مقصود گل
ڊاڪٽر ميمڻ
عبدالمجيد سنڌي
جڏهن به سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي سونهن ۽ سهيڙ ۾ حصو
وٺڻ وارن قلم ڌڻين جو احوال اوربو، اتي سنڌي
ٻوليءَ جي پارکوءَ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جو
پيارو ۽ سٻاجهو نالو به ضرور ضرور وڏي ادب ۽
احترام سان ورتو ويندو.
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، 11- سيپٽمبر 1931ع تي
سنڌ جي تاريخي شهر شڪارپور جي ڀرسان هڪ ننڍڙي ڳوٺ
”ماڙيءَ“ ۾ جنم ورتو. سندس والد حاجي غلام حسين
پنهنجي اباڻي ڌنڌي فن ۽ فنڪاريءَ يعني ڪپڙي اُڻڻ
سان واڳيل هو، جنهنڪري ڊاڪٽر صاحب جا وڏا ڪورڪي ڪم
۽ ڪاروبار جي ڪري ”ڪوري“ سڏبا هئا پر اڳتي هلي
”ميمڻ“ سڏجڻ ۾ آيا، تنهنڪري ڊاڪٽر صاحب به ميمڻ
سڏايو ۽ انهيءَ ئي ذات سان مشهور ٿيو.
وقت جون ويرون ۽ زماني جي گردش ڊاڪٽر صاحب جي وڏڙن
کي ماڙيءَ مان پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏرايا ۽ 1942ع ۾
سنڌوءَ درياه جي جوش ۽ دٻدٻي سبب ٻوڏ کان بچي
شڪارپور شهر ۾ اچي رهيا. پر شڪارپور ۾ سندن رهائش
به عارضي ثابت ٿي ۽ 1948ع ۾ ڊاڪٽر صاحب پنهنجي
ڪهول سميت شڪارپور وارن گهرڙن کي به الوداع چيو ۽
داڻي پاڻيءَ ۽ آب هوا جي ڇڪ کين لاڙڪاڻي ساهه
سيباڻي وٺي آئي ۽ لاڙڪاڻي شهر جو پاڻي سيبائجي ويو
۽ سندس وڏڙا توڙي پاڻ پنهنجي حياتيءَ جا پهر پورا
ڪري اتي لاڙڪاڻي ۾ ئي پنهنجي سنڌ مٽيءَ جي چادر
تاڻي آرامي ٿي سمهي پيو. اڄ به سندس ٻچڙا، پٽ ۽
ڪهول لاهوري محلي ۾ ”سنڌي هائوس“ ۾ آباد آهن ۽
پنهنجي والد جي ٻاريل علمي ادبي شمع کي جاري رکڻ
جي ڪوشش ۾ مصروف آهن.
ميمڻ صاحب پنهنجي شروعاتي تعليم پنهنجي اصلي ڳوٺڙي
ماڙيءَ ۾ ئي شروع ڪئي پر پوءِ شڪارپور اچڻ ڪري
مولوي فضل الله جي مدرسي ۾ داخل ٿيو، جتان عربيءَ
۽ فارسي تعليم جا شروعاتي سبق انهيءَ مدرسي مان
حاصل ڪيائين. پرائمري تعليم ۽ سيڪنڊريءَ جي شروعات
به شڪارپور مان پرايائين. مئٽرڪ جو امتحان ڊاڪٽر
صاحب 1952ع ۾ لاڙڪاڻي مان پاس ڪيو.
1954ع ۾ ڊاڪٽر صاحب سول انجنيئرنگ ۾ ڊپلوما به پاس
ڪري ورتي ۽ روزگار جي حوالي سان پاڻ ڪلارڪ بڻجي
پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات به ڪري ڇڏي. پر
جيئن ته سندس اندر ۾ علم جي جاکوڙ وارو جذبو جيڪو
موجود هو، ان کيس سکِ سمهڻ ڪونه ڏنو ۽ هو وڌيڪ
علمي اُڃ اُجهائڻ لاءِ لوچيندو ۽ سوچيندو رهيو.
انهيءَ وچ ۾ ڊاڪٽر صاحب بي.اي جي ڊگري حاصل ڪئي ۽
پي ڊبليو.ڊيءَ کاتي ۾ اوور سيز بڻيو.
پر ڊاڪٽر صاحب ته فطري طور علمي ۽ ادبي شعور وارو
ماڻهو هو، تنهنڪري سندس تمنا رهي ته جيڪر تعليم
کاتي ۾ وڃي علم ۽ ادب سان روح ريجهايان. اهو ئي
سبب هو جو ڊاڪٽر صاحب پنهنجي علمي پياس اجهائڻ
لاءِ پنهنجي علمي لياقت کي وڌائڻ جي ڪوشش ۾ مصروف
رهيو ۽ ايم.اي (اسلامي ڪلچر) ۽ ايم.اي (عالمي
مذهبن جو تقابلي مطالعو) پاس ڪيائين. ڊاڪٽر صاحب
علم، ادب، تاريخ ۽ تحقيق سان گڏ قانون ۾ به دلچسپي
ورتي ۽ 1963ع ۾ ايل. ايل. بيءَ جي ڊگري به حاصل
ڪري ورتي.
ڊاڪٽر ميمڻ صاحب علمي ذوق رکندڙ ماڻهو هو، کيس
اوور سيئريءَ جو ماحول دِڪا، مانڊول ۽ ڏيڻ وٺڻ
وارو زمانو بلڪل ڀانءِ نه آيو تنهنڪري انهيءَ
ماحول کان جان ڇڏائڻ لاءِ ڊاڪٽر صاحب هوريان
ڏاڍيان ڪوشش ڪندو رهيو. آخر سندس محنت ڪاميابيءَ
جو گس ڳولي لڌو ۽ ڊاڪٽر صاحب پاڻيءَ واري خانصاحبي
ڇڏي قلم ۽ ڪاغذ ۽ بورڊ ۽ چاڪن واري نوڪري وٺي
اسلاميه ڪاليج سکر ۾ ليڪچرار بڻجي آيو. ڊاڪٽر صاحب
ليڪچرار ڇا بڻيو ڄڻ ته کيس ساري دنيا جهان جي
ڪائنات ملي وئي هجي. ڏاڍو دل جي حضور سان علم ۽
ادب جون روشنيون کڻي جهر جهنگ پهچائڻ ۽ ورڇڻ جو
پڪو پهه ڪري ڏينهن رات لکڻ ۽ لوچڻ ۾ مشغول ٿي ويو.
ڊاڪٽر صاحب 1974ع ۾ شاهه ڪريم بلڙي واري جي لکيل
ڪتاب ”بيان العارفين سنڌيءَ جي ترتيب ۽ اپٽار“ جي
سري هيٺ تحقيقي مقالو لکي، سنڌ يونيورسٽيءَ مان
پي.ايڇ.ڊيءَ جي اعليٰ ڊگري حاصل ڪري ڊاڪٽر بڻجي
ويو. ڊاڪٽر صاحب جي انهيءَ تحقيقي مقالي جو ڪجهه
حصو چونڊ ڪري 1976ع ۾ ”ڪريم جو ڪلام“ جي نالي سان
شايع ٿيو.
ڊاڪٽر ميمڻ صاحب اسلاميه ڪاليج سکر واري زماني ۾
ڪاليج جي پرنسپال شيخ عبدالرزاق راز ۽ ڊاڪٽر نواز
علي شوق سان گڏجي ڪيترائي علمي ادبي ميڙ،
گڏجاڻيون، مشاعرا ۽ ڪانفرنسون ڪرايون جن ۾ شاهه،
سچل ۽ بيدل جي حوالي سان محفلون ۽ مذاڪرا به ٿيا
ته وري تقريرون، ڊبيٽون ۽ ليڪچر به ٿيا.
ڊاڪٽر صاحب هتي ”سنڌي ادبي سوسائٽي“ جو بنياد پڻ
وڌو، جنهن جي سهاري هيٺ ڪافي علمي ادبي ڪتاب ظاهر
ٿي پڙهندڙن جي هٿن تائين پهتا.
ڊاڪٽر صاحب ڪيترن ئي ڪاليجن ۾ پرنسپال به ٿي رهيو
۽ پنهنجي اعليٰ انتظامي صلاحيتن ۽ ايمانداري سبب
ڪاميابيءَ سان ذميواريون سر انجام ڏنيون. ڊاڪٽر
صاحب پنهنجي سروس خير خوبي سان پوري ڪري 1991ع ۾
گورنمينٽ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي مان رٽائر ٿيو.
ڊاڪٽر صاحب اعليٰ علمي ادبي صلاحيتن سان سينگاريل
هڪ باصلاحيت، عالم، اديب، محقق، لسانيات ۽ علم
عروض جو ڄاڻو هو، سندس لکيل ڪتاب هر موضوع تي
موجود آهن. تصوف، تحقيق ۽ تاريخ سندس پسند جا
موضوع رهيا آهن.
ڊاڪٽر صاحب کي سندس خدمتن جي ڪري ڪيترن ئي علمي،
ادبي ادارن، جهڙوڪ، سنڌي ادبي بورڊ، انسٽيٽيوٽ آف
سنڌالاجي، قومي نصاب ڪاميٽي، بزمِ طالب الموليٰ،
بزمِ شهباز ۽ ٻين ڪيترن ئي ادارن ۾ کيس ميمبر مقرر
ڪيو ويو هو.
