ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
ڊاڪٽر غلام علي
الانا
ڊاڪٽر غلام علي الانا
جو
شمار انهن عالمن ۾ ٿئي ٿو، جن پنهنجي پياري
ٻاجهاري ٻوليءَ جي ”فدائي“ هئڻ جو حق ادا ڪيو آهي.
سراج ميمڻ چواڻيءَ ته: ”هن کي پنهنجي ٻوليءَ سان،
”فنا في اللسان“ جي حد تائين عشق آهي(1).“ هن محقق
جي ڪتابن جا موضوع، علم، ادب، تاريخ، تمدن، ثقافت،
آثار قديمه، موسيقي ۽ خاص طور سنڌي ٻولي ۽ لسانيات
آهن. ٻولي ۽ لسانيات جي حوالي سان سندن خدمتون
ڪڏهن به وسارڻ جوڳيون نه آهن. هن وقت تائين
پاڪستان جي ٻين ٻولين ۾ لسانيات جي حوالي سان ٿيل
ڪم ۾ سڀ کان گهڻو ڪم سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾ ٿيو
آهي. لسانيات، سنڌي ٻولي، ادب ۽ نثر سان تعلق
رکندڙ الانا صاحب جي ڪجهه ڪتابن جو مختصر جائزو
هيٺ ڏجي ٿو:
سنڌي صورتخطي:
ڊاڪٽر الانا 1963ع ۾ لکيو ۽ پهريون ڇاپو 1964ع ۾
شايع ٿيو. سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان ايم.اي سنڌيءَ جي
نصاب ۾ مقرر هن ڪتاب جي بابن جا عنوان هن ريت آهن:
”سنڌي ٻوليءَ جي لپي ۽ قدامت جا اهڃاڻ“، ”ديسي
سنڌي رسم الخط جا ڌار ڌار نمونا“، ”خواجڪي سنڌي
صورتخطي“، ”عربي- سنڌي صورتخطي“، ”چچنامي ۾ لکيل
سنڌي لفظ“، ”البيرونيءَ جي ڪتاب ۾ ڏنل سنڌي لفظ“،
”مخدوم ابوالحسن جي سنڌي“، ”رسم الخط لاءِ سرڪاري
ڪاميٽي“، ”ايلس واري صورتخطي“، ”ايلس جي ٺاهيل
صورتخطيءَ جون خصوصيتون“، ”سُر
(Vowels)
”شد“، ”جزم“، ”تنوين“، ”همزو“،
”گهڻا سُرَ“، ”وسرگائي“، ”ايلس واري صورتخطيءَ ۾
لفظن جي صورتن ۾ اختلاف“، ”هاڻوڪي صورتخطيءَ ۾ عام
خاميون“. مٿين عنوانن کي سهڻي ۽ سولي نموني سان
مختلف وزنائتن دليلن ۽ حوالن سان سمجهايو ويو آهي.
سنڌي رسم الخط جي ابتدا لاءِ ڊاڪٽر لکي ٿو ته،
”سنڌي ٻوليءَ لاءِ عربي-سنڌي رسم
الخط جي ابتدا 864ع ۾ جاحظ جي ڪتاب ”رسالة فخر
السودان في علي البيضان“ ۾ نج سنڌي لفظن کي
عربي-سنڌي رسم الخط ۾ لکڻ سان ٿي. انهيءَ عرصي کي
سنڌ ۾ عربن جي حڪومت شروع ٿئي هڪ سؤ سال کن گذريا
هئا. هن رسم الخط ۾ اڳتي هلي چچنامي جي مصنف
البيروني ۽ ٻين ماهرن ۽ محققن پنهنجي نموني سڌارا
۽ واڌارا آڻي، ان کي وڌيڪ معياري بنايو(2).“
ڊاڪٽر الانا، اصطخري، بشاري، مقدسي، ابن نديم، ابن
حوقل، البيروني ۽ ٻين جي حوالن سان ثابت ڪيو آهي
ته، ”سنڌي ٻولي اسلام جي آمد وقت نه فقط ڳالهائي
ويندي هئي، پر اها ڌار ڌار
رسم الخطن ۾ لکي ويندي هئي(3).“
”سنڌي صورتخطي“ ڪتاب پنهنجي موضوع جي حوالي سان نه
فقط موضوع تي مواد جي کوٽ جو پورائو ڪري ٿو، بلڪه
معياري ۽ مدلل معلومات مهيا ڪري ٿو، جنهن ۾
انگريزيءَ جي ڪتب آيل اصطلاحن جا نعم
البدل سنڌي لفظ ڏنل آهن ته جيئن صوتيات جي شاگردن
کي سمجهڻ ۾ آساني ٿئي. هيءُ ڪارائتو ڪتاب عرصي کان
شاگردن ۽ استادن لاءِ مفيد رهيو آهي. ڊاڪٽر الانا
جي ئي لفظن ۾ ته،
”هن ڪتاب لکڻ جو خاص مقصد آهي ته سنڌي زبان جا
عالم، استاد، تعليمي ماهر ۽ عربي رسم الخط جا ڄاڻو
سنڌيءَ جي موجوده صورتخطيءَ جو گهرو مطالعو ڪن“.
