ڊاڪٽرگل حسن لغاري
قاضي غلام محمد قريشي
(1924ع - 1991ع)
سنڌ
جي هڪ اعليٰ علمي ادبي ۽ ڀلاري شخصيت
خانداني پس منظر: جناب قاضي غلام محمد صاحب وارا،
قريشي صديقي نسب جا هئا. سندن وڏا مدينہ منوره کان
هجرت ڪري نيشاپور بعد ۾ هرات پهتا. ان کان پوءِ
سنڌ ڏانهن هجرت ڪيائون ۽ هالڪنڊيءَ ۾ مستقل سڪونت
اختيار ڪيائون. هالڪنڊيءَ ۾ سندن آمد 10 هجري جي
اوائل ۾ ٿي آهي جنهن کي اڄ تائين 600-500 پنج يا
ڇهه سؤ سال ٿي چڪا آهن. سندن شجري ۾ لکيل آهي ته
مخدوم قاضي محمد قابل قريشي صديقي ۽ مخدوم محمد
هارون قريشي صديقي جن هرات کان هالاڪنڊي ۾ سڪونت
اختيار ڪئي ۽ قاضي رفيع الدين صديقي دهلي روانو ٿي
ويو.
قاضي غلام محمد صاحب جو شجره نسب هالڪنڊي آمد کان
حال زمانه تائين، هن طرح آهي: قاضي غلام محمد
قريشي بن قاضي محمد اعظم قريشي (ثاني) بن قاضي
ابوالمعالي قريشي بن قاضي محمد صادق قريشي (ثاني)
بن قاضي محمد اعظم (اول) قريشي بن قاضي محمد شجاع
قريشي (مفتيء اعظم) بن قاضي محمد صادق (اول) بن
قاضي محمد قابل قريشي صديقي اول ورود ۽ هجرت به
هالڪنڊي ٿي.
سندن وڏا قاضي، عالم، فاضل ۽ پير طريقت مخدوم رهيا
آهن، ۽ علم ۾ فضيلت جو سلسلو اڄ تائين جاري ۽ ساري
آهي. سندن اباڻو قبرستان مخدوم ڏنو عرف شاهه ديانهرحه آهي
جنهن کي شاهه ديانو قبرستان، سڏجي ٿو. مخدوم شاهه
ديانهرحه، مخدوم
نوحرحه جن
جا استاد هئا، اهو قبرستان سندن نالي سان منسوب
آهي. هن خاندان ۾ عالم، مفسر، محدث، فقيہ ۽ روحاني
بزرگ هر وقت پيدا ٿيندا رهيا آهن، ۽ دنيوي طرح سان
به الله تعاليٰ هن خاندان کي نوازيو آهي. سڀئي وڏا
زميندار ٿي رهيا آهن.
اي هم نشينان محفل ما
رفتيد ولي نه ازدلِ ما
--
اي هم نفسانِ محفل مارفتيد،
از
ولي نه رفتيد دلِ ما
قاضي غلام محمد قريشي صاحب جن سان منهنجي پهرئين
واقفيت تڏهن ٿي جڏهن مون ايم.اي فارسي ڪلاس ۾ سال
1960ع ۾ داخلا ورتي. اتي ٻيا هم ڪلاسي به هئا، پر
قاضي صاحب مرحوم پخته ڄمار ۾ هئا، 37 سال نهايت
سنجيده باوقار، نرم مزاج ۽ درويش منش شخصيت جا
صاحب هئا. انهيءَ دوران آءٌ ٽنڊوڄام گورنمينٽ هاءِ
اسڪول ۾، سيڪنڊري ٽيچر (استاد) هوس. شام جا ڪلاس
باقاعدگيءَ سان ٿيندا هئا ۽ محترم ڊاڪٽر قاضي نبي
بخش صاحب شعبي فارسيءَ جا هيڊ هئا. مرحوم محترم
حضور احمد سليم، مرحوم قاضي غياث الدين، مرحوم
سائين ڊاڪٽر اسد الله شاهه حسيني، اسان جا مختلف
موضوعن تي ڪلاس وٺندا هئا.