ڊاڪٽر صاحب، ڊاڪٽر اياز قادريءَ سان گڏ سنڌي ادبي
سنگت جي باني ميمبرن ۾ پڻ شامل هو، ان کان سواءِ
پاڻ ٻيا به ڪيترائي علمي، ادبي ۽ اشاعتي ادارا
بانيءَ جي حيثيت ۾ شروع ڪيائين ۽ ڪاميابيءَ سان
هلايائين. سنڌي ادبي سوسائٽي، لطيف ادبي اڪيڊمي ۽
سنڌي ادبي اڪيڊمي، اهڙن ادبي ادارن ۾ شمار ڪري
سگهجن ٿا.
ڊاڪٽر صاحب هڪ بهترين قلمڪار ته هو ئي پر پاڻ هڪ
بلند مرتبي وارو مقرر به هيو. پاڻ هر ڪنهن محفل ۾
موضوع مطابق ضرور مقالو لکي ايندو هو پر پاڻ
ڳالهائيندو موضوع تي بنا ڪاغذ جي هو. پاڻ ايتري ته
وسيع مطالعي جو مالڪ هو جو هر ڪنهن موضوع تي بنا
ڪنهن تياري جي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڳالهائي سگهندو هو.
علم ۽ ادب ته قدرت جي عطا ۽ ڏات به آهي ته ڪجهه
وري محنت ۽ مطالعي سان به حاصل ڪري سگهجي ٿو. پر
ڊاڪٽر صاحب ڪيترين ئي قدرتي ۽ خداداد صلاحيتن سان
مالامال هو.
خليق، بااخلاق، حضور شرم، محبتي ۽ مٺڙو ماڻهو به
جهڙس ڪو ورلي ملندو، جيڪو ساڻس هڪ دفعو ملندو سو
ور ور ڪري ساڻس ملڻ ۾ خوشي محسوس ڪندو. ٿورو ڪندو
ته جتائيندو نه، ملندو اڻ ڏٺي سان به اهڙو جهڙوڪ
سالن جو واقف هجيس. ڪچهري ۾ ويٺو ته سڀ ڪم وساري
ڇڏيندو، ڄڻ ته صفا نکمڻو آهي، توڙي ڪمن جي لانڍ
قطار ڪيو بيٺي هوندي پر ملڻ واري کي محسوس اصل ٿيڻ
نه ڏيندو، شفيق، مهربان، ٻاجهارو، مرڪڻو ماڻهو،
کلندو مخصوص پنهنجي انداز واري هلڪڙي ٽهڪ سان،
دوستن، جو دوست يارن جو يار پر وري دشمن تي به
مهرباني ۽ عيبن ڍڪڻ وارو. ڏک سک جو ساٿي، نيڪ
نمازي، متقي ۽ مذهبي ماڻهو پر انساني حقن کي حقوق
الله کان وڌيڪ اهميت ڏيڻ وارو ڪٽر پڻي کان پري. سڪ
سراپا سڪ پڙهن ۽ پڙهائڻ ۾ خوشي محسوس ڪندو. ڪڏهن
به ڪوبه وٽس وٺڻ آيو ته جهول ڀري ويو. ڏاتار ته
ڏيڻ وارو آهي پر اهڙيون ۽ ايتريون خوبيون رب هڪ
جاءِ ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ کي عطا ڪندو آهي ۽ انهن
مان هڪڙو ”ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد“ صاحب به هو.
ڊاڪٽر صاحب اهو ڪمال جو قلم ڌڻي جو جنهن جي قلم
جڏهن کان لکڻ شروع ڪيو تڏهن کان وٺي روان رهيو.
تحقيق ٻڌائي ٿي ته ڊاڪٽر ميمڻ صاحب 1953ع کان لکڻ
جي شروعات ڪئي ۽ آخري دم تائين سندس قلم جي مس
تازي رهي. سفر ۾ هجي، گهر ۾ هجي، صحتمند هجي،
بيماريءَ جي بستري تي هجي، پر سندس لکڻ واري ڪرت
هميشه جاري رهي. انهيءَ لکڻ جي نتيجي ۾ ڊاڪٽر صاحب
کي اڪيچار ڪتاب لکي ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته محبت
۽ محنت وارو پورهيو ضرور ثاب پوندو آهي.
ڊاڪٽر صاحب جا ڪتاب اسان جي سنڌي ادب ٻوليءَ ۽
ثقافت جو تمام گهڻي قيمت وارو سرمايو آهن. جيڪي
هميشه هميشه لاءِ سنڌي ادب ۽ تاريخ جي بوڪ شيلف ۾
هڪ خوبصورت اضافي جي صورت ۾ فخر سان ڳاٽ اوچو ڪري
پنهنجي وجود جو احساس ڏياريندا. ڊاڪٽر صاحب جي
لکيل ۽ ڇپيل ڪتابن جو وچور ڪجهه هن ريت پيش ڪري
سگهجي ٿو:
موضوع ۽ مضمون جي لحاظ کان ڊاڪٽر ميمڻ صاحب جي
ڪتابن کي ڌار ڌار ورهائي سگهجي ٿو. جيئن ته ڊاڪٽر
صاحب وسيع مطالعي وارو ۽ برک عالم قلمڪار هو،
انهيءَ ڪري سندس لکڻ جا موضوع به تمام گهڻا آهن.
لوڪ ادب اسان جو ڪلاسيڪل ورثو آهي انهيءَ ڪري
ڊاڪٽر صاحب لوڪ ادب تي به قلم کنيو. ”ڏور“،
”ڳجهارت“ ۽ ”جوتيون جواهرن جون“ ڊاڪٽر صاحب جا لوڪ
ادب تي لکيل برجستا ڪتاب آهن جن ۾ ڪلاسيڪل ادب جي
سٺي معلومات ملي ٿي.
ڊاڪٽر صاحب تاريخ ۽ تحقيق جي حوالي سان به اڪيچار
احوال لکيا آهن. ”تاريخ قوم هڪڙا“، ”سنڌي ثقافت تي
اسلامي اثرات“، ”سنڌيءَ ۾ نعتيه شاعري“ ۽ ”تاريخ
جا وکريل ورق“ ڊاڪٽر صاحب جي قلم مان نڪتل تاريخ ۽
تحقيق تي اهم ڪتاب آهن.
ڊاڪٽر صاحب محقق هجڻ سان گڏوگڏ هڪ تمام سٺو نقاد
به هو. تنهنڪري سندس لکيل علم خزاني ۾ اسان کي
تحقيق سان گڏ تنقيد تي جيڪي ڪتاب مليا، اُهي آهن
”ڪريم جو ڪلام“، ”تذڪره شعراءِ سکر“، ”اصول ۽
اهڃاڻ“، ”سنڌي ادب جو تاريخي جائزو“، ”اسلام ۽ ان
جي ڄاڻ“ ۽ ”پرک ۽ پروڙ“ شخصيتن تي لکيل ڊاڪٽر صاحب
جا ڪتاب آهن: ”تذڪره شهباز“ ”ذڪر اشرف“، ”فڪرِ
بيدل“ ”سوانح قلندر“، ”سچل جو سنيهو“ ۽ ”گهڙيون
گهاريم جن سين“.
ڊاڪٽر صاحب جيڪي ڪتاب مرتب ڪيا آهن، انهن جو تفصيل
هن ريت آهي: ”ديس جون ڪهاڻيون“، ”قيمتي ڪهاڻيون“،
”شڪارپور ماضي ۽ حال“، ”لاڙڪاڻو- ساهه سيباڻو“ ۽
”سنڌي شرح قصيده بردو“.
لطيف ۽ لطيفيات اسان جي سنڌ جو ۽ سنڌي ٻوليءَ جو
اهم موضوع آهي، تنهنڪري ڊاڪٽر صاحب هن موضوع تي دل
کولي لکيو آهي. ڊاڪٽر صاحب جي ڀٽائي صاحب سان دلي
عقيدت هئي، ڇاڪاڻ ته هو صوفي منش ۽ فقير تن انسان
هو، تنهنڪري سندس لطيف سائين سان دلي ڳانڍاپو هڪ
ضروري ڳالهه هئي. ڊاڪٽر لطيفيات جي حوالي سان هي
ڪتاب لکيا آهن:
”سر ڏهر“، ”سر سارنگ“، ”لطيف جو پيغام“، ”فڪرِ
لطيف“ ۽ ”لطيفي لات“.
ڊاڪٽر ميمڻ صاحب هڪ سٻاجهي طبعيت وارو هڪ ٻاجهه
ڀريو انسان هو. تنهنڪري سندس ٻارڙن سان به ڏاڍو
پيار هو، اهو ئي سبب آهي جو ڊاڪٽر صاحب سنڌ ڌرتيءَ
جي ٻارڙن کي به ڪونه وساريو، پر انهن جي لاءِ به
مزيدار ۽ معلومات ڀريا ڪتاب لکي، ٻارڙن سان پنهنجي
پيار جو اظهار ڪيو آهي.
ٻارڙن لاءِ ڊاڪٽر صاحب جيڪي ڪتاب سرجيا آهن، اهي
هي آهن، ”ملا نصير الدين جا لطيفا“، ”شهري حياتي ۽
ڳوٺ“، ”پورهئي جو مانُ“ ۽ ”سيرت نبي“.
ڊاڪٽر صاحب هڪ تعليمي ادارن سان واڳيل هڪ معروف
تعليمدان ۽ استاد به هو، هن پنهنجي سموري زندگي
لکندي، پڙهندي ۽ پڙهائيندي گذاري. ان ڪري نصاب ۽
نصابي ڪتابن سان به تمام ويجهڙائي وارو واسطو هو.
