن وزيرن مختلف ادبي ادارن جي سربراهيءَ جون آڇون ڪيون هيون، پر هِن انڪار ڪري ڇڏيو هو. هِن اُن جو سبب اِهو ٻڌايو هو ته مان هميشه پراين شين کان ڀڄندو آهيان. ۽ اهڙي ڪنهن شيءِ کي هٿ نه لائيندو آهيان، جنهن جي مالڪيءَ جي دعويٰ ڪندڙ کوڙ ماڻهو هجن.

تنوير جنهن جي شاعريءَ جو منفرد انداز آهي، سو چئي ٿو ته:

”اوهان سڀ پڙاڏا ٻڌو ٿا.

مگر سڏ ٻڌوئي نه ٿا.

اوهان سڀ ڏسو ٿا رڳو عڪس.

پر روشنيءَ ڏي ڏسو ئي نه ٿا.

اوهان ڊوڙو ٿا پاڇي جي پويان،

حقيقت ڏي ليڪن اچو ئي نه ٿا.

هي خوابن جي دنيا هي خيالن جي دنيا،

انهيءَ کان اڳي ڇو وڃو ئي نه ٿا.

پنهنجي حياتيءَ ۾ تمام محتاط نموني ۽ تمام گهٽ ڳالهائيندڙ تنوير عباسي پاڻ متعلق ٻڌائيندي چيو هو ته منهنجي ننڍپڻ ۾ پهرئين شادي ٿي هُئي. پر اُها جٽاءُ نه ڪري سگهي. اُنڪري ڊاڪٽر قمر سان ٻي شادي ڪيم. جڏهن کانئس اُن بابت ۽ اُن مان ٿيل اولاد بابت وڌيڪ پڇيو ويو ته هِن مسڪرائي چيو ته بس اهوئي ڪافي آهي. پنهنجي ٻي گهر واري ڊاڪٽر قمر جي غير موجودگيءَ ۾ هُن چيو هو ته:

”قمر مون کي لکڻ لاءِ ڏاڍو سٺو ماحول ۽ موقعا ميسر ڪيا. سندس ساٿ ۽ سهڪار کان سواءِ لکڻ ۾ ڏکيائي ٿئي ها. شايد ايترو لکي نه سگهان ها.“

تنوير جيڪو سڄي عمر روشن خيال ۽ ترقي پسند رهيو. سو پنهنجي شاعريءَ وسيلي اسان سنڌ واسين کي پنهنجو هيءُ پيغام به ڏيئي ويو ته:

گڏ ٿيو، گڏ ٿيون،

جي مرون ته گڏ مرون،

جي جيئون ته گڏ جيئون،

ڪجهه ڪريون.

۽ جو ڪريون ته گڏ ڪريون،

بچيا جيڪي تِن مان ٿيندا وري ڪيچ،

هي ڪڻا جي ٿورا ته به

گهڻا- گهڻا- گهڻا.

تنوير جڏهن ايم.بي.بي.ايس جي چوٿين سال جو شاگرد هو، تڏهن 1958ع ۾ سندس شاعريءَ جو پهريون مجموعو ”رڳون ٿيون رباب“ شايع ٿيو هو. 1955ع جي هڪ رات سياسي حوالي سان هُن حيدرآباد جي هڪ لاڪپ ۾ به گذاري. 1979ع ۾ به ضياءَ جي مارشل لائي دور ۾ هُو گرفتار ٿيو ۽ 15 ڏينهن خيرپور ۽ سکر جي جيلن ۾ رهيو. تنوير چوندو هو ته رواداري ۽ سهپ جو ماحول اسان کي پنهنجي ڪٽنب وٽان مليو. ڇو ته اسان جو خاندان سيڪيولر خيال رکندڙ هو. پوپٽن ۽ گلن جهڙي نفاست ۽ نزاڪت رکندڙ هِن شاعر جو هيءُ شعر ته پڙهو:

هرڪو ماڻهو موتيءَ داڻو،

هرڪا دل هيرن جي کاڻ،

ڄاڻي ڏس ته سهي اڻ ڄاڻ.

بين الاقوامي سوچ رکندڙ. انسانيت سان پيار ڪندڙ تنوير جون هيءُ سٽون ڪيڏيون نه دلپذير آهن:

”تون منهنجي چمن کي باهه نه ڏي،

مان تنهنجي چمن کي باهه نه ڏيان.

هي گل ڀي آخر گل آهن،

۽ خوشبو آخر خوشبو آ.

گل تنهنجا مون سان جال جڙن.

گل منهنجا توسان جال جڙن.

گل منهنجا مون وٽ شال رهن.

۽ شال سدا آباد رهي.

هِي منهنجو چمن، هُو تنهنجو چمن،

۽ شل خوشيون آزاد رهن.“

تنوير، خيرپور ۾ آڪٽوبر جي آخري هفتي ۾ هڪ انگريزي رسالي کي انٽرويو ڏنو هو جيڪو سندس آخري انٽرويو هو، اُن ۾ تنوير چيو هو ته:

”اُهو ڏينهن ڏسڻ جي آس اٿم. جڏهن هٿيارن جو آخري ڪارخانو به بند ٿي ويندو ۽ اُهائي منهنجي سڄي زندگي خواهش رهي آهي. تنوير جيڪو ائٽمي تجربن، نت نوَن موت مار ڌماڪن کان هڪ ابهم ٻار وانگر هراسجي ويندو هو، تنهن انٽرويو ۾ چيو هو ته

”ادب جي به اخلاقيات ٿئي ٿي، ۽ مزاحمتي ادب به اُهي حدون نٿو اورانگهي سگهي. هِن نفيس مزاج شاعر باوقار انداز سان وڌيڪ چيو ته ”ادب جي هر عظيم ڪم پويان هڪ پيغام ٿئي ٿو ۽ ڪو به ليکڪ ڪنهن پيغام کان سواءِ نٿو لکي. تنوير عباسي سڄي حياتي لکڻين ۾ ڀرپور مقصديت جي حمايت ڪئي. هُو چوندو هو ته ليکڪ ماڻهو وندرائيندڙ نه هوندا آهن.

تنوير تمام گهڻا سال تحقيقي ڪم ۾ مصروف رهيو، پر هو پنهنجو تخليقي ڪم به جاري رکندو آيو. هِن اسلام آباد ۾ وڃي پنهنجي تخليقي ڪم کي اڳتي وڌائڻ ٿي چاهيو.

تنوير سچل چيئر جي ڊائريڪٽريءَ کان متضاد عليحدگي کانپوءِ پنهنجي سر تحقيق ۽ تخليق جي مرحلن مان گذريو.

