شبنم گل
مور ٿو ٽِلي ....
شهر جي زندگيءَ جا ٿڪل قافلا ٿر جي سونهن پسڻ لاءِ
ٿر ڏانهن روانا ٿي چڪا هئا. رستن جي رونق ڏسڻ وٽان
هئي. اٺن جون قطارون گذري رهيون هيون، سندن ڳچين ۾
ٻڌل چڙن جا آواز سحر انگيز ٿي لڳا. ان سانت ۾ هر
آواز متحرڪ هو. ڀنڀورين جي پرن جو آهنگ، پکين جون
ٻوليون، هوائن جا سر ۽ ڀٽن جو ماٺائتو وجود جيڪو
ساوڪ سان جهنجهيل هو. عورتون مٿي تي دلا کڻي سڙڪ
ڪناري وڃي رهيون هيون.
حسان گاڏي روڪي ۽ بسمه تڪڙ ۾ هيٺ لهي عورتن جا
فوٽو ڪڍڻ لڳي. پر هنن پنهنجا چهرا رئي جي پلئه سان
ڍڪي ڇڏيا ۽ تڪڙيون وڃڻ لڳيون. بسمه مايوس ٿي سيٽ
تي اچي ويٺي ته حسان جا ٽهڪ ٻڌي تهائين ڪاوڙجي
وئي.
”بسمه توکي چيو هيم نه ته ٿر جون عورتون فوٽو
ڪڍرائڻ پسند نه ڪنديون آهن.“
بسمه کيس ڏسي چيو: ”حسان! هنن جو لباس ڪيڏو
خوبصورت آهي. مون کي به هن دفعي مٺي مان اهڙي ڊريس
وٺي ڏجانءِ، ۽ اهڙيون چوڙيون به.“
”هاها ڇو نه.“ حسان گاڏي اسٽارٽ ڪندي مرڪي ڏنو.
ٿوريءَ دير ۾ ڪڪر ڪارونڀار ڪري آيا. هوا تهائين
ٿڌي ٿي ويئي. برسات کان اڳ هوا ڪيڏي نه نشيلي ٿِي
پوي ٿي ۽ سموري وجود تي ڇانئجي وڃي ٿي بادلن جي
خوشبوءِ سان واسيل هوا! ٿوري دير ۾ مينهن وسڻ لڳو.
روڊ ڪناري ويندڙ عورتون وڻ جي ڇٽيءَ هيٺ گڏ ٿي
بيهي رهيون. بسمه ڏٺو ته ٻار خوشي وچان ڊوڙي رهيا
هئا. هر چهري تي مرڪ هئي. حسان چيو: ”اڄ ٿر جو
خوشقسمت ڏينهن آهي.“
”ها ڪافي عرصي کان پوءِ برسات پئي آهي نه“. بسمه
مٿي بادلن ڏانهن ڏسي وراڻيو.
”هي هن موسم جو چوٿون وسڪارو آهي.“ حسان مرڪي بسمه
ڏانهن ڏٺو.
”منهنجي دل ٿي چوي ته جيڪر هميشه لاءِ هتي ئي رهي
پوان“.بسمه دريءَ تان هٿ ٻاهر ڪڍي بوندن کي محسوس
ڪندي چيو.
بسمه ونڊ اسڪرين تي مينهن جون بوندون ڪِرندي ڏسندي
رهي. کيس محسوس ٿيو ڄڻ ڀٽون به رقص ڪري رهيون هجن.
ٿر جا وڻ، ٻوٽا، پن ۽ سمورا گل جهومي رهيا هئا.
اڃايل واري بوندن سان اڃ اجهائي رهي هئي. انهن
لمحن ۾ هر شيءِ متحرڪ هئي. برسات پوندي رهي. حسان
۽ بسمه ٿر جي هر پل کان محظوظ ٿيندا رهيا. مينهن
بيهي رهيو، پنن تي مينهن جا قطرا جرڪي رهيا هئا.
ٿڌي هوا ۾ هڪ گهرو احساس هو، مهڪ ڀنل احساس.......
هڪ اهڙي خوشي جيڪا بسمه ان کان اڳ محسوس نه ڪئي
هئي. وڻ جي لام تان هڪ مور ٽپو ڏنو ۽ هيٺ زمين تي
ٽلڻ لڳو.
”حسان هُو ڏس مور!“ بسمه جلديءَ سان ڪئميرا کي مور
تي فوڪس ڪري خوشيءَ وچان رڙ ڪئي.
مور ڊوڙندي وڻن ۾ غائب ٿي ويو.
”هي ڏس مور جي تصوير!“
حسان ڏٺو ته تصوير ۾ مور جا رنگ جهومي رهيا هئا.
”مور ڪيڏو نه سهڻو پکي آهي حسان!“
بسمه غور سان تصوير کي ڏسندي چيو.
”تنهنجي شخصيت جا رنگ به سهڻا آهن، هن مور جيان…
تنهنجي مرڪ جا رنگ، ڪاوڙ جو رنگ ته ڪڏهن اداسيءَ
جا رنگ........
”بسمه ڪڏهن تون پنهنجي رنگن جي باري ۾ غور ڪري ته
ڏس…“
بسمه هلڪو مرڪي ٿي.
”هن منظر کان وڌيڪ تنهنجي مرڪ آهي.“ ائين چئي،
حسان سندس تصوير ڪڍي کيس ڏيکاريندي چيو:
”ڏس مور وڌيڪ خوبصورت آهي يا تنهنجي مُرڪ!“
فوٽو ۾ هوءَ واقعي حسين لڳي رهي هئي.
حسان جي اکين کان خائف ٿيندي بسمه چيو: ”هن وقت
مان مور جي ڳالهه ٿي ڪيان.“
”پر تون مون کي مور کان به وڌيڪ خوبصورت لڳي رهي
آهين.“
”حسان ڪا نئين ڳالهه ڪر.“ بسمه کيس مصنوعي ڪاوڙ
سان ڏٺو.
”هر عورت پنهنجي تعريف تي ايترو ته خوش ٿيندي آهي
ڄڻ کيس قارون جو خزانو ملي ويو هجي. هڪ تون آهين
جو.......“
”مون کي تعريف نه وڻندي آهي.“ بسمه سنجيدگيءَ سان
چيو.
”چڱو ٻڌاءِ مور جي باري ۾ ڇا چئي رهي هئينءَ.“
”ٿر جا مور هڪ هڪ ڪري مري رهيا آهن، حسان! مورن جو
مرڻ ڪو سٺو اهڃاڻ نه آهي. ڪوبه خوبصورت پکي بيماري
وگهي مرڻ لڳي ته ان جي موت جي پٺيان ڪانه ڪا ڳالهه
ضرور هوندي.“
”اهي اجايون توهم پرستيءَ جون ڳالهيون آهن.“ حسان
هڪ خوبصورت چؤنري جو فوٽو ڪڍندي چيو.
”نه حسان اها توهم پرستي ناهي. اها هن دور جي بي
حسي آهي. تون مور جي رنگن کي غور سان ته ڏس. هن جي
ناسي رنگ ۾ ڌرتي جو ڏيک اچي ٿو. هن جو نيرو رنگ،
آسمان تي حڪمراني ڪري ٿو ۽ هي سائو رنگ پوري فطرت
جي سونهن ۾ سمايل آهي.“
بسمه جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا.
”حسان مون مورن کي ويجهي کان ڏٺو آهي. بابا کي مور
پالڻ جو شوق هو، هي به پيار ڪرڻ وارو پکي اٿئي. اڄ
ٿر جا مور بيمار آهن ته سمجهه ڌرتيءَ تان پيار جا
پاڇا لڙي چڪا آهن.“
ريسٽ هائوس ۾ هڪ جيپ اچي بيٺي. وائلڊ لائف لاءِ ڪم
ڪندڙ ٽيم جا ميمبر هيٺ لٿا. جيڪي مورن جي بيماري
تي تحقيق ڪرڻ آيا هئا. انهن سان ڊاڪٽر ۽ مقامي
گائيڊ پڻ هو. ٽيم ۾ شامل هڪ ڇوڪري ثانيه، بسمه کي
هٿ لوڏي وِش ڪيو. بسمه جي مرڪ به کيس جواب ۾
کيڪاريو.
شام جو ڊرائينگ روم ۾ سڀ چانهن پي رهيا هئا. وائلڊ
لائف جي ٽيم جا ميمبر مورن جي بيماريءَ تي ڳالهائي
رهيا هئا. بسمه دلچسپيءَ سان گفتگو ٻڌي رهي هئي.
هوءَ مورن جي باري ۾ گهڻي فڪرمند هئي. ٿر ۾ اچي
کيس احساس ٿيو ته مورن جي بيماري سنگين مسئلو بڻجي
چڪو آهي. کيس مور وڻندو هو، انڪري هوءَ اُداس هئي،
پر پنهنجي اُداسيءَ کي ظاهر نه ٿي ڪيائين.
”ثانيه مورن جو ڇا ٿيندو؟ ان باري ۾ ڪا تازي خبر
چار!“ بسمه جي لهجي ۾ ڳڻتي هئي.
”ها ٿر جي ڪيترن ڳوٺن جو سروي ٿي چڪو آهي ۽
تقريباً ٽيهه هزار مورن کي ويڪسين لڳايا ويا آهن.“
”ٻڌو آهي ته هڪ سو ٻارنهن مور مري چڪا آهن.“ بسمه
اداسيءَ مان کانئس پڇيو.
”نه ائين ناهي، اهي افواهه آهن. حقيقت ۾ هيل تائين
پنجاهه مور مري چڪا آهن. يارهن مورن جو علاج ٿي
رهيو آهي.“
ثانيه جي ڳالهه ٻڌي بسمه سڪون جو ساهه کنيو.
”شڪر آهي ته باقي مور خيريت سان آهن. ڀلا انهن
مورن کي ڪهڙي بيماري لڳي آهي.“ بسمه چانهن جو سپ
ڀري ثانيه ڏانهن ڏٺو. ”راني کيت نالي ڪا بيماري
آهي، پر گهڻي ڀاڱي مور سخت گرمي ۽ گهٽ برسات ۽ غذا
جي کوٽ ڪري بيمار ٿي رهيا آهن.“
”ٿر ڪيترو نه خوبصورت آهي، پر هتان جا مسئلا ڪيڏا
نه ڳنڀير آهن“.
”ها ائين ته آهي“.
چانهن پي بسمه ۽ حسان گڊي ڀٽ تي پسار ڪرڻ هليا
آيا. جتان سڄي مٺي شهر جو نظارو ڏسڻ ۾ اچي رهيو
هو.
لهندڙ سج جي پاڇن ۾ سڄو مٺي شهر سورج مکي جي گل
جيان لڳي رهيو هو.
جهنگلي ٻوٽن کي ڇهي ايندڙ هوا ۾ تازگي هئي. بسمه
کي لڳو، اها هوا سندس من اجارڻ لڳي آهي. رابيل
جهڙي گل جهڙو پويتر احساس سندس من ۾ هُرڻ لڳو. ٿر
سان کيس عشق هو. ان سون ورني واريءَ کي ڏسي اندر ۾
عجيب ڇڪ محسوس ڪندي هئي. سندس والد ڪيترا سال اڳ
مٺي ۾ مختيارڪار جي حيثيت ۾ رهي ويو هو. هُو به
موڪلن ۾ اچي مٺي ۾ رهندا هئا. هنن ٿر جو چپو چپو
ڏسي ڇڏيو هو.
”ڇا پئي سوچين؟“ حسان کيس خاموش ڏسي پڇيو.
”ياد اٿئي حسان ته اسان جي شادي ۾ آنٽي تحسين مور
ٿو ٽِلي راڻا وارو سهرو ڪيڏو نه سٺو ڳايو هو.“
”ها کيس اهو سهرو گهڻو پسند آهي. سندس آواز به ته
پيارو آهي. تون به ته اهو سهرو ڳائيندي آهين، اڄ
ته ڳائي ٻڌاءِ.“
”نه حسان اڄ نه.... اڄ منهنجي ڳائڻ تي دل نه ٿي
چوي. اڄ ٿر جي پنجاهه مورن جي مرڻ جي خبر پئي اٿم
سو گانو ڪيئن ڳائينديس.“
سندس ڳالهه ٻڌي حسان به اداس ٿي ويو. اونداهي ٿيڻ
سان آسمان تي ستارن جون ڏياٽيون ٻري پيون. زمين تي
هڪ هڪ ڪري گهرن ۾ بلب ٻرڻ لڳا. کيس ائين محسوس ٿيو
ڄڻ اپولو ديوتا زمين تي لهي آيو هجي، روشني
ورهائڻ. زمين کان آسمان تائين روشنين جي جهرمر
برکا وسي رهي هئي. ان اونداهيءَ ۾ جتي هوءَ بيٺي
هئي. هڪ تيز هوا جو جهوٽو واريءَ جي خوشبوءِ کي
کڻي آيو ۽ هوءَ پاڻ کي انهن لمحن جو حصو سمجهڻ
لڳي. حسان فوٽوگرافي ڪري رهيو هو. واچ ٽاور مان
مٺي شهر جو نظارو کيس پرين جي ديس ۾ وٺي ويو جتي
هر شيءِ حسين هئي.
رات جو پنهنجي ڪمري ۾ هوءَ دير تائين جاڳندي رهي.