قاضي غلام محمدرح جن
جو ديني لڳاءُ، محبت ۽ مروت ۽ سندن خوش گفتار ۽
ڀائيندڙ رجحان، مون کي تمام گهڻو متاثر ڪيو ۽ هو
پاڻ به مون کي زوري دعوت ڏيئي، پنهنجي ڊومن واهه
حيدرآباد واري جاءِ تي وٺي ويندا هئا. حالانڪ آءٌ
نوڪري ۽ پنهنجي والدين جي خدمت ۽ گهر ٻار سبب ڪافي
مصروف رهندو هوس. مون ڏٺو ته قاضي صاحب مرحوم گهڻو
ڪري، استادن، ۽ تعليم سان تعلق رکندڙ ماڻهن، عالمن
۽ دين سان لڳاءُ رکندڙ شخصيتن ۾ وڏي دلچسپي رکندا
هئا ۽ اهو سلسلو، سندن آخري عمر تائين قائم رهيو.
قاضي غلام محمدرح جي
ابتدائي تعليم و تربيت به خانداني طريقي سان
پهرئين قرآن شريف جي ناظره پڙهڻ سان ٿي. سندن والد
بزرگوار قاضي محمد اعظم صاحبرحه، جيڪو
پاڻ به عربي ۽ فارسيءَ جو عالم با عمل هو. تنهن
ناظره قرآن شريف مڪمل ڪرڻ کان پوءِ کين 1931ع ۾
هالا پراڻا اسڪول ۾ داخل ڪرايو. انهيءَ دوران قاضي
صاحب، مدرسه اشرفيه (هيءُ مدرسو سندن ذاتي ۽
خانداني مدرسو هو جيڪو قاضي محمد اشرف مرحوم جي
نالي سان منسوب هو) هالا پراڻا ۾ فارسيءَ ۽ عربيءَ
جي تعليم حاصل ڪندا رهيا. شروعاتي سنڌي تعليم پوري
ڪرڻ کان پوءِ، انگريزي تعليم پرائڻ لاءِ اي- وي
اسڪول هالا ۾ داخل ٿيا. جيئن ته پرائمري تعليم ۽
عربيءَ، فارسيءَ جي تعليم، سندن نهايت پختي بنيادي
تعليم رهي. پر چوڏنهن 14 سالن جي عمر ۾ سندن والد
بزرگوار سال آگسٽ 1938ع ۾ انتقال ڪري ويا، پنهنجي
زمينداري ڪاروبار جي بار پوِڻ سبب مصروفيتون وڌي
ويون ۽ ان ڪري سندن تعليم ۾ ڪجهه وقت لاءِ وقفو
پئجي ويو. تنهن هوندي به نهايت همت ۽ حوصلي سان،
پنهنجي ڪاروبار کي به سنڀاليائون. ان سان گڏوگڏ
پنهنجي تعليم ڏي به توجه ڏنائون ۽ مئٽرڪ جو امتحان
سال 1955ع ۾ فرسٽ ڪلاس، سيڪنڊ پوزيشن ۾ پاس
ڪيائون. ياد رهي ته انهيءَ دور ۾ مئٽرڪ جو امتحان
سنڌ يونيورسٽي وٺندي هئي ۽ انگريزيءَ جو نصاب،
جيڪو مئٽرڪ ۾ هوندو هو، تنهن ۾ انگريزيءَ جا ٻه
پيپر ٿيندا هئا، هڪ ٽيڪسٽ بوڪ مان ۽ ٻيو گرامر،
مضمون وغيره، ان کان علاوه ٻيا مضمون به هوندا
هئا.
قاضي صاحب مرحوم ايم.اي جي ڪلاسن هلندي، فارسيءَ
جي علاوه ٻين ديني مسئلن بابت استاد محترم ڊاڪٽر
قاضي نبي بخش کان سوال ڪندا رهندا هئا. سائين
ڊاڪٽر قاضي صاحب، ٻئي ڏينهن تي ڪتابن جون ڀريون
کڻائي ايندو هو، ثبوت مهيا ڪري اطمينان بخش جواب
ڏيندو هو. جيتوڻيڪ اسان جي ايتري رسائي نه هئي. پر
قاضي صاحب مرحوم جو ديني علوم، مسئلن ۽ شرعي
احڪامن جي ڄاڻڻ لاءِ خاص دلچسپي رکندا هئا. انهيءَ
جي علاوه مرحوم ڊاڪٽر اسد الله شاهه حسيني ”بيخود“
به نهايت دلچسپ ۽ وڻندڙ انداز ۾ پاڙهيندو هو.