حساس دل رکندڙ هِن انسان جو شوڪت جماڻي، رشيد ڀٽي ۽ ٻين گهاٽن دوستن جي گذاري وڃڻ تي يا لڏي وڃڻ تي مايوس ٿي ويو هو ۽ سچل چيئر واري ڪم ۾ مددگار طور ڪم ڪندڙ ساٿي محمد علي حداد جي وفات کانپوءِ وڌيڪ اداس ٿي ويو هو.

تنوير هڪ صوفي منش انسان هو، جنهن ۾ ڌرتيءَ سان پيار به شامل هو. تنوير عباسي سنڌ جي ڪيترن ئي صوفين جا احوال قلمبند ڪيا. هُن خوش خير محمد هيسباڻي، نانڪ يوسف ۽ ٻين تي پڻ تحقيقي ڪم ڪيو.

هُو مسلسل محنت ۽ جدوجهد ۾ يقين رکندڙ اسڪالر هو. هُو روشنيءَ جو ڳولائو هو. سندس روشن دماغي جو هڪڙو ثبوت توهان کي هِن شعر مان مِلي سگهي ٿو.

جوت جلندي رهي لاٽ ٻرندي رهي

جي نٿا مچ مچائي سگهو دوستو

چڻنگ چولي ۾ پنهنجي لڪائي هلو

روشني زندگي آ، اها زندگي

ڪنهن امانت جيان دل سان لڳائي هلو.

تنوير سچل چيئر جو باني هو. حميد سنڌي سندس ڪم جو قدر ته نه ڪيو، پر مُرڳوئي کيس انهيءَ سيٽ تان هٽائي ڇڏيائين. کيس انهي ڳالهه جو ڏاڍو ڏک رسيو هو. جنهنڪري هو ڳچ عرصو بيمار به رهيو، پر گهڻي ڀاڱي تنوير زندگيءَ جي مليل نعمتن مان خوش هو. کيس ڊاڪٽر قمرعباسي جهڙي وفادار وني، سرمد جهڙو ذهين پٽ، جنهن ننڍي عمر ۾ ولايت مان پي ايڇ.ڊي ڪئي. کيس قدرت پاران روبي، پارس، مارئي جهڙيون هونهار ۽ هوشيار ڌيئرون مليون. تڏهن ئي ته تنوير مليل نعمتن مان خوش ٿي، بي اختيار هيئن چئي ٿو وجهي:

ٿورا ٿو مڃان دل سان، مالڪ جي اڳيان هردم،

جنهن مهر ڪري مون تي. بخشي هيءَ سعادت آ،

تنوير نوجوان اديبن لاءِ هڪ اتساهه ڏيندڙ ادارو هو. هُو تمام گهڻو ۽ سٺو پڙهندڙ هو. تنوير جديد ۽ قديم علمن بابت ڄاڻ جو ذخيرو پنهنجي اندر ۾ اوتي ڇڏيو هو. سندس سرمد جو گهر، علم ۽ ادب جي اُڃايلن لاءِ هڪ مِٺو چشمو هو. تنوير سنڌي ادبي سنگت سان اڌ صدي تائين ساٿ نڀايو. تنوير ”هائيڪو“ جي صنف کي قبوليت ۽ مقبوليت ڏيارڻ ۾ تمام گهڻي ڪوشش ڪئي، تنوير جيڪو نوجوان اديبن جو آئيڊيل هو سو پاڻ متعلق چوندو هو ته:

نه ڪو مان خدا، نه ڪو مان رسول،

مان تنوير آهيان، پوان شل قبول.

تنوير جنهن پنهنجي مطالعي جي ميز تي 1990ع واري ڏهاڪي جي ليکڪ ”اسٽيفن هاڪنگ“ جي ”بلئڪ هول“ کي به رکيو ته صوفي شاعر فقير خوش خيرمحمد هيسباڻي جي ڪلام کي به آڏو رکيو. تنوير جي چمڪندڙ اکين مسيحائيءَ جو پيشو اختيار ڪندي انساني جسم کي طبي لحاظ کان پڙهندي پڙهندي پنهنجو پاڻ کي شروع کان انساني ذهن ۽ سوچ کي پڙهڻ جو به عادي بنايو. تڏهن ئي سندس وسيع لائبرريءَ ۾ فرينچ ٻوليءَ بين الاقوامي شهرت يافته شاعر والٽيئر به موجود هو. هن پڇاڙيءَ تائين مطالعي مان هٿ ڪو نه ڪڍيا. تنوير ”اوڪتا ويو پاز“ جو ڪتاب The other voice ڏاڍي شوق سان پڙهيو. تنوير انهيءَ کان اڳ ”اوڪتاويو پاز“ جي شاعري به پڙهي چڪو هو.

ورڊس ورٿ ۽ نارائڻ شام جي شاعري به هِن جي اندر ۾ اوتيل هُئي. تنوير فطرت پسند شاعر هو. هِن قدرتي نظارن ۽ حسين منظرن کي پنهنجي شاعري ۾ سينگاريو هو. تنوير دليلن ۽ حوالن ڏيڻ لاءِ بين الاقوامي اديبن کان وٺي سنڌ جي نئين ٽهيءَ جي ليکڪن جا ادبي حوالا به ڏيندو هو. حسن درس، مظهر لغاري، سعيد ميمڻ، وسيم سومرو، علي اظهار ۽ ٻين ڪيترن نون شاعرن جا حوالا ڳالهائڻ مهل ڏيندو هو. طارق قريشي، ناهيد مغل ۽ ٻين ليکڪن جون ڪهاڻيون پڙهي انهن تي ڳالهائي به وٺندو هو. تنوير سنڌ جي نوجوان اديبن کي اهميت ڏيندو هو. تنوير ايازگل ۽ ادل سومري کي به ڏاڍو ڀائيندو هو.

تنوير جيڪو 12 نومبر تي سنڌ جا ڪک پن ڇڏي پٿرن جي شهر ۾ وڃي رهيو هو. سو ٻارنهن ڏينهن کان پوءِ وفات ڪري خود به پٿر ٿي ويو. نيٺ کيس 6 ڏينهن تي سندس ڊيڊ باڊي دفنائي ويئي.

نياز همايوني سندس جيءُ جهوريندڙ لاڏاڻي تي لکيو ته:

”زندگيءَ ۾ جو کٽڻهارن جئان کڙندو رهيو.

هاءِ سو تنوير عباسي هِتان ويندو رهيو.