ان ڪري هن ڪيئي نصابي ڪتاب به لکيا آهن جيڪي هن
وچور سان لکي سگهجن ٿا. ”اسلاميات“، ”اقتصاديات“
فرسٽ ايئر،”اقتصاديات“
انٽر، ”اسلامڪ ڪلچر“، ”سنڌي نصاب“ نائون ۽ ڏهون ۽
”سنڌي گرامر ۽ ڪمپوزيشن“.
جيڪي ڊاڪٽر صاحب جا شاگرد يا سندس ويجهڙائيءَ وارا
دوست هوندا، انهن کي اها خبر ضرور هوندي ته ڊاڪٽر
صاحب لسانيات جو به ماهر هو، تنهنڪري سندس قلم مان
نڪتل ڪتاب ”لسانيات پاڪستان“ ۽ ”شڪارپور جي ٻولي“.
پڙهڻ سان سندس ٻوليءَ بابت وسيع ڄاڻ جي پڪ ٿِي وڃي
ٿي.
مٿي ٻڌايل ڇپيل ڪتابن کان سواءِ ڊاڪٽر ميمڻ صاحب
جا ڪجهه اڻ ڇپيا ڪتاب به تن مان ٿي سگهي ٿو ڪجهه
شايع ٿيا هجن يا ڪجهه ڪمپيوٽر جي پيٽ ۾ هجن، انهن
مان ڪجهه ڪتاب هي آهن: ”ڪلام غلام محمد بگائي“،
”فيض دريا شاهه“، ”ميمڻ قوم جي تاريخ“، ”تاريخي
مقالا“، ”سنڌي بيت جي اوسر ۽ ارتقا“، ”پڪا پيرون“،
”سچل جو پيغام“ وغيره.
ڊاڪٽر صاحب سنڌي ٻوليءَ جو سٺو سرجڻهار هو ۽ ها
اهڙو سرجڻهار جنهن جو لکڻيون ادب جي ڪائنات جي
سونهن بڻجي جنم جنم تائين تاريخ ادب ۽ ٻوليءَ کي
دوام بخشينديون آهن. پر شايد اها خبر ڪن دوستن کي
نه به هجي، ته ڊاڪٽر صاحب اردو ٻوليءَ تي به مڪمل
عبور رکندڙ هڪ مهان اديب ۽ عالم هو. ”نگارشاتِ
سندهه“، ”سوانح حضرت شهباز قلندر“، ”لسانيات
پاڪستان“، ”سندهي ادب کي مختصر تاريخ“ ۽ ”پاکستان
مين صوفيانه تحريکين“ سندس قلم جي نوڪ مان نڪتل
تمام معتبر ڪتاب آهن، تصوف جي موضوع تي جنهن ڪمال
محنت ۽ جاکوڙ سان ڊاڪٽر صاحب ”پاکستان مين صوفيانه
تحريکين“، ڪتاب ۾ تحقيق ڪئي آهي، اها واقعي تحسين
جي لائق آهي. هن ڪتاب ۾ ڪم آيل اردو ٻولي پڙهي سچ
پچ ته ڏندين آڱريون اچي وڃن ٿيون.
اهو هو ڊاڪٽر محترم جو قلمي ۽ ذهني پورهيو، جنهن
اسان جي سنڌي ادب جي اڀ تي جڳ مڳ سونهن ستارا
سجائي سيبائتو ۽ زيبائتو بڻايو آهي ۽ جيستائين هن
ڌرتيءَ ۽ آسمان جو وجود آهي، جيستائين سنڌ، سنڌي
ٻولي ۽ سنڌي ادب موجود هوندو، تيستائين ڊاڪٽر صاحب
جو پيار ڀريو پورهيو ڪتابن جي صورت ۾ ضرور موجود
رهندو. ڊاڪٽر صاحب جو قلمي پورهيو اڃا ڪافي انداز
۾ وکريل صورت ۾ موجود آهي. جنهن کي گڏ ڪري سموهڻ ۽
سانڍڻ جي ضرورت آهي.
ڊاڪٽر صاحب اڪيچار ڪتابن جا مهاڳ ۽ پيش لفظ لکيا
آهن، ڪيترن ئي دوستن ڏي لکيل علمي ۽ ادبي خط به هڪ
اهم سرمايو آهن، ان کان سواءِ ڊاڪٽر صاحب جا مختلف
جڳهن ۽ مختلف موضوعن تي ڏنل ليڪچر ۽ ڪيل تقريرون
جيڪي آڊيو ۽ ويڊيو ڪيسٽن جي صورت ۾ ٽڙيل پکڙيل
دوستن ۽ ادارن وٽ موجود آهن، انهن کي هٿ ڪرڻ ۽
قلمي صورت ۾ آڻي ڇپائي محفوظ ڪرڻ جي لاءِ تمام
گهڻي محنت جي ضرورت آهي.
ڊاڪٽر جي ذاتي لائبريري ۽ ان ۾ ڪتابن جي سانڍ ۽
سهيڙ به ڊاڪٽر صاحب جي مطالعي جي اعليٰ معياري ذوق
۽ لائبريري سائنس جي فني ڄاڻ جو اهم ثبوت آهي.
سندس لائبريري يا ڪتب خانو ڪنهن هڪ هنڌ هڪ ڪمري يا
هڪ حال ۾ سيٽ ٿيل ته ڪونه آهي پر سندس سڄي گهر جي
هر ڪمري ۾ هيٺ مٿي هيڏي هوڏي هر ڪٻٽ الماريءَ جا
ڪپبورڊ ۾ سائينءَ جا ڪتاب سٿيل نظر ايندا. پر پوءِ
به ڪتابن جي ترتيب سائينءَ جي ذهني ڪمپيوٽر ۾ سندس
حافظي ۾ بلڪل چٽائي سان فيڊ ٿيل هئي ۽ کيس پوري
طرح ڄاڻ هئي ته سندس ڪهڙو ڪتاب، ڪهڙي ڪمري جي،
ڪهڙي ڪٻٽ جي، ڪهڙي خاني جي ڪهڙي قطار ۾ موجود آهي
جڏهن به کيس جنهن ڪتاب جي ضرورت پوندي، اهو بنا
دير جي ڪڍي کڻي حاضر ڪندو.
هڪ اندازي موجب ڊاڪٽر صاحب جي لائبريريءَ ۾ ويهن
هزارن جي لڳ ڀڳ هر موضوع ۽ هر زبان ۾ ضروري ۽ اهم
ڪتاب ۽ رفرنس بوڪ موجود آهن، سنڌي، اردو، انگريزي،
عربي توڙي فارسي جا مڙئي معتبر ڪتاب ته هن
لائبريريءَ ۾ موجود آهن پر پشتو، پنجابي، سرائڪي ۽
براهوي ٻولين جا ڪتاب به مون سندس لائبريريءَ ۾
محفوظ ڏٺا.
ڊاڪٽر صاحب دل کولي ڪتابن جي خريداريءَ تي پيسو
خرچ ڪندو هو. جڏهن به ڪو نئون ڪتاب وٺي ايندو، يا
ٽپال رستي پهچندس. ڏاڍو خوش ٿيندو، ور ور ڪتاب کي
اٿلائي پٿلائي ڏسندو، ڪتاب جي ڇپائي ۽ گيٽ اپ تي
ضرور ڳالهائيندو، وڻندس ته تعريف ڪندو. آئي وئي
دوست کي ڏيکاري خوش ٿيندو ۽ ٺرندو.
ڪو دوست کيس ڪتاب تحفي ۾ ڏيندس ته ڏاڍي شوق سان
قبول ڪندو. دوستن جو ٿورو مڃيندو... پر جي پوسٽ ۾
ڪتاب تحفو ٿي ملندس ته بنا دير جي دوست کي شڪريه
ادائي جو خط لکندو. پنهنجو ڪتاب ڇپجي ايندس ته به
وڏي دل ڪري دوستن کي تحفي ۾ ڪتاب ڏيئي پيو ٻهڪندو.
ڊاڪٽر صاحب هونءَ ته هٿن ۽ دل جو سخي هو، کائڻ
کارائڻ جي معاملي ۾ به سندس دسترخوان به مون هميشه
ڪشادو ڏٺو. پر سائين ڊاڪٽر صاحب ڪتابن پڙهائڻ جي
معاملي ۾ به تمام گهڻو دل جو ڪشادو هو. جيڪو ڪتاب
گهربس، بنا دير جي ڏيندو. اهڙي طرح ٿورا ٿورا ڪري
ڪافي قيمتي ڪتاب دوستن کي پڙهڻ لاءِ ڏيندو.
ٿورن لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته ڊاڪٽر صاحب جي
لائبريري به علم ۽ ادب جي فيض جو درياهه هئي جنهن
مان ڪيترن ئي معتبر ماڻهن سان گڏ مون جهڙن اڀرن
سڀرن به ادبي پياس پوري ڪئي.
ڊاڪٽر ميمڻ صاحب هڪ جاکوڙي ۽ پورهيت اديب هو جنهن
بنا ڪنهن صلي يا بدلي جي، هميشه خدمت ۽ سنڌ ڌرتيءَ
سان محبت جي جذبي تحت پنهنجو قلمي پورهيو ڪيو،
پوءِ به ڀٽائي چواڻيءَ ته: ”محبت رکي من ۾ رنڊا
روڙيا جن“، تن کي محبت ڀرئي پورهئي جو صلو عوامي
محبتن جي موٽ ۾ ضرور ملڻو آهي ۽ اهو ملندو.
