غلام مصطفيٰ سولنگي
غزل
رنگ خوشبو گلاب وانگر،
مَک مقدس ڪتاب وانگر.
چنڊ ڪيڏو به جرڪي چمڪي،
ڪونهي تُنهنجي شباب وانگر.
لفظ تنهنجي زبان جا هَن،
نينهن واري نصاب وانگر.
تنهنجو منهنجو ڳنڍيل هيءُ رشتو،
هڪڙي رنگين خواب وانگر.
”مصطفيٰ“ مون کي لڳن ٿا،
ڏوهه تنهنجا ثواب وانگر.
وائي
ڪنهن کي ٿي ڳولين؟
تنهنجي آءٌ بهار هان!
گيت اڻپوري ڪا راڳي
تنبورو ڦولين.
تنهنجي آءٌ بهار هان!
جڳ ۾ جٿ ڪٿ نفرتون،
پاڻ نه ڪٿ رولين.
تنهنجي آءٌ بهار هان!
دل ۾ واقعي درد ٿئي،
ٻوليون ٿِي ٻولين.
تنهنجي آءٌ بهار هان!
او شل مون تي پيار جا،
دروازا کولين.
تنهنجي آءٌ بهار هان!
نيڻ چوي ٿو مصطفيٰ.
ڇالئه ٿي ڇولين
تنهنجي آءٌ بهار هان!
بيت
گوري مٿي ڪڇ تي، گهاگهر ٿي کڻين،
ڏاڍو ٿي وڻين، من کي تون اي موهڻي.
بيٺي آن تون پوپري، ڪينجهر جي ڪپ تي،
ٿا تنهنجي چپ تي، موتي جرڪن مُرڪ جا،
توکي ڏسڻ لاءِ ٿي، ڏاڍي لڳي سڪ
جيئن منڊيءَ تي ٽِڪ، ائين هجين مون ساڻ تون،
آيو آهين اوچتو، مون سان ملڻ لاءِ.
توڏي اچڻ لاءِ، آتو هُيس آءُ ڀي.
تنهنجي هي ناراضگي، مون کي ماري ٿي،
پوءِ جياري ٿي، مٺڙي تنهنجي مُرڪ هِڪ،
تنهنجي اچڻ سان لڳن، محبوبا ميلا،
ڪيئي ڳهيلا، آتا تنهنجي ديد لئه.
تون جو وئين ڌار ٿي، ڀريو مون سڏڪو،
لڙڪن جو ٽٻڪو، ڪِريو ڪاڳر جي مٿان.
توکي آ ڳاڙهو وڳو، محبوبا پاتل،
لوڪ سڄو پاڳل، ڇو نه ٿئي توکي ڏسي.
ڪيڏيون هيون ڳالهڙيون، پنهنجون پياريون،
پرين نه تو پاريون، ٻوليون اُهي ساٿ جون.
مون کي سڀ ڇڏي ويا، تو وٽ آ ميلو،
آهيان اڪيلو، ساري هن سنسار ۾.
تو جهڙو ڪو بي وفا، ملندو ڪونه مثال،
ڪيڏو آهه ڪمال، پوءِ به توکي چاهِيان.
برج لال بيوس
غزل
ڪو هڪ ٿو، مون کي ڳولڻ اچي،
ڄڻ ماڻهوءَ وانگر پسڻ اچي.
شبنم پئي، بوندون وسن ٿيون،
اندر مَن سان ٿو ملڻ اچي.
ساجن آهيان ٻلهار به مان،
جيون کي وساري مرڻ اچي.
ڪوئل کي ڏس بلبل کي به ڏس،
پرين جو خط کڻي ٿو ڏيڻ اچي.
سونهن ڏسي ’بيوس‘ تڙپي ٿو،
ڀئونر وانگر ٿو ڦِرڻ اچي.
غزل
نيڻن ۾ ننڊ نه آئي، پرڀات منهن ڪڍيو آ،
تنهنجي ياد ۾ جاڳي ويٺس، سقراط منهن ڪڍيو آ.
تنهنجي عشق ۾ باهه برهه جي، تڙپي چين وڃايو آ،
سپنن ۾ آهين تون، آڌي رات منهن ڪڍيو آ.
جيون منهنجي ۾ بي چيني آ، اڄ به پريشان آهيان مان،
جيون خيمي ۾ سڪون نه آ، اهائي لات منهن ڪڍيو آ.
نيٺ ته ڪاري رات ويندي، اڄ به اميد ڀريل آ،
نيڻن ۾ ننڊ نه آئي، اُها رات منهن ڪڍيو آ.
زندگيءَ ۾ مزو نه ٿو اچي، ڪاڏي وڃي ڪاڏي وڃان
مان،
’بيوس‘ چوي ننڊ نه اکين ۾، پرڀات منهن ڪڍيو آ.
اياز ’سائر‘
وائي
جو ڀَن واهيري تي،
ٿَڪُ لٿو ئي مسِ،
اوندهه ٿي وئي!
اوهان ڏي اچڻ جو،
لڪ لڌو ئي مسِ،
اوندهه ٿي وئي!
روح رِليءَ کي،
ٽَڪُ لڳو ئي مسِ،
اوندهه ٿي وئي!
اکين کي ڏسڻ جو
حق مليو ئي مسِ
اوندهه ٿي وئي!
وائي
اکڙين ۾ آلاڻ جيانِ،
مون ۾ تون موجود.
تن تي ڄڻ پَهراڻ جيانِ،
مون ۾ تون موجود.
آگم ۾ ڪاراڻ جيانِ،
مون ۾ تون موجود.
لغڙ ۾ ڪاڻ جيانِ،
مون ۾ تون موجود.
ساڻ ۾ پاڻ جيانِ،
مون ۾ تون موجود.
استاد محسن علي شر ”محسن“
نصيحت
ٻڌي ڳالهه ٻئي جي وري ڪر ويچار،
ڳراٽي ڏئي ڳوٺ ٻڌ رک پاڙيچن سان پيار.
ڪلفت نه رک ڪڙم سان نه ٿيءُ برادر کان بيزار،
هڪ خوش سو درويش نظر ڪري نهار.
اچي هلي اڱڻ جيڪو تنهن سان کِلي ڪر کيڪار،
نمي هل نياز سان اک ادب جي ڌار.