آدمين ۾ آدمي ۽ آدمي انسان دوست،

شعر ۾ ساڳيو تاثر سنڌ کي ڏيندو رهيو،

آجيان اُن جي وصيت جي ڪريون ٿا اي ”نياز“

آدميت کي انهيءَ مان نئون سبق ملندو رهيو.“

علي احمد بروهيءَ چيو ته: تنوير سنڌ جو انمول سپوت هو. تنوير جي وڇوڙي تي ڏکارو ٿيندي امداد حسينيءَ چيو ته: ”تنوير جو وڇوڙو شايد ڪو سهي سگهي.“ علي بابا چيو ته: ڊاڪٽر تنوير جو وڇوڙو اسان کي ڪاريهر وانگر ڏنگيندو رهندو. زيب سنڌي چيو ته: تنوير جو لاڏاڻو سنڌي ادب جو تمام وڏو نقصان آهي. محمود مغل چيو ته: خالي لفظ نه پر واقعي وڏو نقصان ٿيو آهي. اياز گل چيو ته: تنوير عباسي جهڙيون شخصيتون صدين کان پوءِ پيدا ٿينديون آهن. اختر درگاهي چيو ته: تنوير جهڙو وڏو انسان سندس ٽهيءَ ۾ ڪوبه موجود ناهي. اختر رند چيو ته: تنوير نه ته روس ۽ نه چين برانڊ هو. عطيه دائود چيو ته: ”تنوير منهنجي خاندان جو فرد هو. اداڪار گلاب چانڊئي چيو ته: تنوير منهنجو ڀاءُ هو.

انهيءَ کانسواءِ سندس ٽيجهي ٿيڻ تائين سنڌ جي هڪ سَوَ کان مٿي اديبن مختلف اخبارن ۾ يا تڏي تي وڃي پنهنجا تاثرات نوٽ ڪرايا. امام راشديءَ چيو ته: تنوير عباسي سنڌ ۾ جديد سائنٽيفڪ طريقي سان ڪم ڪندڙ محقق هو. تنوير عباسيءَ لاءِ سلطانه وقاصي پنهنجي ڪالم ۾ لکيو ته: ”هو ڀل پنهنجي جسم جا ڪارآمد حصا زندهه ماڻهن جي حوالي ڪري ڇڏي، پر پنهنجي مٽيءَ کي سنڌ ڌرتيءَ جي مٽيءَ کان مٿي نه ڪري ها. اڄ تنوير عباسي پنهنجي جدوجهد کي منڌيئڙو ڏيئي سنڌ ڌرتيءَ کي عاق ڪري ڇڏيو آهي. پر ڇا سنڌ جا ماڻهو جيڪي تنوير عباسي جا اوترائي وارث آهن، جيترا اُن جا گهر ڀاتي، سي ان جو اهو فيصلو قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهن.“

تنوير عباسيءَ جي وڇوڙي تي سندس وڏي ڀاءُ ۽ سنڌ جي صوبائي آبپاشيءَ جي وزير اي.اين.جي عباسيءَ چيو ته: ”تنوير ذهين ۽ شرارتي هو. پرائمري اسڪول ۾ پڙهڻ دوران هُو ڪتاب جا اڳيان ورق ڦاڙي ڇڏيندو هو، پڇا ڪرڻ تي ٻڌائيندو هو ته: اُهي سڀ مون کي ياد آهن. توهان ڀلي پڇي سگهو ٿا. تنوير کي واقعي اُهي ڦاڙي ڇڏيل ورق ياد هوندا هئا.

تنوير مئٽرڪ کان پوءِ اڳتي پڙهي سنڌيءَ ۾ پي ايڇ.ڊي ڪرڻ ٿي چاهي، پر پوءِ منهنجي سمجهائڻ کانپوءِ هن ميڊيڪل ۾ داخلا ورتي ۽ اِهو خيال ڏيکاريو ته ميڊيڪل پاس ڪرڻ کانپوءِ هُو نوڪري ڪونه ڪندو.

ائين ئي ٿيو. هُن سٺن نمبرن مان ميڊيڪل پاس ڪري. غريب عوام جي خذمت لاءِ خيرپور ۾ ڪلنڪ کولي جڏهن ته کيس سٺين سٺين اسپتالن مان نوڪرين جو آڇون آيون جيڪي هن ٺڪرائي ڇڏيون ۽ پنهنجي گهر واري ڊاڪٽر قمر سان گڏجي پريڪٽس شروع ڪيائين. تنوير ادب ڪندڙ هو، هُو پنهنجي وڏن جي سامهون سگريٽ نه ڇڪيندو هو. سندس پٽ سرمد يارنهن سال آمريڪا ۾ پڙهي ننڍي ڄمار ۾ پي ايڇ.ڊي ڪري موٽيو هو. تنوير اُن سان گڏ رهڻ پئي چاهيو. وفات واري ڏينهن هِن اسان سڀني گهر ڀاتين سان ڪچهريون ڪيون. ڪهڙي خبر ته سندس هي ٽهڪ ۽ شرارتون آخري آهن. ائين ڳالهائيندي ڳالهائيندي هُو اسان کي ڇڏي مالڪ حقيقيءَ سان وڃي مليو.

سندس وصيت واري فيصلي سان مان متفق ناهيان. خير سندس وصيت هئي، جنهن لاءِ قمر ڀاڄائي ۽ سرمد پٽ جي اسرار تي اسان ميڊيڪل ڪاليج کي سندس مڙهه عطيو ڪري ڏيون ٿا. دعا ڪيو شل رب جليل کيس جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏي.“

هاڻي اچو ته پاڻ اهو رڪارڊ ڳوليون ته تنوير اهڙي وصيت ڪڏهن ڪئي هُئي. گهڻي پراڻي ڳالهه ڪانهي. پر پهرئين تنوير جي شاعري جو هيءُ انداز به ڏسون.

”او تنوير اسان جو دم آ جڳ ۾ بهارن کان به وڌيڪ،

زخم گلن کان سُهڻا پنهنجا ڳوڙها تارن کان به وڌيڪ،

منهنجو وطن اونداهو آهي، تنهنجي وارن کان به وڌيڪ،

صبح سهانو ڳوليان تنهنجي رخسارن کان به وڌيڪ.“

1981ع ڌاري ايل.ايم.سي جي فنڪشن ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي ۽ سندس گهر واري ڊاڪٽر قمرعباسي گڏ آيا هئا. ٻئي ڄڻا ساڳي ئي دور ۾ اِتان ڊاڪٽري پاس ڪري نڪتا هئا، فنڪشن ۾ مشاعري جي صدارت ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ ڪئي هُئي. اُن فنڪشن ۾ ڊاڪٽر قمر عباسي پنهنجي زندگيءَ ۽ ايل.ايم.سيءَ تي ڳالهايو هو.

ڊاڪٽر تنوير عباسي ايل.ايم.سي ۾ سندس عزت افزائي لاءِ ٿورا مڃيا هئا ۽ شاعري ٻڌائي هُئي. دوستن سان پڙهائي جون يادون ورجايون هيون ۽ چيو هئائين. ”منهنجي موت کان پوءِ ڊيڊ باڊيء کي ايل.ايم.سي ۾ عطيه طور ڏنو وڃي. جتي منهنجو بي ساهه جسم ڊاڪٽري پيشي جي شاگردن کي علم پرائڻ ۾ مدد ڏيندو.“

سندس اِهو اعلان ٻڌي ڪي گهڙيون ايل.ايم.سيءَ جي لطيف هال ۾ مڪمل خاموشي ۽ گنڀيرتا ڇانئجي وئي هُئي. اِها وصيت ٻڌندڙن لاءِ بلڪل نئين ۽ حيران ڪن هُئي.