ڊاڪٽر صاحب، استاد جي حيثيت سان ڪيترن ئي شاگردن
کي ڪاليج ۾ به پڙهايو، وري ادبي سبق به ڏنا،
انهيءَ ڪري کيس ڪيترن ئي شاگردن، والدين ۽ دوستن
جي شڪايتي محبت ضرور پلئه پئي. پر علمي ادبي
پورهئي جي بدلي ۾ به کيس اڪيچار اوارڊ، ميڊل ۽
سندون ۽ سرٽيفڪيٽ مليا، جيڪي سندس خلوص واري محنت
۽ پيار جي مڃتا ۽ ڀيٽا آهن.
ڊاڪٽر صاحب جي خدمتن جي مڃتا طور حڪومت پاڪستان
طرفان کيس 23- مارچ 1983ع ۾ صدارتي اوارڊ ”تمغهء
امتياز“ مليو. حڪومت طرفان کيس ٻيو به حسن
ڪارڪردگيءَ جو اوارڊ سندس وفات کان پوءِ ستارهء
امتياز مليو جيڪو سندس فرزند ڊاڪٽر عبدالوحيد وصول
ڪيو. انهن کان سواءِ ڊاڪٽر صاحب کي ٻيا به ڪيترائي
انعام، مڃتائون ۽ محبتون مليون.
جتي ڊاڪٽر صاحب کي محبتون مليون، اتي هو ڪڏهن ڪڏهن
پنهنجن، پراون، دوستن ۽ دشمنن جي نفرتن جو شڪار به
ٿيو. ڪيئي ڀيرا کيس بي بنياد ۽ ڇتي تنقيد جو نشانو
بڻائي کيس گڏجي هلندڙ دوستن ڏکائڻ ۽ رنجائڻ جي
ڪوشش ڪئي، پر هي ڪشادي دامن وارو، دل ۾ صفا محبتي
ماڻهو پراوَن توڙي پنهنجن جا ڏنل خار به گل سمجهي
جهوليءَ پائي ٻهڪندو ۽ ٽهڪندو رهيو ۽ ڪنهن جو جواب
ڏيڻ کان ”بي وقوفن کي جواب خاموشي سان ڏجي“ واري
چوڻي تي عمل ڪندو رهيو.
موت هڪ حقيقت آهي جنهن کان ڪير به منهن موڙي نٿو
سگهي. تنهنڪري موت جي اها ظالم گهڙي به آئي، جنهن
اسان کان ههڙي پياري شخصيت ڇني ڌار ڪئي.
ڊاڪٽر صاحب پنهنجي زندگيءَ جي آخري حصي ۾ شايد
گهڻي ڪم سبب، ذيابيطس جو مرض پرايو. ڊاڪٽر صاحب
علاج ۽ پرهيز سان مرض کي ڪافي ڪنٽرول ۾ رکيو پر
پوءِ به شايد هوريان هوريان بيماري پنهنجو ڪم
ڪندي رهي. آخري ڏينهن ۾ ڊاڪٽر صاحب ڪافي ڪمزور رهڻ
لڳو هو.
9- فيبروري 1996ع تي ڊاڪٽر صاحب پنهنجي گهر جي
ڏاڪڻ تان لهندي ترڪي پيو يا ڪمزوريءَ سبب سندس
پيرن جسم جو ٻوجهه برداشت نه ڪيو ۽ ڏاڪڻ کان هيٺ
ڪِرندي زخمي ٿي پيو. اهو زخم ئي سندس موت جو سبب
بڻيو. علاج لاءِ کيس پهريائين سول اسپتال لاڙڪاڻي
۽ پوءِ ڪراچيءَ اسپتال ۾ پهچايو ويو. پر سائين جا
پساهه پورا ٿي چڪا هئا، تنهنڪري، علاج، ڊرپ،
آپريشن سڀ بيڪار ثابت ٿيا ۽ اسان جو هيءُ نرالو ۽
نماڻو عالم، اديب ۽ اعليٰ انسان، 11- فيبروري
1996ع تي اسان سڀني کان وڇڙي اڻ ڏٺي ڏيهه راهي ٿي
ويو ۽ ساڳيو ڏينهن 21 رمضان المبارڪ حضرت علي ڪرم
الله وجہ جي شهادت جو ڏينهن هو.
ڊاڪٽر صاحب جو جنازو ماڻهن جي موجودگيءَ ۾ ڳوڙهن
جي نذراني سان شيخ زيد اسپتال لڳ مٽيءَ ماءُ حوالي
ڪري ڊاڪٽر صاحب جي جسماني ڪهاڻيءَ کي پڄاڻيءَ تي
پهچايو ويو ۽ اهڙي طرح هيءُ علم ادب جو ڄاڻو ۽
سنڌي ٻوليءَ جو ماهر ۽ سنڌ جو تاريخدان چوهٺ سال ۽
پنجن مهينن جي مليل طوفاني ۽ تحرڪ واري زندگي
ماڻي، اهڙي ڏيهه جي سفر تي روانو ٿي ويو جتان ڪو
به واپس ناهي وريو.
حياتي ته فاني آهي جيڪا جوت جلي آهي اها هڪ ڏينهن
ضرور وسامندي. جيڪو چنڊ کڙيو آهي اوس ضرور اجهامي
ويندو ۽ جيڪا حياتي جنم وٺي آئي آهي، اها اوس موت
جي ويرانيءَ ۾ گم ٿي اکين اڳيان اوجهل ٿيڻي آهي،
سو ڊاڪٽر صاحب به ساڳي راهه رباني وٺي، پنهنجي
حقيقي مالڪ سان وڃي مليو.
پر ڀٽائي چيو ته:
مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿين نه مات،
هوندا سي حيات، جيئڻا اڳي جي جيئا.
يا وري شيخ اياز چيو ته:
ساڳي خوشبو ڏين، ڇڄي گل گلاب جا،
وڃي امر ٿين، ڪوي مرن ڪين ڪي.
سو انهن ٻنهي معتبر شاهدين ثابت ڪري ڏنو ته ڊاڪٽر
ميمڻ صاحب جهڙو سچو، محبتي، محنتي ۽ سنڌي ادب ۽
ٻوليءَ جو ههڙو هڏ ڏوکي انسان جنهن پنهنجي نيڻن جي
نچوڙ ۽ قلم جي تڙپ سان سنڌي ٻوليءَ جي جهوليءَ ۾
لڳ ڀڳ سؤ جي قريب مانائتا ۽ لاڀائتا ڪتاب وڌا آهن،
اهو به ”مري مات ٿيڻ“ وارن مان نه پر ”وڃي امر
ٿيڻ“ وارن اعليٰ انسانن مان هڪ آهي.
ڊاڪٽر صاحب پنهنجي معتبر ڪتابن ۾ فڪر ۽ فن جي
حوالي سان ۽ پنهنجي نهل اولاد جي صورت ۾ حسب نسب ۽
خاندان جي حوالي سان باقي زندگي ۾ زندهه رهندو.
ڊاڪٽر صاحب جي ڪتابن جو احوال ته مختصر لفظن ۾ ڏنل
آهي. هتي سندس اولاد جي باري ۾ ڪجهه معلومات حاضر
ڪريان ٿو.
ڊاڪٽر ميمڻ صاحب کي خدا تعاليٰ جتي ٻين سڀني
سعادتن ۽ مهربانين سان مالا مال ڪيو هو، اتي کيس
اولاد جي نعمت سان به نوازيو هو. ڊاڪٽر صاحب کي
پٽاڻي توڙي ڌيئاڻي اولاد عطا ٿي، جنهن جو وچور هن
ريت آهي.
حال حيات اولاد ۾ ڊاڪٽر صاحب کي ٽي پٽ ۽ ٻه
نياڻيون عطا ٿيون.
پٽ: عبدالوحيد، عبدالحميد ۽ عبدالواحد ۽ نياڻيون
رضيه ۽ نجمه.
ڊاڪٽر صاحب جتي اعليٰ اديب، منتظم آفيسر، ۽ اتم
انسان هو، اتي هو شفيق والد به هو جتي هن پنهنجيون
ٻيون جوابداريون سهڻي نموني نڀايون، اتي هن پنهنجي
نيڪ صالح ۽ سعادتمند اولاد جي تعليم ۽ تربيت جو به
بخوبي خيال رکيو. نتيجي ۾ جتي سندس اولاد با ادب
خليق ۽ سڀني سهڻن عادتن ۽ گڻن سان سينگاريل آهي،
اتي تعليم جي سيبائتي ۽ زيبائتي زيورَ سان به
آراسته آهي.
ڪتابيات
1. هڪڙو
پيارو ماڻهو، ڊاڪٽر منظر حيات
2. گهڙيون
گهاريم جن سين، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
3. عظيم
انسان، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي
4. من
۾ ويٺل ماڻهو، مقصود گل (اڻ ڇپيل)
5. پاکستان
ڪي صوفيانه تحريڪين، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
6. نگارشاتِ
سنڌ، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
يوسف سنڌي
الستيءَ
پيام، ٻنڌڻ ٻاروچن جا
فقير عبدالغفور الستيءَ جو وڇوڙو
سنڌ جي ادبي تاريخ ۾، قومي تحريڪ جي حوالي سان،
ننڍڙا ڪتاب فرضي نالن سان ڇپائي ورهائيندڙ ۽ ع.غ
سنڌي جي نالي سان شاعري ڪرڻ ۽ عبدالغفور ميمڻ جي
نالي سان حيدرآباد مان ماهوار ”ملير ڊائجسٽ“ ڪڍي،
سنڌي ٻولي کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ لاءِ
ڪوششون ڪرڻ وارو، فقير عبدالغفور الستي، ڪنهن کان
ڳجهو ڪونهي.
