ڊاڪٽر آزاد
قاضي
تاريخ ڀٽ
شاهه ثقافتي مرڪز-2
(ڀٽ ۽ ڀٽائي کي متعارف ڪرائڻ لاءِ ورهاڱي کان
پوءِ ورتل ڪوششون)
1947ع ۾ افراتفريءَ وارين حالتن جي باوجود ڀٽائي
جي پانڌيئڙن وڏي جوش ۽ جذبي سان شاهه عبداللطيف
ڀٽائي جي زندگي ۽ فلسفي بابت مربوط قسم جي ڪم ڪرڻ
واري سلسلي کي جاري رکيو. ان سلسلي ۾ ٽه طرفو ڪم
هن ريت شروع ڪيو ويو:
(الف) 1947ع ۾ هڪ مربوط قسم جي معياري اداري، شاهه
لطيف ڪلچرل ڪاميٽي جو بنياد وڌو ويو.
(ب) شاهه صاحب جي سالگره جي سلسلي ۾ ٿيندڙ جلسن
واري پروگرام کي جاري رکيو ويو. جنهن ۾ مختلف
عالم، اديب ۽ شاعر شاهه صاحب جي زندگي ۽ فڪر واري
حوالي سان پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندا هئا. اهڙي
ريت هر عام خاص، حضرت شاهه عبداللطيفرحه جي
زندگي ۽ فڪر ڏانهن متوجهه ٿيندو پئي رهيو.
(ج) شاهه لطيف ڪلچرل ڪاميٽيءَ جي پليٽ فارم تان ڀٽ
کي ٽئگور جي ’شانتي نڪيتن‘ جيان مثالي ڳوٺ قرار
ڏيارڻ، شاهه عبداللطيف جي زندگي، فڪر ۽ موسيقي سان
گڏ سنڌ جي مختلف ثقافتي رُخن بابت جديد دور وارين
تقاضائن موجب تحقيق ڪرائڻ.
سنڌي ادبي بورڊ جنهن جو چيئرمن سيد ميران محمد
شاهه، شاهه لطيف ڪلچرل ڪميٽيءَ جو چيئرمن هئڻ سان
گڏ 1949ع ۾ PWD جو
وزير به ٿيو، انڪري انهن ٻنهي منصبن جو فائدو
وٺندي سيد ميران محمد شاهه، ڀٽ ۽ ڀٽائيءَ کي
متعارف ڪرائڻ واري حوالي سان ٻه اهم ڪم سرانجام
ڏنا.“
(1) اڳ ذڪر ٿي آيو آهي ته وزير واري حيثيت ۾ مکيه
شاهراهه کان ڀٽ تائين اڳ ٺهرايل ڪچي سڙڪ کي، هاڻ
پڪي روڊ ۾ تبديل ڪرايائين، سندس اهڙي عمل سان جنهن
تبديليءَ جا امڪان نظر پئي آيا، ان جي اهميت ۽
افاديت بيان ڪندي محمد صديق ميمڻ رسالي مهراڻ،
لطيف سالگره نمبر ۾ لکيو:
”شاهه صاحب هن وقت بي.ڊبليو.ڊي جو وزير آهي، جنهن
کي لطيفي لنؤن هن ڳالهه تي آماده ڪيو آهي ته هالن
کان سڌو ڀٽ تائين پڪو رستو ٺهي، جنهن تان موٽرون
زائرين جي سهوليت لاءِ ترڪنديون نچنديون مزار جي
چانئٺ جي سلامي ڪنديون رهن، ۽ ڀٽائي جي پيش گوئي
”ڪوڙئين ڪن سلام، اچي آسڻ ان جي“ پوري ٿئي، جهنگ
ڪپجي ويا آهن، رستا خطجي ويا آهن ۽ بجليءَ جي ٿنڀن
جا نشان پئجي ويا آهن.“ (ميمڻ، 1949ع، ص 2)
(2) سنڌي ادبي بورڊ جي سربراهه هئڻ واري حيثيت ۾،
بورڊ پاران سنڌ جي شاعرن ۽ درويشن جا سالگره
ملهائڻ جو فيصلو ڪرايائين. ان مربوط ڪوشش تحت
”ڀٽائي گهوٽ سيد عبداللطيفرحه جي
سالگره ٽي دفعا ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ملهايو ويو.“
(ميمڻ، 1949ع، ص 1)
ڀٽ تائين پڪو رستو جُڙڻ واري صورتحال جي مدنظر
سنڌي ادبي بورڊ جي سرڪردگيءَ ۾ نڪرندڙ رسالي
”مهراڻ“ ۾ ان ڳالهه جو به اظهار ڪيو ويو ته:
”اميد ته هي بورڊ هر مهيني جمع رات انهيءَ سماع جو
لطف وٺندو، جنهن لاءِ اسين سڀئي منتظر آهيون.“
(ميمڻ، 1949ع، ص 2)
سنڌي ادبي بورڊ پاران 1949ع ۾ ڀٽائيءَ جو سالگره
ڪراچيءَ ۾ ملهايو ويو، ان لاءِ جيڪا ڪاميٽي مقرر
ڪئي ويئي، ان جو ”چيئرمن خان صاحب آغا تاج محمد
پٺاڻ کي مقرر ڪيو، ميمبرن ۾ (لکڻ لاءِ) موضوع مقرر
ڪري ڏنا ويا، جن صاحبن پنهنجون تقريرون جلسي ۾
پڙهيون.“ (ميمڻ، 1949ع ص 2)
اوائلي دور ۾ ڀٽائيءَ تي ٿيندڙ فرشي نشست جو هڪ
ڏيک
ان سال نوجوانن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي پڙهڻ،
سمجهڻ ۽ ان بابت لکڻ لاءِ دلچسپي پيدا ڪرائڻ واسطي
اسڪولن ۽ ڪاليجن جي شاگردن کي به مدعو ڪيو ويو، ته
شاهه تي پنهنجا مضمون لکي اچن ۽ جن شاگردن جا
مضمون بهتر ڏسڻ ۾ ايندا، تن کي انعام ڏنا ويندا.
ان مقابلي ۾ نوجوانن حصو ورتو، جنهن جي نتيجي ۾
مسٽر رشيد احمد (لاشاري) رشيد ۽ مسٽر عبدالرحمان
انڙ کي انعام ڏيئي، نوجوانن ۾ پڙهڻ لکڻ جو جذبو
پيدا ڪرائڻ خاطر، انهن ٻنهي جا مضمون ”مهراڻ“
رسالي ۾ پڻ شايع ڪيا ويا.
سنڌي ادبي بورڊ جي مٿي ذڪر ڪيل پروگرام هيٺ 25-26
نومبر 1950ع وارن ڏينهن ۾ ڀٽ تي سالگره ملهايو
ويو، ان تقريب جو ذڪر ڪندي محمد صديق ميمڻ رسالي
”مهراڻ“ جي 1950ع واري شاهه لطيف نمبر ۾ لکيو:
”شاهه لطيف جي شعر شاعري، فيض برڪت، اسلامي تبليغ،
سندس حڪم احڪامن وغيره تي تقريرون ٿيون. تقريرن
دوران ڀٽائي جو راڳ، دلن ۽ يڪتارن ذريعي سوز ۽ ساز
سان جاري رکيو ويو. جنهن جي اثر هيٺ برهه جا
متوالا جهولندا نظر آيا، دورانِ محفل درويشن ۽
زائرين جون قطارون بارگاهه لطيف جي اندر رڙندا
روئندا پتنگن وانگر پچندا نظر آيا، قُبي جي ٻاهران
لطيفي ڪلام جي هونگار هئي، مگر اندر مزار مبارڪ جي
احاطه ۾ محبت جو سُڪون هو ۽ قلب جي بي قراري
دفعتاً غائب ٿي ويئي.“ (ميمڻ، 1950ع، ص 7)
ان پروگرام جو انتظام به لطيف يادگار ڪائونسل جي
سيڪريٽري خان صاحب آغا تاج محمد جي حوالي هو، جڏهن
ته: ”حيدرآباد ۾ استقباليه ڪاميٽي جو چيئرمن ڊاڪٽر
ابراهيم (خليل) هو، جنهن جي سرپرستيءَ هيٺ معزز
مهمانن جي لاءِ موٽر بس وغيره جو ڪم سپرد ٿيل هو،
جو نهايت ڪاميابيءَ سان هلي رهيو هو. ڀٽ شاهه تي
استقباليه ڪاميٽيءَ جو چيئرمن مسٽر الهه بخش صاحب
نظاماڻي تعليمي محڪمه جو ڊپٽي انسپيڪٽر هو.“
(ميمڻ، 1950ع، ص 7)
ڀٽائي گهوٽ جي سالگره واري ان پُروقار تقريب ۾
شريڪ ٿيندڙ مکيه شخصيتن جو ذڪر ڪندي ميمڻ صاحب لکي
ٿو، ”سنڌ جو مکيه وزيراعظم آنربل قاضي فضل الله
صاحب، تعليم کاتي جو وزير آنربل آغا غلام نبي پٺاڻ
۽ مخدوم صاحب طالب الموليٰ، سابق وزير جي.ايم.سيد
صاحب ۽ ٻيا حڪومت جا اعليٰ آفيسر به حاضر هئا ۽
لطيفي ڪلام جو لطف حاصل ڪري پنهنجو دين دنيا
اُجاريائون.“ (ميمڻ، 1950ع، ص 8)
1950ع وارو سال شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي زندگي
کي سمجهڻ ۽ سندس ڪلام جي تفسير ۽ تشريح جي سلسلي ۾
ڀرپور سال هو، ماهنامه عام راءِ ڊسمبر 1950ع جي
رپورٽ موجب:
”هن سال شاهه ڀٽائي جي ورسي سنڌ سرڪار جي سنڌي
ادبي بورڊ طرفان شاهه صاحب جي درگاهه تي ڌام ڌوم
سان ملهائي ويئي، اُن موقعي تي سنڌ جا اڪثر اديب،
شاعر، مؤرخ، اخبار نويس، مختلف سياسي جماعتن جا
ليڊر ۽ آنربل وزير حتيٰ ڪه سنڌ جا علم دوست ۽ ادب
نواز انسان ڀٽ تي وڃي حاضر ٿيا هئا. هن موقعي تي
سيد ميران محمد شاهه ۽ ڊاڪٽر دائودپوٽو، ڊاڪٽر نبي
بخش خان بلوچ، جي.ايم.سيد، مسٽر عثمان علي انصاري
۽ ٻين ڪيترن صاحبن شاهه صاحب جي زندگي ۽ ان جي
ڪلام تي تقريرون ڪيون ۽ شاهه صاحب جي فقيرن شاهه
جو ڪلام ڳايو، اهو منظر ۽ جذبو هن ڳالهه جي تصديق
ٿا ڪن ته شاهه صاحب جي ڪلام سان سنڌين جي نه فقط
محبت آهي، پر ان جي اشاعت جو به کين اونو آهي.“
(اداره، 1950ع، ص 4)
ان سال سرڪاري پروگرام کان هٽي ڪري سنڌ مسلم ڪاليج
ڪراچيءَ جي شاگردن پڻ شاهه جي ورسي شاندار طريقي
سان ملهائي ۽ شاهه صاحب جي حوالي سان مختلف موضوعن
تي تقريرون ڪيون ويون.