انهيءَ ڪري سنڌ جي اديبن، عالمن، دانشورن ڀرپور ڪوشش ڪئي ته لاش کي سنڌ ۾ آندو وڃي. جيئن وصيت تي عمل ٿي سگهي، پر پوءِ 6 ڏينهن کان پوءِ لاش کي اسلام آباد ۾ دفنايو ويو. ۽ تنوير جا ادبي ۽ ذاتي دوست، عقيدت مند، مداح ۽ سنڌ واسي جن جي لاءِ هُو گيت وکيريندو رهيو، سي سندس منهن ڏسڻ کان ۽ سندس ميت جي موجودگيءَ ۾ جنازي نماز پڙهڻ کان محروم ٿي ويا.

تنوير پنهنجي ننڊ، جنهن قوم جي ماڻهن لاءِ ڦٽائي، سي ئي ماڻهو سندس جسد خاڪيءَ کي آخري سلام ڪري نه سگهيا، مٿس گل نڇاور ڪري نه سگهيا.

سرمد کي تنوير جي مڙهه کي سنڌ ۾ آڻي آخري رسمون ادا ڪرڻ ۽ وصيت تي عمل ڪرڻ ۾ آخر ڪهڙي ڏکيائي پيش اچي هان؟ جڏهن ته سنڌ جون سڄاڻ ڌريون اِهي سڀ انتظام ڪرڻ لاءِ تيار هيون. ۽ تنوير جو وڏو ڀاءُ آبپاشي جو منسٽر هو. خير سڄي سنڌي قوم جي ميار سرمد ڏانهن وڃي ٿي. شايد آمريڪا ۾ رهي هو اِهو وساري چڪو هو، ته تنوير سنڌ جي ماڻهن سان ڪيتري نه گهري محبت ڪندو هو. هِتي مان سندس گيت جون ڪجهه سٽون پيش ڪريان ٿو.

سارو ڳوٺ ڳهرجي ويو آ،

ساري خلق سُتي پئي آهي.

منهنجي ننڊ ڦِٽي پئي آهي.

ٻيو ڪو جاڳي يا نه تڏهن ڀي،

منهنجي اک کلي پئي آهي.

منهنجي اک کلي پئي آهي.

هاڻي ساز کڻان مان ڳايان،

گهريل ڳوٺ جي ننڊ ڦِٽايان،

جئن مان پاڻ ٿو جاڳان،

تئن ئي ساري جڳ کي مان جاڳايان.

منهنجي ننڊ ڦٽي پئي آهي.

تاجل بيوس کي سندس شاعري پهريون ڀيرو ”نئين زندگي“ رسالي کي ڪراچي ڏانهن موڪلڻ جي صلاح تنوير عباسي ڏني هئي، ۽ اُن جي ايڊيٽر شمشيرالحيدري ڏانهن خط به لکي ڏنو هئائين. تنوير عباسي جون عطئي طور ڏنل اکيون الشفا اسپتال ۾ نابين ٻار کي لڳايون ويون. گُردا وارثن جي مُونجهاري سبب ڊاڪٽر اديب رضوي تائين پهچي نه سگهيا. تنوير جي ننڍي ڀاءُ اعجاز نبي عباسيءَ جون اکيون ڏک وچان ڳوڙهن سان ڀريل هيون. هُن پنهنجي ڀاءُ کي ساريندي چيو ته:

”تنوير نه رڳو منهنجو ڀاءُ، پر هڪ سٺو دوست هو. هُو مون کان ٻه سال وڏو هو. اسان ڄام شوري ۾ پڙهڻ دوران گهمڻ ڦرڻ وارن ڏينهن تي گڏ هوندا هُئاسين. هاسٽل جي رومن جون دريون ٽپي ٻاهر اچي هڪٻئي سان ملندا هُئاسين. ڇو ته پرنسيپال تمام سخت هوندو هو.“ اعجاز نبي عباسي تنوير جي ياد ۾ سُڏڪا ڀريندي وڌيڪ چيو ته:

”تنوير هڪ زنده دل، انسانيت سان پيار ڪندڙ انسان هو. هڪ ڀيري اسان فلم تي وياسين. موٽندي دير سبب ٻي ڪا سواري ته ڪونه مِلي. سو هڪ ٽانگي ۾ چڙهي وڃڻ لڳاسين ته گهوڙو اڳتي وڌي ئي نه. صفا گهه ڪري بيهي رهيو. تنوير اُن گهوڙي کي ماءُ جو قسم وڌو ته گهوڙو هلڻ لڳو، پر اڳتي هلي وري ساڳي گهه ڪري بيهي رهيو. تنوير وري گهوڙي کي ڪو ٻيو قسم ڏنو. ته گهوڙو هليو، پر وري اڳتي هلي اُهائي ڪار- گهوڙو گهه ڪندو رهيو. تنوير قسم ڏيندو رهيس. نيٺ هلندي هلندي ڄام شوري ڦاٽڪ وٽ گهوڙي صفا هلڻ کان جواب ڏيئي ڇڏيو. تنهن تي تنوير کلندي چيو ته اعجاز لهه- هاڻي گهوڙو نه هلندو. مان پڇيومانس ڇو؟ چيائين سڀ قسم ڏيئي چڪو آهيان. پوءِ اسان پنڌ هاسٽل پهچي ساڳي طرح ڀت ٽپي دريءَ مان روم ۾ داخل ٿياسين.“

تنوير جي تڏي تي آيل هر ماڻهو غمزده هو. تنوير شخص نه، پر هڪ ادارو هو. تنوير وٽ شاعر جو ڪم پيغام پهچائڻ وارو هو. تڏهن ئي ته تنوير چيو آهي:

جهوني جڳ جي ريت مَٽي،

نفرت گهٽجي پريت وڌي،

اڄ ڪا اهڙي هام هڻو.

نينهن جو نعرو عام هو،

کليو کلايو جام کڻو.

تنوير عباسيءَ جي شاعريءَ کي استاد محمد جمن، استاد محمد يوسف ۽ برڪت علي به ڳايو آهي.

ڊاڪٽر تنوير عباسي چين سموڪر هو. هُو ڪڏهن ڪڏهن پن جي ٻيڙي به ڇڪي وٺندو هو. چاهي محفل يا مجلس ڪهڙي به هجي. انهيءَ سلسلي جي هڪ ڪڙي هيءَ به آهي ته اٽڪل اڄ کان هو 14 سال اڳ ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي ۾ جشن لطيف جي صدارت ڪندي، اُن وقت تنوير پنهنجي موڊ ۽ مزاج آهر اسٽيج تي به پن جي ٻيڙي ڇڪي رهيو هو.