مست نه ٿيءُ مايا تي ڪانهي ولهي وفادار،
ڪيرائي ڪيترا ماريا موذي تنهن مڪار.
گلا خور گند کان گوشي ويهي گذار،
قربدار جي ڪچهريءَ ڏي هلي وڃ هيڪار.
صلاح پُڇ سالڪ کان وير ڏسي وينجهار،
محبت رک مخلوق سان ته پرچئي پالڻهار.
ان کان وڌ عبادت ڪانهي توڙي پڙهين حج هزار،
اڱڻ نه وڃ احمق جي توڙي حيلا ڪري هزار.
اهڙي احمق انسان کؤن گوشي ويهي گذار،
صحبت صالحن جي آهي سالڪن سينگار.
عربي آهه آڌار اُمت جو ڏنو احمد آ اقرار،
حسين حامي اُمت جا آهن جوانانِ جنت جا سردار،
ڪين ڇڏيندا ڪارڻي توڙي ڪوجها هجن ڪردار،
اُمت اُڪاريندا احسان سين پلصراط ڪرائيندا پار،
محسن مداحي مصطفيٰ جو آهه داور جي درٻار،
توڙي ڪوجها هجن ڪردار ته عربي اُڪاريندو احسان
سين.
ڪافي
ڏکيا ڏينهن ڏوٿين ريءَ گنگهر ويٺي گهاريان،
اباڻن جا اوٺي روز رويو نهاريان.
کنيئي کوهه تان ڪري ظلم زوري مون،
آهي تانگ تن ۾ سنگهارن سندي مون،
انهن لئه هجر ۾ هنجون روز هاريان.
ڪيئي قيد بند ۾ ناحق نماڻي،
عمر ادا آهيان تو وٽ امانت،
جــــــــــــــــــي ســــــــــــڱ
تــــــــــــــون
ســـــــــــــــڃاڻــــــــــــــــــي،
اِجهي ايندم اباڻان جن لئه ٻرٻر ٻاڪاريان.
محسن مارن لئه آهيان مان اُداسي،
آهيان امانت اباڻن جي پلر لئه پياسي،
صبح شام نڪريو سنگهاريون ٿي ساريان.
غزل
مڙي ڏيو مبارڪ منٺار گهر آيو هلي،
ويا جلي حاسد سڀيئي، دلدار گهر آيو هلي.
قول جي ڪيچيءَ ڪيا سي پرينءَ پاريا مڙئي،
ناز پرور ناز مؤن ننگدار گهر آيو هلي.
لک نياز بندگيون ۽ سجدا سوين سهسين ڪريان،
ساهه سر صدقي ڪريان مهندار گهر آيو هلي.
محبت مهماني ڇا ڪريان دل جگر جيرا بڪيون ڪريان
ڪباب،
ڪين ٿورا لاهيان سونهن جو سردار گهر آيو هلي.
شاهه بيپرواهه آهه هو، هي ڳڻ ڳڌل گولو غريب،
منهنجو محسن، منهنجو مشفق دلربا دلدار گهر آيو
هلي.
محبوب “مصور” سومرو
ٽيڙو
پيار سوا ڌرتي،
مون کي لڳندي آ جيئن،
سونهن سوا سرتي.
•
ماڻهو ٿيو شيطان،
اڻ لڀ ٿيو آ ماڻهپو،
ڪاٿي آ انسان.
•
اڄوڪو انسان،
ڳڻتين ڳاري آ وڌو،
پل پل پريشان.
•
بک ۽ بدحالي،
قسمت آهي غريب جي،
در در سوالي.
•
توريءَ جانيءَ آنءُ،
لڳندو آهي ڪو لکيل،
اڻ پورو ڄڻ نانءُ.
•
کاڌ ۽ خوراڪ،
گُهرن پيا غريب ٿا،
هر هنڌ وڏي واڪ.
•
انسان جي پوشاڪ،
اصلي آهي عجيب،
سٺا سهڻا اخلاق.
•
جوت جلاءِ جيت جي،
هار جو لفظ ڪڍي ڇڏ،
وٺ راهه پريت جي.
•
ڪيڏو قهر آهي،
ڏس ڪشمير ۾ تون،
مسلم بي گهر آهي.
•
ماڻهو سڀ ملن،
محبت سان پاڻ ۾،
کليو خوش ٿين.
ڪافي
تنهنجي عشق عجب اسرار سڄڻ،
ڪيو قرب ۾ جنهن سرشار سڄڻ.
تنهنجو دم دم ٿو ديدار ٿيئي،
هن دل کي قرب ٿو قرار ٿيئي،
منهنجو من ٿو باغ بهار ٿيئي،
تنهنجي سونهن ڏسي سينگار سڄڻ.
منهنجي دردن جو درمان ڪيئي،
سڄي شهر ۾ منهنجو شان ڪيئي،
مون تي الفت جو احسان ڪيئي،
اچي غم ۾ ٿئين غمخوار سڄڻ.
مون کي محبت ۾ ته مڪان مليو،
محبوب مليو مستان مليو.
توکان دلبر دل کي دان مليو،
توتان صدقي ٿيان سؤ وار سڄڻ.
بيت
سائين ربّ ستار، تون سڀني جو ڌڻي،
قادر سندي قدرت سان بيحد باب بڻي،
سائي بڻايائين سوز مان جيڪا کيس وڻي،
پاڻ سارهيائين پرينءَ کي آهه محبت منڊ هڻي،
”مصور“ محب کڻي، آندو اڳتي عشق مان.
وَحدَه لاشريڪ لہُ سو سچو ايمان،
مالڪ پنهنجي مهرسين آ مڙني تي مهربان،
محمّد صه مرسل ڪارڻي لٿو قلب تي هي قرآن،
فائق جو فرمان، رهي ٿو هر روح ۾.
اٿي اول اور تون الف سان احوال،
بندا پنهنجي من ۾ سوچج سوال،
جتي حد نه خيال، ات پهچي ٿو وڃي آدمي.
ڪا هوندي مٽي جيڪي ڪا مثل صفا واري،
کڻي نه سگهندين خان تون باراهو باري،
جيءَ اندر رک جاري، ورد تون هي تون جو.