17- ڊسمبر تي بين الاقوامي قلم دوست جماعت طرفان
سمر سيٽ هائوس ڪراچي ۾ شاهه صاحب جي ورسي ٿي، ان
موقعي تي ”شاهه ۽ مغربي شاعر“، ”شاهه روحاني شاعر“
۽ ”شاهه في البديع شاعر“ جي اهم موضوعن تي تقريرون
ڪيون ويون، ان تقريب جو ذڪر ڪندي ماهنامه عام راءِ
ڊسمبر 1950ع ۾ لکيو:
”غير سنڌي علم دوست حضرات کي شاهه جي ڪلام مان
واقف ڪيو ويو، هن جماعت طرفان شاهه صاحب جي ورسي
ملهائڻ سبب شاهه صاحب جو ڪلام بين الاقوامي رڪارڊ
تي اچي ويو آهي، (اهڙي ڪوشش) مان ظاهر آهي ته شاهه
صاحب نه فقط سنڌين جي دلين جو بادشاهه آهي پر هن
جي ڪلام جو قدر ڌارين وٽ به آهي.“ (اداره، 1950ع،
ص 4)
حضرت شاهه عبداللطيف جي فڪر کي فروغ ڏيڻ جي سلسلي
۾ 19- ڊسمبر تي سنڌ مسلم لاڪاليج جي شاگرد يونين
پاران شاهه صاحب جي ورسي ملهائي ويئي، ”هن موقعي
تي پڻ مسٽر (اي.ڪي) بروهي، ڊاڪٽر دائودپوٽو صاحب،
مسٽر عثمان علي انصاري ۽ ٻين صاحبن شاهه صاحب جي
ڪلام تي تقريرون ڪيون.“ (عام راءِ، 1950ع، ص 4)
شاهه عبداللطيف ڀٽائيرحه کي
ياد ڪرڻ ۽ ان کان عوام الناس کي روشناس ڪرائڻ وارو
”اهو سلسلو ايستائين محدود ڪونه رهيو، پر ريڊيو
پاڪستان ڪراچي به هن سلسلي ۾ پاڻ چڱو ملهايو، شاهه
صاحب جي ميلي جي پروگرام کي اردو ۾ نشر ڪري، اردو
دان حضرات کي شاهه صاحب جي ڪلام جي خصوصيات کان
واقف ڪيو.“ (عام راءِ، ص 4)
مطلب ته ورهاڱي واري اثر کي زائل ڪرڻ واري مقصد
سان سنڌ ۽ سنڌين کي سارڻ جي سلسلي ۾ شاهه صاحب جي
زندگي، حالات ۽ سندس شاعريءَ کي سمجهڻ ۽ ان مان
مدد وٺڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ويئي. سنڌ جي عالمن
اديبن ۽ نوجوانن پاران ٿيندڙ اهڙين ڪوششن طرف
اشارو ڪندي ماهنامه عام راءِ لکيو:
”شاهه صاحب جي ڪلام سان وڌندڙ محبت ۽ ان جي اشاعت
لاءِ چاهه مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌي
پنهنجي ادب، قوميت ۽ فوقيت کي ڌارين کان قبول
ڪرائڻ جو اونو رکن ٿا، جيڪڏهن سنڌين ساڳئي جذبي
سان ڪم ڪيو ته ٿوري وقت اندر هنن جو نه فقط ادب
وڌندو پر هو ڌارين جي طرفان پڻ وڏي ادبي سرمايه
وارا ۽ جدا قوميت رکندڙ تسليم ڪيا ويندا.“ (ڊسمبر،
1950ع، ص 4)
اهڙي ريت شاهه لطيف يادگار ڪائونسل پاران پڻ شاهه
عبداللطيفرحه جي
فن ۽ فڪر کي متعارف ڪرائڻ جي سلسلي ۾ ٿيندڙ
ساليانه سرگرميون جاري رهيون.
سال 1953ع وارو عرس، جنهن کي ٻه سؤ ساله ورسي طور
ياد ڪيو وڃي ٿو، ان موقعي تي شاهه عبداللطيف
يادگار ڪيمٽيءَ جيڪو مواد شايع ڪيو، ان لاءِ ظاهر
ڪيو ويو ته: ”پنهنجي سنڌي ڀائرن ۽ ڀينرن جي آڏو
سنڌ جي هن روح روان ۽ دنيا جي بلندترين شاعر جي
ياد ۾ ”يادِ لطيف“ جو نماڻو تحفو پيش ڪري ٿي.“
(بلوچ، 1953ع، ص 1)
ائين ٿو محسوس ٿئي ته شاهه عبداللطيف يادگار ڪميٽي
پاران سالياني پروگرامن ۾ پڙهجندڙ مواد کي ڇپائي
محفوظ ڪري شاهه جي طالبن تائين پهچائڻ جي سلسلي جي
اها پهرين ڪوشش هئي. ان پيش ڪيل تحفي ۾ ڏنل مواد
جي سلسلي ۾ لکيو ويو ته، ”يادِ لطيف ۾ انهن مضمونن
۽ نظمن جو انتخاب شامل ڪيو ويو آهي جي شاهه جي
پهرين ٻن ورسين جي موقعي تي، ڀٽ شاهه تي پڙهيا ويا
هئا.“ (بلوچ، 1953ع، ص 1)
مٿئين بيان مان ظاهر ٿئي ٿو ته، 1951ع ۽ 1952ع ۾
ملهايل ورسين جو احتمام پڻ شاهه عبداللطيف يادگار
ڪميٽي ۽ ان جي روح روان سائين ميران محمد شاهه ڪيو
هو.
سائين جي.ايم.سيد، سيد ميران محمد شاهه سان، شاهه
عبداللطيف ڀٽائي جي شخصيت ۽ ڪلام کي متعارف ڪرائڻ
جي سلسلي ۾ دامني سخني گڏ هوندو هو، سندس 1950ع ۽
1951ع وارين ڊائرين منجهان انهن سالن ۾ ڀٽائيءَ
بابت پروگرامن وارين سرگرمين جو ڪجهه اندازو هن
ريت ٿئي ٿو.
سائين جي.ايم.سيد 25- نومبر 1950ع تي ڊائري ۾ لکي
ٿو:
”حسن بخش شاهه ٻيا گڏجي شاهه جي ڀٽ تي ميلي تي
آياسون، شام جو پير شاهه ڏنو شاهه سجاده نشين
درگاهه سان ملي، درگاهه جي زيارت ڪري شام جو شاهه
صاحب جي ورسي، ادبي مجلس ۾ شرڪت ڪيم، قاضي فضل
الله وزيراعليٰ افتتاح ڪيو ۽ آغا غلام نبي خان
وزيرِتعليم صدارت ڪئي.
نئون رستو مکيه رستي کان ڀٽ شاهه جو افتتاح ٿيو،
ڊاڪٽر بلوچ ۽ غلام مصطفيٰ شاهه مون وٽ مهمان هئا،
ميان علي محمد ميمڻ جي اوطاق ۾ غلام حسين شاهه
رهائش جو انتظام ڪيو هو، کاڌو وغيره پنهنجو هو.“
ان سلسلي ۾ 26- نومبر 1950ع واري ڊائري ۾ سيد لکي
ٿو:
”صبح جو درگاهه جي اڳيان ادبي مجلس ٿي صدارت ميران
محمد شاهه وزيرِ تعميرات سنڌ ڪئي، مون ’شاهه صاحب
سنڌ جو قومي شاعر‘ جي موضوع تي تقرير ڪئي، شيخ
عبدالمجيد، دين محمد عليگ، مولوي عبدالغفور سيتائي
به آيل هئا.“
ساڳي طرح 16- نومبر 1951ع واري ڊائري ۾ لکيو ويو
آهي:
”ڪراچي مان نڪري شاهه جي ڀٽ تي ميله تي آياسون،
دادا منگهارام مهتاڻي به ساڻ هو، رات جو مجلس ۾
مون صدارت ڪئي، ڪيترن مضمون پڙهيا ۽ راڳ ڳايا.“
ان سلسلي ۾ سائين جي.ايم.سيد جي 17- نومبر 1951ع
واري ڊائري ۾ لکيل آهي ته:
”ادبي ڪانفرنس ۾ ويس 1:00 بجه تائين اتي هوس مون
’پيغام لطيف‘ مان شاهه صاحب جو قومي تخيل وارو
مضمون پڙهيو، ميران محمد شاهه وقتي صدارت ڪئي،
ڊاڪٽر نبي بخش سٺو مضمون پڙهيو، شام جو وري مجلس
ٿي، 10:00 بجه تائين مضمون ۽ راڳ مجلس به جاري
رهيا.“
هونئن ته ڪيترن ئي لطيف جي شائقين شاهه عبداللطيف
ڀٽائي بابت پروگرامن جي سلسلي ۾ سائين ميران محمد
شاهه سان سهڪاري ٿي ڪم ڪيو پئي، پر 1953ع ۾ شاهه
لطيف يادگار ڪميٽي جا مکيه ميمبر هيٺ ذڪر ڪيل هئا:
1. الحاج
سيد ميران محمد شاهه صاحب چيئرمن
2. خان
صاحب آغا تاج محمد صاحب
سيڪريٽري
3. پير
مخدوم محمد زمان صاحب طالب الموليٰ
4. ڊاڪٽر
جعفري صاحب
5. ڊاڪٽر
نبي بخش بلوچ
6. خان
بهادر الحاج محمد صديق ميمڻ
7. آغا
عبدالنبي صاحب
8. پير
غلام شاهه صاحب ڀٽائي (مخزن شاهه عبداللطيف ڀٽائيرحه،
1954ع، ص 4)
شاهه لطيف يادگار ڪميٽي طرفان 1953ع ۾ ثقافتي مرڪز
جي ڪم ڪار لاءِ بااثر شخصيتن تي مشتمل هڪ منصوبه
بندي ڪاميٽي ٺاهي ويئي، جنهن جي حوالي اهو ڪم مقرر
ڪيو ويو ته مختلف عمارتن ۽ ٻئي ڪم ڪار لاءِ، تفصيل
سان خرچ جي جاچ ڪري، رپورٽ پيش ڪري ته جيئن ترت
ضروري قدم کنيا وڃن. اها منصوبه بندي ڪميٽي هيٺين
ماڻهن تي مشتمل هئي.
1) عزت
ماب پيرزادو عبدالستار وزيراعليٰ سنڌ
2) عزت
ماب سيد غلام حيدر شاهه وزير تعليم
3) محترم
جي.ايم.سيد
4) محترم
سيد ميران محمد شاهه
5) سنڌ
سرڪار جي محڪمه خرانه جو سيڪريٽري
1953ع تائين ”شاهه عبداللطيف يادگار ڪميٽي“ شاهه
لطيف سان لڳاءُ رکندڙ درد دل مخلص ساٿين جي تعاون
سان غير سرڪاري اداري طور ڪم ڪندي، شاهه لطيف جي
زندگي ۽ ڪلام بابت پروگرام خاص طور ساليانه عرس
(سالگره) وڏي اهتمام سان ملهائيندي رهي، ان ڳالهه
طرف اشارو ڪندي، 1953ع واري سالگره جي موقعي تي
حڪومت سنڌ آڏو ڀٽ شاهه تي هڪ ثقافتي مرڪز قائم ڪرڻ
جي تجويز پيش ڪئي ويئي، جا ان وقت سنڌ جي
وزيراعليٰ جناب پيرزاده عبدالستار صاحب جي همدردي
۽ تعاون سان بالآخر حڪومت
منظور ڪئي.
سال 1955ع واري يادگار لطيف مخزن جي ديباچي ۾ ان
ڳالهه جو اظهار ڪيو ويو آهي ته:
”شاهه عبداللطيف يادگار ڪميٽي“ هڪ غير سرڪاري
ڪميٽي آهي، جنهن هر سال شاهه جي يادگار ملهائڻ ۾
اڳئين کان اڳري ڪوشش پئي ڪئي آهي.“
سيد ميران محمد شاهه ته هن سموري ڪم جو باني مباني
هيوئي، پر کيس جن ٻين بزرگن جو تعاون حاصل رهيو،
ان طرف ڌيان ڇڪائيندي ساڳي مخزن ۾ لکيو ويو آهي
ته:
”خود ڀٽائي صاحب جي آرامگاهه ڀٽ شاهه تي وڃي ورسين
ملهائڻ جو سهرو ”شاهه عبداللطيف يادگار ڪميٽي“
خصوصاً ڪميٽي جي مخلص چيئرمن سيد ميران محمد شاهه
۽ ان جي خاص معاونن جي سر تي آهي. انهن خاص معاونن
۾ جناب سيد غلام مرتضيٰ شاهه صاحب (جي.ايم.سيد) ۽
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ صاحب جا نالا قابل
ذڪر آهن، جن شروع کان وٺي ڀٽ شاهه تي سالگره
ملهائڻ ۾ هر طرح جي مدد پئي ڪئي آهي.“
ان وقت واري يادگار ڪميٽي هيٺين ميمبرن تي مشتمل
هئي:
1. جناب
الحاج سيد ميران محمد شاهه
چيئرمن
2. جناب
آغا عبدالنبي صاحب
وائيس چيئرمن
3. جناب
آغا تاج محمد صاحب
سيڪريٽري
4. جناب
ڊاڪٽر غلام حسين جعفري صاحب خزانچي
5. جناب
پير غلام شاهه صاحب ڀٽائي ميمبر
6. جناب
محمد صديق صاحب ميمڻ ميمبر
7. جناب
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ميمبر
(بلوچ، 1955ع، ص 4)
اهڙي طرح ڀٽ شاهه تي شاهه صاحب جي سالگره جو
سرڪاري طرح ملهائڻ وارو سلسلو 1954ع کان ٿيندي ملي
ٿو. 1954ع واري ٻه سؤ ٻه ساله سالگره جي سلسلي ۾
سيد ميران محمد شاهه جي تجويز ۽ ڊاڪٽر نبي بخش
بلوچ جي تائيد سان سنڌي ادبي بورڊ آڏو اهڙي رٿ پيش
ڪئي ويئي، جنهن کي بورڊ متفقه طور بحال ڪري حڪومت
سنڌ ڏانهن ڏياري موڪليو، جنهن اهو منظور ڪيو ۽ ڀٽ
شاهه تي سالگره ملهائڻ جو سرڪاري طرح وڏي پيماني
تي انتظام ڪيو ويو.