تنوير 39 سال خيرپور ۾ رهي شاعري ۽ ڊاڪٽري سان انسانيت جي خذمت ڪئي. هو نازڪ نفيس ڌيمي لهجي وارو شاعر ۽ هڪ بلند خيالن وارو آدرشي انسان هو. هِن ڪيترائي ڪتاب لکيا. ون يونٽ خلاف ٿيندڙ جدوجهد ۾ ڀرپور حصو ورتو. هن ”سنڌي شامون“ منعقد ڪرائڻ کان وٺي سنڌي ٻوليءَ جو درجو قومي ٻوليءَ وارو ڪرائڻ لاءِ هڪ لک صحيحون گڏ ڪندڙن وارن جي صفن ۾ شامل ٿي قومي ڪم ڪيو.

تنوير ڏکئي وقت ۾ سنڌي ادبي سنگت جون واڳون سنڀاليون. هو پنهنجي انهيءَ شعر جي عملي مثال وانگر هو ته،

”ڪجهه ڏئي وينداسين ڪجهه نه کڻي وينداسين“

ٻُور آهيون ڏئي ميوو  ڇڻي وينداسين.“

تنوير تمام گهڻو پڙهيل، لکيل ماڻهو هو پر وٽس صوفين وارو رنگ به موجود هو. کيس ڪيترن ئي ادبي ادارن جي سربراهه ٿيڻ جون آڇون ٿيون. پر پاڻ اُهي قبول ڪو نه ڪيائين. ڇو ته هُن پنهنجي حصي ۾ اختلافن جا انبار آڻڻ نه پئي چاهيا. هو ته چوندو هو ته،

”شل ابد تائين رهي، رنگ سلامت گل جو،

هير جيان پاند ۾ خوشبوءِ ئي کڻي وينداسين.“

تنوير جنهن کي اسلام آباد ۾ ڦڦڙن ۽ گڙدن ۾ سخت تڪليف واري حالت ۾ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (پمز) ۾ داخل ڪرايو ويو هو سو تمام جلد مسڪرائيندي ۽ ڳالهائيندي وفات ڪري ويو.

”تون جي چپ ٿي وئين، تنوير ته ڪوبه نه شعر ٻڌائيندو،

دل وارن جي دردوندن جي محفل ڪير مچائيندو.“

تنوير اسلام آباد وڏي آس کڻي پنهنجي اڪيلي پٽ سرمد وٽ وڃي رهيو هو، پر اُتي ٻارنهن ڏينهن مَسَ گذاريائين.

”پُر ٿي مليو هو پيالو ليڪن چَپَ تي آڻي ڪين سگهياسين.

هڪڙي حياتي حاصل ٿي هُئي سا ڀي ماڻي ڪين سگهياسين.“

(تنوير)

تنوير جي ننڍي ڀيڻ ڊاڪٽر نيلم عباسي لڙڪ لاڙيندي چيو ته:

”هو منهنجو ڀاءُ ئي نه پر مون کي اولاد وانگر سمجهندو هو. جڏهن مان ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙهندي هيس ته اڪثر مون سان ملڻ ايندو هو. ڪلاڪن جا ڪلاڪ انتظار ڪندو هو. ادا مون کي ڳلي لڳائي مٺيون ڏيندو هو. وئڪيشن ۾ گهڻو ڪري مان ادا تنوير جي گهر خيرپور رهندي هئس ۽ ادا مون کي ڪلنڪ ۾ ويهاري مريض جي چڪاس لاءِ چوندو هو ۽ جڏهن مان ڪنهن مريض جو مرض صحيح نه سمجهي سگهندي هيس ته هو مون کي ڏاڍا دڙڪا ڏيندو هو ۽ پوءِ سمجهائيندو هو. ادا تنوير هو ته ايم.بي.بي.ايس، ڊاڪٽر پر شايد دنيا جي ڪا اهڙي ميڊيڪل کوجنا هوندي، جنهن جو ادا مطالعو نه ڪيو هجي، جنهن سبب گهڻين ڊگرين وارا پروفيسر ۽ ڊاڪٽر به سندس تعريف ڪندا رهيا. ادا جي وڏي ۾ وڏي خواهش هُئي ته جيئن سرمد منهنجي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. اهڙي ريت مان سرمد جي نانءَ سان سڃاتو وڃان. جيڪو سرمد سندس حياتيءَ ۾ پورو ڪيو. اسلام آباد ۾ سندس ننڍي عمر ۾ پي ايڇ.ڊي ڪرڻ ۽ قابليت کي ڏسندي يونيورسٽي جي استادن کيس چيو ته سرمد اسان تنهنجي والدين سان ملڻ ٿا چاهيون. ادا تنوير ٻارن سان تمام گهڻو پيار ڪندو هو. اڪثر ٻارن سان ٻارن واريون حرڪتون ڪندو هو. منهنجي وڏي پٽ کي چوندو هو ته تون سرمد جي مهانڊي آهين. تو ۾ سڀ حرڪتون سرمد واريون آهن.“

نامياري اديب غلام حسين رنگرير کيس هنن لفظن سان ڀيٽا ڏني آهي ته:

”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي دنيا ۾ صوفيائي مزاج جو سچو، صلح پسند، وطن دوست ۽ انسان پرست تنوير عباسي نه رڳو سٺو شاعر، نقاد ۽ محقق هو، پر پنهنجي وجود ۾ هڪ ادارو به هو. جنهن ڪيترن ئي نوجوانن جي ذهن جي آبياري ڪئي ۽ جديد سنڌي ادب جي واڌ ويجهه لاءِ پتوڙيو.

”رڳون ٿيون رباب“ جو شاعر تنوير جهڙو هو طبعيت ۾ نهٺو. تهڙي هئي سندس شاعري، هُو ڪنهن سانتيڪي نهر جيان هو. جيڪا پهاڙن ۽ پوٺن تان سرمدي نغما آلاپيندي، اُڃايل ڌرتيءَ جي تؤنس اُجهائيندي اڳتي وڌندي رهندي آهي. تنوير عباسي سچل چيئر کان وٺي، لطيف سائين جي شاعريءَ جي اڀياس ۽ اوک ڊوک تي جيڪو پيار جو پورهيو ڪيو سو وساري نٿو سگهجي.“

سلطانه وقاصي پنهنجي ڪالم ۾ لکيو آهي ته:

”هت مان سنڌي ادبي سنگت، ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي ساٿين، دوستن، ڀائرن، مِٽن مائٽن کي اِهو چونديس ته مهرباني ڪري پاڻ ۾ گڏجي هڪ فيصلو ڪيو. هڪ راءِ اُها به ڏئي سگهجي ٿي ته ڪجهه عرصي لاءِ ڪنهن ميڊيڪل ڪاليج حوالي ڪري. اُتان جي شاگردن کي ضروري ڄاڻ ڏياري. وري به تنوير عباسيءَ جي وجود کي مٽيءَ جي حوالي ڪيو وڃي، ته بهتر ٿيندو. اهڙي طرح سان مرحوم جي آخري خواهش به پوري ٿيندي ۽ ڌرتي جو حق به ادا ٿي ويندو. بهتر آهي ته تنوير عباسيءَ جي آخري آرام گاهه شيخ اياز جي ڀَرَ ۾ ٺاهي وڃي. مان هڪ ٻن جاين تي اِها راءِ ڏيئي چڪي آهيان ته ڪراڙ ڍنڍ جي ڪپ تي جتي شيخ اياز دفن ٿيل آهي، اُتي جيڪا خالي زمين آهي، ان کي ديوار ڏياري اديبن جو قبرستان ٺاهيو وڃي، ته هوند ڪيڏو نه چڱو ٿئي. منهنجي دل چاهي ٿي ته تنوير عباسيءَ جو هڏ، چم، ماس ڪراڙ جي ڪپ تي شيخ اياز جي ڀرسان لطيف جي ڇانوَ ۾ دفن ٿيل هجي ۽ ڪڏهن اسان جهڙي جو گذر اُتان ٿئي ته به گل رکي چار قل اُن جي مٿان پڙهندو وڃي. ۽ پنهنجي اولاد کي به اهو سبق ياد ڏياريون ته هي اُهي انسان آهن جن هن ڌرتي، هن زمين، هن ملڪيت جو احساس سنڌي قوم کي ڏياريو هو.“

روزاني هلچل جي ايڊيٽوريل پيج تي هيءَ هيڊنگ هُئي ته: ”ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي وڇوڙي تي سموري سنڌ ڪنهن يتيم ٻار جيان اوڇنگارون ڏيئي روئي رهي آهي.“ ساڳئي ايڊيٽوريل اندر هي جملو به لکيل آهي ته: ”هِن کي پنهنجي ڌرتيءَ سان انتها درجي جو عشق هو.“

تنوير زندگيءَ ۾ ڪڏهن به هنِ ڌرتي کان ڌار ٿي نه سگهيو. هِن جو ڌرتي ۾ ساهه هو. هو ٻه ٽي ڏينهن به ڌرتيءَ کان ڏور گذاري نه سگهيو. هِن سنڌ جون سرحدون ڇا پار ڪيون، ڄڻ ته زندگي جي سرحدن کي پٺتي ڇڏي ويو. سنڌ هِن لاءِ ڄڻ ته آڪسيجن مثل هئي.

علي زاهد پنهنجي ڪالم ۾ لکي ٿو ته:

”اسلام آباد ۾ کيس چين ڪونه هوندو. اُتي به سڄڻ جي سار، کجين جا ڊگها وَڻَ، سَرَ ۾ ترندڙ اڇا نيل ڪنول، واهيري، ويل افراتفري جو شڪار ڪڻڇين جون لاتيون. سياري جون سرد ۽ هاڙهه جون گرم هوائون، جُهولا، ميهارن، ٻڪرارن ۽ ريڍارن جون هڪلون ۽ چوپاين جون رڙيون سندن ڳچين ۾ پيل گهنٽڙين جي ٽن ٽن، مور جا ٽهوڪا، سنڌوءَ ڪپ جا ڪُن، ٻيڙيون، ونجهه، مُهاڻا، ڄار، سانوريون ۽ سُريليون مهاڻيون. سنڌوءَ جي سيرن کان بي نياز مهاڻن جا وهنجندڙ ٻارڙا، پڪل ڏوڏا، زيتون، صوفي ٻير، ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه ياد پوندو هوندس، ۽ پوءِ سندس جيءُ ڪٿي سنڀلجي سگهيو ٿي؟ اسلام آباد جي صاف شفاف توڙي جو سرسبز ماحول ۾ چين ڪٿي ايندو هوندو؟ سندس سڄو ساهه ته سنڌ ۾ هوندو... اسلام آباد جي ڪٺور رستن تي هلندي ۽ پن ڇڻ جي رت ۾ پيرن هيٺان سڪل ٺوٺ پتن کي لتاڙيندي جڏهن انهن مان آواز نڪرندا هوندا ته کيس پنهنجو ئي هائيڪو ياد پيو هوندو ۽ پوءِ هُو ڪيڏو نه اداس ٿيو هوندو.

”آئي آ پن ڇڻ،

سڀني وڻن پن ڇاڻيا،

نرڄو کجيءَ وڻ.“

تنوير عباسيءَ جي ڀائٽي سڪندر عباسيءَ چيو ته: ”چاچا ۽ اسان جي عمر ۾ 30 سالن جو فرق هو، پر ڪڏهن به چاچا اسان کي اهو  احساس نه ڏنو ته هُو اسان کان وڏو آهي، پر هميشه دوست وانگر پيش ايندو هو. هُو غريب پرور ايترو هو جو اڪثر غريب مريض ڏسي، مفت علاج ڪندو هو ۽ دوا ڏيندو هو. اسان ڪڏهن به چاچا جي کيسي ۾ سؤ رپين کان وڌيڪ رقم نه ڏٺي.“

تنوير عباسي جيڪو سدائين کِلمک رهيو. هُن پنهنجي شاعري ۾ محبوبه کي مٿانهون مقام ڏنو. سندس هي شعر اُن ڳالهه جو شاهد آهي.

”تنهنجي گهٽيءَ جي مِٽي سِڙي،

پنهنجو ڪعبو ٺاهيو آ مون.

ڪنهن سان نفرت ڪري نه سگهندس،

ڇو جو توکي چاهيو آ مون.

تنوير عباسي نه فقط پنهنجن مداحن ۾ مقبول هو، پر هو پنهنجي خاندان جي ڀاتين ۾ به ايترو ئي مقبول هو. سندس وفات کانپوءِ ڀاڻيجي ظهور احمد عباسيءَ چيو ته: ”ماما تنوير جي گهر جڏهن به اسان ويندا هُئاسين ته عيد جو رنگ محسوس ٿيندو هو. ماما تمام زنده دل هو. ماميءَ کي تنگ ڪرڻ لاءِ هميشه کيسي ۾ هڪ انڊين فلمي اداڪاره جو فوٽو رکندو هو. پڇڻ تي ٻڌائيندو هو ته هيءَ منهنجي آئيڊيل آهي، جنهن تي مامي ڪاوڙجي ويندي هيس ۽ پوءِ کيس پرچائيندو هو. آخر ڏينهن پڦي نسيم پڇيس توهان جي کيسي ۾ تصوير آهي، اُها ته ڏيکاريو، دل تي هٿ رکي چيائين: ”دل ۾ آهي. کيسي مان گم ٿي وئي ته ڇاهي ۽ پوءِ ٽهڪ ڏيڻ لڳو.“