مور هِن جي تصور ۾ ٽلي رهيا هئا. اهي ٻيلا ۽
جهنگلي جيوت ڪنهن به ملڪ جو قيمتي سرمايو ٿين ٿا، پر
هتي شيون بدلجي رهيون آهن. هن ڏٺو هو ته وڏن شهرن
۾ باغ ۽ وڻن
وارا علائقا ڪٽي، اُتي
پلازا ٺاهيا
ويا هئا. وڻن جي ته اسان جي ماحول کي سخت ضرورت
آهي. شهرن ۾ زندگي ڪيتري نه مصنوعي ۽ غير محفوظ ٿي
چڪي آهي. ماحولي
گدلاڻ ڏينهون
ڏينهن وڌي رهي آهي پر هتي ٿر ۾ ڪيترو نه سڪون آهي.
اهڙو سڪون جيڪو ساڌو جي گيان
۾ هوندو آهي.
ٻئي ڏينهن گهمڻ نڪتا ته ڀٽن جي سونهن ڏسڻ وٽان
هئي. هوا نج ۽
هر خوف کان آجي ٿي لڳي. اوچتو بسمه جي
نظر پويان وڻن جي هيٺيان مور تي وڃي پئي جيڪو پرڙا
پکيڙي رقص ڪري رهيو هو. ”حسان
.....حسان......“ بسمه
خوشيءَ وچان رڙ ڪئي.
”شش.....“ ڪر کيس
چپ رهڻ جو اشارو ڪيو.
مور جُهومي
رهيو هو. بسمه کي لڳو
ڄڻ پوري ڪائنات رقص ڪري رهي هئي. مور جا سهڻا پر
ساوا، نيرا، ناسي ڪٿي هلڪا ته ڪٿي گهرا وجد جي
ڪيفيت ۾ هئا.
مور سان گڏ وڻ، ٻوٽا سڄي ساوڪ ۽
جهنگلي ٻوٽا ڄڻ نچي رهيا هئا. تڏهن هن سوچيو مور
ڪو عام پکي نه آهي. هن پکي جي من ۾ صوفي رقص ڪري
ٿو.
ديوانگي رقص ڪندي آهي.
محبت ڦيرا پائيندي آهي.
هن پکيءَ وٽ الهامي ڪيفيت آهي. ڪو هن جي من ۾
ڳالهائي ٿو.
”اُٿ......
اُٿي رقص ڪر.........“
جيئن
تنهنجي رنگين ۽ سهڻن پرن سان هي سموري ڪائنات به
جهومي اُٿي. هي
ئي ته آهي ٿر جو اصلي جوڳي. ڪير
ٿو چوي ته خالق ڪائنات جي محبت رڳو انسان جي من ۾
وسي ٿي.
ڪير ٿو چوي ته محبت رڳو انسان جي ميراث آهي.
هن جي ساهن ۾ به ڪا سٽ سري ٿي.
پکي انسان
کان ڪيترا نه مٿانهان آهن. انسان
زندگيءَ ۾ بي ترتيبي پيدا ڪري ٿو ۽ هي سهڻا
پکي انسان
جي سوچ کي توازن عطا ڪن ٿا. پنهنجي اڻمٽ
سونهن ورهائي. بسمه ڀٽن
مان هڪ خوبصورت احساس کڻي واپس اچي ٿي. مور جي رقص
مان هڪ تحرڪ مليس ٿو. زندگي
خوبصورت آهي. زندگيءَ کي پکي جاندار بنائين
ٿا،اهي
پکي نه هجن ته جيڪر زندگي کي ڪو مقصد به
نه هجي. زندگي بي رونق
هجي. سوچ اُڃايل ئي
رهجي وڃي.
بسمه سوچي ٿي، هن
خوبصورت پکيءَ کي ائين نه مرڻ کپي هن جي بقا لاءِ
ڪجهه ڪرڻ کپي.
ٻئي ڏينهن وائلڊ لائف جي اعزاز ۾ ان شهر ۾ ڪم ڪندڙ
سندن ميمبر هڪ ننڍڙو پروگرامترتيب
ڏين ٿا، جنهن ۾ حسان ۽ بسمه به شامل
آهن. ڪجهه ڏينهن
۾ سڀ هڪٻئي سان رلي ملي ويا آهن ڄڻ ته گهر ڀاتي
هجن. ثانيه کي خبر هئي ته بسمه جو آواز سٺو آهي.
حسان کيس فخر مان ٻڌايو هو ته هوءَ لوڪ گيت سٺا
ڳائيندي آهي.
سڀني جي زور ڀرڻ تي بسمه مور
جو تصور اکين ۾ ڀري ڳائي ٿي.
ٻاهر آسمان تي بادل ڇانيل آهن ۽ هلڪي برسات وسي
رهي آهي. ڀٽون
۽ ساوڪ بيخودي ۾ جهومي رهيا آهن، ٿر جي فطري مهڪ
فضا ۾ جادو جڳائي رهي هجي ڄڻ…
بسمه جو سر
فضائن ۾ جادو جاڳائي رهيو آهي.
”مور
ٿو ٽِلي
راڻا
مور ٿو ٽِلي
راڻا“
اوچتو بيمار مورن جو تصور بسمه جي اکين ۾ هُرڻ
لڳو.
خوبصورت رنگن وارا مرندڙ مور، بسمه جي
آواز ۾ سوز وڌنڌو رهيو.
”دهري
جوڙايم
لک ڏيئي راڻا،
راڻا تو مان
راڄ ٿيندا
راڻا تو مان
لک ٿيندا.
جيڪو مامن جي ڪلهي
جيڪو چاچن جي ڪلهي
هو راڻا
راڻا مور ڀلي ٿو ٽِلي
گُجر
جو
مور ٿو ٽِلي
راڻا
مور ٿو ٽِلي
راڻا.“
هڪ گهرو ڏک اکين مان سمنڊ جيان اُٿلي پيو ۽ سر
وکري ويا. هوءَ
گيت ڳائيندي بي اختيار روئي پئي.
ماحول تي اُداسي ڇانئجي
وئي. اتي ويٺل سمورا ماڻهو اداسيءَ ۾
وڪوڙجي ويا. ثانيه
به اکين ۾ آيل لڙڪ روڪي نه سگهي. ڄڻ آسمان
تي ڇانيل بادل به ٿر جي
مورن جو مرثيو ياد
ڪري روئي رهيا هجن.
ايوب عمراڻي
بمبئي
ننڍي هوندي بمبئيءَ جي باري ۾ گهڻيون خبرون ٻڌيون
هيم. ڀارت
منهنجي لاءِ پرين ۽ ديون جو ديس هو ۽ بمبئي اهڙو
ڪوهه قاف جتي سنڌ جي ڪنهن آدم زاد جو وڃڻ ئي
ناممڪن هو!
اڃا هوش ئي نه سنڀاليو هوم جو ڏاڏيءَ جي واتان
ٻڌم: ”بمبئي، ظالم ماڻهن جو شهر آهي...“ ڏاڏي
ٻڌائيندي هئي ته سندس ڀاءُ (ڏاڏو لال) روزگار جي
تلاش ۾ بمبئيءَ ويو هو. اتي هوٽل کوليائين، ڏاڍو
ڌنڌو هليس جنهن تان ڪن ساڙ سڙين، کيس پٺيءَ ۾ خنجر
هڻي قتل ڪري ڇڏيو...
بمبئيءَ بابت، اهو قصو ٻڌي منهنجا وار ڪانڊارجي
ويندا هئا. مون کي بمبئيءَ کان خوف ٿيندو هو. مان
بمبئيءَ جو نالو ٻڌندي ئي هڪ اڻ ڄاتل خوف ۾ وٺجي
ويندو هوس، پر جڏهن کان منهنجي پياري امڙ بمبئيءَ
واسي ٿي آهي، تڏهن کان مون کي به بمبئيءَ سان پيار
ٿيڻ لڳو آهي.
منهنجي پياري امان بمبئي ڇو ٿي وئي!؟ معصوم هوس،
خبر نه هئي، پر پوريءَ طرح ياد اٿم ته ان ڏينهن
ڏاڍو کيٽو ڪيو هوم، امڙ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي هيم
ته بمبئيءَ نه وڃ! مون کي چٽيءَ طرح ياد آهي ته
امان موڪلائڻ وقت مون کي ڇاتيءَ سان لڳائيندي چيو
هو: ”سوڀا! مان ٿوري وقت لاءِ بمبئي وڃان ٿي، جلد
موٽي اينديس ۽ توکي پنهنجي ٻانهن تي سمهاري راجا
هريش چندر جي ڪهاڻي اتان کان ٻڌائڻ شروع ڪنديس،
جتي اڄ ڇڏي اٿم.“ امڙ جي آٿت منهنجي ڳوڙهن جي
برسات روڪي نه سگهي، مان روئندو رهيس، سُڏڪندو
رهيس ۽ امڙ مون کي روئندي ڇڏي، بمبئي هلي وئي!
مان پل پل امڙ جي واپسيءَ جو انتظار ڪندو رهيس، پر
امڙ نه آئي. ٻالڪپڻ کان جوان ٿيڻ تائين اهو ئي امڙ
جو اوسيئڙو رهيو. جوان ٿيس ته خبر پئي ته سرحد پار
بمبئيءَ ۾ به منهنجي امڙ ان ئي ممتا ڀرئي پيار سان
بي تاب آهي. امڙ جا خط اچڻ لڳا ته انهن جي لفظ لفظ
۾ ممتا ڀريل هئي. امڙ، واپس مون وٽ ته نه اچي
سگهي؛ پر مان امڙ وٽ ضرور ويس. بمبئيءَ مان امڙ
ويزا موڪلي ته پرين جي ديس جهڙي ڀارت ۽ ڪوهه قاف
جهڙي بمبئي وڃڻ ممڪن ٿي ويو. ڪراچي کان جهاز اڏاڻو
ته هڪ ڪلاڪ جي اندر بمبئي پهچي ويو.
منهنجي خوابن ۽ تصورن جي بمبئي منهنجي سامهون هئي.
گوڙ گهمسان، پيهه، اوچين عمارتن ۽ سوڙهن فليٽن
وارو هڪ بي ترتيب شهر، جتي چالاڪ ٽيڪسي ڊرائيور اڻ
ڄاڻ سيلانين جا کيسا ڪٽڻ لاءِ تيار ويٺا هوندا
آهن. ايئر پورٽ کان امڙ جي فليٽ تائين ايندي! مون
به هڪ اهڙي ئي چالاڪ ٽيڪسي ڊرائيور کان کيسو
ڪٽايو. فليٽ جنهن ۾ امڙ رهندي هئي، اهو ڏهين منزل
تي هو. ڏهين منزل تي پهچي مون بيل وڄائي. دروازو
کُليو ۽ امڙ منهنجي سامهون هئي. وقت امڙ جي چهري
کان جواني کسي، ان کي ٻڍاپي جا گهنج ڏئي ڇڏيا هئا؛
پر ان کان ممتا نه کسي هئي. هن جي چهري تي ساڳِي
پيار ڀري مرڪ هئي، مون کي ڏسندي مراٺيءَ ۾ ڪجهه
چيائين. شايد مون کي نه سڃاڻي سگهي هئي. منهنجي
خاموشيءَ تي وري هنديءَ ۾ چيائين: ”کس سي ملنا
هي؟“
مون مرڪندي سندس پير ڇُهيا، سنڌيءَ ۾ چيومانس:
”مون کي توهان سان ملڻو آهي، امڙ!“
تڏهن هن مون کي سڃاڻي ورتو. مون کي پيرن مان اٿاري
پنهنجي ڇاتيءَ سان لائيندي چيائين: ”اڙي تون ته
سوڀو آهين! منهنجو پٽ!!“
چيومانس: ”ها امان! توهان بلڪل صحيح سڃاتو، مان
تنهنجو پٽ سوڀو آهيان.“
امڙ جمنا مون کي هڪ ڀيرو وري ڇاتيءَ سان لڳايو،
سندس اکين ۾ پاڻي اچي ويو. مون سندس ساڙهيءَ جي
پلئه سان ڳوڙها اگهيا. امڙ مرڪي پئي، چيائين:
”سوڀا تون وڏو ٿي ويو آهين نه؛ ان ڪري توکي پهرين
نظر ۾ نه سڃاڻي سگهيس.“
چيومانس: ”امان توهان جو ڏوهه نه هو، هر ٻالڪ
جوانيءَ ۾ داخل ٿيندي شڪل مٽائي ڇڏيندو آهي. ڏاڙهي
۽ مڇون ان جو حُليو تبديل ڪري ڇڏينديون آهن.“
امڙ جمنا مرڪندي هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو. چيائين: ”اندر
اچ! بک لڳي هوندئي مان تنهنجي لاءِ ڪجهه ٺاهي ٿي
وٺان!“
اسان فليٽ ۾ داخل ٿياسين، هڪ سادي ڊرائنگ روم ۾
ٻين کوڙ سارين تصويرن سان گڏ منهنجي ننڍپڻ جي پينٽ
ٿيل تصوير به لڳل هئي... امڙ ٻڌايو ته هن اها
تصوير هتان جي هڪ مشهور پينٽر کي تُنهنجا حُليا
ٻڌائي ٺهرائي آهي. هڪ ماءُ جڏهن پنهنجي معصوم ٻچڙي
کان جدا ٿئي ٿي، ته ان ٻچڙي جو عڪس ماءُ جي اکين ۾
هميشه لاءِ رهجي وڃي ٿو.
امڙ جو ايڏو سارو پيار ڏسي منهنجي اکين ۾ ڳوڙها
اچي ويا. چيومانس: ”امڙ جيڪڏهن منهنجي وس ۾ هجي ها
ته مان هميشه اهو معصوم ٻالڪ ئي هجان ها!“
منهنجي مٿي تي پيار مان ٿڦڪي هڻندي چيائين: ”سوڀا!