نهايت خوش طبع ۽ دلچسپ پيرايي ۾ ليڪچر ڏيندو هو.
وڏي اخلاص ۽ ٻاجهه واري شخصيت جو مالڪ، ايم.اي
فائينل ۾ جديد ايراني ادب تي به هڪ مڪمل پيپر هو ۽
ان ۾ جديد انقلابي شاعرن ۽ اديبن تي مطالعو شامل
هو. قاضي صاحب مرحوم ۽ اسان انهيءَ پيپر لاءِ
مختلف موضوع ورهائي مطالعو ڪيو ۽ مون ڪوشش ڪري
نوٽس تيار ڪيا، جنهن لاءِ قاضي صاحب مرحوم اڪثر
چوندو هو ته اهو نوٽس ٺاهڻ وارو طريقو ۽ اهو
نوٽبوڪ منهنجي لاءِ وڏو ڪارائتو ثابت ٿيو.
ايم.اي فارسيءَ ۾ قاضي غلام محمد صاحب مرحوم جن
سال 1962ع ۾ فرسٽ ڪلاس سيڪنڊ پوزيشن حاصل ڪيائون ۽
منهنجي ٿرڊ پوزيشن بيٺي. انهيءَ کان پوءِ قاضي
صاحب مرحوم سال 1964ع ۾ عربيءَ ۾ به ايم.اي ڪئي،
جنهن ۾ فرسٽ ڪلاس سيڪنڊ پوزيشن حاصل ڪيائون.
انهيءَ ساڳئي سال ايل.ايل.بي جو امتحان سنڌ لا
ڪاليج حيدرآباد مان پاس ڪيائون.
سروري اسلاميه ڪاليج هالا ۾ ڪيترا سال قرآني ۽
ديني تعليم تي آنرري ليڪچر ڏيندا رهيا، خصوصاً
سيرت پاڪ حضور صلي الله عليه وسلم جن تي سندن اڪثر
ليڪچر هوندا هئا.
سروري اسلامه ڪاليج هالا جي تعليم ۽ تربيت سان
سندن خاص دلچسپيءَ جي ڪري، کين آنرري سيڪريٽري جي
ذميداري ڏني ويئي، ۽ ڪيترائي سال آنرري سيڪريٽري
رهيا ۽ سال 1969ع تائين پوري ڪاليج جو انتظام
نهايت سهڻي طريقي سان سنڀاليندا رهيا ۽ سندن
سيڪريٽري رهڻ جي دوران، استادن ۽ ڪاليج جي پڙهائي
جو انتظام عروج تي هو. هالا جي پسگردائيءَ سميت
پري پري کان آيل شاگرد پنهنجي ڪاميابيءَ جي منزلن
تائين رسيا.
قاضي غلام محمد صاحب مرحوم، سخي، مهمان نواز،
ڪشاده دل، انسان دوست ۽ عام خيرخواهي رکندڙ شخصيت
جا مالڪ هئا. منهنجي لاءِ ته اها ڪا ربَ تعاليٰ
طرفان وڏي ڀلائي، خوش قسمتي ۽ فضل پئي رهيو آهي.
جو شروعاتي هاءِ اسڪول جي تعليم کان وٺي، نيڪ ۽
ڀلارن ماڻهن جي صحبت ۽ سنگت حاصل ٿيندي رهي آهي.
ٽنڊي ڄام اي.وي اسڪول ۾ سائين مرحوم بزرگوار سيد
موج علي شاهه صاحب استاد هئا. پاڻ ٽنڊو غلام علي ۾
به ڪافي وقت استاد ۽ هيڊ ماستر رهيا. پوءِ ٽنڊي
ڄام ۾ به اسان جا انگريزي فارسي جا استاد هئا. پاڻ
درويش، صاحب بصيرت ۽ اهل الله هئا. وري سچل سرمست
ڪاليج ۾ فارسيءَ جا استاد بزرگوار مرحوم مخدوم
امير احمد رهيا.