ڊاڪٽرعبدالجبار جوڻيجو لکي ٿو ته، ”ڊاڪٽر الانا جي
هن ڪتاب کان اڳ سنڌي زبان ۾ رسم الخط جي اڀياس
لاءِ مواد هڪ هنڌ گڏ ٿيل نه هو ۽ ان کي پهريون
ڀيرو تنقيد جي تارازيءَ ۾ پروفيسر غلام علي الانا
توريو. هن ۾ ڊاڪٽر الانا واضح طور ڄاڻايو آهي ته
رسم الخط ۽ صورتخطيءَ ۾ فرق محسوس ڪرڻ گهرجي(4).“
سنڌي نثر جي تاريخ:
1966ع ۾ پهريون ڀيرو شايع ٿيو ۽ پوءِ ٻه ڇاپا ڇپيا
آهن. خاص طور فقط سنڌي نثر جي موضوع سان لاڳاپيل
هن ڪتاب جي ادبي تاريخن ۾ وڏي اهميت آهي. ڊاڪٽر
فهميده حسين جي لکڻ موجب ته: ”هن ڪتاب جي اهميت
ٻين ادبي تاريخن، موجود هئڻ جي باوجود انڪري
برقرار رهي، جو هيءُ بنيادي طرح نثر جي مختلف صنفن
جي باري ۾ مواد رکي ٿو، جيڪو اڳ ۾ ايترو تفصيل سان
ڪنهن به نه ڏنو هو. هن ڪتاب جي ترتيب عام ادبي
تاريخن کان مختلف آهي ۽ هيءُ ڪتاب نثر جي باري ۾
پيرائتو احوال ڏئي ٿو(5).“
پهرئين ڀاڱي ۾ سنڌي نثر جي اوسر، ننديرام دور،
قليچ دور، سنڌي نثر جا سرچشما، نثر جون خصوصيتون،
موضوع، عبارت جون خوبيون ۽ نثر جا قسم بيان ڪيل
آهن. ٻئي ڀاڱي ۾ اٺاويهن سنڌي نثر نويسن جي سوانح
سان گڏ سندن ڪتابن جو جائزو ڏنل آهي، جن ۾ سورنهن
هندو، ٻارنهن مسلمان نثر نويس شامل آهن. انهيءَ
برابريءَ جي امتزاج سان هن ڪتاب مان سنڌي مسلمان ۽
هندو ليکڪن جي لکڻين جي نمونن ۽ سندن ڪم جي باري ۾
ڪارائتي ڄاڻ ملي ٿي. هيءُ ڪتاب، ادبي تاريخ جي
حيثيت کان علاوه سوانح نگاريءَ جي مَدَ ۾ پڻ جڳهه
والاري ٿو. اهم سنڌي نثر نويسن جي سوانح علمي ۽
ادبي خدمتن سان گڏ ٻوليءَ جي جائزي لاءِ سندن
تحريرن مان حوالا ڏنل آهن. ديوان ننديرام سيوهاڻي،
آخوند لطف الله، محمد اسحاق، شمس الدين بلبل،
لالچند امرڏنومل، علامه عمر بن محمد دائودپوٽو،
محمد صديق مسافر، خانبهادر محمد صديق ميمڻ، عثمان
علي انصاري ۽ ٻين نثرنگارن جو ذڪر آهي.
”ڊاڪٽر الانا جي هن تاريخ کان اڳ ڪنهن به ڪتاب ۾
سنڌي نثر ۽ نثر نويسن جو تفصيلي احوال آيل نه هو.
هن کان اڳ نثري صنفن بابت مقالا ته گهڻا لکيا ويا
هئا، پر نثر جي وصف، قسمن، ابتدا ۽ تاريخ سان گڏ
وڏن سنڌي نثرنگارن جو مڪمل ذڪر ڪنهن به هڪ ڪتاب ۾
ٿيل نه هو“. (6)
سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي:
هيءُ ڪتاب، جولاءِ 1979ع ۾ شايع ٿيو. لساني
جاگرافيءَ جو مطالعو ۽ اڀياس زبان جي تاريخ مرتب
ڪرڻ ۾ وڏي مدد ڏئي ٿو. ڊاڪٽر الانا جو هيءُ ڪتاب،
هن ڏِسَ ۾ هڪ اهم قدم آهي. هن ڪتاب تي کين 1979ع ۾
سنڌ گريجوئيٽس ايوارڊ ۽ 1981ع ۾ پاڪستان رائيٽرس
گلڊ طرفان ايوارڊ عطا ٿيو. ڇهن بابن تي مشتمل هن
لساني جاگرافيءَ جي بابن جا موضوع هن ريت آهن:
”سنڌي زبان ۽ ان جا لهجا“، ”ڪڇ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي
پهچ“، ”ڪاٺياواڙ ۽ گجرات ۾ سنڌي ٻوليءَ جو
ڦهلاءُ“، ”راجسٿان ۾ ڦهلاءُ“، ”بلوچستان ۾ سنڌي
ٻوليءَ جو اثر“، ”سرائيڪي ايراضيءَ ۾ سنڌي زبان جو
ڦهلاءُ“. سنڌي ٻوليءَ جي مٿين ايراضين ۾ پکڙجڻ ۽