ماءُ ته پنهنجي ٻچڙي جي جوان ٿيڻ جا به خواب ڏسندي
آهي. مون به اهي خواب ڏٺا آهن. هاڻي تون جوان ٿي
ويو آهين! جڏهن تنهنجي شادي ٿيندي ته مان توکي
پنهنجي هٿن سان ميندي هڻنديس!“
مون امڙ جا هٿ چمندي چيو: ”ان کان وڌيڪ منهنجي
لاءِ ڪا ٻي خوشي ٿي نٿي سگهي! پر
في الحال مان ڏهن سالن جو اهو ننڍڙو ٻالڪ بنجي
توهان جي ٻانهن تي ليٽي توهان جي واتان راجا هريش
چندر جي ڪهاڻي ٻڌڻ ٿو چاهيان.“
منهنجي فرمائش ٻڌي، امڙ حيرانيءَ مان مون کي ڏسندي
رهجي وئي. مون امڙ جي حيراني دور ڪرڻ لاءِ چيو:
”جنهن ڏينهن توهان مون کي پنهنجي ٻانهن تي سمهاري،
راجا هريش چندر جي ڪٿا ٻڌائي رهيون هيون، ان ڏينهن
اچانڪ پتا نانڪ سهڪندي پهتو هو، چيو هئائين: جمنا
ٻاهر ٽانگو بيٺو آهي ٽرين نڪرڻ ۾ ٿوري دير آهي.
هلو ته هلون. توهان مون کي چيو هو: ”سوڀا! مان
جلدي موٽي اينديس ۽ اچي ڪٿا جو باقي حصو
ٻڌائينديس.“ توهان موٽي نه آيون. وڏو ٿي خبر پئي
ته پنهنجي وچ ۾ سياست، سرحد جي لڪير ڇڪي ڇڏي آهي.
اڄ جڏهن مان پاڻ توهان وٽ هلي آيو آهيان، تڏهن دل
ٻيهر ٻار بنجڻ تي ٿي چوي.“ منهنجي ڳالهه ٻڌي امڙ
جي اکين مان پاڻي ٽپ ٽپ ڪري وهڻ لڳو. پيار مان
مُنهنجي پيشاني چمندي چيائين: ”سوڀا! توکي سڀ ڪجهه
ياد آهي!“
چيومانس: ”ها امڙ مون کي توهان سان گهاريل پل پل
ياد آهي. ڪيئن ٿو وساري سگهان توهان جي ممتا ڀري
شفقت!“
چيائين: ”خبر اٿئي ننڍپڻ جون اهي ڳالهيون ته مهيش،
رميش ۽ ساڌنا به وساري چڪا آهن. شاديون ڪري مون
کان پري ٿي ويا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ايندا آهن...“
ڏٺم ته امڙ تمام گهڻي غمگين ٿي وئي هئي. مون امڙ
جو غم دُور ڪرڻ لاءِ پنهنجي بئگ کولي؛ بئگ مان سن
جي ڪاريگرن جو ٺاهيل خوبصورت اجرڪ ڪڍي کيس اوڍايو.
تڏهن امڙ جي چهري تي مرڪ اچي وئي. اطمينان جو ڊگهو
ساهه کڻندي چيائين: ”هيءُ اجرڪ اوڍڻ کان پوءِ ائين
ٿو محسوس ٿئي ڄڻ مان سنڌ ۾ موٽي آئي آهيان!“
چيومانس: ”۽ مون کي ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ، سنڌ،
عورت جو روپ ڌاري اجرڪ اوڍي منهنجي سامهون بيٺي
آهي. امڙ هڪ ڏينهن اهڙو به ايندو جو توهان سنڌ ۾
هونديون...“
مان اڃا ڪجهه وڌيڪ چوڻ وارو هوس جو عين ان وقت در
تي بيل وڳي. مون در کوليو. ڏٺم ته پئنٽ شرٽ ۾ هڪ
خوبصورت ۽ نوجوان ڇوڪري بيٺي هئي. اسان ٻئي ڪجهه
لمحن لاءِ هڪ ٻئي کي سواليه نظرن سان ڏسندا
رهياسين، جو امڙ به اچي پهتي. ڇوڪريءَ کي هنديءَ ۾
چيائين: ”اري گيتا تو! باهر کيون کڙي هو. اندر آئو
نا.“
گيتا مون کي ڏسندي ”هاءِ!“ چيو ۽ مون کان به
”هاءِ“ نڪري وئي! امڙ گيتا کي چيو: ”هي منهنجو پٽ!
سوڀو کيماڻي آهي. اڄ ئي سنڌ کان آيو آهي.“
وري گيتا جو تعارف مون سان ڪرائيندي چيائين: ”هيءَ
گيتا خانچنداڻي آهي!“
”معنيٰ سنڌياڻي آهي!“ مون سوال ڪيو.
امڙ هائوڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو. گيتا مرڪندي ڪمري ۾ داخل
ٿي. امڙ دروازو بند ڪري مس آئي ته مون احتجاج ڪيو:
”گيتا خانچنداڻي ٿي ڪري هنديءَ ۾ ڇو ڳالهائي رهي
آهي؟“ ان ڪري جو هن کي سنڌي نه ايندي آهي!“ امڙ
وضاحت ڪئي.
مون پنهنجو احتجاج جاري رکندي چيو:
”ڪمال آهي، سنڌي هوندي به سنڌي ڳالهائڻ نٿو اچي!“
گيتا شايد سنڌي سمجهي رهي هئي. ان منهنجي سوال تي
مون کي ائين غصي مان ڏٺو ڄڻ چوندي هجي: ”سنڌي ته
ڄٽن جي ٻولي آهي، ان جي سکڻ مان ڪهڙو فائدو؟“
مون گيتا کي سيکت ڏيڻ لاءِ چيو: ”يهودين کي
اسرائيل مان ٻه هزار سال اڳ نيڪالي ڏني وئي، هُو
سڄي دنيا ۾ ڀٽڪندا رهيا، پر پنهنجي ٻولي نه
وساريائون پر اسان سنڌين کي ڏسو. چند سال ٿيا آهن
سنڌ کي ڇڏئي ۽ پنهنجي ٻولي وساري ڇڏي سين!“
امڙ منهنجي جذبات کي ڏسندي ماحول کي خراب ٿيڻ کان
بچائڻ جي ڪوشش ڪئي. چيائين:
”سوڀا! جوان ٿيڻ کان پوءِ ڏاڍو جذباتي ٿي ويو
آهين!“
چيومانس: ”امان هڪ سنڌي ٻولي ته آهي جيڪا اسان ڪڻو
ڪڻو ٿي ويل سنڌين کي ٻيهر جوڙي سگهي ٿي، اسان ان
کي وساري ڇڏيو ته پوءِ ختم ٿي وينداسين!“
منهنجي ڳالهه تي گيتا غصي مان چيو:
”يهودين کي ٻيهر اسرائيل آباد ڪرڻو هو، هنن جا اتي
پوتر اسٿان هئا پر اسان جو سنڌ ۾ ڇا آهي؟“
گيتا جي ان سوال تي منهنجو خون ٽهڪي پيو، کيس
ڀرپور جواب ڏيڻ وارو هوس، کيس چيم! سنڌ ۾ به ته
اسان جا پوتر اسٿان آهن. شاهه، سچل... جو هوءَ
واپس هلي وئي.
امڙ مرڪندي چيو: ”هتي جا سنڌي ائين ئي اٿئي. هنن
کي پنهنجي ٻوليءَ سان ڪا به محبت ناهي. انهن سان
هاڻي ڪو به بحث نه ڪجانءِ!“
امڙ مون کي اڪيلو ڇڏي ماني ٺاهڻ هلي وئي. پوءِ
اسان ٻنهي گڏجي ماني کاڌي. امڙ ڳوٺ جي هڪ هڪ
ماڻهوءَ جا حال احوال ورتا. ڪجهه دير کان پوءِ
گيتا وري آئي. هن وقت کيس پئنٽ شرٽ جي بدران زرد
رنگ جي ساڙهي هئي. تڏهن امڙ مون کي حڪم ڪيو:
”سوڀا! توهان گهر ۾ رهو! اسان پوڄا ڪري جلد موٽون
ٿا!“ امڙ جي ڳالهه ٻڌي گيتا ٽوڪ هڻندي چيو: ”ها
آنٽي اڄ جي نوجوانن کي گهر ۾ ويهڻ گهرجي پوڄا ته
صرف نارين جو ڪم آهي.“
گيتا جي ٽوڪ ٻڌي مون فيصلو ڪيو ته، هن مغرور
ڇوڪريءَ کي ضرور سبق سيکارڻ گهرجي. گيتا کي ٻڌائڻ
گهرجي ته، مان ڇا آهيان ۽ ڇا ڪري سگهان ٿو؟
”امان! مان به پوڄا تي هلندس!“
امڙ منهنجي خواهش تي، پهرين ته حيران ٿي، پوءِ
مرڪندي ها ڪيائين.
اسان فليٽ جون چاڙهيون لهي، پنڌ ئي پنڌ، مندر
تائين آياسين. اهو هڪ گڻيش مندر هو. مندر جي اندر
۽ ٻاهر شري گڻيش جون ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون
مورتيون هيون. مندر تائين ويندي گيتا مون کي ڪاوڙ
مان ڏسندي رهي. هن جي هر ڪاوڙ جي نهار تي مون مرڪي
ٿي ڏٺو.
مندر ۾ داخل ٿيندي. اچانڪ گيتا مون کان سوال ڪيو:
”خبر اٿئي گڻيش جو مطلب ڇا آهي؟“
مان مرڪندي هن ڏانهن ڏسندو رهيس. هن جي چهري تي
مرڪ اچي وئي. اها هڪ فاتحانه مرڪ هئي. شايد هوءَ
سمجهي رهي هئي ته مان کيس گڻيش جو مطلب نه
سمجهائي، سندس آڏو شرم سار ٿيندس، پر منهنجي قسمت
سٺي هئي، جو جواب ڏئي ويس، چيومانس: ”گڻيش جو مطلب
آهي گڻ + ايشور يعني- گڻن وارو ڀڳوان!“
منهنجي جواب تي هوءَ چپ ٿي وئي. ٿورو وقت ترسي
چيائين: ”شُڪر ٿيو توهان کي ڌرم جي ڄاڻ ته آهي.“
چيومانس: ”ميڊم آزمائي ڏسو رامائڻ، مها ڀارت ۽
گيتا بر زبان ياد اٿم!“
منهنجي ان جواب تي گيتا کان وڌيڪ امڙ حيران ٿي.
مون محسوس ڪيو ته امڙ ڪجهه چوڻ چاهي ٿي پر چئي نٿي
سگهي. منهنجي ڌرمي ڄاڻ تي گيتا ڏاڍي خوش ٿي
چيائين: ”معاف ڪجو مون توهان کي غلط پئي سمجهيو،
پر توهان ته ڏاڍا ڌرمي ماڻهو آهيو!“
ائين چئي هن پوڄا شروع ڪئي. پوڄا ڇا ڪيائين، هڪ
خوبصورت ڀڄن هو: ”اي پالڻهاري نرمل نيازي تيري بن
همرا ڪونهين...“
مون کي خبر نه هئي ته گيتا اهو ڀڄن ايتري سريلي
آواز ۾ ڳائي سگهي ٿي. گيتا ڳائيندي رهي ۽ مان ڀڄن
جي سحر انگيز آواز ۾ گم ٿي ويس. پاڻ کي پهاڙن،
سمنڊن ۽ ٻيلن مٿان اڏرندو محسوس پئي ڪيم. مون کي
محسوس ٿي رهيو هو ته ديوتا به ان ڀڄن جي سُرن ۾ گم
ٿي ويا آهن...
ڀڄن پورو ٿيو، ته امڙ مون کي ڌونڌاڙي اٿاريو ۽
اسان گهر ڏانهن موٽياسين. گيتا، جلد ئي پنهنجي
فليٽ تي هلي وئي، امڙ ٻڌايو: ”هتان جو نئون سنڌي
نسل، سنڌي پڙهڻ کي وقت جو زيان ٿو سمجهي. هِيءَ
ڇوڪري ته وري به بال ٺاڪري جي پڪي مريدياڻي آهي،
سنڌيت کان وڌيڪ ڌرم سان لڳاءُ اٿس!“
چيومانس: ”امڙ! توهان جي دعائن سان هڪ ڏينهن هوءَ
بال ٺاڪري بدران ڀٽائيءَ جي مريدياڻي ٿيندي. ڏسجو
ته مان ڪيئن ٿو کيس شُڌيءَ مان سنڌي بڻايان!“
امڙ مرڪي پئي!