يونيورسٽيءَ ۾ محترم مرحوم قاضي غلام محمد قريشي
صاحب صرف هم ڪلاس نه هئا، پر منهنجي لاءِ وڏي
سعادت ته نيڪ بختيءَ جا موجب بنيا. سندن رويو، هلت
چلت، عالمانه ۽ عارفانه هئي. بيشڪ زماني جي لحاظ
کان، خدا جي فضل سان وڏي ۾ وڏو زميندار هئا، پر
انهيءَ جي باوجود تڪبر ۽ وڏائيءَ کان پري سلوڪ،
فقيري ۽ درويشيءَ جي رنگ ۾ رچيل هئا. حضرت مخدوم
نوحرح جي
سچن ۽ خاص مريدن مان هئا ۽ حضرت سرور نوحرح جي
تلقين ڪيل ذڪر ۽ فڪر سان سرشار هئا. صاف گو ۽ شفاف
ڪردار جا مالڪ هئا. ڪنهن جي اجائي خوشامد نه
ڪيائون، البته عزت داري، عزت افزائي ۽ آڌر ڀاءُ
ڪرڻ کي فرض سمجهندا هئا. عزيزن ۽ مٽن مائٽن سان
سندن روش مثالي هوندي هئي. جيڪڏهن ناموافق ۽ اڻ
سهائيندڙ معاملا پيدا ٿيندا هئا ته اڪثر چوندا هئا
ته: ”ڇڏي ڏيونِ وڃي سک ۾ پونِ“. ڪڏهن به بددعا نه
ڪيائون ۽ ڪنهن جي نه گلا ڪيائون ۽ نه ئي گلا ٻڌڻ
پسند ڪندا هئا. نهايت تڪليف ده معاملات ۾ بيحد صبر
ڪندا هئا ۽ چوندا هئا ته حافظ شيرازي کي سمجهڻ
گهرجي، جنهن بلڪل درست چيو آهي ته:
وفا کنيم و ملامت کشيم و خوش باشيم
که در طريقتِ ماکافري است رنجيدن
(يعني: اسان وفا ڪريون ٿا ۽ (جيڪڏهن ڪي ماڻهو) چڱو
نٿا ڀانئين (ملامت ڪن ٿا) ته سندن مرضي، اسان خوش
آهيون، ڇو ته، اسان جي طريقي ۾ ڪنهن کي به رنجائڻ
ڪفر آهي.)
شيخ سعدي رح پڻ چوي ٿو ته:
چه خوش گُفت فردوسي
که مآزار موري که جان دارد
فردوسي ڪهڙي نه سهڻي ڳالهه چئي آهي ته ڪِوِلي
(ماڪوڙيءَ) کي به نه ڏکايو، (آزار نه پهچايو) جو
ان کي به جان (ساهه) آهي.
قاضي صاحب مرحوم، پنهنجي زندگي باوقار نموني سان
بسر ڪئي. عالمانه ۽ عارفانه نهٺائي، صبر ۽ استقامت
سندن شيوو هوندا هئا. هميشه پنهنجي فياضي ۽ سخاوت
جو ڏيکاءُ ۽ ظاهر داري ۽ رياڪاري جي سخت خلاف
هوندا هئا. سندن مهمان نوازي جو دستر خوان هميشه
قائم پئي رهيو. سروري اسلاميه ڪاليج سڀني استادن
کي سال ۾ ٽي چار دفعا دعوت ڏيندا هئا ۽ علمي بحث ۽
مباحثا ٿيندا هئا.