فقير عبدالغفور الستي 21- جنوري 1931ع ۾ دڙي ۾،
ارباب حاجي محمد صالح ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو.
پرائمري ۽ مڊل تائين تعليم دڙي ۽ ميرپور بٺوري ۾
حاصل ڪيائين. سيڪنڊري تعليم يعني چوٿين درجي
انگريزيءَ کان، ستين درجي يا مئٽرڪ تائين 1943ع
کان 1948ع تائين، سنڌ مدرسة السلام ڪراچيءَ ۾ حاصل
ڪيائين، جتي محمد ابراهيم جويو سندس استاد هو ۽
رسول بخش پليجو ۽ شمشيرالحيدري ساڻس گڏ پڙهيا.
سنڌ مدرسي ۾ شاگرد هئڻ وقت، پاڻ پنهنجي هٿ سان هڪ
هفتيوار سنڌي اخبار
”جمهور“ شروع ڪيائين، جيڪا فقط مدرسي جي هاسٽل ۾
رهندڙ شاگردن جي لاءِ هئي کيس شاعريءَ جو شوق ننڍي
هوندي کان ئي هو، دڙي ۾ پاڻ انهن ڏينهن ۾ ڪافيون
ڪڇندو هو ۽ نچندو هو. سندس ناناڻي نُک مان سندس
نانو جيڪو کورواهه جو هو ۽ مسجد جو پيش امام هو،
سو شاعر هئڻ سان گڏ مولودائي پڻ هو. سندس پهريون
شعر پاڪستان ٺهڻ کان ٿورو اڳ ”الوحيد“ اخبار ۾
1947ع ۾ ”نوجوان اُٿو“ جي نالي سان ڇپيو. مئٽرڪ
پاس ڪرڻ کان پوءِ، 1948ع کان 1949ع تائين اي.وي
اسڪول دڙي ۾ انگريزي ماستر ٿي رهيو. هن پڙهائيءَ
دوران سنڌ مدرسي مان سنڌي فائينل به پاس ڪئي، تنهن
کان پوءِ پاڻ اين.اِي.ڊي ڪاليج ڪراچي مان اسپيشل
اوورسيز ڪورس ڪيائين ۽ 57- 1956ع ۾ ٽيڪنيڪل ڪاليج
سکر مان سول ڊپلوما ڪيائين.
هن ٻي نوڪري 1950ع کان شروع ڪئي، جيڪا 1960ع تائين
جاري رهي. پاڻ سول انجنيئرنگ ايريگيشن پي.ڊبليو.ڊي
۾ اوورسيئر ۽ 1960ع ۾ ڪجهه وقت ايس.ڊي.او به ٿي
رهيو، 1961ع ۾ نوڪري تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيائين،
تنهن بعد 1961ع تائين لوئر سنڌ بئريج ۾ سول
ٺيڪيداري ڪيائين.
ادبي سرگرميون:
جيتوڻيڪ سندس لکڻ جي شروعات 1947ع کان ٿي چڪي هئي،
پر هن باقاعده 1955ع کان مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾
لکڻ شروع ڪيو ۽ شاعري ڇپجڻ لڳيس، انهيءَ کان سواءِ
عبرت اخبار ۾ سندس ڪجهه مضمون به ڇپيا. سندس شاعري
هفتيوار انسان، نئين زندگيءَ ۽ روح رهاڻ وغيره ۾
ڇپجندي هئي. هفتيوار انسان، سندس سنڌي ٻوليءَ تي
هڪ طويل نظم پڻ ڇپيو.
انهيءَ ئي قومپرستي واري جذبي تحت، هن سنڌ جي قومي
هلچل ۾ پڻ بهرو وٺڻ شروع ڪيو. پاڻ قومپرست خيالن
کان سنڌ مدرسي واري دور ۾ پنهنجي اُستاد محمد
ابراهيم جويي صاحب جي صحبت ۽ خيالن کان متاثر ٿيو،
جنهن انهيءَ زماني ۾ هڪ ڪتاب، انگريزيءَ ۾ ”سنڌ
بچايو برصغير بچايو“، لکي ورهايو هو.
عبدالغفور ميمڻ، 1961ع کان ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ ۽
سنڌ جي حقن جي جدوجهد ۾ ڀرپور حصو وٺڻ شروع ڪيو،
جيتوڻيڪ هيءُ ڪنهن پارٽيءَ ۾ شامل نه ٿيو، پر عملي
طور تي سندن جلسن ۽ جلوسن ۾ شريڪ ٿيندو هو ۽ انهن
جي هر ممڪن مالي مدد به ڪندو هو، تنهن کان سواءِ
هيءُ سنڌي ماڻهن ۾ قومي شعور پيدا ڪرڻ جي لاءِ
ننڍڙا ننڍڙا ڪتابڙا لکي ڇپرائي، سڄي سنڌ ۾
ورهائيندو هو ۽ مختلف اخبارن ۾ اڻ ڳڻيا شعر ۽
مضمون پڻ لکيائين. انهيءَ وقت سندس لکيل ڪتابن ۾،
”سنڌ جون عورتون اُٿو“ قابلِ ذڪر آهي، جيڪو پاڻ گل
محمد ميمڻ جي فرضي نالي سان لکيائين، اهو 70-
1969ع جو زمانو هو. سندس ٻيو ڪتابڙو ”هي بيت ستايل
سانگين جا“ جي نالي سان 1971ع ۾ ڇپيو، جنهن جو
مهاڳ محمد عثمان ڏيپلائي لکيو، تنهن کان سواءِ
”سنڌي ٻولي“ تي فرضي نالي سان هڪ طويل نظم پڻ لکي
ڪتابي صورت ۾ ورهايائين.
ملير ڊائجسٽ جو اجراء:
پاڻ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي خدمت ۽ واڌ ويجهه لاءِ
1971ع ۾ ”ملير ڊائجسٽ“ جي نالي سان حيدرآباد مان
هڪ ماهوار رسالو پڻ ڪڍيائين، جيڪو 1974ع تائين
هليو، جنهن قومي سجاڳي آڻڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو.
انهيءَ ۾ ”رت سان لکيل سنڌي ٻولي جو وچن“ ۽ ”سونن
نالن وارو دستاويز“ ۽ ”سنڌي ٻوليءَ کي للڪار“
مقبول سلسلو هوندو هو، جنهن ۾ سنڌ جي ناليوارن
اديبن جا ٻوليءَ بابت مضمون لکرائي ڇپيائين. پوءِ
اهي سڀ مضمون گڏي ”سنڌي ٻولي کي للڪار“ جي نالي
سان 1973ع ڪتابي صورت ۾ ڇپايائين. جنهن جا پوءِ
ڪيترائي ڇاپا ڇپيا. ”ملير ڊائجسٽ“ رسالي ڪيترائي
نوان لکندڙ پڻ پيدا ڪيا، جن اڳتي هلي وڏو نالو
ڪڍيو.
”ملير ڊائجسٽ“ ۾ 1973ع واري آئين جي خلاف
ايڊيٽوريل لکڻ ۽ آئين ۾ ڏنل قومي خودمختياري ۽
قومن کي نئين پاڪستان ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ريفرنڊم
ڪرائڻ جي گهر ڪرڻ تي، انهي وقت جي وزيراعليٰ
ممتازعلي ڀٽي کيس جيل ۾ وجهي ڇڏيو. ترت پوءِ ممتاز
ڀٽي جي جاءِ تي غلام مصطفيٰ جتوئي وزيراعليٰ ٿيو،
جنهن نه رڳو ملير ڊائجسٽ، پر سهڻي، سوجهرو، اڳتي
قدم، مارئي ۽ ٻين ٽن سؤ سنڌي رسالن ۽ ڪتابن تي
پابندي وجهي ڇڏي. رسالي جي ايڊيٽوريل ۾ هن لکيو:
”هي نئون پاڪستان ساڳيو پراڻو ون يونٽ آهي. پاڻ ان
کان به وڌيڪ سخت ۽ خطرناڪ جنهن ۾ ننڍيون قومون
استحصال ۾ مري وينديون.“ کيس پنهنجي ٻين ساٿين سان
گڏ 1956ع جي ڏينهن ۾ سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ قيد ۾
رکيو ويو. جيل مان آزاد ٿيڻ ۽ رسالي تي پابندي پوڻ
کان پوءِ پاڻ علي محمد راشدي سان وڃي مليو، جنهن
کيس نيشنل سينٽر اسلام آباد ۾ ڊائريڪٽر لائبريريز
ڪري رکيو، جتي ٽي سال کن نوڪري ڪيائين ۽ پوءِ
1977ع ۾ استعيفيٰ ڏئي ڇڏيائين.
شاهه جي رسالي جو انگريزي ترجمو:
1977ع ۾ نوڪري ڇڏڻ کان پوءِ وري اچي ٺيڪيداري شروع
ڪيائين ۽ گڏوگڏ شاهه جي رسالي جو انگريزيءَ ۾
ترجمو شروع ڪيائين. جيڪو 1986ع ۾ ”سنڌ مان بهشتي
سوجهرو“ (Celestial
Sunrise From Sindh) جي
نالي سان ڇپجي پڌرو ٿيو. اهو هڪ شاندار ڪم هو.
