ڪوثر هالائي
تنهنجي للڪار لوڏي وئي....
پڪاريندو پڪاريندو، گلين مان خون گذري ٿو،
اسان جو هانءُ ڏاريندو، گلين مان خون گذري ٿو.
سوريءَ آ ساز جو ڇيڙيو، ڏکن کي جهول ۾ ميڙيو،
ڪنڊن تان من گذاريندو، گلين مان خون گذري ٿو.
لڳي ٻولي لڳي گولي، نه رهزن راهه ڪا کولي،
ڳاڙها لڙڪ هاريندو، گلين مان خون گذري ٿو.
جنهن جي احساس کان آجا، ڪٿي آهيون ستا ناهيون،
ڪچيءَ ننڊ مان اٿاريندو، گلين مان خون گذري ٿو.
ڊسمبر ڊوڙندو ايندو، آهي گهايل ڪري ويندو،
ظلم جا پل پچاريندو، گلين مان خون گذري ٿو.
اڃان اپريل جون اکيون، ڏين ٿيون ڏيک سانوڻ جو،
پنهنجي تاريخ تاريندو، گلين مان خون گذري ٿو.
پلئه ٿيندو نه ڀؤ ٿيندو، پڪارن منجهه تئه ٿيندو،
اداسيءَ مان نهاريندو، گلين مان خون گذري ٿو.
تنهنجي للڪار لوڏي وئي، آ ايوانن جي اندر کي،
اڃان ڪئين روپ ڌاريندو گلين مان خون گذري ٿو.
وائي
اکين جا ارمان،
سونهن سندا سامان،
ٻوڏ ٻهاري وئي.
واٽون وارِي ٿي ويون،
اچڻ جا امڪان،
ٻوڏ ٻهاري وئي.
اڱڻ اکيون ٿي اُگهيون،
گهر جا گل گلدان،
ٻوڏ ٻهاري وئي.
خوابن ۾ ڏسبا هئا،
نوان روز جهان،
ٻوڏ ٻهاري وئي.
ڇولين جيئن ڇڏي ويو،
جيڪي نينهن نشان،
ٻوڏ ٻهاري وئي.
هير نه ڪوئي ڏس ڏنو،
گسن منجهه گمان،
ٻوڏ ٻهاري وئي.
سُکَ اسان جي سنڌ ۾،
آيا ٿي مهمان،
ٻوڏ ٻهاري وئي.
شاعرن جا شهر ۽،
مجموعا، ديوان،
ٻوڏ ٻهاري وئي.
پرهه کي رنگين ڪي،
ڏيڻا ها عنوان،
ٻوڏ ٻهاري وئي.
فراق هاليپوٽو
نثري نظم
خبر ناهي تنهنجو موڊ ڪهڙو هجي!
مون کي ڳالهه مڃڻ گهرجي
سمنڊ جي
جيڪو پنهنجي گهرائي کان تنگ ٿي
ڪنارن طرف ڊوڙندو آهي
مون کي وڃڻ گهرجي
ان پوڙهي وڻ ڏانهن
جيڪو پکين جي گيتن تي
اڃان به رقص ڪري ٿو
مون کي وري به ڏسڻ گهرجي اُها ندي
جنهن جي هُن پار وٺي وڃڻ واري
ٻيڙي ۽ ملاح
پاڻيءَ جون ڳالهيون سمجهندا آهن
مون کي اهو گهاٽو جهنگ به ڏسڻ گهرجي
جنهن جا سڀئي وڻ
تيز مينهن ۽ هوائن ۾
هڪ ٻئي سان گلي ملندا آهن
(بنا ڪنهن فرق جي)
خودڪشي جي ڪوشش ڪندڙ
ان شاعر جو ڪتاب به پڙهڻ گهرجي
جيڪو هُن
بچي وڃڻ کان پوءِ لکيو آهي
۽ اها فلم به ڏسڻ گهرجي
جنهن ۾ پوڙهو مصور
پنهنجي نوجوان محبوبا جون
پوڙهاپي جون تصويرون به ٺاهيندو آهي
اڄ پهريون ڀيرو مون
توسان فون تي ڳالهه ڪرڻ لاءِ
پاڻ کي راضي ڪيو آهي.
نثري نظم
اچو نظم سان تعزيت ڪريون!