سنڌي عوام جي جذبي ۽ ”سنڌي ادبي بورڊ“ ۽ ”شاهه
عبداللطيف يادگار ڪميٽي“ جي تجويزن کان متاثر ٿي،
سنڌ جي حڪومت هن سالگره کي ڌام ڌوم سان ملهائڻ ۾
خاص نمايان حصو ورتو. حڪومت هڪ طرف ”شاهه
عبداللطيف يادگار ڪميٽي“ کي سالگره ڪانفرنس جي
انتظام لاءِ گهربل مالي مدد ڏني، ته ٻئي طرف وري
هن سالگره کي ڪامياب بنائڻ لاءِ موثر قدم کنيا.“
(بلوچ، 1955ع، ص الف)
سرڪاري طرح ڀٽ تي ٿيندڙ ان سال واري سالگره کي
شاندار نموني ملهائڻ ۽ پروگرام کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ
هيٺين ريت قدم کنيا ويا:
(الف) انجنيري کاتي وارن ڪراڙ ڍنڍ وچان هڪ عام
شاهه راهه تيار ڪئي ۽ ڍنڍ جي ڪناري کان شاهه جي
آرامگاهه تائين وڃڻ لاءِ هڪ ڪشادو رستو هموار ڪيو.
(ب) روينيو کاتي وارن حيدرآباد جي ڪليڪٽر جي ڪوشش
سان، معزز مهمانن لاءِ هڪ عاليشان ڪئمپ ۽ ان جو
اندروني نظام اعليٰ پيماني تي قائم ڪيا.
(ج) پوليس کاتي طرفان حفاظتي انتظام خاطرخواهه
نموني ۾ برقرار رکيو ويو.
(د) زرعي کاتي طرفان ’زرعي نمائش‘ قائم ڪئي ويئي.“
(بلوچ، 1955ع، ص الف)
آخرڪار 14،13،12- آڪٽوبر 1954ع ۾ شاهه لطيف سالگره
جي حوالي سان ٿيندڙ پروگرام جي سلسلي ۾ پهرين
آڪٽوبر تي سرڪٽ هائوس حيدرآباد ۾ هڪ ميٽنگ ٿي،
جنهن ۾ ”شاهه لطيف جي سالگره تقريب“ جي آجيان
ڪميٽيءَ جي سربراهه طور سائين جي.ايم.سيد جو نالو
به پيرزادي عبدالستار جي خاص توجهه سبب طئه ڪيو
ويو هو. سيد صاحب ان حيثيت ۾ خاص دلچسپي وٺي، اهڙي
اهم موقعي کي جا وسعت ڏياري ۽ اهميت وٺرائي ان جو
اندازو ان ڳالهه مان ٿئي ٿو ته،
”سنڌ جو وزيراعليٰ عزتمآب پيرزاده عبدالستار ۽
سندس ڪئبنيٽ جا ٻيا وزير سالگره کي ڪامياب بنائڻ
لاءِ مٿين تاريخن (13-14 آڪٽوبر 1954ع) تي اچي ٻين
مقرر مهمانن سان گڏ ڪئمپ ۾ رهيا ۽ سالگره جي هر
مجلس ۾ شرڪت ڪيائون. ٻاهرين معزز مهمانن مان ورلڊ
بئنڪ جو نمائندو ۽ سندس رفيق، روس جو سفير ۽ ٻين
سفارتخانن جا ڪي ارڪان هن سالگره ۾ شامل ٿيا.“
(بلوچ، 1955ع، ص الف)
سائين جي.ايم.سيد استقباليه ڪميٽي جي چيئرمن هئڻ
واري حيثيت ۾ مرحبائي تقرير ڪندي، سنڌ جي قديم
جداگانه ملڪي حيثيت، ان جي ثقافتي ۽ علمي اهميت جو
پس منظر بيان ڪرڻ کان پوءِ ان ڳالهه جو اظهار ڪيو
ته، ”پاڪستان بنجڻ کانپوءِ جيڪي غير معمولي حالتون
پيدا ٿيون آهن، انهن جو جي جائزو وٺبو ته معلوم
ٿيندو ته سنڌ وري وڏي آزمائش ۾ آهي، واڳن جي منهن
۾ اچي وئي آهي، هن وقت اسان جو قومي وجود ۽ هستي،
ثقافت ۽ زبان خطري ۾ آهن، جيڪڏهن انهن خطرن کي رد
ڪرڻ لاءِ خاطر خواهه انتظام نه ڪيو ويو، ته ممڪن
آهي ته اسان هزارن ورهين جي تاريخي پس منظر مان
ٺهيل قومي وجود ۽ هستي، قديم ترين ورثي ۾ مليل
ثقافت ۽ زبان وڃائي وهون. اهو اسان تي ڇڏيل آهي
ته، انهن خطرن مان قوم جي ڪشتي لنگهائي پار ڪريون،
يا غفلت ڪري وڃي اوڙاهه ۾ اڇلايونس، اها نهايت
خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته ان نازڪ مرحلي تي مسٽر
پيرزادي انهيءَ خطري کي محسوس ڪندي، سنڌي ثقافت جي
حفاظت ۽ ترقيءَ لاءِ هتي هڪ مرڪز کولڻ جو ارادو
ڪيو آهي.“ (بلوچ، 1955ع، ص 7)
ان موقعي تي سيد صاحب قومي عصبيت ۽ غيرت پيدا ڪرڻ
تي زور ڏيندي، ان ڳالهه جو به اظهار ڪيو ته: ”قومي
عصبيت ۽ غيرت پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪجي.“ سيد صاحب
ان سلسلي ۾ رڳو خواهشون ڪرڻ ۽ صلاحون ڏيڻ تائين
محدود نه رهيو پر ان سلسلي ۾ هن پاڻ پورهيو ڪري،
ثقافتي مرڪز جي ڪم ڪار جو مڪمل خاڪو تيار ڪري پيش
ڪيو هو. جيئن ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ڀٽ شاهه ڪلچرل
سينٽر جو ذڪر ڪندي چوي ٿو، ”شاهه عبداللطيف ڀٽ
شاهه ڪلچرل سينٽر جو سڄو نظام ۽ خاڪو پاڻ ويهي
ٺاهيائين ۽ اهو مون کي ڏيکاريائين پوءِ سندس ڪوششن
سان باقاعدي ڪلچرل سينٽر قائم ٿيو.“ (آزاد، 2003ع،
ص 47)
ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز وارن مقصدن جي سلسلي ۾ سيد
صاحب لکيو آهي ته: ”اهو سمجهدار ماڻهن جو دستور
آهي ته هر نئين تجويز جي رٿڻ ۽ بنائڻ کان اڳ
انهيءَ بنسبت واضح مقاصد سامهون رکي پوءِ ان کي
شروع ڪرڻ جو ارادو ڪندا آهن. ڪا به تجويز ڪيڏي به
خرچ ۽ محنت سان تيار ڪجي، ليڪن جيسين تائين ان جا
مقاصد صحيح ۽ سالم نه هوندا آهن ته ان مان ڪنهن
خاص فائدي حاصل ڪرڻ جي اميد نه ٿي رکي سگهجي.“
(سيد، 1974ع، ص 86)
ان سلسلي ۾ سيد صاحب هن ثقافتي مرڪز جا جيڪي مقصد
بيان ڪيا، اُهي هن ريت آهن: ”جيڪڏهن اسان کي شاهه
صاحب جي پيغام جي پوئلڳي ڪرڻي آهي، ته پوءِ هن
مرڪز جا هيٺيان مقصد ٿيڻ گهرجن.
1. سنڌين
۾ حب الوطنيءَ جو جذبو پيدا ڪري، منجهن قومي
بيداري آڻڻ.
2. سنڌي
ادب، موسيقي، شاعريءَ ۽ ٻئي فن لطيف کي زور وٺائڻ.
3. سنڌي
ثقافت جي معيار بلند ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش وٺڻ،
جيئن سنڌي دنيا جي ٻين مهذب قومن سان ڪلهوڪلهي ۾
ڏئي بيهڻ جا لائق بنجي سگهن“(سيد، 1974ع، ص 90)
مٿي ذڪر ڪيل مقصدن جي حاصل ڪرڻ لاءِ سائين جي.
ايم. سيد هيٺيان طريقا ڪتب آڻڻ جا مشورا پيش ڪيا:
”(الف) علم کي زور وٺائڻ
(ب) موسيقيءَ کي زور وٺائڻ
(ج) نقاشي (نقش نگار) کي زور وٺائڻ“ (سيد، 1974ع،
ص 93)
مٿي ذڪر ڪيل نقطن جي وضاحت ڪندي سائين جي.ايم. سيد
لکي ٿو:
”(الف) علم کي زور وٺائڻ جي سلسلي ۾، ادب، تاريخ،
سائنس، فلسفي وغيره وارن علمن تي نوان يا ٻين
ٻولين مان ترجما ڪري ڪتاب به لکائڻا پوندا آهن،
اڳوڻن قلمي ڪتابن جي اشاعت ڪرڻي پوندي آهي، ملڪ جي
قديم قصن، ڪهاڻين، پهاڪن، شعر، موسيقيءَ ۽ ٻئي فن
لطيف کي زندهه ڪري پنهنجي ڪتابي ذخيري کي وڌائڻو
پوندو آهي، جيئن اعليٰ تعليم پنهنجي مادري زبان ۾
حاصل ڪري سگهجي.“
(ب) قومي ثقافت کي زور وٺائڻ جو ٻيو ذريعو موسيقي
آهي، وقت آيو آهي ته سنڌ جي موسيقيءَ کي زور وٺائي
قوم ۾ بيداري ۽ زنده دلي جو باعث بنائجي.
(ٻ) ملڪي ثقافت کي ترقي وٺائڻ جو ٽيون طريقو مصوري
آهي، انهيءَ فن لطيف کي زور وٺائڻ لاءِ ملڪ جا
واڍا، رازا، معمار، نقاش، ڪمانگر، فوٽوگرافر،
انجنيئر، مصور، بت تراش ۽ درزي سڀ ڪارآمد ٿي سگهن
ٿا“. (سيد، 1974ع، ص 94)
مٿي ذڪر ڪيل مقصدن جي پورائي لاءِ سائين
جي.ايم.سيد، ڀٽ شاهه تي ثقافتي مرڪز واري حوالي
سان تجويز پيش ڪئي هئي، ته راڳ جي ترقي وٺائڻ ۽
مصوري ۽ بت تراشي سيکارڻ لاءِ اسڪول قائم ڪيا وڃن
۽ ثقافتي حوالي سان ڪم ڪندڙ اديبن، شاعرن، نقاشن ۽
مصنفن جي رهائش لاءِ مرڪزي جڳهه ٺهرائڻ جو بندوبست
ڪيو وڃي، جتي هو ڪتاب لکڻ، تصويرون ٺاهڻ، پروگرام،
شعر ۽ رپورٽ تيار ڪرڻ لاءِ فراغت سان رهي ڪم ڪري
سگهن. ڀٽائيءَ جو راڳ ۽ ان جي راڳداري جيڪا
ڀٽائيءَ جي دور کان بغير ڪنهن وقفي جي اڄ تائين
ڀٽ شاهه تي رائج آهي. ان کي وڌائڻ ويجهائڻ ۽ مستقل
اعليٰ مقام ڏيارڻ واري ضرورت جي مدنظر سيد صاحب
ڀٽائيءَ جي راڳ جي ترقي ۽ ترويج لاءِ هيٺيون رٿون
پيش ڪيون:
1. ”درگاهه
جي هفتيوار ٿيندڙ راڳ کي ترقي ڏياري، بهترين نموني
تي راڳ ڪرائڻ جو انتظام ڪجي.