ڦهلاءَ جي سببن جي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ انهن علائقن ۾
سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙن جو تعداد، ”سنڌي قبيلن جي
حڪومت“، سنڌي ٻوليءَ جي انهن ايراضين ۾ حيثيت،
سماجي، سياسي، اقتصادي، مذهبي، علمي ۽ ادبي ناتا،
ٻولين جا بنياد ۽ ٻولين ۾ صوتي هڪجهڙائيون ۽ ٻيا
موضوع چٽائيءَ سان بيان ڪري، ڊاڪٽر الانا لساني
جاگرافيءَ جي اهميت ڄاڻائي آهي. سنڌي زبان جي لهجن
جي ڄاڻ ڏيندي ڊاڪٽر الانا لکي ٿو ته،
”جاگرافيائي حالت جي لحاظ کان سنڌي زبان اترادي
يعني سريلي، لاڙي، وچولي، ٿري، ڪوهستاني، ڪڇي ۽
لاسي لهجن ۾ ورهايل آهي. اهي لهجا وري مقامي لحاظ
کان ننڍن ننڍن گروهن ۽ محاورن
(colloquials)
۾ ورهائي سگهجن ٿا. نه فقط ايترو، پر هر لهجو ۽
محاورو وري ڪرت، ڌنڌي ۽ پورهئي جي لحاظ کان ننڍن
ننڍن مقامي محاورن ۾ ورهايل آهي(7).“
لساني جاگرافيءَ ۾ سنڌي زبان جي پکيڙ جي سببن ۽
وسعت جي ڄاڻ ملي ٿي. پکيڙ جي سببن ۾ باهمي شاديون،
سماجي ناتا، سياسي رشتا، مذهبي ۽ روحاني لاڙا،
آسپاس جي ايراضين سان تعلقات ڄاڻايل آهن. سنڌي
زبان جي پکيڙ ڪڇ، ڪاٺياواڙ، گجرات، بلوچستان،
راجسٿان سان گڏ قديم سنڌ جي ملتان صوبي تائين ڏَسي
ويئي آهي. هيءُ ڪتاب پڻ مٿين ڪتابن وانگر هائر
ڪلاسن جي نصاب ۾ شامل ۽ شاگردن ۽ استادن لاءِ مفيد
آهي.
سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس:
جون 1989ع ۾ شايع ٿيو. 400 صفحن جو هيءُ ڪتاب، خاص
سنڌي ٻولي ۽ لسانيات جي احوال تي مشتمل آهي، ”هن
ڪتاب ۾ آيل سڄو مواد تازو ۽ نئون آهي، سواءِ هڪ يا
ٻن بابن جي، جيڪي سه ماهي مهراڻ ۾ مقالن جي روپ ۾
اڳ ۾ ڇپجي چڪا هئا(8).“ هن ڪتاب جي يارهن بابن جا
عنوان، ”لسانيات مقصد ۽ اهميت“، ”علم صرف ۽ سنڌي
ٻولي“، ”علم نحو ۽ سنڌي ٻولي“، ”سنڌي ادغام“،
”شاهه لطيف جي ڪلام ۾ نحوي بناوتون“، ”علم لسان ۽
سچل جو ڪلام“، ”سنڌي ٻوليءَ جو مزاج“، ”سنڌي
ڪهاڻيءَ ۾ ٻوليءَ جا تجربا ۽ ابتي ٻولي“، ”سنڌي
ٻوليءَ جي قديم تاريخي حيثيت جو اڀياس“، ”سنڌي
ٻوليءَ جو موجوده مقام، ان جو مستقبل ۽ ترقيءَ
لاءِ تجويزون“، ”رسم الخط جي ابتدا ۽ اوسر“، ”قديم
سنڌ جو رسم الخط“، ”سنڌي لپي“، ”رسم الخط جي قدامت
جا اهڃاڻ“، ”لوهاڻڪو، ارڌناگري ۽ ڀنڀور وارو رسم
الخط“، ”سنڌي ٻوليءَ تي ٻين ٻولين ۽ تهذيبن جو
اثر“، ”عربي ٻوليءَ ۾ سنڌيءَ جا لفظ“، ”دنيا جي
ٻين ٻولين جا مکيه ۽ مشهور خاندان“. ٻوليءَ جي
اڀياس جي باري ۾ ڊاڪٽر الانا لکيو آهي ته، ”علم
السان، انسان ذات جي سڀني ٻولين جي اڀياس ۽ ڇنڊڇاڻ
جو علم آهي. هي هڪ اهو علم آهي، جو ٻولين جي
آوازن، آوازي سٽائن، آوازي ميڙن، صوتين، صرفين،
فقرن، لفظن ۽ جملن جي بناوت ۽ ترتيب يعني صوتي،
صرفي، نحوي ۽ معنوي اصولن ۽ عملن بابت مواد مهيا
ڪري ٿو(9).“
هيءُ ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي قدامت، صورتخطي، رسم
الخط، علم صرف و نحو، ڪلاسيڪل شاعري ۽ سنڌي ٻوليءَ
جي موجوده مقام جي ڄاڻ ڏئي ٿو.
سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا:
سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ طرفان 2006ع ۾ شايع ٿيو
آهي. هن ڪتاب جا 13 ئي باب سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا ۽
اوسر کي تفصيلي نموني ڄاڻائين ٿا. شروع جي ٻن بابن
۾ علم اللسان جي ماهرن جي راين تي بحث ڪندي، ڊاڪٽر
الانا زبان جي تهذيبي، تمدني ۽ سماجي ڳانڍاپي کي
لازم ملزوم قرار ڏنو آهي ته گڏ انساني فطري ۽
قدرتي ورثي يعني ٻوليءَ جي اوسر جي اهميت ڄاڻائي
آهي. ٽئين کان ٻارهين باب تائين سنڌي ٻوليءَ جي
ابتدا ۽ اوسر ڏنل آهي، انهيءَ کي ڊاڪٽر الانا
”سنڌو ماٿر جي قديم دور کان، موجوده مقام تائين“
ٽن عنوانن ۾ ورهايو آهي، جنهن ۾ ”سنڌي زبان جي
حيثيت“، ”سنڌي ٻوليءَ جي معياري حيثيت“ ۽ ”سنڌي
ٻوليءَ جي اعليٰ معياري حيثيت“ آهن. آخري باب ۾
سنڌي ٻوليءَ جي مستقبل ۽ ترقيءَ لاءِ تجويزون ڏنل
آهن. عنوان مطابق هيءُ ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي اوسر ۽
ارتقا جي معلومات تي مبني آهي، پر حقيقت ۾ هن ڪتاب
جو هڪ اهم رخ اهو به آهي ته انهيءَ ۾ ”سنڌي نثر“
کي سهڻي پيرايي سان بيان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ خاص
طور سنڌو ماٿر جي مهرن لاءِ مقرر ٿيل ملهه، ديسي
لفظن جون لڙهيون، اسلام کان اڳ واري سنڌي ٻوليءَ
جو سٽاءُ، رگويد ۽ چچنامي ۾ سنڌي لفظ، وزن، تور،
وقت جي ماپ، طرفن، ڏسن، ڏينهن لاءِ سنڌي لفظ، قديم
سنڌي نثر ۾ ڪم آندل قديم ٻوليءَ جو نمونو، لوڪ
ادب، نثري ادب، ڪلهوڙن جي دور ۾ سنڌي نثر، اصطلاحن
۽ پهاڪن جو اڀياس، ترجمو ٿيل پهاڪا، سنڌي ٻوليءَ
جو پڌرنامو، سنڌي ٻوليءَ جي دفتري لکت جو هڪ نمونو
1859ع ۽ ٻيا ذيلي عنوان سنڌي ٻوليءَ سان گڏ سنڌي
نثر جي اوسر تي وضاحت سان روشني وجهن ٿا.
منهنجي نظر ۾ ڊاڪٽر الانا جي سڀني مٿين ڪتابن جي
اڀياس کان پوءِ هڪ اهم رُخ سامهون ٿي آيو آهي، سو
آهي سندن سنڌي نثر جي ترقيءَ لاءِ ورتل ڪوششون.
سنڌي نثر جي تاريخ، هن موضوع تي سندن مڪمل ڪتاب
آهي، پر سندن ٻين تحريرن ۾ پڻ سنڌي ٻوليءَ سان گڏ
سنڌي نثر جي بنياد، اوسر، ارتقا ۽ موجوده مقام ۽
حيثيت کي اجاگر ڪيو ويو آهي. بلاشبه اهو چئي سگهجي
ٿو ته لسانيات، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي نثر تي ڪم ڪندڙن
۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جو نالو اهم محققن ۽ عالمن
۾ شمارٿئي ٿو. شخصي طور پاڻ اڻ ورچ، نيڪ دل،
بااخلاق انسان آهي. اعليٰ حوصلي ۽ همت سان اڄ
ڏينهن تائين علم و ادب جي تحقيقي ڪمن لاءِ پاڻ
پتوڙيندو ۽ نوجوان طبقي جي رهنمائي ڪندو اچي. علمي
جستجو ۽ ڄاڻ کي وڌائڻ ويجهائڻ ئي سندن منشا آهي.
حوالا:
(1)
ميمڻ، سراج الحق، (مهاڳ)، ”سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا“،
حيدرآباد: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، 2006ع، ص 6.
(2)
الانا، غلام علي، ڊاڪٽر، ”سنڌي صورتخطي“، (ڇاپو
ٽيون)، حيدرآباد: سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو،
1993ع، ص 90.
(3)
الانا، غلام علي، ڊاڪٽر، ”سنڌي صورتخطي“، (ڇاپو
ٽيون)، حيدرآباد: سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو،
1993ع، ص 91.
(4)
جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر: ”سنڌي ادب جي مختصر
تاريخ“، ڪنڊيارو: روشني پبليڪيشن، 1994ع، ص 30.
(5)
ميمڻ، فهميده حسين، ڊاڪٽر: ”ادبي تنقيد فن ۽
تاريخ“، سنڌ ادبي اڪيڊمي، 1992ع، ص 148.
(6)
جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر: ”سنڌي ادب جي مختصر
تاريخ“، ڪنڊيارو: روشني پبليڪيشن، 1994ع، ص 15.
(7)
الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: ”لساني جاگرافي“،ڄام
شورو: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 1977ع، ص 9.
(8)
ساڳيو حوالو، ”سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس“،
ڄام شورو: انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، 1987ع، ص 5.
(9)
ساڳيو حوالو، ص 3.