تعليم ۽ تربيت جي متعلق صلاح ۽ مشوري ۾ نهايت
دلچسپي وٺندا هئا. انگريزي جي ادب ۾ به کين وڏي
دلچسپي هوندي- شيلي، شيڪسپيئر ۽ وليم ورڊس ورٿ ۽
ٻين ڪيترن ئي شعرن متعلق گفتگو ٿيندي هئي. عربيءَ
۽ فارسي ادب جا ته ماهر ۽ دلداده هوندا هئا. خاص
طرح فارسيءَ جي ڪيترن ئي شاعرن، مولانا رومي، حافظ
شيرازي، مولانا جامي، عمر خيام، خواجه فريدالدين
”عطار“ جا شعر کين ازبر ياد هوندا هئا ۽ محفل ۾
موقعي جي مناسبت سان اُهي نهايت وڻندڙ انداز ۾ پيش
ڪندا هئا. ائين کڻي چئجي ته فارسيءَ جا گوهر هئا،
پر پنهنجي وڏي ۾ وڏي علميت ۽ ڄاڻ، پرهيزگاري،
تقويٰ ۽ سخاوت تي ڪڏهن به ناز نه ڪيائون. سندن
ڪچهري ۾ مذهبي ۽ ديني گفتار جي دوران ڪڏهن به فرقه
بازي يا طنز جو اشارو نه ملندو هو. جيتوڻيڪ،
مذهبي، سياسي جماعتن واريون اهم شخصيتون به وٽن
خاص طرح سان ڪچهري ۽ ميل ملاقات لاءِ اڪثر اينديون
رهنديون هيون، پر سندن رَوش ۽ گفتار مان خوش ٿي
ويندا هئا. اهڙي ريت آزاد منش ۽ دنياوي زندگي جا
دلداده به وٽانئس عزت ۽ آڌر ڀاءُ وٺي، متاثر ٿيندا
هئا. اديب، دانشور ۽ محقق ته شاهه عبداللطيف ڀٽائيرحه جي
ميلي تي ايندي ويندي، قاضي صاحب مرحوم سان ڪچهري
ضرور ڪندا هئا، جن ۾ مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي
مرحوم، غلام رباني آگرو، ڊاڪٽر نوازعلي ”شوق“،
ڊاڪٽر مهڪري، نياز همايوني مرحوم ۽ ٻيا ڪيترائي
صاحب عالم وٽس ايندا رهندا هئا.
مون کي بلڪل ياد آهي ته محترم راڻا ڀڳوان داس،
اڳوڻو چيف جسٽس سپريم ڪورٽ، جڏهن هالا ۾ سب جج هو،
تڏهن قاضي صاحب جن وٽ علمي ڪچهريءَ جي لحاظ سان
اڪثر ايندو هو ۽ راڻا صاحب جو تصوف ۽ علم عرفان
سان بيحد لڳاءُ هوندو هو ۽ سندس مطالعو به تمام
سٺو هو ۽ يار ويس طبعيت جو مالڪ هئڻ سبب عام طرح
سان سندس ساک تمام بهتر رهي آهي. قاضي صاحب جن
ڪڏهن، ڪنهن جي سفارش نه ڪئي ۽ نه ڪنهن لاءِ کين
چيو. اهڙي ريت جسٽس مجيب الله صديقي، هالا ۾
شهدادپور ۽ حيدرآباد ۾ هوندو هو ته، قاضي صاحب جن
وٽ اڪثر ايندو هو ۽ ساڻس، علمي بحث مباحثا، نهايت
دلچسپ ٿيندا هئا. جيتوڻيڪ، فڪري لحاظ کان، قاضي
صاحب درويشن ۽ بزرگن ۽ اوليائن جي ملفوظات يا
سالڪن جي سلوڪ ۽ سوز سان ڀريل روايتن کان به متاثر
هئا، پر مُجيب الله صديقي صاحب اهڙي نرميءَ جو
قائل نه هو. سخت مذهبي رجحان رکندڙ ۽ پرهيزگار ۽
تقويٰ جو صاحب هو، تنهن هوندي به قاضي صاحب سان
فون تي رابطو به رکندو هو ۽ ڪچهري لاءِ ايندو هو.
انهيءَ جي علاوه آخوند عبدالله ڊي.سي ٺٽو به رهيو
ته گورنر جو ائڊوائيزر يا سيڪريٽري به رهيو، سو به
قاضي صاحب وٽ اڪثر ايندو هو. پاڻ اصل روهڙيءَ جو
هو ۽ باصلاحيت فارسي دان هو. اُن جا قاضي صاحب ڏي
لکيل خط اڄ به ادبي شاهڪار جو نمونو آهن.