2. راڳ
واري جاءِ تي لائوڊ اسپيڪرن جو انتظام رکيل هجي.
3. هفتيوار
راڳ جي مجلس کي ريڊئي تي نشر ڪرائڻ جو انتظام
ڪرائجي.
هر سال ميلي جي موقعي تي راڳ جي ڪانفرنس ۽ فنون
لطيف جي نمائش جو انتظام ڪجي.“ (سيد، 1974ع، ص 94)
ڳوٺ ڀٽ شاهه، جنهن کي ٽئگور واري ’شانتي نڪتين‘ ۽
شيڪسپيئر جي ’اسٽيفورڊ آن ايون‘ واري نموني تي
تيار ڪرڻ وارو تصور هو، ان کي اهڙي ئي اعليٰ پايي
تي نئين سر تعمير ڪرڻ واري مقصد سان ’ڀٽ شاهه
ثقافتي مرڪز‘ طرفان ڀٽ شاهه ڳوٺ کي وڌائڻ،
ويجهائڻ، نئين سر تعمير ڪرڻ واري حوالي سان، ٻن
حصن ۾ تعمير ڪرڻ وارو پروگرام پڻ سائين جي.ايم.سيد
ئي پيش ڪيو هو. ان موجب ڀٽ شاهه کي معياري ڳوٺ (Moddle
Village)
بنائڻ لاءِ، ٻن حصن ۾ ورهائڻو هو، جنهن ۾ هڪ حصو
عام ماڻهن جي رهڻ لاءِ ۽ ٻيو حصو ثقافتي مرڪز وارن
ادارن لاءِ مخصوص ٿيڻو هو. ان سلسلي ۾ سيد صاحب جو
خيال هيو ته:
”درگاهه جي اتر ۽ اولهه طرف کي عام ماڻهن جي رهڻ
لاءِ ڳوٺ واسطي مخصوص ڪجي. موجوده ڳوٺ ڊهرائي،
نئين ماڊل نموني تي تعمير ڪرائجي، جنهن ۾ ننڍا
هوادار، صاف ۽ پڪا گهر ٺهرايا وڃن، ڳوٺ جون گهٽيون
ڪشاديون، سِڌيُون، چونڪن سان هئڻ گهرجن، جي پڪين
سِرن يا سيمينٽ سان ٻڌل هجن. ڳوٺ جي روشنائيءَ
لاءِ بجليءَ جو انتظام ڪيو وڃي. ان ۾ تفريح گاهه،
ابتدائي اسڪول، اسپتال، پاڻيءَ جي نيڪال جو
انتظام ۽ پيئڻ جي پاڻيءَ جو سٺو بندوبست رکيل هجي.
وچ ڳوٺ ۾ ننڍا دڪان ٺهرايل هجن، ازانسواءِ ميلي جي
موقعي تي زائرين جي رهڻ لاءِ مسواڙ تي رهڻ جو
بندوبست هجي، مناسب جاءِ تي سئنيما ۽ امفي ٿئٽر
(ملاکڙي واسطي) ٺهرائڻ جو انتظام پڻ ڪرڻ گهرجي.“
(سيد، 1974ع، ص 95)
ثقافتي مرڪز جي سلسلي ۾ قائم ٿيل ادارن واري حوالي
سان سائين جي.ايم. سيد جو خيال هيو ته: ”درگاهه ۽
ان جي ڏکڻ ۽ اوڀر وارو حصو، جنهن ۾ ڪراڙ جي ڍنڍ به
اچي وڃي ٿي، ثقافتي مرڪز واسطي مخصوص ڪرڻ گهرجي.
درگاهه تي اندر وڃڻ ۽ ٻاهر نڪرڻ جا ٻه دروازا هجن.
درگاهه جي ٻاهرئين صحن واري ساري ميدان تي فرش
ٻڌائڻ گهرجن. درگاهه، ان جي چوطرف ويهڻ لاءِ
گيلريون ٺهرائڻ گهرجن. درگاهه تي هيٺان اچڻ لاءِ
ٻه رستا ثقافتي مرڪز جي طرف کان هئڻ گهرجن، هڪ
اوڀر طرف ۽ ٻيو ڏکڻ طرف. هر هڪ رستي کي ٻه طرفو
آمدرفت لاءِ بنائڻ گهرجي. ڍنڍ ۽ درگاهه جي وچ
واريون جايون ڊهرائي، انهن ۾ باغ رکائڻ گهرجي.
ڪراڙ (ڍنڍ) کي ٻن حصن ۾ ورهائي، اُن جي وچ ۾ هڪ
عمدو ڦوهارو رکائجي، ڍنڍ کي چؤ طرف پڪو ڪري عمدي
نموني ٺهرائڻ گهرجي، جنهن ۾ ڪنول جا گل ۽ عمدا پکي
هئڻ گهرجن. انهن تلائن جي چؤ طرف لوهه جي ڄاري
پکين جي تحفظ لاءِ لڳل هجي، ڍنڍ جي اوڀر ۽ ڏکڻ طرف
هڪ عمدو پارڪ ٺهرائجي، جنهن جي پٺيان ڏکڻ طرف هڪ
راڳ جو اسڪول بمع هال جي ٺهرائجي، وچ ۾ هڪ عاليشان
مهمان سراءِ ”دارالتهذيب“ جي نالي سان ٺهرائي وڃي،
جنهن ۾ ڏهه کن روم هجن، جتي چونڊ مصنفن، شاعرن،
مصورن جي رهائش جو انتظام هجي. ان جڳهه ۾ هڪ عمدي
لائبريري هئڻ گهرجي. ڳوٺ جي ٻاهران هڪ سٺو
انسپيڪشن بنگلو ٺهرائڻ گهرجي، جتي وزير، وڏا
عملدار ٻاهرين ملڪن جا ڊپلوميٽ اچي رهي سگهن....
ڳوٺ کان ڪجهه دور هڪ ايئر ڊوم به ٺهرائجي... ان
ساري مرڪز جي انتظام کي هڪ بورڊ جي حوالي ڪرڻ
گهرجي. جنهن جو چيئرمين ڪو وزير هجي. ان تي هڪ
انجينئر، هڪ آرٽسٽ، هڪ عورت ۽ ٻيا پنج ميمبر هئڻ
گهرجن.... سموري ڳوٺ ۽ ثقافتي مرڪز جو انتظام ان
بورڊ جي سپرد هجي. بورڊ جي خرچ لاءِ ميلي جو ٽئڪس،
سرڪاري گرانٽ ۽ ڪجهه وقف جي جائداد مقرر ڪيا
وڃن.” (سيد، 1974ع، ص 97)
اهي هئا سائين جي.ايم.سيد طرفان ڀٽ شاهه ثقافتي
مرڪز قائم ڪرائي، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي
آخري آرام گاهه کي بحيثيت مجموعي سنڌي ثقافت جي
مرڪز طور هلائڻ وارا خيال ، جن لاءِ سيد ميران
محمد شاهه ۽ سائين جي.ايم.سيد 1932ع کان ڪنهن نه
ڪنهن حوالي سان جاکوڙيندا پئي آيا. هنن ٻنهي بزرگن
جو ڀٽ ۽ ڀٽائيءَ کي متعارف ڪرائڻ جي سلسلي ۾
بنيادي ڪردار هو، ٻئي ڄڻا پنهنجي هم خيال دوستن ۽
ٻين همدرد مددگارن جي تعاون سان ڏوريندا پئي آيا.
اهڙن مڙني لطيف جي شائقين کي ميڙي مٺ ڪرڻ واري
سلسلي ۾ شاهه لطيف يادگار ڪاميٽي جو پڻ بنياد رکيو
هيائون، ان کي رجسٽر ڪرائڻ لاءِ ڪوششون جاري هيون،
ان دوران جڏهن کين 1953ع ۾ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز
واري مقصد کي عملي جامو پهرائڻ جو موقعو مليو،
تڏهن وقت جي وزيراعليٰ کي
درگاهه تي گهرائي، ان اڳيان مٿي ذڪر ڪيل تفصيلي
پروگرام پيش ڪري، سنڌ سرڪار کان تعاون وٺڻ جي ڪوشش
ڪيائين.
سائين جي.ايم.سيد طرفان پيش ڪيل مرحبائي تقرير جي
جواب ۾ وزيراعليٰ پيرزادي عبدالستار واضح لفظن ۾
ان ڳالهه جو اظهار ڪيائين ته: ”منهنجو ۽ منهنجي
حڪومت جو پختو ارادو آهي ته جيئن انگلينڊ ۾
شڪسپيئر جو شهر ’اسٽرئٽفورڊ آن ايوان‘ يا ٽئگور جو
ثقافتي مرڪز ’شانتي نڪيتن‘ رکيا ۽ هلايا وڃن ٿا،
اهڙي نموني ۾ اسان لال لطيف جي ننڍڙي واريءَ جي ڀٽ
تي اڏايل ڳوٺ کي پڻ اُنهيءَ ساڳي طرح تي رسايون.“
(بلوچ، 1954ع ص 7)
ان موقعي تي وزيراعليٰ، ڀٽ شاهه کي وڌائڻ
۽ ويجھائڻ ۽ عالمي سطح تي هڪ مثالي مرڪز بنائڻ
واري حوالي سان جن خيالن جو اظهار ڪيو، اُهي عين
بين سائين جي. ايم. سيد وارن خيالن سان ملندڙ هيا.
پيرزادي صاحب فرمايو: ”منهنجو اهو پڻ ارادو آهي ته
ٽئگور جي ’شانتي نڪيتن‘ جي نموني تي انهن ثقافتي
ڳالهين بنسبت مرڪز کوليو وڃي، جي اسان جي ادب ۽
ثقافت کي زنده ڪري کين سندن حقي واجبي عروج تي
رسائين. منهنجي گورنمينٽ اهو پڻ فيصلو ڪيو آهي ته
ڀٽائي جي ساليانه ميلي کي هڪ قومي موقعو قرار ڏنو
وڃي ۽ ان کي هن بلند ۽ ادبي نموني ۾ هلائڻ لاءِ
سنڌ گورنمينٽ وقت بوقت مدد ڏيندي رهي“ (بلوچ،
1954ع، ص 7)
ان حوالي سان تفصيل پيش ڪندي پيرزادي صاحب
ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته: ”منهنجي حڪومت آخري طور
فيصلو ڪيو آهي ته ڀٽ شاهه تي سنڌ جي هن عظيم
المرتبت شاعر ۽ فلسفيءَ جي درگاهه جي ڀرسان ثقافتي
مرڪز قائم ڪيو وڃي، لائبريري، عجائب گهر، ليڪچر
هال ۽ ٻين موزون تعميرات جا خاڪا تيار آهن، اديبن
۽ محققن لاءِ هڪ هاسٽل ٺهرائي ويندي، جيئن هتي جي
پرسڪون ماحول ۾ شاهه صاحب جي روحاني ڪشش تحت، هو
وڌيڪ ’لکن‘ ۽ پنهنجي ادب ۾ مزيد اضافو ڪن.
ازانسواءِ درگاهه تي زائرين لاءِ هڪ ڊاڪ بنگلو به
ٺهرايو ويندو. ڪراڙ ڍنڍ کي چؤگرد سيمينٽ سان پڪو
ڪيو ويندو ۽ ان کي اهڙي طرح سينگاريو ويندو، جيئن
درگاهه جي اڳيان وارو حصو خوش نما ٿي پوي. ڀٽ شاهه
کي پڻ اهڙي طرح سڌاريوويندو، جيئن مجوزه پروگرام
جي شايان شان ٿي پوي.“ (بلوچ، 1955ع، ص 16)
پيرزادي عبدالستار جا ڀٽ شاهه بابت مٿي ذڪر ڪيل
خيال علامه آءِ.آءِ قاضي واري تصور جي عين بين
هئا، جنهن جو اظهار پاڻ ان موقعي لاءِ موڪليل
پيغام ۾ هن ريت ڪيو هيائون.
”ڪنهن به ثقافتي مرڪز يا اداره قائم ڪرڻ جو مقصد
گهٽ ۾ گهٽ اهوئي هوندو آهي ته جيئن ان جي ذريعي
اتي جي ثقافتي سرمايي جو اظهار ٿيندو آهي ۽ اهو
هنڌ روءِ زمين جي باشندن لاءِ زيارتگاهه بنجي...