جيڪو پاڻ شاهه جي فڪر ۽ پيغام سان دلي ۽ روحاني
لڳاءَ جي ڪري ڪيائين. سندس چوڻ موجب: ”رسالي ۾ روح
جون سڀ خوشيون هيون، پر جيڪا نعمت مون کي انهيءَ
مان ملي، سا اها ته جيئن لکيل لفظ مون کي خوشيون
ڏنيون آهن، تيئن ٻين ماڻهن تائين به لکيل لفظ
پهچايائين، تنهنڪري اها تعليم سنڌي نياڻين تائين
پهچايان. ويتر سُر مارئيءَ ان ڳالهه کي وڌيڪ وزن
وٺرايو. اها نه فقط انساني بدن ۽ روح جي آزادي جي
پُڪار هئي، پر هڪڙي سنڌي عورت جي روپ ۾ ظلم ۽
زاريءَ خلاف سڀني کي سڏ هو، مارن کي مدد خاطر- اهو
ظلم ۽ زور اڄ به مٿس روا هو، سڄي سنڌ ۾.“ سندس
انهيءَ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيل شاهه جي رسالي ۾
لطيف سائين جي 786 چونڊ بيتن جو منظوم ترجمو ڪري
ڏنو ويو آهي.
نياڻين جي تعليم جو ڪم:
شاهه جي رسالي جي ترجمي دوران سرمارئي جي مطالعي
هن ۾ سنڌي عورت جي مظلوميت خلاف عجيب تحرڪ پيدا
ڪيو ۽ ڀتين تي لکڻ شروع ڪيائين: ”ٻار پڙهايو سڀ
غريب ٻار پڙهايو“ ۽ انهيءَ تحريڪ کي زور وٺرائڻ جي
لاءِ ”الست“ نالي هڪ سماجي تنظيم قائم ڪيائين.
ائين اڳتي هلي انهيءَ نالي جي پويان هو، ”الستي“
سڏجڻ لڳو. انهي ڪم کي اڳتي وڌائڻ خاطر پاڻ ڪيترائي
ڪتابڙا، مضمون ۽ شعر لکي پڙهيل حلقن ۾ پرچار
ڪيائين. اهڙن ڪتابڙن ۾
(1) سنڌي ٻارن کي تعليم ڪيئن ملندي؟ (اصلاحي
ڊرامو)، (2) سنڌي استادن کي سڏ، (3)Prayer
of A Girl Child on earth for education (4)
ڀلي آئين ڀلا پرين (محمد ابراهيم جويي جي 91 هين
جنم ڏينهن تي خراج تحسين) شامل آهن.
ادبي حوالي سان اَلستي وقت بوقت مختلف ادبي نالن
سان سنڌي، توڙي انگريزيءَ ۾ مضمون ۽ شاعري لکندو
رهيو، جن ۾ ع.غ سنڌي، عبدالغفور ميمڻ، عبدالغفور
آف دڙو ۽ فقير عبدالغفور الستي شامل آهن. هن
پنهنجي زندگيءَ جو وڏو حصو مطالعي ۽ مشاهدي ۾
گذاريو، جنهن جي نتيجي ۾ هُو جنهن نتيجي تي پهتو،
سو هنن لفظ ۾ بيان ڪيو اٿس:
”انسان سڀ خدا جو مظهر آهي، هن رنگ، نسل، قوم ۽
ملڪ، ڪلچر يا مذهب جا جيڪي به فرق آهن، اهي سڀ
انسان ذات ۾ رنگينيون پيدا ڪرڻ جي لاءِ آهن، ته
جيئن اها هڪجهڙي نه لڳي. هڪڙي ئي گلشن حيات ۾ جدا
جدا ۽ مختلف رنگن ۽ خوشبوئن جا گل لڳن. تنهنڪري
سڀني انسانن سان محبت ڪرڻي آهي، ڪنهن کان به فرق
جي ڪري نفرت ڪرڻي ڪونهي، ڪنهن کي به نقصان پهچائڻو
ڪونهي، سڀني جي اندر رب پاڪ موجود آهي.“
خدا سان محبت ڪر، ان کي انسان سمجهي،
انسان جي خدمت ڪر، ان کي خدا سمجهي.
مٿين ڪمن ۽ ڪتابن کان سواءِ شاهه جي تعليم کي
پکيڙڻ لاءِ شاهه جي رسالي جا سُر وار ننڍا ننڍا
پاڪيٽ سائيز ڪتابڙا چونڊ بيت معنيٰ ۽ سمجهاڻي سميت
لکي ڇپائي پڌرا ڪيائين. اهڙا ٽي ڪتابڙا ڇپيل آهن.
الستيءَ پنهنجي آتم ڪهاڻي ”ٻنڌڻ ٻاروچن جا“ جي
نالي سان لکي، جيڪا 2008ع ۾ شايع ٿي. فقير
عبدالغفور الستيءَ جي هڪ ڪهاڻي ”مورکي“ اردوءَ
کانسواءِ انگريزي ۾ ترجمو ٿي. اڳوڻي
”يو.ايس.ايس.آر (سوويت يونين) مان نڪرندڙ اسپونتڪ“
رسالي ۾ ڇپجي چڪي آهي، جيڪو سوويت يونين جي ڪيترين
ئي ٻولين ۾ شايع ٿيندو هو.
مٿس ڪتابن کان سواءِ، الست تنظيم کي 2004ع ۾
اسراءِ (ESRA) پاران
ٺٽي ضلعي ۾ مليل بالغن جي تعليم واسطي پراجيڪٽ
لاءِ فقير عبدالغفور الستيءَ جو جوڙيل ”الستي
پهريون ڪتاب“ نهايت منفرد قسم جو ڪم آهي.
فقير عبدالغفور الستيءَ 30- آڪٽوبر 2014ع تي وفات
ڪئي.
ڊاڪٽر
ريحانه نظير
”سون
ورنيون سوڍيون“ هڪ جائزو
ڊاڪٽر پروين موسيٰ
ميمڻ جو ليکڪائن
جي ڪهاڻي کيتر ۾ لکيل
ڪهاڻين کي سهيڙي”سون
ورنيون سوڍيون“ جي
نالي ڪتاب ڇپائي
پڌرو ڪيو آهي جنهن ۾ نه صرف انهن ليکڪائن جي فن ۽
فڪر جو جائزو ورتل آهي. جن
ورهاڱي کان پهرين هن ڪلا ۾ پاڻ موکيو،پر
گڏوگڏ ۽ سنڌي ادب ۾ هن صنف جي
شروعات ڪيئن ٿي ان جو اسرڻ ان جو مرحلي وار نسرڻ ۽
موضوعات جي تناسب کان پڻ روشني
وڌي وئي
آهي گڏو گڏ مختصر ڪهاڻي جي تعمير ۽ ترقي ۽ سندس
مشهوري جا اسباب پڻ بيان ڪيا ويا آهن
جن جو گهڻو تعلق انهن دورن جي سياسي سماجي ۽ معاشي
ڦيرگهير سان مليل نظر اچي ٿو. ورهاڱي کان پهرين ۽
ورهاڱي کانپوءِ هوءَ ڪهڙي اندازِ فڪر
هيٺ لکي ۽ ڪهڙين
ليکڪائن ان جي وڌڻ ويجهڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو ۽
اهڙا ڪهڙا موضوع هئا جن کين ان ڪلا کيتر ۾ قدم رکڻ
لاءِ اُتساهيوجو
پڻ مختصر پيش ڪيل
آهي
هن مجموعي لاءِ شروعاتي ٻـ اکر مشهور عالم اديب ۽
نقاد ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي صاحب لکيا آهن. هنن
ڪهاڻين کي جمع ڪرڻ ۾ ڪهڙن ڪهڙن مرحلن مان ليکڪا
کي گذرڻو پيو انهن جو پڻ مختصر بيان شامل ڪيو ويو
آهي جنهن ما پڻ هن ليکڪا جي اڻٿڪ محنت ۽ نيڪ نيتيءَ ۽
ادب سان سندس چاهه
جو بخوبي
اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
شمس عرساڻي جي لفظن ۾ ته: ’سون
ورنيون سوڍيون‘ مرتب جي سلجهيل ذهن، ذوق ۽ حسن
انتخاب جو عڪاس آهي، پروين موسيٰ ميمڻ کي هن ڪتاب
جي تدوين ۾ ڪافي مشڪلات کي منهن ڏيڻو پيو هوندو،
دراصل سنڌي زبان ۾ ڪهاڻيءَ واري ادب کي ٿورات داد
وارو ادب کڻي نه به چئون، پر مشڪلات اها آهي جو
خواتين ڪهاڻيڪارائن جا مجموعا آڱرين تي ڳڻڻ جيترا
مس دستياب آهن، انهن ۾ ڳڻڪارين وارين ڪهاڻين (Qualitative) جو
تعداد بنهه معمولي آهي، انڪري مرتب ڪندڙ به انهن
رسالن ۽ اخبارن تي انحصار ڪرڻو پيو هوندو، جن جي
ڇڙوڇڙ پرچن ۾ ڪهاڻين جو چڱو خاصو انگ شايع ٿيل
آهي، بهرحال جيڪو نمايان سرمايو سردست ٿي سگهيو
آهي، تنهن کي ترتيب ڏئي پروين موسيٰ هڪ قابل قدر
ڪهاڻين جي مجموعي کي جوڙڻ ۾ ڪامياب وئي آهي، جنهن
کي اسين بلاشڪ سنڌي ادب جي حال جو آئينو چئي سگهون
ٿا.
هيٺ ان مجموعي ۾ شامل انهن ڪهاڻين جو مختصر
جائزو ورتل آهي جنهن جو مختصر بيان هيٺ پيش ڪجي ٿو .