تنوير عباسيءَ جي گهر ڀاتين جا تاثرات ترتيب ڏيندڙ صفدر عباسي عوامي آواز ۾ پنهنجي مضمون جي پڄاڻي ۾ لکي ٿو ته:

تنوير عباسي تي لکڻ ۽ ڳالهائڻ لاءِ لفظن جي خوشبوءِ پوري نه پوندي. اسين چاهيون ٿا ته سندس گهر جا ڀاتي چاهين ٿا ته جيڪو درس تنوير اسان کي ڏئي ويو آهي، اُن پيغام کي اڳتي هلايون ته جيئن هُن جو روح خوش ٿئي. دعا آهي ته شل هِن ڌرتيءَ تي اهڙا تنوير روز جنم وٺن ۽ خدا پاڪ تنوير عباسيءَ کي جنت الفردوس ۾ جاءِ عطا فرماءِ آمين.“

تنوير عباسي 1988ع ۾ سنڌ قومي اتحاد جي هڪ اهم گڏجاڻي ۾ سن پهتو هو، جتي جي.ايم.سيد جي سَڏ تي سڄيءَ سنڌ جا ساڃاهه وند ۽ سياڻا سيبتا ماڻهو اچي گڏ ٿيا هئا. سياستدان، اديب ۽ شاعر انهيءَ بحث ۾ حصو وٺي رهيا هُئا ته سنڌ قومي اتحاد جو نالو ”سنڌي قومي اتحاد“ رکجي يا ”سنڌ قومي اتحاد“. انهيءَ موقعي تي تنوير عباسي پنهنجو رايو ڏيندي، ”سنڌ قومي اتحاد“ جي حق ۾ ايترا ته مضبوط وزندار ۽ سگهارا دليل ڏنا جو اعتراض ڪندڙ اهم شخصيتن رسول بخش پليجي، حميده کهڙي ۽ قمر ڀٽيءَ سوڌو ڪيترن ئي اُن کي پوءِ قبول ڪري ورتو. تنوير چيو هو ته: ”سنڌ اسان جي ماءُ آهي. ۽ سنڌ قومي اتحاد نالي رکڻ سان سنڌ جي جاگرافيائي حدن جي تحفظ ۽ سلامتيءَ جي ضمانت مِلي ٿي. بلڪ سنڌي قومي اتحاد مان صرف قوم پرستي واضح ٿي ٿئي. پر سنڌ قومي اتحاد مان اسان جي وطن دوستي به ظاهر ٿي ٿئي ۽ اسان ڇاڪاڻ ته قوم پرست هجڻ سان گڏ وطن دوست به آهيون ۽ اسان جي قوم پرستي نسلي يا لساني نه، پر وطن دوست قوم پرستي آهي. اُنڪري هِن اتحاد جو نالو ”سنڌ قومي اتحاد“ ئي صحيح آهي. سندس ان وري راءِ کي اڪثريت تاڙيون وڄائي قبول ڪيو هو.

مٿئين واقعي مان سندس سياسي شعور ۽ حب الوطنيءَ جي خبر پوي ٿي.

هاڻي اچو ته تنوير عباسي جي جيون خاڪي کي سندس علمي قابليت ۽ تخليقي ڪارنامن جي فريم ۾ ڏسون.

اصل نالو: نورنبي عباسي.

پيءُ جو نالو- گل حسن عباسي.

پرائمري تعليم- سوڀي ديرو، جنم ڳوٺ.

سيڪينڊري تعليم- اين.جي.وي هاءِ اسڪول ڪراچي هائر سيڪينڊري تعليم- ڊي- جي- سنڌ گورنمينٽ ڪاليج ڪراچي، ڊاڪٽري تعليم- لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄام شوري مان 1960 ۾ پاس ڪيائين.

شاعري جو پهريون مجموعو ”رڳون ٿيون رباب (1958ع)، ”شعر“ (1970ع)، ”سج تريءَ هيٺان،“ (1977ع)، ”هي ڌرتي“ (1985ع)، سنڌالاجي پاران ”تنوير چئي“ نالي شاعري جي ڇپرايل ڪتاب ۾ مٿيان چار ئي شاعريءَ جا ڪتاب شامل آهن. ”ساجن سُونهن سُرت“ 1996ع ۾ شايع ٿيل پنجون شعري مجموعو آهي.

چونڊ ۽ ترتيب- ٻاراڻا ٻول 1973ع، جديد سنڌي شاعري 1981ع، تحقيق ۽ کوجنا، شاهه لطيف جي شاعري، (جلد پهريون) 1976ع، جلد ٻيو 1985ع، جلد ٽيون، پهرئين ۽ ٻئي جُلد سان گڏ، ڇپيل 1989ع، نانڪ يوسف جو ڪلام (1989ع) خوش خيرمحمد هيسباڻي جو ڪلام (1983ع)، پرڏيهه جي سفر تي ٻڌل سفرنامو ’ڏوري ڏوري ڏيهه‘ (1984ع)، ’جي ماريا نه موت‘ (ترجمو 1973ع)، ڪتابي سلسلي
”سرمست“ جا ويهارو کن جلد سهيڙيل 1980ع کان لڳاتار مضمونن، خاڪن، يادگيرين، انٽرويو ۽ دبئي جي سفر نامي جو مجموعو ”ترورا“ (1988ع). انهيءَ کانسواءِ مختلف وقتن تي مختلف هنڌن تي ادب ۽ ڪلچر ۽ ٻين موضوعن تي هڪ سؤ کان وڌيڪ مقالا ڇپيل آهن. سندس خاڪن جو ڪتاب ”مُنهن تني مشعل“ پڻ شايع ٿيل آهي. شاهه جي رسالي 1275 هجريءَ واري قلمي نسخي تي سندس تحقيقي ڪم جاري هو.

تنوير عباسي سنڌي ادبي بورڊ، سچل چيئر، شاهه عبداللطيف ڪلچرل ڪميٽي ڪراچي. انسٽيٽيوٽ آف  سنڌالاجي ۽ ٻين ڪيترن ئي ادارن جو ميمبر رهيو. کيس ڪيترائي ادبي انعام مليا. 1991ع ۾ کيس صدارتي اوارڊ ”تمغه امتياز“ مليو. کيس رائيٽرس گلڊ (1970ع) ۾ سنڌيالاجي 1985ع ۾ سچل اوارڊ 1989ع ۾ سگا گولڊ ميڊل 1989ع ۾ لطيف اڪيڊمي گولڊ ميڊل 1990ع ۾ نارايڻ شيام اوارڊ 1992ع ۾ مليا.