پکي پکڻ پرنجهه ڀي پياسا سڀئي پيار جا،
انسان ٿو ڪري پيو سانباها ڌارؤن ڌار جا،
بس اصول ايثار جا، وساري سڀ ويهي رهيا.
عزيزگل
غزل
دُور ڪيڏا دربدر آهيون ٻئي!؟
ڪير ۽ ڪٿ ياد ڪر آهيون ٻئي!؟
ڇو رکين ٿي ذات، مذهب وچ ۾،
پاڻ سنڌوءَ جو ئي جر آهيون ٻئي.
مان چوان ٿو هڪ آهيون پاڻ ٻئي،
تون چوين ٿي ماٺ ڪر آهيون ٻئي!
پاڻ پنهنجا خيال ڦيري هن ڇڏيا،
درد ۾ پر همسفر آهيون ٻئي.
پاڻ آهيون لاڙ ۾ آڙين جيان،
پاڻ ديبل ۽ ننگر آهيون ٻئي.
راهه ملئي ڦيري نگاهون ٿا ڇڏيون،
پاڻ ڪيڏا معتبر آهيون ٻئي؟!
ڇوڪري ”بيواهه ڪنواريءَ“ تي ٿيل،
اوچتي کل جي خبر آهيون ٻئي.
جنگ ۾ مئل بيگناهه ٻارن سندي،
اجتماعي ڪا قبر آهيون ٻئي.
هاءِ جانان! هن شڪاري شهر ۾،
پاڻ ناهيون يا خبر آهيون ٻئي!؟
ننڍڙو ناول
توکي ڳوليان ٿو مان،
تون ڪونه ڪٿي ڀي آهين.
نانگي شاهه مٿان اونداهي،
رات لهي ٿي شهر مٺيءَ تي،
پيرن جو آواز ٿئي ٿو،
چوڪيدار پوي ٿو جاڳي!
ماڪ وسي ٿي ويڙهي ويڙهي،
هوءَ جا گاهه ڪري پئي تنهن سان،
مُرڪي نيٺ کلي ٿو ڏانٽو!
ڌاڳو ڌاڳي ساڻ ملي ٿو!
ڳاڙهو اجرڪ ٺهي پوي ٿو!
ڪا جا روز سڏي ٿي توکي!
پر تون ڪونه ڪٿي ڀي آهين!
•
ها هَئو توکي ڳوليان ٿو مان،
پاريهر تي باز نمي ٿو،
منهنجو هانءُ وڃي ٿو جهپجي!
ماڻهو ماڻهوءَ جي دل بيٺل،
رستي تي ٿا پٿر ڌڙڪن!
اوڍيل ٿو مان شال ورايان،
ٻگهه اڏن ٿا گڏ دٻي تان.
بڙجي وڻ تي اُس ۽ ڪاڙهو!
جنهن جي ڇانءَ ٿڌي آ هيٺان.
ڏاڍي لُڪ لڳي ٿي آخر،
واري وٽ وٺي ٿي ٺاهي!
مٿئين مهيني مينهن پون ٿا،
تل، ترائيون تو لئه آتا!
پر تون ڪونه ڪٿي ڀي آهين!
•
ها هَئو توکي ڳوليان ٿو مان،
مئخاني جي در تي رِم جهم!
جاڳ، وڇوڙو، دريا، اونداهه!
لوهر ڪُٽ ڪُٽي ٿو ويٺو!
دهلاريءَ جو دُهل تي ڏؤنڪو!
عورت اڊڙي ناچ نچي ٿي!
ڇاتي پاڻ پوي ٿي ڇلڪي!
عشق ازل جو ڳوڙهو آهي!
گِهم سان گڏجي مون تي ڪرندو.
منهنجو پيار ڪنوارو آهي،
ڪو جو تو ۾ ننگو ٿيندو.
ڪو جو نيٺ اڍنگو ٿيندو.
ڪينجهر منجهه ڪنول تي سانجهي
ٻيلي، جهنگ، جبل تي سانجهي،
پر تون ڪونه ڪٿي ڀي آهين.
شنڪر ڀيل
غزل
ڇوڪري ترار هئي،
دل جي آرو پار هئي.
شام روپي سانوري،
سحر جو آثار هئي.
خوب کينچلي هئي،
ڄڻ ته ڪوئي ٻار هئي.
ٺوٺ ماندي من مٿي،
هوءَ وڏي وسڪار هئي.
ڪير هو آيو اُتي،
ڀيڙ ڇو بازار هئي.
مان مڃان ئي ڪونه ٿو،
هوءَ ڪا مون کان ڌار هئي.
ڪُٺي جا پنڊي پار ڏي،
سا سنڌ جو آڌار هئي.
احساس تي ڇانيل سدا،
سرهاڻ جو پرچار هئي.
غزل
مٽيءَ مُک تنهنجو ئي ماڻي ندي،
سڀئي سور تنهنجا ٿي ڇاڻي ندي.
صديون اڳي سهڻي هئي ٻوڙي مگر،
اڃا دک انهيءَ ۾ ٿي کاڻي ندي.
اڃا سحر آهي انهيءَ شام جو،
اڃا تائين اوڏهين ٿي تاڻي ندي.
نديءَ منهنجي آهي ندي جو هان مان،
سڀ احساس منهنجا ٿي ڄاڻي ندي.
ڌڻي ارپيو ڌن آ وڏو ڌرتي لاءِ،
ملي آ ڪٿي هونئن ناڻي ندي.
وائي
منهنجي نيڻن جي شهر ۾،
شخص هڪڙي جو قصو آ.
درد جي هيڪاند هوندي،
هانءُ ڇو هيڏو ٻُسو آ،
شخص هڪڙي جو قصو آ.
تنهنجو آهي تنهنجو ڄاڻج،
توڙي جو ڪوجهو ڪسو آ،
شخص هڪڙي جو قصو آ.
ڇو نه آئين دير تائين،
وِسوسو ئي وسوسو آ،
شخص هڪڙي جو قصو آ.
ڪجهه طبيعت بي چئي آ،
ڪجهه حالتن جو ڀي حصو آ،
شخص هڪڙي جو قصو آ.
خادم حسين علوي همدم سروري
نــعــت
بلاشڪ نُور جو جلوو مُحمّد مصطفيٰصه آهي،
شفيع المذنبين ۽ پڻ اِمام الانبيا آهي.