قاضي غلام محمد صاحب مرحوم سان گڏجي سندن زمين،
جيڪا سانگهڙ ضلعي ۾ گهڻو ويندو هوس. اڪثر، جڏهن به
زمين تي ويندا هئا ته مون کي وٺي ويندا هئا، سندن
معامله فهمي ۽ روشن سوچ جيڪا هارين سان ۽ ڪمدارن
سان، مون کي نظر آئي، سا هر ڪنهن زميندار جي وس
کان ٻاهر آهي. اُتي ديهن تي ڪمدارن ۽ هارين سان،
جنهن مهر ۽ محبت سان ملندا يا ڳالهائيندا هئا، سو
ائين سجهه ۾ ايندو هو ته ڄڻ، انهن جي اهنجن ۽
تڪليفن کي سمجهڻ ۽ انهن کي دور ڪرڻ لاءِ آيا آهن.
هر هڪ جا مسئلا ٻڌندا هئا ۽ ڪيترن ئي مسڪينن کي
اُتي به خير خيرات ڏيندا هئا. حساب ڪتاب ۾ به ڪنهن
کي ڪا شڪايت نه هوندي هئي.
هڪ دفعي اهڙيون برساتون پيون جو، نئون آباد، بسي ۽
اهو سمورو علائقو ٻڏي ويو، فصل تباهه ٿي ويا. هاري
ڳوٺ ڇڏي، دلشاد شاخ جي ڪَپرن تي اچي ويٺا. اسين
پهتاسون، هتي به قاضي صاحب جون ٽي چار ديهون هيون.
هاري پريشان هئا، اُتي سڀني کي سڏي چيائون ته،
هاڻي توهان جو سمورو قرض معاف آهي، اڳتي الله مدد
ڪندو. ڪجهه صاحبزادن چيو ته قرض ته معاف ٿيو، پر
هاري اَنُ گهرندا، ٻج گهرندا ۽ تقاوي گهرندا پوءِ؟
پاڻ چيائون ته، اسين سڀ ڪار ۾ چڙهون ٿا ۽ پاڻ وٽ
الله تعاليٰ جو رزق ۽ نعمت سڀ ڪجهه آهي. انهن وٽ
ڪجهه به نه رهيو آهي. مون اندازو لڳايو ته اهو
سمورو قرض ويهن پنجويهن لکن کان گهٽ نه هو. پر
قاضي صاحب مرحوم اهڙا ڪيئي قرض معاف ڪيا، جن جو
تفصيل ڏجي ته وڏو آهي. ڪيترن ئي هارين بي ترتيبي
سان نقصان ڏنو هوندو- اجايو پاڻي لوڙهي ڇڏيندا
هئا، ته به زباني طرح سان سمجهاڻي ۽ خدا جي خوف
جون ڳالهايون ڪري، کين نصيحت ڪندا هئا.
خير خيرات ته هميشه جاري هوندي هئي. ڪار ۾ هلندي،
ڪنهن به سواليءَ کي خالي نه ڇڏيندا هئا. سنڌ
يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندا هئاسون، تڏهن مون کين ڏٺو ته
غريب ۽ محتاج سواليءَ کي ڪجهه نه ڪجهه ضرور ڏيندا
هئا. حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي عيد
ميلاد النبيءَ تي هر سال سندن ولادت باسعادت جي
شان ۾ في سبيل الله ڪيتريون ئي ديڳيون چاشنيءَ ۽
پُلاءَ جون پاڙيءَ ۾ پاڻ ويهي تقسيم ڪندا هئا ۽
مولوي، حافظ قرآن ۽ ٻيا، انهن کي دعوت ڏيندا هئا.
اسان وٽ ”عرس شريف“ چئجي ٿو. سڀ ڪنهن جو پنهنجو
مسلڪ ۽ محبت آهي. ان بابت ڪجهه به چوڻو نه آهي.