ٻئي ڏينهن گيتا مرڪندي پهتي. ”هاءِ“ جي بدران
نمستي چيائين. ڪالهوڪي ورتاءَ جي لاءِ معافي وٺندي
چيائين: ”مون رات بالا صاحب جو هڪ پراڻو مضمون
پڙهيو آهي، پاڻ چيو اٿن ته ماڻهوءَ کي پنهنجي ماتا
ڀاشا نه وسارڻ گهرجي. انڪري مان سنڌي سکڻ چاهيان
ٿي!“
مرڪندي چيومانس: ”مان سيکاريندس توکي سنڌي.“
پوءِ ته گيتا کي سنڌي سيکارڻ جي بهاني ساڻس روزانو
ملاقاتون ٿيڻ لڳيون. ڪجهه ئي ڏينهن ۾ مون کي محسوس
ٿيو ته مان گيتا جي پيار ۾ چڱيءَ طرح ڦاسي چڪو
آهيان. پرائي ملڪ ڀارت جي مهانگر بمبئيءَ ۾ ڪنهن
ڇوڪريءَ جي پيار ۾ ڦاسي پوڻ، ڪيترا مسئلا پيدا ڪري
ٿي سگهيو. اهو سڀ ڪجهه سوچڻ بنا مان ان پيار جي
ڄار ۾ ڦاسندو رهيس. جيئن ٿي نڪرڻ جي ڪوشش ڪيم،
تيئن اڃا به وڌيڪ ڦاسي ٿي پيس. ڪجهه ڏينهن ۾ محسوس
ٿيو ته منهنجو پيار هڪ طرفو ناهي. گيتا به مون کي
شدت سان چاهڻ لڳي آهي!
اسان روزانو بمبئي جي ڪنهن نه ڪنهن خوبصورت علائقي
۾ نڪري ويندا هئاسين. ڪڏهن سمنڊ ڪناري حاجي علي جي
مزار تي ته ڪڏهن ڪنهن ميوزيم ۾، هڪ ڀيرو ته فلم
سٽي، به وياسين جتي گيتا جو پتا اسسٽنٽ ڊائريڪٽر
هو. شيوا جي پارڪ تي اسان جي رهائش کان سڏ پنڌ تي
هو، اتي ملندي ڏاڍو سٺو لڳندو هو. هڪ ڀيرو ته
سئنيما هال ۾ فلم ڏسندي گيتا منهنجي ڪلهي تي ڪنڌ
رکي سمهي پئي. ٻئي ڀيري هڪ ميوزڪ پروگرام ۾ شريڪ
ٿياسين ته گيتا کي شرارت سُجهي، اٽڪل سان اسٽيج تي
مون کي ڳائڻ لاءِ سڏائي ورتائين. مون به سر جو
جواب پٿر سان ڏنو سُر تار ته مون ۾ نه هو، پر ”مور
ٿو ٽلي راڻا“ ڳائي ٻڌندڙن کي حيران ڪيم. گيتا جو
پيار اڃا به وڌي ويو.
گيتا- هاڻي چڱي خاصي سنڌي سکي وئي هئي. ٽٽل ڦٽل
ڳالهائي ويندي هئي. مان سندس اعتماد وڌائيندو ويس.
مان کيس لطيف، سچل ۽ اياز جا شعر ٻڌائيندو هوس ته
انهيءَ کي به ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي هئي.
هڪ ڀيري سمنڊ ڪناري پسار ڪندي اچانڪ سوال ڪيائين:
”تو سنڌ ڏٺي آهي، ڇا اِها خوبصورت آهي!؟“
چيومانس: ”ها سنڌ تمام گهڻي خوبصورت آهي. جيتوڻيڪ
ان جا پهاڙ ساوا ناهن، پر اهي معدني دولت سان ڀريل
آهن، ٿر جي واريءَ جو حُسن به پنهنجو آهي، سنڌو
درياءُ، ٻيلا ۽ ٻنيون جنت جهڙا سهڻا آهن. سنڌ جا
شهر، ڳوٺ، مينهون ۽ مال سڀ خوبصورت آهن.“
منهنجي ڳالهه ٻڌي اوچتو چيائين: ”۽ سنڌي مسلمان؟
ٻڌو اٿم ته اهي ظالم ۽ جاهل آهن!؟“ گيتا جو سوال
اندر ۾ خنجر جيان لهي ويو.
مون ڪجهه وقت تائين خاموش رهڻ کان پوءِ چيو: ”هر
سماج ۾ ظالم ۽ جاهل ماڻهن جو چڱو خاصو تعداد موجود
هوندو آهي. مذهب جي ساهميءَ سان ماڻهن جي تور تڪ
ڪرڻ کان بهتر آهي: ته قوم جي مجموعي ڪردار کي
ڏسجي. ورهاڱي وقت اهي سنڌي مسلمان ئي هئا جن
پنهنجي هندو ڀائرن جي جدائيءَ ۾ هنجون هاريون
هيون!“
گيتا چيو: ”تون ڇا به چوين پر مون کي مسلمانن کان
نفرت آهي. مسلمانن هميشه هندن تي ظلم ڪيو آهي!“
چيومانس: ”ظالم ۽ مظلوم جو ڪوبه دين ۽ ڌرم نه
ٿيندو آهي. سنڌي مسلمان اڄ به تاريخ جي نازڪ دور ۾
ظلم جو مقابلو ڪري رهيا آهن.“
منهنجي ڳالهه ٻڌي ذري گهٽ ڪاوڙ مان چيائين: ”خبر
ناهي ڇو تون مسلمانن جو ايڏو پاسو کڻي رهيو آهين؟“
ان وقت مون پاڻ کي بمبئي جي سمنڊ تي اڪيلو محسوس
ڪيو. اڪيلائي ته مون کي ڪراچيءَ جي سمنڊ تي به
ٿيندي آهي پر پوءِ به اهو احساس ٿيندو آهي، ته
ڪراچي منهنجي پنهنجي آهي، سنڌين جو سڀ کان وڏو شهر
آهي، پر بمبئيءَ جي باري ۾ اها دعويٰ ڪري نٿي
سگهجي. انڪري اڪيلائيءَ جو عذاب وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ
هو. مون سمجهيو پئي ته گيتا هاڻي پڪي پختي سنڌياڻي
بنجي وئي هوندي، پر گيتا جو مذهبي ڪٽرپڻو اڃا ختم
نه ٿيو هو.
گيتا منهنجي اڻ تڻ تاڙي ورتي. مون کي آٿت ڏيڻ جي
ڪوشش ڪندي چيائين: ”سوڀا يقين ڪر مون کي توسان
پيار آهي ڇو ته تون ڏاڍو گياني ۽ گڻي آهين!“
گيتا جي دل رکڻ لاءِ مون کيس پنهنجي سيني سان
لڳايو. اسان ڪيتري وقت تائين سمنڊ ڪناري تي پسار
ڪندا رهياسين. مان ان ڳالهه کان بي نياز ٿي ويس؛
ته اسان جي وچ ۾ به ڪا شيشي جي ديوار آهي. جنهن جي
ٻنهي پاسن کان اسان بيٺل هئاسين، هڪ ٻئي کي ڏسي
سگهياسين ٿي، پر ملي هڪ ٿي نٿي سگهياسين. سمجهيم
ٿي ته گيتا کي ماڻڻ ناممڪن آهي، پر گيتا جي محبت
مون کي پنهنجو پاڻ سان دوکو ڪرڻ تي مجبور ڪري رهي
هئي. گيتا جيڪو ڪجهه مون کي سمجهي رهي هئي، مان
اهو نه هيس!
ان رات جڏهن مان گيتا سان پنهنجي پيار جو اظهار
ڪري واپس آيس ته مون امڙ کي پريشان ڏٺو. امڙ
روئڻهارڪي ٿي چيو: ”سوڀا! تون هتي ٻن مهينن جي
ويزا تي آيو هئين ٻه مهينا پورا ٿي ويا اٿئي. اڄ
بمبئي ۾ تنهنجو آخري ڏينهن آهي.“
امڙ جي ڳالهه ٻڌي منهنجا حوصلا خطا ٿي ويا. مون کي
ياد آيو ته، امڙ ٺيڪ چئي رهي هئي. مان واقعي ٻن
مهينن جي ويزا تي آيو هوس ۽ اهي ٻه مهينا هڪ خواب
وانگر گذري ويا. انهن ٻن مهينن ۾ مون بمبئي جو هڪ
هڪ روڊ ۽ رستو گهمي، ان کي پنهنجي پيار جو ساکي
بنايو هو پر... هاڻي مون کي وڃڻو پوندو، منهنجي
اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. امڙ منهنجا ڳوڙها اگهندي
چيو: ”پرديس ۾ پيار ڪندڙ ماڻهو، هڪٻئي سان ملڻ
واسطي وقت، انتظار ۽ اوسيئڙي ۾ گذاري ڇڏيندا آهن.
اهو انتظار ۽ اوسيئڙو موت تائين هلندو رهندو آهي.“
مان پنهنجي سڏڪي تي ضبط ڪري، امڙ کي ڪوبه جواب نه
ڏئي سگهيس. مان سمجهي ويس ته ان ڳالهه ۾ امڙ جو
اشارو گيتا ڏانهن هو. امڙ مون کي ڳراٽڙي پائيندي
چيو: ”سوڀا پٽ! تون پريشان نه ٿي. مان سنڌ ڏانهن
ضرور اينديس، خاص توسان ملڻ. پوءِ پاڻ لطيف، سچل ۽
ساڌ ٻيلي جي اسٿانن تي هلنداسين.“ مان سڏڪي پيس.
اکين مان ڳوڙهن جي برسات وسڻ لڳي.
چيومانس: ”امڙ مون کي توهان جي پياريل ٿڃ تي يقين
آهي. توهان ضرور اينديون. مان توهان جو انتظار
ڪندس.“ تڏهن اچانڪ چيائين: ”ڇا گيتا تنهنجي باري ۾
سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿي؟“
امڙ جو سوال، اندر ۾ زهريلي تير جيان کُپي ويو.
امڙ کي خبر هئي، ته مان گيتا سان بي پناهه پيار
ڪريان ٿو ۽ گيتا منهنجي باري ۾ ڪجهه به نٿي ڄاڻي.
مون ڪنڌ ناڪار ۾ لوڏيو. چيومانس:”جيتوڻيڪ
گيتا منهنجي باري ۾ گهڻو ڪجهه ڄاڻي ٿي پر اڃا اهو
نٿي ڄاڻي جيڪو کيس ڄاڻڻ گهرجي.“
”تو ڪجهه به نه ٻڌايو!؟“
چيومانس: ”کيس سڀ ڪجهه ٻڌائڻ چاهيندي به همت نه
ڪري سگهيس. ڀلي ته هوءِ مون بابت بيخبر رهي ها،
مان بمبئيءَ مان رسوا ۽ ڏکارو ٿي نٿو نڪرڻ
چاهيان.“
امڙ منهنجي ڳالهه سان سهمت ٿي چيائين:
”سٺو ٿيو جو تو هن کي ڪجهه به نه ٻڌايو.“
عين ٽائيم تي گيتا به اچي پهتي. گيتا جو چهرو
ٻڌائي رهيو هو ته کيس ننڊ نه پئي اچي. امڙ ٻڌايس:
”گيتا خبر اٿئي سوڀو سڀاڻي سنڌ ڏانهن واپس وڃي
رهيو آهي. ڇو ته هن جي ويزا جو مدو پورو ٿي چڪو
آهي.“
گيتا حيرانيءَ مان چيو: ”ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي.
سوڀي جي ماءُ بمبئيءَ ۾ هجي ۽ سوڀو ويزا تي اچي.
جيڪڏهن ويزا تي آيو به آهي هِن جو مدو وڌائي سگهجي
ٿو. ان لاءِ مان پاڻ ڪوشش ڪنديس.“
گيتا جي ان صلاح تي امڙ مون ڏانهن ڏٺو. ظاهر هو ته
مون وٽ ان جو ڪوبه جواب نه هو. تڏهن امڙ منهنجي
مشڪل آسان ڪندي چيو: ”سوڀي کي سنڌ ۾ کوڙ سارا ڪم
آهن. سندس وڃڻ تمام ضروري آهي. ڪجهه وقت کان پوءِ
موٽي ايندو.“
تڏهن گيتا منهنجي اکين ۾ اکيون وجهندي چيو: ”سوڀا!
تون جلدي موٽي ايندين نه؟ مان تنهنجو انتظار
ڪنديس. مون ڊئڊ کي تنهنجي باري ۾ سڀڪجهه ٻڌائي
ڇڏيو آهي.“ ائين چوندي گيتا هلي وئي.
اها سڄي رات مان سمهي نه سگهيس، نه ئي امڙ کي ننڊ
آئي، اسان گيتا بابت ڳالهائيندا رهياسين. مون امڙ
کي چيو: ”امان مون کي هاڻي سنڌ سان گڏ بمبئيءَ سان
به پيار ٿي ويو آهي ڇو ته هن شهر ۾ توهان به رهو
ٿيون ۽ گيتا به.“
امڙ مرڪي پئي. ڄڻ چوندي هجي توکي تنهنجي گيتا
مبارڪ! صبح جو سوير گيتا پهتي، مون کي شري ڪرشن جي
مورتي تحفي ۾ ڏنائين. سندس اکين ۾ ڳوڙها هئا.
چيائين: ”سوڀا اڄ خبر ناهي ڇو محسوس ٿو ٿئي ته تون
هميشه لاءِ مون کان جدا ٿي رهيو آهين!“
چيومانس: ”گيتا ائين ناهي! مان جلد بمبئيءَ موٽي
ايندس، مون کي هاڻي سنڌ وانگر بمبئيءَ سان به پيار
آهي ڇو ته هن بمبئيءَ ۾ منهنجي گيتا ٿي رهي،
منهنجي امڙ ٿي رهي!“ هوءَ مشڪل سان پنهنجا ڳوڙها
اگهي سگهي ۽ مان کيس مِٺي ڏئي، سنان ڪرڻ هليو ويس.