مٺي محبوب مرسلصه جي
ثنا ڪو ڇا ڪري سگهندو،
مُحمّدصه ابتدا
آهي مُحمّدصه انتها
آهي.
گناهن سان گهڻي ٿي زندگي انسان جي گذري،
مگر عرشِ برين ڏي هر بشر دستِ دعا آهي.
حڪيمن ۽ طبيبن کان نه ملندي ڪا شفا ليڪن،
وٺڻ نالي مُحمّدصه سان
ملي ويندي شفا آهي.
اِهو آ ڀروسو دل کي اِهو بلڪل يقين آهي،
”سهارو بي سهارن جو مُحمّد مصطفيٰصه آهي.“
جهان ۾ روشني بيحد مڪان ۾ نور ڪافي آ،
سڄي لولاڪ جو روشن ستارو مجتبيٰ آهي.
ڪيان مان ڇا بيان نه تعريف مرسل مير منّور جي،
بلاشڪ ذات بالا تر حبيبِ ڪبريا آهي.
نه آهي ڪو فڪر همدم نه غم سان آشنا ڇو جو،
ملي بيحد خوشي مون کي سدائين برملا آهي.
غزل
سڄڻ جي لاءِ دل منهنجي سدائين بيقرار آهي،
اُداسي ۽ پريشاني اُهائي برقرار آهي.
مون کي معلوم آ دلبر نه ايندين ڪنهن گهڙي ليڪن،
اڃا ڀي دلربا تُنهنجي اچڻ جو انتظار آهي.
وفا بيوفائي جي مٺا ڪهڙي خبر توکي،
پڇين ٿو ڇو ڀلا هر پل سندم دل اشڪبار آهي.
اِها ڇا جي اُداسي آ اِهو رنج وَ اَلمُ ڇا جو،
خدا ڄاڻي ته هي ماحول ڇا لئه سوڳوار آهي.
وسارڻ سان نه ٿو وسري مگر ايندو ملڻ جاني،
مون کي منهنجي محبت تي اڇا ڀي اعتبار آهي.
چيو هو ڪنهن ته دلبر کي نه ايڏو ڪر ستم سهڻا،
ٻُڌو ٿم دلربا اڄڪلهه گهڻوئي شرم سار آهي.
مون کي توسان محبت آ ڪرين جي ڀروسو جاني،
”اُهوئي آءٌ آهيان ۽ اُهوئي انتظار آهي.“
اسان کي هِت سدائين ٿو ملي رنج وَ اَلم ليڪن،
ستمگر کي وري يارو رُسڻ جو اختيار آهي.
ڏنو بادِ صبا پيغام دلبر ڄاڻ ڪي آيو،
دلِ ويران جو گلشن ٿي ويو ڄڻ مشڪبار آهي.
سڄڻ حيرانُ ڇو آهين ته مون کي آ خوشي ڇاجي،
چمنُ دل جو اچڻ تُنهنجي ڪري ئي پُربهار آهي.
نگاهِ ناز جي حملي گهڻو گهايل ڪيو همدم،
زماني جي نگاهن ۾ به ڪافي انتشار آهي.
علام اقبال
سنڌيڪار: امير بخش ’امير‘ قريشي
شڪوه
]سنڌيڪار
جو تعارف: امير بخش ’امير‘
قريشيءَ جي جنم ڀومي شڪارپور آهي. هن شڪارپور ۾
تعليم حاصل ڪئي ۽ شڪارپور ۾ استاد جي حيثيت سان
تعليم کاتي ۾ پير پاتائين. اهو دور سنڌ ۾ انگريزي
حڪومت جو دور هو ۽ هو ڪن سببن جي ڪري شڪارپور ۽ ان
علائقي مان بدلي ٿي ڪراچيءَ اچي سهڙيو. ڪراچيءَ ۾
اسڪول جو هيڊ ماستر هو ۽ ان کان ترقي ڪري،
ڊائريڪٽر اسڪولس بڻيو.
امير بخش ’امير‘ قريشيءَ جي دور ۾ ڪراچيءَ ۾
’ارباب ذوقِ ادب‘ جي سري هيٺ ادبي خاص ڪري شاعريءَ
جون محفلون پڻ سندس گهر لياريءَ ۾ ٿينديون هيون
جتي ان وقت جا ناليوارا شاعر اچي گڏ ٿيندا هئا، جن
۾ الهه بخش ’سرشار‘
عقيلي، عبدالحليم جوش، اميربخش ’امير‘ پاڻ تمام
سٺو عروضي شاعر هو، پر افسوس جو زماني جي ستم
ظريفي ۽ ڪجهه پنهنجن جي ڏنجهائن ڪري ۽ ڪراچيءَ ۾
مختلف جاين تي لڏپلاڻ ٿيڻ ڪري سندس ڪلام سهيڙجي نه
سگهيو.
اميربخش ’امير‘ جو هيءُ طويل نظم بعنوان ’شڪوه‘
علامه اقبال جي شڪوه جو ترجمو مليو جيڪو مون ڪوشش
ڪري اتاري پاڻ وٽ رکيو هو. - ستار پيرزاده[
( 1 )
ڇو زيانڪار ٿيان، سودِ فراموش رهان،
فڪرِ فردا نه ڪريان، محوِ غمِ دوش رهان،
شورِ بلبل به ٻڌان ۽ همه تن گوش رهان،
ڀلا مان ڪوئي گل هان جو خاموش رهان،
بخشي آواز جي نعمت آ جرئت مون کي.
( 2 )
ٿوري الله ڏي توبهه آ شڪايت مون کي،
هُئي ازل کان ئي ته موجود تنهنجي ذاتِ قديم،
گل به هو زيب چمن پر نه پريشان هئي شميم،
شرطِ انصاف آ اي صاحب، التاف عميم،
بوئي گل ڦهلجي ڪيئن ها جي هجي ها نه نسيم،
آهن اسباب اهي، جن کان پريشاني هئي،
ورنه امت تنهنجي، محبوب جي ديواني هئي.
(3)
آ بجا شيوه تسنيم ۾ مشهور هان مان،
قصهء درد سڻايان ٿو ته مجبور رهان مان،
ساز خاموش آ فرياد سان ڀرپور رهان مان،
آهه پهتي جو زبان تائين ته معن ورهان مان،
يا خدا تهمتِ ارباب وِفا ڀي ٻڌجان،
هوگر حمد کان ٿوري ته گلا ڀي ٻڌجان.