هر نقطه نگاهه کان ’ڀٽ‘ اهڙي قسم جي اداره قائم
ڪرڻ لاءِ هڪ بهترين مقام آهي... هن قسم کي سر ڪرڻ
وارن شائقين کي پنهنجي ڪم جي اهميت جو پڻ بخوبي
اندازو معلوم هئڻ گهرجي، آءٌ پنهنجي سر
ايمانداريءَ سان يقين رکان ٿو ته جيڪڏهن هن قسم جو
مرڪز پنهنجي پوري حسن ۽ خوبيءَ سان قائم ڪيو ويو
ته اهو رسالي جي روشني جا شعاع، اسان اڄوڪن سنڌين
هٿان پري پري تائين پهچائيندو. ڀٽ کي هڪ ڏينهن
ساري دنيا جي ڪنڊڪڙڇ جي باشندن جو زيارتگاهه بنجڻو
آهي ۽ اها يقيناً بنبي. انشاءالله.“ (بلوچ، 1955ع،
ص 24)
ان موقعي تي پيرزادي صاحب مٿي ذڪر ڪيل مثالي مرڪز
جي پيڙهه جو پٿر پڻ رکيو. مشهور اخبار ”ڊان“ (Dawn) هن
ڌام ڌوم سان ٿيل سالگره کان متاثر ٿي، ڇنڇر مورخه
16- آڪٽوبر 1954ع تي اداريه ۾ تبصرو ڪندي لکيو:
Shah Abdul Latif
The remarkable revival of -interest in 'the
poetry of Shah Abdul Latif and his contribution
to the thought of his time, as of course his
bequest to posterity, is only one of the varied
manifestations of the new urgts released by
freedom. Homage is being paid this week to his
memory by 'the erection of a memorial in brick
and mortar, but his immortal soul and the throb
of his genius already live in glory in the power
and beauty of his couplets. Reverential memory
doubtless loves to dwell on the intimate
indefinable connection between a great man's
spirit and the place where he lived, the streets
he walked, the people and institutions he loved,
hated or defied. It is right that Bhit Shah,
which enshrines the earthly remains of the great
mystic, should attract an ever-growing volume of
annual pligrimage; but the spirit of the great
seer, whose life-work was an unending mission in
the way of God, is not confined to one place
a'one; it pervades the heart and soul of
everyone who has access to the meaning of his
inspired verses. Latif poses some of the
perennial questions and delves into some of the
eternal mysteries of life. His answers, couched
in language of simple dignity and unsurpassed
beauty of imagery, have a : relevance
for all time. More important, therefore, is the
task of bringing the great poet within reach of
an ever larger ; number of people, so that more
and more can share in the aesthetic pleasures
and moral wisdom offered in his simple tales and
glorious verses. "(.Datw Editorial, 16th
Oct. 1954 )
ان دور ۾ سائين جي.ايم.سيد حزب اختلاف ۾
هيو، پر شاهه عبداللطيف ڀٽائيرحه جي
حوالي سان جڙندڙ سنڌي ثقافت جي هن بنيادي ۽ اهم
مرڪز جي سلسلي ۾ پاڻ سرڪار جي هيٺين جملن ۾ تعريف
ڪري ٿو: ”آءُ حزب مخالف جو رڪن آهيان، جن جو مقصد
هميشه حڪومت جي عيبن جي اپٽار ڪرڻ، ملڪ جي اهنجن ۽
ايذائن کي اسيمبليءَ جي ايوان ۾ پيش ڪرڻ، رشوت
خورن، خود مطلبن، بلئڪ مارڪيٽرن جي اوگهڙ ڪرڻ
رهندو آهي، نه وزارت جي تعريف، ساراهه جا ڍڪ ڀرڻ
هوندو آهي.... ليڪن هي هڪ اهڙو چڱو ڪم ڪن ٿا جو
جيڪڏهن ان جي ساراهه نه ڪري سندن همت افزائي نه
ڪبي ته ان کي بدديانتي ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو.“
(سيد، 1974ع، ص 85)
سائين جي.ايم.سيد جنهن وٽ سنڌ ۽ سنڌي قوم جي حوالي
سان هڪ خاص قسم جو تصور (Vision)
هوندو هو، انڪري پاڻ سنڌ جي بهتري ۽ ڀلائيءَ واري
هر ڪم کي سياسي تضادن کان پري رکڻ جو حامي هو.
اهڙن ئي خيالن جو، پاڻ ان مرحبائي تقرير ۾، هن ريت
اظهار ڪيائين: ”انهيءَ ڪم کي سياسي جهڳڙن کان آزاد
رکجي ۽ ان لاءِ پنجاهه لک رپين جيترو انڊوسمينٽ
فنڊ هئڻ گهرجي جيئن اگر ڪا به وزارت بدلجي، ته به
ڪم، پاليسيءَ جي بدلجڻ ڪري بيهي نه وڃي.“ (بلوچ،
1955ع، ص 14)
سيد صاحب جون اهي خواهشون ۽ ڪوششون هيون، پر هتي
ته پهرين ڏينهن کان هر ڪم ۽ هرا داري کي حڪمران ڌر
پنهنجي مفاد ۾ استعمال ڪرڻ واري مقصد سان، سياست
جي نالي ۾ پنهنجي فائدي لاءِ پئي استعمال ڪيو آهي.
ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جو پڻ ساڳيو حال ڪيو ويو. ان
وقت تائين شاهه لطيف يادگار ڪائونسل ڪم ڪري رهي
هئي. ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز قائم ٿيڻ ان جي ئي ڪوششن
جو نتيجو هيو، جنهن 1954ع واري شاهه لطيف جي
ورسيءَ جي موقعي تي جيڪو سرڪار اڳيان ڀٽ شاهه
ثقافتي مرڪز کولڻ جي سلسلي ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو هو.
ان جو محرڪ، سائين جي. ايم. سيد هو. ان ٺهراءُ
پٽاندڙ: ”سنڌ سرڪار ثقافتي ڪاميٽي ٺاهي. جنهن جو
چيئرمين مسٽر عبدالستار پيرزادو، وائيس چيئرمن
محترم سيد ميران محمد شاهه ۽ سيڪريٽري محترم آغا
تاج محمد صاحب جن هئا.“ پيرزادي عبدالستار جي
تعاون سان آخرڪار ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جو بنياد
پيو. پيرزادي صاحب جي ورتل ڪوششن جي نتيجي ۾ ڀٽ
شاهه وارين سرگرمين جي محرڪ هن اداري طرف سنڌ
سرڪار توجهه ڏيڻ شروع ڪيو، جنهن ڪري 1954ع واري
شاهه عبداللطيف ڀٽائي مخزن ۾ ظاهر ڪيو ويو ته:
”آنربل پيرزادي صاحب جي مشوري ۽ صلاح سان هلندڙ
سال کان وٺي سنڌ گورنمينٽ هن ثقافتي اداره کي
پنهنجي قبضي ۾ کنيو آهي.“ (اداره، 1954ع، ص 4)
ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جي سلسلي ۾ ان وقت وارن هلندڙ
ڪوششن جو اندازو، سائين جي.ايم.سيد جي لکيل ڊائرين
منجهان بخوبي ٿي وڃي ٿو. سائين 27- مارچ 1954ع تي
لکي ٿو:
”.... شام جو 5:00 بجي پيرزادي عبدالستار وٽ شاهه
ڀٽ تي ڪلچرل مرڪز بابت ميٽنگ ٿي، عارضي طور ڪم جا
نقشا منظور ڪيا ويا.“
ساڳي طرح 25- جون 1954ع واري ڊائريءَ ۾ لکيل آهي
ته: ” ½5
بجي پيرزادي عبدالستار جي بنگلي تي ڀٽ شاهه ثقافتي
مرڪز جي ميٽنگ ۾ شموليت ڪيم.“
اهڙي ريت 29- مارچ 1954ع واري ڏينهن تي لکيل آهي
ته ”ٽهلراماڻي، دولت مهتاڻي، مسٽر لاڙڪ ۽ مسٽر
عزيز سڀ آيا شاهه ڀٽ جي ثقافتي مرڪز بابت مشورو
ڪيو ويو.
پيرزادي صاحب وزيراعليٰ جي حيثيت سان 55-1954ع
واري بجيٽ تقرير ۾ سنڌ جي ثقافتي ورثي طرف اشارو
ڪندي ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته:
پيرزادو عبدالستار سنڌ اسيمبليءَ ۾
ڳالهائي رهيو آهي.
|
”منهنجي حڪومت انهيءَ ڳالهه کي نهايت اهميت ڏئي ٿي
ته هن صوبي جي ماڻهن جو ثقافتي ورثو محفوظ رکيو
وڃي. اسان جو زندگيءَ بابت روايتي نظريو، جنهن جي
جهلڪ اسان جي شاعرن، فيلسوفن ۽ ولين جي زندگي ۽
شاهڪارن مان ظاهر ٿئي ٿي، تنهن جو وجود ختم ٿي
رهيو آهي. جيتوڻيڪ انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته
ترقيءَ ۽ زماني جي رفتار جو اثر ماڻهن جي زندگي تي
پوي ٿو، مگر اهو نڪي لازمي آهي، نڪي ڪو ان کي پسند
ڪندو ته ماضيءَ جي جن روايتن ۽ ثقافت سان ماڻهو
وابسته آهن تن کي يڪلخت ختم ڪيو وڃي.“... درحقيقي
عوام جي متوازن ترقي ۽ واڌارو تڏهن ممڪن ٿيندو،
جڏهن اهو فطري طور ماڻهن جي قديم ثقافتي ورثي مان
ارتقائي طور پيدا ٿيندو. تنهنڪري منهنجي حڪومت
فيصلو ڪيو آهي ته ڀٽ شاهه ۾ سنڌ جي برگزيده بزرگ
فيلسوف جي درگاهه جي ويجهو هڪ ’ثقافتي مرڪز‘ قائم
ڪيو وڃي. هن لاءِ في الحال بجيٽ ۾ 5 لک رپيا رکيا
ويا آهن.“ (سنڌ ترقيءَ جي شاهراهه تي)
ان موقعي تي هُن ڪمن ڪارين لاءِ نئين قائم ڪيل
ڪميٽي جو پڻ ذڪر ڪيو.
پيرزادي صاحب پنهنجي 55-1954ع واري بجيٽ تقرير ۾،
ثقافتي مرڪز جو اعلان ڪندي واضح ڪيو هو ته، ”هن
مقصد لاءِ مناسب عمارت جي اڏاوت واسطي حڪم جاري
ڪيا ويا آهن جنهن عمارت ۾ لئبريري، عجائب گهر ۽
ليڪچر هال هوندا. شاهه عبداللطيف جي درگاهه
ڏانهن ويندڙ رستو پڪو ٺاهيو ويندو. درگاهه جي
زيارت لاءِ ويجهڙائيءَ ۾ هڪ ڊاڪ بنگلو پڻ ٺاهيو
ويندو. ويجهڙائي ۾ جيڪا ڍنڍ (ڪراڙ) آهي تنهن کي پڻ
سڌاريو ويندو ته جيئن درگاهه کي سهڻو منظر ملي.“
(سنڌ ترقيءَ جي راهه تي)
بجيٽ منظور ٿي. ڪم ڪار بابت غور ويچار شروع ٿيو ته
1954ع ۾ ئي پيرزادي صاحب جي وزارت ختم ڪئي ويئي.
پر پوءِ به شاهه لطيف يادگار ڪميٽيءَ جا معاملا
عبدالستار پيرزادي، سائين جي. ايم. سيد ۽ سيد
ميران محمد شاهه جي هٿ هيٺ رهيا. سندن ڪوششن سان
1956ع کان سنڌ سرڪار ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز واري
حوالي سان مختلف نوعيت جا ڪم هٿ ۾ کنيا. پر آهستي
آهستي ڪري، بنيادي ماڻهن جي ڪردار کي ميسارڻ جي
ڪوشش ڪئي ويئي.
سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس جو هڪ منظر، جنهن ۾
آنربل پيرزاده وزيراعليٰ سنڌ سال 55-1954ع لاءِ
بجيٽ جا تخمينا پيش ڪري رهيو آهي
غور ڪري ڏسبو ته ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جو وجود ته
1954ع ۾ پيو، پر اهو شاهه لطيف يادگار ڪميٽي جي
جامع رٿا وارن ڪمن ڪارين واري وسيع دائري جو حصو
هو. ڇاڪاڻ ته شاهه لطيف يادگار ڪميٽي پنهنجي ڪمن
کي وسعت ڏيڻ واري مقصد سان شاهه عبداللطيف جي
زندگي ۽ ڪلام تي تحقيق ڪرائڻ سان گڏ ڀٽ شاهه کي
مثالي ڳوٺ ٺاهڻ جي سلسلي ۾ ڪمن ڪارن جي ڪارڪردگي
وڌائڻ واري مقصد سان ان جو بنياد رکرايو هو. جنهن
جي جهلڪ سائين جي.ايم.سيد جي طرفان افتتاحي تقرير
واري مواد مان ملي ٿي. ايئن چئي سگهجي ٿو ته شاهه
لطيف يادگار ڪميٽيءَ جو سنڌ جي ثقافتي سرگرمين،
شاهه لطيف جي شخصيت ۽ ڪلام بابت گهڻ پاسائين
کوجنا، سنڌ جي صوفياڻين روايتن ۽ سنڌي موسيقي بابت
تحقيق ۽ واڌ ويجهه جي سلسلي ۾ جيڪو وسيع Vision هو،
ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ان جو هڪ حصو هو.
پيرزادي عبدالستار پنهنجي مٿي ذڪر ڪيل تقرير ۾
جيڪي خدشا ظاهر ڪيا هئا، اُهي بلآخر صحيح ثابت
ٿيا، نومبر 1954ع ۾ پيرزادي صاحب کي مرڪزي حڪومت
پاران گهر ڀيڙو ڪري، سندس جاءِ تي محمد ايوب کهڙي
کي سنڌ جو وزيراعليٰ مقرر ڪيو ويو.
1955ع ۾ شاهه صاحب جي ٻه سؤ ٽي ساله سالگره جا
پروگرام بظاهر يادگار ڪميٽي جي هٿ هيٺ هئا، پر
بدليل ملڪي صورتحال جي مدنظر ان سال حيدرآباد جي
ڪليڪٽر، سالگره جي پروگرامن ۽ انتظامن ۾ هٿ
ونڊايو، شايد مٿي ذڪر ڪيل صورتحال جي مدنظر ان سال
وارو پروگرام ڀٽ شاهه تي منعقد ڪرڻ بجاءِ گورنمينٽ
هاءِ اسڪول حيدرآباد جي احاطي اندر ڪيو ويو. ان
لاءِ ٻوڏن سببان ڀٽ شاهه ڏانهن ويندڙ رستن تي آمد
رفت بند ٿي وڃڻ جو جواز ظاهر ڪيو ويو، جيتوڻيڪ اهو
ڪو معقول سبب ڪونه هو. ڇاڪاڻ ته ان سال واري
ڪاروائي لکندي ڊاڪٽر بلوچ صاحب ان ڳالهه جو پڻ
اعتراف ڪري ٿو ته: ”ڪن سڄڻن ڀٽ تي به ڀيرو ڪيو ۽
’يادگار ڪميٽي‘ جي طرفان پڻ سڪ جو سنيهو عاشق جي
آرامگاهه تي پهچايو ويو.“ مٿين ڳالهه واضح ڪري ٿي
ته ٻوڏ اچڻ ۽ رستي ۾ رڪاوٽ پوڻ جي باوجود ڀٽ تي
پهچي سگهجيو پئي پر سرڪاري ماڻهن پنهنجي مرضي
ڏيکارڻ لاءِ اها جاءِ تبديل ڪري، حيدرآباد ۾
پروگرام ڪيو. ”شاهه عبداللطيف يادگار ڪميٽي“ جي
پليٽ فارم تان جنهن نموني شاهه جي عاشقن هڪ ٻئي جي
تعاون سان آزادانه طرح ڪم ڪيو پئي، ان جي ڪمن
ڪارين واري طريقي ڪار ۾ سرڪار جي اها سڌي طرح
پهرين مداخلت هئي. ان حوالي سان يادگار ڪميٽي جي
اهم رڪن سائين جي.ايم.سيد، ڪميٽي جي چيئرمن سيد
ميران محمد شاهه سان احتجاج پڻ ڪيو، کيس جڏهن
پروگرام جو دعوتنامو موڪليو ويو، تڏهن پاڻ جواب ۾
سيڪريٽري کي لکيائين:
”شاهه صاحب جي ميلي جي موقعي تي ٻي جاءِ تي مجلس
ڪرڻ سندس ميلي ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي برابر آهي. انڪري
اهڙي بدعت ۾ آءٌ شامل ٿي نه ٿو سگهان، معاف ڪندا،
اگر وزيرن جي سهوليت خاطر برادرم ميران محمد شاهه
مجلس هتي مقرر ڪئي آهي ته سندس مرضي.“ (آزاد،
2015ع، ص 41)
2-3- آڪٽوبر 1955ع تي منعقد ٿيل ان سال واري تقريب
جي صدارت وزيراعليٰ سنڌ، محمد ايوب کهڙي ڪئي.
جشن جو انتظام گورنمينٽ هاءِ اسڪول جي شاهي ايوان
۾ ڪيو ويو، جتي شاهي ڪانفرنس پنڊال ۽ بلند اسٽيج
کي پوريءَ طرح سجايو ۽ سينگاريو ويو. سامهون سَونَ
سڄڻن جي ويهڻ لاءِ ڪرسين جو انتظام ڪيو ويو. پهرين
نشست ۾ ”شاهه عبداللطيف يادگار ڪميٽيءَ“ جي چيئرمن
سيد ميران محمد شاهه مرحبائي تقرير ڪندي ان ڳالهه
تي افسوس جو اظهار ڪيو ته:
”هن سال رستي خواب هئڻ سببان ڀٽ شاهه تي هن سالگره
جي ملهائڻ جو انتظام ٿي نه سگهيو. شاهه صاحب سنڌي
ٻولي ۽ تمدن جي تاريخي اهميت تي روشني وڌي ۽
چيائين ته باوجود ٻاهرين ماڻهن جي تسلط جي، هو
سنڌي زبان ۽ سنڌي تمدن کي ختم نه ڪري سگهيا. اهو
سنڌو تمدن ۽ اها سنڌي زبان جن ۾ شاهه عليہ الرحمة
جهڙي ولي ۽ سداحيات روح ڦوڪيو آهي تن جو وجود
اڳتي لاءِ پڻ برقرار رهندو.“
هن ان موقعي تي مشورو ڏيندي ان ڳالهه جو اظهار ڪيو
ته:
”سنڌي حضرات کي گهرجي ته هو پنهنجي ٻولي ۽ ادب سان
سچي محبت جي لنو لڳائين ۽ انهن کي وڌائين ۽
ويجهائين.“
سيد ميران محمد شاهه ”شاهه عبداللطيف يادگار
ڪميٽي“ جي چيئرمن واري حيثيت ۾ ”سنڌ سرڪار جو
شڪريه ادا ڪيو جو بدستور سالگره ملهائڻ لاءِ
سرڪاري طور مالي مدد ڏني ويئي ۽ پڻ صدر (محمد ايوب
کهڙو) صاحب جو دلي شڪريو ادا ڪيو، جو هن صاحب
”يادگار ڪميٽي“ جي دعوت تي سالگره ۾ شرڪت فرمائي.“
(بلوچ، 1956ع، ص الف)
وزيراعليٰ سنڌ محمد ايوب کهڙي سالگره جي جشن جو
افتتاح ڪندي، ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته:
”حضرت شاهه صاحب سنڌ جو اعليٰ شاعر آهي ۽ اسان
سڀني کي ساڻس دلي محبت آهي شاهه صاحب پنهنجي شعر
ذريعي سنڌي تهذيب ۽ تمدن کي جياري ڇڏيو آهي، سنڌي
ٻوليءَ جي ترقي ۽ خدمت لاءِ ’سنڌي ادبي بورڊ‘ قائم
ٿيل آهي. ان کان سواءِ سنڌ سرڪار ڀٽ شاهه تي
’ثقافتي مرڪز‘ ۽ حيدرآباد ۾ ’سنڌ ميوزيم‘ ۽ ’آرٽ
گئلري‘ قائم ڪرڻ لاءِ موثر قدم کنيو آهي. ان سلسلي
۾ سنڌ اسيمبلي هڪ بل پاس ڪري ’ثقافتي بورڊ‘ قائم
ڪيو آهي. جنهن جو انتظام سنڌ سرڪار، سنڌ يونيورسٽي
۽ لوڪلبورڊ طرفان چونڊيل نمائندن جي هٿ ۾ هوندو.
منهنجي اهائي ڪوشش آهي ته جلد ۾ جلد اهي نمائندا
چونڊجي اچن ته جيئن ’ثقافتي بورڊ‘ کي مڪمل ڪيو
وڃي.“ (بلوچ، 1956ع، ص ب)
1954ع ۾ پاڪستان ۾ شامل صوبن جي تاريخي حيثيت ختم
ڪري، ون يونٽ قائم ڪيو ويو هو، ون يونٽ واري
منصوبي جي مخالفت ڪرڻ سبب پيرزادي عبدالستار جي
حڪومت ختم ڪري، نومبر 1954ع ۾ محمد ايوب کهڙي کي
وزيراعليٰ طور آندو ويو هو. کهڙي صاحب کي سنڌي
ماڻهن جي دلين ۾ موجود ون يونٽ خلاف نفرت جو
اندازو هو، تنهن ڪري هن پنهنجي تقرير ۾ سنڌي
ٻوليءَ جي قدامت ۽ ماضيءَ ۾ ڪيل ترقيءَ جو ذڪر
ڪندي ان ڳالهه جو به اظهار ڪيو ته:
”هن وقت سنڌي ٻولي دنيا جي سڌريل ٻولين ۾ شمار ڪري
سگهجي ٿي، انهيءَ ڪري اسان جو فرض آهي ته پنهنجي
ٻولي ۽ ان جي ادب جي خدمت ڪريون ’ون يونٽ‘ قائم
ٿيڻ هوندي به سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقيءَ لاءِ
هرممڪن ڪوشش ڪئي ويندي. اوهان مان هر مخلص ڪارڪن
کي انهيءَ ڪوشش ۾ شامل ٿيڻ گهرجي. شاهه عبداللطيف
اسان جي تمدن، ۽ جذبات جي ترجماني ڪئي آهي ۽ سندس
سالگره ملهائڻ ذريعي اسان پنهنجي ادب ۽ زبان جي
صحيح خدمت ڪري سگهون ٿا.“ (بلوچ، 1956ع، ص ب)
2- سيپٽمبر 1956ع تي شاهه لطيف يادگار ڪميٽي جي
ٿيل ميٽنگ جو پهريون اسم حضرت شاهه عبداللطيفرحه جي
سالياني عرس جي موقعي تي منعقد ٿيندڙ سالگره جا
پروگرام هئا، ان موقعي تي اهو واضح ڪيو ويو ته هن
سال 14-15-16 صفر يعني 20-21-22 سيپٽمبر 1956ع
وارا پروگرام معمول موجب سرڪاري سطح تي، ڀٽ شاهه ۾
ڪيا ويندا. ون يونٽ جي وجود ۾ اچڻ ڪري جا صورتحال
پيدا ٿي، انڪري ائين ٿو محسوس ٿئي ته ان سال واري
عرس جي موقعي تي، سرڪار ڪائي خاص دلچسپي نه ورتي.