رتنا جا رنگ : جيسي
ڪڏواڻي
هن ڪهاڻيءَ ۾
عورت جي پڙهيل لکيل هئڻ
سبب ان جي شعوري سگهه جي ڪٿ ڪئي ويئي آهي، جيڪا
سماج جي فرسوده رسمن جي ور چڙهڻ بجاءِ سماج جي اکين
۾ اکيون
ملائي پنهنجو حق وٺي ٿي. دراصل
هيءَ ڪهاڻي ورهاڱي کان
پهرين شروعاتي
دور جي ڪهاڻي آهي، جنهن
کي پنگتي سڌاري جو دور پڻ ڪوٺيو ويو آهي جنهن ۾ گهڻي
ڀاڱي ڪهاڻي جا موضوع سماجي حالتن تي مشتمل عوتن جي
تعليم ۽ پراڻين فرسوده ۽ رسم
رواجن جي نندا ڪندي نظراچن ٿا.
گورکن :
نورالهديٰ شاهه
هن ڪهاڻيءَ ۾ نورالهديٰ
شاهه ان
حقيقت تان پردو کڻي ٿي، ته
انسانيت جو مفهوم
ان وقت پنهنجي معني‘ وڃائي ٿو ويهي جنهن وقت بک جو
راڪاس معصوم جانين تي وارد ٿئي ٿو ۽ کين بدحاليءَ جو
شڪار بنائي جيڪو سندن سوچ ۽ سمجهه
تي غالب پئي ٿو ۽ تڏهن ماڻهن مان چڱائي
۽ برائي جا جذبا
فنا ٿي وڃن
ٿا. هو
انهن جي جان بچائڻ لاءِ
بدحواسي ۾ انهن
جي ئي جان وٺي ٿو، ڪهاڻي
جو مرڪزي خيال سراج الحق
جي ڪهاڻي ٻهڻيءَ سان ملندڙ جڙندڙ نظر اچي ٿو.
ڪربلا:
نورالهديٰ شاهه
نورالهديٰ شاهه جي
هيءَ ڪهاڻي
حالت جنگ ۾ عام ماڻهوءَ جي
زندگي جي تصوير پيش ڪري ٿي، جنهن
۾ هڪ ڪردار جيڪو روزمره محنت مزوري ڪري پنهنجي ٻچن
جو پيٽ پاليندو هو، اهو
جڏهن ڪارخاني ۾ مزدورن
جي حقن لاءِ هڙتال ڪري ٿو تڏهن سزا طور مالڪ کيس
نوڪري کان بيدخل ڪري
ٿو ۽
پوءِ ڪٿي به ڪم نه ملڻ ڪري سندس گهر فاقهڪشيءَ جو
شڪار بنجي ٿو ۽ هُو
پنهجو رت ست ڏئي کين ٽي ويلا ماني نٿو پهچائي
سگهي. جنگ دوران هو پنهنجي جان داءُ تي لڳائي فوج
۾ ڀرتي ٿئي ٿو ۽ آخر جنگ ۾ وڙهنديشهيد
ٿي ملڪ جي قانون مطابق امر ٿي وڃي ٿو، پر
پٺيان سندس خاندان ساڳيو بک ۽ بدحالي سان وڙهندي
وڙهندي زندگي هارائي ويهي
ٿو.
شڪست:
سندري اُتمچنداڻي
هجوَ مادو
ختم ٿي ويندو آهي،
پر جڏهن هو هڪٻئي
جي اوڻاين کي قبول ڪن ٿا تڏهن طبقاتي نظام جي
هيٺاهين يا مٿاهين کي شڪست ملي ٿي .
رانديڪو
:
بيگم زينت عبدالله چنا
عورت کي صرف جنسي تسڪين
جو ذريعو سمجهڻ واري خيال جي نندا ڪندي نظر
اچي
ٿو.هن
ڪهاڻي جو ڪردار ڇوڪري صرف محبت جي مٺڙي احساس کان
منهن موڙي ڇڏي ٿي ته اهو شادي کان پوءِ
روايتي وهنوار ۽ صرف عورت کي جنسي لذت مڃڻ واري جو
رشتو بنجي وڃي ٿو.جنهن ۾ عورت جي هر جذبي جي
توهين ڪئي وڃي ٿي.
جيجي :
جيجي زرينه بلوچ
زرينا بلوچ جي لکيل هيءَ ڪهاڻي
جنهن سماجي رسم رواج جو شڪار
هڪ ڇوڪري جي جذباتي توڻي هيجاني
ڪيفيت جو بيان ڪيو ويو اهي جيڪا ادلي بدلي جي شادي
جو شڪار ٿي زندگي جي خوشي ۽
جيون ساٿي جي پيارکان محروم ٿي وڃي ٿي، جنهن
کي ڪڏهن هوءَڪنهن
ساهيڙي جي صحبت ۾ ڳولي
ٿي ته ڪڏهن ڪنهن ڌارئي مرد جي جهولي ۾، جنهن
سبب هوءَ سماج
۾ پڻ ڏٺي
ٿئي ٿي. سنڌ
۾ الائي ڪيتريون
نياڻيون روزانو اهڙين فرسوده رسمن جو شڪار ٿين
ٿيون.
آءٌ اها
ئي مارئي:
ثميره زرين
هن ڪهاڻي ۾ ثميره زرين هڪ عورت جي بيوفا هئڻ سبب
گهر جي تباهي بيان ڪري ٿي ته
ٻئي وري ان گهر کي آسودگيءَ جو
ڪارڻ پڻ هڪ عورت جي وجود کي ڏيکاري ٿي يعني ليکڪا
جو اهو مڃڻ آهي ته گهر جو ٺهڻ ۽ ڊهڻ ٻنهي
جو مدارعورتن جي وهنوار تي جڙيل
آهي گڏو گڏ هوءَ ان
ڳالهه
جي به قائل آهي، ته
ڪجهه ڳالهيون ماڻهن ۾ مورثي به هونديونآهن .
مٺي مراد :
نورالهديٰ شاهه
ماهتاب محبوب جي هيءَ ڪهاڻي
وڏيرڪي هٺ ۽ هوڏ جي تصوير بيان ڪري ٿي. جيڪو
پنهنجي خول ۾ ايڏو ته بند ٿيل آهي
جو حقيقت سامهون هوندي به هو
ان کي مڃڻ کان انڪار ڪري ٿو ۽ جنهن ۾ چئن شادين
کان پوءِ
به هو اولاد جي خوشيءَ کان
محروم رهي ٿو تڏهن لاچار ٿي ڊاڪٽر کان چيڪ اپ
ڪرائي ٿو پر جڏهن ڊاڪٽر کيس ٻڌائي ٿو ته عيب سندس
ذات ۾ آهي، نه
سندس زالن ۾، تڏهن
هو پنهنجي اَنا
پرستي کي
قائم رکڻ لاءِ پنهنجي غيرت (زال) کي ٻار جي لاءِ
به ٻين جي حوالي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو. هن
ڪهاڻي ۾ ماهتاب روايتي ڳوٺاڻي ماحول ٻولي جو ورتاءُ نهايت
عمدگي سان بيان ڪيو آهي. ڪهاڻي
۾ وڏيري جو مرحلي وار شادين ڪرڻ ۽ سندس زالن جي
وهنوار کي ڏاڍي دلچسپ انداز سان بيان هيٺ پيش ڪيو
ويو آهي.
ڪاري :
ثريا ”سوز“ ڏيپلائي
سريا سوز ڏيپلائي جي هن ڪهاڻي ۾ ظاهري حسن کي
زندگيءَ جو
سچ مڃڻ بدران ماڻهو جي اخلاق کي اصل حسن سمجهڻ جو
درس مليل آهي جنهن ۾ ليکڪا اهو ٻڌائڻ گهري ٿي ته
اسان صرف ظاهري سونهن کي ڏسي ڪنهن جي قابليت جو
اندازو لڳائي نٿا سگهون.
عيبن هاڻي:
تنوير جوڻيجو
تنوير جوڻيجي جي
هيءَ ڪهاڻي
انهن سماجي رسمن جو شڪار عورت جي آهي جيڪا مائٽن
جي ڪيل غلط فيصلن جو بار بي گناهه
هوندي به پوري زندگي لوڙيندي رهي ٿي.
ڪشمڪش :
تبسم ماهتاب قريشي
تبسم مهتاب قريشي هن ڪهاڻي ۾ ڏاڍو
نازڪ موضوع کنيو آهي، جنهن
۾ هوءَ اهو ڏيکاري ٿي ته صرف رت جو رشتو ئي مرد جي
حوس پرستي کي روڪي سگهي ٿو، باقي
هو ڪيترا به فرضي رشتا جوڙي انهن سان نيڪي ڪري پر
هو پنهنجي حيواني جبلت ختم نه ٿو ڪري سگهي. اهڙي
ئي هڪ هيءَ ڪهاڻي به آهي
جنهن ۾ هڪ شريف مرد هڪ بيوهه سان شادي ڪري ٿو ۽
سندس ڌيءَ کي
ڏاڍو پيار ڪري ٿو، هُن
کي پنهنجي ڏءُ به ڄمي ٿي ٻنهي کي ساڳيو پيار ڪري
ٿو پر جڏهن ٻئي ڇوڪريون ڦوه جوانيءَ ۾
پهچن ٿيون، تڏهن
هو پنهنجي ڏيءَ کي ته رت جي رشتي سبب ڌيءَ مڃي
ٿو پر اڳڄائي ڌيءَ کي
حوس جو نشانو بنائي ٿو بدلي اها ڇوڪري بغير ڪنهن
شڪايت ڪرڻ جي چپ چاپ پنهنجي زندگي جو انت آڻي ٿي
يعني خودڪشي ڪري ٿي ڇڏي ۽ اها شخصيت سڄي عمر
پنهنجي گناهه سبب
ضمير جو بار کڻندي پڇتاءَ جا ڳوڙها ڳاڙي گذاري ٿي.