(4)
هواڳي مون کان عجب تنهنجي جهان جو منظر،
رهيو مسجود پٿرڪٿ، ڪٿي معبود هو شجر،
هي نظاري تي هريل دهر ۾ انسان جي نظر،
پر مڃين ڪيئن هو، نا ديده خدا کي بهتر،
ناهي معلوم توکي ڪنهن ٿي ڀريو دم تنهنجو،
قوتِ بازوءِ مسلم ئي ڪيو ڪم تنهنجو.
( 5 )
ٿي رهيا هت هي ڪي سَلجُوق ته توراني ڀي،
اهل چِين چَين ۾، ايران ۾ ساساني ڀي،
قوم آباد هئي دنيا ۾ ڪا ته يوناني ڀي،
دورِ دنيا ۾ يهودي به ها نصراني ڀي،
پر تنهنجي نانءَ تي تلوار هلائي ڪنهن ڀي،
ويئي جا بگڙي ٿي ڪا ڪارِ بنائي ڪنهن ڀي.
(6)
هو مسلمان فقط تنهنجي ثناخوانن ۾،
تو لئه سرويچ هو درياءَ ۾ بيابانن ۾،
بحرڪاري ۾ تپيل واريءَ تي صحارائن ۾،
هو اذان خوان هو يورپ جي ڪليسائن ۾،
ڪونه موڙيس ڪٿي ڪنهن شان جهاندارن جي،
ڪلمون پڙهندو ٿي رهيو سائي ۾ تلوارن جي.
( 7 )
هُو رهيو زندهه رڳو جنگ جي ذلت خاطر،
ورنه ئي مئو هُو تنهنجي ناون جي عظمت خاطر،
۽ نه ڪَيَئين تيغ زني پنهنجي حڪومت خاطر،
سربڪف ڪو نه ڦريو دهر ۾ دولت خاطر،
قومِ مسلم جي زر ومال لئه بد زن ٿي ها،
بت فروشي ڇڏي ڇو هو بت شڪن ٿي ها.
( 8 )
پير شيرن جا به جنهن جاءِ تان اکڙي ٿي ويا،
هي اتان ڪونه مڙي جنگ ۾ جڪڙي ٿي ويا،
ڪو جي سرڪش ٿيو توسان هو بگڙي ٿي ويا،
تيغ ڇا چيز هئي هو توب تي اڪڙي ٿي ويا،
نقش توحيد جو هر دل تي ڄمايو ڪنهن هو،
زير خنجر به هي پيغام ٻڌايو ڪنهن هو.
( 9 )
چؤڀلا تون ته اکاڙيو درِ خيبر ڪنهن هو؟
هو جو مشهور شهر قيصر ڪيو سر ڪنهن هو؟
ڪڍيو مخلوق خدائن مان هو پيڪر ڪنهن هو؟
رکيو ڳترا ڪري ڪفار جو لشڪر ڪنهن هو؟
چؤُ آتش ڪده ايران جو ٺاريو ڪنهن هو؟
ذڪر الله جو ايران ۾ جياريو ڪنهن هو؟
(10)
قوم ڪهڙي هئي فقط تنهنجي طلبگار رهي،
ڪهڙي تولاءِ هيءَ زحمت ڪشِ پيڪار رهي،
ڪنهن جي تڪبير سان دنيا تنهنجي بيدار رهي،
ڪنهن جي شمشير جهانگير جهاندار رهي،
ڪنهن جي هيبت کان صنم سهميو رهندو هو،
اُنڌي ڪنڌ پئي هُو هُوَالله احد چوندو هو.
(11)
جي اچي عين لڙائيءَ ۾ ويو وقت نماز،
قلبه رو بيهجي زمين بوس رهي قومِ حجاز،
صف ساڳيءَ ۾ کڙو ٿي ويو محمود و اياز
نه رهيو بندو ڪوئي نه رهيو بنده نواز
بندو ۽ صاحب و محتاج غني هڪ ٿي ويا
تنهنجي سرڪار ۾ پهتا ته سڀئي هڪ ٿي ويا.
(12)
ڪير تولاءِ ٿي هرهنڌ صبح شام ڦريو،
ڪنڊ ۽ ڪڙڇ ۾ تنهنجو کڻي پيغام ڦريو،
جامِ توحيد جو هر هنڌ کڻي عام ڦريو،
آهه معلوم توکي ڪڏهن به ناڪام ڦريو،
جهنگ ڇا جبل ڇا درياء لتاڙيا ڪنهن ها،
بحر ڪاري ۾ گهوڙا پنهنجا تاريا ڪنهن ها.
(13)
تنهنجي دنيا ۾ هليل ڪوڙ مِٽايو ڪنهن هو؟
بني آدم کي غلاميءَ کان ڇڏايو ڪنهن هو؟
تنهنجي ڪعبي کي جبينن سان وسايو ڪنهن هو؟
تنهنجي قرآن کي سينن سان لڳايو ڪنهن هو؟
پوءِ ڀي مون ڏي آ گلا هيءَ ته وفادار نه آن؟
مان وفادار نه هان تون به ته دلدار نه آن؟
(14)
امتون ڪيئي ٿيون تن ۾ گنهگار به ٿيا،
عجز وارا به ٿيا مست ميخوار به ٿيا،
تن ۾ ڪاهل به ته غافل به ته هشيار به ٿيا،
ڪي اهڙا جي تنهنجي نانوَ کان بيزار به ٿيا،
تنهنجي رحمت وسي اغيار جي ڪاشانن تي،
وڄ ڪڙڪي ڪري، مسڪين مسلمانن تي.
(15)
بت صنم خاني ۾ خوش هن ته مسلمان ويا،
ٿي خوشي تن ۾ ته ڪجي جا نگهبان ويا،
منزل دهر مان اوٺي ۽ حدي خوان ويا،
پنهنجي بغلن ۾ دٻائي پنهنجو قرآن ويا،
خنده زن ڪفر آ تو وٽ ته ڪو احساس نه آ،
پنهنجي توحيد جو تو وٽ به ته قياس نه آ.