اچو اُن نظم سان تعزيت ڪريون
جنهن ۾ ڪا خوبصورت ڇوڪري
هڪ رات لاءِ به ترسي نه سگهي
جنهن ۾ ڪو ٿڪل ٽُٽل هاري
ٻنپهرن جي ننڊ نه ڪري سگهي
دريءَ مان ٻاهر گهوريندڙ ٻار کي
چنڊ نظر نه اچي
سفيد لٺ واري نوجوان کي
گلن جي موجودگي جو احساس نه ٿئي
۽ مزدور کي
مل جي دُونهه مان نجات نه ملي سگهي
جنهن ۾ قيدي
ٻاهر جي دنيا جو تصور نه ڪري سگهي
۽ آزادي جي جنگ وڙهندڙ گوريلي کي
چانڊوڪي رات ۾
پهاڙن تي محبوبا جي ياد نه اچي
جنهن ۾ ٽن مهينن کان
سمنڊ ۾ مڇي جو شڪار ڪندڙ ملاح کي
پنهنجي زال جي
جواني جو احساس نه ٿي سگهي
اچو ته اُن نظم سان
سندس شاعر جي تعزيت ڪريون.
علي اظهار
غزل
ڪير توتي ٿئي مهربان ڇوڪرا!
ڳالهه ڪنهن سان ڪندين بي زبان ڇوڪرا!
ان منزل ڏي جيڪو به هلندو رهيو،
ٿي ويو سو سدا بي نشان ڇوڪرا.
پير هوريان ڌري ساهه آهستي کڻ،
آ پرينءَ جو پڌر ڪهڪشان ڇوڪرا.
تيرَ هُن کي ڏئي تو رڳو پاڻ وٽ،
بس رکي آهي خالي ڪمان ڇوڪرا.
هٿ هٿ ۾ ڏئي ڪيئن هن سان هلين،
تون زمين آهين هوءَ آسمان ڇوڪرا.
پنهنجي گهر کي ڇڏي ڪاڏي ويندي ڀڄي،
سڀ دشائون اٿئي بي امان ڇوڪرا.
روز آ نئون سفر، روز رستا نوان،
روز آهي نئون امتحان ڇوڪرا.
پشپا ولڀ
تصوير
اڃا نظر ڀري ڏٺو نه هيو
لفظن کي چپن سان ڇهيو نه هيو
ته تصوير فريم مان کسڪڻ لڳي
منهنجي نه، هُن جي ٽرين آهسته آهسته چرڻ لڳي
لڳو ڄڻ زندگي جي ڏور هٿ مان ترڪڻ لڳي
خالي ڏول ديوارن سان ٽڪرائيندي
کوهه ۾ ڪرڻ لڳي.
مون سمجهيو ڌرتي منهنجي مُٺ ۾ آهي
پر هي ته واري آهي
ڪڻو ڪڻو ٿي هيٺ ڪِرڻ لڳي.
درياء کي ٻڪ ۾ ڪيئن ڀريان
پربتن مان وهندي، شور مچائيندي
هڪ ندي، اکين ۾ ڇوليون هڻڻ لڳي.
سنڌيا شاهه
تون
ناهين
توکان پوءِ
زندگي سچ پچ
بي مزي ٿي وئي آ
پر پوءِ به
مستقل آهي
اداس ۽ اڪيلي
مختلف منزلن ڏانهن ويندڙ
ريل جي پٽڙيءَ جيان…!
منهنجا سائين
تنهنجي
خاموش نهار کان
پُرسُڪون مرڪ تائين
پيڙا ۽ ڀوڳنا جو
ڊگهو سفر
جو مون ڪَٽيو آ
سو آءٌ ئي ڄاڻان
۽ ”تون ئي ڄاڻين.“
تنهنجي ياد
مينهوڳيءَ ۾
ڪنهن اڪيلي مسافرخاني جيان
زندگيءَ جي هر اسٽيشن تي
تنهنجي ياد!
چانهه جي گرم ٻاڦ جيان
۽ ٿڌي پاري ۾
دونهين سان دکندڙ باهه جيان،
سياري جي ڊگهي رات ۾
اڌ رات جي خواب جيان،
جڏهن به ايندي آهي
تنهنجي ياد
بيچين ڪري ڇڏيندي آهي. |