مارئي ۽ مان:
ميمڻ روشن تبسم
هن ڪهاڻي ۾ ليکڪا عمر مارئي جي داستان جي پيرائي ۾
اڳ جي سنڌ سياسي
سماجي حالتن جو موازنو ۽ هينئر جي سنڌ جي ماحول
سان ڪندي اهو نتيجو ڪڍي ٿي ته هاڻي جي حالتن ۾
ڪابه نياڻي محفوط ڪانهي، هاڻي
ڪوبه باڪردار عمر ڪونهي، ان
جي برعڪس اڄجا
سورما پاڻ نياڻين جي لڄ لٽي
کين زماني آڏو بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.
تو تنين
جي تانگه :
ماهتاب چنه
مهتاب چنا جي هن ڪهاڻي ۾ انهن الهڙ چوڪرين جي
جذباتي ڪيفيت بيان ڪئي آهي جيڪي آئيڊيل
جي انتظار ۽ موهه ۾
پنهنجي زندگيون ڳاري ڇڏين ٿيون جيڪا هڪ دوست جي
زندگي جي وارتا ۾ بيان ڪيل آهي
.
منگل سوتر:
ڪلاپرڪاش
ڪلا پرڪاش جي هيءَ ڪهاڻي منگل سوتر
جي بار هيٺيان
دٻيل هڪ ڇوڪري جي ڪهاڻي آهي جيڪا شادي کان پوءِ
ساهرن ۽ مڙس جي ظلم سهڻ بدران طلاق وٺڻ جو فيصلو
ڪري ٿي ۽ منگل سوتر
جي انهن ڪچن ڌاڳن
کي انهيءَ مرد هٿان ئي ٽوڙائي ٿي جنهن کيس انهن ٻنڌڻن
۾ ٻڌو
هو.
ليکڪا چوڻ اهو پئي چاهي ته ڪابه رسم رواج يا مذهب
انساني زندگي کان وڌيڪ حيثيت ڪونه ٿو رکي.
زندگي هڪ ناٽڪ:
وينا شرنگي
زندگي ۾ بدلجندڙ روين حالتن جو بيان ڪري ٿي جنهن ۾
ليکڪا اهو پڻ تصور ڏئي ٿي ته ڪڏهن ڪڏهن گهڻي خوشي
به ڀانءِ ڪونه
پئي ٿي.
پنهنجي عزت :
نذير ناز
نذير
ناز جي هيءُ ڪهاڻي
ترقي پسند ادب جي تصور کي سامهون رکندي لکي ويئي
آهي جنهن ۾ ليکڪا اهو واضح ڄاڻايو
آهي ته جيتائين توهان ظلم سهندو تيستائين توهان
ظلم ٿيندو رهندو پر جي ان جي خلاف توهان به اٿي
همت ڪندؤ ته
ظالم پنهنجي موت
پاڻ ئي مري ويندو، هن
ڪهاڻي ۾ وڏيرو جڏهن غريب هاري جي ڌيءَ کي
پنجن هزارن ۾ خريد ڪري نڪاح ڪرڻ بجاءِ کيس سريت بنائي ٿو، تڏهن
هوءَ پنهنجي عزت نفس کي مجروع ٿيندي ڏسي نٿي سگهي، ۽
پنهنجي پراڻي ننگ (مڱيندي) سان ننگ جوڙي ٿي ۽
جڏهن وڏيرو بدلي ۾ هن مٿان ظلم ڪرڻ چاهي
ٿو، تڏهن
هو پڻ وڏيري کي منهن
ٽوڙ جواب
ڏيندي، سندس ڌيءَ کي
اغوا ڪري پنهنجي ۽ پنهنجي زال جي جان
بخشي ڪرائي ٿو.
ماءُ :
خديجه شيخ
عورت جي مقدس تصور جي جنهن ۾ خدا
کيس پيرن هيٺان جنت جو شرف بخشيو اهي تنهن عورت جي
جسم ماڻهن ڪهڙي طرح
ڪهي ڪارو ڪري سگهن ٿا. ڪهڙي طرح
هوءَ ڳاڙهي ڪري ٻين درن ڏڪا کائي، ليکڪا
اهو چوڻ چاهي ٿي ته هر قسم جو ٿيندڙ ظلم ڪربلا مثل
آهي ۽ ظلم ڪرڻ وارا يزيد ي فرقي جي پوئواري ڪن ٿا.
مئل تخليق :
ڊاڪٽر ناهيد مغل
هڪ اهڙي
عورت جي ڪهاڻي جيڪا شديد نفسياتي دٻاءَ جي ڪري
ماءُ جي رتبي کان محروم ٿي وڃي ٿي. ٻئي
وري اهڙي سفاڪ عورت
جو نقشو پيش ڪيو
ويو آهي جيڪا پنهنجي ئي ننهن جي رقيب بنجي سامهون
اچي ٿي ۽ جڏهن ڏسي ٿي، ته
هوءَ ان مرتبي تي پهچڻ
کان پهريان هارائي ٿي،
تڏهن هوءَ مرڪي سندس تن تي
لوڻ ٻرڪي ٿي.
مس ۽ موبائيل :
ريحانه نظير
هن ڪهاڻي ۾ ٽيڪنالاجي جي غلط استعمال، ان
جي سبب معاشري جي اهم ستون اسان جي شعوري سگهه
بيدار ڪندڙ استادن جي نااهلي ۽ مستقل سان ٿيندڙ
هٿ چراند کي طنزيـ انداز هيٺ پيش ڪيو ويو آهي، ليکڪا
پاڻ به ان پئشي سان واسطو رکي ٿي ان ڪري هن موضوعکي
عملي طور پرکي پوءِ ڪهاڻي جو ويس ڍڪايو آ هي .
اهي استاد جيڪي ايندڙ وقت جا معمار جوڙيندا آهن، اهي
ئي جڏهن پنهنجي فرض جي ادائگي ڪونه ڪندا ته پوءِ
مستقبل جو ته ٻيڙو ئي غرق ٿي ويندو.
سنڌي ليکڪائن جي ڪهاڻين جي هن مختصر جائزي مان
جيڪا پروڙ ملي ٿي ان مان هيءَ ڳالهه واضح ٿئي
ٿي ته سندن ڪهاڻين ۾ موضوع،
ٽيڪنيڪ يا ٻيون فني گهرجون ڪٿي به يڪسانيت جو شڪار
ڪونه ٿيون نظر اچن. ان
جي برعڪس اهي ڪهاڻيون ڪٿي شبنم جي قطرن جيان ڪومل
ته ڪٿي وري نٽهڻ اس م پير پٿون ڪندڙجذبن کي چٽيندي
نظر اينديون ڪٿي وڏيرو
ظالم آهي ته ڪٿي وري ساڳيو وڏيرو انا پرستي جي خول
۾ لاچار ۽ مجبور نظر اچي ٿو. ڪٿي
بک ۽ بيروگاري سبب محبت پنهنجا معيار وڃائي
ٿي (گورکن)
ته ڪٿي وري محبت جي ڳولا
لاءِ محبوب
جو انتظار ڪرڻ
۾ رلائي ٿو ڇڏي (تو جنين جي تانگه) ڪٿي عورت ماءُ
جي روپ م تخليق ڪائنات جو حصو آهي ( ماءُ) ڪٿي وري
ساڳي ماءُ رقيب بنجي هڪ ٻي ماءُ جي پيرن هيٺان جنت
ڇڪي ڪڍي ٿي( مئل تخليق) ڪٿي عورت رتنا بنجي مرد
جي هٺ کي شڪست ڏئي ٿي (رتنا جا رنگ) ڪٿي وري جيجي
رسمن رواجن سولي تي چڙهي ان سماج سان بغاوت ڪري
پنهنجي زندگي جيئندي نظر اچي ٿي.( جيجي)
ڪٿي انسان جي خوبين کي ظاهري رنگ ۽ روپ سان پيٽن
واري رويي جي نندا ڪئي ويئي (ڪاري) ته ڪٿي وري
عورت جي وفا ۽ سندس بي وفائي سان تبديل ٿيندڙ
حالتن جو نقشو پيش ڪري ٿي (آءٌ اها
ئي مارئي). ڪا
ڪهاڻي پوليس جي ظلم جو داستان آهي ته ڪا وري
زمينداري ظلم جو(پنهنجي عزت) انڪري چئي سگهجي ٿو ته ”سون
ورنيون سوڍيون“ ڪهاڻين
جي مجموعي جي هر ڪهاڻي پنهنجي موضوع ۾ نرالي
پنهنجي اسلوب ۾ نمايان پنهنجي فني ۽ فڪري اثر ۾
معياري ۽ مختلف سماجي رسم رواج ۽ معاشي حالتن ۾
بدلجندڙ انساني روين جي تصوير ڪشي بيان ڪندي نظر
اچن ٿيون.
ڪهاڻين جو هيءُ ڳٽڪو
سهيڙي ڊاڪٽر پروين موسيٰ
ميمڻ ڄڻ
ته هڪ هڪ گل چونڊي اهڙو گلدستو جوڙيو آهي جنهن جي
خوشبو سرهاڻ بنجي ادبي دنيا کي معطر ڪري ڇڏيندي .
آخر ۾ شاهه سائين جي هن شعر سان مان ڪهاڻين جي هن
ڳٽڪي کي سهيڙڻ واري
شخصيت کي ڀيٽا ڏيڻ چاهيان ٿي ته:
محبت پائي من ۾ رنڍا روڙيا جن،
تن جو صرافن اڻتوريو اگهايو. |