(16)
آ شڪايت ته آهن غيرن جا خزانا ڀرپور،
جن کي محفل ۾ به ناهي اٿ ويهه جو شعور،
قهر آهه هي جو ٿي ڪافر کي ملي حورو قصور،
آهي ويچاري مسلمان کي رڳو وعده جور،
ڇو اهو لطف هو اڳي جهڙي عنايت ڪانهي،
ڏوهه ڪهڙي کان هو اڳ جهڙي مدارت ڪانهي.
(17)
ڇو مسلمان ۾ ٿي دولتِ دنيا ناياب،
تنهنجي قدرت ته آهي جنهن جي حد نه آ حساب،
تون جو چاهين ته اڀري سينهء صحرا ۾ حباب،
رُڃ رڻ جي به ٿئي سي ڀي زدهه موجد سراب،
ٽوڪ اغيار جي رسوائي ۽ ناداري آهه،
ڇا تنهنجي نانوَ تي سر ڏيڻ خواري آهه.
(18)
غير لاءِ آهي رهي هِي خوشحالي دنيا،
وڃي مون لاءِ رهي فقط هڪ خيالي دنيا،
مون کي رخصت ملي غيرن آ سنڀالي دنيا،
چئج پوءِ ته نه ٿي توحيد کان خالي دنيا،
زندهه آهيان هتي تنهنجو رهي نالو قائم،
ناهين ممڪن بنا ساقي رهي پيالو قائم.
(19)
تنهنجي محفل به وئي چاهڻ وارا به ويا،
روح راتين جا ويا صبوح جا نظارا به ويا،
مفت ۾ دل رکي تو وٽ هو ويچارا به ويا،
اچي ويٺا ئي هئا پل ۾ اڪاريا به ويا،
عشق وارا جي تڙيئه وعدي سان رولي هرهر،
پنهنجي چهري جي تجليءَ سان ڳولي هٿ ڪر.
(20)
دردِ ليليٰ هو، ليليٰ اها مجنون به اهو،
نجد جي دشت جبل ۾ رههِ آ هو به اهو،
امتِ مرسل اها تون به اهو هو به اهو،
عشق جي دل به اها حسن جو جادو به اهو،
ڇو روا مون تي ستم غير سبب ٿيو ڇالاءِ،
جان فدائن تي ڀلا قهر و غضب ٿيو ڇالاءِ.
(21)
آهه مون توکي ڇڏيو يا رسولِ عربيءَ کي ڇڏيو،
بت بنايو آهي مون يا بت شڪنيءَ کي ڇڏيو،
عشق کي يا عشق جي آشفته سريءَ کي ڇڏيو،
رسمِ سلمان مون ڇڏي يا اويس ڪرنيءَ کي ڇڏيو،
آگ تڪبير جي سيني ۾ سنواري مون آهي،
زندگي مثالِ بلال حبشي ته گذاري مون آهي.
(22)
عشق ۾ خير هو اڳ جهڙي ادا ڀي نه سهي،
نياز نوڙت اها تسليم رضا ڀي نه سهي،
تنهنجي لاءِ تانگهه اها دل بي فدا ڀي نه سهي،
اها پائبندي قانونِ وفا ڀي نه سهي،
اڄ منهنجو سڀان غيرن جو شناسائي آن،
ناهين بيجا جي چوان تون به ته هرجائي آن.
(23)
وادئي نجد ۾ تنظيم سلاسل نه رهي،
دلِ ديوانه نظاري لاءِ محمل نه رهي،
حوصلوئي نه رهيو مان رهيس دل نه رهي،
جلوه تنهنجو نه رهيو رونق محفل نه رهي،
عيد ٿي ڏينهن جو مون ڏانهن بس ناز اچين،
بيحجابانه تون محفل ۾ منهنجي باز اچين.
(24)
اتي فاران جي ڪيو دين کي ڪامل توئي،
هڪ اشاري سان هزارن جي کسي دل تو ئي،
تاب رخسار سان ڦوڪي ڇڏي محفل توئي،
آتش اندوز ڪيو عشق جو حاصل توئي،
ڇو اهو جوش اڳيون سيني ۾ آباد نه آ،
دل جليو ساڳيو اهو ڇو ڀلا اڄ ياد نه آ.
(25)
باده ڪش غير آهه گلشن ۾ لب جُو ويٺو،
ٿو ٻڌي جام بڪف نغمهء ڪُوڪُو ويٺو،
دور هنگامئه گلزار کان يڪسُو ويٺو،
تنهنجو ديوانو آهه منتظر هُو بهُو ويٺو،
وري پرواني کي تون ذوق خود افروزي ڏي،
برقِ ديرينه کي فرمان جگرسوزي ڏي.
(26)
قوم آواره آ حيران ته وري سوئي حجاز،
کڻي بلبل کي هليو آهي هي مذاقِ پرواز،
آ ٻيل باغ جي هر غنچه ۾ خوشبو نياز،
تون ذرا ڇيڙ سهين تشنه مضراب آساز،
راڳ بي تاب آ تارن مان پکڙجڻ خاطر،
طور معطر آ انهيءَ آڳ ۾ اڙجڻ خاطر.
(27)
مشڪلات امتِ مصطفيٰ جون آسان ڪر تون،
ڪيڙي نادار کي همدوش سليمان ڪر تون،
جنس ناياب محبت آهي ارزان ڪر تون،
هند جي ديرنشينن کي مسلمان ڪر تون،
مٽي حسرت ڪنان ٿو خون جا درياء اُڪاري،
مثل نشتر ڪوري سيني مان ٿو ڪا آهه اڀاري.
(28)
بوئي گل وئي کڻي ٻاهر زِ چمن راز چمن،
عهدِ گل پورو ٿيو پيو ڀڄي ساز چمن،
ٿي قيامت ڪهڙي خود گل ٿيو غماز چمن،
سبز ٽارين مان اڏامي ويو پرواز چمن،
هڪ بلبل آ بچي ٿي ڪري ماتم اڄ ڀي،
آهه سيني ۾ سندس ساڳيو طلاتم اڄ ڀي.