ڊاڪٽر
سعيده شفيق ميمڻ
واچوڙن ۾ لاٽ
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ’لطيفيات‘ تي ڪيل ڪم
جو جائزو
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو شمار پاڪستان جي انهن
چند عالمن ۾ ٿئي ٿو جيڪي پنهنجي ذاتي مفاد کي
پاسيرو رکندي، اُنهيءَ وسيع تر قومي مفاد لاءِ
ڏينهن ۽ رات ڪم ڪندا آهن.
اهڙا اڪابر جنهن قوم يا خطي کي ميسر ٿيندا آهن،
اهي قومون زنده رهنديون آهن ۽ اهي عالم هن فاني
دنيا مان وڃڻ کان پوءِ به پنهنجي علم جي وسيلي
انهيءَ قوم جي رهنمائي ڪندا رهندا آهن، انهن جو جو
ڪيل ڪم انهن جي لکيل ڪتابن ۾ هميشه لاءِ محفوظ ٿي
ويندو آهي.
ڊاڪٽر بلوچ، سنڌي زبان ۽ ادب جي واڌاري ۽ سڌاري
لاءِ جيترو ڪم ڪيو آهي، اوترو شايد ئي ڪنهن ڪيو
هجي يا ائين لکڻ وڌيڪ صحيح ٿيندو ته ايترو معياري
ڪم ڪنهن شايد ڪيو هجي! انهن جي ڪيل ڪم تي جڏهن نظر
وجهون ٿا ته اسان تي حيرانيءَ جي ڪيفيت طاري ٿِي
وڃي ٿي، يقيناً هُو پنهنجي ذات ۾ هڪ اداري جي
حيثيت رکي ٿو.
هن تحقيقي مضمون ۾ ڊاڪٽر بلوچ جي ’لطيفيات‘ جي
سلسلي ۾ ڪيل ڪم جو جائزو ورتو آهي. ’لطيفيات‘ اهڙو
موضوع آهي، جنهن تي ڪافي عالمن، محققن تحقيق ڪئي
آهي، لکيو آهي، پر اڃا سوڌو تشنگي برقرار آهي.
شاهه سائينرحه جيڪڏهن پنهنجي بيتن کي
’آيتون‘ سڏيو آهي ته بلڪل صحيح سڏايو آهي ڇو ته
انهن بيتن ۾ اهڙي اثر آفريني آهي جو هر دفعي پڙهڻ
سان ڪا نئين معنيٰ ذهن ۾ اچي ٿي.
ڊاڪٽر بلوچ، فطرت کان ڪجهه اهڙو مزاج کڻي آيا هئا
جيڪو مسلسل جدوجهد تي يقين رکي ٿو ۽ گڏوگڏ بيپناهه
عاجزي به سندن شخصيت جو حصو هئي، ۽ هي اُهو ماڻهو
هو جنهن جي ڪري قدرت کانئس ايترو وڏو ڪم ڪرايو.
پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ٻڌائي ٿو، جڏهن کانئس پڇيو
ويو ته ”توهان پاڻ کي لوڪ ادب جو ماهر سمجهو ٿا يا
تاريخدان؟“ ته جواب چيائون ته:
”آءٌ ماهر نه آهيان، باقي انهن ٻنهي شعبن جي حوالي
سان مون ڪافي ڪم ڪيو آهي، ماهر ٿيڻ/هجڻ تمام مشمل
ڪم آهي.“ (7/2006ع، ص 35)
ڊاڪٽر بلوچ کي پنهنجي پيدائشي خطي يعني سنڌ سان
تمام گهڻو دلي لڳاءُ هو، انهيءَ باري ۾ هُو خود
لکي ٿو ته ”ڪوبه ڪم وڏي منصوبه بندي يا گهڻو پئسو
منظور ڪرائڻ سان نه ٿيندو آهي، بلڪه اهو محبت جي
جذبي سان ٿيندو آهي. سوال آهي ته توهان ڪيتريقدر
ڪميٽيڊ آهيو يا توهان کي ڪيترو شوق آهي. آءٌ ڇو ته
ڳوٺاڻي علائقي سان تعلق رکان ٿو ۽ انهن ماڻهن سان
تعلق يا فطري وابستگيءَ جي ڪري انهيءَ ’محبت‘ کان
واقف هيس. تحقيق يا ٻيو ڪوبه ڪم منهنجي زندگيءَ جو
مقصد نه هو، پر اها منهنجي ’محبت‘ هئي. مون ڪڏهن
به ڪنهن ڪتاب لکڻ جو معاوضو نه ورتو آهي، پئسا وٺي
ڪم ڪرڻ کي مون هميشه غلط سمجهيو آهي، اڄ ڏينهن
سوڌو مون جيڪو به ڪم ڪيو آهي، انهيءَ لاءِ ڪنهن
کان هڪ پئسو به نه ورتو آهي. آءٌ سمجهان ٿو ته اها
علم جي زڪوات آهي.“ (2007ع، ص 24)
سنڌ ۽ شاهه لطيفرحه هڪٻئي سان جُڙيل
آهي. شاهه سائينرحه سان هر سنڌي محبت
ڪري ٿو، پر ڪجهه ماڻهو انهيءَ محبت ۾ ايترو اڳيان
وڌي ويندا آهن جو لطيفرحه انهن جي
حياتيءَ جي هر گوشي ۾ وسندو آهي. هُو هڪ لمحي لاءِ
به لطيفي خيال ۽ فڪر کان آزاد نه ٿيندا آهن. ڊاڪٽر
بلوچ تي ’عشقِ لطيف‘ ڇانيل هو، سن 1966ع ۾ هن شاهه
سائينرحه جي شاعريءَ تي تحقيق لاءِ هڪ
جامع منصوبو ثقافت ڪميٽيءَ جي سامهون پيش ڪيو،
جنهن اهو منصوبو منظور ڪندي اهو سمورو ڪم ڊاڪٽر
بلوچ جي حوالي ڪيو.