سنان ڪري موٽي آيس ته مون گيتا کي ڪنهن جوالا مکي
جيان لال لال ڏٺو. گيتا جي هٿ ۾ منهنجو پاسپورٽ
هو. گيتا ڪاوڙ مان رڙندي چيو: ”مئڊم جمنا! ڇا سوڀو
واقعي به تنهنجو پٽ آهي!؟“
امڙ چيو: ”ان ۾ توکي ڪو شڪ آهي ڇا؟ مان جمنا
کيماڻي آهيان ۽ هي سوڀو کيماڻي آهي!“
تڏهن گيتا ڪاوڙ مان چيو: ”ڪوڙ نه ڳالهاءِ مئڊم!
سوڀو هندو نه، پر مسلمان آهي. هن جو پورو نالو
سوڀو خان ولد محمد علي کيماڻي آهي!“
گيتا جو ڪاوڙ ۾ ادا ڪيل جملو ٻڌي منهنجي پيرن
هيٺان ڌرتي نڪري وئي. ڄڻ قيامت اچي وئي، ڄڻ
اسرافيل صُور ڦوڪي ڇڏي، ڄڻ ڌرتي ڦاٽي، ڪپهه جي
پوڻين وانگر ذرا ذرا ٿي وئي. اهو ئي ٿيو جنهن جو
ڊپ هو، جيڪو لڪائڻ چاهيم، اهو لڪي نه سگهيو. گيتا
وري ڪاوڙ مان چيو: ”ڪا هندو عورت هڪ مسلمان ٻار جي
ماءُ ڪيئن ٿِي، ٿي سگهي؟ مون کي ته ان ڏينهن کان
شڪ هو جڏهن هن سان پهرين ملاقات ٿي هئي. هڪ ماءُ
هڪ ڏهن سالن جي ٻار کي سنڌ ۾ اڪيلو ڇڏي ڪيئن ٿي
ڀارت اچي سگهي؟“
ان سوال تي امڙ به جذباتي ٿي وئي چيائين: ”هڪ هندو
ماءُ هڪ مسلمان ٻار جي ماءُ به ٿي سگهي ٿي. سنڌ ۾
ڪيتريون ئي مسلمان مائرون آهن جن جا پٽ هندو آهن ۽
ڪيترون ئي هندو مائرون آهن جن جا پٽ مسلمان آهن.
ماءُ رڳو اها نه هوندي آهي جيڪا ٻار کي جنم ڏئي؛
پر ماءُ اها به هوندي آهي جيڪا ٻار کي پنهنجي ٿڃ
پياري. مون سوڀي کي جنم نه ڏنو آهي پر هن کي
پنهنجي ٿڃ ضرور پياري آهي.“ ائين چوندي امڙ جي
اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا. امڙ پنهنجي ڳالهه جاري
رکندي چيو: ”مون کي اڄ به اهو ڏينهن چٽي طرح ياد
آهي جڏهن سوڀي کي جنم ڏيندڙ ماءُ کيس ابهم ڇڏي
هميشه لاءِ هن دنيا مان هلي وئي هئي. سوڀو، ماءُ
جي کير لاءِ تڙپي رهيو هو، پاڙي ۾ ڪابه عورت اهڙي
نه هئي، جنهنجي ڇاتيءَ ۾ کير هجي. صرف مان ئي هيس
جيڪا سوڀي کي کير پياري ٿي سگهيس. مون ڌرتي ٻنڌڻ
ٽوڙي هڪ ابهم جي جان بچائڻ لاءِ کيس ٿڃ پياري.“
امڙ جي جواب تي گيتا مطمئن نه ٿي. چيائين: ”مون کي
ته توهان ٻئي مشڪوڪ پيا لڳو. ڪٿي سوڀو کيماڻي ڪنهن
خفيه ايجنسيءَ جو ايجنٽ ته ناهي؟“
گيتا جي چهري تي زهريلي فاتحانه مرڪ هئي. سندس
خيال ۾ هن منهنجي هڪ وڏي چوري پڪڙي هئي ۽ هاڻي مان
سندس رحم وڪرم تي هوس.
تڏهن امڙ وري چيو: ”گيتا! سنڌي هندو ۽ مسلمان
سنڌيت جي رشتي ۾ ائين ڳنڍيل آهن جو سندن نالن ۽
ذاتين مان مذهب جو پتو نه پوندو آهي. سندن نالا ۽
ذاتيون هڪجهڙا آهن. سوڀو هندو به آهي ته مسلمان به
کيماڻي شاهاڻي، ملڪاڻي ۽ ٻيون انيڪ ذاتيون هندوئن
۾ آهن ته مسلمانن ۾ به.“ ڀڳوان جي واسطي تون کيس
ڪنهن خفيه ايجنسيءَ جو ايجنٽ نه چئو. ايئن چئي تون
منهنجي ٿڃ جي توهين ڪري رهي آهين.“ پر گيتا جو غصو
تڏهن به ٿڌو نه ٿيو.
تڏهن مون چيو: ”گيتا مان مسلمان انڪري آهيان جو هڪ
مسلمان جي گهر ۾ پيدا ٿيس، ۽ تون هندو انڪري آهين
جو هڪ هندوءَ جي گهر ۾ پيدا ٿي آهين! ڪنهن جي وس ۾
اهو نه هوندو آهي ته هو پنهنجي مرضيءَ سان پنهنجي
پسند جي جاءِ تي پيدا ٿئي. مان مسلمان هوندي به
هندومت سان پيار ڪريان ٿو؛ ڇو ته اهو منهنجي ماءُ
جو ڌرم آهي. مان مندر ۾ به ويندو آهيان، پوڄا به
ڪندو آهيان. سمورا ڌرمي پستڪ پڙهي پورا ڪيا اٿم!“
هوءَ پوءِ به غصي مان مون کي گهُوريندي رهي.
چيومانس؛ ”جيڪڏهن تون مون کي هڪ انسان سمجهي پيار
ڪرين ها ته توکي صدمو نه پهچي ها، گيتا! مون به
توسان انسان سمجهي پيار ڪيو آهي. اهو پيار منهنجي
لاءِ ڏاڍو املهه آهي. مان ان پيار کي ڪڏهن به دل
مان ڪڍي نه سگهندس. سوڀي کيماڻيءَ، گيتا
خانچنداڻيءَ سان هڪ انسان جي حيثيت سان پيار ڪيو
آهي. ان ۾ دين ۽ ڌرم جو ڪوبه عمل دخل نه آهي.“
چيائين: ”هاڻي مان توسان پيار نٿي ڪريان!“
چيومانس: ”گيتا پيار ۾ وڏي شڪتي آهي، مون کي يقين
آهي ته منهنجي هتان وڃڻ کان پوءِ توکي منهنجو پيار
ضرور ياد ايندو. مان تنهنجي جدائي، تنهنجي نفرت ۽
تنهنجي بي رُخيءَ کي سيني ۾ سانڍي هِتان هليو
ويندس. تنهنجي خوبصورت يادن جي سهاري جيئندو
رهندس. ان ڳالهه تي فخر ڪندو رهندس ته مان هڪ هندو
ماءُ جو پٽ آهيان ۽ جنهن سان پيار ڪريان ٿو، اِها
به هڪ هندو ناري آهي.“ مون مايوس ۽ غمگين نگاهون
کڻي، امڙ ڏانهن ڏٺو، ۽ امڙ ان ئي مايوسيءَ مان
گهڙيال ڏانهن ڏٺو. گهڙيال ڏينهن جا ڏهه وڄائي رهيو
هو. منهنجي فلائٽ نڪرڻ ۾ ڏيڍ ڪلاڪ باقي هو ۽
ايئرپورٽ هڪ ڪلاڪ جي پنڌ تي هو، جيڪڏهن ٽريفڪ جام
ٿئي ته وڏو مسئلو ٿي پئي سگهيو. مون فليٽ جي ڪمري
جي دري کولي شهر تي هڪ نظر وڌي، بمبئيءَ جون
اوچيون عمارتون ڄڻ ته منهنجي حال تي چٿرون ڪري
رهيون هيون، ٽهڪ ڏئي رهيون هيون. مون پاڻ کي اڪيلو
محسوس ڪيو. بمبئيءَ جو شهر اڄ منهنجي لاءِ
اڪيلائيءَ جو اوڙاهه بنجي پيو هو. دل چاهيو ته مون
کي پر لڳي وڃن، ڪنهن پکيءَ جيان، هن بيقدر شهر مان
اڏامي هليو وڃان. اڄ بمبئيءَ منهنجي لاءِ ائين
اوپري بنجي وئي هئي جيئن گهڻو وقت اڳ ڏاڏي لال
لاءِ. اڄ بمبئيءَ مان منهنجو لاش ته نه وڃي رهيو
هو، پر هڪ جيئري جاڳندي شخص جي ارمانن جي ارٿي
ضرور نڪري رهي هئي.
امڙ منهنجو سامان پئڪ ڪري ورتو. مون امڙ جا پير
ڇهيا، کانئس موڪلايو ۽ پوءِ گيتا ڏانهن ڏٺم. گيتا
اڃا به مون کي ڪاوڙ مان گهوري رهي هئي. چيومانس:
”ڪاش! تون بالا صاحب جي مذهبي انتها پسندي کي پڙهڻ
بدران شاهه جي شاعري ۽ فلسفو پڙهين ها، ته اڄ توکي
منهنجي پيار تي ندامت نه، پر فخر هجي ها. جڏهن
اسان شاهه کي پڙهندا آهيون تڏهن مذهب جو سَنڌو
اسان مان مٽجي ويندو آهي، اسان ڌرم جا ويڇا وساري
صرف انسان بنجي پوندا آهيون.“
پوءِ مون وري امڙ جا قدم ڇهيا ۽ بئگ کڻي ٻاهر نڪري
آيس. تڏهن اوچتو گيتا جو سڏ ٻڌم.
”سوڀا!“
گيتا جي سڏ تي مان اندر موٽي آيس. گيتا ڊوڙي اچي
منهنجي سيني سان لڳي. هوءَ مسلسل سڏڪي رهي هئي.
چند لمحن کان پوءِ مون کان جدا ٿي. چيائين: ”تون
ڇا ٿو سمجهين!؟ تنهنجي مسلمان هجڻ جي مون کي اڄ
خبر پئي آهي؟ اها خبر ته مون کي هڪ مهينو اڳ پئي
هئي، جڏهن حاجي عليءَ جي درگاهه تي تون قرآني
سورتون پڙهي رهيو هئين ۽ پوءِ مون تنهنجا سفري
ڊاڪيومينٽس ڏٺا هئا.“ مان ۽ امڙ حيرانيءَ مان کيس
ڏسندا رهجي وياسين.
”پر تنهنجو پيار ئي هو جنهن مون کي توکان الڳ ٿيڻ
نه ڏنو. جيڪو شخص مسلمان هوندي به ڪنهن هندو عورت
کي ماءُ مڃي؛ ماءُ جي محبت ۾ گيتا جو گياني بنجي،
اهو مهان آهي، پيار جي لائق آهي. مون اڄ توسان صرف
جوڪ پئي ڪيو!“ گيتا پنهنجي ٻانهن جو هار منهنجي
ڳچيءَ ۾ وجهندي چيو:
”سوڀا! سنڌ ۽ سنڌيت بابت تنهنجو ڳالهيون ٻڌي، مان
نه صرف توسان پيار ڪريان ٿي پر؛ سنڌ سان به پيار
ڪرڻ لڳي آهيان. مان سنڌ جي اڻ ڏٺي عاشق بنجي وئي
آهيان. وڃي ٿو ته سنڌ کي منهنجا سلام ڏجانءِ، سنڌ
کي چئجانءِ ته هڪ شُڌي ڇوڪري سنڌي بنجي وئي آهي،
سنڌ کي اهو به چئجان ته اِها سنڌي ڇوڪري سنڌ جا
قدم چمڻ ضرور ايندي!“
ائين چوندي هوءَ ٻيهر منهنجي سيني سان لڳي وئي.
(نوٽ: شُڌي جو مطلب آهي پاڪ يا خالص، ڀارت ۾
ورهاڱي وقت شُڌي تحريڪ وڏي زور تي هئي. جيڪا هڪ
ڪٽر هندو جماعت جي طور تي اڀري. ان جي آئيڊيالاجي
مسلمان دشمن هئي. هن جو مکيه مقصد هندوءَ مان
مسلمان ٿيل ماڻهن کي ٻيهر هندو ڪرڻ (شُڌي ڪرڻ) هو.
ان آئيڊيالاجيءَ کي بعد ۾ بال ٺاڪري ۽ ٻين سياسي
مقصدن لاءِ استعمال ڪيو.)
