ڪوثر هالائي
ترائيل
(1)
ڪيستائين دل جي ڳالهه پري ويندي؟
جيڪر راز سمائي دل ۾ ڪونه سگهيو،
تيستائين دل جي ڳالهه پري ويندي،
جيڪر راز سمائي دل ۾ ڪونه سگهيو،
ڏيهَنِ تائين دل جي ڳالهه پري ويندي.
سواگت ويلي ڳائي دل ۾ ڪونه سگهيو.
ڪيستائين دل جي ڳالهه پري ويندي؟
جيڪر راز سمائي دل ۾ ڪونه سگهيو.
(2)
پاڻي آيو آ ته بتيلا ڏسنداسين،
سنڌوءَ جي ڇولين جو ڇيهه ڪٿي آهي؟
ايندي ويندي شام جي ويلا ڏسنداسين،
پاڻي آيو آ ته بتيلا ڏسنداسين.
هاڻ ته ايندا ماڻهو ميلا ڏسنداسين،
جهڙي سنڌڙي اهڙو ڏيهه ڪٿي آهي؟
پاڻي آيو آ ته بتيلا ڏسنداسين.
سنڌوءَ جي ڇولين جو ڇيهه ڪٿي آهي؟
حسن درس کي ڀيٽا (نظم)
رات جي اونداهه ۾
زندگيءَ توکي کڻي،
ڌِڪو ڏنو،
ڪيڏو توکي ٿي وڻي،
ڌِڪو ڏنو،
آبشارن ۽ بهارن،
مان ڦٽل تنهنجو وجود،
پرهه جي پهرين پکيءَ،
جيئن تو ٻولي ڏٺو،
راز کي کولي ڏٺو،
شاعري تنهنجو خزانو،
اڄ اُنهيءَ جو،
در کليو رهجي ويو،
ڄڻ روزانو،
خواب ۾ ڊڄندو هئين!
ڪوزمانو.
خواب ۾ ڊڄندو هئين!
توکي ئي لڳڻو هو،
توکي لڳو، هي نشانو.
دل ڏکي ۽،
پيار جا پيا پَرَ ڀڄي،
اندر جي،
اظهار جا پيا پَرَ ڀڄي.
سونهن جو،
سڏڪو هو تنهنجي نانءَ ۾،
هڪڙو ئي،
نڪتو هو تنهنجي نانءَ ۾،
شاعري تنهنجي سدائين،
هير جيان گُهلندي پئي،
يادگيرين جي دلين جي،
گهٽين ۾ رُلندي پئي.
ستار پيرزادو
تون ئي تون ٻولين،
لڪل راز به کولين،
پوءِ به نظران ڏور.
منهنجي ڪا نه مجال آ،
راهه به تون رولين،
ساهه سرجيو سور،
پوءِ به نظران ڏور.
ڪهڙي پار پرين وسين،
اٿيندي تون ئي ڀولين،
پل پل تنهن جو پور.
پوءِ به نظران ڏور.
چائق جتان نه نڪري،
وسرين تان ڳولين،
سارين ساجهه اسور،
پوءِ به نظر ان ڏور.
ڌوٻي گهاٽ تي ڪپڙا،
ائين ٿو ڇاڇولين،
ڪرين چڪنا چور،
پوءِ به نظران ڏور.
دُڪو تولو صراف جيئن،
سئين ڪانيءَ تولين،
اُٽل ڏئين نه مور،
پوءِ به نظران ڏور.
وائي
سرد هوائون آيون،
پرين ياد کڻي،
ٻک ٻک ڀاڪر ڀاڪر،
بدن بک بڻي.
جيءُ نه ريجهي راڻل،
لڳي اک اڻي.
ساجن ساري توکي،
توئي پير ٻئي.
دل دُکيءَ ڌير نه آيو،
هاڻي اچ کڻي،
نيڻ نرالا نرمل جا،
ويڙا واهه وڻي
سرد هوائون آيون،
پرينِ ياد کڻي.
وائي
روح کي ريجهاءِ،
ڪرڪا ڳالهه ڳهير،
آهه اُڪنڍو جيئڙو،
ساجن کي سرچاءِ
ڪرڪو ساهه سڌير.
توبن ناهه قراريو،
پرين اچي پرچاءِ.
ملج مون سان مير،
ڳالهين ڳل ڳراٽيون،
ويجهو ويهي پاءِ.
هيج هلي مان هير.
ساهه جي توڏي تاڻ،
آءُ اچي ڳل لاءِ،
پکڙي پائج پير.
پروفيسر سليم سهتو
غزل
مفلسن جي ڳالهه ڪرتون،
بيوسن جي ڳالهه ڪر تون.
جبر آڏو جي نه جهڪيا،
حوصلن جي ڳالهه ڪر تون.
جي وڌايا ٿا وڃن پيا،
فاصلن جي ڳالهه ڪر تون.
غُربَتُن تي اُن جي لاڳو،
قاعدن جي ڳالهه ڪر تون.
رت ولوڙي جي لکن ٿا،
شاعرن جي ڳالهه ڪر تون.
رات ’سهتا‘ جي ٽُٽا تن،
ساحلن جي ڳالهه ڪرتون.
غزل
ڪو ڳڀي ۽ بصَر جي ڳولا ۾،
ڪو سهاني پهر جي ڳولا ۾.
آءٌ صدين کان پئي رليو آهيان،
پيار تنهنجي شهر جي ڳولا ۾.
زندگي آ ڌرتتيءَ جهڙي،
آدمي آ ڇپر جي ڳولا ۾.
هن جياپي کان تنگ ٿي نڪتا،
کوڙ ماڻهو زهر جي ڳولا ۾.
مان ڪتابن ۾ ڀٽڪندو ٿو وتان،
اڻ ڏٺي ڪنهن اکر جي ڳولا ۾.
چؤسٽا
(1)
ساري عمر گڏجي رهون ممڪن نه آ،
اَڄڪلهه جيان هر هر ملون ممڪن نه آ،
پاڻ ڪيڏو ڏور ڪاٿي ڀي هجون،
هڪٻئي جي دل تان لهون، ممڪن نه آ.
(2)
تنهنجي سونهن نرالي سائين!
تنهنجي ياد جهڙالي سائين!
توبن منهنجي من جي دنيا!
ڪيڏي خالي خالي سائين!
ڏاڍ جا ڪَرَ اُڀا (نظم)
ڏاڍ جا ڪَرَ اڀا
هر قدم تي ڏٺم،
وکَ وکَ تي بيهي سوچيو مون ته ڇو؟
ڏوهه کي ڏوهه ڪو ڀي چوي ئي نه ٿو.
موهه کي ڏوهه سارا چئي ٿا وٺن.
ها! ها مگر
موهه تنهن کي جو افلاس جي سيني اندر
سانڍيل هجي.
باقي ڏاڍن جي دم ڳالهه، ڄاڻان نه ٿو ڇو؟
الائي ته ڇو؟
بري ڇونه ڪنهن کي بري ٿي لڳي.
زندگي! مون ساڻ ڪر هڪڙو وچن
ساٿ تنهنجو هجي
هر ڪنهن دل مٿان
جيستائين نه ڪو سچ جو
ٻج ڪو پوکجي.
زندگي ساٿ ڏي،
زندگي ساٿ ڏي. |