(29)
قمريون شاخ صنوبر کان گريزان ٿيون،
پنکڙيون گل کان ڇڄي دور پريشان ٿيون،
هو پراڻيون روشنيون باغ جون ويران ٿيون،
ٽاريون پوشاڪ پنن سبز کان عريان ٿيون،
قيد موسم کان طبعيت رهي آزاد هن جي،
ڪاش گلشن ۾ ئي سمجهي ڪوئي فرياد هن جي.
(30)
چاڪ مَن بلبل تنها جي صدا سان دل ٿي،
ڪاش بيدار انهيءَ بانگِ درا سان دل ٿي،
وري زندهه ڪا نئين عهدِ وفا سان دل ٿئي،
باده ديرينه جي ڪنهن وارتا سان دل ٿئي،
عجمي غم آ ته ڇا مئه آ حجازي منهنجي،
نغمو سنڌي آ ته ڇا لئه آ حجازي منهنجي.
(31)
دل مان جا آهه ٿي اڀري اثر ٿي رکي،
پَرَ نٿس طاقتِ پرواز مگر ٿي رکي،
اصل بي باڪ بلنديءَ تي نظر ٿي رکي،
خاڪ کان اڀري ٿي گردون تي گذر ٿي رکي،
عشق فتنه گرو سرڪش و چالاڪ منهنجو،
آسمان گيرٿيو مفره بيباڪ منهنجو.
(32)
پير گردون ٻڌي چيو غمگين آ ڪوئي،
سمجهو سيارن اتي عرش برين آ ڪوئي،
چنڊ حيران ٿي چيو اهلِ زمين آ ڪوئي،
ڪهڪشان ٻوليو ٿي پوشيده مڪين آ ڪوئي،
ڪجهه جو سمجهو منهنجي فرياد کي رضوان سمجهو،
مون کي جنت کان ڌڪاريل معمولي انسان سمجهو.
(33)
حيرت ٿي فرشتن کي ته آواز آ ڪهڙو؟
عرش وارن کان به پوشيده راز آ ڪهڙو؟
اچي آدم پنهنجي عرش تي راز آ ڪهڙو؟
مليو خاڪ جي چٽڪيءَ کي پرواز آ ڪهڙو؟
غافل آداب کان هي اهلِ زمين ڪهڙو آهه؟
شوخ و گستاخ ٿيو ڌوڙ نشين ڪهڙو آهه؟
(34)
شوخ ڀي اهڙو جو الله سان برهم ٿيو آ،
هو جو مسجود ملائڪ سو هي آدم ٿيو آ،
سمئه عبرت آهه داناءُ ڪم فهم ٿيو آ،
ڪيئن عجز جي اسرار کان نا محرم ٿيو آ،
ناز آ طاقتِ گفتار تي انسانن کي،
نوع گفتار ڀي حاصل ناهي نادانن کي.
(35)
آيو آواز ته آ دل سوز ڪهاڻي تنهنجي،
چشم پُرنم ڪئي حالت آ نماڻي تنهنجي،
آسمان گير ٿي وئي آههَ يگاني تنهنجي،
بابِ حيرت ٿي وئي شوخ زباني تنهنجي،
شڪرشڪوه کي ڪيو واهه تو حسنِ ادا سان،
بندي ڪيو آهه تو هم سخن خدا سان.
(36)
مان ته مائل بڪرم هان ڪوئي سائل به هجي،
رهبري ڇو نه ڪيان رهرو منزل به هجي،
تربيت عام ته آهه جوهِر ڪامل به هجي،
جنهن مان تعمير ٿي آدم جي اها گِل به هجي،
آهي قابل جو ڪوئي شان گهڻون تنهن کي مليو،
جنهن به ڳوليو ڪو جهان نئون تنهن کي مليو.
(37)
بازو بيزور دل الحاد سان خوگر آهي،
امتي باعث رسوائي پيغمبر آهي،
بت شڪن ويو هليو باقي رهيو بتگر آهي،
هو ابراهيم ابو پٽ ته آذر آهي،
نياز جو نوع نئون مئه به نئين مجنون به نئون،
حرم ڪعبه به نئون بت به نئون تون به نئون.
(38)
تولاءِ هرجائي ڪڏهن باعث رعنائي هو،
گل هو سندس ناز خود لعلعه صحرائي هو،
جو مسلمان هو، سو الله جو سودائي هو،
ڪڏهين محبوب تنهنجو ساڳيو هرجائي هو،
ڪنهن ته يڪجائيءَ سان عهد غلامي ڪرتون،
ملتِ احمدِ مرسل تي تمامي ڪرتون.
(39)
ڪيڏي مشڪل ٿي تولاءِ صبح جي بيداري آهه،
ٿي ڪٿي مون سان پيار، ننڊ توکي پياري آهه،
قيد انسان به طبع آزاد تي ڀاري آهه،
چوءُ ڀلا تون ته هي آئين وفاداري آهه،
قوم آ دين سان، دين نه آ تون به نه آن،
حب هڪ ٻئي جي نه آ هو به نه آ تون به نه آن.
(40)
ڪونه آهي جنهن کي ڪو دنيا جو فن تون آن،
ڪونه آهي جنهن کي پرواهه نشيمن تون آن،
بجليون جنهن ۾ هن آسوده سو فرسن تون آن،
وڪڻي کائي جو اسلاف جا مؤمن تون آن،
جنهن جو قبرن جي تجارت سان رهي نالو اتم،
ڇو نه وچيندو ملندس ڪو ڀي پٿرالو صنم.
(41)
صفحه درو مان باطل کي مٽايو ڪنهن هو؟
بني آدم کي غلاميءَ کان ڇڏايو ڪنهن هو؟
منهنجي ڪعبه کي جبينن سان وسايو ڪنهن هو؟
منهنجي قرآن کي سينن سان لڳايو ڪنهن هو؟
هُو ته بابا هئا تنهن جا پرتون ڇاهين؟
ٻانهن سيراندي ستل منتظر فردا هين؟
(42)
آهي جنهن قوم جو هڪ ئي نفعو نقصان به هڪ،
هڪ آهي سڀ جو نبي دين ۽ ايمان به هڪ،
حرم پاڪ به هڪ الله به قرآن به هڪ،
ڪا وڏي ڳالهه نه هئي ٿين ها مسلمان به هڪ،
فرقه بندي آ ڪٿي ته ڪٿي ذاتيون آهن،
ڇا زماني ۾ ئي نپجڻ لاءِ هي باتيون آهن.