منصوبي جي مطابق سڀ کان پهريائين شاهه سائينرحه
جي سوانح جي باري ۾ قلمي ماخذ جيڪي اڄ سوڌو شايع
نه ٿيا آهن، انهن کي سنواري، سڌاري شايع ڪرايو
وڃي. انهيءَ سلسلي ۾ هن سڀ کان پهريائين مير
عبدالحسين سانگيءَ جو فارسيءَ ۾ لکيل ڪتاب
’لطائفِ لطيفيءَ‘ جي تصحيح ڪري، فارسيءَ ۾ هڪ
مختصر مقدمو لکيو، جنهن ۾ ڪتاب ۾ بيان ڪيل ڪمزور
حڪايتن جي نشاندهي ڪيائين.
تحقيقي رٿابنديءَ جو ٻيو نظريو ڊاڪٽر بلوچ اهو طئي
ڪيو ته شاهه سائين جي ڪلام جا جيترا به رسالا
ترتيب ڏنل آهن، انهن مان هرهڪ ۾ ڪجهه مختلف ڪلام
مليل آهي. ڪنهن ۾ گهٽ آهي ته ڪنهن ۾ وڌيڪ آهي.
انهيءَ مان لڳي ٿو ته سمورو ڪلام شاهه سائين جو
چيل نه آهي. انهيءَ لاءِ ڊاڪٽر بلوچ هيٺيان تحقيقي
معيار مقرر ڪيا ته جيئن اصلي ڪلام ۽ صحيح پڙهڻي
اختيار ڪرڻ ۾ آساني ٿئي.
-
رسالن جي تعداد جو معيار
-
رسالن جي قدامت جو معيار
-
سنڌي زبان ۽ بيان جي خاصيت جو معيار
-
رسالن وچ ۾ تقابلي مطالعو
-
اعليٰ شاعريءَ جو معيار
-
اعليٰ فهم ۽ فڪر جو معيار
1- پهرئين ٽن معيارن مطابق مطالعي هيٺ آيل رسالن
جو تعداد مقرر ڪري انهن کي پڙهڻ ۽ پروڙڻ لاءِ
چونڊيو ويو، جملي 50 قلمي ۽ 16 ڇپيل رسالا تحقيق
لاءِ مطالعي هيٺ آندا ويا ۽ انهيءَ کان سواءِ شاهه
جي شعر جو اعليٰ فهم رکڻ وارن سگهڙن ۽ فقيرن سان
ملاقاتون ڪري شاهه جي رسالي جو هڪ جامع ۽ معياري
رسالو ترتيب ڏنو ويو. هن معيار هيٺ ڪلام جو صحيح
تلفظ سمجهه ۾ آيو ۽ ڪافي نامڪمل شاعري مڪمل ٿي.
انهيءَ سلسلي ۾ ڊاڪٽر بلوچ لکي ٿو ته، ”ٻٽيهن سالن
جي محنت ۽ عرق ريزيءَ سان بالآخر هي مرحلو طئي ٿيو
۽ پنجاهه قلمي ۽ سورهن ڇپيل رسالن جي مطالعي ۽
تقابلي جائزي کان پوءِ شاهه جو پنهنجو ڪلام زيرن،
زبرن ۽ صحيح صورت ۾ معياري ترتيب ۽ معنيٰ سان گڏ
ظاهر ٿيو آهي. رسالي جي آخر ۾ جيڪو ڪلام شاهه
سائين جو ثابت به ٿيو آهي، اهو ’رسالي جو ڪلام‘
لکي شايع ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ تفصيلي مقدمي هيٺ
علمي ۽ ادبي تنقيدي معيار واضح ڪيا ويا آهن ۽ هر
بيت جو سبب ۽ تشريح به ڏني ويئي آهي ته هيءُ ڇو
شاهه جو ڪلام نه آهي.
(بلوچ، ص: ک، 2012ع)
سندن تحقيق مطابق اندازاً ٻه هزار هڪ سؤ اَسي بيت
(2180) ۽ هڪ سؤ چاليهه (140) وايون شاهه سائين جو
پنهنجو ڪلام ثابت نه ٿيا. ظاهر آهي ته اهو ڪلام
مختلف رسالن ۾ شامل هو. جڏهن ته شاهه سائينرحه
جي پنهنجن بيتن ۽ واين جو تعداد ٽي هزار ٽي
سؤ ويهه آهي. ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو لکي ٿو ته: هن
معيار هيٺ ڪجهه اهڙا بيت جيڪي ٻين رسالن ۾ شاهه
سائينرحه جا سمجهيا ويا هئا، انهن کي
ڊاڪٽر بلوچ رد ڪيو آهي. مثال طور شاهه سائين جو هڪ
بيت جيڪو سُر يمن ڪلياڻ ۾ آهي ۽ ڪافي مشهور به آهي
عاشق عزازيل، ٻيا مڙيئي سڌڙيا،
منجهان سڪ سبيل، لعنتي لال ٿيو.