ڊاڪٽر فاطمه حسن
سنڌيڪار: يوسف سنڌي
مورک اُڃ مرن
ٻوڏ هڪٻئي جي پويان شهر ٻوڙي رهي هئي. وسنديون
ويران ڪري رهي هئي. ڌرتي، هنن سڀني جي پيرن هيٺان
کسڪي رهي هئي ۽ هُو آسمان ۾ اکيون کُپائي ان اڏام
کٽولي جي اوسيئڙي ۾ هئا، جنهن ۾ وقت جو حاڪم اچڻو
هو. هوءَ جيڪا انهن منجهان نه هئي، اتي پاڻيءَ ۾
گهيريل ماڻهن جي مدد ڪرڻ آئي هئي ۽ حيران ۽ پريشان
هئي، ته هيءَ سڀ وزير، عوام ۽ عوام جا نمائندا
جيڪي ان مهل اتي موجود هئا، تن کي ته هن گهڙيءَ
هتي هئڻ جي بدران ٻڏندڙ ماڻهن جي مدد ڪرڻ بدران
ٻڏندڙ ماڻهن جي مدد ڪرڻ جي لاءِ انهن هنڌن تي هئڻ
گهرجي ها، جتي خطرو وڌيڪ هو. هي سياستدان، قوم جا
خادم، پنهنجي پنهنجي علائقي جا چڱا مڙس، سندن
ماڻهو ته، سندن هر اشاري تي اُڀا ٿي ويندا آهن،
سندن حڪم تي نچڻ لڳندا آهن، ته پوءِ هيءَ چڱا مڙس
انهن کي انهن هنڌن تان ڇو نٿا ڪڍن، جتي ٻوڏ جو
پاڻي پهچڻ وارو آهي. ڇا کين انهن ماڻهن جو ڪو
اُلڪو آهي، جن جون زندگيون داءُ تي لڳل آهن؟ کيس
شڪ هو ته ايئن بلڪل ڪونهي ۽ هاڻ سندس اهو شڪ، پڪَ
۾ بدلبو ويو. اڃا ڪجهه گهڙيون اڳ کيس هڪ فون آئي
هئي: ”ڳوٺ ڇنڊڻ موريءَ تائين پاڻي پهچي ويو آهي،
ماڻهو گهرن جي ڇتين تي ويٺا آهن. ڪچيون ڀتيون ڊهي
پونديون، ماڻهن جون زندگيون خطري ۾ آهن. اوهين وس
وارن سان گڏ ويٺل آهيو، انهن کي چئي ريسڪيو
ڪرايو“. هن ڀر ۾ ويٺل هڪ چونڊيل عورت ميمبر کي
چيو:
”توکي خبر آهي ته ڳوٺ ڇنڊڻ موريءَ ۾ پاڻي پهچي ويو
آهي، ماڻهو ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾ گهيرجي ويا آهن... ۽
مدد گهري رهيا آهن.“
ميمبرياڻيءَ وراڻيو: ”منهنجو پنهنجو علائقو ئي
پاڻيءَ ۾ ٻڏو پيو آهي... اتي ته ڪو مدد ڪرڻ وارو
ڪونهي...“
اهو جواب ٻڌي هوءَ پريشان ٿي ويئي. اها بااختيار
ميمبرياڻي، جنهن کي ماڻهن چونڊيو هو، ڇا رڳو ان
لاءِ ته هوءَ ”هيلي پيڊ“ تي ايئرڪنڊيشنڊ گاڏيءَ ۾
ويهي ”حاڪم اعليٰ“ جو انتظار ڪري. هن اهي خيال پاڻ
تائين محدود رکيا ۽ نرميءَ سان چيو: ”ڏسو، مون کي
ٽي.وي چينل جي خاطوءَ فون ڪئي آهي، ڇا آءٌ کيس
ٻڌايان ته اوهان...“
سندس ڳالهه پوري ٿيڻ کان اڳ ئي ميمبرياڻيءَ جلدي
پنهنجي موبائيل تان هڪ نمبر ملايو، شايد هوءَ ڪنهن
اعليٰ عملدار سان مخاطب هئي.
”ٺيڪ آهي اوهان مون کي ڪمانڊر صاحب سان
ڳالهرايو... ڏسو ڪمانڊر صاحب! ڳوٺ ڇنڊڻ موريءَ ۾
ڪجهه ماڻهو ڦاٿل آهن. اوهان انهن کي ريسڪيو
ذريعي...“
اڃا هنن ڳالهه پوري ئي نه ڪئي هئي جو آسمان تي هڪ
هيلي ڪاپٽر نمودار ٿيو. ميمبرياڻي موبائيل بند ڪري
ڇڏي ۽ سڄو ڌيان اُن ڏانهن ٿي ويس. ٻيا ماڻهو به ان
ڏانهن ايئن ڏسڻ لڳا، ڄڻ عيد جو چنڊ ڳولهي رهيا
هجن. هيلي ڪاپٽر انهن جي مٿان لنگهي ويو.
”آرميءَ جو آهي.“ ميمبرياڻيءَ سندس سامهون سيٽ تي
ويٺل پنهنجي ساٿي عوامي نمائندي کي چيو.
”هائو، آرميءَ جو آهي.“ جواب آيو ۽ انتظار جو
سلسلو ٻيهر شروع ٿي ويو. هاڻ هوءَ ان انتظار مان
بيزار ٿيڻ لڳي هئي.
”هتي وڏو حاڪم ڇو پيو اچي؟“ هوءَ ميمبرياڻيءَ سان
مخاطب ٿي.
”فيصلو ڪرڻ ته بند ڪٿان ٽوڙجي.“
”بند ٽوڙڻو پوندو؟ بند کي ته مضبوط ڪرڻ گهرجي.“ هن
پُڇيو.
”ڪَٽ هڻڻو آهي بابا... اسان کي پنهنجون زمينون به
ته بچائڻيون آهن.“
ميمبرياڻي، هن جي اڻڄاڻائيءَ تي ڄڻ چڙي پيئي ۽
هوءَ جيڪا گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان هن علائقي ۾
گهمندي رهي هئي، سا ڪمزور ۽ هنڌان هنڌان روڻيون
پوندڙ نالي ماتر بچاءَ بند کان چڱيءَ طرح واقف
هئي، کيس خبر هئي ته هاڻ پاڻي مٿي کان چڙهي چڪو
آهي. ڪنهن فيصلي ۽ تدبير جو وقت گذري چڪو آهي.
هوءَ بي چين ٿي ويئي.
”بندن ۾ ته پاڻهي گهارا پوڻ شروع ٿي ويا آهن...
انهن کي ته بند ڪرڻ گهرجي هاڻ وري گهاري ۾ وجهڻ جو
فيصلو... اوهان کي ته خبر آهي ته پاڻي جي سطح
ايتري ته بلند ٿي چڪي آهي، جو هاڻ ان جو رخ موڙڻ
ممڪن ئي ڪونهي. بند مضبوط ۽ مٿي ڪرڻ گهرجن...
اوهان جو شهر به پاڻيءَ جي ليول کان هيٺ آهي ۽ اهي
ايڪس ڪيويٽرز جيڪي بند کي اوچو ڪرڻ جي لاءِ گهرايا
ويا هئا... تن کي ٿورو رستو طئي ڪرڻ ۾ جيترين
ڏکيائين سان منهن ڏيڻو پيو... اوتريون رڪاوٽون ته
ٻوڏ جي سامهون به نه آيون... ميمبرياڻي جي منهن
مان اڻ ڄاڻائي ظاهر هئي.
هوءَ خاموش ٿي ويئي ۽ پنهنجي خيالن ۾ ٻُڏي ويئي.
هن جي ذهن ۾ هرَ هرَ هڪ ئي سوال اُڀري رهيو هو ته
هي ماڻهو جيڪي هت موجود آهن ۽ هٿ تي هٿ ڏيو ويٺا
آهن تن کي اهو الڪو ڇو ڪونهي ته ايم.وي.ڊرين جي
بندن کي نقصان پهچي چڪو آهي، پاڻيءَ جو ريلو جيڪو
اتان اچي پيو، هو انهن ڏانهن به ايندو... پر هي
هيٺ ڪٿي ٿا ڏسن... سندن نظرون ته آسمان طرف آهن.
هنن جا ذهن فقط سندن زمينن جي باري ۾ سوچي رهيا
آهن، جن تي سندن باغ ۽ فصل بيٺل آهن...
”سڀ ڪجهه تباهه ٿي ويندو.“ هن ڀڻڪيو.
”اوهان ڪجهه چيو؟“ ميمبرياڻي سوال ڪيو.
”نه... نه... جي هائو... غالب پيو ياد پويم ڇا ته
جينئس هو“، چيو هئائين.
"کس کے گھر
جائے گا
سیلاب
بھلا میرے بعد.“
ميمبرياڻي جي موبائيل وڄڻ لڳي.
”اڇا ته هُو سيوهڻ جو دورو پيو ڪري... فضائي جائزو
پيو وٺي... هونهه! ان جو مطلب اهو ٿيو ته ٿوري دير
لڳندي.“
فضائي جائزو؟ هُن تصور ڪيو.
وڏي حاڪم سان گڏ ويٺل هڪ نيم حڪيم نقشو پکيڙي ڪاغذ
تي ڏيکاري رهيو هو. ”اوهين هتي آهيو... هتان بند
ٽوڙيو وڃي ته پاڻي فلاڻي علائقي ۾ هليو ويندو...
فلاڻو علائقو فلاڻي جو آهي. ٻي پاسي جيڪي زمينون
آهن... اهي به پنهنجا وڏا مخالف آهن.“
هن تصور ۾ ئي سڀ ڪجهه ڏسي ورتو هو. گذريل مهيني
ٻوڏ جي وڏي وهڪري جو رخ جڏهن اُن پاسي ٿيو هو ۽
وڏو امڪان هو ته پاڻي اتي پهچندو، تڏهن به هوءَ
اهڙين ڪيترين ئي گڏجاڻين ۾ موجود هئي. هن آبپاشي
کاتي جي وڏن وڏن جڳادرين کي وڏا وڏا نقشا پکيڙي
بند جي انهن هنڌن جي نشاندهي ڪندو ڏٺو هو، جيڪو
ڪمزور هئا. جتي ماضي ۾ ٻوڏن سبب گهارا پيا هئا.
کيس اطمينان ٿيو هو ته هاڻ کين خطري جو اڳواٽ
اندازو آهي، تنهنڪري هاڻ هو انهن هنڌ کي وڌيڪ
مضبوط ڪندا. هن ٻڌو ته بند کي مٿي ڪيو ويندو. هن
دل ئي دل ۾ غالب کي مخاطب ٿي چيو هو، ”ڪس ڪي گهر
آئي گا سيلاب بهلا؟“ غالب کان پوءِ کيس اڳوڻو
آبپاشي جو وفاقي وزير ياد آيو هو، جيڪو ان ئي
علائقي جو هو، پر هن بند مضبوط ڇو نه ڪرايو؟ هيءُ
ته سڏبو ئي بچاءُ بند آهي... بچاءُ... تحفظ...
تحفظ ته مضبوط هئڻ سان ملندو آهي. هوءَ پُراميد ٿي
ويئي هئي... کيس فقط انهن غريب ماڻهن جو ڏک هو جن
جا گهر ڪچي ۾ پاڻيءَ هيٺ اچي ويا هئا ۽ هنن بند تي
اچي پناهه ورتي هئي... هاڻ هوءَ ٻيهر انهن جي لاءِ
امداد کڻي آئي هئي... کاڌي پيتي جون شيون، دوائون
۽ ڊاڪٽر... پر هتي اچي پتو پيس ته ڪجهه ئي ڏينهن ۾
پڪي جا علائقا به ٻُڏي ويا هئا ۽ وڏا وڏا شهر به
خطري هيٺ آهن. ايئن ڇو ٿيو؟ جيترا وات اوتريون
ڳالهيون. ڪن ماڻهن جو خيال هو ته آبپاشي کاتي وارا
نالائق آهن، هنن غلط صلاحون ڏنيون، مِس گائيڊ ڪيو.
کاتي وارا وري چئي رهيا هئا ته مٿي سندن ڪوبه نٿو
ٻُڌي، هر وڏو پنهنجي زمين بچائڻ جي چڪر ۾ ڇڪتاڻ
ڪري رهيو آهي. انهن جا هٿياربند ماڻهو بند تي ويٺا
آهن، اسان جيڪڏهن پاڻيءَ جو رخ موڙيو ته سندن سر
جو خير ڪونهي.
”بندن ۾ گهارا پئجي ويا آهن، اهي ته بند ڪريو.“ هن
ڳالهه ڪٽي، ”ڪير بند ڪندو؟“ سندس ان سوال تي واپڊا
جي هڪ ذميدار عملدار چيو.
”الله وڏو آهي، هو سڀ خير ڪندو.“
”الله زمين تي اوهان کي پنهنجو نائب ڪري موڪليو
آهي... اوهين ته پنهنجو فرض نباهيو.“
”اسين ڪجهه به نه ٿا ڪري سگهون. الله تي ڀروسو
رکو.“
”اوهين ڪهڙي قسم جا ماڻهو آهيو، اوهان جي به ته ڪا
ذميداري آهي؟، ماڻهو لڙهي ويندا... شهر ٻڏي ويندا،
پر اوهين تماشو ڏسندا رهندا.“ هو سندس نرڄائي تي
ڄڻ رڙيون ڪرڻ لڳي.
”اوهين هروڀرو جذباتي پيون ٿيو.“ جواب مليو.
آءٌ هن جي شڪايت ڪنديس هن سوچيو، پر ڪنهن سان؟ اهو
جيڪو هيلي ڪاپٽر مان لهڻ وارو آهي. پر هو ته پاڻ
ڪو فيصلو نه پيو ڪري سگهي. اڃا ٻه ڏينهن اڳ کيس هڪ
فيصلو ڪرڻ جي لاءِ ٻي شهر ۾ هيلي ڪاپٽر لاهڻو پيو
هو، پوءِ ان ئي
هيلي ڪاپٽر ۾ هتان کان صلاح ڪارن کي گهرايو ويو
هو، جن صلاح ڏني هئي ته ڪو به فيصلو ڪرڻ ۾ تڪڙ نه
ڪئي وڃي، جڏهن پاڻي مٿي چڙهي ايندو ته بند ۾ ڪَٽ
هنيو ويندو. ڇا پاڻي کي سندن فيصلي جو اوسيئڙو هو،
اهو ڪَٽ ته سندن وجهڻ کان اڳ ئي پئجي ويو. هوءَ
سوچيندي رهي. قدرت هنن جي اکين تي پڙدا چاڙهي ڇڏيا
آهن. ذهنن ۽ دلين تي مهر هڻي ڇڏي آهي. تباهي سندن
مقدر آهي.