مون کي ياد آهي ته هڪ دفعي، ڪنهن سرڪاري ڪم سبب
آءٌ عيد ميلادالنبيءَ واري دعوت ۾ پهچي نه سگهيس
ته پوءِ مون کي انهيءَ مهيني جي ڪنهن آچر ڏينهن
وڏو ديڳڙو تيار ڪرائي ڏياري موڪيائون، جيڪا حقيقت
سندن سڀني صاحبزادن کي معلوم آهي. انهيءَ جي علاوه
محرم جي ڏهن ڏهاڙن ۾ به پنهنجي ڪچهريءَ جي دوران
امام حسين رضي الله تعاليٰ عنہ ۽ ڪربلا جي واقعي
جو ذڪر به ڪندا هئا. 9- محرم تي في سبيل الله
خيرات ڪندا هئا. اهو سندن دستور هوندو هو. انهيءَ
کان علاوه به، مون ڪيترا دفعا ڏٺو ته صبح ساڻ
جانور ڪهائي پاڙي ۾ غريبن کي گوشت ورهائي ڏيندا
هئا.
قاضي صاحب جن سادات جي وڏي عزت ڪندا هئا ۽ پاڙي جي
ساداتن مان جيڪڏهن ٻار به اوطاق تي ايندا هو ته
اُٿي بيهي ملندا هئا. پاڻ ڪيترائي حج ۽ عمرا
ڪيائون. مون سان سندن تعلق ۽ لڳاءُ هميشه قائم
رهيو. جڏهن عمرڪوٽ ڪاليج مان بدلي ٿي کپري ڪاليج ۾
آيس ته روزانو صبح جو فجر نماز کان پوءِ فون تي
ڪچهري ڪندا هئا ۽ اڪثر چوندا هئا ته هاڻي ڄڻ گڏيا
ويٺا آهيون، ڇو ته فون جي ڊائريڪٽ ڊائلنگ آهي. اهي
1990ع ۽ 1991ع جا سال آهن ۽ پاڻ ناچاڪ ٿي پيا ۽
سندن ناچاڪائيءَ ۾ سندن فرزند محترم قاضي شوڪت علي
وڏي ۾ وڏي خدمت ڪئي ۽ ٻيا فرزند به لائق ۽ فائق
رهيا پر قاضي صاحب مرحوم جو گهڻو فڪر ۽ اونو قاضي
شوڪت علي نهايت صبر ۽ دلبستگيءَ سان برادشت ڪيو جو
ڪراچيءَ علاج لاءِ وڃڻ ۾، هر وقت تيار رهندو هو ۽
آخرڪار ڊائلسز مشين پنهنجي گهرايائون ۽ قاضي صاحب
جي ڊائلسز هفتي ۾ ٻه دفعا يا ڪڏهن ڏهين ڏينهن ٻه
دفعا ضرور ٿيندي هئي، جنهن ۾ ڊاڪٽر عرفان علي قاضي
۽ ڊاڪٽر لياقت علي قاضي موجود هوندا هئا. قاضي
صاحب مرحوم بيماريءَ جي دوران به تلاوتِ ڪلام پاڪ
۽ نماز جي ادائگي به پابندي سان ڪندا رهيا ۽ رمضان
شريف ۾ ڪافي روزا به رکيائون، حالانڪ پاڻ ڊائلسز
جي علاج مان پئي گذريا. ليڪن روزن رکڻ کي پنهنجي
لاءِ برڪت ۽ نعمت پئي سمجهيائون.
آخرڪار سندن وصال، 13- جمادي الاول 1412هه، خميس
ڏينهن، 21- نومبر 1991ع ۾ ٿيو، کين سندن اباڻي
قبرستان هالا پراڻا ۾ دفن ڪيو ويو. جيڪا سندن آخري
آرامگاهه آهي. سندن اولاد ۾ ست پُٽ، جن ۾ وڏي ۾
وڏو پُٽ قاضي محمد اعظم آهي.