(43)
ڪير آهي تارڪ آئين رسولِ مختيار،
مصلحت وقت ٿي ڪنهن جي عمل سان اختيار،
ڪنهن جي نظرن ۾ سمايل آ شعور اغيار،
ٿي وئي ڪنهن جي نذر طرز ابن کان بيزار،
قلب ۾ سوز نه آ روح ۾ احساس نه آ،
ڪوبه پيغام محمدصه جو
تو وٽ قياس نه آ.
(44)
جيڪي مسجد ۾ ٿين ٿا صف آرا ته غريب،
جي ڪن روزي جي تڪليف گوارا ته غريب،
ذڪر الله جو رکن زندهه ٿا ويچارا ته غريب،
پردو تنهنجو رکن قائم هچارا ته غريب،
نشهءِ دولت ۾ وساريو الله کي اميرن،
زندهه رکيو آهه ملتِ بيضا کي غريبن.
(45)
واعظ قوم جي، هُو پخته خيالي نه رهي،
برق طبعي نه رهي شعله مقالي نه رهي،
آ رهي رسمِ اذان دل سا بلالي نه رهي،
فلسفو آ رهيو تلقين اڄ غزالي نه رهي،
ٿيون رڙن مسجدون افسوس نمازي نه رهيو،
يعني ڪوئي صاحب اوصاف حجازي نه رهيو.
(46)
رگِ باطل لئه مسلمان مثل نشتر هو،
سندس آئينهءِ هستيءَ ۾ عمل جو هر هو،
زور بازوءَ کي ئي ڪنهن کي ڀروسو گرهو،
آ توکي موت جو ڏر هن کي خدا جو ڏر هو،
پدري علم نه پٽ ۾ اگر رهي موجود،
حق ميراث اباڻيءَ تي ڇو رهي موجود.
(47)
ذوق هر مست جو آرام زندگاني آ،
هي مسلمان هي انداز مسلماني آ،
حيدري فڪر آ نه دولت عثماني آ،
توکي اسلاف سان نسبت ڪاروحاني آ،
هُو مسلمان ٿي دنيا ۾ عزتدار ٿيو،
تون قرآن ڇڏي هر هنڌ آن خوار ٿيو.
(48)
تون غضبناڪ آن هو پنهنجن تي رحيم،
تون خطاڪار بڻين هو خطا پوش ڪريم،
پهريان پيدا ته ڪيو پاڻ ۾ قلبِ سليم،
تختِ قصور جا مالڪ ها ۽ عظمت جا ڀي،
رهيون ڳالهيون آهن تو ۾ آهي حميت ڪاڀي.
(49)
خودڪش ڪار آ تنهنجي هُو ها غيرت تي نثار،
تون ٿو ڀائرن کان پڇين هُو ها قوميت تي نثار،
تون آن گفتار سراپا هُو ها صداقتِ ڪردار،
مان هر ڪڙئي لاءِ تون هر گلستان جا بهار،
اڄ پڻ ياد آ قومن کي حڪايت هن جي،
نقش هر دل تي رهي آهه صداقت هن جي.
(50)
قيس رحمت سهي تنها ئي صحرا نه رهي،
شهر جي ڪائي هوا باديه پيما نه رهي،
هُو ته ديوانو آ بستيءَ ۾ رهي يا نه رهي،
هو ضروري ڇا حجاب رخ ليلا نه رهي،
صنم جي دانهن به ٿي شڪوه بيدار نه ٿي
عشق آزاد آ ڇو حسن ڀي آزاد نه ٿي.
(51)
مثل انجم افق قوم تي روشن به ٿيا،
بت ڪافر جي محبت ۾ برهمن به ٿيا،
شوق پرواز ۾ مهجور نشيمن به ٿيا،
بي همت ها جي جوان دين کان بد زن به ٿيا،
نئين تهذيب کين بند کان آزاد رکيو،
کڻي ڪعبي کان صنم خاني ۾ آباد رکيو.
(52)
عهدِ نو برق جلايو هر خرمن آهي،
بچيو کانئس نڪو صحرا نه ڪو گلشن آهي،
کاڄ ان آڳ جو اهو اقوام ڪُهن آهي،
شعله زن ملت مرسل جو پيرهن آهي،
اڄ ڀي ٿي جو براهيم جو ايمان پيدا،
اگ مان اڀري ٿئي ڪوئي گلستان پيدا.
(53)
ڏس هي رنگ چمن ٿي نه پريشان مالهي،
ڪوڪب غنچه ڦٽي ٿئي ٿو گلستان مالهي،
خش و خاشاڪ کان ٿي جڏهن گلستان خالي،
گل اڀرن ٿا منجهان خونِ شهيدان مالهي،
رنگ آفاق ذرا ڏس ته عنابي آهي،
هيءَ نئين صبح اڀرڻ جي افق تابي آهي.
(54)
افسون گلشن هستيءَ ۾ ڦل ڇنل آهن،
ڪن ڏٺي آهي خزان ڪي ته بنا ڏٺل آهن،
ڪي ته پورا ڪٿي ساوا ڪٿي سُڪل آهن،
ڪي اڃان شڪمِ چمن اندر ستل آهن،
نخلِ اسلام نمونو آ برامينديءَ جو،
ڦل آهي سو صدين جي چمن بنديءَ جو.
(55)
پاڪ آ خاڪ وطن کان سرِ دامان تنهنجو،
تون آن يوسف اهو هر مهر ڪنوان تنهنجو،
ڪونه ٿي سگهندو ڪڏهين قافلو ويران تنهنجو،
کان سواءِ بانگِ درا ڪو ناهي سامان تنهنجو،
تجلي شمع آن شعلو آ تنهنجي ريشمي جو،
عاقبِ سوز آ پاڇو تنهنجي انديشي جو.
(56)
شور آ ٿي ويو دنيا مان مسلمان نابود،
ٿو چوان مان ته هو ڪٿ به مسلمان موجود،
وضع ۾ آهين نصارو ته تمدن ۾ هنود،
هي مسلمان آ ٿي جنهن کان شرمايو يهود،
تون ته سيد به آن مرزان به افغان به آن،
تون ته سڀ ڪجهه آن ڇو نه مسلمان به آن.
|