هيلي ڪاپٽر لهي رهيو هو. مٽي اڏي رهي هئي، وڻن جا
پن ڇڻي رهيا هئا. مٽيءَ جو ڄڻ طوفان اٿي رهيو هو.
هيلي ڪاپٽر جو پکو بند ٿيو ته سامهون جو منظر چٽو
ٿيو. هن ڏٺو ته ميمبرياڻي وزيراعليٰ تائين پهچي
چڪي هئي. گاڏيون گڏجاڻيءَ جي هنڌ ڏانهن روانيون ٿي
رهيون هيون. اک ڇنڀ ۾ هيلي پيڊ خالي ٿي ويو. سڀ ان
ڀڄ ڀڄان ۾ هئا ته گڏجاڻي ۾ وزير اعليٰ جي ڀرسان
سيٽ ملي. جڏهن سڀ گڏجاڻي واري هنڌ پهتا ته
صلاحڪارن ۽ ڪجهه عملدارن کي اندر موڪلي عمارت جو
دروازو بند ڪيو ويو هو. پندرهن منٽن کان پوءِ هن
هيلي ڪاپٽر کي ٻيهر فضا ۾ بلند ٿيندي ڏٺو. پنجن
منٽن جي گڏجاڻيءَ لاءِ سڄو ڏينهن چٽ ٿي ويو.
”گڏجاڻيءَ ۾ ڪهڙو فيصلو ٿيو؟“ هن اعليٰ عملدارن
کان پڇيو.
”شهر خالي ڪرڻ جو چتاءُ ڏنو وڃي.“ ورندي ملي.
هڪ ٻيو نمبر خالي ڪرايو وڃي، پر هو ويندا ڪيڏانهن
۽ هُو جيڪي بند تي ويٺا آهن ۽ پاڻي بند کان اوچو
ٿي رهيو آهي. جيڪي هن شهر جي ڪئمپن ۾ آهن، جنهن ۾
پاڻي داخل ٿيڻ وارو آهي. هو ڪيئن ويندا ۽ ڪيڏانهن
ويندا. ڪهڙو هنڌ محفوظ آهي. جواب ڏيڻ جي لاءِ هڪ
ٻي گڏجاڻي جي گهرج هئي ۽ ڇا ان لاءِ وقت ملندو؟
هُنَ جي ذهن ۾ سوالن جو وهڪرو وهي رهيو هو.
”هاڻ هيلي ڪاپٽر ڪٿي لهندو؟“ هن بيساخته پڇيو.
”اوهان ڏاڍيون پريشان پيون نظر اچو. ڇو؟“
اعليٰ عملدار پڇيو.
”ماڻهو پاڻيءَ ۾ گهيريل ڪيئن لڏيندا ڪيڏانهن لڏي
ويندا. ڪو ته هنڌ هئڻ گهرجي... نوح نَبيءَ جي ٻيڙي
ڪٿان ايندي؟“ هن خود ڪلامي ڪئي.
”نوح نبيءَ جي ٻيڙي؟“ اعليٰ عملدار هن ڏانهن حيران
مان ڏٺو.
”هائو! هاڻ ته نوح نبيءَ جي ٻيڙي ئي ايندي...
اوهان وٽ ته ڪجهه به ڪونهي... سوچ به ڪونهي...
تدبير به ڪونهي... ٻيڙي به ڪونهي ته ٻيڙياتو به
ڪونهي. هڪ هيلي ڪاپٽر ۾ ته سڀ چڙهي نٿا سگهن...
خير ڏسون ٿا ته ”کس
کے گھر جائے گا سیلاب بھلا میرے بعد.“
(اردو تان ترجمو ڪيل)
گلاب خان سولنگي
رَسي اِنَ رمز کي
عباس صاحب پنهنجي بنگلي جي گيٽ تي گاڏي روڪي هارُن
ڏنو. چوڪيدار ڀڄندو ڀڄندو آيو ۽ جلدي گيٽ کولڻ
لڳو. عباس صاحب گاڏي اندر سائيڊ تي بيهاري، گهر ۾
داخل ٿيو ۽ سامهون ئي بيگم نظر آيس. اُن روز جيان
مڙس ڏانهن گهوريندي چيو: ”اچي ويؤ؟“
”ها“. هُن بيزاريءَ واري لهجي ۾ چيو ۽ چند قدم هلي
لاؤنج ۾ پيل صوفي تي ويهي رهيو. اهو صوفو اڍائي لک
رپين جو هو ۽ ڪجهه ڏينهن اڳ ئي بيگم جي پسند تي
خريد ڪيو ويو هو. فرش تي پري تائين خوشنما ۽
دلفريب قالين وڇايل هو، ڀتين تي انتهائي خوبصورت
رنگين تصويرون سجايل هيون، وڏي اسڪرين وارو
ايل.سي.ڊي سامهون واري ڀِت تي لڳل هو. لاؤنج کان
اڳيان ڊرائنگ روم ۽ بيڊ روم به انتهائي دلڪش ۽
مهانگي ساز و سامان سان ڀريل هئا. سامهون ويٺل
نسيم بيگم جي ڳردار ڪرايُن ۾ درجن جي حساب سان سون
جون چوڙيون ۽ ڪنگڻ چمڪي رهيا هئا، ڪنن ۽ ڳلي ۾
هيرن ۽ موتين جا زيور ۽ هار هئا. هن جي قيمتي لباس
منجهان امپورٽڊ پرفيوم جي خوشبوءِ اچي رهي هئي… هن
وٽ ڌن دولت، هي سامان عيش و عشرت سڀ ڪجهه هو، جنهن
کي حاصل ڪرڻ لاءِ انسان سوين جتن ڪندو آهي، انهن
به جتن ڪيا هئا ۽ سڀ ڪجهه حاصل ڪيو هئائون، مگر
ائين ڇو پئي لڳو جيئن خوشي جنهن جهرڪيءَ جو نالو
آهي، اُها اُڏري ڪٿي ڏُور وڃي لِڪي هجي، ائين
محسوس پئي ٿيو ڄڻ ڪنهن اونداهي ڪمري ۾ بند ٿي ويو
هجي، جتي ڪابه دري، ڪوبه روشندان ناهي، اي ڪاش!
ڪٿان کان ڪو روشنيءَ جو ڪِرڻو، ڪو تازو هوا جو
جهوٽو اچي… هُو خاموش ۽ اُداس ويٺو هو ۽ سوچي ئي
رهيو هو ته نسيم بيگم جو آواز آيو: ”ماني کائو
سائين!“
”بُک ناهي!“
”ٿوري ته کائو… اُٿو! هٿ منهن ڌوئو سائين!“
نسيم بيگم کاڌو لڳائڻ اندر هلي وئي. هو صوفي تي
مٿو رکي ٽيڪ ڏيئي ويهي رهيو. سندس مٿو ڏکي رهيو
هئو ۽ سيني ۾ ساڙو محسوس ڪري رهيو هو. نوڪر هن کي
سڏڻ آيو: ”سائين کاڌو لڳائي ڇڏيو آهي.“
هو ڊائننگ روم ۾ داخل ٿيو، وڏي ميز تي طرحين طرحين
کاڌا سجايل هئا، ٻه نوڪر هٿ ٻڌيون حڪم جا منتظر
هئا، ته سائين وڏو ڪا شيءِ طلبي ته هو فوراً اُن
کي کڻي ڏين. بيگم ۽ ٻار به ويٺا هئا، سڀ خوش خوش
کاڌو کائي رهيا هئا.
”پاپا کائو نه!“ مُرڪ چيو
”قورمو ڏاڍو مزيدار آهي.“ مُرڪ ٻوڙ جو ڏونگو هُن
ڏانهن وڌايو
نسيم بيگم پنهنجي پليٽ ۾ برياني وجهي رهي هئي:
”کائو نه.“ اُن ڄڻ ته حڪم ڏنو. عباس صاحب چمچي ۾
چانور کنيا مگر وات تائين آڻي نه سگهيو، چمچو واپس
پليٽ ۾ رکي ڇڏيائين.
”ڇو؟“ نسيم بيگم حيرت ۽ غُصي مان هن ڏانهن ڏٺو.
”دل نه ٿي چوي.“ عباس صاحب پنهنجي ان ڪيفيت بابت
سوچي رهيو هو، ته ميز طرحين طرحين کاڌن سان
سينگاريل هئي، پر هن جي دل نه پئي چئي… هو سوچن
لڳو ڇا منهنجي نصيب ۾ کاڌو کڄي ويو آهي؟
اوچتو هن جي نظر دريءَ تي پئي، اُتان ڪو شخص
گذرندي نظر آيس.
”هيءُ ماڻهو ڪير آهي؟“
”هيءُ عابد آهي مالهي.“ ڀر واري بنگلي ۾ جيڪو
مالهي بابو ڪم ڪندو آهي، اهو هن کي وٺي آيو هو ته
هن کي ڪم تي رکون، ويچارو ڏاڍو ضرورتمند آهي.
نسيم بيگم چيو: ”مون ان کي ڪم تي رکيو آهي.“
”ٺيڪ آهي.“ بيگم گهر جي معاملن ۾ خودمختيار هئي،
ڪنهن نوڪر کي ڪڍي ڇڏيو، ڪنهن کي نئون رکيو، اهي سڀ
فيصلا هوءَ ئي ڪندي هئي. عباس صاحب ڪجهه نه
ڳالهايو، ٿوري دير بعد آرام ڪرڻ پنهنجي ڪمري ۾
هليو ويو. بلڊپريشر وڌيل هئس، زندگيءَ مان بيزار
ڪافي دير بعد ننڊ آيس، جڏهن اک کُليس ته شام ٿي
رهي هئي، طبعيت هاڻي به سُست ۽ اُداس هئس. هُو
ٻاهر لان ۾ آيو، عابد ٻوٽن کي پاڻي ڏئي رهيو هو،
عابد هُن کي ڏٺو ته ويجهو اچي سلام ڪيو.
هن سلام جو جواب ڏنو.
”ڇا نالو اٿئي تنهنجو؟“
”جي عابد علي، سائين.“ هو ڪم ڇڏي باادب بيهي رهيو.
عباس صاحب ڏٺو ته هُن معمولي شلوار قميض پاتي هئي،
مٿي تي سنڌي ٽوپي پاتل هئس ۽ هُن جي ڪاري چاپهين
ڏاڙهي ڏاڍي خوبصورت لڳي رهي هئي، هُن جي چهري تي
ڏاڍي معصوميت هئي، هو وڏي عمر جو به نٿي لڳو.
”گهر ڪٿي آهي تنهنجو؟“
”جي، نوشهروفيروز ۾.“
”ٻيو به ڪٿي ڪم ڪندو آهين؟“
”جي، هڪ اسڪول ۾ مالهيءَ جو ڪم ڪندو آهيان، ٻين
وڳي موڪل ٿي ويندي آهي، ٻن ٽن گهرن ۾ شام جو ڪم
ڪندو آهيان، ساڳيوئي مالهپو.“
”اسڪول مان ڪيترو پگهار ملندو اٿئي؟“
”هاڻ ته 3 هزار رپيا ملندا آهن، ڪچي نوڪري آهي،
هيڊ ماستر صاحب چيو آهي ته سٺو ڪم ڪري ڏيکاريندين
ته نوڪري به پڪي ٿي ويندئي، بس شڪر آهي، الله پاڪ
جو!“
هن جي چهري جي معصوم مسڪراهٽ ڏسي عباس صاحب سوچڻ
لڳو: ”ڪيترو نه سادو ۽ سٻاجهو شخص آهي، ڪچي نوڪري
۽ ٽن هزارن تي به خوش ٿي رهيو آهي.“
”ٻار ٻچا اٿئي؟“
”جي سائين آهن… منهنجا والدين آهن، ٻه ننڍيون
ڀينرون آهن، زال آهي، هوءَ ڏاڍي سٺي ۽ سُلڇڻي آهي،
منهنجي پيءُ ماءُ جي ڏاڍي خدمت ڪندي آهي، منهنجو
هڪ پٽ به آهي… منهنجا گهر وارا چوندا آهن ته تون
شهر وڃي ڪم ڪار ڪر ۽ هتان جو فڪر نه ڪر، سائين مون
کي پنهنجا گهر وارا ڏاڍا ياد ايندا آهن مگر پُٽڙو
سڀ کان وڌيڪ ياد ايندو آهي، اڃا 6 مهينن جو آهي،
مدثر حسين ان جو نالو آهي، سائين.“ هو خوش ٿي
ٻڌائڻ لڳو.
”گهر ڪڏهن ويندو آهين؟“
”جي، بس پهرئين تاريخ پگهار ملندي ته ويندس،
پنهنجي گهر وارن لاءِ ئي ته محنت مزدوري ڪندو
آهيان!“
عباس صاحب وڏي دلچسپيءَ سان هُن جون ڳالهيون ٻڌي
رهيو هو
”توکي ڪنهن شيءِ جي ضرورت هجي ته مون کي
ٻڌائجانءِ.“ هُن عباس صاحب کي وراڻيو:
”جي سائين! وڏي مهرباني.“
هُن مُهذب انداز ۾ چيو ۽ پنهنجي ڪم ۾ لڳي ويو.