تنوير عباسي پاڪستان رائيٽرس گلڊ سنڌ ريجن جو سيڪريٽري 1961ع ۾، پاڪستان رائيزس گلڊ جي سينٽرل ڪميٽيءَ جو ميمبر 70-1969ع)، 5 سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل (69-1967ع)، پوئٽري سوسائٽي لنڊن جو ميمبر، اڪيڊمي ادبيات پاڪستان جو ميمبر، چائنيز رائيٽرس ايسوسيئيشن جو اعزازي ميمبر، سنڌي ادبي بورڊ، سنڌالاجي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي اختياري جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر رهيو.

تنوير عباسي سنڌي، اردو، انگريزي سرائڪي، فارسي، هندي ۽ فرينچ زبان ۽ ادب جو به وڏو ڄاڻو هو. ايڏي وڏي انسان جي جيون ساٿي ڊاڪٽر قمر عباسي فخريه انداز ۾ بردباريءَ جا دامن جهليندي اکڙين مان خاموش نير وهائيندي چيو ته:

”تنوير تي مون کي فخر آهي. روئبو انهن لاءِ آهي، جيڪي مري وڃن. تنوير ته هميشه پاڻ کي زندهه ڪري ڇڏيو آهي، جنهن لاءِ لفظ محتاج بنجي ويا آهن.“

تنوير جي لاڏاڻي وقت گهر جي ڀاتين ٻڌايو ته جڏهن تنوير جي روح پرواز ڪيو ته ڊاڪٽر قمر عباسي ڪتاب ۽ گلن جو تحفو سندس سيراندي رکي، کيس سلام پيش ڪيو ۽ رڳو هي لفظ چيائين:

”گڊ باءِ، ماءِ فرينڊ!“

حسينه ساند

 

 

 

 

عورتن ۾ پاڻ مارڻ وارا واقعا

 

سنڌ جي عورت آخر ڇو ٿي پاڻ ماري. اهو سوال هر طرف کان ٻڌڻ ۾ ته اچي ٿو ۽ ان جا ڪارڻ به هر ماڻهو ڄاڻي ٿو، پر هن ظالم سماج ۾ ان جو تدارڪ ڪرڻ لاءِ ڪير به تيار نه آهي.

سنڌ ۾ عورتن جي وڌندڙ پاڻ مارڻ واري رجحان ۾ اسان جو معاشرو سڀ کان وڌيڪ ذميوار آهي، اسان جي معاشري ۾ عورت کي ڪنهن پاليل جانور کان وڌيڪ حيثيت نٿي ڏني وڃي ۽ ان کي رڳو ٽن وقتن جي ماني عيوض قربانيءَ جو اهو جانور بڻايو ٿو وڃي، جنهن کي ڪنهن به وقت بنا ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي قربان ڪيو وڃي.

وري جي اسان جي قانون کي ڏٺو وڃي ته اهو به نسورو انهن ظالم عنصرن جي طرفداري ڪندي نظر اچي ٿو، جيڪي جيئن چاهي عورتن جو استحصال ڪري سگهن ٿا، پوءِ مجبور عورت وٽ سواءِ پاڻ مارڻ جي ڪو ٻيو رستو بچندو ئي ناهي. عورت ڏاڍ جي چڪيءَ ۾ پيسجندي پيسجندي نيٺ وڃي پاڻ مارڻ وارو رستو اختيار ڪري ٿي.

عورتن طرفان پاڻ مارڻ جي اصل ذميوار عورت نه پر هيءُ معاشرو آهي، جيڪو هن کي اذيتن جا انبار ڏئي پاڻ مارڻ ڏانهن همٿائي ٿو ۽ عورت کي هن ناسور سماج ۾ ايترو ته اڪيلو ڪري ٿو ڇڏي جو هن وٽ پاڻ مارڻ کان سواءِ ڪا ٻي واهه ئي نٿي بچي. هيءُ معاشرو جي چاهي ته عورتن کي به انسان سمجهي ان کي پنهنجا حق ڏئي انهن واقعن کي روڪڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، پر هن ڪاريهر نانگن واري معاشري ۾ اهو ٿيڻ ائين آهي جيئن ٻٻرن کان ٻير گهرجن.

سنڌ ۾ عورتن جا وڌندڙ پاڻ مارڻ وارا واقعا ڪيترائي سوال اڀارين ٿا ته ڇا اسان اهي ئي آهيون جن جي ثقافت ۽ تهذيب موهن جي دڙي واري آهي، ڇا اهو ئي معاشرو آهي، جنهن ۾ لاکيڻي لطيف پنهنجي آفاقي شاعريءَ ۾ رڳو عورتن کي سُرن جو سنگيت بڻايو آهي ڇا اسان اڃا به ان ئي جاهلاڻي معاشري ۾ رهون پيا، جنهن ۾ عورتن کي جيئري دفن ڪيو ويندو هو، ڄمڻ وقت ئي معصوم نياڻين کي موت جي ابدي ننڊ سمهاريو ويندو هو.

اسان جو هيءُ معاشرو پاڻ کي معتبر ته سمجهي ٿو ۽ هن دنيا مان وڃڻ بعد جنت جي طلب به رهي ٿي ته پوءِ آخر ڇو اهو معاشرو نياڻين کي پنهنجو حق ڏيڻ ۾ ڪيٻائيندو رهي ٿو ڇا ڪنهن نياڻيءَ جي لڄ لٽي يا ان جي لوئي لاهي اسان جنت جا طالب ٿي سگهون ٿا، ڪڏهن به نه. اسان جو مذهب اسلام چٽيءَ ريت اهو سبق ڏئي ٿو ته انسانيت جي پرچار ڪريون اسين ته پنهنجي ئي گهر ۾ رهندڙ پنهنجي ئي نياڻين کي رت جا ڳوڙها ڳاڙڻ تي مجبور ڪريون ٿا ۽ انهن کي ايترو ته هيسايون ٿا جو اهي ويچاريون پاڻ مارڻ جهڙو وڏو قدم کڻڻ تي مجبور ٿيو وڃن.

عورت هر قدم تي مرد جي ٻانهن ٻيلي آهي، پوءِ اها چاهي ڪهڙي به روپ ۾ هجي، پوءِ آخر ڇو اسان ان سان ايترو ظلم ڪريون ٿا ڇا اسان جا ضمير اڃا ناهن جاڳيا يا اسان انسان جي روپ ۾ ڪي وحشي جانور آهيون جن کي رڳو انسانيت جو ويس ڍڪيل آهي.

هاڻي گهڻو ٿيو اسان کي پنهنجين عورتن کي اهي حق ڏيڻا ئي پوندا جن جون اهي حقدار آهن ۽ ان ريت ئي اسان پنهنجي معاشري ۾ عورتن جي وڌندڙ پاڻ مارڻ وارن واقعن ۾ گهٽتائي آڻي سگهون ٿا

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org