مٿئين بيت لاءِ هو سمجهي ٿو ته هيءُ بيت شروعاتي
دور جي رسالن ۾ نه آهي ۽ خيال جي مناسبت سان به
هيءُ بيت شاهه سائين جو نه ٿو لڳي، انهيءَ ڪري ته
عزازيل دراصل تڪبر ڪيو هو. انهيءَ کان پوءِ وارو
بيت به انهيءَ خيال کي رد ڪري ٿو ۽ سڀني رسالن ۾
يڪسان موجود آهي.
اکر پڙهي اڀاڳئا، قاضي ٿئين ڪئاءِ،
جيئن ڀيرئين ۽ ڀانئين، ايڏانهن ايئن نه آ،
ان سرڪيءَ سندو ساء، پڇج عزازيل کي.
”هن بيت ۾ شاهه سائينرحه ڄڻ ته انهيءَ
ماڻهو کي بدبخت ڀانئي ٿو جيڪو ٿورو علم حاصل ڪري
پنهنجو پاڻ کي عقلِ ڪل سمجهي ٿو.“
(سومرو، 2012ع، ص س)
سنڌي
زبان ۽ بيان جي خاصيت جو معيار:
هي هڪ بنيادي معيار آهي، جنهن
مطابق ڪنهن به شعر يا بيت جو فني توازن ڏٺو ويندو
آهي. مثال طور: وزن، قافيو، تلفظ، رواني، سلاست ۽
بلاغت وغيره.
اعليٰ شاعريءَ جو معيار:
هن معيار مطابق رسالي جي سُرن،
سُرن جي داستانن ۽ داستانن ۾ بيتن ۽ واين جي ترتيب
کي موضوع معنيٰ، بيان کي شاهه سائينرحه
جي عارفانه فڪر جي روشنيءَ ۾ وڌيڪ سنواريو ويو
آهي.
اعليٰ فهم ۽ فڪر جو معيار:
شاهه سائينرحه جي ڪلام ۾ جيڪي فڪر ڀريا
موضوع آهن، انهن جو معيار تمام گهڻو اعليٰ آهي.
انهيءَ سلسلي ۾ ڊاڪٽر بلوچ لکي ٿو: ”سڀ کان وڌيڪ
اهم مقصد اهو هو شاهه سائينرحه جي
عالمگير انساني ۽ عرفاني فڪر جا اهي سڀ پهلو روشن
ڪيا وڃن جي مختلف سُرن ۾ سمايل آهن ۽ جن جي تجزيي
۽ تشريح سان شاهه جي وسيع عالمگير فڪر جي عمارت
تعمير ٿي سگهي.“ (بلوچ، 2012ع، ص: ف)
ڊاڪٽر بلوچ جي هن تحقيق جي نتيجي ۾ ڇپيل رسالن ۾
ڪجهه اهڙيون غلطيون نظر آيون جن جي هن کان پهرئين
ڪنهن به نشاندهي نه ڪئي. مثال طور: هيٺ ڏنل اَٺ(8)
وايون جي تمام گهڻو مقبول آهن پر درحقيقت شاهه
سائينرحه جون چيل نه آهن.
1- |
منڌ پيئندي، مون ساجن صحيح سڃاتو. |
2- |
ٿيندو تن طبيبن، دارون منهنجي درد جو. |
3- |
دوست پيهي در آيو، ٿيو ملڻ جو سعيو.
(سُر يمن ڪلياڻ) |
4- |
يار سڄڻ جي فراق، جيڏيون آئون ماري.
(سُر يمن ڪلياڻ) |
5- |
ڇوري ڇڏيــــــم ڇپرين، ٻاروچل ٻانهي.
(سُر ديسي) |
6- |
آءٌ
راڻا رهه رات، تنهنجي چانگي کي چندن
چاريان.
(سُر مومل راڻو) |
7- |
ڪــــــيئــــــن ڪــــــريــــــان
ڪــــــاڏي وڃــــــان. |
8- |
جيڪس جهليا مــــــڇ، گهاتو گهر نه
آيــــــا.
(سُر گهاتو) |
ڊاڪٽر بلوچ جي تحقيق مطابق اهي وايون ڪنهن به قلمي
رسالي ۾ موجود نه آهن. سندن خيال مطابق، هي انهيءَ
ڪاتب جون ٺاهيل آهن، جنهن کان ٽرمپ رسالي جو متن
ٺهرايو هو. دراصل شاهه سائينرحه جي
ڪلام جي اصليت کي سمجهڻ، ڪلام جي عميق گهرائيءَ
تائين پهچڻ ۽ ان ۾ موجود حقيقت تائين رسائي حاصل
ڪرڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه آهي. ڪو فڪر شناس
ئي ان جي تهه تائين پهچي سگهي ٿو. واضح رهي ته هن
سڄي ڪم کي سرانجام ڏيڻ ۾ 32 سالن جو عرصو لڳو،
جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته هن ڪم جي پويان ’محبت‘ جو
جذبو شامل هو، نه ته ڊگهي عرصي تي مشتمل ڪم اڪثر
پنهنجي اهميت وڃائي ڇڏيندا آهن.