عباس صاحب گلن سان ڀريل لان ۾ ڏسڻ لڳو، اوچتو هن
کي ڀرسان آواز آيو: ”ياالله تنهنجو شڪر آهي.“ هو
حيران ٿي عابد جي آواز تي مُتوجهه ٿيو، خبر ناهي
ڪهڙي ڳالهه تان الله جو شڪر ادا ڪري رهيو آهي؟ هُن
سوچيو ۽ اتي رکيل لان چيئر تي ويهي رهيو. اڄ هن کي
گذريل زمانو ياد اچڻ لڳو. والد جو انتقال هُن جي
ننڍپڻ ئي ۾ ٿي ويو هو، ماءُ مزدوري ڪري هن کي
پڙهايو ۽ انجنيئر بڻايو. هُو نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ
ڀڄ ڊُڪ ڪري رهيو هو ته هڪ آفيس ۾ عارضي طور ملازمت
ملي ويس، هُن ايتري محنت ۽ ديانتداريءَ سان ڪم ڪيو
جو فيڪٽريءَ جي مالڪ هُن جي ڪارڪردگي ڏسي ملازمت
پڪي ڪري ڇڏيس ۽ اُن تي مهربانيون ڪندي اِن ڳالهه
تي آماده ڪيو ته هُو سندس سڪيلڌي ڌيءَ سان شادي
ڪري.
سانوري رنگ واري بدمزاج نسيم کي ڏسي هُن جي احساس
تي ڄڻ ماڪ پئجي وئي. هيءَ اُها ڇوڪري نه هئي جنهن
جا هُو خواب ڏسندو هو، مگر انڪار جي صورت ۾ هن جي
نوڪري وڃڻ جو خطرو هو ۽ پوءِ وري غمِ روزگار ۽
زماني جا انداز، مجبوراً هُن کي حامي ڀرڻي پئي، هو
مالڪ جي نوازيل بنگلي ۾ جنڊي پاڙي طور رهڻ لڳو.
وڏي گاڏي، نوڪر چاڪر، زندگيءَ جو عيش و آرام سڀ
ڪجهه ملي ويس پر زندگيءَ جي خوشي ڪٿي وڃي لِڪي.
نسيم بيگم هن کي پنهنجو زرخريد غلام سمجهندي هئي ۽
هن جو ڪم بيگم جي ها ۾ ها ملائڻ رهجي ويو هو. هُن
پهريائين ئي چئي ڇڏيو هو ته هوءَ سندس ماءُ ۽
ڀينرن سان ڪوبه تعلق نه رکندي، هو
نه ماءُ کي گڏ رهائي سگهيو، نه ماءُ جي خدمت ڪري
سگهيو، پاڻ مهيني ٻن کان پوءِ ماءُ ۽ ڀينرن سان
ملي ايندو هو ۽ خرچ وغيره به ڏئي ايندو هو.
وقت گذرندو ويو، ٻنهي ڀينرن جي شادي ٿي ويئي، پوءِ
اُها ماءُ به دنيا مان رخصت ٿي ويئي، ڪاروبار ۾ هن
جنهن به شيءِ ۾ هٿ وڌو، ڪاميابي هُن جا قدم چُمندي
وئي، هو هر وقت ڪاروبار ۾ اُلجهي ويو، فيڪٽرين جو
تعداد ۽ ملازمن جو تعداد وڌندو ويو، بئنڪ بيلنس،
انڪم ٽيڪس جا چڪر، ٻاهرين ملڪن جا دورا، هوائي
جهازن جي سفر، هُن جي زندگيءَ کي ڄڻ مُنجهائي وڌو
هو، دولت کي سنڀالن ۽ رکڻ مشڪل ٿي ويو هو. زندگي
ڪجهه ائين رنگ ڍنگ اختيار ڪري چڪي هئي جهڙوڪر ڪا
سخت ڊيوٽي هجي. بلڊپريشر وڌي ويو آهي ۽ مٿي ۾ سور
رهڻ لڳس ۽ هاڻ ته رات جو ننڊ لاءِ به ترسندو هو،
ڪڏهن لاؤنج ۾ وڃي ٽي.وي آن ڪري وري بند ڪندو هو،
ته ڪڏهن لان ۾ وڃي ٽهلندو هو. جڏهن ته ڊاڪٽرن
طبعيت خراب هئڻ سبب لوڻ، کنڊ ۽ سڻڀيون شيون کائڻ
کان منع ڪيو هئس، فرج فروٽن، مٺاين ۽ لذيذ کاڌن
سان ڀريل رهندي هئي. مگر هُن کي صحت اجازت ئي نه
پئي ڏئي، ته انهن منجهان ڪجهه کائي سگهي.
اڄ رات جو ننڊ پوري نه ٿيڻ ڪري طبعيت به ڪجهه خراب
هئس، فيڪٽريءَ به نه ويو، اک کليس ته منجهند ٿي
وئي هئي، نوڪر چانهه رکي ويو، گهر ۾ خاموشي ڇانيل
هئي، هُو ائين ئي ٻاهر نڪري آيو، سامهون عابد نظر
آيس جو سائيڪل کي پڪڙي سروينٽ روم ڏانهن وڃي رهيو
هو، صاحب کي ڏسي هن سلام ڪيو، صاحب هُن کان خير
خيريت پُڇي: ”جي الله پاڪ جو شڪر آهي.“ هُو هڪ
لمحو رُڪيو ۽ چيو: ”ڏاڍي بُک لڳي آهي… دال صبح جو
ئي رڌي ويو هئس، هاڻي ماني تيار ڪندس!،
هُن اخلاقاً چيو: ”سائين! اوهان اچو نه منهنجي
گهر! اسان غريبن جي گهر جي به ماني کائي ڏسو،
اوهان ته وڏا ماڻهو آهيو.“ وڏي عاجزانه لهجي ۾
فرمائش ڪئي. عباس صاحب سوچيو هي هڪ عجيب دعوت آهي…
هُن جهڙو وڏو سرمائيدار، هيڏي وڏي بنگلي جو مالڪ
هڪ عام مالهيءَ جي دعوت! هُن کي حديث ياد آئي.
”اگر ڪير مسلمان توکي دعوت ڏئي ته تون ان کي قبول
ڪر.“
”ٺيڪ آهي مان ايندس،“ عابد کي ته ڄڻ يقين ئي نه
پئي آيو، خير هو پنهنجي ڪمري ۾ هليو ويو… اڌ ڪلاڪ
کان پوءِ عباس صاحب ان جي دروازي کي کڙڪايو.
”اچو سائين، اندر اچو.“ عباس صاحب اندر آيو ته
ڏٺائين ته ڪمري ۾ هڪ اڌ ڇڳل کٽ رکيل آهي، هڪ طرف
فرش تي نماز جو مصلو وڇايل آهي، ڪُنڊ ۾ ڪجهه ٿانوَ
رکيل هئا ۽ چُلهي تي ديڳڙي رکيل هئي، بس اِهوئي
ڪجهه سامان هو ڪمري ۾. ”مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي
آهي اوهان جي اچڻ سان.“ هُو جلدي جلدي کٽ تي چادر
وڇائڻ لڳو: ”اوهان ويهو سائين.“ پوءِ مصلو ويڙهڻ
لڳو.
”تون نماز پڙهي رهيو هئين؟“ هُن پڇيو.
”جي پڙهي ڇڏي، دال گرم ٿي وئي آهي، مان ماني ٿو
پچائي وٺان… بس پنج منٽ لڳندا.“
هُن گرم گرم ماني ۽ دال معمولي ٿانوَن ۾ وجهي
سامهون رکي: ”سائين! بسم الله ڪريو.“
عباس صاحب مانيءَ جو گرهه کنيو ۽ دال سان کاڌو،
هُن کي اُهو کاڌو ايترو مزيدار لڳو جو کائيندو ئي
ويو، عابد به کائي رهيو هو.
”عابد! هي ته ڏاڍو مزيدار کاڌو آهي!“
”بس سائين محنت سان ڪمايل حق حلال جي روزي آهي،
تڏهن ته مزيدار آهي.“ عابد سڄو ڏينهن محنت مزدوري
ڪري، ٿَڪو ٽُٽو جڏهن گهر ۾ داخل ٿيندو هوندو ۽ خود
ئي کاڌو تيار ڪري کائي سُڪون جي ننڊ ڪري، ڪيترو نه
مطمئن آهي پنهنجي زندگيءَ مان هُن سوچيو.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هو لان ۾ ويٺو هو، عابد ڪجهه
فاصلي تي ٻوٽن کي پاڻي ڏئي رهيو هو، نسيم بيگم به
آئي ۽ نوڪر کي چانهه کڻي اچڻ جو چيو: ”هاڻي ڪيئن
آهي تنهنجي طبعيت؟“
عباس صاحب کي دنيا ۾ سڀ کان بُرو اگر ڪير لڳندو هو
ته اُها نسيم بيگم هئي، ان وقت به هُن ڪوبه جواب
نه ڏنو ۽ عابد ڏانهن متوجه ٿيو، هو مٿي اُٿيو ته
آواز آيو: ”الله تنهنجو شُڪر آهي.“ عباس صاحب
حيران ٿي ويو ۽ سوچڻ لڳو ته ڀلا ويهي مٿي اُٿڻ ۾
به شڪر ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت؟ ملازم چانهه جو ڪوپ کڻي
آيو، هُن ٻه- ٽي ڍُڪ پي، چانهه ميز تي رکي. هُن جي
طبعيت تي اڃا به ٻوجهه هو، نسيم بيگم اُٿي اندر
هلي ويئي، مگر هُن کي خبر ئي نه پئي. عابد هاڻي
گُلاب جي ٻوٽي جا سُڪل پن ٽوڙي هيٺ رکندو ويو،
جڏهن هيٺ ويٺو ته آواز آيو: ”الله تنهنجو شڪر آهي“
۽ رنبيءَ سان گُڏ ڪرڻ لڳي ويو. ”عابد!“ اُن هُن کي
سڏيو.
”جي صاحب“.
”تون اُٿندي ويهندي، کائيندي پيئندي بار بار الله
تنهنجو شڪر آهي، ڇا لاءِ چوندو آهين؟“ هُن عجب
منجهان سوال پڇيو.
”جي صاحب مون کي اِن جي عادت آهي. منهنجي والد مون
کي سيکاريو آهي ته جيڪو ماڻهو الله پاڪ جو شڪر ادا
ڪندو آهي، الله پاڪ ان مان راضي رهندو آهي.“
”مگر اُٿي بيهڻ ۾ ڪهڙي خاص ڳالهه آهي؟“ هُن پڇيو.
”اِن لاءِ ته انسان جڏهن ٻنهي پيرن تي سڌو بيهي ٿو
ته الله پاڪ جي ڪرم سان، جانور چئن پيرن تي هلندا
آهن ته انهن جو سِر هيٺ جهڪيل رهي ٿو، جڏهن ته
انسان جو سِر مٿي کڄيل هوندو آهي، اسان جو ڳاٽُ
مٿي کڻي گهمڻ، ٻنهي پيرن تي هلڻ، ڪم ڪرڻ اِهو سڀ
ڪجهه الله پاڪ جي ڪرم سان آهي ۽ ڪنهن نعمت کان گهٽ
ناهي، هٿن ۽ پيرن جو قدر انهن کان پُڇجي جيڪي اِن
نعمت کان محروم آهن، يعني معذور آهن، اِنڪري الله
تعاليٰ جو شڪر بجا آڻڻ واجب آهي نه صاحب.“ عباس
صاحب هاڪار ۾ پنهنجو ڪنڌ لوڏيو، ڄڻ هُن کي سڄي
ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويئي هئي. عابد ٿوري دير خاموش
رهي وري چيو: ”بندو ڏاڍو ناشڪرو آهي… هو پنهنجي رب
جي نعمتن جو به شڪر ادا نه ٿو ڪري… هو اِن دوکي ۾
رهندو آهي ته جيڪو ڪجهه وٽس آهي، اِهو مون ئي
ڪمايو آهي.“ هو ڳالهائيندو پئي ويو ۽ عباس صاحب کي
ائين محسوس ٿي رهيو هو، ڄڻ اُن جي دل تان پيل پردا
هٽندا پيا وڃن ۽ روشني اندر داخل ٿي رهي آهي.
مون وٽ جيڪا هيءَ دولت آهي، بنگلو، گاڏي ٻار ٻچا
هي سڀ ڪجهه الله ڏنو… اُها زال جيڪا منهنجي پسند
جي ناهي پر منهنجي گهر واري آهي، منهنجي ٻچن جي
ماءُ آهي… ۽ مونسان وفادار به آهي… خدا مون کي هر
نعمت ڏني… پر مون ڪڏهن به خدا جو شڪر ادا نه ڪيو.
هُن کي عابد تي فخر محسوس ٿي رهيو هو جيڪو غربت
هوندي به هر وقت الله پاڪ جو شڪر ادا ڪري ٿو. هڪ
مان سڀڪجهه هوندي به منهنجي زندگيءَ ۾ … ڪنهن شيءِ
جي ڪمي آهي؟“
اُها ڪمي آهي شُڪر جي! ها! جنهن رب پاڪ مون کي
هيءُ سڀڪجهه ڏنو، اُن جو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي. اي
منهنجا رب! تنهنجو شڪر آهي، لک دفعا تنهنجو شڪر
آهي… هُن جي دل جي گهراين مان اِهي لفظ نڪتا ۽ ان
کي ائين لڳو جيئن ورهين کان بند روشن دان کُلي
ويو، انڌيرو دُور ٿي ويو ۽ هر طرف روشني ڦهلجي
ويئي، هُن جي دل جو ٻوجهه ڪجهه گهٽ ٿيو ۽ سندس چپن
تي مسڪراهٽ اچي وئي…
|