جيتوڻيڪ ان يعني 2- سيپٽمبر 1956ع واري شاهه لطيف
يادگاري ڪميٽي جي ميٽنگ ۾ هڪڙو اسم اهو به پاس ڪيو
ويو هو ته ڪميٽي جي چيئرمن يعني سيد ميران محمد
شاهه پاران سنڌ سان وابسته صوبائي وزير صاحبن، خاص
طور تي تعليمي وزير کي خصوصي دعوتناما ڏناوڃن، ته
اهي هن پروگرام ۾ شرڪت ڪرڻ فرمائين. ان عمل جا ٻه
ڪارڻ ٿي سگهن ٿا. هڪڙو اهو ته ان وقت تائين شاهه
عبداللطيف يادگار ڪاميٽي، خودمختيار ماڻهن جي هٿن
۾ هئي، جن جو سڌي طرح پيرزادي عبدالستار سان واسطو
هو، پيرزادو صاحب معمول موجب ڀٽائيءَ جي معاملن ۾
هٿ ونڊائيندو پئي رهيو. جڏهن ته پيرزادي صاحب کي
زبردستي هٽائي، ان جي جاءِ تي وزيراعليٰ طور کهڙي
صاحب کي آندو ويو هو. ان جو ٻيو ڪارڻ خود ون يونٽ
جو قيام هو، جنهن جو مقصد هتان جي قومن واري
جداگانه ساخت کي ختم ڪري هڪ ڪرڻ هو، انڪري عوام ۾
ان عمل خلاف نفرت پکڙجي رهي هئي. جنهن جو سڀ کان
وڌيڪ محرڪ سائين جي.ايم.سيد هو ۽ پاڻ شاهه
عبداللطيف يادگار ڪميٽي ۾ پڻ سرگرم هو. سرڪار جي
اهڙي رويي سبب 1956ع واري سالياني اهم پروگرام ۾
رولهڙو پوڻ جو امڪان هو. پر يادگار ڪميٽي جي هڪ
اهم رڪن خانصاحب عبدالله چنا جيڪو ان وقت ڪليڪٽر
هو، تنهن هڙؤن وڙئون همٿ ڪري، ان معاملي کي سنڀالي
ورتو. آخري مرحلي تي مغربي پاڪستان سرڪار پڻ شاهه
عبداللطيف يادگار ڪميٽي کي ڏهه هزار روپيا سالياني
امداد جاري ڪئي، جيڪا ناڪافي هئي.
ان سال واري پروگرام ڪرائڻ ۾ چنا صاحب پاران ڀرپور
مدد ڪرڻ تي سيڪريٽري يادگار ڪميٽي جناب آغا تاج
محمد هن ريت شڪريو ادا ڪيو.
”سال 1956ع واري ورسي، جنهن شوق ۽ شان سان ملهائي
ويئي، تنهن لاءِ اسان جي محبوب چنا عبدالله صاحب
بيشڪ کيرون لهڻيون، جنهن جي ”دست“، ”دماغ“ ۽ ”دل“
ٽنهي پاڻ ملهايو، ورنه هن ورسيءَ کي اهڙي طرح
ڪاميابيءَ جي ڪڙيءَ تي پهچائڻ محال ۽ مشڪل ڪم هو.
اها چنا صاحب جي محبت سان ڪيل محنت ۽ همت ئي هئي،
جنهن طعام توڙي قيام وغيره جي انتظام کي چار چنڊ
لڳائي ڇڏيا ۽ هر ڪم سرهائي ۽ سهڻائي سان سرانجام
ٿيو.“ (چنه، 1957ع، ص 8)
پنهنجي مدد پاڻ تحت اهڙي ريت ملهايل لطيف سالگره
واري ان پروگرام سرڪاري ڪارندن کي ڪاوڙائي وڌو،
نتيجي ۾ شاهه لطيف يادگار ڪميٽي خلاف واويلا شروع
ٿي ويئي جنهن جو دفاع ڪندي شمشيرالحيدري کي نئين
سنڌ اخبار جي 11- آڪٽوبر 1956ع واري پرچي ۾، ”لطيف
يادگار ڪميٽي خلاف غلط بياني“ عنوان هيٺ وضاحتي
مضمون لکڻو پيو.
اولهه پاڪستان سرڪار پاران ون يونٽ قائم ڪرڻ وقت
جيڪي واعدا وچن ڪيا ويا هئا، انهن جي خلاف ورزي
پهرين ڏينهن کان ٿيڻ شروع ٿي ويئي، جنهن جو ڀٽ
شاهه ثقافتي سرگرمين تي اثر پڻ لازمي هو، اهڙي ريت
ان جا فنڊ جاري نه ٿيڻ ۽ ٻين ثقافتي سرگرمين ۾
رنڊڪون وجهڻ وارن عملن جي شروعات ٿي ويئي، اهڙي
رويي کي محسوس ڪندي اخبار نئين سنڌ ڪراچي 19-
ڊسمبر 1956ع واري ايڊيٽوريل ۾ لکيو:
”ون يونٽ قائم ڪرڻ وقت واعدو ڏنو ويو ته سنڌ جي
ترقياتي رٿن کي پورو ڪيو ويندو ۽ مغربي پاڪستان
سرڪار انهن کي عملي جامو پهرائڻ ۾ ڪابه ڪوتاهي
ڪانه ڪندي، انهن تجويزن کي پوري ڪرڻ لاءِ سنڌ ٻئي
کي پنهنجي هڙان پاڻ ڪڍڻ لاءِ ڪونه ٿي چئي، سنڌ کي
پنهنجي بچيل رقم، جا مغربي پاڪستان سرڪار کان ملي
آهي سا ايتري آهي جو سنڌ جي ترقي، ڪنهن ٻئي حصي جي
حقن کي ريٽي يا ٻين تي بار بڻجڻ نه ٿي چاهي، پر
اهو سنڌ جي ماڻهن جو حق آهي ته گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جون
رهيل رقمون، جن جو انداز 27-28 ڪروڙ رپين جي لڳ ڀڳ
آهي، سنڌ جي رٿيل اسڪيمن تي خرچ ڪرڻ ۾ بخل نه ڪيو
وڃي.“
مغربي پاڪستان اسيمبليءَ ۾ ڊاڪٽر خان صاحب جي
وزارت ٺهي چڪي هئي، ڊاڪٽر خان جيڪو خان عبدالغفار
خان جو ڀاءُ هو، ان کي وزارت ٺاهڻ وقت، سنڌ
اسيمبليءَ جي ميمبرن مدد ڪئي هئي، ان حوالي سان
سنڌ جا ماڻهو خان وزارت کي، سنڌ جي حقن جي حاصلات
لاءِ اميد ڀرين نظرن سان ڏسي رهيا هئا، ان ڳالهه
جو ذڪر ڪندي، ساڳئي اداريي ۾ لکيو ويو:
”ڪجهه مهينا اڳ جڏهن خان وزارت اڃا متحسڪم نه ٿي
هئي ۽ لوڏن ۾ هئي ۽ سنڌ جي اسيمبلي ميمبرن جي ووٽن
جي وزارت کي ازحد ضرورت هئي، تڏهن انجام ڏنو ويو
هو ته 5 لک رپيا هلندڙ سال ۾ شاهه لطيف تهذيبي
مرڪز لاءِ خرچ ڪيا ويندا ۽ وڌيل رقم ايندڙ سال
لاءِ منظور ڪئي ويندي. ان سلسلي ۾ خان وزارت جو هڪ
وفد، محترم جي.ايم.سيد کي ساڻ وٺي ڀٽ شاهه ڏسڻ
لاءِ پڻ ويو هو ۽ اميد هئي ته ڪمن کي اڳتي وڌائڻ
لاءِ مغربي پاڪستان سرڪار ڪجهه ڪندي، پر ڏسجي ٿو
ته ڪوبه عملي ڪم نه ٿي رهيو آهي… ٻين ڪيترين رٿن
سان گڏ سنڌ جا باشندا شاهه لطيف تهذيبي مرڪز کي به
جلد تيار ٿيندو ڏسڻ گهرن ٿا.“ (نئين سنڌ،. 19-
ڊسمبر 1956ع)
هڪ طرف مٿي ذڪر ڪيل ڇڪتاڻ واري صورتحال شروع ٿي
چڪي هئي ته ٻئي طرف شاهه عبداللطيف يادگاري ڪميٽي
طرفان، ان تنظيم کي رجسٽر ڪرائڻ واريون ڪوششون
برثواب ٿيون ۽ جون 1957ع کان ”شاهه لطيف ميموريل
ڪائونسل“ نالي ادارو منظور ٿيو. اهڙي صورتحال کي
نظر ۾ رکندي، 15- جولاءِ 1957ع واري شاهه لطيف
يادگار ڪميٽي جي اجلاس ۾ ٽن ماڻهن سيد ميران محمد
شاهه، سائين جي.ايم.سيد ۽ آغا تاج محمد تي مشتمل
هڪ ڪميٽي جوڙي ويئي، جنهن جي ذمي اهو ڪم هيو ته
مغربي پاڪستان سرڪار جي ميمبرن سان ملي، کين
استدعا ڪري ته اُهي ڪلچرل سينٽرل ڀٽ شاهه لاءِ رقم
ڏيارڻ ۾ مدد ڪن.
شاهه لطيف ميموريل ڪائونسل جو قيام:
هن کان اڳ ان ڳالهه جو ذڪر ڪيو ويو آهي ته 1947ع ۾
شاهه لطيف ڪلچرل ڪميٽي جو بنياد وجهي سرڪار سان
لکپڙهه شروع ڪئي ويئي. ان جي بنياد تي شاهه
عبداللطيفرحه جي
فن ۽ فڪر واري حوالي سان مختلف نوعيت جا پروگرام
به ٿيندا پئي رهيا. ان وقت کان شاهه عبداللطيف
ميموريل ڪميٽي رجسٽر
ڪرائڻ واريون ڪوششون پڻ شروع ڪيون ويون، جيڪي ڏهن
سالن بعد آخرڪار برصواب ٿيون، ان وقت تائين شاهه
عبداللطيف يادگار ڪميٽي جي حوالي سان ساليانه
سرگرميون ٿينديون هيون، ڏهن سالن تائين مسلسل
ٿيندڙ اهڙين سرگرمين جي نتيجي ۾ 1957ع ڌاري ”شاهه
لطيف ميموريل ڪائونسل“ نالي هڪ باضابطا ادارو
منظور ٿيو، ان حوالي سان شاهه عبداللطيف ميموريل
ڪميٽيءَ جو آئين 1957ع ۾ تيار ڪيو ويو هو، جنهن جي
بنياد تي شاهه لطيف ميموريل ڪائونسل جو باضابطا
بنياد پيو.
ان ميموريل ڪائونسل لاءِ جيئن ته 1947ع کان ڪوششون
هلندڙ هيون، انڪري واضح ڪيو ويو ته ''The
Council Shall be deemed to have Some into
existence from of 1st June 1947''.آغا
تاج محمد هن ڪاميٽيءَ جو جيئن ته پايو وجهندڙ
ميمبرن مان هو، انڪري هاڻ به آنرري طور اهوئي ڪم
سنڀالڻ لڳو.
شاهه لطيف ميموريل ڪائونسل جون مجموعي طور تي
هيٺيون مرادون ۽ مقصد هئا، جن
جو ذڪر ڪندي، سيد اسدالله شاهه حسيني لکي ٿو:
”1. سنڌ جي سدا جيئري شاهه، شاهه عبداللطيف
ڀٽائي جي سوانح، سندس ڪلام جي صوري ۽ معنوي حسن ۽
زيبائش کي منظر عام تي آڻڻ لاءِ آماده ڪرڻ.
2. سنڌ جي علماءِ ۽ فضلاءِ کي تحقيق ۽ تدقيق
ڪرڻ لاءِ آماده ڪرڻ.
3. شعراء شيرين بيان کي پنهنجي افڪار عاليه
کي يڪجا ۽ مجتمع ڪرڻ لاءِ اُڀارڻ،
4. شاهه جي ڪلام جي راڳيندڙن ۽ موسيقارن کي
گوشهءِ گمناميءَ مان ڪڍي اسٽيج تي پهچائڻ جون جيڪي
به مخلصانه ۽ عاشقانه ڪوششون ڪبيون، اهي جيستائين
سنڌي ڳالهائيندڙ ۽ سنڌي ادب موجود آهي، تيستائين
موجود ۽ برقرار رهنديون .“ (حسيني، 1960ع، ص الف)
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ واري حوالي سان ڪم
ڪرڻ جي سلسلي ۾ اُهي وسيع سوچون هيون، جن جي بنياد
تي، شاهه لطيف ميموريل ڪائونسل جو باضابطه طور
ائڪٽ نمبر21 سال 1860ع هيٺ، سرٽيفڪيٽ نمبر474،
تاريخ 5 مئي 1957ع تي ”شاهه لطيف ميموريل ڪائونسل
حيدرآباد سنڌ- مغربي پاڪستان“ نالي سان بنياد رکيو
ويو پر ان جي جوڙجڪ واري قانون ۾ واضع ڪيو ويو ته
”هن ڪائونسل جو وجود پهرين جون 1947ع کان سمجهيو
ويندو، جڏهن کان هن اداري ”ميموريل ڪميٽي“ جي نالي
سان ڪم ڪرڻ شروع ڪيو آهي. (دستور، 1957ع، ص 1)
ان دستور ۾ هن ڪائونسل جا سنڌ جي وسيع ثقافتي ۽
سماجي حوالي سان هيٺيان مقصد واضح ڪيا ويا:
1. ”سنڌو ماٿريءَ جي شاندار ثقافتي ورثي کي
محفوظ رکڻ ان ۾ واڌارو ڪرڻ ۽ هن ملڪ جي اعليٰ
روايتن کي قائم رکڻ ۽ همٿائڻ.