هن سڄي عرصي دوران اهو ڪم ڪتابن جي صورت ۾ ڇپجندو
رهيو ۽ آخر ۾ سمورن سُرن کي هڪ مڪمل جلد جي صورت ۾
تيار ڪيو ويو ته جيئن پڙهندڙن کي آساني ٿئي.
انهيءَ مڪمل رسالي لاءِ ڊاڪٽر بلوچ لکي ٿو:
هيءُ رسالو ٽن خاص خوبين سان سينگاريل آهي.
-
مقدار جي لحاظ کان جامع آهي
-
معيار جي لحاظ کان مستند آهي.
-
تحقيق جي لحاظ کان معياري آهي.
(بلوچ، 2012ع، ص: ف)“
سڀ کان وڏي ڳالهه اها ته پنهنجي ڪم تي ڪامل
اطمينان هجڻ جي باوجود هُو پنهنجي مقدمي ۾ لکي ٿو:
”اگر ڪو پڙهڻ وارو ڪنهن بيت جي ڪا اختلافي معنيٰ
اختيار ڪرڻ چاهي يا اها صحيح سمجهي ته هُو ائين
ڪري سگهي ٿو، اها قلبي وسعت آهي ۽ اهائي اها صفت
آهي، جيڪا کين ٻين کان ممتاز بڻائي ٿي.“
ڊاڪٽر بلوچ جو اهو سڄو تحقيقي ڪم بلاشڪ ته وڏي
اهميت جو حامل آهي، پر هڪ نُڪتو جيڪو انهيءَ سڄي
ڪم جو جائزو وٺڻ کان پوءِ ذهن ۾ پيدا ٿئي ٿو ته
ڊاڪٽر بلوچ جهڙي اڪابر سُرن جي روحاني رازن کي ڇو
کولي نه بيان ڪيو. ٿي سگهي ٿو ته هن جي خيال ۾ هر
پڙهندڙ يا تحقيق ڪندڙ کي اهو حق آهي، ته هُو
پنهنجي سمجهه ۽ فهم مطابق معنيٰ کي اختيار ڪري.
انهيءَ ڳالهه جي ثابتي ڊاڪٽر عبدالغفار سومري جي
هيٺين راءِ مان ملي ٿي.“ ڊاڪٽر بلوچ جو سمورو ڌيان
شاهه جي ڪلام جي مستند متن تي رهيو ۽ سندس خيال ۽
وٽن ايترو وقت نه هو جو شاهه جي شرح کي هٿ ۾ کڻن.
(سومرو، 9/2015ع)
اها هڪ پڌري حقيقت آهي ته شاهه جي بيتن جي فڪر ۽
فلسفي کي هر شارح پنهنجي ذهن مطابق اختيار ڪيو
آهي، جڏهن ته شاهه سائينرحه جا ڳوڙها
خيال هڪ اهڙي تشريح گهرن ٿا جيڪي ’روح‘ جي باري ۾
انساني عقيدن کي صحيح رُخ تي آڻڻ ۾ مدد ڏيئي سگهن.
اهو ڪم ڪنهن حد تائين ڊاڪٽر بلوچ جهڙو عالم ڪري
سگهيو ٿي. مثال طور: سُر ڪلياڻ يا يمن ڪلياڻ ۽ سُر
آسا ۾ جيڪي باريڪ صوفيانه نُڪتا آهن، انهن جي
تشريح ڊاڪٽر بلوچ جهڙو عالم ئي ڪري سگهيو ٿي، سُر
ڪلياڻ جو هي بيت اهڙي عميق تشريح ٿو گهري.
عشق جي اسباب کي پر ۾ پڇيائون،
دارون هن درد جو، ڏاڍو ڏسيائون،
آخِر ’والعصر جو‘ ايهين اتائون،
تهان پوءِ آئون، سڪان ٿي سلام کي.
تصوف جي انتهائي باريڪ ۽ نازڪ نُڪتن کي ظاهر ڪندڙ
هيءُ بيت صرف هڪ نه بلڪ شاهه سائينرحه
جو پورو رسالو اهڙن ڪيترن ئي رازن کي اڃا پنهنجي
اندر ۾ سانڍيو پيو اچي توڻي جو ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽
ٻين شاهه سائينرحه جي بيتن جي پارکوئن
اهي ڪوششون ڪيون آهن، تاهم اڃا سوڌو تشنگي برقرار
آهي.
حوالا:
1- |
بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر: ”علم کان
عالم تائين“، 2007ع، حيدرآباد: سنڌ
ماڻڪ موتي تنظيم، قاسم آباد، ص35 |
2- |
ايضاً، 2007ع، ص 42 |
3- |
بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر: ”شاهه جو
رسالو“، ڪراچي: سنڌيڪا اڪيڊمي، 2012ع،
ص ف. |
4- |
سومرو، عبدالغفار، ڊاڪٽر: ”شاهه جو
رسالو“، ڪراچي: سنڌيڪا اڪيڊمي، 2012ع،
ص س |
5- |
بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر: ”شاهه جو
رسالو“، 2013ع، ڪراچي: سنڌيڪا اڪيڊمي،
ص ف |
6- |
سومرو، عبدالغفار، ڊاڪٽر: ”شاهه جو
رسالو“، 2015ع، ڄام شورو: سنڌي ادبي
بورڊ، ص 9 |
|