چونکه گل رفت و گلستان در گذشت
نه شنوئي زان پس زبلبل سر گذشت
قاضي صاحب مرحوم جي تصنيفات ۾ سيرت النبي صلي الله
عليہ وآلہ وسلم، نماز ۽ تاريخ درگاهه شريف هالا
شايع ٿي چڪا آهن. ان کان علاوه ديوان آخوند محمد
قاسم هالا، فارسيءَ ۾ تصحيح ٿيل، انگريزي مقدمي ۽
ترجمي سان خطي نسخو موجود آهي. مطالعي ۽ علم و ادب
۽ ديني علوم سان دلچسپي هئڻ سبب قاضي صاحب جي
لائبرريءَ ۾ تقريباً ڏهه هزار ڪتابن جي ذخيري کان
وڌيڪ ڪتاب موجود آهن، جن ۾ قلمي ۽ ناياب نسخا به
آهن. هن وقت، قاضي شوڪت علي، جيڪو پاڻ به مطالعي
جو ذوق رکندڙ ديندار، پرهيزگار ۽ تقويٰ جو صاحب
آهي سو اُنهيءَ لائبرري جي سنڀال ۽ ان کي وڌائڻ ۾
مصروف آهي. ان سان گڏوگڏ سندن ڀائر ۽ ڀائٽيا به
علم و ادب ۾ دلچسپي رکندڙ ۽ ديندار آهن.
الله تبارڪ و تعاليٰ کين وڌائي ۽ نيڪيءَ ۽ دينداري
جي وڌيڪ توفيق عطا فرمائي- آمين.
چوٿين مارچ
جنهن ۾ کِلندي کِلندي کيڏِي
مُڙسن پاڻ مَلهايو
تنهن مارچ مانُ مٿانهون آ!
سچُ سَمائي سيني ۾،
جوڌَنِ ڏاڍُ ڏَڪايو
تنهن مارچ مانُ مٿانهون آ!
ديسَ سان دِلڙي لائي دودَن
پنهنجو نينهن نڀايو
تنهن مارچ مانُ مٿانهون آ!
جبلَ جهڙن عَزِمن آڏو
آمرَ ڪنڌُ جهُڪايو
تنهن مارچ مانُ مٿانهون آ!
اٰچي وري او! سنڌُ سَهارؤ!
ساڳي جوتِ جَلايو
تنهن مارچ مانُ مٿانهون آ!
- اياز گل
شاعر بنيادي طور امن جو پرچارڪ ٿيندو آهي، هو
چاهيندو آهي ته دنيا جنت جو ڏيک ڏي. فطرتي سونهن
شاعر جي ڪمزوري هوندي آهي. ڌرتي سان محبت شاعر جي
ايمان جو جُز هوندي آهي. گهاٽي ڇانوَ ڏيندڙ ۽
ميويدار وڻ، گل ٻوٽا، گاهه، پوپٽ، ڀؤنرا،
ڀنڀوريون، پکي، جانور، جيت، جبل، آبشار، نديون،
سمنڊ، جهُڙ، مينهن، چنڊ، ستارا، مطلب ته واريءَ جي
ذري کان وٺي سج تائين هر ڪا شيءِ سندس موضوع سخن
رهي آهي. شاعر اُنهن سمورن فطرتي شين جي بقا لاءِ
جدوجهد ڪندو رهندو آهي. شاعر کي پهريون سبق محبوب
جي اکين کان ضرور ملي ٿو، پر پوءِ اهو ايندڙ سبق
هُو فطرت جي گوناگون نظارن ۽ سماج مان حاصل ڪري ٿو
۽ اهڙيءَ طرح هڪ انسان کان شروع ڪيل محبت کيس پوري
ڪائنات جي محبت ۾ گرفتار ڪري ڇڏي ٿي.
شاعر جي اهڙي محبوب ڪائنات جي ڪنهن به ذري تي ڪوبه
حملي آور ٿئي ٿو ته شاعر پنهنجي سموري توانائيءَ
سان هڪ دانهن ڪري ٿو، اهائي دانهن هڪ مزاحمت بڻجي
پوي ٿي. شاعر جنگ جي خلاف جنگ (War
Against War) ۾ شامل
ٿي وڃي ٿو ۽ ان جي پهرين صنف جو سپاهي بڻجي وڃي
ٿو. لطيف سرڪار جي هنن سٽن مطابق ته:
سورهيه! مرين سوڀ کي، ته دل جا وهم وسار،
هڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرين، آڏي ڍال مَ ڍار،
مٿان تيغ ترار، مارِ ته متارو ٿئين.
ڪتاب- ”مري شال ملهايان“ مهاڳ تان ورتل ٽڪرو |