2. هڪ يا وڌيڪ ثقافتي مرڪز اهڙن هنڌن تي قائم
ڪرڻ جتي اهڙي خدمت جي ضرورت هجي ۽ ان مرڪز يا
مرڪزن جو انتظام اثرائتي نموني ۾ هلائڻ.
3. سنڌو ماٿريءَ جو لوڪ ادب ۽ راڳ (جنهن ۾
ڳائڻ ۽ آلاپ به شامل آهي)، جنهن ۾ هي ماٿري ماضيءَ
کان مالا مال آهي، تنهن کي جاري رکڻ ۽ ان کي مقبول
بڻائڻ.
4. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڳوڙهي نظرئي ۽
فلسفي جي سمجهاڻي پيش ڪرڻ، ان جي اشاعت ڪرڻ ۽ شاهه
صاحب جو مشهور تصوف، جو انسانيت لاءِ صلح جي پيغام
جو بنياد آهي، ان کي بيان ڪرڻ ۽ پکيڙڻ. انهن مقصدن
لاءِ خاص طرح شاهه صاحب جي ورسي ڀٽ شاهه تي ملهائڻ
۽ ٻئي اهڙي قسم جون سرگرميون ڪرڻ ۽ ميڙ ڪوٺائڻ ،
جڏهن ۽ جتي ضروري سمجهيو وڃي.
5. شاهه عبداللطيف جي حياتي، ڪلام ۽ راڳ جي
باري ۾ گهري کوج ڪرڻ لاءِ اديبن ۽ مشرقي ٻولين جي
ماهرن ۽ شاعرن کي همٿائڻ، انهن جي رهبري ڪرڻ ۽
سنڌوماٿريءَ جي ٻين شاعرن ۽ مصنفن بابت عام طرح
تحقيقات جاري رکڻ. اهڙي کوجنائن جي نتيجي طور ۽ ان
ڪائونسل جي مقصدن جي پوئيواري ۾ جيڪي لکيو وڃي،
تنهن کي ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن جي وسيلي ڇپائي
شايع ڪرڻ.“ (دستور، 1957ع، ص 2)
اهڙي طرح سنڌوماٿريءَ جي تهذيب ۽ ان جي شاعر شاهه
عبداللطيف ڀٽائي جي حوالي سان وسيع مقصدن واري هن
پروگرام جي باضابطه قانوني طور شروعات ڪئي ويئي.
اداري کي هلائڻ لاءِ هيٺين بنيادن تي اداري جي
ڪائونسل جي جوڙجڪ ڪئي ويئي.
”1. ٻه پايو وجهندڙ ميمبر (سيد ميران محمد شاهه ۽
آغا تاج محمد)
2. سڄي عمر لاءِ ميمبر
3. درگاهه لطيفي جي سجاده نشين جا ٻه عيوضي
4. سنڌ يونيورسٽيءَ جا ٻه عيوضي
5. ٽي ايڪس آفيشو ميمبر
6. ڏهه نمايان اديب يا ادب دوست جن مان گهٽ ۾ گهٽ
هڪ عورت هوندي.“ (دستور، 1957ع، ص 4)
شاهه لطيف يادگار ڪميٽيءَ وارين ڪامياب ڪوششن جي
مدِنظر آغا تاج محمد 1957ع واري يادگار لطيف پرچي
۾ لکيو:
”شاهه صاحب جي سال بسال ورسي ملهائڻ جو سلسلو شاهه
عبداللطيف يادگار ڪميٽي جي زيراهتمام 1947ع کان
جاري آهي، جنهن جي ڪاميابيءَ جا سهرا ڪاميٽي جي
چيئرمن محترم سيد ميران محمد شاهه ۽ ان جي مخصوص
معاونين جي سر تي سونهن ٿا، باجود انيڪ دقتن ۽
دشوارين جي هڪ نيڪ سلسلو بلاناغي، بلڪل باقاعدگي
سان قائم رکيو آهي… مجاهد ملت سيد غلام مرتضيٰ
شاهه (جي.ايم.سيد) ۽ مخدوم الملت طالب الموليٰ
سائين جن، جنهن توجهه ۽ تندهي سان هن تحريڪ کي
ڪامياب ڪندا پئي آيا آهن، اهو واقعي خراج تحسين جي
مستحق آهي. لطيف يادگار ڪميٽي حڪومت مغربي پاڪستان
جي مرهون منت آهي.“
ياد رکڻ گهرجي ته سائين جي.ايم.سيد جنهن جوش جذبي
۽ تندهيءَ سان شاهه عبداللطيف يادگار ڪميٽيءَ لاءِ
ڪم ڪندو پئي رهيو، ان ڳالهه کي نظر ۾ رکندي، 13
ڄڻن جي هڪ ڪميٽي جوڙي ويئي (جنهن جو اڳتي ذڪر
ايندو.) ان ڪميٽيءَ جي ٿيل اجلاس جي حوالي سان
جنرل سيڪريٽري پاران 1- ڊسمبر 1955ع تي سيد صاحب
کي آگاهه ڪيو ويو هو ته ”ويسٽ پاڪستان واري نئين
جوڙجڪ جي روشنيءَ ۾ لطيف يادگار ڪميٽي جي
1955-11-20 واري ميٽنگ ۾ نئين جوڙجڪ ڪئي ويئي آهي،
جنهن ۾ اوهان کي هن ڪميٽي جو ميمبر چونڊيو ويو
آهي، اهڙي طرح ڏهن مهينن بعد 1956-10-14 واري
ميٽنگ ۾ سيد صاحب کي ڪميٽيءَ تي نئين سر Selected ميمبر
طور کنيو ويو هو.
يادگار ڪائونسل جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ ان
جي اهميت، افاديت ۽ بهتر ڪارڪردگيءَ طرف اشارو
ڪندي زينت عبدالله چنه لکيو آهي ته:
”اسان جي پنهنجي ”لطيف ڪائونسل“ مٿان پڻ هن سلسلي
۾ ڪي جوابداريون عائد ٿين ٿيون، جا هاڻي نئين آئين
مطابق، نئين نالي سان رجسٽر ڪرائي، مستقل طور قائم
ڪئي ويئي آهي، ان جي عهديدارن ۽ ڪاروباري ڪميٽيءَ
جي ميمبرن جون چونڊون به ٿي چڪيون آهن.“ ذڪر ڪيل
چونڊن ۾ هيٺ ذڪر ڪيل ميمبر چونڊجي آيا هئا:
لطيف يادگار ڪائونسل 1957ع
ڪائونسل جا ڪل ميمبر
1. سيد
ميران محمد شاهه صاحب |
(صدر) |
2. مخدوم
محمد زمان صاحب ”طالب الموليٰ“ |
(نائب صدر) |
3. خانصاحب
آغا تاج محمد |
(جنرل سيڪريٽري) |
4. ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ |
(جائنٽ سيڪريٽري) |
5. عبدالله
چنه صاحب |
(خزانچي) |
6. سيد
غلام مرتضيٰ شاهه صاحب (جي.ايم.سيد) |
(ميمبر) |
7. پير
غلام حيدر شاهه صاحب |
(ميمبر) |
8. محبوب
علي چنه صاحب |
(ميمبر) |
9. ڊاڪٽر
محمد ابراهيم خليل صاحب |
(ميمبر) |
10. رحيم
بخش صاحب سرهيو |
(ميمبر) |
11. عطا
محمد حامي صاحب |
(ميمبر) |
12. اسدالله
شاهه صاحب |
(ميمبر) |
13. عبدالنبي
آغا صاحب |
(ميمبر) |
14. الله
بخش نظاماڻي صاحب |
(ميمبر) |
15. قاضي
عبدالمجيد ”عابد“ صاحب |
(ميمبر) |
16. بيگم
زينت عبدالله چنه صاحبه |
(ميمبر) |
17. پير
غلام شبير شاهه صاحب |
(ميمبر) |
18. الله
بخش سرشار عقيلي صاحب |
(ميمبر) |
19. الله
ورايو شيخ صاحب |
(ميمبر) |
مٿي ذڪر ڪيل ميمبرن منجهان هيٺ ذڪر ڪيل
انتظامي ڪميٽي مقرر ڪئي ويئي. |
1. سيد
ميران محمد شاهه صاحب |
(صدر) |
2. مخدوم
محمد زمان صاحب ”طالب الموليٰ“ |
(نائب صدر) |
3. خانصاحب
آغا تاج محمد صاحب |
(جنرل سيڪريٽري) |
4. ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ |
(جائنٽ سيڪريٽري) |
5. عبدالله
چنه صاحب |
(خزانچي) |
6. بيگم
زينت عبدالله چنه |
(ميمبر) |
7. پير
غلام شبير شاهه صاحب |
(ميمبر) |
8. الله
بخش سرشار عقيلي صاحب |
(ميمبر) |
9. الله
ورايو شيخ صاحب |
(ميمبر) |
ساڄي کان ويٺل: سرشار عقيلي، عبدالله چنه، بيگم
عبدالله چنه، سيد ميران محمد شاهه،
پير غلام حيدر شاهه بلڙائي، شيخ الهه ورايو، الله
بخش نظاماڻي
بيٺل ساڄي کان: مقبول ڀٽي، ..........، آغا تاج
محمد، محبوب علي چنه، .................،
.................
سائين جي.ايم.سيد حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي
حوالي سان ميموريل ڪميٽي جي مختلف پروگرامن ۾ سيد
ميران محمد شاهه سان ته هونئن ئي سهڪاري رهندو
پئي آيو پر پوءِ جڏهن ڪميٽيءَ جو 1957ع ۾ آئين
منظور ڪرايو ويو. تڏهن کان سيد صاحب پڻ ان جو
قانونن باضابطه ميمبر ٿيو.
ببليوگرافي:
1. آزاد
قاضي، ورچي نه ويٺي، 2003ع، جي.ايم.سيد فائونڊيشن
ڪراچي.
2. آزاد
قاضي، خط ۽ خيال، 2015ع، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو.
3. بلوچ،
نبي بخش، يادگار لطيف، 1953ع، شاهه عبداللطيف
يادگار ڪميٽي، حيدرآباد.
4. بلوچ،
نبي بخش، مخزن شاهه لطيف ڀٽائي، 1954ع، شاهه
عبداللطيف يادگار ڪميٽي، حيدرآباد.
5. بلوچ،
نبي بخش، يادگار لطيف، 1955ع، شاهه عبداللطيف
يادگار ڪميٽي، حيدرآباد.
6. بلوچ،
نبي بخش، يادگار لطيف، 1956ع، شاهه عبداللطيف
يادگار ڪميٽي، حيدرآباد.
7. سيد،
جي.ايم، چونڊ ادبي مضمون، 1974ع، نئين سنڌ
پبليڪيشن ڪراچي
8. چنه،
زينت، يادگار لطيف 1957ع، شاهه عبداللطيف يادگار
ڪميٽي حيدرآباد.
9. دستور
1957ع، شاهه عبداللطيف ميموريل ڪائونسل حيدرآباد.
اخبارون/رسالا:
ماهوار عام راءِ، حيدرآباد، ڊسمبر 1950ع
روزانه نئين سنڌ، 19- ڊسمبر 1956ع
ڊيلي ڊان، ڪراچي، 16- آڪٽوبر 1954ع.
ٽه ماهي مهراڻ، سالگره نمبر، 1949ع، سنڌي
ادبي بورڊ، حيدرآباد.
ٽه ماهي مهراڻ، سالگره نمبر، 1950ع، سنڌي
ادبي بورڊ، حيدرآباد.
سنڌ ترقيءَ جي شاهراهه تي، (1954ع) سنڌ
اطلاعات کاتو، حڪومت سنڌ.
قلمي:
سيد، جي.ايم، سالانه ڊائري، 1950ع.
سيد، جي.ايم، سالانه ڊائري، 1951ع.
سيد، جي.ايم، سالانه ڊائري، 1954ع.
|